سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

 

صفحو :11

حميد سنڌي

 

هيءُ زهر ڪير ته پيئندو؟

 

استاد شفيع محمد جي جيئن 1936ع جي پراڻي گهڙيال تي نظر پيئي ته هو اهڙي ئي پراڻي ڪرسيءَ تان ٽپ ڏيئي اُٿيو. هو ٽنگڻيءَ ڏانهن وڌيو مس ته گهڙيال به ٺڪاءَ هنيا. هن جيئن تڪڙ ۾ صدري ۽ ڌوتل پوتل اڇو وڳو ٽنگڻيءَ تان ڇڪي لاٿو ته ٽنگڻي سوڌو وڳو ۽ صدري هٿ ۾ هيس. هن وڳو کٽ تي رکيو ۽ ٽنگڻي ڀت تي ڦهڪائي، ڪوڪا ساڳين سوراخن ۾ اٽڪائي هٿ سان کڻي ٺوڪيا. ٽنگڻي اُهائي ٽنگجي بيهي رهي. هن کي ان جو فڪر نه هو، جو ائين روز ٿيندو هو. هن وڳي ۽ صدري کي ڇنڊڪو ڏنو ۽ پوءِ وڳو پائي مٿان اڇي صدري اوڍي ڪٻٽ ڏانهن وڌيو، جنهن جا طاق به اُلڙيا پيا ها. هٿ وڌائي ترڪي ٽوپي ڪڍي پوءِ هڪ برش ڪڍيو جنهن سان ترڪي ٽوپي کي صاف ڪيو. برش رکي ڪٻٽ جي هڪ طاق تي لڳل آئيني ۾ ڏٺو. تُرڪي ٽوپي مٿي تي بيهاري ان کي جائيتو ڪيو ۽ پوءِ وري ڪنڊ کان رکيل مُٺئي وارو لڪڻ کنيون تکو وريو. هاڻ هو آڳر ۾ هو جت سندس هڪ نياڻي ٿانو پئي ڌوتا. ٻي نياڻي اڱڻ ۾ ٺهيل ڇپر واري بورچيخاني ۾ ماني پئي پچائي. ٽين نياڻيءَ ٻهاري پئي ڏني. هو جيئن ٻاهرئين دروازي وٽ پهتو ته ڇوڪري ڊوڙندي آيس.

”بابا بابا، اِهو ڇا، هاڻ ته اسڪول ٽائيم تي پهچڻو به ڪونهيو، پوءِ اِها تڪڙ ڇا جي؟“

هو ڇرڪجي بيهي رهيو. پوءِ هوءَ کيس ٻانهن کان ڇڪي ڇپري ۾ وٺي آئي. هڪ منجي تي کيس ويهاري ٻي منجي ريڙهي پاڻ ويٺي ۽ مکيل ڊڳڙي دٻڪي ۾ وجهي آڏو رکيائينس. هن ڪاڙهيل چانهه، کومچي سان ننڍڙي ديڳڙي مان ڪڍي سندس آڏو رکيل ڪوپ ۾ وڌي. هو چپ چاپ ڊڳڙي ڀور ڀور ڪري وات ۾ وجهندو ويو ۽ مٿان مٺي چانهه جا ڍڪ ڀريندو رهيو. هن ڪوپ کي ڏٺو، سڄو ڏريل هو. هن رنڌڻي ۾ نهاريو، ڀڳل سڳل ٿانو. اڱڻ تي نظر وڌائين، ڀور ٿيل سرون، کڏا ۽ کوٻا، ڀتيون ڀُريل ۽ ڏارون ٿيل سرون. هو نهاريندو رهيو ۽ چپ چاپ کائيندو به رهيو. بي خيالي ۾ دٻڪي ۾ هٿ هنيائين، دٻڪي خالي ٿي وئي هئي. هو آهستي آهستي اُٿيو. ٻاهرئين در ڏانهن وڌيو، پوءِ مُڙي ڌيءَ کان پڇيائين، ”عمران اُٿيو آ؟“

”بابا توهان به ڪمال ڪيو ٿا. هو هاڻ اُٿندو!“

هن ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ ٻاهر لاءِ اُٿيو ئي ته سندس نياڻي ويجهو آيس. ”بابا، سيڌو کپي ويو آ، هاڻي عثمان بقالي به اوڌر تي سامان نٿو ڏئي. اچو ته ڪجهه سامان وٺيو اچجو.“

پڻس ڪنڌ لوڏيو.

”ٻيو بابا شاهينا ۽ رضيه جا ڪپڙا به ڦاٽي پيا آهن. سندن گَنديون ڏسو ٿا ـــ ڪي ٻه وڳا ته وٺي ڏيون.“ استاد پنهنجي وڏي نياڻي شانان ڏي ڏٺو ته سندس گَندي به ڦاٽل هئي ۽ سندس وڳي ۾ به حال ڪونه هو. هو وڌيڪ نه ڪڇيو، وري به ڪنڌ لوڏيو ۽ سندس ٽوپي جو ڦندڻ ڦري آيو. پوءِ هو در پٽي ٽپڙي پري ڪري ٻاهر نڪتو. سامهون ئي غفور بيٺو هو. غفور رازڪو ڪم ڪندو هو ۽ استاد شفيع محمد جا پاڙيسري به هو ته يار به. غفور وڌي اچي هٿ ڏنس.

”استاد، هيڏانهن ته ڏس، سڄي جاءِ ڏري پئي اٿئي. ڪنهن به مهل هلي ويندءِ. سؤ دفعا چيو اٿمانءِ ته ڪجهه ته مرمت ڪراءِ نه ته وڏو نقصان ٿيندءِ. اڙي يار، مان ڪو توکان پيسا وٺندس، رڳو سرون ۽ مزور کپن، گاري سان ئي بيهاري ڏيندو سانءِ.“

استاد شفيع محمد ڪا گهڙي ٻڌندو رهيو، پوءِ آهستي آهستي کُلندو ويو. ”يار، توکان حال ته ڳجهو ڪونهي، ڇهون مهينو ٿيو آهي رٽائر ٿئي. هونئن به پرائمري ماستر يا هيڊ ماستر جي پگهار گهڻي. هاڻ ته پگهار به بند ته پينشن به بند. روز وڃان ٿو اسڪول، من پينشن جا ڪاغذ ٺهي آيا. هجن ۽ منظوري ملي هجي. ٽي نياڻيون گهر ويٺيون آهن. ڇوري عامر جي خبر اٿئي، نه پڙهيو نه ڳڙهيو. ڪيڏو سوچيو هيم ته پڙهي ڳڙهي آفيسر ٿيندو پر کيس لوفرپائي کان ئي فرصت ناهي. توکي به چيم ته ڀلا ڪو ڪم سيکارينس. توته ها ڪئي پر ڇورو به بيهي. گهر ڪِري، يا مان ڪِران، ڪو فرق نه پوندو غفور سائين! دعا ڪر، اڄ وڃان ٿو من ڪو پينشن جو منهن سر نڪتو هجي.“

اُستي غفور اوچتو سندس سورن کي روڪيو، ۽ هو سُري وٽس آيو.

”ٻي ڳالهه ٻڌ. ٻڌو اٿم ته پٽهين هيروئن وڪڻي به ٿو ۽ پيئي به ٿو. ڪا خبر اٿئي؟“

استاد شفيع جي ترڪي ٽوپيءَ جو ڦندڻ ڦرڻ لڳو.

”نه يار، مون ته نه ٻڌو آ، نه کيس نشي جي حالت ۾ ڏٺو آ. لوفرڙو ضرور آهي، سندس ناني کيس کاري ٻُهر ڪري ڇڏيو. گهڻو تڻو وٽس رهي، ۽ ڏوڪڙ به اُنهيءَ کان ڦُري. اهڙي ڳالهه نه آهي پاڙي ۾ ته تون به ڏسين ٿو.“

”نه يار، هن پاڙي ۾ نٿو ڪري. ناناڻي ويندو آهي نه، اُنهي پاڙي ۽ اوسي پاسي هٿڙي به هڻندو آهي.“

”ماري وجهانس، موٽي اچان ته وٺ پڪڙ ته ضرور ڪندوسانس، شام جو گڏ آهيون.“

هن ڳالهه کي لنوايو ۽ تڪڙو ٿيو. پر سندس دماغ صفا ڦري ويو هو. هن جو ڪنڌ جيڪو اڳ ٿورو ڏڪندو هو هاڻ وڌيڪ ڏڪڻ لڳو. ٽوپيءَ جو گل لڏڻ لڳو. هو سوچ ۾ هو کيس شڪ پوڻ لڳا. ڪيترن ڏينهن کان هن ڏٺو پئي ته پٽس جو رنگ مَٽيل هو. ڀلا وڳا، نوان بوٽ، گل ڪڍيل وار، ٻانهن ۾ نئين گهڙي. هن سمجهيو ته نانيءَ کي ڀائرن وٽان ٻني ٻاري جا ڪي نوان ڏوڪڙ اچي ويا هوندا، پئي ڏوهٽي تي لُٽائي. هاڻ هو ڪجهه سمجهي پيو ته آخر ناني ڪيترو ڏيندس. کيس پٽهنس جي يتيم ٻارن کي به پالڻو آهي. سند زال بيمار ٿي ته سسڻس دوا درمل ۾ مدد ڪيس. گذاري وئي ته جماڻا، چاليها ۽ ختما پئي ڪيائين. وٽس ڪو خزانو ته ڪونه هو. هئس ٻنيءَ ۾ ڀائرن سان اَباڻو حصو، ڪڏهن وڌ ڪڏهن گهٽ، پهچائي ويندا هُيس. هو اهڙن خيالن ۾ هو جو واٽ ويندي ماڻهن سلام پئي ڪيس ته ڪنهن کي وعليڪم سلام ٿي چيائين ته ڪنهن آڏو ڪنڌ لوڏي اشارو پئي ڪيائين ته ڪنهن کي ٺپ جواب. اوچتو ڪنهن وڏي واڪي سڏ ڪيس.

”او استاد سائين، بادشاهي برقرار، بابل سائين.“

هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. مولي ڏنو موالي، اوتاري کان هيٺ ٿيو بيٺو هو.

”ڇو ڀلا ڪهڙي خيال ۾ آهيو استاد. اڄ سائين آمن شاهه جو سلام به نه ڀريوَ، دعا به نه گهريوَ خير ته آهي؟“

هن يڪدم کڻي هٿ اُڀا ڪيا ۽ ڀڻ ڀڻ ڪري کڻي منهن تي هٿ گهمايا.

”موليڏنا، تڪڙو آهيان ان ڪري نه ٿي بيٺس.“

”پر سائين ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن، نذر نياز به بس! ان کان ته عرمان ڀلو چئبو جو هاڻ روز اچي ۽ درگاهه وسائي ڇڏي اٿائين.“

استاد شفيع محمد، موالي موليڏني کي جيڪو درگاهه آمن شاهه جو ٻهاريندار به هو، گهوري ڏٺو.

شڪ جا دروازا وري کُلي پيا. هو آهستي آهستي چُريو پر موليڏنو ڪڍ آيس.

”بابل سائين، عمران کي ته موڪلجو، چئجوس ته سندس يار انتظار ۾ ويٺا آهن.“

پوءِ پيلا ڏند ڪڍي کلڻ لڳو. استاد پٺ ورائي ڏٺو.چار پنج ڇوڪرا اوتاري جي پاسي کان بيٺل نم جي وڻ هيٺان موالين وانگر ڪنڌ لاڙيو پيا هيا..

هن هاڻ وک تکي ڪئي. موليڏني جا پيلا ڏند ۽ کلڻ وارو نمونو کيس نه وڻيو. هاڻ سندس من ۾ شڪ جو پوکيل ٻوٽو وڌي وڻ ٿي ويو.

هو جيئن بزار مان لنگهيو ته ڪيترن ماڻهن يا دڪاندارن اُٿي بهي کيس سلام ڪيو ۽ کيڪاريو. استاد شفيع محمد پراڻو استاد هو، سڄي شهر کي پڙهايو هئائين. سندس عزت هئي پر الائجي ڇو اڄ جنهن به کيڪارس پئي يا سلام ڪيس پئي، هن کي ائين پئي لڳو ته هو هاڻ اهو سڀ ڪجهه رسمي طور تي پيا ڪن۽ کين سندس پٽ جي افعالن جي خبر پئجي ويئي آهي. هو چُپ چاپ لڪڻ ٽيڪيندو وڌندو رهيو. ڪنهن کي مرڪي کيڪر جو جواب ٿي ڏنائين يا هٿ ٿي ٻڌائين پر سندس دماغ جاءِ تي نه هو. هر هر کيس من اِهوئي پئي چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ استاد جو پٽ هيروئنچي ٿئي ۽ هيروئن وڪڻي. ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. اوچتو هڪ همراهه دوڪان مان ٽپ ڏيئي اڳيان اچي بيٺس. هن سڃاتو عثمان بقالي هو. هُو عثمان جي دوڪان تان سيڌو سامان کنڌي تي کڻندو هو. کيس ياد آيو ته اڄ سيڌي لاءِ ڌيڻس به کيس چيو هو ۽ کيس اها به خبر هئي ته عثمان جي اوڌر چڱي خاصي ٿي هوندي. هو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن شاهي بزار واري گهٽي لنوائي ويندو هو، پر اڄ بيخيالي ۾ پراڻي پنڌ پيو هو. هن کي خيال آيو ته هن کي سيڌي ڏيڻ لاءِ چوي پر عثمان هٿ ڏيندي ئي شروع ٿي ويو.

”استاد سائين، ناراض نه ٿجو، پر هاڻ ڳالهه چڙهي ويئي آهي. ڇهن مهينن کان کنڌي ۾ اوهان رپيو به جمع نه ڪرايو آهي. اوڌر هزارن ۾ اچي پهتي آهي. مان وڏو واپاري ته نه آهيان. اڳ به چيو هيم پر هاڻ ته دوڪان هلائڻ مشڪل ٿي پيو آهي. اوڌر وارا مهيني سوا اندر پيسا ڏئي ويندا آهن پر اوهان جو حساب ڳرو ٿي ويو آهي.“ هو اڃا ڪجهه ڪڇي ته ڀر واري ڪپڙي جي دوڪان مان سيٺ هريرام لهي آيو.

”استاد اسين به اُميدوار آهيون. اڳين ٻن عيدن جي اوڌر کاتي جي ٽنگ کنيو بيٺي آهي.“ سوڙهي بزار ۾ ٽي چار مانهو بيٺا هئا ته ٻيا به بيهي رهيا. هن هيڏانهن هوڏانهن لوڻو هنيو. پاسي وارن دوڪانن جا مالڪ هن ڏانهن گهوري ڏسي رهيا هئا. استاد کي محسوس ٿيو ته سڄي بزار کيس چٿر وارين نظرن سان گهوري رهي آهي. هن آهستي هٿ سان سندن گفتگو کي روڪيو. خشڪ ٿيل نڙي کي کنگهي آلو ڪيو. هن ڪوشش پئي ڪئي ته کين هلڪي لهجي ۾ سمجهائي، پر سندس آواز ڏاڍيان ٿيندو ويو ۽ ان ۾ شايد صبح کان ٿيل وارتا جي ڪوڙاڻ به شامل هئي.

”بابا مري ته ڪونه ويو آهيان، اڃا جيئرو آهيان. رٽائر ٿيو آهيان پر سُڃو ڪونه ٿيو آهيان. توهان جي اوڌر ڪڏهن رهي آهي جو وچ بازار ۾ کڻي جهليو اٿوَ. دير سوير پئي ٿيندي آهي. پر ڪو مرم پويو ٿو. ماڻهو ئي نٿا ڏسو. وڻيوَ ته وچ بازار ۾ هڻي ڪنهن شريف ماڻهوءَ کي پٽڪي لاهي ڇڏيو. وڻيوَ ته لفظن جا تير تفنگ هڻو، وڻيوَ ته ماڻهوءَ کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو، وڻيوَ ته...“ استاد شفيع محمد جو آواز ويو بلند ٿيندو. اهڙو بگڙيو جو وٺ نه ڏئي. ٻنهي دڪاندارن کڻي ماٺ ڪئي. هڪ ٻه ٻيا دوڪاندار، جن جي هلڪي سلڪي اوڌر رهيل هئي، جن پريان بيٺي تماشو ڏٺو. ٽپ ڏئي واپس دوڪانن ۾ گهڙي ويا. استاد شفيع محمد بڙبڙ ڪندو لڪڻ ٽيڪيندو، بازار ٽپي اچي پرائمري اسڪول جي ميدان ۾ گهڙيو. پرائمري اسڪول جي پراڻي جهريل عمارت سندس سامهون هئي. جيئن هو جوش ۾ ورانڊي ڏانهن وڌيو ته سندس نگاهه ٻن ٽن ماسترن تي پيئي، جيڪي اسڪول جي ورانڊي هيٺان بيهي ڪچهري ڪري رهيا هئا. سندن هٿن ۾ سگريٽ هئا ۽ دونهان ڪڍي رهيا هئا. هڪ ٻن جو کيس ايندي ڏٺو ته سگريٽ وسائڻ ۽ لڪائڻ جي ڪئي. يڪدم هڪ همراهه روڪين.

”اڙي سگريٽ ڪي مفت جا آهن ڇا جو زيان ٿا ڪريو. استاد ڪو هاڻي اسان جو هيڊ ماستر ٿوروئي رهيو آهي. روز اچيو اسان تي رعب ٿو رکي. ڀلي اچڻ ڏيسو، سگريٽ ڦٽو نه ڪجو.“

استاد سَهڪندو سندن ڀرسان پهتو. کيس ڪلاس ڇڏي ٻاهر سگريٽ پيئندي ڏٺائين ته بنهه بِرُ ٿي ويو. اڳيئي ڇتو ڪيل هاڻي ته گڦ پئي وهيس. ”اڙي استاد ٿيا آهيو! شرم نه ٿو اچيو؟ هڪ ته ڪلاس نه وٺو، ٻيو ٻاهر بيهي ٻيڙيون ٿا پيو. ڇورا ڇا سکندا. ڪاٿي آ توهان جو هيڊ ماستر غلام علي، ڇهه مهينا ٿيا اٿس پر اسڪول جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو اٿائين. جي مان روز خبر نه لهان ته ڀينگ ٿي وڃي.“

اوچتو سندس نظر اسڪول جي عمارت جي پڇاڙي تي پيئي، جتي ڀت جي اوٽ ۾ تي چار ننڍا وڏا ڇورا ويٺا دونهان ڪڍي رهيا هئا. ڪي ليٽيا پيا هئا. الائي خالي سگريٽ يا نشي جا سگريٽ پئي پيتائون.

”اڙي هو ڏسو، منهن ڪارو پيو ٿيوَ. هاڻي ته نشو به هلي ٿو. لخ جي لعنت هجيوَ.“

هو کين گاريون ڪڍندو سهڪندو هيڊ ماستر غلام علي جي آفيس ۾ در کي سٽاڪ ڪري کوليندي اندر گهڙيو. غلام علي به پن جي ٻيڙي وات ۾ جهليو، دونهان ڪڍندي سوچ ۾ ٻڏو پيو هو. اوچتو جو در ٽڪاءُ ڏنو ته هن ڇرڪ ڀريو ۽ ٽپ ڏيئي اُٿي بيهي رهيو. ’ڪٿي ڪو اسڪول جو صاحب ته نه آيو آهي،‘ پر استاد شفيع محمد کي ڏٺائين ته پيٽ ۾ ساهه پيس.

’سائين اڄ ته ساهه ڪڍيو هُيوَ.“ هن کي ڪاوڙ ۾ بڙبڙ ڪندي ڏٺائين ته غلام علي چوڻ لڳو، ”سائين مان ڇا ڪيان. توهان جي پينشن لاءِ ايس ڊي او جي آفيس به ويو هوس. توهان به ته ٻه ٽي دفعا ويا آهيو. هاڻ هو ڪاغذ نٿا ڪڍن ته مان ڇا ڪيان. توهان به دنياداري ڪيو نٿا. ڪجهه ڏوڪر اڳواٽ گهرن ٿا. اوهان به ٽڪو پيسو ڏيو نه ته ڪاڳر ڪيئن ٺهندا؟“

هو اڃا وڌيڪ ڳالهائي ته هن ڏٺو ته اُهي چارئي اُستاد سامهون بيٺا هئس ۽ انهن جو منهن ڦريو پيو هو. هن سمجهيو ته ڳالهه مڙئي ڪا ٻي آهي. استاد شفيع محمد ٺنڀ هنيو بيٺو هو. هو جيسين ڳالهائي هڪدم هڪ استاد وڏي واڪي ڳالهايو:

”سائين جي پينشن ٺهي يا نه، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو روز اچيو بيعزتو ڪيو وڃي. ڪڏهن ڪنهن استاد کي بڇڙو ڪيو وڃي ته ڪڏهن ڪنهن کي. اڄ به اسان چئن کي بُجا ۽ گاريون ڏيئي هيڏي آيو آ. اها جي صورتحال آهي ته اسان ڪم ڪونه ڪنداسين. اڳ ته پاڻ هيڊماستر هو ته اسان سَٺو پئي. هاڻ ڪو اسان جو صاحب آهي جو پيو بڇڙو ڪري.“

غلام علي هيڊ ماستر يڪدم ڀڻڪيو.

”سائين ائين ته نه ڪيو.“

”ائين نه ڪيان؟ ماستر ورانڊي آڏو بيهي شاگردن جي سامهون سگريٽ پين، ڪلاس ڇڏيو اچن. کين ڪجهه نه چئجي. کين وهڻ جو ڪمرو به ڏنم ته اُتي وڃي ٻاڙَ پوري ڪيو پر هاڻي هو اگهاڙا ٿيو بيٺا آهن. ڇورا سندن سامهون ويٺا سگريٽ پين. الائي نشو ٿا ڪن. سندن ئي منهن ڪارو پيا ڪن، پر آهي ڪا هنن بيشرمن کي سَمَڪ؟“

استاد شفيع محمد اڃان وڌيڪ ڳالهائي ته ساڳئي استاد، جنهن استادن جي ٽولي جي اڳواڻي پئي ڪئي، سندس تقرير کي روڪيو ۽ هيڊماستر غلام علي ڏانهن نهاريندي چيو. ”هاڻي بس، اسان وڌيڪ گاريون نه کائينداسين. سائين اسين وڃون ٿا. هاڻ توهان ٻيئي ويهي اسڪول هلايو.“ چارئي ڄڻا ٺپ ٺپ ڪندا نڪري ويا. غلام علي ڦان ٿي ڪرسيءَ ۾ ڪري پيو. استاد شفيع محمد ڪا گهڙي بيٺو رهيو، پوءِ هڪ ڀڳل ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ڪمري ۾ سانت هئي. ٻيئي چپ هئا. هيڊماستر غلام علي ڪجهه چوڻ لاءِ چپ کولي وري بند پئي ڪيا. استاد شفيع محمد ڇت کي گهوري رهيو هو. ائين سانت ٽٽي ۽ اوچتو اسڪول جو گهنڊ وڄڻ لڳو. گهنڊ جو آواز هن دفعي ايڏو تيز هو جو هو ٻيئي ڄڻا ڄڻ ته نند مان ڇرڪ ڀري اُٿيا هجن.

هنن هڪٻئي ڏانهن نهاريو ۽ سوچيو ته اڃا رسيس جو ٽائيم به نه ٿيو آهي، پوءِ هيءُ گهنڊ؟ ائين هڪ استاد جيڪو نائب به هو، اندر گهڙيو.

”سائين، استاد ڏاڍا ڪاوڙيا آهن، وٺ ئي نٿا ڏين. هنن پاڻ گهنڊ وڄائي موڪل ڪري ڇڏي آهي. هو چون ٿا ته استاد سندن بيعزتي ڪئي آهي. هاڻ جي استاد ايندو رهندو ته هو نه ايندا.“

هو ڏکوئجي ويو. ٻارن جي گوڙ ۽ جوش وارن آوازن استاد شفيع محمد کي ڏکويو. هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. نائب کيس رئندي ڏسي پاڻي ڀري آيو. هن پاڻي جا ٻه ڍڪ پيتا.

پل ۾ ٻارڙن جا آواز پري ٿيندا ويا ۽ پوءِ چوڌاري چپ چپات ٿي ويئي. هو آهستي آهستي اُٿيو ۽ ڳالهائڻ کان سواءِ هيڊ ماستر جي ڪمري مان نڪري آيو. ورانڊي مان هيٺ لٿو ته هن ڏٺو ته سندس ٺاهيل ننڍڙو باغيچو به سُڪي ۽ ويران ٿي ويو هو. ڪنهن ان کي پاڻي به نه ڏنو هو. گل ٻوٽا ۽ ڇٻر سڙي خاڪ ٿي ويا هئا. هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو. ڳوڙها وري جاري ٿي ويا. هو تڪڙو تڪڙو ميدان ٽپڻ لڳو.

ميدان پورو ٿيو. هن جي سامهون هاڻ گهرن جي گهٽين جو ڄار وڇايل هو. هن گهٽين ۾ گم ٿيڻ کان اڳ پوئتي ورائي اسڪول جي عمارت کي ڏٺو. هو ڪا گهڙي ان ڀڳل سڳل عِلم جي گهر کي گهوريندو رهيو. پوءِ هن کي احساس ٿيو. هاڻ ته اوڏانهن وڃڻ لاءِ مٿس بندش پئجي ويئي آهي. هن گهورڻ بند ڪيو.

هن جون اکيون وري ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. هاڻ اها عمارت کيس چٽي به نظر نه پئي آئي. هن يڪدم اسڪول جي عمارت کي پٺي ڏني ۽ پوءِ هڪ گهٽيءَ ۾ گهڙي پيو.

هو گهٽيون لتاڙيندو هليو پر کيس لڳو ته سندس من اهڙو منجهيل آهي جو سُٽ جيان منجهيل گهٽيون کيس دڳ نه پيون ڏين. ائين جيئن هو هڪ وڏي ۽ موڪري گهٽي لتاڙي رهيو هو ۽ اوچتو ڇرڪ ڀريائين. پريان هڪ نينگر تيز ڊوڙندو آيو ۽ کيس ڌڪيندو پاسي واري گهٽيءَ ۾ گهليندو ويو. پهريائين ته کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پوءِ ڏٺائين ته هيءُ سندس پٽ عمران آهي. عمران يڪدم ٻه ننڍڙا پُڙا قميص جي کيسي مان ڪڍي سندس صدري جي ٻنهي کيسن ۾ دٻائي زور سان اندر وڌا، پوءِ آهستگيءَ سان چيائين:

”بابا، هيءَ امانت اٿو، ڪو ماڻهو کڻڻ ايندو.“

ائين چئي هو اڳتي ڊوڙندو ويو ۽ ننڍين گهٽين جي ڄار ۾ گم ٿي ويو. هُن کيس گُم ٿيندي ڏٺو ۽ سامهون ڏٺائين. کيس ٻه ٽي اڇن ڪپڙن وارا ماڻهو نظر آيا، جيڪي ڊوڙندا وڏي گهٽيءَ مان الوپ ٿي ويا. هو ڪا گهڙي بيٺو رهيو پوءِ هن کيسي مان هڪ پُڙو ڪڍيو. پُڙي ۾ ڪافي پڙيون پيل هيون. هو سمجهي ويو ته اِهي اُهي ئي پُڙيون آهن، جيڪي ’پُڙيون‘ سڏبيون آهن ۽ جن جو ذڪر اُستي غفور ساڻس ڪيو هو.

هن پٽ لاءِ ڪيڏا نه خواب ڏٺا ته پڙهي ڳڙهي ڪو وڏو آفسر بڻبو. لاڏ پيار کيس مئٽرڪ فيل تي بيهاريو هو. ڪا گهڙي اُن پاسيري ننڍي گهٽي ۾ بيٺو سوچيندو رهيو سندس بت وڌيڪ پگهرجي ويو پوءِ ڳرين وکن سان اڳتي وڌيو ۽ وڏي گهٽي ۾ داخل ٿي پنهنجي رُخ ۾ هلڻ شروع ڪيائين. گهٽي پوري ٿي ته هو آمن سائينءَ جي درگاهه وٽ هو. اوتاري آڏو موليڏنو موالي بيٺو هو.

”سائين آبڪاري وارن ڇاپو هنيو دلبر عمران ائين ڇانگ ڏيئي ڀڳو جو فرشتا به نه وٺينس. انهي گهٽي ۾ اڏار ڪيائين.

توهان سان مليو؟ استا، شفيع محمد چپ بيٺو رهيو. ڏٺائين ته موليڏنو بي اونو هو. هان اوتاري ۾ ڪوبه ننڍو وڏو موالي ڪونه هو. استاد جي چهري تي فڪر ۽ پريشاني جا آثار نمايان هئا. موليڏني پنهنجا پيلا ڏند ٽيڙيندي کيس آٿت ڏنو.

”اُستاد، هن ڌنڌي ۾ ائين ٿيندو آ، پيا ڇاپا لڳندا آهن. عمران به دلبر ماڻهو آ. نئون ڌنڌو آهي، آبڪاري وارن سان ڪو حساب ڪتاب رکيو آ. هن يار به آڱوٺو ڪڍي ڏنن. اڳي به ڪڍ پيا هيس پر هيءُ گولي ٿيو وڃي. جي هٿ اچين ته کيسا خالي، سَڳ به نه. پر اڄ مال هيس. پڪڙجي ها ته وڏي ڏچي ۾ اچي ها. عمران هڪ دفعو انهن گهٽين ۾ گهڙي سو سهين، وٺ جو ناهي.“

اُستاد سڳ ۽ مال جو و ته ککو وکو ٿيو. يڪدم کڙين تي زور ڏنائين. سڌو اچي گهر ساهه پٽيائين. موليڏني کيس تڪڙو ويندي ڏٺو ته اچرج ۾ پيو.

استاد شفيع محمد ٽپڙي کڻي جيئن در کڙڪائڻ جي ڪئي ته ڏٺائين ته در ٻيڪڙيل هو. هٿ جي لوڏي سان طاق کلي پيا هو اڱڻ ۾ آيو، ڪو به نظر نه آيو، پر رڌڻي ڏانهن نظر ڪيائين ته اُستي غفور جو پٽ نظر آيو.

”سائين، اديءَ جن نانيءَ جي گهر ويون آهن. مون کي سار سنڀال لاءِ وهاري ويون. اڄ ته موڪل به سويل ٿي ويئي. خبر ناهي ڇو؟“

هن نينگر جي مٿي تي هٿ رکيو. هن رنڌڻي ۾ ڏٺو، اڄ ته منجهند لاءِ باهه به نه ٻري هئي. رَکَ ۽ ڪِرُ هئي جتان هلڪو سيڪُ پئي آيو. هو سمجهي ويو ته هي سڀ ويلو ٽارڻ لاءِ نانيءَ جي گهر ويا آهن. هو چپ چاپ وڌيو ۽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي پيو. ائين نينگر ڪوٺيءَ جي در وٽ بيهي سڏ ڪيس.

”سائين، مان وڃان.“

هن ڪنڌ ورائي کيس ها ڪئي، پوءِ پاڻ واري پراڻي آرام ڪرسيءَ تي آهلي پيو. سڄو پگهريو پيو هو ۽ پوءِ صدري ڇڪي لاهي کڻي کٽ تي اُڇلي، جنهن مان هڪ ننڍي لفافي اچي ٻاهر ٺڪاءُ ڪيو. هيءُ پُڙو ته بي جان هو پر سندس جسم ۾ جان پجئي ويئي ۽ هو سڄو ڏڪڻ لڳو. ڪي گهڙيون هن جي ڪيفيت عجيب رهي. هو سڄي ڏينهن جي ڪارگذاريءَ تي سوچيندو رهيو. هن اهو به سوچيو ته استادن ته کيس ڪڍي ڇڏيو جو هو اڃا تائين ان ڪاٺي جيان هو جيڪا ڪڏهن به ڪير ڀڄي نه سگهيو هو. هو قديم قدرن جو اَمين اُستاد هو. پر اڄ هيءُ ڇا ٿيو؟ سندس ئي گهران باهه جا شعلا اُٿيا هئا. هن عمران کي ڏوهه ڏيڻ جي بدران پاڻ کي ڏوهاري سمجهيو. ماءُ جي دادلي سو به هڪ پٽ هجڻ ڪري، هن ئي کيس ڍر ڏني ۽ اڄ هيءُ زهر سندس سامهون پيو هو. هو اُٿي بيٺو. مُٺئي وارو لڪڻ هٿ ۾ جهلي هوا ۾ ڦيرائڻ لڳو. ”اڄ عمران اچي سو سهين، کل لاهي ڇڏيندو سانس.“ هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندو ويو. ائين ٻاهريون در آهستي کڙڪڻ لڳو. هو ڇرڪي ويو ۽ ڪاوڙ ڍري ٿي ويس. هيءُ زهر جون ڍير پڙيون لفافن ۾ ويڙهيل وٽس پيون آهن. ڪٿي آبڪاري وارا ته نه آهن؟ هو بيٺو رهيو. در وري کڙڪڻ لڳو. هو نه ويو. در وري کڙڪڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ته کڙڪي ۾ ايڏو زور ناهي. آبڪاري وارا هجن ها ته گهڙي پون ها جو در ته کليل هو. هو آهستي آهستي رڙهيو ۽ اڱڻ ۾ آيو. در کولي ڀڳل پٽڙي مان ڏٺائين ته کيس اطمينان ٿيو. موليڏنو موالي بيٺو هو. هو ٽپڙي هٽائي ٻاهر آيو. هاڻ کيس ڪاوڙ پئي ائي ته هيءُ بدمعاش جنهن عمران کي کاريو، سو در تائين اچي پهتو هو. هن خار مان پڇيس. ”وري ڇا هي؟“

موليڏنو سُري ويجهو آيس. ڪن ۾ سس پس ڪيائين:

”سائين خير آ، عمران پڪي هنڌ تي آهي. آبڪاري يا پوليس ڀلي مٿو هڻي. پر نياپو ڪيو اٿائين. ته جيڪا امانت ڏني اٿائين اُها ڏيو.“

استاد ويچار ۾ پئجي ويو. پهريون ته خيال آيس ته لڪڻ وهائي ڪڍيس، پر پوءِ وري خيال آيس، هو پوئتي ڊوڙيو ٻيئي لفافا کنيائين.

”هن مصيبت مان ته جان ڇُٽي.“

هن دروازي وٽ بيهي ٽپڙي هٽائي، موليڏني کي ٻانهن کان اندر ڇڪيو. هو سٽ تي اندر هليو آيو.

”اچي پنهنجي امانت کڻ، هيڏي وري نه اچجانءِ مروان! توئي عمران کي کاريو آهي. هيءُ هڪ اشراف جو گهر آهي سمجهيئي، وري ايندين ته ٽنگون ڀڄي ڇڏيندومانءِ“ موليڏني هڪ لفافو کنيو ۽ رٻڙ۾ ويڙهيل مچو ٿيل نوٽ سندس هٿ تي رکيا ۽ اُهوئي کلندو پيلا ڪارا ڏند ڏيکاريندو اهو چئي ڀڄي ويو:

”استاد اڄ ايترو ئي مال کپي، سڀاڻ وري ايندس، عمران ٻه ٽي ڏينهن نه ايندو. هيءُ گهر ته اسان کي سولو آ. استاد ڊڄ نه، فڪر ئي نه ڪر.“ هن کي ائين لڳو ته عمران جي وڃڻ کان پوءِ هاڻ هو هيروئن جو دلال بڻجي ويو آهي. هن کي بُڇان اچڻ لڳي.

پوءِ هن ڪاوڙ ۾ در بند ڪيو ۽ اڱڻ ۾ هلڻ لڳو. هن ٽنگن ۾ سگهه ئي ڪانه پئي ڀانئين پر گهلجي پئي هليو. جڏهن رنڌڻي وٽ پهتو ته ڏٺائين ته چلهه اُهائي وساميل آهي. هن وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ٻه ڪاٺيون وجهي، پوءِ ويٺو چلهه کي ڦوڪڻ. هو ايستائين ڦوڪون ڏيندو رهيو جيستائين ڪا چڻنگ نه دُکي. هن نوٽن وارو مڙيل سُڙيل مچو به ان ۾ وجهي ڇڏيو. باهه دُکي پيئي، تيئن هن اندر ۾ باهه محسوس ڪئي. هن پلاسٽ جي پراڻي جڳ کي کنيو ۽ وڃي پراڻي مٽ مان پاڻي اوتڻ لڳو. سڄو جڳ پي ويو پر کيس لڳو ته سندس اڃ ئي نه لٿي آهي، هن ٻيو جڳ ڀريو ۽ منجي تي سهڪندو ويهي رهيو. اوچتو سندس نظر پُڙين واري لفافي تي پيئي.

”هيءَ زهر ڪير ته پيئندو؟“ سٽ ڏيئي لفافي مان هن پڙيون ڪڍيون ۽ تڪڙو تڪڙو جڳ ۾ خالي ڪرڻ لڳو. سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. پوءِ هن جڳ ۾ هٿ وجهي ان کي گهمايو، پوءِ هو تڪڙو تڪڙو هيروئن مليل پاڻي پيئڻ لڳو. هو ڀڻڪي رهيو هو:

”هيءُ زهر ڪير ته پيئندو؟“

هو هر هر چوڻ لڳو، ”هيءُ زهر ڪير ته پيئندو……… هيءُ زهر ڪير ته پيئندو؟“

هن چلهه ڏانهن ڏٺو، هاڻ اُت باهه وسامي ويئي هئي ۽ کيس لڳو ته زهريلي ڪمائي سڙي وڃڻ سان گڏ سندس اندر جي باهه به وسامي ويئي آهي ۽ پوءِ هو ساڻو ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي آهلي پيو.

سندس اکيون پورجڻ لڳيون. هو ڀڻڪڻ ۽ وڦلڻ لڳو: ”موليڏنا، هن گهر ڏي هاڻ نه اچجانءِ، ٽنگون ڀڄي ڇڏيندومانءِ.“

پوءِ هن ڏٺو ته عمران سوٽ بوٽ ۾ گهر ۾ داخل ٿيو. سندس نياڻيون ڀلن وڳن ۾ ملبوس، هٿن ۾ طعام، ساڻس گڏ اچي بيٺيون آهن. اوستو غفور به پٺيان آيو ــــ مزور ساڻ، هٿن ۾ تيشي ۽ مارو. ”استاد، جاءِ جوڙيون پيا.“

ائين استاد غلام علي هيڊ ماستر گهڙي آيو ۽ چيائين، ”استاد پينشن به اچي ويئي اٿو.“

استاد گدگد ٿيڻ لڳو. پوءِ هن اکيون کوليون پر اُتي ته ڪير به نه هو. دروازي ڏانهن ڏٺائين، دروازو بند هيو پوءِ هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون جو اُتي ته ڪير به ڪونه هو!

 

ايوب عمراڻي

 

ڳوليان ڳوليان مَ لهان!

 

مان پنهنجي اوطاق جي ننڍڙي لئبرريءَ ۾ ليٽيل هوس. خبر ناهي ته ڇا وقت ٿيو هو، پر ننڊ مون کان ڪوهين دور هئي. وقت ڄڻ ته هڪ هنڌ بيهي ويو هو جو رات ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. راجا اڄ اهڙي ڳالهه ڪري ويو هو جو منهنجي اندر جا مُرده جوالامکي ٻيهر زنده ٿي پيا هئا. راجا ويهن سالن جو ڳڀرو آهي. جيڪڏهن مان شادي ڪريان ها ته منهنجو به راجا جيترو ئي پٽ هجي ها، پر مون شادي نه ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي پٽ راجا کي ئي پٽ سمجهي پيار ڪيم. هو جسماني نه سهي، روحاني طور منهنجو ئي اولاد آهي. مون ئي سندس تربيت ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيو آهي. هو يونيورسٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي. ڪري رهيو آهي. راجا منهنجو خواب آهي. زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهه مون حاصل نه ڪيو، اُهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ راجا جي تربيت ڪئي اٿم. هر هفتي راجا يونيورسٽيءَ کان ڳوٺ ايندو آهي. مون سان اوطاق تي ڊگهي ڪچهري ڪري پوءِ گهر ويندو آهي. مان اسڪول کان ٿي اوطاق تي ئي رهندو آهيان ۽ سُمهندو به اُتي ئي آهيان. اڄ راجا آيو ته هن وٽ ڪا عام ڳالهه نه هئي، پر ڳالهين جو جوالامکي هو. اسين پهرين ته عام ڪچهري ڪندا رهياسين، پر پوءِ اوچتو راجا سوال ڪيو: ”توهان ڪهاڻيون لکڻ ڇو ڇڏي ڏنيون.؟“

مون پهرين راجا جي سوال کي هڪ عام سوال سمجهيو. چيومانس: ”دنيا ۾ جيڪي به بي مقصد ۽ اجايا ڪم آهن، ڪهاڻيون لکڻ به اُنهن مان هڪ آهي. جڏهن مون کي اِن ڳالهه جو احساس ٿيو ته ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنم!“

چيائين: ”توهان جي ڪهاڻين جا اڃا به ڪيترائي پرستار موجود آهن!“

مون کان ٽهڪ نڪري ويو. چيومانس: ”اُن سان ڪهڙو ٿو فرق پوي!... ڪو وقت هو جو مون کي شهرت ڏاڍي وڻندي هئي. منهنجي شهرت کي ڏسي رسالن جا ايڊيٽر اکيون پوري منهنجون ڪهاڻيون ڇاپيندا هئا، پر اڳتي هلي مون کي محسوس ٿيو ته شهرت ته رُڃ جيان آهي، جيڪا پري کان پاڻي محسوس ٿيندي آهي، پر جڏهن ڪو اُڃايل شخص نظر جو دوکو کائي رُڃ کي پاڻي سمجهي اُن جي ويجهو ويندو آهي ته اُتي ڪجهه به نه هوندو آهي. مون شهرت کي رُڃ سمجهي ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون آهن.“

چيائين: ”پر اڄ به توهان کي هڪ وڏو ڪهاڻيڪار سمجهيو وڃي ٿو.“

چيومانس: ”راجا! اِن سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟ هن بدبودار ۽ بيدرد وڏيرڪي سماج ۾ اديب جو قدر ئي ڪهڙو آهي؟ سوين بهترين اديب غربت جي سبب بيماريءَ جي سمنڊ ۾ غرق ٿي مري ٿا وڃن. انهن جو ڪير علاج ڪرائڻ وارو ناهي. مان ته اُنهن جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهيان!“

راجا کي منهنجي ڊگھي جواب مطمئن نه ڪيو. هن پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪري ڇڏي. چيائين: ”ڪالهه آرٽس فئڪلٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ ’ڪهاڻي سيمينار‘ هو. هڪ خاتون ته توهان جي ڪهاڻين تي پورو مقالو لکي آئي هئي.“

چيومانس: ”شايد کيس خبر ناهي ته مان ڪهاڻين کي فضول سمجهي لکڻ ڇڏي چڪو آهيان!“

چيائين: ”هوءَ اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. سچ پچ ته هُن جڏهن توهان جي ڪهاڻين تي مقالو پڙهيو پئي، تڏهن منهنجو ڪنڌ فخر وچان اوچو ٿي ويو. مون پنهنجي هڪ دوست کي ٻڌايو ته جنهن ڪهاڻيڪار تي مقالو پڙهيو پيو وڃي، اُهو منهنجو فادر آهي.“

مون کي راجا جي ڳالهه تي حيرت ٿي. سوچيم ته اُها خاتون ڪير ٿي سگهي ٿي؟ ساڳئي وقت شڪ جو تير به سيني جي آرپار گذري ويو. مون پڪ ڪرڻ لاءِ راجا کان پڇيو: ”اُن ميڊم جو نالو ڇا آهي؟“

چيائين: ”ميڊم صوفيه!... آمريڪا ۾ ڏهه سال پڙهائڻ کان پوءِ ٻيهر يونيورسٽي جوائن ڪئي اٿس.“

منهنجي بدن مان سيسڙاپ نڪري ويا. احساس ڪمتريءَ جو ڀالو سيني اندر کُپي ويو. مون ڄڻ ته تڙپندي چيو: ”ميڊم صوفيه!“

راجا چيو: ”ها، انگريزيءَ جي پروفيسر آهي… توهان کيس سڃاڻو؟“

چيومانس: ”هڪ پرائمري ماستر يونيورسٽيءَ جي آمريڪا مان پڙهي آيل پروفيسر کي سڃاڻڻ جي جرئت ڪيئن ٿو ڪري سگهي!“

چيائين: ”پر هُوءَ ته توهان کي سڃاڻي ٿي!“

چيومانس: ”ها، شايد سڃاڻندي هجي، تڏهن ته منهنجي ڪهاڻين تي مقالي پڙهڻ جي مهرباني ڪئي اٿس.“

راجا چيو: ”اڄ مان ميڊم سان ملڻ سندس آفيس ۾ ويو هوس. کيس ٻڌايم ته جنهن ڪهاڻيڪار تي توهان ڪالهه مقالو پڙهيو هو، اُهو منهنجو فادر آهي.“

”هان، تو ائين چيس؟“، مون کان لفظ ڄڻ ته پاڻمرادو ادا ٿي ويا. اندر جي آتش فشان ۾ لاوو لهرون هڻڻ لڳو ۽ پوءِ مون پاڻ سنڀاليندي کيس چيو: ”پوءِ توکي ڇا چيائين!“

”کيس يقين ئي نه پئي آيو ته مان توهان جو پٽ آهيان، پر پوءِ جڏهن مون کيس پنهنجي گڏ نڪتل تصوير ڏيکاري، تڏهن کيس يقين آيو، هِن مون کي چانهه پياري ۽ توهان لاءِ چيائين، ته جڏهن به يونيورسٽي اچو، ته ساڻس ضرور ملو.“

منهنجي اندر ۾ وَڍ پوڻ لڳا. چيومانس: ”مان ساڻس ڇو ملان؟ جيڪڏهن هوءَ منهنجي ڪهاڻين جي پرستار آهي ته کيس مون سان ملڻ گهرجي!“

راجا منهجي ڳالهه تي حيران ٿي ويو. چيائين: ”تمام وڏا ماڻهو ميڊم سان ملڻ اچن ٿا. توهان به ملندا ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پوندي!“

راجا منهنجي انا کي سمجهي نه سگهيو. مون کيس خوش ڪرڻ لاءِ چيو: ”ها راجا! تنهنجي ميڊم صوفيه سان تمام وڏا ماڻهو ملڻ ايندا هوندا. مان ٿيس هڪ ڄٽ پرائمري ماستر، اُن سان هوءَ ڇو ملڻ ايندي! جڏهن به يونيورسٽيءَ هلڻ ٿيو، ته ميڊم صوفيه سان ضرور ملبو.“

جڏهن راجا گهر هليو ويو تڏهن اڪيلائيءَ ۾ خبر ناهي ته ڇو مون کان ننڊ ڪوهين دور ٿي ويئي. ماضيءَ جا زخم ٻيهر اُٿلي پيا. سوچيم ته ماضيءَ جي زخمن کي ڀرڻ لاءِ شاهه لطيف جيان جوڳين جي ڪنهن ٽولي سان شامل ٿي در در سئن هڻي، سڀ ڪجهه وساري ڇڏيان ۽ ائين ئي زندگي گذري وڃي، پر ماضيءَ کي جيترو وسارڻ جي ڪوشش ڪبي آهي اوترو ئي ياد ايندو آهي. يادون پل پل ۾ وَڍ ڏينديون آهن. ڇٽل زخمن تي ٻيهرضرف لڳائي لوڻ ٻُرڪنديون آهن. صوفيه جي ياد ته وري به اهڙي هئي جنهن سان دل جي ڌڙڪن جو ناتو هو. صوفيه، جيڪا منهنجي جيون جو اڻ ٽُٽ حصو هئي. صوفيه، جنهن کي مون دعائن ۾ گهريو هو، جنهن جي ڪري مان ڪهاڻيڪار بنيو هوس. جسماني نه سهي روحاني طور به مون سان گڏ آهي! آءٌ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيس ۽ لئبرريءَ جي ڪٻٽ مان ڪتابن پويان صوفيه جي بليڪ ايند وائيٽ تصوير وارو فريم ڪڍي سامهون واريءَ ڀت تي لڳائي ڇڏيم ۽ پوءِ ماضي جا زخم اُٿلي پيا!

مان ۽ صوفيه هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين. هيءُ اُهو زمانو هو جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ادب ۽ ادبي ماڻهن جو گهڻو قدر هو. مون کي اِها خبر نه هئي ته صوفيه منهنجون ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون دلچسپيءَ سان پڙهندي آهي. مون کي اها به خبر نه هئي ته صوفيه جي سنڌي ادب تي تمام گهري نظر آهي.

هڪ دفعي ڪچهري ڪندي اچانڪ منهنجي تازي ڇپيل ڪهاڻيءَ ”سفر“ تي ڇتي تنقيد ڪيائين، ۽ ڪهاڻين لکڻ لاءِ مون کي ڏاڍا مفيد مشورا ڏنائين ۽ پوءِ مون پوري محنت سان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪري ڏنيون. هڪ ڪهاڻي کي ڏهه ڏهه دفعا لکي مطمئن ٿي پوءِ ڇپرائيندو هوس. نيٺ منهنجي ڪهاڻين جي موٽ ملڻ شروع ٿي ۽ منهنجي ڪهاڻين جي سڀ کان وڏي مداح صوفيه بڻي! ائين اسان هڪٻئي کي گهڻو ويجهو اچي واياسين. صوفيه منهنجي ڪل ڪائنات بنجي چڪي هئي. منهنجي ڪهاڻين لکڻ جو مقصد هاڻي صرف صوفيه کي خوش ڪرڻ رهجي ويو هو. مان صوفيه جي ساٿ ۾ ڄڻ ته خلائن ۾ اُڏامي رهيو هوس. اسان سڄي زندگي گڏ گذارڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئاسين. يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جا چار سال خواب جيان گذري ويا. مون ايم. اي. ڪري نوڪريءَ جي ڳولا شروع ڪئي، پر مون کي بيروزگاري پلئه پيئي. صوفيه کي يونيورسٽيءَ ۾ ئي ليڪچرارشپ ملي ويئي. مان آڱوٺي ڇاپ وڏيرن جي پويان نوڪريءَ لاءِ جُتيون گسائيندو رهيس، پر مون کي نوڪري نه ملي. نيٺ تنگ ٿي هڪ نوڪريون ڏياريندڙ دلال کي ڏهه هزار رپيا رشوت ڏيئي، پرائمري ماستري ورتم ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ اچي ڏاڍي خوشيءَ سان صوفيه کي ٻڌايم: ”صوفيه! مان پرائمري ماستر ٿي ويو آهيان!“

منهنجي اِن ڳالهه تي صوفيه مون کي حيرت مان ڏسندي رهي. کيس منهنجي ماستر ٿيڻ تي ڪابه خوشي نه ٿي. چيائين: ”تون ڪميشن جي تياري ڇو نٿو ڪرين؟“

چيومانس: ”ڪميشن جي تياريءَ لاءِ پئسو ۽ وقت گهرجي. مون وٽ ٻيئي ناهن!“

چيو هئائين: ”پئسي ۾ مان توکي مدد ڪنديس، وقت توکي ڪڍڻو پوندو.“

چيومانس: ”صوفيه! توکي منهنجي هيءَ پرائمري ماستري نٿي وڻي؟“

منهنجي اِن سوال تي عجيب انداز ۾ مون کي گهوري ڏٺو هئائين. پوءِ چيائين: ”دنيا ۾ ڪڏهن پرائمري ماستر ۽ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جو پاڻ ۾ جوڙ ٺهيو آهي؟ توکي منهنجي برابر اچڻ لاءِ سي. ايس. ايس. ڪرڻي پوندي!“

صوفيه جو جواب ٻڌي منهنجو اندر وڍجي ويو. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪمتريءَ جو احساس ٿيو. آخر ڪميشن ڏنم، پر نوڪريءَ لاءِ منهنجي نالي جي لاٽري نه کُلي ۽ مان پرائمري ماستر ئي رهجي ويس. احساس ڪمتريءَ جي اوڙاهه ۾ جلندي صوفيه جي منهن تي چڙهڻ جي لائق به پاڻ کي نه سمجهيم. سوچيم، ڪٿي هڪ پرائمري ماستر ۽ ڪٿي يونيورسٽيءَ جي خاتون ليڪچرار، جيڪا اڳتي هلي پروفيسر به ٿي ويندي، پر پرائمري ماستر ته سڄي عمر پرائمري ماستر ئي رهندو! جيڪڏهن مان صوفيه جي جاءِ تي ليڪچرار ۽ هوءَ منهنجيءَ جاءِ تي ماسترياڻي هجي ها ته مان کيس قبول ڪري وٺان ها، پر… مون مايوس ٿي صوفيه کي خط لکيو ته ”صوفيه! مان بدنصيب آهيان. مون کي قسمت ساٿ نه ڏنو، جو تنهنجي برابر اچي سگهان. سڄي حياتي توکي ياد ڪندي. تنهنجي خوشيءَ خاطر ڪهاڻيون لکندي گذاري ڇڏيندس.“ منهنجي خط جي جواب ۾ صوفيه جو خط چند ڏينهن ۾ اچي ويو. سندس لهجو ڏاڍو سخت هو. لکيو هئائين: ”ڪهاڻيون لکڻ جي جنون توکي ڪاهل ۽ سست بنائي ڇڏيو آهي. تون زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڏاڍو پوئتي رهجي ويو آهين. لڳي ٿو ته سڄي عمر پرائمري ماستر رهندين!“

صوفيه جي لفطن جگر کي چيري لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو. مون ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي، پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي هٿن سان مٽائي ڇڏي. اُن ڏينهن مون کي محسوس ٿيو ته پرائمري ماستري ڪهڙي ڪمتريءَ جو نالو آهي. پرائمري ماستر بنجي مون ڄڻ ته تمام وڏو ڏوهه ڪيو هو. آءٌ افسوس ۽ حيرت جي آگ ۾ جلڻ لڳس. صوفيه، جنهن مون سان سڄي زندگي ساٿ نڀائڻ جو فيصلو ڪيو هو، سا پنهنجي فيصلي کي وساري چڪي هئي. پر منهنجي نس نس ۾ صوفيه جي تنوار هئي. صوفيه کي وسارڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. تڏهن فيصلو ڪيم ته زندگي ڀر شادي نه ڪندس ۽ پنهنجو نالو اُنهن عاشقن ۾ لکائيندس، جيڪي زندگيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو ئي محبت ڪندا آهن ۽ سندن پوري زندگي محبوب جي تلاش ۾ گذرندي آهي، پر هو محبوب ماڻڻ کان سواءِ ئي هيءُ دنيا ڇڏي هليا ويندا آهن. مون به صوفيه جي محبت کي سيني ۾ سانڍي شادي نه ڪئي ۽ پنهنجي ڀائٽي ”راجا“ کي پٽ جيان پاليم.

اڄ جڏهن صوفيه کان وڇڙندي ويهه سال گذري ويا آهن، منهنجي مٿي جا اڌ وار اڇا ٿي ويا آهن، تڏهن صوفيه منهنجي سيني ۾ دفن ٿيل دکن، پيڙائن ۽ احساس ڪمتريءَ کي ٻيهر زنده ڪري ڇڏيو آهي. مون کي ته رڳو صوفيه جي طرفان سندس هڪ تصوير جو تحفو ۽ ٻيا سڀ دک مليا هئا!

مون صوفيه جي سامهون رکيل تصوير ڏانهن ڏٺو ۽ ساڻس ڳالهائيندي چيو:

”مان ته بس هڪڙو پرائمري ماستر آهيان ۽ تون يونيورسٽيءَ جي پروفيسر. تنهنجو منهنجو ڪهڙو جوڙ؟ مان ته بس تنهنجي خوشيءَ جي خاطر ڪهاڻيڪار بنيو هوس، پر تو ليڪچرار بنجي سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو. تو مون کي ڪهاڻيڪار جو مهڻو ڏنو ۽ مون ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون. پر تو هينئر منهنجي ڪهاڻين تي پيپر ڇو پڙهيو آهي؟ تون مون سان ڇو ٿي ملڻ چاهين؟ ڇڏي ڏي مون کي، مان گمنام ۽ گوشه نشين ٺيڪ آهيان. وري ڪهاڻيون نه لکندس. وري شهرت جي رُڃ جو راهي نه ٿيندس!...“

منهنجي سڄي رات ائين ئي وهامي ويئي. صبح جو مان نيم خوابيده حالت ۾ هوس ته راجا منهنجي لاءِ چانهه کڻي آيو. راجا جي پيرن جي آهٽ تي منهنجي اک کُلي پيئي. راجا چانهه جو گرم ڪوپ مون کي ڏيندي صوفيه جي جوانيءَ جي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير کي حيرت مان ڏٺو. چيائين ”لاله! هيءَ ڪنهن جي تصوير آهي؟“

مان پهرين ته گهٻرائجي ويس، پر پوءِ پاڻ سنڀاليندي چيم: ”اها ويچاري منهنجي ڪهاڻين جي پرستار هُئي، مون کيس پنهنجون ڪهاڻيون ڏنيون ۽ هن اها تصوير ڏيئي ڇڏي.“

راجا مُرڪندي پنهنجي ٻانهن منهنجي ڪلهي تي رکندي چيو: ”واهه لاله واهه! توهان ته وڏي شيءِ هئا!“

مان کيس ڪو جواب ڏيڻ بدران مُرڪي پيس. هو اڄ واپس يونيورسٽيءَ وڃي رهيو هو. مون کان موڪلائيندي چيائين:  پوءِ ميڊم صوفيه کي ڇا چوان…“ توهان ساڻس ڪڏهن ملڻ ويندا؟“

مون ٿڌو ساهه کڻندي صوفيه جي تصوير ڏانهن ڏسندي چيو: ”کيس چئجانءِ ته مان يونيورسٽي ايندي گهٻرائيندو آهيان. همت جواب ڏيئي ويندي آهي. جيڪڏهن توهان چاهيو ته مان توهان سان گهر يا ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي ملان!“ راجا هليو ويو. مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته هاڻي ڇا ڪجي؟ مان صوفيه سان ملان ته کيس ڇا چوان، ساڻس ڇا ڳالهايان. ڪٿي منهنجي ڳالهائڻ کان اڳ ئي ويهن سالن کان ساڻس جدائي ۽ اندر ۾ سانڍيل وڇوڙي ۽ درد جو آتش فشان ڦاٽي نه پوي ۽ آءٌ پاڻ تي قابو پائي نه سگهان. کيس پنهنجي زخمي دل جي احساسن بابت ٻڌايان يا سندس طرفان ڌڪارجي ۽ تڙجي وڃڻ کان پوءِ دل جي ماتم ڪدي ۾ هميشه لاءِ رهجي ويل ”يوم عاشور“ جي جهلڪ ڏيکاريان؟ سوچيم: مان کيس چوندس، ته صوفيه تو منهنجي اندر ۾ اوندهه ڀري، منهنجي خوابن کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو. پهرين ڪهاڻيڪار هُئڻ تي مون کي ساراهيو، پر بعد ۾ ڪهاڻيڪار هئڻ جو طعنو ڏيئي مون کان ڪهاڻيون لکرائڻ ڇڏائي اڄ وري ويهن سالن کان پوءِ فرمائش ڪئي اٿئي ته مان توسان ملان…؟

هڪ هفتي تائين مان صوفيه بابت خود ڪلامي ڪندو رهيس. ڄڻ هوءَ منهنجي سامهون هجي ۽ مان کيس ويهن سالن کان ڪٽيل دک جي اندوهناڪ ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هجان!

هفتي کان پوءِ راجا موٽي آيو. ايندي صوفيه جو خط ڏنائين. لکيو هئائين: ”ڏاڍو ضدي شخص آهين! يونيورسٽي نه سهي، ايندڙ آچر تي گهر ئي اچجان، مان انتظار ڪنديس!“

راجا مرڪندي چيو: ”لاله، ميڊم ڇا لکيو آهي؟“

چيومانس: ”هن ايندڙ آچر تي مون کي پنهنجي محل نما گهر تي سڏايو آهي.“

چيائين: ”لڳي ٿو ته ميڊم توهان جون ڪهاڻيون پڙهي اڌ وَهيءَ ۾ توهان تي پرپٺ موهت ٿي پئي آهي!“

مون حيرت مان راجا ڏانهن ڏٺو. سندس دل رکڻ خاطر اڻڄاڻ بڻجندي چيم: ”ميڊم صوفيه ڪيئن آهي؟“

چيائين: ”ويري ڪيوٽ!... پنهنجي عمر کان به ڏهه سال ننڍي ٿي نظر اچي.“ کيس ڀوڳ ڪرائيندي چيم: ”پنهنجي يونيورسٽيءَ جي ٽيچر بابت اهڙا لفظ استعمال ڪندي توکي شرم اچڻ گهرجي!“

راجا گهٻرائجي ويو: ”چيائين آءِ ايم سو ساري لاله.“

راجا گهر هليو ويو. مان وري به صوفيه جي خيالن ۾ گم ٿي ويس…

آچر جي ڏينهن مان صوفيه سان ملڻ ويس. در تي پهچي گهنٽي وڄايم. ڪنهن جا قدم سئنڊل جي ٽڪ ٽڪ سان اڳتي وڌڻ لڳا. منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. سوچيم صوفيه ئي هوندي پر جيئن ئي در کليو ته صوفيه نه هئي. سندس جاءِ تي هڪ اڙهن اوڻيهن سالن جي ڇوڪري بيٺي هئي. کيس ڏسي گهٻرائجي ويس ته ڪٿي غلط در تي ته نه اچي ويو آهيان. پوءِ منهنجي زبان مان رڳو ايترو نڪتو: ”ميڊم صوفيه جو گهر؟…“

هن منهنجي گهٻراهٽ ڏسي چيو: ”ها، هي آهي ميڊم جو گهر!“

چيومانس: ”ميڊم گهر ۾ موجود آهي؟“

چيائين: ”نه، پاڻ مارڪيٽ ويون آهن.“

مون واپس مڙندي چيو: ”ٺيڪ آ، مان ڪجهه وقت ترسي پوءِ ٿو اچان!“ مان اڃان پوئتي مُڙيو ئي هوس جو هُن پڇي ورتو. ”توهان جو نالو؟“

چيومانس: ”منهنجو نالو سارنگ آهي، مان پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر آهيان!“

منهنجو نالو ٻُڌي هوءَ حيران ٿي ويئي. پوءِ ڪجهه ياد اچڻ تي خوش ٿيندي چيائين: ”توهان ڪهاڻيڪار به آهيو نه؟“

چيومانس: ”ها، ڪنهن زماني ۾ ڪهاڻيون به لکندو هوس!“

هن منهنجو جواب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري دروازو کولي ڇڏيو: ”سر! پليز… اندر اچو… اڄ توهان سان تمام گهڻي ڪچهري ٿيندي.“

مان گهٻرائجي اندر داخل ٿيس. هوءَ مون کي ڊرائنگ روم ۾ وٺي آئي. مون کي ويهڻ لاءِ چيائين. مان ويٺس ته هن چيو: ”سر! مان توهان لاءِ چانهه کڻي ٿي اچان!“ هوءَ تڪڙي تڪڙي ٻاهر هلي ويئي. مان حيرت جو عجوبو بڻيو سڀ ڪجهه ڏسندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته اها ڇوڪري صفيه جي ڇا لڳندي هوندي؟ ڌي؟ ها ها، ڌيءَ ئي نه هونديس ته ٻيو ڇا. هن مون وانگر سڄي عمر شادي نه ڪري ڪا ڀائٽي يا ڀاڻيجي ته نه پالي هوندي… مان اِنهن ئي سوچن ۾ گم هوس ته هوءَ چانهه جي ٽري کڻي اندر آئي. مون کي چانهه ڏيندي چيائين: ”سر جيستائين مما اچي تيستائين پاڻ ٿا ڪچهري ڪري وٺون!“ سندس واتان اهي لفظ ٻڌي منهنجو شڪ پڪ ۾ ڀلجي ويو ته هوءَ صوفيه جي ئي ڌيءَ آهي. چانهه منهنجي لاءِ زهر جو ڍڪ بنجي ويئي. مون دل ئي دل ۾ چيو: صوفيه! شيڪسپيئر سچ چيو آهي ته عورت جو ٻيو نالو بيوفائي آهي. تون پنهنجي ڪئليبر جي مدد سان شادي ڪري وڃي آمريڪا وسائي ۽ هاڻي وري منهنجي وڏي همدرد بنجي مون کي اهو سڀ ڪجهه ڏيکارڻ لاءِ گهر ۾ گهرايو اٿئي…

”سر! توهان ڪهاڻيون لکڻ ڇو ڇڏي ڏنيون؟“

ڇوڪريءَ جي اچانڪ سوال تي منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. چيومانس: ”جهڙيءَ طرح ڪنهن مرد جي ڪاميابيءَ جي پٺيان ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آهي، اهڙيءَ طرح ڪنهن مرد جي ناڪاميءَ جي پٺيان به ڪنهن عورت جو ئي هٿ هوندو آهي. مون سان به ائين ئي ٿيو.“

”سو وري ڪيئن؟“ هن تجسس وچان چيو.

چيومانس: ”جنهن عورت همت ٻڌائي مون کي ڪهاڻيڪار بنايو، اُن اڳتي هلي هڪ ڏينهن مون کي ڪهاڻيڪار هئڻ جو مهڻو ڏيئي، مون کي پنهنجي غربت جو احساس ڏياريو ۽ مون ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون.“

هن حيرت مان چيو: ”اوه سر!... توهان ايتري ننڍڙي ڳالهه تي ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون!“

مون دل ئي دل ۾ چيو ”اڻڄاڻ ڇوڪري! اِها عورت تنهنجي ماءُ هئي، جنهن کي مون ايترو ته چاهيو هو جو سندس پسند ناپسند منهنجي لاءِ حڪم جو درجو رکندي هئي“ پر مان اهو سڀ ڪجهه کيس نه چئي سگهيس، رڳو ايترو چيومانس: ”توهان پنهنجو تعارف نه ڪرائينديون؟“

کانئس ٽهڪ نڪري ويو. کلندي چيائين: ”مان به ڪيڏي بيوقوف آهيان، پنهنجو تعارف نه ڪرايو اٿم ۽ سوالن مٿان سوال ڪندي ٿي وڃان! منهنجو نالو مومل آهي. مان آمريڪا ۾ پيدا ٿيس ۽ هاڻي هِتي آهيان. مميءَ مون کي تمام وڏي محنت سان آمريڪا ۾ سنڌي پڙهائي ۽ سيکاري. جڏهن هتي آياسين ته مميءَ جي پراڻيءَ لائبرريءَ ۾ جيڪي سنڌي ڪتاب هئا اِهي پڙهي چٽ ڪري ڇڏيم. اُنهن ۾ توهان جون ڪهاڻيون به هيون!“

چيومانس: ”بس مون ته بيوقوفيءَ ۾ چند ڪهاڻيون لکيون هيون، هاڻي اِهو ماضيءَ جو وسريل داستان بنجي ويو آهي.“

چيائين: ”سر! توهان جون ڪهاڻيون ته غضب جون آهن. توهان آمريڪا ۾ ويهي اهڙيون ڪهاڻيون لکو ها ته هينئر وڏن اديبن ۾ ليکيا وڃو ها. پر توهان پاڻ کي هڪ عورت جي ڪري ضايع ڪري ڇڏيو!“

چيومانس: ”مون کان منهنجي ڏات رسي وئي. منهنجي لفظن مان ساهه نڪري ويو. منهنجا ڪردار مردا بنجي ويا ۽ لکڻ منهنجي وس کان ٻاهر ٿي ويو.“

هن حيرت مان مون کي ڏسندي چيو: ”يعني توهان جي نه لکڻ پٺيان به هڪ وڏي ڪهاڻي آهي.“

مان خاموش رهيس، کيس ڪوبه جواب نه ڏيئي سگهيس. هن کلندي چيو: ”توهان منهنجي بيڪار سوالن تي ناراض ته نٿا ٿيو نه؟ دراصل اڄ آچر هجڻ ڪري اسان جي ملازمه موڪل تي ويل آهي، جنهن ڪري مميءَ کي خود شاپنگ لاءِ وڃڻو پيو آهي.“

چيومانس: ”ڪا ڳالهه ناهي، توهان سان سٺي ڪچهري ٿي رهي آهي. توهان ڀلا ادب پڙهڻ کان علاوه ڇا ڪنديون آهيو؟“

چيائين: ”يونيورسٽيءَ ۾ انگلش لٽريچر ۾ ماسٽرس ڪرڻ جو پروگرام آهي. هن ئي سال ائڊميسن وٺنديس.“

چيومانس: ”ويري گڊ! ڪو ته ماڻهو آهي جيڪو لٽريچر ۾ ماسٽرس ڪرڻ چاهي ٿو پوءِ انگريزيءَ ۾ ئي سهي. سڀڪو پيو ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ سائنس جي مختلف سبجيڪٽن ڏانهن ڊوڙي.“

هن کلندي چيو: ”سر! مميءَ جي اهائي خواهش آهي ته مان ڊاڪٽر ٿيان، پر مون کي محسوس ٿئي ٿو ته مان صرف ادب لاءِ ئي پيدا ٿي آهيان!“

کلندي چيومانس: ”بس رڳو هڪ ڳالهه جو ڌيان رکجو ته ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ مون جيان پرائمري ماستر نه ٿجو، نه ته وينديون دنيا جهان کان!“

هن کان ٽهڪ نڪري ويو. عين اُن وقت تي ٻاهر گاڏيءَ جو هارن لڳو. مومل چيو: ”شايد ممي اچي ويئي!“

مومل ٻاهر هلي ويئي. منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ جي رفتار وڌي ويئي. مان ڊرائنگ روم مان ٻاهر نڪري آيس. ڏٺم ته صوفيه گاڏي پورچ ۾ بند ڪري اچي رهي هئي. اکين تي ڪارو چشمو لڳل هوس. ڪاٽن جو ڀرت ڀريل وڳو ۽ وار ڪٽيل. اُهوئي حسن ۽ اُهائي خوبصورتي! کيس ڏسندي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪائنات جي رفتار اوچتو رڪجي ويئي آهي. کانئس وڇڙڻ کي ويهه سال نه پر ويهه منٽ گذريا آهن. مون تي نظر پوندي ئي ڪارو چشمو لاهي مون کي غور سان ڏسڻ لڳي حيرانيءَ مان مون کي تڪيندي آخر سڃاڻي ورتائين ۽ پوءِ منهن تي زوريءَ مرڪ آڻيندي مون ڏانهن وڌي آئي. مون سان هٿ ملائيندي چيائين: ”ڪيئن آهين؟“

چيومانس: ”شهر جو مهذب عورتون مردن سان هٿ نه ملائينديون آهن، اهو ڪم ته سان جي ٻهراڙين جي ڄٽڻين جو آهي!“

مرڪندي چيائين: ”مون کي کڻي چٽڻي سمجهه!“

چيومانس: ”مان ڀلا اهڙو گناهه عظيم ڪيئن ٿو ڪري سگهان!“

چيائين: ”ٺيڪ آ، تون هلي اندر ويهه ته مان گاڏيءَ مان سامان لاهي ٿي اچان. مومل توکي چانهه ته پياري هوندي.“

چيومانس: ”چانهه پيارڻ سان گڏ آڏي پڇا به ڪئي اٿس!“ مومل کان ٽهڪ نڪري ويو.

مان ٻيهر ڊرائنگ روم ۾ ويٺس. ٿوريءَ دير کان پوءِ صوفيه ۽ مومل به اچي ويون. صوفيه مون کي ڏسندي چيو: ”ڏي خبر! ڪيئن پيو وقت گذري.“

چيومانس: ”ائين ئي جيئن اڳي گذرندو هو!“

چيائين: ”افسوس آهي مون کي آمريڪا کان آئي ٻه سال ٿي ويا آهن. تون ڪڏهن رڳو ملڻ به نه آئين!“

چيومانس: ”پرائمري ماستر آهيان. منهنجي اهڙي اوقات ڪٿي جو توسان ملڻ جي جرئت ڪريان!“

منهنجي اِن جواب تي غضبناڪ نظرن سان مون کي ڏٺائين. چيائين: ”مون کي تو جهڙي ماڻهوءَ تي سدائين رحم آيو آهي. تون پنهنجي محرومين تي ڏاڍو چيڙاڪ بنجي پيو آهين!“

مون ڏانهس افسوس مان ڏٺو، چيم: ”مون ويهه سال ڳوٺ جي معصوم ٻارن کي پڙهايو آهي. مون کي ڪا به محرومي ناهي. مون پنهنجي تعليم ۽ علم ڳوٺ جي معصوم ٻارن ۾ شيئر ڪيو آهي. گهڻي پگهار جي لالچ ۾ آمريڪا وڃي پنهنجو علم وڪرو نه ڪيو اٿم!“

منهنجو جواب ٻڌي اکين ۾ زهر ڀرجي آيس. چيائين: ”۽ اُن پرائمري ماستريءَ مان پنهنجي پٽ کي پڙهائي يونيورسٽيءَ تائين پهچايو اٿئي!“ صوفيه جي لهجي ۾ ٽوڪ هئي. چيومانس: ”راجا جسماني نه سهي، روحاني طور منهنجو ئي پٽ آهي!“

چيائين: ”توکي ڪهڙو اولاد آهي!“

چيومانس: ”مون شادي نه ڪئي آهي!“

”ڇو؟“ هن حيرت مان چيو.

مون مومل ڏانهن ڏٺو، پوءِ چيم: ”جنهن سان شادي ڪرڻ چاهيم ٿي، اُن مون کي پرائمري ماستريءَ جو مهڻو ڏنو ۽ …“ مان پنهنجو جملو پورو نه ڪري سگهيس.

چيائين: ”ٿي سگهي ٿو ته هوءَ تنهنجو ڀلو چاهيندي هُجي!“

”ممي! توهان اُن عورت کي سڃاڻو؟“ اوچتو مومل سوال ڪيو.

صوفيه مومل جي سوال تي هڪي ٻڪي ٿي ويئي. صوفيه مومل کي ڪوبه جواب نه ڏنو. مومل چيو: ”ممي! جيڪڏهن توهان اُن عورت کي سڃاڻو ٿيون ته مون کي ساڻس ملائجو ته مان ساڻس وڙهنديس. کيس چونديس ته تون ڪيڏي نه بي رحم آهين!

تو اسان جي عظيم ڪهاڻيڪار کي سڄي عمر ٽارچر ڏنا آهن. تون ڪيڏي نه غير مهذب ۽ لالچي عورت آهين!“

صوفيه جي چهري تي ڄڻ ته زهر هارجي ويو. ڪاوڙ مان ڌيڻس کي چيائين: ”مان اُن عورت کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي، هوءَ بي ڏوهي آهي!“

مومل عجيب انداز ۾ جذباتي ٿيندي چيو: ”اُن جي معنيٰ ته سارنگ صاحب ڪوڙ ٿو ڳالهائي؟“

صوفيه ڪاوڙ مان چيس: ”تون وڏن جي ڳالهين ۾ ٽنگ نه اڙاءِ، ڪِچن ۾ هل ۽ ڀاڄي تيار ڪر!“

مومل ماءُ جو حڪم ٻڌي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي.

ڪجهه دير تائين اسان ڪجهه به ڳالهائي نه سگهياسين. آخر مون صوفيه کي چيو: ”خبر ناهي ته مون تي هي نظر ڪرم ڇو پيو ٿئي. پهرين منهنجي ڪهاڻين تي يونيورسٽيءَ ۾ پيپر پڙهيو اٿئي ۽ اڄ هِتي گهرايو اٿئي. مون ته ويهه سال اڳ ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون هيون، جڏهن ته مون کي ڪهاڻيڪار هئڻ جو مهڻو ڏنو هو!“

چيائين: ”اِهو سڀ ڪجهه مومل جي اصرار تي ٿيو آهي. هن کي تنهنجون ڪهاڻيون تمام گهڻو وڻن ٿيون. اِهو مقالو به مومل جو ئي لکيل هو، رڳو پڙهيو مون هو!“

منهنجي اندر کي ڀوانٽي اچي ويئي. چيومانس: ”اِن جو مطلب اهو آهي ته جيئن مون سمجهيو آهي، ائين ئي آهي!“

چيائين: ”تو ڇا سمجهيو هو؟“

مون هن ڏانهن ڏسندي چيو: ”مون سمجهيو هو ته تو جيڪي ڪجهه مون سان ڪيو آهي اُن جو توکي احساس ٿي ويو آهي. تو اُن جي تلافي ڪرڻ ٿي چاهي، پر مون سان ته دوکو ٿيو آهي!“

چيائين ”مون کي اِن ڳالهه جو افسوس آهي. جيڪڏهن توکي مون کان ڪو ڏک پهتو آهي ته آءٌ توکان معافي ٿي وٺان. دراصل اڄ مون توکي هڪ ضروري ڪم سانگي گهرايو آهي!“

چيم: ”ڪهڙو ڪم!“

چيائين: ”پهرئين اِهو وعدو ڪر ته اُهو ڪم ڪندين!“

مون ساڻس وعدو ڪندي چيو: ”ڏس صوفيه! اڄ تائين مون توسان جيڪو به وعدو ڪيو آهي اُهو پورو ڪيو آهي. مان تنهنجو اُهو ڪم ضرور ڪندس!“

چيائين ”سارنگ! مان هڪ طلاق يافته عورت آهيان! مومل منهنجي زندگيءَ جو سهارو آهي. هوءَ اديب بنجڻ لاءِ ضد ٻڌيو ويٺي آهي. مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي هوءَ اديب بنجي پاڻ کي تباهه نه ڪري ڇڏي!“

مون حيرتناڪ نظرن سان کيس ڏٺو. اندر ۾ احساس ڪمتريءَ جو زهر اُٻڙڪا ڏيڻ لڳو.

هن وڌيڪ چيو: ”هن ملڪ ۾ اديب کي ڇا مليو آهي؟ بک، بيروزگاري ۽ ذلت کان سواءِ ڪجهه به نه! هيءَ قوم اديبن کي بکيو ۽ بيمار ڪري ماريندي آهي. مون توکي ان لاءِ سڏايو آهي ته جيئن هوءَ توکي پنهنجي اکين سان ڏسي ته هيڏي وڏي ڪهاڻيڪار کي ڪهاڻين لکڻ مان ڇا مليو!؟“

مون پنهنجي پيرن جي هيٺان ڌرتي کي کسڪندي محسوس ڪيو. مون کي لڳو ته مان ڌرتيءَ تي بار آهيان. مون ته ائين پئي سمجهيو ته هِتي منهنجي وڏي پذيرائي ڪئي ويندي، پر هتي ته معاملو ئي ٻيو هو. مان چپ ٿي ويس. خاموشيءَ سان ڪمري ۾ لڳل هڪ پئنٽنگ کي ڏسندو رهيس. پئنٽنگ ۾ ڌرتي ۽ آسمان ڏيکاريل هو. آسمان تي چند نواب وڏي ٽيبل تان مال مليدا کائي رهيا هئا ۽ ڌرتي ڏانهن هڏيون اڇلائي رهيا هئا. ڌرتيءَ تي سوين انگ اگهاڙا بکيا اُهي هڏيون ۽ اوبر جو کاڌو جهٽڻ لاءِ هڪٻئي سان وڙهي رهيا هئا. مون محسوس ڪيو ته انهن هڏين جهٽيندڙن ۾ مان پاڻ به بيٺو آهيان. جُڳ گذري ويا آهن ۽ اُنهن هڏين تي گذارو ڪري رهيو آهيان ۽ صوفيه آسمان تي ويهي مون ڏانهن هڏيون اڇلائي رهي آهي! مون مڙي صوفيه ڏانهن ڏٺو. صوفيه چيو: ”مون کي يقين آهي ته تون وعدي مطابق مومل کي سمجهائيندين!“

مان احساس ڪمتريءَ ۾ پڄرندو رهيس. کيس ڪوبه جواب نه ڏيئي سگهيس. هن اُٿندي چيو: ”توکي بُک ته لڳي هوندي؟ ماني تيار ٿيڻ واري آهي. مومل هن عمر ۾ ڏاڍي سٺي ڪڪنگ ڪندي آهي. سندس هٿ جي ٺاهيل ماني توکي ضرور پسند ايندي!“

عين اُن وقت مومل ڪمري ۾ داخل ٿي چيائين: ”ماني تيار آهي!“

پوءِ جڏهن مان مومل جي هٿ جي تيار ٿيل ماني کائي پوري ڪئي، تڏهن مومل کان موڪلائيندي صوفيه سان ڪيل وعدو پورو ڪندي چيومانس: ”مومل! تون ادب کي ويجهو نه وڃ، نه ته مون وانگر تباهه ٿي ويندينءِ! تون ڪڪنگ تمام سٺي ٿي ڪرين! تون ڪڪنگ سان دل لڳاءِ، هڪ بهترين ڪُڪ بنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪر!“ مومل مون کي حيرت سان ڏسندي گيٽ تائين مون سان گڏجي آئي. ائين پئي لڳو، ڄڻ مون کي ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، پر لفظ ساٿ نٿا ڏينس. دروازي کان ٻاهر نڪرڻ وقت هن سڏڪي ۾ گهٽيل آواز سان چيو: ”سر!“… مان بيهي رهيس. ڏٺم ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا.

هن گهٽيل لفظن ۾ ٻيهر ڳالهايو: ”سر! جنهن عورت توهان کي ڪهاڻيڪار بنجڻ نه ڏنو اُها مون کي اديب بنجڻ نٿي ڏئي! مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿي، ٻار ته ناهيان!“

مومل جي ڳالهه ٻڌي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ چؤطرف اوندهه انڌوڪار آهي. مان باهه جي شعلن جي وچ ۾ آهيان ۽ ڪنهن جيئري ئي منهنجي چِتا جلائي ڇڏي آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com