سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

 

صفحو :5

 وشال

 غزل

زندگيءَ جو گُل نه جيئن مرجهائجي،

گيت چاهت جو سدائين ڳائجي!

 

نينهن جوناتو ڇنا، نڪريم دم،

هي وچن دل جان سان ورجائجي.

 

زنگ ذهنن تي چڙهي جڏهين وڃي،

پو رسالو شاهه جو اُٿلائجي.

 

بيوفا ٿيڻو نه آ، بس پيار ۾،

يار کي ڪجهه ٿورڙو تڙپائجي.

 

’ڏک سکن جي سونهن‘ ڀِٽ واري چيو،

ڇو غمن کان پو ڀلا گهٻرائجي.

 

روز وڇڙي روز ملجي ڇو ’وشال‘،

هڪ دفعو ئي پيچ پختو پائجي.

 عطا قاضي

 غزل

 

لفظ جن جا گلاب لڳندا هن،

سي ئي پوتر ڪتاب لڳندا هن.

 

ساري جيون ۾ توسان گڏ گهاريل،

پل اُهي ئي ثواب لڳندا هن.

 

پيار تنهنجي ۾ جي مليا مهڻا،

مون کي سُندر خطاب لڳندا هن.

 

ڪيئن وڻان ڪنهن کي؟ سچ چوڻ وارا،

ماڻهو اڪثر خراب لڳندا هن.

 

جيڪي چهرا، سوال بڻجي پيا،

سي ئي چهرا جواب لڳندا هن.

 

جيڪي اوندهه کي وڌائن ٿا ’عطا‘،

اُهي ڇو آفتاب لڳندا هن؟

 انجم قاضي

گيت

اوچتو اوچتو، مَن جي پاتال مان،

پيار ڦُٽندو ويو،

اوچتو اوچتو،

اوچتو اوچتو!

هو ڪيو فيصلو، تو وسارڻ جو مون،

نانءَ تنهنجي تي پر،

گيت سِرجي پيو،

اوچتو اوچتو!

سار تنهنجي جڏهن، هن آئي کڻي،

تنهن سمي چؤطرف،

جڳ سڄو جرڪيو،

اوچتو اوچتو!

سڀ گهٽيون پيچرا، شهر جا اوپرا،

تو بنا من ڏکي،

آ ٿيو ڪيترو،

اوچتو اوچتو!

موڙ ڪهڙو اچي، ويو هي آهي مٺي!

پنهنجو ڪٽجي ويو،

پيار جو سلسلو،

اوچتو اوچتو!

”آس“ ٻٻر

 غزل

 بس، اسان جو جيئڻ مُشڪل هو،

ڇو ته پٿر ٿيڻ مشڪل هو.

 

بُت تان زندگي کي لاٿوسين،

ڇو ته اُن کي سِبڻ مشڪل هو.

 

چنڊ سان نيڻ ٽاڪي خوش آهيون،

اِن ڪري جو سُمهڻ مشڪل هو.

 

حُسن پُٺ تي ڇڏي آيا هُون،

بُک ۾ عشق ڪرڻ مشڪل هو.

 

توکي سارڻ ۾ ڇڏيوسون، جانان!

پاڻ کي روز ڦٽڻ مشڪل هو.

 

ڪنهن نه ڪنهن طرح مِٽي اوڍي سين،

ڇو ته ننگو رهڻ مشڪل هو.

 

”....جهڙيءَ طرح تيز روشنيءَ جي هڪ هنڌ هجڻ جي ڪري نه رڳو اُن هنڌ واري هڪڙي شيءِ بلڪل چٽي نظر ايندي آهي، ۽ ڀرپاسي واريون ٻيون شيون اوجهل ٿي وينديون آهن، تهڙيءَ طرح مذم ۽ ٽڙيل پکڙيل روشنيءَ سبب وري شين جا پاڇولا ۽ غير واضح عڪس محسوس ٿيندا آهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ هڪ جي بدران ٻيو ڪجهه ڀاسندو آهي ۽ اسان جي ڪيفيت ’ڏسڻ‘ جي بدران ’هٿوراڙيون‘ هڻڻ واري هوندي آهي. ان جو مثال اجهو هيئن آهي: جيئن آءٌ ڪو صوف ڏسان، پر منهنجي نظر پهريائين ان جي ڳاڙهي حصي تي پوي ۽ پوءِ اُن جي پيلي حصي تي؛ پوءِ ٽاريءَ مان لڙڪڻ واري جڳهه تي ۽ آخر ۾ لڙڪڻ واري نموني تي، ته اِهو ائين آهي جيئن آءٌ اُن جو ذرو ذرو ڪري معائنو ڪريان، ظاهر آهي ته منهنجو اهو مشاهدو تجزياتي قسم جو آهي ۽ منهنجي اها ڄاڻ ’نسبتي آهي. ڇاڪاڻ جو ان صورت ۾ مون کي، صوف جي مختلف ڀاڱن جي باري ۾ ڄاڻ ملي آهي ۽ ان جي سڄي ساري يا ڪُلي حُسن بابت معلومات. ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن اهو سڄي ساري اِن قسم جي شعوري تفريق کان سواءِ اوچتو مڪمل طور منهنجي مشاهدي ۾ اچي ها، يعني پنهنجي پوري اهميت سوڌو منهنجي ذهن تي ڇانئجي وڃي ها ۽ هڪ احساس کان پوءِ ٻئي احساس جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ بدران هڪ ايڪيءَ ۽ ڪُلي نموني ۾ سامهون اچي ها، ته اهو احساس اڳئين کان يقيناً جُدا هجي ها ۽ اِهو ئي درحقيقت جمالياتي نگاهه جو حامل ٿئي ها....“                                    ـــ علامہ آءِ. آءِ. قاضي

 

 

مقالا

 

شاهه جي بيتن ۽ واين جي اسلوب بيان ۾ وڏي وسعت آهي، جنهن ۾ عام سنڌي ٻولي جي مختلف محاورن سان گڏ علمي لفظن ۽ ادبي عبارتن توڙي تصوف ۽ طريقت جو اصطلاحن ۽ ڪناين جي آميزش جو معياري مثال موجود آهي. شاهه صاحب سنڌ جي سڀني ڀاڱن ـــ وچولي، لاڙ، اتر، ٿر، ڪوهستان، درياهي ڪچي، سامونڊي ڪناري ۽ کاري ـــ توڙي سنڌ کان ٻاهر لس ٻيلي ۽ ڪڇ طرف ويو، ۽ اتي جي عام ماڻهن سان گهڻو وقت گذاريائين. انهيءَ ڪري انهن سڀني ڀاڱن جا لفظ، اصطلاح ۽ محاورا سندس ذهن نشين ٿيا، ٻئي طرف قرآن شريف، مولانا رومي جي مثنوي ۽ ميين شاهه ڪريم جي بيان العارفين جا درس ۽ دؤر ٻُڌائين ۽ پڻ ٻين وڏي ڄاڻ وارن عالمن ۽ درويشن سان صحبتون ڪيائين، جنهنڪري قرآن شريف جون آيتون، علمي ادبي لحاظ ۽ عبارتون ۽ طريقت جا اصطلاح ۽ اشارا سندس فهم ۽ فڪر جا جُز بنيا. ان کان سواءِ پنهنجي دؤر جي وڏي سالڪ شاعر ميين شاهه عنات توڙي اڳين عارف شاعرن (ميين شاهه ڪريم، قاضي قادن ۽ ٻين) جي ڪلام جي کيس پوري ڄاڻ هئي، جنهنڪري اعليٰ سنڌي شاعري، جي روايت توڙي ان شاعري جي ٻولي ۽ عبارت کان باخبر هو. انهيءَ ڪري، ٻوليءَ جي لحاظ کان، شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ سمايل بالغانه فڪر جو ’بياني انداز‘ هڪ وڏي معيار وارو آهي، جنهن ۾ سندس پنهنجي مادري ٻوليءَ جي تر ۽ بر ۾ وڏا رنگ ڀريل آهن. معنويت جي لحاظ سان شاهه جي ڪلام جي ٻولي ڄڻ ’سنڌي ٻوليءَ جي اندروني فطري مزاج‘ سان هم ڪنار آهي؛ وسعت جي لحاظ سان شاهه جي ڪلام جي ٻولي ساڳئي وقت عوامي توڙي علمي ٻولي آهي؛ ۽ عام مقبوليت جي لحاظ سان اها اڻپڙهيلن توڙي پڙهيلن، سڀني جي آهي ۽ سڀني لاءِ آهي.

ـــ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

مقالا

 

شاهه جي بيتن ۽ واين جي اسلوب بيان ۾ وڏي وسعت آهي، جنهن ۾ عام سنڌي ٻولي جي مختلف محاورن سان گڏ علمي لفظن ۽ ادبي عبارتن توڙي تصوف ۽ طريقت جو اصطلاحن ۽ ڪناين جي آميزش جو معياري مثال موجود آهي. شاهه صاحب سنڌ جي سڀني ڀاڱن ـــ وچولي، لاڙ، اتر، ٿر، ڪوهستان، درياهي ڪچي، سامونڊي ڪناري ۽ کاري ـــ توڙي سنڌ کان ٻاهر لس ٻيلي ۽ ڪڇ طرف ويو، ۽ اتي جي عام ماڻهن سان گهڻو وقت گذاريائين. انهيءَ ڪري انهن سڀني ڀاڱن جا لفظ، اصطلاح ۽ محاورا سندس ذهن نشين ٿيا، ٻئي طرف قرآن شريف، مولانا رومي جي مثنوي ۽ ميين شاهه ڪريم جي بيان العارفين جا درس ۽ دؤر ٻُڌائين ۽ پڻ ٻين وڏي ڄاڻ وارن عالمن ۽ درويشن سان صحبتون ڪيائين، جنهنڪري قرآن شريف جون آيتون، علمي ادبي لحاظ ۽ عبارتون ۽ طريقت جا اصطلاح ۽ اشارا سندس فهم ۽ فڪر جا جُز بنيا. ان کان سواءِ پنهنجي دؤر جي وڏي سالڪ شاعر ميين شاهه عنات توڙي اڳين عارف شاعرن (ميين شاهه ڪريم، قاضي قادن ۽ ٻين) جي ڪلام جي کيس پوري ڄاڻ هئي، جنهنڪري اعليٰ سنڌي شاعري، جي روايت توڙي ان شاعري جي ٻولي ۽ عبارت کان باخبر هو. انهيءَ ڪري، ٻوليءَ جي لحاظ کان، شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ سمايل بالغانه فڪر جو ’بياني انداز‘ هڪ وڏي معيار وارو آهي، جنهن ۾ سندس پنهنجي مادري ٻوليءَ جي تر ۽ بر ۾ وڏا رنگ ڀريل آهن. معنويت جي لحاظ سان شاهه جي ڪلام جي ٻولي ڄڻ ’سنڌي ٻوليءَ جي اندروني فطري مزاج‘ سان هم ڪنار آهي؛ وسعت جي لحاظ سان شاهه جي ڪلام جي ٻولي ساڳئي وقت عوامي توڙي علمي ٻولي آهي؛ ۽ عام مقبوليت جي لحاظ سان اها اڻپڙهيلن توڙي پڙهيلن، سڀني جي آهي ۽ سڀني لاءِ آهي.

ـــ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


 

علي مير شاهه

 

ابوذر غِفاري رضي الله عنہ

 

نالو ۽ نست:

جندب (ج تي پيش ن ساڪن د تي پيش) بن جُناده بن ڪعيب بن صعير بن وقعه بن حرام بن سفيان بن عبيد بن حرام بن غِفار. هن جو تعلق بنو غِفار (غ تي زير) قبيلي سان هو. هن جي پنهنجي ۽ سندس ابن ڏاڏن جي نالن ۾ راوين جو اختلاف آهي. هڪڙن هن جو نالو برير، بدير، بريا جناده لکيو آهي ته ٻين وري سندس والد جو نالو عبدالله، عشرقه يا سڪن ڄاڻايو آهي[1]. ساڳيءَ طرح هن جي ڏاڏي جي نالن ۾ پڻ اختلاف آهي. سڀني کان مضبوط روايت اِها آهي ته هن جو نالو جندب هو. سڀني اِنهيءَ تي اتفاق ڪيو آهي ته هن جو تعلق حجاز جي قبيلي بنو غِفار سان هو. هن جي والده جو نالو رمله بنت رفيعه هو ۽ اها پڻ بنو غِفار قبيلي مان هئي. هن جي ڪنيت ابوذر (ذر جو پيءُ) هئي. هو پنهنجي ڪنيت سان ايترو مشهور ٿيو جو ماڻهن کي سندس نالو ئي وسري ويو.

اسلام کان اڳ:

”بنو غِفار قبيلو چوري ۽ رهزنيءَ ۾ شهرت رکندو هو [2]. خود ابوذر بابت راوي خفاف جو بيان آهي: ”هو رهزني ڪندو هو. دلير مڙس هو. يڪي سر قافلا ڦريندو هو. ڀنڀرڪي مهل بستين تي غارتون ڪندو هو ۽ وڳن جا وڳ هڻيو ويندو هو. ڪڏهن گهوڙي جي پشت تي سوار ٿي ماڻهن جا مال ڪاهيندو هو ۽ ڪڏهن خونخوار جانور وانگر پيدل حملا ڪندو هو... [3]

مختلف روايتن کي ملائڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته اسلام جي ظهور وقت ابوذر جي عمر ٽيهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. انهيءَ ڦوه جوانيءَ واري زماني ۾ جڏهن هو دليري ۽ غارتگريءَ ۾ پنهنجي قبيلي کان ٻاهر مشهور ٿي چڪو هو، تڏهن هن جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو انقلاب آيو جو هو اسلام کان اڳ ئي بت پرستي، رهزني ۽ ٻين جاهلي رسمن کي ترڪ ڪري هڪ اڻ ڏٺل خالق ۽ مالڪ جو پوڄاري بنجي ويو.

عرب هڪ اُمي (الهامي تعليمات کان ناواقف ۽ اڻ پڙهيل) ۽ بدو قوم هئا. هنن جي معاشري ۾ بت پرستي، جنسي آزادي، شراب، قبائلي تعصب، ڦرمار، غارتگري ۽ قتل عام هو. اهڙي بگڙيل جاهلي معاشري ۾ ابوذر ۾ جيڪا تبديلي آئي سا حيرت انگيز هئي. ان جو مکيه ڪارڻ هيءُ هو جو الله تعاليٰ هن جي طبيعت ۾ غور فڪر جي عادت پيدا ڪئي هئي. ازانسواءِ حق گوئي ۽ بيباڪي جون وصفون به هن جي فطرت ۾ داخل هيون.

هڪ ڀيري هنن جي علائقي ۾ سخت قحط پيو. ابوذر جو قبيلو بنو غِفار ”منات“ جي بت جو پوڄاري هو. ان ڪري قبيلي جي سردار سڄي قبيلي کي حڪم ڏنو ته ڏاچين ۽ گڏهن تي سامان ٻڌو. سڀئي گڏجي ”منات“ جي مندر تي هلو. ”منات“ راضي ٿي ويو ته مينهن کي موڪل ملندي ۽ سڄو ملڪ ملير ٿي ويندو. رات جي وقت قبيلي سامان پئي سميٽِو ته هو ليٽيو پيو هو. هن جون اکيون آسمان ۾ کتل هيون. هو تارن، نکٽن ۽ بلند آسمانن بابت سوچي رهيو هو. يڪايڪ ڀاڻس کيس ٻانهن کان لوڏي، تياري لاءِ چيو. هو اُٿي کڙو ٿيو ۽ بنو غفار جي قافلي سان ”منات“ جي تيرٿ لاءِ روانو ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن جي مسافت کانپوءِ بنو غفار پنهنجي ديوتا جي چرنن ۾ پهچي ويا ۽ جاهلي طريقي مطابق ان جو طواف ۽ سجدو بجا آندائون ۽ نذر نياز باسيائون. جڏهن رات ٿي ته سڀ سمهي پيا، پر ابوذر جاڳي رهيو هو هن کير جو پيالو کڻي وڃي منات جي بت مهندان رکيو. پاڻ اونهي سوچ ۾ هو ۽ آسمان زمين پهاڙن ۽ ڏينهن رات جي تخليق بابت فڪر جي دريا ۾ غوطا کائي رهيو هو. حجاز جي صاف ۽ آسمان، زمين هيٺان سناٽي واري رات، هڪ بدو واريءَ ليٽي، ڪائنات جي خلقت تي غور ڪري رهيو هو. ايتري ۾ هڪ لومڙي آئي ۽ ”منات“ اڳيان رکيل کير پي، مٿس پيشاب ڪري وري ريگستان ۾ غائب ٿي ويئي. ان منظر ابوذر تي ڏاڍو اثر ڪيو. روايت آهي ته هن اُتي جو اُتي هڪ شعر چيو:

”ارَبُّ يبول لثعلبان عقلي راَسِہِ لَقَد ذَلّ منَ بالت عَلَيہ الثعالب.“

ترجمو: ”ڇا اُهو خدا ٿي سگهي ٿو جنهن جي مٿي تي لومڙيون پيشاب ڪن؟ جنهن جو اِهو حال هجي سو ته پاڻ ئي زليل و خوار آهي.“

اُن کان پوءِ هن ڪجهه پٿر منات جي بت ڏانهن اُڇلايا ۽ پاڻ پاسا ورائيندي رات ڪاٽيائين. صبح جو قبيلي وارن سان گڏ پنهنجي بستيءَ ۾ موٽي آيو. آهستي آهستي هن جي قلب ۾ توحيد جو نور چمڪڻ لڳو. هن اعلان ڪيو:

”هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ، هنن جبلن، بيابانن، سج، چنڊ، تارن ۽ آسمان کان مٿانهون هوندو. اُهوئي عبادت جي لائق آهي ۽نه ڪه لات منات ۽ عزيٰ جا بُت.“

جاهليت ۾ عبادت ۽ ڪلمو:

بنو غفار جي ڏاڍي مڙس ابوذر جي دل ۾ توحيد جي تجلي ٿي ته هن بتن ۽ مندرن ڏانهن وڃڻ ۽ پوڄڻ ڇڏي ڏنو. راوي ابومعشر چوي ٿو [4]:

”کانَ ابوذَريتاله فِي الجاهِليَّةِ وَ يَقول لااِلہ اِلاّ الله.“

ترجمو: ”ابوذر جاهليت جي زماني ۾ هڪ خدا جو قائل هو ۽ لا اِلہ الا الله جو ڪملو پڙهندو هو.“

جيئن ئي هن کي خدا جي هستيءَ جو ادراڪ ٿيو، تنهن هن جاهليت جي بُرين رسمن کي تياڳ ڏنو ۽ پنهنجي پر ۾ هڪ خدا جي بندگي ڪرڻ لڳو. امام جعفر صادق رضه جو قول آهي: ”ابوذر رضه جي اڪثر عبادت اِها هئي جو هو فڪر ڪندو رهندو هو.“ هڪ ڀيري سيدنا ابوبڪر رضه کانئس پڇيو: ”تون جاهليت ۾ عبادت ڪيئن ڪندو هئين؟“ ابوذر رضه جواب ڏنو: ”اڀرندڙ سج مون کي نماز ۾ بيٺل ڏسندو هو ۽ جيستائين سج جي تپش زور وٺندي هئي، تيستائين خدا جي اڳيان جهڪندو رهندو هئس. سجدي ۾ ڪرندو هوس ته ڏسڻ وارا سمجهندا هئا ته ڪو ڪمبل پيو آهي.“

ان تي ابوبڪر صديق رضه کانئس ٻيو سوال پڇيو: ”عبادت وقت منهن ڪيڏانهن ڪندو هئين؟“ ابوذر رضه وراڻيو: ”مون کي قبلي جي ڪابه خبر نه هئي، جيڪو طرف مالڪ من ۾ وجهندو هو ان طرف منهن ڪري سندس بندگي ڪندو هوس [5].“

ابوذر رضه الله عنہ پاڻ چوندو هو [6]: ”آءٌ رسول الله ﷺ سان ملڻ کان ٽي سال اڳ نماز پڙهندو هوس، آءٌ سڄي رات عبادت ڪندو هوس ۽ جڏهن سج مٿي چڙهي ايندو هو، تڏهن ان مان فارغ ٿيندو هئس.“

اسلام:

جيتوڻيڪ ابوذر رضه کي سندس فطري صلاحيت توحيد جو قائل ڪيو هو، پر هن جو روح ڪامل هدايت لاءِ واجهائي رهيو هو. اسلام جي ظهور کان اڳ عرب ملڪ ۾ ٻيا به ڪي اهڙا صالح انسان هئا، جيڪي هڪ خدا کي مڃيندا هئا، جهڙوڪ قُس بن ساعده، زيد بن عمرو ۽ ورقه بن نوفل پر فاران جي پهاڙين ۾ اسلام جي روشني ڦهلجڻ وقت هو وفات ڪري چڪا هئا. ابوذر رضه جي تقدير ۾ اها سعادت لکيل هئي جو هو اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ هن جو توحيد سان روشن ٿيل سينو رسالت پناهه جي توجهه ۽ صحت الائي ۾ تجلين جو مرڪز ۽ هدايت جو مينار بنجي ويو.

هن حق پرست انسان جي اسلام جو قصو به عجيب آهي. ٻين ماڻهن تائين دين جو پيغام رسائڻ لاءِ حضور جن پاڻ يا سندس قاصد ويا، پر ابوذر رضي الله عنه سلمان فارسي رضه وانگر حق جي تلاش ۽ هدايت جي جستجو ۾ سندن خدمت اقدس ۾ ازخود پهتو. مڪي جي بنجر ۽ بي آب واديءَ ۾ اسلام جي روشنيءَ جا پهريان ڪرڻا چمڪيا ته ابوذر رضه اُنهن مان فيضياب ٿيو. ٿيو ائين جو هن جي ڀاءُ انيس (الف تي پيش نون تي زبر) ڪنهن ڪن سانگي بنو غفار جي بستيءَ مان مڪي جو سفر اختيار ڪيو. ان وقت جاهليت جي ٻاٽ اونداهه ۾ اسلام جي باک ڦٽي رهي هئي. انيس مڪي کان موٽيو ته ابوذر رضه کي ٻڌايائين ته قريش ۾ هڪ اهڙو شخص پئدا ٿيو آهي، جيڪو تو وانگر بت پرستيءَ کان روڪي ٿو ۽ هڪ خدا جو مڃيندڙ آهي. هو چوي ٿو ته هو خدا جو رسول آهي. مڪي وارا هن کي نٿا مڃين. الٽو کيس شاعر، جادوگر يا ڀوپو ٿا ڪوٺين. ابوذر رضه اُهي خبرون ٻُڌيون ته سندس اشتياق وڌيو ۽ ڀاءُ کان وڌيڪ تفصيل پڇڻ لڳو. اُنيس وراڻيو [7]:

”خدا جو قسم ته مون ڀوپن جون ڪٿائون ٻڌيون آهن. آءٌ پاڻ شاعر آهيان. مون شعر چيا آهن ۽ ٻڌا آهن، پر هن جي ڪلام جو رنگ ئي اور آهي. آءٌ سمهان ٿو ته هو سچو آهي ۽ مڪي وارا ڪوڙا آهن.“

انيس جي بيان ٻڌڻ سان ابوذر رضه جي اندر جي لوچ وڌي ويئي. ڀاڻس کي چيائين ته تون مال جي سنڀال ڪجانءِ آءٌ پاڻ مڪي وڃان ٿو.

ابن عباس جو بيان آهي [8] ته ابوذر رضه کي رسول الله ﷺ جن جي بعشت جي خبر ملي ته پهريائين هن پنهنجي ڀاءُ کي حال احوال وٺڻ لاءِ اوڏانهن موڪليو. هن موٽي اچڻ کيس خبرچار ٻڌائي ته هو مطمئن نه ٿيو ۽ سندس دل ۾ اهڙي آنڌ ماند پئدا ٿي جو فوراً اُٺ تي سفر جو سامان ۽ پاڻي جي سانداري ٻڌي مڪي جو رخ ڪيائين. منزلون پٽيندو مڪي ۾ وارد ٿيو ۽ ڪعبة الله جي حرم ۾ وڃي ويهي رهيو. هن کي خبر ملي چڪي هئي ته مڪي جا ماڻهو رسول الله ﷺ جن جا مخالف آهن. تنهنڪري هن ڪنهن کان پڇا ڳاڇا ڪانه ڪئي. ڳچ رات گذري ويئي ته هو حرم ۾ پٿرين مٿان ليٽي پيو. ايتري ۾ هن جي نظر هڪ ڇوڪر تي پيئي، جنهن سمجهيو ته هيءُ ڪو پرديسي مسافر آهي. ڇوڪر کيس وٺي وڃي پاڻ وٽ رهايو. پر هڪٻئي کي حال احوال ڪونه ڏنائون. اهڙيءَ طرح هن کي ٻيو ڏينهن به حرم ۾ انتظار ڪندي گذري ويو ۽ وري به ساڳئي ڇوڪري ٻيءَ رات به کيس پنهنجي گهر وٺي وڃي ٽڪايو. ٽئين ڏينهن به هن جو مقصد

 (رسول الله ﷺ جي زيارت) حاصل نه ٿيو. وري به رات جي وقت ساڳيو جوان نمودار ٿيو ۽ کيس ٻانهن مان جهلي گهر وٺي ويو. اُهو ڇوڪر علي بن ابن طالب ڪرم الله وجه هو. اڄ رات ميزبان ۽ مهمان خاموشي ٽوڙي. علي ڪرم الله وجهه هن کان خبرون پڇيون. ابوذر رضه چيس: ”اهڙو وڙ ويساهه ڏي ته تون مون کي صحيح سڌ سماء ڏيندين ته آءٌ توکي پنهنجو احوال ڏيان.“ علي ڪرم الله وجهه ساڻس وعدو ڪيو. ان تي ابوذر رضه کيس خبرون ٻڌايو. علي ڪرم الله وجهه هن جون ڳالهيون ٻڌي خوش ٿيو ۽ چيائينس ته هو برابر سچو رسول آهي. آءٌ سڀاڻي توکي هن سان ملائيندس.

ٻئي ڏينهن علي ڪرم الله وجهه کيس هدايت ڪئي ته تون منهنجي پٺيان خاموشيءَ سان هليو هل. جيڪڏهن ڪو خوف خطرو هوندو ته آءٌ پيرن ڌوئڻ جو بهانو ڪري هڪ پاسي بيهي رهندس. ابوذر هدايتن تي عمل ڪيو ۽ علي ڪرم الله وجه کيس رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ وڃي رسايو [9].

جيئن هن جي نگاهه رسول الله ﷺ جن جي رخ اقدس تي پيئي، تيئن کيس يقين ٿي ويو ته هيءُ شخص سچو آهي. هن وڏي واڪي سلام ورايو: ”السلام عَلّيڪَ يا رَسُولَ اللهِ“

ابوذر رضي الله عنه انهيءَ ڳالهه تي فڪر ڪندو هو ته تاريخ ۾ آءٌ پهريون انسان آهيان، جنهن رسول الله ﷺ تي اسلامي طرز وارو سلام ڪيو [10].

ابن حجر عسقلاني پڻ انهيءَ جي تصديق ٿو ڪري، ته ابوذر رضه عنه پهريون ماڻهو هو، جنهن ”السلام عليڪ يا رسول الله“ چئي رسالت پناهه تي سلام ڪيو ۽ حضور جن سندس جواب ۾ ”وعليڪم السلام و رحمة الله“ جا لفظ ارشاد فرمايا [11]. ان کان پوءِ هن پاڻ ڪريمن سان پنهنجي واقفيت ڪرائي. رسول الله ﷺ جن هن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني. جيڪا هن فوراً قبول ڪئي. درحقيقت هو ٻنهي جهانن جي سردار جي نوري نگاهه پوڻ سان ئي مسلمان ٿي چڪو هو. تڏهن ”يا رسول الله“ چئي سلام ڪيائين. هو ”لا اِلــٰہ الاؑ الله“ ته اڳ ۾ چوندو هو. هاڻي هن ان ڪلمي سان محمد  رسول الله ﷺ جا لفظ ادا ڪيا ۽ اسلام ۾ داخل ٿي ويو.

مؤرخن ۽ سيرت نگارن جو هن ڳالهه تي اجماع آهي ته هو اسلام جي سابقين اولين مان هو. هو چوندو هو [12]: ”انا رابع الاسلام“

ترجمو: ”آءٌ چوٿون نمبر مسلمان آهيان.“

ابن الاثير لکي ٿو ته اسلام ۾ هن جو چوٿون يا پنجون نمبر هو [13]. علامه بن سعد به هن جو چوٿون يا پنجون نمبر ڄاڻايو آهي. هڪ روايت ۾ هن کي ٽيون نمبر مسلمان بيان ڪيو ويو آهي. اسان کي اهڙي ڪابه روايت نٿي ملي، جيڪا هن کي پنجين نمبر کان پوءِ بيان ڪندي هجي. ابن سعد جي نقل ڪيل هڪ روايت مطابق هن ابوبڪر رضه کان ٻه ڏينهن پوءِ اسلام قبول ڪيو [14]. اسان هن جي پنجين نمبر واري روايت کي سڀني کان وڌيڪ معتبر سمجهون ٿا. چار ماڻهو هن کان اڳ اسلام قبول ڪري چڪا هئا ۽ اُهي هئا: خديجة الڪبريٰ، ابوبڪر، علي ۽ زيد بن حارثه رضي الله عنهم.

مڪي ۾ هن جي آمد بابت ٻي به هڪ روايت ملي ٿي [15]، جنهن مطابق هڪ مهيني تائين هو مڪي ۾ رهيو. اُن دوران فقط زمزم جي پاڻيءَ تي گذارو ڪيائين. هڪ چانڊوڪي رات ۾ ٻن مشرڪ عورتن کي طواف ڪندي ڏٺائين. هو اساف ۽ نائله نالي ديوتائن کي پڪاري رهيون هيون. ابوذر رضه کين روڪيو ۽ اساف ۽ نائله لاءِ گٿا اکر ڳالهايائين [16]. ان تي ٻنهي رنن وٺي هاءِ گهوڙا مچائي. اُن وقت حرم ۾ ٻيو ڪوبه ڪونه هو. عين ان وقت رسول الله ﷺ ۽ ابوبڪر رضي الله عنه حرم ۾ داخل ٿيا. اتان کيس ابوبڪر صديق رضه پنهنجي گهر وٺي ويو، جتي کيس طائف جا انگور کارايائين.

علي حلبي هنن روايتن کي درست ڪوٺيو، ۽ انهن ۾ هن طرح تطبق پئدا ڪئي اٿس ته پهريائين ابوذر رضه علي ڪرم الله وجهه ذريعي پاڻ ڪريمن وٽ پهتو ۽ مسلمان ٿيو، ان کان پوءِ تعليم ۽ تربيت لاءِ مڪي ۾ رهيل هو. اتي هڪ رات ٻن مشرڪ عورتن سان تڪرار ڪيائين ۽ رسول الله ﷺ ابوبڪر رضي الله عنه سان مليو ۽ اسلام جي تجديد ڪيائين. ڇو ته اهو ممڪن ئي نه آهي ته حضور جن لاڳيتا ٽيهه ڏينهن حرم ۾ نه آيا هجن [17].

پهرين آزمائش:

اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ هو ڪجهه وقت مڪي ۾ ٻنهي جهانن جي سردار جي صحبت ۾ رهيو. قرآن مجيد جي تعليم ورتائين ۽ عبادت جو طريقو سکيو. ان کانپوءِ رسول الله ﷺ جن کيس تلقين ڪئي ته هاڻي تون پنهنجي قبيلي ۾ هليو وڃ ۽ انهن ۾ وڃي اسلام جي تبليغ ڪر . [18].

پاڻ ڪريمن هن کي ٻڌايو ته جلد اهڙو وقت اچڻو آهي، جڏهن اسان مڪو ڇڏي، هڪ تخلستان ڏانهن هجرت ڪنداسون. جڏهن اسان جي جنگين ۽ جهادن جي خبر ٻڌين، تڏهن اچي اسان سان شامل ٿج [19].

حضور جن آخر ۾ کيس مشورو ڏنو ته مڪي وارن کان پنهنجو اسلام لڪائج. اسان کي انديشو آهي ته هنن کي تنهنجي مسلمانيءَ جي خبر پيئي ته توکي نقصان رسائيندا. ابوذر غِفاري رضه ان آخري هدايت بابت عرض ڪيو ته مون کي اِها اجازت ڏني وڃي ته آءٌ مڪي وارن جي اڳيان برملا اسلام جو اعلان ڪريان، چاهي ان اعلان جي نتيجي ۾ مون تان ڪرٽ وهايو وڃي.

رسول ڪريم الله ﷺ جن غفاري جوان جو حق گوئي جو جذبو ۽ بيباڪي ڏسي خاموش ٿي ويا. هو ڪعبي جي حرم ۾ داخل ٿيو ۽ اتي بلند آواز سان توحيد جو ڪلمو پڙهڻ لڳو. مڪي وارا هن جي جرئت رندانه ڏسي آپي مان نڪري ويا. مشرڪن جو هڪ انبوهه هن کي وڪوڙي ويو ۽ کيس ايترو ماريائون جو هو بيهوش ٿي ويو. عين ان وقت عباس بن عبدالمطلب اتي اچي نڪتو. هو ڍڪريل ۽ زخمي ابوذر رضي الله عنه مٿان پئجي ويو ته جيئن کيس وڌيڪ ڪو ڌڪ نه لڳي. هن قريش کي چيو ته اوهين تاجر آهيو. اوهان جو شام وارو تجارتي گس بنو غِفار جي علائقي سان لنگهي ٿو. اڄ جيڪڏهن اوهان هن مسافر جو قتل ڪيو ته بنو غفار جيڪي اڳ ۾ ئي غارتگريءَ ۾ شهرت رکن ٿا، سي اوهان جي تجارتي ناڪه بندي ڪري ڇڏيندا. عباس جي نصيحت تي قريش هن جي قتل کان باز آيا. پر ابوذر رضي الله عنه باز نه آيو. هو راه حق ۾ درد ۽ ايذاء جي لذت جو آشنا ٿي چڪو هو. ان ڪري ڦٽ چيٺي چڱو ڀلو ٿيو ته هڪ دفعو وري ڪعبي جي حرم ۾ وڃي ساڳيو اعلان ڪيائين. قريش به ساڻس ساڳي پهروڪي ڪار ڪئي. وري به عباس حيلا هلائي سندس جان بچائي. علامه ابن سعد هن واقعي بيان ڪرڻ کان پوءِ لکي ٿو [20]: ”وکانَ ذاَلِک بَدءُ اسلام ابي ذر“

ترجمو: ”هيءُ ابوذر رضي الله عنه جي اسلام جو آغاز هو.“

مڪي ۾ جيڪو جوهري پيدا ٿيو هو، سو پنهنجي اصحابن مان هرهڪ جو جوهر، صلاحيت ۽ استعداد مطابق هن کان بيعت وٺندو هو. هن ابوذر عفاريءَ جي طبعي جوهر جو انادزو ڪري ورتو هو. ابن الاثير جو بيان آهي [21]:

”هن نبي ڪريم صلي الله ﷺ جن جي هڪ ڳالهه تي بيعت ڪئي هئي ته هو خدا جي راهه ۾ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندو ۽ هميشه حق چوندو، چاهي اُهو ڪيترو به ڪڙو هجي.“

بنو غِفار جي بيباڪ موحد ۽ حق پرست بدوي پنهنجو عهد ڪيئن نڀايو، تنهن جي شروعاتي احوال مٿي اچي چڪو. موت تائين اُن عهد تي هو ڪيئن ڪاربند رهيو، تنهن جو تفصيل هيٺ ايندو.

تبليغ:

صاحب وحي ﷺ جن جي حڪم مطابق ابوذر غفاري رضي الله عنه ڪجهه وقت مڪي ۾ رهڻ کان پوءِ پنهنجي قبيلي ۾ موٽي آيو. اُتي هن سڀني کان پهرين پنهنجي ڀاءُ انيس کي اسلام جي دعوت ڏني. هو اڳ ۾ ئي پنهنجي بلند اقبال ڀاءُ کان گهڻو متاثر هو. هاڻي ته هن جي پيشانيءَ ۾ اسلام جو نور چمڪي رهيو هو. انيس هڪدم اسلام قبول ڪري ورتو. پوءِ ٻيئي ڀائر گڏجي پنهنجي ماءُ وٽ ويا، جنهن پنهنجن پٽن جي دعوت تي لبيڪ چئي ۽ توحيد جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويئي [22].

ان کان پوءِ ابوذر رضي الله عنه پنهنجي ڀاءُ کي ساڻ وٺي بنو غفار قبيلي جي هر خيمي ۾ ويو ۽ اسلام جي دعوت ڏنائين. ڪن ٿورن ماڻهن هن جي دعوت قبول ڪئي. ٻين سندس مخالفت شروع ڪئي ۽ هن جي خلاف اها پروپئگنڊا شروع ڪيائون، جيڪا هر داعي حق خلاف ڪئي ويندي آهي. چوڻ لڳا: ”لَقُد سَحَرَهُ هذ اِلَّذي يَدّعِي النبُوَةُ ٻِمَڪَته“

ترجمو: ”هُن تي انهيءَ ماڻهو جادو ڪيو آهي، جيڪو مڪي ۾ نبوت جي دعويٰ ڪري رهيو آهي.“

پر ابوذر رضه حق جي راهه ۾ پوئتي قدم هٽائڻ وارو نه هو. آخرڪار هن جي تبليغ هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ بنو غِفار قبيلي جو سردار خفاف مسلمان ٿيو. هن جي مسلمان ٿيڻ سان سڄي قبيلي ۾ ”اسم خفاف ـــ اسلم خفاف“ (خفاف مسلمان ٿي ويو) جي هاهاڪار مچي ويئي آهي. ان کانپوءِ بنو غفار جي اڪثريت اسلام ۾ داخل ٿي ويئي. هو جماعت جي نماز پڙهڻ لڳا. ايماء بن رخصه هنن جي امامت ڪندو هو [23]. قبيلي جا باقي رهيل افراد به ابوذر رضه جي تبليغ کان متاثر ٿيا. پر هنن هجرت کانپوءِ مديني ۾ پاڻ ڪريمن جي روبرو اسلام قبول ڪيو [24].

ابوذر رضي الله عنه جي تبليغ کان سندن ڀرسان رهندڙ قبيلو ابواسلام پڻ متاثر ٿيو ۽ هو جڏهن مديني ۾ دربار رسالت ۾ پهتا ته چيائون:

”اسان اهو اسلام قبول ڪريون ٿا، جيڪو اسنا جي بنو غفار وارن ڀائرن قبول ڪيو آهي.“

عسفان ۾:

پنهنجي قبيلي کان مطمئن ٿيڻ کانپوءِ ابوذر رضي الله عنه ٻين آسپاس جي بستين ڏانهن متوجهه ٿيو. مڪي ۾ قريشن هن سان جيڪا عقوبت ڪئي هئي، تنهن کان ته هو واقف هو. هن رسول ڪريم ﷺ جن کان موڪلائڻ وقت کين چيو هو ته هنن مون سان جيڪا تعدي ڪئي آهي، تنهن جو آءٌ کانئن وير وٺندس [25]. هن کي وقت به وقت اِهي خبرون پڻ ملي رهيون هيون ته قريش رسول ۽ سندن اصحابن تي ڪهڙيءَ طرح ظلم ۽ ستم ڪري رهيا هئا. ان ڪري هن عسفان ۾ اچي ديرا دمايا، جيڪو قريشن جي تجارتي شاهراهه تي واقع هو. اُتي هن اسلام جي تبليغ شروع ڪئي. ازانسواءِ قريشن جي قافلن تي وقت بوقت حملا ڪري کين خوفزده ڪندو رهندو هو. رسول ڪريم ﷺ جن جي هجرت تائين هو اُتي ئي رهيو [26].

هجرت ۽ جهاد:

رسول ڪريم ﷺ جن کان موڪلائڻ وقت ابوذر رضه عرض ڪيو هو [27].

”آءٌ پنهنجي اهل عيال ڏانهن موٽي وڃان ٿو. آءٌ ڏسي رهيو آهيان ته اوهان جي قوم (قريش) اوهان جي خلاف متحد آهي. مون کي انهي ڏينهن جو انتظار رهندو، جڏهن هنن سان جنگ جو حڪم ملندو. ان وقت آءٌ اوهان سان وري اچي ملندس.“

نبوت جي تيرهين سال رسول ﷺ مديني ڏانهن هجرت فرمائي. پر ابوذر رضه پنهنجين تبليغي ۽ تحريڪي سرگرمين ۾ مشغول رهيو. ان وچ ۾ بدر، اُحد ۽ خندق جون لڙايون گذري ويون. هاڻي جهاد جي شوق هن کي پنهنجي بستيءَ ۾ رهڻ نه ڏنو ۽ اتان هجرت ڪري مديني ۾ رسالت پناهه جي حضور ۾ وڃي پهتو. ان کان پوءِ هو هر جهاد ۾

رسول ﷺ جو هم رڪاب رهيو.

ڇهين هجري سال ۾ غطفان جي ڌاڙيلن، عيينه بن حصن جي سرڪردگيءَ ۾ مديني جي ٻاهران رسول الله ﷺ جن جي چراگاه تي حملو ڪيو. ان وقت ابوذر رضه ۽ سندس عيال ان چراگاهه ۾ پاڻ ڪريمن جي ڏاچين جي وڳ ۾ رهيل هئا. حمله آور ابوذر رضه جي پٽ کي شهيد ڪيو ۽ سندس گهر واريءَ کي قيد ڪري کڻي ويا.

هو پاڻي اُٺين جا ڏاوڻ کولي رهيو هو ۽ فجر جي منهن ــــ اونداه ۾ هنن جي نظر نه چڙهيو. جيئن ئي اها خبر مديني پهتي ته رسول الله ﷺ ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو. مديني جا انصار گهوڙن ۽ اُٺن تي نڪري پيا. جليل القدر اصحابي ۽ رسول الله ﷺ جو شهسوار مقداد بن اسود رضه چوندو هو ته ان واقعي واري رات منهنجو گهوڙو زمين ۾ سنب هڻندو ۽ هڻڪارون ڪندو پئي رهيو. مون باربار اُٿي ڏٺو ته هن کي داڻي پاڻي جي طلب نه هئي. مون دل ۾ سوچيو ته ڪو واقعو ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري فجر مهل مٿس سنج رکي ڇڏيم. صبح جو جيئن ئي ڌاڙي جي خبر پيئي ۽ رسول خدا ﷺ جو مدد لاءِ آواز گونجيو، تيئن آءٌ گهوڙي کي سِراڙي ۾ کڻي وڃي، ڌاڙيلن کي پهتس [28]. انصاري شهسوار ابوقتاده رضه جو گهڙو به هڻڪارون ٻُڌي ڇنائڻ لڳو. ابوقتاده رضي الله عنه جي ڪن تي پاڻ ڪريمن جو اهو آواز پهتو ته ”جنگ لاءِ نڪرو ــــ نڪرو“، ته هو ان وقت گهر ۾ مٿو ڌوئي رهيو هو. اهو اڌ ۾ ڇڏي گهوڙي جي پشت تي ويٺو ۽ مقداد رضه کي وڃي پهتو. ان طرح اصحابي ڪن ڌاڙيلن تائين پهچي ويا ۽ ابوذر رضه جي گهر واري ۽ ڏهه ڏاچيون هنن کان ڇڏائي ورتائون ۽ باقي ڏهه ڏاچيون ڪاهي هو پري نڪري ويا. فتح مڪي واري لشڪر ۾ بنو غفار جا ٽي سو مجاهد شامل هئا ۽ هنن جو علم ابوذر غفاري رضي الله عنه جي هٿ ۾ هو [29]. ساڳيءَ طرح حنين واري معرڪي ۾ به بنو غفار جو جهنڊو ابوذر رضي الله عنه کي عطا ڪيو ويو [30].

رسول الله ﷺ کي مديني عاليه ۾ اهڙا اطلاع پهتا ته رومين جو شهنشاهه مديني تي حملو ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر جرار تيار ڪري رهيو آهي. هو شام جي عرب قبيلن کي پڻ اُڀاري رهيو آهي. ٻنهي جهانن جي سردار رومين سان سندن ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ شام تي چڙهائيءَ جو حڪم ڏنو. سخت گرميءَ جي موسم هئي ۽ هڪ هزار ميلن جو ڊگهو سفر هو. ابوذر غفاري رضي الله عنه سفر جو سامان ٻڌي پنهنجي اُٺ تي رکيو، پر اُٺ اهڙو ته ٿڪل ۽ ڏٻرو هو، جو هڪ پير به اڳتي نٿي کنيائي. ان ڪري هو پوئتي رهجي ويو. ابوذر رضه اُٺ جي خدمت ۾ جنبي ويو. ڪجهه کل سائي ڪيائين ته هو تبوڪ ڏانهن روانو ٿيو. چند منزلن ڪڍڻ کان پوءِ ڏاگهو وري ٿڪي پيو ۽ هڪ هنڌ گوڏا کوڙي ويهي رهيو. هاڻي ابوذر رضي الله عنه اُٺ تان آهو پلي پنهنجو سامان پُٺن تي ٻَڌو ۽ اڪيلي سر شديد گرميءَ ۾ سوين ميل ڊگهو سفر بار سميت طئه ڪري، سخت اُڃ، بک ۽ پريشان حالت ۾ اسلامي ڪئمپ کي وڃي ويجهو پيو. لشڪر وارن پري کان ريگستان ۾ ٻنپهرن جي نٽهڻ اُس ۾ هڪ ڪارو ٽٻڪو ڏٺو. رسول ڪريم ﷺ جن کي ٻڌايائون ته ڪو پيادو اڪيلي سر مديني جي طرف کان اچي رهيو آهي. پاڻ ڪريمن فرمايو: ”کن ابا ذر“ (اهو ابوذر رضي هوندو). جڏهن ويجهو آيو ته ماڻهن کيس سڃاتو ۽ رسالت مآب کي اطلاع ڏنائون ته اهو پيادل ابوذر رضه آهي، ان تي ٻنهي جهانن جي ڪارڻيءَ هيءُ عجيب ڪلام ارشاد فرمايو [31]:

”رَحَم الله اَباذَر ـــ يمشي وَحَدَهَ وَ يَموٿُ وَحَده و يُبعَث وَحَده.“

(ترجمو: ”ابوذر تي خدا جي رحمت هجي، هو اڪيلو هلندو، اڪيلو مرندو ۽ قيامت جي ڏينهن سندس حشر اڪيلو ٿيندو.“)

آئنده جي واقعات ثابت ڪيو ته پاڻ ڪريمن جون ٻه پيشنگويون حرف ۾ حرف سچ ثابت ٿيون، ٽين به يقيناً قيامت جي روز سچ ثابت ٿيندي.

رسول ڪريم ﷺ جو قرب:

مديني ۾ گهڻو ڪري هر وقت ٻنهي جهانن جي سردار جي خدمت ۾ ڪمبرسته رهندو هو. رات جو پاڻ ڪريم آرام فرمائيندا هئا ته ابوذر رضه به مسجد ۾ ليٽي پوندو هو [32]. هو رسول الله ﷺ جن کان دين جي مصلحتن ۽ معرفت الاهي بابت سوال ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو هو ۽ حضور ﷺ جي هن کي ڪيترن ئي رازن کان واقف ڪيو.

امام احمد بن حنبل خود ابوذر رضي الله عنه جي واتان بيان ڪيل روايت نقل ڪري ٿو [33]: ”هڪ رات آءٌ مسجد نبوي ۾ ستل هوس. منهنجي خليل [34] مون کي پنهنجي مبارڪ پير جي اشاري سان جاڳايو. آءٌ اٿي ويٺس ته مون کي چيائين: ”ٻڌاءِ ته جڏهن توکي هن مسجد مان لوڌيو ويندو تڏهن تون ڇا ڪندين؟“

مون (ابوذر رضه) جواب ڏنو، ”آءٌ وري به ان مسجد ۾ موٽي ايندس.“ فرمايائون: ”جي وري به توکي ڪڍيو ويو ته پوءِ؟“

مون جواب ڏنو: ”آقا! اوهان جي مسجد مان جيڪو به مون کي ڪڍندو، تنهن سان جنگ ڪندس.“ منهنجو اهو جواب ٻڌڻ تي ٻنهي جهانن جي وسيلي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ارشاد فرمايو: ”نه ابوذر! نه! بلڪ ائين ڪندڙن کي معاف ڪري ڇڏج. جيڏانهن به هو توکي ڪاهين تون اوڏانهن وڃج. جيڪڏهن ڪو ڪارو ٻانهو توتي امير بنجي ڪو حڪم ڏئي ته ان جي اطاعت ڪج.“

ابوذر غفاري رضي الله عنه هيءَ حديث بيان ڪري، پوءِ چوندو هو ته رسول الله ﷺ جي وصال کان ويهه سال پوءِ عثماني خلافت ۾ مون کي مديني مان ڪڍي ربذه ڏانهن روانو ڪيو ويو. اتي پهتس ته ڏٺم ته هڪ حبشي ٻانهو نماز جي امامت ڪري رهيو هو. هو بيت المال جي اٺن ۽ گهوڙن جي سنڀال لاءِ اتي مقرر ڪيل هو. مون کي ڏٺائين ته هڪدم پوئتي هٽيو ۽ چيائين: ”اوهان نماز پڙهايو“ مون کي منهنجي آقا جو حڪم ياد هو. ان ڪري کيس چيم ته ”آءٌ رسول الله ﷺ جي امر جي اطاعت ڪندي، تنهنجي پوئتان نماز پڙهندس.“

هڪ ڀيري هو پاڻ ڪريمن سان گڏ وڃي رهيو هو ته حضور ﷺ جن ٽي دفعا هيءَ جملو ارشاد فرمايو: ”دجال کان علاوه به هڪ گروه آهي جنهن بابت مون کي خوف آهي ته هو منهنجي اُمت کي هلاڪت ۾ وجهندا.“

 ابوذر رضه خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. آخر سوال ڪيائين: ”يا رسول اللهﷺ اُهي ڪير آهن، جن کي اوهان دجال کان به وڌيڪ خطرناڪ سمجهو ٿا؟“

 فرمايائون: ”گمراه امام [35].“


[1] . الاستعياب ذڪر ابي ذر جندب بن جناده

[2] . ڪنزالعمال ذڪر جندب بن جناده.

[3] . ابن سعد جلد 40 ــ حصو پهريون ص 123.

[4] .ابن سعد جلد 4 ـــ حصو 1، ص 123.

[5] . حليہ الاولياء جلد 1، ص 175.

[6] . ابن سعد جلد 4، حصو 1، ص 161.

[7] . ابن سعد جلد 4 ـــ ص 162.

[8] . اسد الغابه جلد 5 ـــ ص 187 ـــ الاصابه جلد 4، ص 62.

[9] . اسدالغابه جلد 5، ص 187.

[10] . الاستعاب ذڪرابي ذر ــــ حلية الاولياء جلد 1.

[11] . الاصابه جلد 4 ـــ ص 63.

[12] . حلية الاولياء جلد 1 ـــ ص 157.

[13] . اسد الغابه ج 1، ص 301.

[14] . ابن سعد: ج 4، حصو 1، ص 163.

[15] . ايضاً

[16] . عربن جي ڏند ڪٿا مطابق اسٽاف نالي مرد. نائله نالي عورت سان ڪعبة الله اندر زيادتي ڪئي ته ديوتا ڏمر جي پيا ۽ هو پنڊ پهڻ ٿي ويا. جاهلي عربن اُنهن پهڻن جي پوڄا شروع ڪري ڏني.

[17] . السيرة الحلبيه: ج، ص 452.

[18] . الاستيعاب ذڪر ابي ذر.

[19] . ابن سعد: ج 4، حصو 1، ص 162.

[20] . ابن سعد: ج، ص 165.

[21] . اسد الغابه ج 1، ص 301.

[22] . ابن سعد: ج 4، حصو 1، ص 163.

[23] . ابن سعد ج 4، حصو 1، ص 163.

[24] . ايضاً

[25] . ابن سعد: ج4، حصو 1، ص 164.

[26] . ايضاً.

[27] . ابن سعد: ج 4، حصو 1، ص 163.

[28] . المغازي ـــ واقدي: ج 2، ص 538.

[29] . المغازي ـــ واقدي: ج 2، ص 819.

[30] . المغازي ـــ واقدي : ج 3، ص 896.

[31] . سيرت ابن حشام ج 5، ص 167.

[32] . مسند احمد بن حنبل: ج 5، 144.

[33] . ايضاً

[34] . خليل جي معنيٰ آهي پيارو يا محبوب. ابوذر رضه حضور ﷺ جن جو ذڪر ڪندو هو ته سندن نالو مبارڪ نه وٺندو هو ۽ چوندو هو ”منهنجي خليل هيئن فرمايو.“

[35] . مسند احمد بن حنبل ـــ ج 5، 145.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com