سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

 

صفحو :18

 

خط ۽ پيغام

 

[جسٽس سيد ديدار علي شاهه ۽ جسٽس راڻا ڀڳوانداس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا جج آهن. کين علم ۽ ادب سان گهري دلچسپي آهي. مسٽر غلام رباني آگرو، گذريل دفعي جڏهن اسلام آباد ليڪچر ڏيڻ ويو هو، تڏهن ٻئي ڄڻا نه فقط سندس ليڪچر ٻڌڻ آيا، پر، ٻئي ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾، سندس مانَ ۾، پُرتڪلف ”لنچ“ ڏنائون، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جا الاهي جج شريڪ ٿيا.

هنن ٻنهي صاحبن آگري صاحب جي چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي،کيس قربائتا خط لکيا آهن، جي اداري جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ ۾ سندن دلچسپيءَ جو ثبوت آهن. ـــ ادارو]

 

محترم آگرا صاحب

السلام عليڪم: اميد ته خوش و خرم هوندا.

سنڌ سرڪار، اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو آهي، جنهن لاءِ دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ترقي ۽ فلاح و بهبود لاءِ اوهان جي ڪيل ڪاوشن کي ڪوبه صاحب عِلم بي خبر ڪونه آهي. دراصل، الله تعاليٰ جي فصل و ڪرم سان، توهان شروع کان وٺي شاگرد تنظيمن ۾ رهي ڪري، سنڌ جي سادن، سٻاجهڙن ۽ قربدار ماڻهن جي وس آهر خدمت ڪئي آهي. لکڻ پڙهڻ جي شعبي جي مهارت هجڻ ڪري، سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ٿي رهيا آهيو. توهان جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. تاريخ ۾ هميشه زنده رهنديون.

پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس جو ڊئريڪٽر جنرل (۽ پوءِ چيئرمن) وار زماني ۾ به توهان نيڪنامي ۽ شهرت حاصل ڪئي، ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو، ته سنڌي اديب ڪنهن کان به گهٽ ڪونه آهن.

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر جي حيثيت ۾ به اوهان پنهنجين خداداد صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ اُتي به مقابلو ڪندڙ اميدوارن مان لائق ۽ اَهَلُ ماڻهو (معيار تي پورا اُترندڙ) منتخب ڪيا. بلاشبه، اوهان ڪميشن ۾ سٺو نالو، عزت ۽ مقام ڇڏيو. شاهه سائينءَ آخر بي سبب ته ڪونه چيو هوندو:

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻن چيئرمن صاحبن لسٽ تي نظر وجهبي (ته معلوم ٿيندو ته) اُن منصب تي اڳي اهل علم، قابلَ ۽ مڃيلَ منتظمَ رهيا آهن: مثلاً آغا غلام نبي پٺاڻ، قاضي محمد اڪبر، مرحوم جي. ايم. سيد، مرحوم خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ مرحوم مخدوم طالب الموليٰ. انهن قابل احترام شخصن هن اداري جي آبياري ڪئي.

مان خدا تعاليٰ جي حضور دست به دعا آهيان ته الله تعاليٰ توهان کي سنڌ جي هن بي بها علم ۽ ادب جي خزاني جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ته جيئن سنڌي ٻولي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ چڱو مقام حاصل ڪري. شال، انهيءَ خدمت جي مهابي، توهان هن دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿيو آمين.

مسٽر غلام رباني آگرو،

چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،

حيدرآباد، سنڌ.                               دعائن سان

 

جسٽس سيد ديدار حسن شاهه

  

منهنجا پيارا غلام رباني،

سنڌي اخبار وسيلي اِهو معلوم ڪري انتهائي مسرت ٿي ته حڪومت اوهان کي هاڻي سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو آهي. اهو ’انتخاب‘ اوهان جي دل ۽ دماغ جي صلاحيتن جو اعترافُ آهي.

اوهان کي مبارڪ ڏيندي، ڌڻيءَ جي در دعاگو آهيان ته خداتعاليٰ اوهان کي توفيق ڏئي، جو پنهنجي منصب جون ذميواريون، پنهنجين صلاحيتن پٽاندر نڀائي سگهو ۽ ڪنهن به پاسخاطريءَ ۽ دٻاءَ کي خيال ۾ نه آڻيو.

قربن سان،

جسٽس راڻا ڀڳوان داس

مسٽر غلام رباني آگرو

چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،

حيدرآباد سنڌ

 

[سيد واجد علي شاهه ملڪ جي ممتاز ”اداره ثقافت اسلاميه لاهور“ جي بورڊ آف گورنرس جو اعزازي چيئرمن آهي. جيڪو ملڪ جي مڙني ادبي ادارن ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. پير سائين حسام الدين شاهه راشدي اُن جي علمي ڪم جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو.

اداري جو چيئرمن، سيد واجد علي شاهه، سيد مراتب علي شاهه جو فرزند آهي. هي خاندان ملڪ جي ٻاويهن امير تيرن گهراڻن ۾ شمار ٿئي ٿو۽ گهڻائي خير جا ڪم ڪري ٿو: مثلاً، ”اداره ثقافت اسلاميه، لاهور“ کي گورنمينٽ کان گرانٽ ملندي آهي، پر، سيد واجد علي شاهه پاڻ به خاص موقعن تي هڙئون وڙئون اداري جي مالي مدد ڪندورهندو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ، سيد بابر علي شاهه، جيڪو ڪجهه عرصو حڪومت پاڪستان جو مالي وزير به رهيو آهي، سو، علم ۽ ادب جو ڏاڍو شوقين آهي. هو ملڪ جي وڏيءَ ۾ وڏيءَ پرنٽنگ پريس، پئڪيجز لميٽيڊ جو مالڪ آهي. پنهنجي هڙان وڙان پئسا خرچ ڪري پنجاب جي سمورن صوفي شاعرن جو ڪلام اهڙيءَ ته نفاست سان ڇپايو اٿس، جنهن جو ڪو مثال ئي ڪونهي! لاهور ۾ ”گلاب ديوي اسپتال“ ۽ ڪراچيءَ م ”لياقت نيشنل اسپتال“ به هن خاندان جي سرپستيءَ هيٺ هلي رهيون آهن. ازنسواءِ سيد واجد علي شاهه ”هلال احمر پاڪستان“ جو به پريزيڊنٽ آهي. سنڌ ۾ به ڪو سکيو ستابو خاندان اهڙا خير جا ڪم ڪري، ته ڏاڍو سٺو. ڪي سنڌي خاندان ارب پتي نه به هجن، پر، خدا جي فضل سان ڪروڙ پتي ضرور آهن.

سيد وجد علي شاهه قائداعظم جي قريبي ساٿين مان آهي. سر سلطان محمد شاهه آغا خان سان به، سندس توڙي وڏي ڀاڻس، سيد امجد علي شاهه جو رستو هوندو هو. سيد امجد علي شاهه ايوب خان جي ڏينهن ۾ ملڪ جو مالي وزير هوندو هو. پر، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، هن 1936ع ۾ ”سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ“ واريءَ تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن جو غلام رباني آگري ”مهراڻ“ رسالي ۾ پنهنجي تازي هڪ مضمون ۾ ذڪر ڪيو هو. سيد واجد علي شاهه جي هن خط ۾ مهراڻ جي ”دلچسپ مواد“ جو ذڪر انهيءَ ئي ڳالهه ڏانهن اشارو آهي. ـــ ادارو]

 SADAF

1-F.C.C. GULBERG

LAHORE

September 3, 2002

پيارا آگرا صاحب،

مون کي اوهان جو تاريخ 12 آگسٽ وارو خط مليو آهي، جنهن ۾ اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مقرر ڪرڻ واري خوشخبري ڏنل آهي. منهنجون دلي مبارڪون!

مون کي خاطري آهي ته اوهان پنهنجي دل ۽ دماغ جي صلاحيتن سان بورڊ کي ڀرپور ترقي ڏياري ۽ بلندين تي پهچائيندا.

”مهراڻ“ جو پرچو مليو اٿم، جنهن ۾ پڙهڻ جو ”دلچسپ مواد“ آهي.

قربن سان،

سيد واجد علي

مسٽر غلام رباني آگرو

چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،

حيدرآباد، سنڌ

[سائين علي مير شاهه، علم و ادب جي حوالي سان اهم نالو آهي. هو شاهه ڀٽائي رحمة الله عليہ جي راڳ جو ايڏو ته عميق علم رکي ٿو، جو مير تقي مير جي هيءَ مصرع سندس قول تي حرف بحرف صادق اچي ٿي ته: ’مستند هي ميرا فرمايا هوا‘

شاهه صاحب مهمان نواز، طبيعت ۽ دلنواز دوست آهي. ڪجهه عرصو عليل هو، پر هاڻي خدا جي فضل سان لڪُ لنگهي ويو آهي. اسان سندن عمردراز ۽ صحتيابيءَ لاءِ ڌڻيءَ جي در دعاگو آهيون. ـــ ادارو]

 

باسمہ تعاليٰ

ALI MIR SHAH

Joona, Distt Badin                      14- A/D, Latifabad-6.

  HYDERABAD

 

مڪرمي و عزيزي آگرا صاحب

اسلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہ

اوهان جي خط نمبر SAB-375 مورخه 5-9-2002ع جي جواب ۾ عرض ته حضرت ابوذرغفاري رضي الله عنہ تي پنهنجي مضمون جا پروف نظر مان ڪڍي اُماڻيان ٿو.

تازيءَ بيماريءَ سبب هئنڊ رائيٽنگ (Hand-writing) گهڻو متاثر ٿي آهي. اِنهيءَ هوندي به پنهنجن هٿن سان لکڻ کي ترجيح ڏنم. مضمون جي نوعيت جي پيش نظر، مون خود اُن کي ڏٺو ۽ پاڻ درستيون ڪيون اٿم، چُڪون تمام گهٽ آهن.

مئڊم حميده کهڙو ۽ اوهان سميت، ٻين صاحبن جي حُسنِ ظن لاءِ ٿورائتو آهيان،

والسلام

نيازمند

علي مير شاهه

جناب غلام رباني آگرو

چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد


 

Syed Murtaza Dadahi.

Tando Allahyar

محترم غلام رباني آگرا

السلام عليڪم

اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جهڙي اعليٰ علمي، ادبي ۽ ثقافتي اداري جي مانائتي منصب ماڻڻ تي منهنجون دلي مبارڪون.

اميد آهي ته اوهان پنهنجي وس ۽ وسيلن آهر ادبي بورڊ کي سڌارڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ وسئون ڪين گهٽائيندا. دعاگو آهيان، ته الله سائين اوهان کي انهن نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري ۽ خوش رکي (آمين).

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

ٽنڊو الهيار

* * * *

[ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سنڌ جو مايه ناز محقق آهي. سندس سمورا تحقيقي مضمون سنڌي ادب جا سونهري ورق آهن. بورڊ جي هڪ اڳوڻي چيئرمن ۽ سنڌ جي ممتاز عالم علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ هڪ دفعي سندس ذڪر ڪندي چيو ته ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي خانداني احوال تي، قريشي صاحب جي تحقيق هڪ نهايت قابل تعريف ڪارنامو آهي.“ قريشي صاحب هن وقت گوشهء تنهائيءَ ۾ وقت گذاري رهيو آهي. پر قلم ۽ ڪتاب سان سندس رشتو اڳي وانگر قائم آهي. ــــ ادارو]

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

ايم.اي. پي. ايڇ. ڊي

 

محترم غلام رباني آگرا صاحب،

السلام عليڪم

اوهان جو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن جي عهدي تي فائز ٿيڻ جو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. اسان لاءِ انهيءَ منصب تي اوهان جو تقرر فخر جو باعث آهي. منهنجون مبارڪون قبولڪندا.

الله تعاليٰ جي در دعاگو آهيان ته رب پاڪ اوهان کي هميشه خوش رکي ۽ اوهان کي زندگيءَ ۾ هميشه سرفراز ۽ ڪامران فرمائي. آمين.

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

نوابشاهه

 

سائين رباني صاحب،

اسلام عليڪم

احوال ته اخبارن ۾ توهان جي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن ٿيڻ جو پڙهي، ڏاڍي خوشي ٿي. دعا آهي ته سنڌ جو هيءُ تاريخي ادارو توهان جي سربراهيءَ ۾ اڳي کان به وڌيڪ ترقي ڪري!

ريڊيو پاڪستان،                           نيڪ تمنائن سان،

خيرپور ميرس                              انور کٽياڻ

15-8-2002ع


 

محترم و مڪرم غلام رباني صاحب

السلام عليڪم:

اوهان مون سان ڳالهه ڪانه ڪئي. پر، هت لاهور ۾ مون کي اها خوشخبري ملي، ته ان جي تصديق پشاور مان ڪيم. اوهان کي ڪيئن ٻڌايان ته ڪيڏي خوشي ٿيم!

بلاشبه، سنڌ سرڪار سياڻپ جو ڪم ڪري، اوهان جهڙي تجريبڪار ۽ علمي ۽ فڪري طرح توانا شخصيت کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو آهي. مون کي پوري پوري اميد آهي ته جيئن اوهان پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ قومي ۽ صوبائي ٻولين جي ادب جي ترقيءَ ۾ ’قومي يڪجهتي‘ لاءِ مثبت قدم کنيا هئا، تيئن هاڻي سنڌي ادبي بورڊ ۾ به ساڳئي نيڪ مقصد لاءِ ڪم ڪندا.

اوهان تاجڪستان جي اديبن جي اسلام آباد ۾ ميزباني ڪئي هئي ۽ جسٽس جاويد اقبال کي سندن پارت ڪري کين لاهور به موڪليو هو. اوهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته خدا جي فضل سان تاجڪ زبان ۾ علامه اقبال جو ڪلام ترجمو مڪمل ٿي ويو آهي. مون به ان ۾ دل لائي محنت ڪئي آهي.

انشاء الله هاڻي پاڻ ٻئي ڄڻا گڏجي علامه اقبال ۽ پاڪستان جي صوبائي ٻولين جي عظيم شاعرن شاهه ڀٽائيءَ، وارث شاهه، ڄام درڪ ۽ خوشال خان خٽڪ جي ڪلام ۽ پيغام کي دنيا جي ٻين ملڪن ۽ قومن ۾ ڦهلائڻ جي گڏجي ڪوشش ڪنداسين. ـــ ـــ دعائون ۽ سلام

محمد سهيل عمر،

ڊئريڪٽر

اقبال ايڪيڊمي، لاهور

 

Muhammad Mallok Unar

Social Worker & Member:

Human Rights Commission of Pakistan

 

محترم غلام رباني آگرا صاحب،

اوهان تي سلامتي هجي!

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

دعا آهي ته شل رب تعاليٰ اوهان کي تندرستي ۽ ڊگهي ڄمار بخشي ته جيئن علم و ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندا رهو. ـــ ـــ مولا اوهان کي هميشه خوش ۽ آباد رکي. دعائون ۽ سلام،

محمد ملوڪ اُنڙ

حيدرآباد

 

محترم جناب غلام رباني صاحب

السلام عليڪم: مهراڻ مليو خبر پڙهي، بيحد خوشي ٿي ته اوهان کي خدا جي فضل سان چيئرمن جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. مان ”پراڻ“ جي پٽن ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي ۽ غير سرڪاري رضاڪار سماجي تنظيمن (NGOs) پاران ۽ پنهنجي دوستن طرفان دل جي گهراين سان اوهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو.

سنڌ جي سڄڻن اوهان کي مبارڪباد جي خطن ۾ چڱا لفظ لکيا آهن، تن جا توهان واقعي مستحق آهيو. اميد ته ماضيءَ وانگر هاڻي به سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ مؤثر قدم کڻي، سنڌ جي ماڻهن کي نئين صديءَ سان روشناس ڪرائيندا. اسان جي حوالي ڪابه ذميواري رکندا، ته اُنهيءَ کي اکين تي رکبو.

هِتِ محترم محمد ابراهيم جويي صاحب جي ادبي خدمتن جو ذڪر نه ڪرڻ به پنهنجن سان ناانصافي ڪرڻ جي برابر ٿيندو. زندگيءَ جو هڪ طويل سفر ادب جي خدمت ۾ گذاريو آهي. کيس سنڌ ڌرتيءَ جيءَ ۾ جايون ڏيندي. اسان محب وطن سڀ سنڌي باشندا کيس وڏيءَ عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. دعا آهي ته کيس الله تبارڪ و تعاليٰ وڏي ڄمار ۽ تندرستي ڏئي! زياده خير والسلام

خير محمد ڏاهري

ڊگهڙي

 

سائين، رباني صاحب

توهان قرب ڪري پنهنجي تنصيف ”سنڌ جا بر بحر ۽ پهاڙ“ موڪلي آهي. اوهان هي ڪتاب موڪلي، توهان مون تي تمام وڏي عنايت ڪئي آهي ۽ ايڏو وَڙُ ڪيو اَٿوَ. سائين منهنجا، سچ پڇو ته توهان جهڙائي مٺا ماڻهو، اهڙي موٽ ڏيندا آهن. توهان جي هن احسان کي ياد ڪندو رهندس.

حيدر سنڌي

اسلام آباد

 

ڊاڪٽر ايم اي قاضي، انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري

محترم سائين آگرا صاحب

اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن جي عهدي تي تقرر ۾ مبارڪباد ڏيڻ ۾ تاخير ٿي اٿم. منهنجيءَ نماڻيءَ راءِ موجب اوهان اديب، عالم، محقق ۽ مفڪر آهيو، علمي ۽ ادبي ادارن جو وڏو تجربو رکو ٿا ۽ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي حالتن جو اونهو اڀياس ڪيو اٿو. ملڪ جي گهڻن ئي اهم قومي ۽ صوبائي ادارن سان قريبي لڳ لاڳاپا رکو ٿا. سو، اسان سنڌ جي باشندن کي بجا طور اميد آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي ترقي جي راهه ۾ مشڪلاتون دور ڪري، ان کي اوج تي رسائيندا. ـــ ـــ دعا آهي ته رب پاڪ اوهان کي اها توفيق ۽ وڏي عمر ڏئي! آمين.

ظفر الله ٽانوري

 جناب محترم آگرا صاحب

اسلام عليڪم:

خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جون ذميواريون توهان جي حوالي ڪيون ويون آهن. علمي ادبي خدمتن جي حوالي سان اوهان جو هڪ مڃيل مقام آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ته اوهان جي جيتري دلچسپي آهي. اوتري ٻئي ڪنهن جي مشڪل هوندي. سو، اميد ته توهان ان جي خدمت ۾ وسان ڪونه گهٽائيندا، رب پاڪ اوهان کي ڪامياب ڪندو.

مهراڻ، سرتيون،گل ڦل سنڌي ادبيدنيا ۾ انتهائي اهم رسالا آهن، انهن جو وقت تي شايع ٿيڻ ڏاڍو ضروري آهي. اميد آهي ته ٽنهي رسالن جا محترم ايڊيٽر صاحبان پنهنجا پنهنجا رسالا وقت تي شايع ڪرڻ جي پڙهندڙن اڳيان پنهنجي ذميواري محسوس ڪندا. اميد ته خوش باش هوندا.

والسلام

جوهر بروهي

فريد آباد، ميهڙ، ضلعو دادو

[انشاء الله، ”مهراڻ“ ۽ ”سرتيون“ رسالا ايندڙ سال جي پهرئين پرچي کان پنهنجي پنهنجي مقرر مدي ۾ نڪرندا ۽ ٻارڙن جو رسالو ”گل ڦل“ هن پرچي کان پوءِ هر مهيني شايع ٿيندو. ـــ ادارو]

 

مانوارا سائين، غلام رباني آگرا

السلام عليڪم: جيون ڀر هڪ دفعو توهان سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو هو ۽ روح تائين ڳڱ ٿي ويس. توهان مصروف ۽ تڪڙا به هئا، پر، انهيءَ هوندي به توهان جيڪا عزت افزائي ڪئي، سا مون کان اصل ڪانه ٿي وسري. اوهان ايڏي پيار ۽ پاٻوهه سان سواگت ڪيو هو، نه ته هاڻي هن نفسا نفسيءَ جي دؤر ۾، هر آس نراس ۾ مروٽجي مري ويئي آهي ۽ هر حسرت کي غربت ۽ ڪنگال راڪاس ڪرٽي کائي ڇڏيو آهي. مان به في الحال رڳو پنهنجن بچن کي پيرن تي بيهارڻ ۾ پريشان آهيان. اميد اٿم، ته توهان به منهنجي سهائتا ڪندا: مون ٻڏندڙ کي آشائن جي درياءَ ۾ ڪو آٿت ڀريو وڻ جي پاڙ يا پن ڏيئي، تاري پار ڪندا.

کيم چند شرما

ٽنڊو محمد خان

Qazi Muhammad Azam. G. Qureshi

 B.Sc, M.A, L.L.B, D.H.M.S

مڪرم ۽ معظم، مشفق ۽ شفيق جناب غلام رباني آگرا صاحب

السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہ خيريت طرفين مطلوب:

اوهان جي نين ذميدارين بطور ”چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ“، مقرريءَ تي انتهائي خوشي ٿي! دعا آهي ته بورڊ کي ساڳئي اڳين عروج تي آڻيندا. اسان جون دعائون آهن. الله سائين اوهان جو مددگار ٿيندو.

والسلام

قاضي محمد اعظم. جي. قريشي

هالا اولڊ

 Shababuddin A. Memon

    B.A, L.L.B.

ADVOCATE

 

محترم غلام رباني آگرو صاحب

السلام عليڪم

اميد آهي ته توهان بفضلہ تعاليٰ سموري ساٿ سان خوش و خرم هوندا. آمين. عرض ته مون ”بيبي فاطمه زهرا“ جي سيرت مبارڪ تي هڪ ڪتاب لکي ڇپرايو آهي. ڪتاب جي هڪ ڪاپي توهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان، توهان جي سڪ سدائين سيني ۾ سمايل رهي ٿي. بورڊ جو چيئرمن ٿيڻ جي مبارڪ. والسلام

شهاب الدين ميمڻ

شهدادپور

 

مڪرمي جناب غلام رباني آگرو صاحب

اسلام عليڪم

سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن ٿيڻ تي منهنجي دلي مبارڪباد.

اسلام آباد ۾، وزيراطلاعات، مسٽر نثار ميمڻ واري جلسي ۾ اوهان سان اوچتو ملاقات ڪري ڏاڍي خوشي ٿي. گذريل مجلسون ۽ محفلون ياد آيون. دعا آهي ته الله پاڪ زندگيءَ ۾ ڪامراني ۽ سرفراز ڪري. آمين.

پنهنجا تازا ڪتاب (1) بلوچستان آزادي کان پوءِ 1947ع کان 1997ع تائين (2) قائداعظم تحريڪ پاڪستان ۽ صحافتي محاذ (3) سيرت طيبه ﷺ جي رهنمائي 21 صدي ۾ اوهان کي تحقيق لاءِ موڪلي رهيو آهيان، جو اوهان کي به انهن مضمونن ۾ دلچسپي آهي، جواب جو منتظر رهندس.

ڪوئٽه ۾ سردي شروع ٿي وئي آهي. والسلام

انعام الحق کوثر، ڪوئٽه

 

محترم ايڊيٽر صاحب

السلام عليڪم:

مهران جي گذريل پرچي ۾ ”ايڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد ۽ صوبائي ادبي ادارا“ عنوان سان ايڊيٽوريل پڙهيم، جنهن ۾ “Lif-Time Acheivements Awards” جي پاليسيءَ ۾ ايڪيڊميءَ اهو رويو اختيار ڪيو آهي، ته پاڪستان جي سمورن صوبائي ٻولين جي ادبين ۽ شاعرن کي ان جو ڪوبه حق ڪونهي، ڇو ته صوبائي اديب ان جا لائق ڪونهن! صوبائي ٻولين جي اديبن سان ايڪيڊميءَ جي تعصب بابت ٻه ٽي وڌيڪ ڳالهيون لکي موڪليان ٿو، ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي حقيقتن جي خبر پوي.

اڄ کان ٽي سال اڳ صدر جنرل پرويز مشرف حڪومت جي ذميواري سنڀالڻ وقت پنهنجي ست نقاطي پروگرام ۾ ”صوبن ۾ احساس محرومي“ جي خاتمي جي عزم جو اعلان ڪيو هو. ظاهر آهي ته اِهو احساس محرومي نتيجو هو، انهن مفني پاليسين جو جيڪي اڳين حڪومتن ڪيا هئا، ۽ جن جي ڪري اڌ ملڪ ٽٽي ويو هو. سو، جنرل صاحب کي اُن جو ڀرپور احساس ٿيو. هن مثبت اعلان ڪيو، جنهن تي سمورن سرڪاري ادرن کي عمل ڪرڻ گهربو هو.

افسوس آهي ته ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد انهيءَ ’احساس محروميءَ‘ کي هيڪاري وڌائي رهي آهي. ايڪيڊميءَ لاهور جي هڪ “Tea-shop” کي لکن روپين جي امداد ڏني آهي، ڇو جو اُتي مقامي اديب چاءِ پيندا آهن ۽ گپ شپ ڪندا آهن، پر، سنڌ ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جهڙي فعال ۽ سڄي صوبي جي نمائندن ادبي تنظيم کي هڪ رُپئي جي به گرانٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو اٿس. ساڳئي وقت هيءَ به هڪ تلخ حقيقت آهي ته گذريل پنجاهه سالن ۾ بلوچستان مان ڪوبه اديب، ايڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي چيئرمن جي عهدي جي لائق ڪونه سمجهيو ويو آهي. ايڪيڊمي اردو زبان ۾ شعر ۽ نثر جي ڪتابن تي الڳ الڳ انعام ڏئي ٿي. پر، صوبائي ٻولين ۾ فقط هڪ انعام ڏئي ٿي، جيڪا سنئين سڌي ٻه ـــ اکيائيءَ واري پاليسي آهي.

”ايڪيڊمي آف ليٽرس“ جون بي انصافيون جنرل پرويز مشرف جي مذڪوره اعلان کان پوءِ به جاري آهن، ۽ انهيءَ سنڌي ۽ بلوچي اديبن ۾ احساس محروميءَ کي وڌايو آهي. حڪومت پاڪستان کي گذارش آهي ته صوبائي ٻولين سان انصاف ڪري.

رفيق احمد شيخ

شاهه لطيف يونيورسٽي

خيرپور ميرس

 

شوڪت خواجائي، سکر

 نئينگ وارو ڏندڪٿائي ڪردار ”لکمير ڪافر“ ڪير هو؟

 

سيوهڻ کان 30 ڪلو ميٽر اولهه طرف، ڀت جبل جي دامن ۾، نئينگ جو تاريخي ڳوٺ آهي. هن وقت ’مائي روهي‘ جي نالي سان سڄي ملڪ ۾ مشهور آهي، هي ڳوٺ لاهوت جي چوٿين منزل آهي ۽ هر نئون لاهوتي ”مائي روهي“ جي نالي تي روٽ پچائي هتي ورهائي ٿو. نئينگ ۾ ڏند ڪٿائي ادب جو وڏو ذخيرو موجود آهي. ”مائي روهي“ لاءِ چيو وڃي ٿو ته لکمير ڪافر جي ڀيڻ هئي، جيڪا مسلمان ٿي هئي. سندس ڀاءُ لکمير ڪافر هو ۽ ظالم بادشاهه هو. اها پڻ هڪ ڏند ڪٿا آهي ته حضرت علي صه هڪ پوڙهي عورت جي فرياد تي مديني کان نئينگ ۾ اچي، لکمير ڪافر سان جنگ ڪئي هئي. ڀت جبل ۾ ڪيترن ئي ميلن کان نظر ايندڙ اڇو گول نشان هن وقت موجود آهي، جنهن کي چون ٿا: ”علي سائينءَ جي تري.“

جيلاني سيدن جي مقبري جي ٻاهران ڇهه فوٽ اڀي پيل ـــ پٿر کي چون ”مائي روهي جو بت.“ قديم دور جي قلعي جي ٺهڻ لاءِ گڏ ڪيل پٿر کي ”ڪافر جون ڌيئرون“ يا  ”ڪافرن جون جهوليون“ چون ٿا. هڪ اسٽوپا نما چبوترو ”لکمير ڪافر جو تخت“ سڏجي ٿو ۽ آمري دور جي هڪ اتاهين دڙي کي ”لکمير جي ماڙي“ ڪوٺيندا آهن. لکمير ڪافر جي ماڙيءَ هن وقت تائين کوٽائي ڪانه ٿي آهي. هنيري ڪزنس پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾ ان جو ٿورو ذڪر ڪيو آهي. نئينگ جي تاريخ جو پهريون دفعو ذڪر يوسف ميرڪ 1044 هه ۾ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۾ ڪيو آهي.

نئينگ وارو علائقو اوائلي ارتقا واري دور سان واسطو رکي ٿو. هن علائقي ۾ ڪيترائي پراڻا دڙا يا ڪوٽ ۽ انهن جون قديم غارون ۽ لکين سال اڳ جا پنڊپهڻ موجود آهن. ڏند ڪٿائي ادب جا ماهر چون ٿا ته ڏند ڪٿائن جي پويان ڪجهه حقيقتون ضرور آهن. جيڪڏهن آثار قديمه وارا هتي اچي مواد گڏ ڪن، ته ڪجهه نه ڪجهه حقيقتون ظاهر ٿي پونديون. جيڪڏهن سائنسي انداز سان ڏند ڪٿائن تي کوجنا ڪجي، ته ’لکمير ڪافر‘ وارو قصو به چٽو ٿي پوندو ۽ ڏند ڪٿائي ادب مان تاريخ نڪري ايندي.

[روزانه ’ڪاوش‘ جي شڪريي سان]

نوٽ: اين، جي. مجمدارُ بنگالي هو. کيس ننڍپڻ کان پراڻا تاريخي ڪتاب پڙهڻ ۽ سڪن سڃاڻڻ جو شوق هو. وڏو ٿيو ته سرڪاري نوڪريءَ ۾ ويو ۽ سنڌ جي قديم آثارن موهن جي دڙي ۽ ٻين هنڌن تي کوٽائيءَ ۾، سرجان مارشل سان ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو. سنڌي ادبي بورڊ سندس هڪ ڪتاب جو ترجمو ”سنڌ ۾ قديم کنڊهرن جي کوٽائي“ نالي سان ڇپايو آهي، جنهن ۾ نئينگ جو هي ذڪر آهي:

نئينگ وٽ ٽڪري:

... ساڳئي رستي سان اڃا به ست ميل ڏکڻ طرف نئينگ نالي هڪ خوبصورت هنڌُ آهي. اوڀر طرف کان بڊي جبل جو وڪڙ اٿس ۽ اولهه طرف کان کيرٿر جو حصو ڀِٽَ آهي. ڳوٺ جو نالو ”نئن ـــ نئينگ“ تان پيو آهي، جنهن هن ماٿريءَ کي پنهنجي پاڻيءَ سان سائو ستابو علائقو بنائي ڇڏيو آهي. نئن نئينگ کان سواءِ هتي ٻيا ست جهرڻا به آهن، جيڪي بڊي جي برپٽ ۾ وهندا آهن، جن جابلو علائقي جي وچ ۾ هڪ خيابان بنائي ڇڏيو آهي. هن ايراضي کي آباد ڪندڙ مکيه ذريعو هڪ گرم جهرڻو آهي، جيڪو هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان وهي، ڪڙئي ڳوٺ جي ڀرسان وهي ٿو. جهرڻي جو پاڻي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان ڪرڻ وقت هڪ آبشار بنائي ٿو، جنهن جي مٿان ان پيهڻ واسطي هڪ جانڊه هنئي وئي آهي. نئينگ ۾ هڪ سؤ فوٽ اوچي ٽڪريءَ تي لڪشمير (لکمير) جي ماڙي آهي. جنهن جو ذڪر ڪيپٽن پريڊي جي سر بارٽل ڏانهن 1851ع ۾ لکيل خط ۾ ٿيل آهي. پر، اسان کان اڳ ۾ قديم آثارن جي ڪن ماهرن هن دڙي کي ڪونه تپاسيو هو.ٽامي جي دور سان لاڳاپيل ٺڪر جي ٿانون جا پرزا چوٽيءَ کان وٺي ٽڪريءَ جي تري تائين پکڙيل نظر اچن ٿا. ٽڪر جي لاهيءَ جي ڪيترين جڳهين تي وڏن پٿرن جا اتاهان ڍير پيل آهن. شايد اهي ڪنهن زماني ۾ اڏاوتن جي ڪم ايندا هوندا. ٽڪريءَ جي ڪناري سان، اص طور تي اوڀر طرف اهڙن پٿرن سان جوڙيل هڪ ڀت اڃا به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر اهو ٻڌائڻ ممڪن ڪونه آهي، ته اها ڀت ڪنهن پراڻي دور سان واسطو رکي ٿي يا ان جو ڪنهن تازي دور سان تعلق آهي. 18 صديءَ ۾ ڪنهن مير قلعي جي تعمير واسطي پٿر ڍورائي ڍير ڪرايا هئا. پر قلعي جي اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ هو وفات ڪري ويو. ماڻهن ۾ نئينگ ٽڪريءَ لاءِ اهو اثر ويٺل آهي، ته مٿس ڪنهن زماني ۾ قلعو يا ڪوٽ ضرور هوندو هو. پٿرن جي اڏاوت به انهيءَ حقيقت جي پٺڀرائي ڪري ٿي. ٽڪري جي پاسي ۾ پوريل ڍيرن اندر موجود پٿر جي ڀتين جي ثابتي به ملي آهي. علامتن مان اسان کي پوري پڪ ٿئي ٿي ته اها اڏاوت تاريخ کان اڳ واري ڪنهن دور سان واسطو رکي ٿي. اهڙيءَ اڏاوت کي اڄ به محسوس ڪري سگهجي ٿو. اسان پوريءَ پڪ سان چئي سگهون ٿا ته انهن ڍيرن اندر ڪوٺين ۽ وڏن ڪمرن جي ڀتين جا نشانَ اڄ به موجود آهن. سنڌ جي اولاهين ٻين ٽڪرين وانگر هتي به ٽڪريءَ جي لاهين تي، سهيوڳي دور وانگي، ماڻهن جي ٺهيل گهرن جي اڏاوتن جا نشان ملن ٿا. اسان کي نئينگ وٽ کوجنا ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو. ٿوري وقت جي تپاس ۾ اسان جو ڪجهه به مٿاڇري تان لڌو، ان تي اطمينان ڪيوسون. اسان کي اتان ڳاڙهي ٿانو تي ڪاريءَ چٽسالي وارا، سنڌ سڀيتا سان لاڳاپيل ٿانو ۽ پاساڙا مليا.

[مجمدارُ]

عظيم سنڌي، مورو

 

تاريخي ورثي کي بچايو!

 

سنڌ جي ڪلهوڙن حڪمران خاندان مان، ميان غلام ساهه ڪلهوڙو هاڪارو حڪمران هو، جنهن ’سنڌ جي وحدت‘ کي قائم ڪيو. ڀرپور عوامي حمايت حاصل ڪئي. افعانستان جي حاڪم احمد شاهه ابداليءَ ٻيو چارو ڪونه ڏسي، کيس ”شاهه وردي خان“ جو لقب ڏنو ۽ تحفا موڪليا.

ميان غلام شاهه پنهنجي حڪومت جون حدون ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل کان رڻ ڪڇ تائين وڌايون. افغان حڪومت ديوان گدو مل معرفت کيس خطاب ۽ پروانا موڪليا. پر، ميان غلام شاهه آهستي آهستي ڪري، افغان حڪومت طرفان مڙهيل ڍل به گهٽائي آڻي، فقط يارهن لکن تائين بيهاري ۽ آخر ۾ اها به بند ڪئي.

ميان غلام شاهه ته افغانستان تي به حملو ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. سردارن ۽ فوجن کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو هئائين، پر،اوچتو مٿس فالج جو حملو ٿيو. ڳالهائڻ کان محروم ٿي ويو. سندس شهزادي سرفراز تمام وڏا حاذق حڪيم علاج واسطي آندا. پر ميان غلام شاهه سان زندگي وفا نه ڪئي.

ميان غلام شاهه کي تعميرات جو تمام گهڻو شوق هو. پنهنجي بزرگن جي مقبرن سان گڏ، هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو روضو تعمير ڪرايو ۽ قلندر شهباز جي روضي جي مرامت جو ڪم ڪرايو. حيدرآباد ۾ ڪچي قلعي سان گڏ پڪو قلعو به تعمير ڪرايائين.

افسوس آهي ته اڄ خود سندس مقبرو زبون حاليءَ جو يادگار آهي. سنڌ جي ماڻهن جي هن حقيقت تي الائي ڪڏهن نظر پوندي؟

[26 ـــ آڪٽوبر 2002ع روزانه ’ڪاوش‘ جي شڪريي سان]

 

Balochi as Medium of Instructions demanded

                        By: Saleem Shahid

QUETTA, Aug 4: The Balochi Academy, Quetta, has demanded the introduction of Balochi language as a medium of instructions in primary schools.

A resolution in this regard adopted at the general body meeting held at the Balochi Academy on Sunday with its chairman Abdul Wahid Bandeeg in the chair.

The resolution demanded that the primary education be imparted to children in mother-tongue, alongwith English as a medium of communication with the outside world.

In another resolution it also demanded to increase the duration of Balochi programmes on PTV and Radio. The meeting aobserved that presently the time given to the Balochi language on Radio and PTV was not enough. The duration of the Balochi programmes should be doubled.

The meeting called upon the PTV and Radio authorities, to broadcast and telecast Balochi programmes for the Balochi speaking people residing in other provinces as well.

It specifically demanded the revival of the News in Balochi from the federal capital like all stations of the Radio Pakistan covering the entire country. It also called for intrducing programmes in Balochi language over FM 101.

In another resolution, the Balochi Academy Censured both the Radio Pakistan and PTV for producing programmes in Balochi language, which were not up to the mark and were substandard.There should be substantial improvement in Balochi programmes. It cited the discriminatory attitude towards Balochi language during theFolk show held in Quetta, in which only one artist of Bolochi language was given an award though Balochi in the major language of the province.

Another resolution urged upon both the federal as well as the provincial governments, to patronize the newspapers and periodicals in Balochi language by increasing the quantum of advertisements to periodicals and newspapers in Balochi. It said that at present, the policy of the provincial Information Departments is discriminatory towards Balochi newspapers and magazines.

A number of literary organizations are functioning in different parts of the country promoting Balochi language and cultrue. It is deplorable that the government, mainly the Ministries of Education and Culture or Academy of Letters are not assisting those institutions. It demanded that Balochi literary organizations and institutions be patronized and helped in a generous manner for promotion of Balochi language and culture.

Another resolution censured the Balochistan Text Book Board for producing substandard books devoid of local culture and traditions. It is distorting the local culture and traditions. It called upon the authorities concerned to gove adequate representation to Balochi Academy in the Balochistan Text Book Board for producing standard books.

Another Resolution adopted at the meeting urged upon the Ministry of Educatin to appoint a Balochi as the Chairman of Pakistan Academy of Letters, as all other provinces had been given a chance in the Academy of Letters.

It called upon the government to take the Balochi Academy into confidence while selecting scholars for research abroad.

The Balochi Academy General Council demanded an increase in Grant-in-aid by the federal and provincial governments, as the present allocation is insufficient for carrying out research and to meet the publications of books and papers.

The Balochi Academy called upon and the religious, political and tribal leaders to end the bloodshed, settle and tribal and blood feuds by using their power and influence.

The General Secretary of the Academy, Abdul Qadir Shahwani, presented the annual report, which was unanimously approved by the ‘House’with certain amendments.

(Daily “DAWN:, Karachi, Dt: 05-08-2002, Page # :3)

 

ڊاڪٽر گربخشاڻي

 سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق

پاٽ جي صديقي خاندان لاءِ عالمگير جو فرمان

 

[نوٽ: سنڌ جي هڪ جيد عارف ۽ روشن ضمير بزرگ حضرت مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جند الله پاٽائي ثم برهانپوري (المتوفي 1031 هه) جو مرقد مبارڪ ”سنڌي پوره“ مڌيا پرديش (ڀارت) ۾ اڄ به مرجع خلائق عام آهي. سندس حياتيءَ ۾ ئي سندس هڪ اهلِ دل فرزند شيخ شهر الله رمضان (طـــٰہ) پنهنجي پٺيان شيخ محمد حسن قاري کي ڇڏي داعي اجل کي لبيڪ چيو. حضرت شيخ عيسيٰ رح کان برهانپوري ۾ ٻي شاديءَ کان پڻ اولاد ٿيو، جيئن بابا فتح محمد (صاحبِ ڪتاب ”مفتاح الصلواة“). اهڙيءَ طرح هن باوقار خاندان جون ٻه شاخون هليون: هڪ بهانپوري ۾ ۽ ٻي پاٽ شريف، سنڌ ۾. هن بزرگ جو سمورو احوال سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ڪيل اُردو ڪتاب ”برهانپور کي سندهي اولياء“ ۾ آيل آهي، جو سيد محمد مطيع الله شاهه ”راشد“ برهانپوري تاليف ڪيو آهي، جنهن جو محرڪ سنڌ جو هاڪارو عالم پير صاحب سائين حسام الدين راشدي هو.

اورنگزيب عالمگير حضرت مسيح اولاولياء رح جي بلند و بالا روحاني عظمت جي پيش نظر سندس عقيدتمندن مان هو. ان طرح مختلف حڪمرانن طرفان برهانپور ۾ مقيم هن متبرڪ ”سنڌي“ جانوادي جي اولاد کي جاگيرون ملنديون رهيون. جڏهن سنڌ مان حضرت مخدوم عبدالواحد ڪبير رح (1047-1123 هه) سان عالمگير جي ملاقات ٿي ته هُن بزرگ شخصيت کي نه صرف سيوستان (سيوهڻ) جو ”قاضي القضاة“ مقرر ڪيو ويو، بلڪ کيس معاشي خوشحاليءَ لاءِ جاگير جو پروانو به عطا ڪيو ويو، جنهن ۾ مخدوم صاحب کي شيخ عيسيٰ جند الله پاٽائي ثم برهانپوري جي اولاد جي حوالي سان سندس روحاني ڪمالات ۽ علمي فضيلت جو به اعتراف ڪيو ويو آهي. مخدوم عبدالواحد صاحب پاٽ ۽ سيوهڻ جي صديقي خاندان جو جدامجد آهي. خاندان ۾ ”قضا“ جو عهدو ڪيترين ئي پيڙهين تائين هلندو رهيو، ان ڪري مخدوم صديقي خاندان کي اڄ به ”قاضيءَ“ جو لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. اِهي ئي پاٽ شريف جا نجيب الطرفين اصل قاضي به آهن. مختلف دؤرن ۾ پيڙهي به پيڙهي جيڪي مخدوم صاحب ’قضا‘ جي عهدن تي فائز رهيا، تن جي شجري جي تفصيل ۾ وڃڻ کان سواءِ فقط ”فرزندانِ ڪلان“ جي حساب سان نالا هيٺ ڏجن ٿا.

”پاٽ شريف“ جا اِهي قاضي صاحبان ايترا ته نيڪنام ۽ مشهور ٿيا جو اُنهن سان ڪيترائي متعلق ۽ غير متعلق ماڻهو به پنهنجن نالن سان ”قاضيءَ“ جو لقب استعمال ڪندا رهيا آهن، حتيٰ ڪه سندن اولاد ۾ به ڪيترائي مخدوم ”قاضيءَ“ جو لقب به استعمال ڪن ٿا.

مٿي بيان ڪيل اورنگزيب عالمگير طرفان مخدوم عبدالواحد ڪبير کي ڏنل فرمان جي اصل فارسي متن تان انگريزي ۾ ترجمو سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ڪيو ۽ اُهو ”سنڌ گزيٽ“ (10 ـــ اپريل 1913ع) ۾ شايع ٿيو. اُن اشاعت جو اصل اڄ به مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جند الله ۽ مخدوم عبدالواحد ڪبير جي اولاد مان مخدوم سليم الله صديقيءَ وٽ سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ترجمي سان گڏ مير محمد حسين علي خان ٽالپر، امام علي اسپيشل مئجسٽريٽ حيدرآباد ۽ مير حاجي نور محمد خان ٽالپر جا صديقي رماڪس به موجود آهن ۽ ان طرح ڪراچيءَ جي پنهنجي دؤر جي اهم شخصيت مير ايوب خان (بئريسٽر) جو نوٽ به سلسلي جي اهيمت کي اُجاگر ڪري ٿو.

اسين اصل ”سنڌ گزيٽ“ جي عڪس سان گڏ پڙهندڙن لاءِ اُن جو سنڌي ترجمو به شايع ڪري رهيا آيون، جو مخدوم سليم الله صديقيءَ جو ڪيل آهي. ـــ ايڊيٽر مهراڻ]

ترجمو

 

صحيح نقل ترجمو دستاويزات سلطان اورنگزيب، عطا ڪيل گذريل ٻن شخصيتن کي، اڄ تائين موجود خاندان پاٽ سنڌ، شايع شده ”سنڌ گزيٽ“ مؤرخه 10 اپريل 1913ع، مع نوٽ ايڊيٽر:

”اورنگزيب عالمگير جو سنڌ سووينئر، سنڌ جي قديم دستاويزن کي محفوظ ڪرڻ ۽ اُن جو ترجمو متعلقه ماڻهن لاءِ دلچسپي جو باعث ٿيندو. سلطان اورنگزيب جو اصل فرمان پاٽ لاڙڪاڻو سنڌ (موجوده دادو ضلعو) جي گذريل ويل ٻن شخصيتن متعلق اسان هيٺ شايع ڪيون ٿا. اِها ڳالهه دلچسپي جو باعث آهي ته مخدوم عبدالڪريم، جنهن وٽ اِنهيءَ فرمان جو اصل موجود آهي، اُهو سنڌ مدرسه جو پراڻو شاگرد آهي.“

 

فرمان شاهي

”موجوده ۽ ايندڙ وقت ۾ سيوستان ۽ پاٽ جي حڪام بالا کي هن فرمان عالي کان مطلع ڪيو وڃي ٿو ته مظهر خدا، خلافت پناهه، بادشاهه سلطنت عظيم ارض و زمان جي حڪم سان مؤرخه 29 جلوس بروز مبارڪ ڏينهن تاجپوشي 51 روپيه يوميه، مخدوم و شيخ عبدالواحد ۽ مفتي شيخ عبدالقادر اولاد ۽ ڀاڻج اولياء الله عزوجل قطب الاقطاب شاهه جندالله شيخ عيسيٰ قاسم صديقي عليہ الرحمة جي طفيل شاهي خزاني مان ادا ٿيندا. جيئن ته سرڪار عاليه، مملڪت جي روحاني ۽ مادي ترقي لاءِ خواهان آهي ۽ هو شدت سان گهري ٿي ته باوقار خانداني ماڻهو، جيڪي اعليٰ مقام ۽ درجو رکن ٿا، اُهي پنهنجي شان وٽان زندگي گذاري سگهن ته جيئن هو دلي طرح مملڪت جي خوشحالي ۽ ظلِ سبحاني جي ڀلائي لاءِ دعاگو ۽ خواهشمند رهن. بحڪم سرڪار ڏهه هزار بيگه زمين بطور نعم البدل روپيه 0-8-25 روزمره خرچ، ڪمالات دستگاهه مخدوم عبدالواحد صديقي کي معاشي گذر بسر لاءِ عطا ڪئي وڃي ٿي. متعلقه پرڳڻي جي حڪام بالا کي حڪم ڪيو وڃي ٿو ته اِنهيءَ شاهي فرمان جي مطابق عمل ڪيو وڃي ۽ والاشان مخدوم صاحب کي پرڳي پٽ ۾ حڪم ڪيل اراضي زمين ڏني وڃي. کيس هر طرح جي مملڪتي و سياسي اُمور کان بالاتر ۽ مستثنيٰ سمجهندي شاهي فرمان بالا تي هر حال ۾ عمل ڪيو وڃي.“

آءٌ تصديق ڪريان ٿو ته هي متن، اصل فارسي عبارت جو دُرست ترجمو آهي.

ڊي. جي. سنڌ ڪاليج                      دستخط

ڪراچي، مارچ 1915ع      هوتچند مولچند گربخشاڻي ايم. اي

                   پروفيسر آف پرشين

تصديق شد ترجمي مع سرٽيفڪيٽ رکندڙ لاءِ هز هائينيس مير محمد حسين علي خان ٽالپر، امير سنڌ، حڪومت سنڌ ڏانهن سفارش ڪري ٿو:

”هندستان جي گذشته حڪمرانن کان وٺي سنڌ جي ٽالپرن تائين پشت به پشت مخدومان سيوهڻ مخدوم محمد صاحب تائين پنهنجي وقت جا انتهائي باعزت ۽ باوقار انسان سمجهيا ويندا رهيا آهن. سندن تقدس جو اعتراف ڪندي دهليءَ جا بادشاهه توڙي سنڌ جا ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمران، کين اعليٰ لقبن ۽ خطابن سان نوازيندا رهيا ۽ جاگيرات مع معافي ڍل ۽ ٽيڪس ڏيندا رهيا آهن.“

”وٽن موجود شاهي سَندون سندن حقن کي ثابت ڪن ٿيون. اهو بلڪل مناسب ٿيندو ته برٽس گورنمينٽ اِنهيءَ مخدوم خاندان جي ماضي وارن حقن ۽ وقار کي ڌيان ۾ رکندي، مخدوم ميان احمد ۽ مخدوم حبيب الله جي مُراعات جو بندوبست ڪري، جيڪي مٿي ذڪر ڪيل مخدوم خاندان سان تعلق رکن ٿا.“

7 جولاءِ 1877ع                         (دستخط) محمد حسين علي خان

 

صحيح ترجمو

آءٌ تصديق ڪراين ٿو ته مندرجه بالا اصل فارسي متن جو دُرست ترجمو آهي، جيئن ته مون خوشيرام کٽڻمل وڪيل جي ڏنل سنڌي ترجمي مع اصل سان ڀيٽا ڪئي آهي ۽ آءٌ ان کان مطمئن آهيان.

(دستخط) امام علي

اسپيشل مئجسٽريٽ

سيڪنڊ ڪلاس، حيدرآباد سنڌ

برٽش گورنمينٽ ڏانهن لکيل اصل فارسي خط مؤرخه 7 جولاءِ 1877ع منهنجي والد مير محمد حسين علي خان جو آهي، جنهن تي سندس دستخط ۽ مهر آهي.

 (دستخط) حاجي نور محمد خان

پاٽ جي مخدوم نورالدين محمد انور وٽ مير ايوب خان،ڄام مير خان آف لسٻيله، بار ـــ ايٽ ـــ لاءِ، نائب صدر ڪراچي ميونسپل اسڪولبورڊ ۽ پرشين وائيس قانصل، جو اصل سرٽيفڪيٽ موجود آهي.

ڪراچي 2 ـــ فيبروري 1915ع

 

سرٽيفڪيٽ

آءٌ مسٽر نورالدين محمد انور کي ذاتي طور تي، ڪجهه سالن کان سڃاڻان ٿو. هُو مخدوم مانِ پاٽ سب ڊويزن سيوهڻ جو مشهور و معروف صديقي خاندان سان تعلق رکي ٿو، جي صوبي جي مسلمانن جي نظر ۾ انتهائي قابل احترام رهيا آهن. حتاڪه دهليءَ جا مغل شهنشاهه به هن خاندان جي عزت ۽ احترام ڪندا هئا ۽ کين مدد معاش لاءِ لوازمات ۽ زمينات ڏيندا رهيا.هن باوقار خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڪوبه عهدو، خاص ڪري مسٽر صديقي کي، جنهن جي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ڪامياب تگ و دو رهي آهي، هڪ صحيح رخ ۾ قدم ٿيندو.

آءٌ ذاتي طور تي هن روشن خيال نوجوان کي پسند ڪريان ٿو ۽ سندس زندگيءَ ۾ هر ڪاميابيءَ جو خواهشمند آهيان.

(دستخط) مير ايوب خان

بار ـــ ايٽ ـــ لا

 

بورڊ جا تازا شايع ڪيل ڪتاب ۽ رسالا

 

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي تاريخ تي چاليهارو کن اهم ڪتاب سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ شايع ڪيا آهن، جن مان ڪافي وڪامي ويا آهن. هاڻي، ٻيهر شايع ٿي رهيا آهن. اُنهن ۾ تاريخ جا هي ٽي بنيادي ڪتاب (اردو ترجما) هلندڙ مهيني ۾ شايع ٿيا آهن:

(1) فتح نامہ سندهه عرف چچ نامه:

سنڌ جي اولين تاريخ آهي. در حقيقت، سنڌ جي اسلامي فتح جي تاريخ آهي. ڪتاب جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو مخدوم امير احمد ۽ صاحب ۽ انهيءَ جو اردو ترجمو جناب اختر رضويءَ ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪتاب ۾ حواشي ۽ تعليقات سان تمام ڪارآمد اضافا ڪيا. ڪتاب ۾ جملي صفحا 712 آهن ۽ قيمت اٿس ٻه سؤ روپيا.

(2) تاريخ معصومي:

مير معصوم اڪبر بادشاهه جو هڪ امير هو. صاحبِ سيف  و قلم هو. تاريخ معصومي سندس تاليف آهي، جنهن ۾ هن آڳاٽي زماني کان وٺي اڪبري دؤر ۾ خانخانان جي فتح تائين، سنڌ جي تاريخ بيان ڪئي آهي. مخدوم امير احمد صاحب ڪتاب جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن جو بعد ۾ جناب اختر رضوي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي ڪتاب پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تصحيح، حواشي ۽ تعليقات سان شايع ٿيو آهي. ڪتاب ۾ جملي صفحا 604 آهن ۽ قيمت اٿس ٻه سؤ روپيا.

(3) تحفة الڪرام:

مير علي شير قانع سنڌ جي تاريخ نويسن ۾ هڪ اهم نالو آهي. تاريخ تحفة الڪرام ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني تائين تاريخي واقعا تفصيل سان لکيا اٿس. مخدوم امير احمد صاحب فارسي ڪتاب جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيو، جيڪو بعد ۾ جناب اختر رضويءَ اردو ۾ ڪيو. هيءُ ڪتاب پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تصحيح، حواشي ۽ تعليقات سان پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب ۾ پير حسام الدين راشديءَ جو مير علي شير قانع جي سوانه ۽ ادبي ڪارنامن تي هڪ عمدو مضمون شامل آهي. ڪتاب ۾ جملي صفحا 952 آهن ۽ قيمت اٿس ٻه سؤ پنجاهه روپيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com