سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

مضمون

صفحو :4

 اسحاق سميجو

 

غزل

 

ٿانيڪا ٿين ڪيئن هي پاڳل سيلاني،

نيڻ مسافر، جهڙا بادل سيلاني.

 

ڪيئن ڪو ڀؤنرو هڪرو گُل جو ٿي رهندو،

ڪيئن نه رُلندو ساحل ساحل سيلاني.

 

رولاڪيءَ جي رسم سدائين رهڻي آ،

اک اک آهي جزيرو، دل دل سيلاني.

 

هن ديس جا ديس لتاڙيا جنمن کان،

درد زماني ڀر جو ڄاتل سيلاني.

 

تنهنجو شهر ته سهڻو آ، پر ڪيئن ٽِڪي،

ساجن! سيلانيءَ جي منزل سيلاني.

 

هي جو هاڻي ڦاٽل سڙهه جيئن ڀاسي ٿو،

طوفانن سان آ ٽَڪرايل سيلاني.

 

بشير سيتائي

غزل

 

جڳ رُئاريو، کِلي پيا آهيون،

تو کِلايو، روئي پيا آهيون.

 

هيرا آهيون اسان جو قدر ته ڪر،

ڪنڪرن مان لڀي پيا آهيون.

 

دوستو! هر ستم جي سيني ۾،

خنجرن جان کُپي ويا آهيون.

 

قافلو منزلن تي اُسهيو آ،

گهنڊ آهيون، وَڄي پيا آهيون.

 

تون ڪو اسرار آهين، راز آهين،

تو ۾ اونها لهي پيا آهيون.

 

اوچتو ههڙي گهُٽ ٻُوسٽ ۾،

هير وانگي گُهلي پيا آهيون.

 

هڪڙي ابدي حيات ماڻڻ لئه،

ماريو تو، مري پيا آهيون.

تون ٿو ڊاهين، ڊهڻ لاءِ آتا هون،

تون ٿو ٺاهين، ٺهي پيا آهيون.

 

تون به هن دور جو ڪو سچ آهين،

تنهنجي پويان لڳي پيا آهيون.

 

تو سان گڏ خاردار رستن تي،

همسفر ٿي هلي پيا آهيون.

 

رُڃ جو آ سفر، ته فڪر نه ڪر،

اُس ۾ ڇانءَ ٿي پيا آهيون.

 

پاڻ ڀي آهيون وقت جا گوتم،

دل ڀوڳڻ سيکي پيا آهيون.

 

عاشق آهي اسان جو نانءُ ’بشير‘،

حسن تي بس هِري پيا آهيون.


 

ابرار ابڙو

غزل

 

رچي پچي راس ٿي وياسين، عمر جي در تي ڇڻي وياسين،

نه آئين نيڻن ۾ رات هڪڙي، اُميد هرڪا کڻي وياسين!

چپن تي لفظن جا ميڙ ڦهليا، صدا نه بڻجي گُهلي سگهياسين،

هميشه برسات ماٺ جيءَ ۾ ڪڻي ڪڻي ٿي ڪڻي وياسين!

اسان ڪنهن ڪشڪول جا سڪا ڀي نه ٿي سگهياسين سڄي حياتي،

رڳي صدائن جي رڻ تتل جي اُداس واري بڻي وياسين!

ضمير مهلت ڏني گهڙي کن، هوا ۾ لفظن جو زهر بڻجي،

گُهلي پياسين ۽ تنهنجي آڏو هي سچ جو نعرو هڻي وياسين.

اسان اُداسين جو پهر هئاسين ۽ زهر هئاسين حيات جي لئه،

ٿئي ٿو تعجب به پو به توکي الائي ڪئن اڄ وڻي وياسين!

 

روبينه ابڙو

 

نظم

 

روز جڳ ۾ پيون نفرتون ٿيون وڌن!

هاڻ پئسي تي ئي عظمتون ٿيون وڌن!

وقت ڪيڏو عجيب سال، صديون جنم،

ساعتون ٿيون وڌن!

ياد توکي ڪرڻ مان ڀلا فائدو؟

وحشتون ٿيون وڌن!

سال، صديون لڳن ڪوششن ۾ تڏهن،

حُجتون ٿيون وڌن!

تنهنجي ساڃهه سان ئي سوچ ساگر اندر،

دولتون ٿيون وڌن!

مون نه چيو آ ڪڏهن، دورين سان پرين،

محبتون ٿيون وڌن!

سار ساگر منجهان سُور ڇوليون اُٿن،

راحتون ٿيون وڌن!

روڪ تِن کي تون هاڻي جي روڪي سگهين،

وڻ ويڙهيءَ جيان عادتون ٿيون وڌن!

”ساحر“ راهو

 

غزل

 

پراڻين يادگيرين مان نئين ناسور ڳالهايو،

پرين! پٿر پَرائي تي ته پنهنجي سور ڳالهايو.

مِلي ورهن پڄاڻا پر سندس لهجو پرائو هو،

وڪاڻيل چيز جان ڄاتل سکيءَ جي گهور ڳالهايو.

گهڻي عرصي جي چَپ پگهري ترنگ ڇڙيا هوا مهڪي،

اسان سپني ۾ سانول سان هيو ڀرپور ڳالهايو.

ڪبيرو ڏوهه آ چاهت، اوهان واجب قتل آهيو،

اکيون اکڙين جي پورن ۾ لٿيون، دوستور ڳالهايو.

اسين هيراڪ جنهن جا، نئون هي حادثو ناهي،

چُمي سوريءَ جي سرڪڻ کي نئين منصور ڳالهايو.

چلو تحفو ڏنل هن جو ڏيکاريم يادگيري لئه،

ويو بچپن ويون ڳالهيون کُلي اک پور ڳالهايو.

اڃا پهراڻ جون ٽڪون ٻرن ٿيون منهنجي نيڻن ۾،

کُلي اجرڪ جي ڦَلڙين مان پراڻي پور ڳالهايو.

گلي سوڙهي اسين گونگا، شهر ۾ سور هو ’ساحر‘،

ڀنل نيڻن مان بارش ٿي هيو دل چور ڳالهايو.

 

بخشل ”باغي“

غزل

 

برف پوندڙ پربتن تي سوچجان،

تون خدا جي رحمتن تي سوچجان.

عيب منهنجا تون نظر ۾ رک ڀلي،

پر، سندم ڪجهه محبتن تي سوچجان.

پير تنهنجا دل چُمڻ ٿي چاهيان،

دل چريءَ جي حسرتن تي سوچجان.

گُذرندي ئي هڪ نظر تن تي وجهي،

تون ڊٺل هن تربتن تي سوچجان.

ڏار کان ڇو واءُ ٽوڙي ٿو ڇڏي،

ڀونءِ تي ڪِرندڙ پتن تي سوچجان.

تون ڪڏهن تنهائي ۾ تن کي پڙهي،

پيار سان منهنجن خطن تي سوچجان.

ڀونءِ جو سودو ڪرڻ کان ڪجهه اڳي،

ٿورڙو پنهنجي وطن تي سوچجان.

جي مهارون موهه مان پڪڙي وڌيا،

تون اُٺن سان تن جَتن تي سوچجان.


ماهين هيسباڻي

 

ٽي سٽا

 

من مندر ۾ مون،

ناهي ڪوئي ٻيو:

رڳو تون ئي تون!

 

من اندر ڪو ميت

سوري ٿو ويٺو،

پريت جو سنگيت!

 

”ساڀيا“ سانگي

غزل

 

هي سوچون اجايون ڏسون ٿا پيا،

سندم سڀ تباهيون ڏسون ٿا پيا.

 

خوشامد سجائي رکو ٿا مٿان،

اندر جون برايون ڏسون ٿا پيا.

 

گناهن جي گس جي هلي هُو سکي!

مٿان ڏي صفايون ڏسون ٿا پيا.

 

گُهرڻ سان نه ڏي، اڻ گهريو ڏئي ڇڏي،

خدا جون ڀلايون ڏسون ٿا پيا.

 

چئون ٿا تڪبر ۾ ناهيون، ته ڀي،

’اسان ڀي اسان هون‘، ڏسون ٿا پيا.

 

وسارڻ سان وسري وئين نيٺ تون،

جُڳن جون ڪمايون ڏسون ٿا پيا.

 

انائن جي خاطر گهڻيون ’ساڀيا‘،

دلين ۾ جدايون ڏسون ٿا پيا!

 

پارس عباسي

هائيڪا

(تنوير عباسيءَ جي ياد ۾)

 

کنڊ هئو يا کير؟

گلڙن واري گهرڙي ۾

هڪڙو هو ”تنوير“!

 

گل پوءِ ڏسنداسي

مُرڪ مِٺي ’تنوير‘ جي

پهرين پَسنداسي.

 

ميڙا مِڙندا هئا

’سرمد ـــ گهر‘ جي آڳر تي

ٽانگر ٽڙندا هئا.

 

خيرپور هلنداسين

رهون نه رهون اُتي

ها، پر لنگهنداسي.

 

سو ڪو وقت هئو

جڏهن اسان تي بابل مٺڙو

ڪک نه سهندو هو!

 

هيل نه هلنداسي!

’سرمد ـــ گهر‘ جي آڳر تي

ڪنهن سان ملنداسي؟

 

گل نڪو پوپٽ

بابل ويو عميق ڏي

باغ بڻيو برپٽ!

 

رُسڻ جي هئي هير

بابل ويو عميق ڏي

پرچائي پوءِ ڪير؟

 

تو بن ڪيئن ڪريون؟

بابل! تنهنجي آلي بن ٿا

ور ور ٿاٻڙجون.

 

نيڻن ۾ اُتساهه

ڳول نه هاڻي پاڳل نينگر

ساڳيو پيار اَٿاهه.

جيون ڪيڏارو

تون سورج جيئن ست رنگ هئين

تو بن پئي پارو.

انڊلٺ منجهه اُڏام

مان، بابل ۽ باغيچو

’سرمد ـــ گهر‘ ۾ شام!

 

خليل عارف سومرو

غزل

 

نانءُ تنهنجا کڻڻ گهڻن چاهيا،

توکي سجده ڪرڻ گهڻن چاهيا.

ڇو نه توکي غرور ٿئي جاني،

پير تنهنجا چُمڻ گهڻن چاهيا.

ڪيتري خوس نصيب تون آهين،

ساهه تو تي ڇڏڻ گهڻن چاهيا.

هار سينگار کان سواءِ ڀي،

روپ تنهنجا ڏسڻ گهڻن چاهيا.

جا به شيءِ تو زبان تي آندي،

تنهنجا انگل مڃڻ گهڻن چاهيا.

ساهه پنهنجا سڄي حياتي لئه،

نانءُ تنهنجي لکڻ گهڻن چاهيا.

شعر ’عارف’ لکيا ته ڇا ٿي پيو،

گيت توتي لکڻ گهڻن چاهيا.

 

جاويد ”سوز“ هالائي

غزل

 

اکين جي آرسيءَ ۾ ڇا ڏسين ٿي،

پروڪي رُت جا سپنا، ڏسين ٿي.

هي تُنهنجي هنج ۾ او ڌرتي سرتي!

وَهن ٿا رت جا دريا ڏسين ٿي.

هي تنهنجا نيڻ دروازي تي اٽڪيل،

پنهنجي آڏو ڪئين صدما ڏسين ٿي.

خزان جي مُند ڄڻ قاتل لڳي ٿي،

اداسيءَ ۾ سَکي چمپا ڏسين ٿا.

اسان کي راس ناهي ڪا خوشي تون،

هميشه ئي خوشي لمحا ڏسين ٿي.

ڏسي تو ڏانهن ٿو هُو گهوري،

۽ تون آهين جيڪا تارا ڏسين ٿي.

 

عامر سيال

نظم

 

تو ڪڏهن سوچيو به آهي

پيار ڇاهي؟ پيار ڇاهي؟

چنڊ کان ڀي خوبصورت

پيار جي ٿيندي آ مورت

شام، تنهنجي زلف جهڙي

پيار جي ڀي مُند اهڙي

روز هن کان ڪونه وسري

سار جو سورج ٿو اُڀري

روشني ئي روشني آ

دل ۾ خوشبو، شبنمي آ

تنهنجا ڳل خوشبو چمي ٿي

۽ وري مون وٽ اچي ٿي

چؤطرف سُرهاڻ آهي

نيڻ ۾ آلاڻ آهي

درد جا بادل به ايندا

زخم ڏيندا، زخم ڏيندا

تو ڇڏيو ڪنهن جي سهاري؟

اڄ به توکي دل پڪاري

ٻڌ صدا کي تون جتي آن

تو ڪٿي آن؟ تون ڪٿي آن؟

پاڻ وٽ ڀي فاصلا هِن

زندگيءَ ۾ زلزلا هِن

ڪو اچي مون کي ٻُڌائي

مان نٿو ڄاڻان الائي

ڪيستائين، ڪيستائين

ڇا ازل کان ابد تائين؟

درد منهنجا همسفر هِن!

خيال سڀئي منتشر هِن1

ديپ نيڻن جا ٻرن ٿا

راهه تنهنجي ئي ڏِسن ٿا

پيار جا ڪي گُل هٿن ۾

نانءُ تنهنجو ئي چپن ۾

بيقراري، بيقراري

۽ اکين ۾ انتظاري ـــ

روز جي موسم بڻي آ

پنهنجا جلوا تون کڻي آ

تنهنجو، پنهنجو نانءُ آهيان

تنهنجي اندر آنءُ آهيان

دُور توکان ڪيئن ٿيندس

تو سوا مان ڪيئن رهندس

منهنجي دل ڏاڍي جلي آ

تون هلي آ، تون هلي آ

پيار جا جهنڊا به ڦڙڪن

تو تي ڪيئي نظم لکجن

منهنجي لئه تون ڏات ـــ فن آ

شاعري تنهنجو بدن آ

شاعري تنهنجو بدن آ.

شائق ڪمبوهه

غزل

 

اڄ وري سُور ڪجهه سوايو آ،

اڄ وري ياد ڪوئي آيو آ.

 

توکي ڪهڙو پتو او ڳوٺاڻي،

تنهنجي نيڻن ۾ ڪو وڃايو آ.

 

جيترو ٿي سگهيو حياتيءَ ۾،

درد توسان اسان نڀايو آ.

 

ٿورو نيڻن مان پيار پاڻياري،

عشق منهنجو اڃان اُڃايو آ.

 

مونجهه مَنَ جي لهي وڃي ’شائق‘،

گيت اهڙو نه ڪنهن ٻڌايو آ.

 

عظيم سنڌي

ويران

هن بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ ۾

ٽاڪ منجهند جو

تو ـــ مون ويهي پگهر سُڪايو

ڪيڏو دل کي آٿٿ آيو

اُن وڻ جو اڄ ويري تون

ٿو اُن جي پاڙ اکيڙين تون

توکي ڪيئن مان ڀاءُ چوان

۽ بڙ جي گهاٽي ڇانو چوان

او ٿڌڙي ـــ مٺڙي ـــ

هير جا ويري!

تنهنجي اک ٿي وئي آ ميري

ٽاڪ منجهند جو نٽهڻ اُس ۾

مون سان ويهي پگهر سُڪايهءِ

اُن تي ڪوئي رحم نه آيئه

توکي ڪيئن ها! توکي ڪيئن مان

ڀاءُ چوان ۽ بڙ جي گهاٽي ڇانوَ چوان

تون ٿڌڙي مٺڙي ـــ

هير جو ويري

ڄاڻان ٿو اک تنهنجي ميري

تون منهنجو ڀاءُ نه آهين

دشمن آهين دشمن آهين

هن ڌرتي جو

تون دشمن آهين.

 امين زرداري

 وائي

 اڄ ڀي منهنجا پيار!

آهيان تنهنجي آسري.

جيڪي واعدا وئين ڪري، پيارل جلدي پار،

آهيان تنهنجي آسري.

ڪين وڻي ٿو تو سوا، سارو هي سنسار،

آهيان تنهنجي آسري.

نرمل تنهنجي نانءُ کان، گهوريان گهر تڙ يار،

آهيان تنهنجي آسري.

پنهنجو سمجهي ’امين‘ کي، گوڏي گڏ ويهار،

آهيان تنهنجي آسري.

خيال سنڌي

 سڏ

 وڇوڙي واري وري آ موسم

گواهه آهي پپر جو پن پن

تون مان به وڇڙي ته وڃڻا آهيون

پپر جي وکريل پتن جيان ئي

تون مان به وکري ته وڃڻا آهيون

انهي کان اڳ جو

سِڪون ٻيئي ۽ ملون نه ڪڏهين

انهي کان اڳ جو

روئون ٻيئي ۽ کلون نه ڪڏهين

انهي کان اڳ جو

سِڪڻ، لڇڻ ۽ رئڻ ئي پنهنجو

نصيب سمجهون

پرين هلي آ پرين هلي آ

ملي گلي سان

سمورا سُڏڪا ڇڏيون کُٽائي

اچ ته ايڏو روئون ٻيئي جو

تنهنجي اکين مان خواب منهنجا

منهنجي اکين مان خواب تنهنجا

وڃن اُڏامي، وڃن اُڏامي.

 ”ظهير“ زرداري

 غزل

 

رات به گُهلندي هير ڏٺي مون،

تنهنجي آ تصوير ڏٺي مون.

 

تنهنجي چاهت جي، پيرن ۾

ساڳي آ زنجير ڏٺي مون.

 

منهنجو آهين، منهنجو آهين،

هٿڙن تي تحرير ڏٺي مون.

 

هاڻي ساڳيا درد نه رهندا،

ڦرندي آ تقدير ڏٺي مون.

 

آهي هر دم پنهنجي اندر،

تنهنجي ذات ’ظهير‘ ڏٺي مون.

 

گل ٽکڙائي

غزل

 

سڄي رات سُندر ستارا ٿا جاڳن،

اکين جا اُنهن سان اشارا ٿا جاڳن.

نڪو انت آهي نڪو ڇيهه آهي،

هي ساگر جا سهڻا ڪنارا ٿا جاڳن.

وڌو شور برپا هوائن ڪري آ،

کُلي گهر جي کڙڪي نظارا ٿا جاڳن.

سڄي رات ٿڙڪون ۽ ڄاڙي وڄي ٿي،

مگر پوءِ به ماڻهو پيارا ٿا جاڳن.

هئي ڪالهه بيوه اُها ڪنوار اڄ آ،

انهيءَ لاءِ ڪيڏا سهارا ٿا جاڳن.

اسان کان پڇو ٿا زماني جون ڳالهيون،

اسان جهڙا ڪيئي اُڃارا ٿا جاڳن.

جتي چاهتن جا مسافر هلن ٿا،

اُتي خيال جذبا ڪنوارا ٿا جاڳن.

جڏهن سوچ پنهنجي چپن کي ٿي چوري،

تڏهن روشنيءَ جا شرارا ٿا جاڳن.

مُٺين منجهه پوپٽ رهن ڦٿڪندا ٿا،

اُهي نوحا پڙهندا ويچارا ٿا جاڳن.

شعر ’گل‘ لکي ٿو ذهن کي ولوڙي،

سندس خيال سُندر سگهارا ٿا جاڳن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com