سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :8

 

قمر شهباز

 

بَڙ جهڙو ڪو گهاٽو ماڻهو

 

بَڙَ جيان گهاٽو، گهرو، وشال ۽ پُراسرار  هيءُ شخص، جو موجوده صديءَ جو سڀ کان مهان ڪَوِي آهي، منهنجي سامهون چپ چاپ ويٺو آهي. هن جي پيشانيءَ تي صدين جي پيڙا جا پيرا آهن. اکين ۾ ذهانت جي چمڪ ۽ چهري تي بي انتها خود اعتمادي، سنجيدگي، ڏاهپ ۽ وقار پيو بکيس، ڄڻ يوناني ڏند ڪٿائن جو ڪو وڇڙيل ديوتا! اونداهيءَ سان پيار اٿس. اونداهيءَ ۾ سوچيندو آهي، لوچيندو آهي، ڀوڳيندو آهي، لکندو آهي. رات ڀر اونداهي جي پاڇولن سان دل جا اورڻ اوريندو آهي. انهيءَ ئي اونداهيءَ جي اوٽ مان ڏات جي ديوي گلڙن جهڙن خوبصورت، رنگبرنگي، نرم، نازڪ ۽ ڪومل گيتن جا جهول ڀري مٿس ورکا ڪندي آهي ۽ هو خوابن، خيالن ۽ خوشبو جي طلسمي دنيا ۾ کوئجي، سونهن، سوڀيا ۽ سچائيءَ جا تانا بانا اُڻندو آهي. آسن اميدن جا جرڪندڙ موتي پوئي، مالهائون مڙهي جڳ کي آڇيندو آهي.

گذريل پنجاهه سالن کان سنڌ جي ڏاهي، شيخ اياز جي، ڪلا جي ديويءَ آڏو اها تپسيا هلندي پئي اچي. درد جو سفر اڃا جاري آهي. تخليق جو هر عمل ڏکوئيندڙ ۽ ڏنگيندڙ ضرور هوندو آهي، پر هڪ ڪلاڪار ئي ان پيار جي پورهئي جي لذت ۽ لاڀ ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو، جيڪو سندس مداح جي چهري تي مرڪ يا لڙڪ جي صورت ۾ نکري نروار ٿئي ٿو. سچ پڇو ته اهو سودو هروڀرو ايترو مهانگو به ناهي جيتوڻيڪ هر سچي تخليق ڪار کي هر دور ۾ ڏک ڏولاوا، سختيون، سزائون ۽ سنگهرون ئي نصيب ٿيون آهن، ڪوٽ، ڪڙا ۽ قيد سوکڙيءَ ۾ مليا آهن. پنهنجن پيارن جي جدائي، اعصابي دٻاءَ، جسماني توڙي ذهني اذيتون ئي پرايون اٿن، پر پوءِ به ڏات ڌڻي قلم جي عظمت برقرار رکڻ خاطر، اهي ڏک ڏوجهرا سِرَ  تي سهائي، هر زماني ۾ سرخرو ٿيا آهن.

*

بابا هن کي گولي ڪنهن هنئي آهي

آزاديءَ

بابا، هن جو ڪنڌ ڪنهن ڪپيو آهي؟

آزاديءَ

بابا، ڇا آزادي ڪنهن جلاد جو نالو آهي.؟

هائو پٽ! پر اهو جلاد وڏو جادوگر آهي. هڪ ڀيرو ان جا هٿ چمندين ته سِر جي سار وسري ويندءِ.

*

شيخ اياز پڻ انهن سچن ۽ سورهيه قلمڪارن مان هڪ آهي، جن اڌ صديءَ تائين اصولن جي ويڙهه وڙهي آهي، قيد ۽ بند ڏٺا آهن، اجائي سجائي، بي تُڪي ۽ بيفائدي تنقيد برداشت ڪئي آهي، پر ڪڏهن به همٿ نه هاري آهي. سندس لکڻ جي رفتار اڳئين کان اڳري ٿيندي پئي وئي. سندس جوش ۽ جذبي ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي، پاڻ وڻائڻ، سستي شهرت يا اصولن تي سوديبازي ڪرڻ، سڌڙين، موقعي پرستن ۽ بي اصول انسانن جو ئي وڙ ٿي سگهي ٿو، اياز جهڙو اعليٰ آدرشن وارو انسان، اهڙن ٽڪساٽن کان تمام گهڻو اوچو ۽ اڳانهون آهي.

*

چاڙهي پوري ٿي، لاهيءَ ۾

ريل وڃي ٿي اونداهي ۾،

دور ڪٿي فانوس ٻرن ٿا

شايد ڪا اسٽيشن آهي!

پر هيءَ منهنجي منزل ناهي،

دور اڃا وڃڻو آ مون کي،

ڏاڍو دور اتي لهڻو آ

هارَ جهلي مون لئه مگرن جا

پيار! جتي تون بيٺو هوندين

منهنجي واٽ تڪيندو هوندين.

اها اسان جي پنهنجي بدقسمتي آهي جو اسان اياز جهڙي املهه هيري جو نه صرف مناسب ۽ جوڳو قدر نه ڪيو آهي، بلڪ عالمي سطح تي کيس روشناس ڪرائڻ ۽ سندس مهانتا مڃائڻ لاءِ به واکاڻ جهڙو قدم نه کنيو آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته هن عظيم ڪويءَ جي مڃتا طور کيس هر زبان ۾ ترجمو ڪري، مٿس سيمينار، سمپوزيم ۽ ورڪشاپ ڪوٺائي، مقالا ۽ مضمون لکي، سندس فن ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي اجاگر ڪري، ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلايو  وڃي ها. سڙڪن، چؤڪن ۽ محلن کي سندس ناءَ سان منسوب ڪري، کيس جوڳي عزت ۽ احترام ڏنو وڃي ها. سرڪاري طور کيس ملڪ جي نمائنده دانشور جي حيثيت ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾، امن، ڀائيچاري ۽ مسلسل جدوجهد جي علامت طور روشناس ڪرايو وڃي ها. سندس ڏات ۽ لات کي دائمي قدرن جي حوالي سان، وڌ کان وڌ ماڻهن تائين رسائيءَ جو موقعو ڏنو وڃي ها. ائين ڪرڻ سان نه صرف شيخ اياز سان انصاف ٿي سگهي ها، بلڪ دنيا ڀر جي مظلوم، محڪوم ۽ ڏتڙيل انسانن کي اميد ۽ آشا جي هڪ مضبوط ۽ روشن مينار سان ڏيٺ ويٺ جو پڻ موقعو ملي ها.

*

ڪَنڊا ڪَنڊا موڙَ، اَرتو ڪَنڌ ڪَويءَ جو،

گهائي ڪيڏو گهوٽ کي، ڏات رسايو توڙ!

لُونءَ لُونءَ جنهنجي لوڙَ، آهه سا ساڀيا سيجَ تي.

*

پر ائين نه ڪيو ويو.

شايد اهو انڪاري عمل اياز جي فائدي ۾ ئي ويو آهي. هو خواص جي تائيد سان اڀرڻ ۽ اسرڻ بجاءِ عوام جي دلين ۾ دائمي گهر ڪري چڪو آهي. هو پنهنجي ذاتي حيثيت سان سنڌ واسين جي مربي ۽ محبوب هئڻ جي ناتي اهڙي ته اهم منزل ماڻي چڪو آهي، جنهن کي وقت جي دز ۽ ڪروڌ جي لَٽَ ڪڏهن به لٽي نه سگهندي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي امر ٿي چڪو آهي ۽ اهو رتبو هن نگريءَ جي باسين تمام ٿورن انسانن کي عطا ڪيو آهي.

*

ڪالهه ڏٺم ڪَلونَت جو، ڪاٺيءَ مٿان ڪنڌُ،

ڪوڪن ساڻ ڪَلُورَ جي، ساڻو هر هڪ سَنڌُ،

اڄ اهو سوڳنڌ، مانُ مٽيءَ جو ايترو!

 

اياز سنڌ آهي ۽ سنڌ اياز. هو سنڌ جي سڃاڻ، علامت ۽ اهڃاڻ آهي آواز آهي. هن نگريءَ جي مجبور، ڏتڙيل ۽ ڏکويل عوام جو. ترجمان آهي، جهانگيئڙن، سانگيئڙن ۽ ڏوٿيئڙن جي عزت، غيرت، حياءَ ۽ شرم جو، نقاش آهي. هن ڌرتيءَ جي بدصورت ڪُک ۾ تڙپندڙ سندر سچائي جو. نقيب آهي اونداهي، انڌياري، ڀوائتي ۽ خوني رات کان پوءِ اڀرندڙ سون ورني سج جو. پرهه ڦٽيءَ جو پيامبر آهي. صبح جو ساکي ۽ آئندي جو امين آهي. سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کان مايوس ٿي، پٺتي مڙي جڏهن اياز جي هماليه جيڏي اوچي، اوجهل، اٽل ۽ اڻموٽ هستيءَ ڏانهن ڏٺو اٿم، تڏهن سمجهه ۾ آيو اٿم ته هيءَ مستاني قوم، پنهنجي تمام تر لاچارين، مجبورين ۽ مغرورين جي باوجود اڄ به دودي کي جوڌو چئي ڇو وجد ۾ اچي، ويرين تي وارُ ڪرڻ لاءِ آتي ٿي اٿندي آهي.

*

اي معصومو! اي مظلومو!

گهنگهور گهٽائون ٿي جهومو!

هر ڏونگر تي للڪار ڪريو،

۽ اُڀري ان تي وارَ ڪيو!

انڌير نه ڪوئي رهڻو آ،

۽ پير نه ڪوئي رهڻو آ

ڪنهن پاپيءَ جو هن پاڙي ۾.

اڌ رات ڪٽيسين ڌاڙي ۾،

هيءَ باقي رات به ڪَٽڻي آ....

۽ هاڻي بات به ڪَٽڻي آ،

۽ ويريءَ پويان وڃڻو آ،

۽ تنهنجو ڳاٽو ڀڃڻو آ.

*

اياز ڏاڍو وڏو انسان آهي، پر ان کان به وڏو ۽ اوچو شاعر آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ سندس عظمت جي ڪَٿَ ڪري ئي نه ٿا سگهون. هيءُ معجزو ايترو ته ويجهو وجود ۾ آيو آهي ۽ ان جو مشاهدو ڪرڻ وارا ايترا ته حيرت زده آهن، جو ان مهما کي سمجهڻ لاءِ کين گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڌ صدي ٻي به گهرجي. وقت ٻڌائيندو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ عالمي ادب جي افق تي شيخ اياز جو ظاهر ٿيڻ، نظام شمسيءَ ۾ ڪنهن نئين ۽ روشن ستاري جي دريافت کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ واقعو ڪين آهي ۽ اهو به ته اسان ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون، جن کي اهو معجزو پنهنجي اکين سان ڏسڻ نصيب ٿيو.

*

هيءَ جا منهنجي شاعري، ڪانڪههَ وارو لَڪُ

جنهن ۾ ڪوئي ٿَڪُ، مُور نه ڏسندؤ مارُئو!

 *

اياز تي شاعري ائين وسندي آهي، جيئن ساوڻ جي برسات ٿر مٿان اوهيرا ڪري برسي، ستن ڏينهن اندر شاهه جي رسالي کان ٻيڻو ڪلام چوڻ وارو اياز پنهنجي تخليق جي ڪا به تحسين (Credit) وٺڻ لاءِ هرگز تيار ناهي. چوي ٿو: مون کي فقط ايتري ڄاڻ آهي ته مون کي هر روز اڌ رات جو ننڊ مان ڪوئي جاڳائي ڇڏيندو آهي ۽ مان قلم کڻي ويهندو آهيان ۽ پرهه ڦٽيءَ تائين لکندو رهندو آهيان. هڪ سٽ لکڻ کان اڳ ئي ٻي سٽ لکجڻ لاءِ بيتاب ملندي اٿم، اهو سمورو عرصو نه مون کي سوچڻ جو ۽ نه وري سمجهڻ جوئي ڪو موقعو ملندو آهي.

سخت بيماريءَ جي حالت ۾، جڏهن ڊاڪٽر ننڊ جون گوريون کارائي، مون کي ننڊ ۾ ستل ڇڏي ويندا هئا، تڏهن به مقرر وقت تي مون کي خود بخود جاڳ ٿيندي هئي. ان ڊپ کان ته ڪٿي روشني ڏسي گهر وارا پريشان نه ٿين، مان سڄي رات اونده ۾ لکندو رهندو هوس. اکر ڏنگا ڦڏا ٿي ويندا هئا، سٽون هيٺ مٿي لکجي وينديون هيون ۽ صبح جو انهن کي ٻيهر پڙهڻ ۾ سخت تڪليف پڻ ٿيندي هئي، پر پنهنجو ئي ڪلام پڙهي مون کي سخت حيرت ٿيندي هئي. مون پنهنجو تقريباً سمورو ڪلام ان ڪيفيت ۾ لکيو آهي. ان ڪري منهنجي شعر جون سڀئي خاميون ۽ خوبيون منهنجي ڪنهن به شعوري ڪوشش جو نتيجو سمجهڻ نه گهرجن.

 

 

جهوليءَ جهليان ڪيئنءَ مان، ڌرتي ايڏا دانَ،

ڪيئي وايون مينهن جيئن، ڪيئي گيت مهان.

 

مان ڀانيان ٿو، مان نهَ، هي سڀڪجهه ٻي ڪنهن لکيو!

سچ ته اهو آهي ته شيخ اياز اسان جي دؤر جي ذهين ترين انسانن مان هڪ آهي، ليڪن پنهنجي تمام تر قابليتن ۽ صلاحيتن جي باوجود ڪو به سگهڙ يا شاعر ايتري Perfection سان روح ۾ پيهي ويندڙ ڪلام ڏئي نه سگهندو، جيسين منجهس ڪا غير معمولي قوت کيس ائين ڪرڻ تي مجبور نه ڪري. صرف مواد (Matter) ڪا به حيثيت نٿو رکي، جيسين ان ۾ لياقت ۽ اسلوب (Manner) موجود ناهي. ٻين لفظن ۾ مال ۽ رومال جي گڏيل امتزاج سان ئي ڀرپور ادب پيدا ٿيندو آهي. ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جي غير موجودگي يا ٿورائي ان قسم جي ادب جي اهميت گهٽائي سگهي ٿي. لازوال ادب اهو آهي جو پنهنجي نياپي، سنيهي يا پيغام ۾ معياري هجڻ سان گڏوگڏ فني لحاظ کان پڻ مڪمل هجي. معيار جو ماپو، وقت، حالتن ۽ واقعن جو محتاج نه هوندي به انهن کان متاثر ٿئي بغير رهي نٿو سگهي. تواريخ ادب جو سڀ کان وڏو رهنما (Indicator) آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي ادبي معيار جي ڇت اتان جي تواريخي  ستونن تي بيٺل هئڻ گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ اها عمارت ناپائدار ئي رهندي.

اياز ادب جي مٿين ٻنهي اهم جزن سان پورو پورو انصاف ڪيو آهي. هو معيار ۽ مقدار جي ڪسوٽيءَ تي به پورو اتريو آهي ۽ وقت جي ضرورتن پٽاندڙ اهو سڀ ڪجهه بي خوف ٿي لکيو اٿائين، جنهن جي اميد هڪ سڄاڻ ۽ همت ڀرئي اديب مان رکي سگهجي ٿي.

هن جو مطالعو تمام وسيع ۽ مشاهدو بي حد گهرو آهي. ادب، فن ۽ لاڳاپيل ٻين علمن تي جيترو اياز پڙهيو آهي. مان نٿو سمجهان ته ٻئي ڪنهن به سنڌي اديب اوترو پڙهيو هوندو. ذاتي مشاهدي خاطر هو ڪئي ڀيرا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي آيو آهي. هر خطي جا رسم ۽ رواج، ٻولي، لهجو، لوڪ گيت، پکي، جانور، وڻ ٽڻ، گاهه، ٻني ٻارو جايون، مطلب ته هن جي عقابي اک کان اهم يا غير اهم، ڪا به شيءِ  بچيل ناهي. حافظو تمام گهڻو تيز اٿس. نه رڳو پنهنجو سمورو ڪلام برزبان ياد اٿس، پر اردو، فارسي ۽ انگريزي شاعرن جو پڻ ڳچ ڪلام حفظ ڪيل اٿس. انهن ٽنهي شين- مشاهدي، مطالعي ۽ حافظي، سندس ذهن کي اهڙيءَ طرح آماده (Tune) ڪيو آهي. جو هن جو ڪو به تجربو، ڪو به تجزيو، ڪو به مشاهدو، پوءِ کڻي اهو ڪيترو به پراڻو يا معمولي ڇو نه هجي، رائگان ٿيڻ نه ڏيندو آهي.هن جو دماغ موضوعن، واقعن ۽ تجربن جي اسٽور جو ڪم ڏئي ٿو، جتي اهي جيئن جو تيئن حفاظت ساڻ رکيل رهن ٿا. ها، البت ڪڏهن ڪڏهن هو انهن کي بي خياليءَ ۾ کڻي، صاف ڪري، ٻيهر سليقي سان رکندو رهي ٿو. اهڙيءَ طرح لکڻ وقت، اسٽور ۾ رکيل واقعن، حادثن ۽ تجربن جا هجوم جڏهن سندس قلم جي نِب منجهان گذرن ٿا، تڏهن ايڏيءَ تعداد ۾، ايتري سليقي (Discipline) ۾ ڏسي، هو خود به حيران ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙن کي پڻ حيرت زده ڪري ٿو ڇڏي.

باک ڦٽيءَ جو شعر لهن ٿا

مون تي سج اهاءُ ڪري،

رَت اُٻڙڪا کائي ٿو ائين

ڏينهن تتو جيئن تاءُ ڪري!

سارو وقت ته رهندو ناهين،

ويندو آنهه سماءُ ڪري!

ڪيسين ڪُوءِ ڪلالن جي ۾

منهنجي ڏات هڳاءُ ڪري؟

آءُ ته آڌرڀاءُ ڪري ڪو

تنهنجو آڌرڀاءُ ڪري!

هو چوي ٿو: مون کي ڄاڻ ناهي ته جيڪي محاورا، منظر (Locale) ۽ ڪردار منهنجيءَ شاعريءَ جي تک ۾ تَري اوچتو اچي ٿا آڏو بيهن، تن جي پٺيان ڪهڙو پس منظر يا سبب (Reationale) آهي. مثلاً هڪ بيت ۾ مون سيڙهه جو ذڪر ڪيو آهي.

متان مارين سيڙهه کي، گهري گهاٽي جَهنگ،

ڪيئن چئجي اِن سَنگِ، تو ڪي گهاريا ڏينهڙا؟

*

اتي ذهن ۾ سيڙهه ڇو آئي؟ ٻيو ڪو جانور، ماڻهو يا پکي ڇو نه آيو؟ سيڙهه سان منهنجي ڪهڙي نسبت آهي؟ ڪهڙو سنگ؟ ڪهڙو ساٿ؟ (ٿورو کلندي) ڪٿي سَونِ جنمن مان هڪ جنم اهو به ته نه هئو؟ ان کان پوءِ، دنيا ۾ ڪيترا اهڙا شاعر ٿي گذريا هوندا، جن ننڊ مان اٿي شاعري ڪئي هجي؟ منهنجي خيال ۾ ته ٽي، چار يا وڌ ۾ وڌ پنج. نه،  اهو ڪو روڳ يا بيماري ناهي. منهنجي روزمره جي زندگيءَ جو ڄاتل سڃاتل هڪ حصو آهي. منهنجو معمول آهي. عادت آهي، عبادت آهي، ائين نه ٿئي ته پوءِ شايد پاڻ کي اڻپورو ڀائيندس.

اٿي آڌيءَ رات جو

تو لئه ٻولن ٻولڙيون،

پکي ڪي پرڏيهه جا.

ڦڙا ڦڙا ماڪ جا

جڏهن جهلن جهولڙيون،

پکي ڪي پرڏيهه جا،

جن تولاءِ سڳنڌ جون

ڪيئي ڳليون ڳولڙيون،

تولئه ٻولن ٻولڙيون.

پکي ڪي پرڏيهه جا.

ڀنڀرڪي جو ڀُنءِ مٿان

ريکون نيٺ رتولڙيون،

تولئه ٻولن ٻولڙيون،

پکي ڪي پرڏيهه جا.

شيخ اياز جي شاعري ڪيترن ئي ارتقائي ۽ تجرباتي مرحلن مان گذري آهي ۽ اهو سفر اڃا تائين جاري آهي. ڀونئر ڀري آڪاس کان اڳ، ۽ ٿورو پوءِ واري عرصي جي شاعريءَ ۾ اردو ۽ فارسيءَ جي لفظن کي استعمال ڪرڻ، اياز برو نه سمجهيو آهي، نه ئي وري ڪٿي ڪٿي زير اضافت يا همزه اضافت جو استعمال هن لاءِ ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه هئي. سندس شروعاتي غزل پڻ گهڻي قدر فارسي رنگ ۾ رنگيل هو:

اي اسيران شب ٻڌو مون کي

ڪنهن جي زلفن جو داستان هان مان.

 

غم نه ڪر هن جهانِ تيره ۾

چاندني! تنهنجو پاسبان هان مان.

 

دامن تر تي وڃ نه اي واعظ

چشم فطرت جو رازدان هان مان.

يا

تون زلف لبِ بام وڇائين نه وڇائين

آهي به غنيمت ته هجي سايئه ديوار.

 

هي غنچه و گل، هي م وانجم، هي مَي وجام

بس آهه گهڙيون چار، ميان آءُ، اکيون ٺار.

يا

جنهن وقت مرد ڪوهڪن،

تيشه فگن، اڳتي وڌن.

تن سان ره تقدير ۾،

گڏجي ٿيان مان گازمن،

مان زندگيءَ جي سير ۾

تن سان وڌان، اي هموطن!

شمشير هٿ ۾، نعره زن،

شعله فشان سارو بدن.

اڳتي وڌان!

ماريان مران!

 هو چوي ٿو ته، مون شاعريءَ جي شروعات غزل ۽ نظم سان ڪئي. منهنجو والد مرحوم فارسيءَ ۽ اردو زبان جو چڱو ڄاڻو هو. سندس ڪتبخاني ۾ ڪافي تعداد ۾ انهن ٻولين جا ڪتاب موجود هئا، جن کي پڙهڻ جو موقعو مون کي ننڍيءَ ڄمار کان مليو. انهن مان ڪيترا ته مون 4 -3 درجي تائين برزبان ياد ڪري ڇڏيا. حافظ ۾ ڇاڪاڻ ته نغمگي(lyricism) تمام گهڻي آهي، انڪري نه رڳو مون کي سڄو ديوان ياد ٿي ويو، بلڪ اڪثر سير ۽ سفر ڪم ڪار ۾ ان کي جهونگاريندو وتندو هوس. اهڙيءَ طرح غالب به مون کي سمورو ياد ٿي ويو. ظاهر آهي، ان ماحول ۾ مون تي فارسي توڙي اردو ٻوليءَ جو اثر ٿيڻ لازم هو.

سنڌي ادبي سنگت جي وجود ۾ اچڻ، ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ قومي شناس پيدا ٿيڻ ڪري، سنڌي ادب ۾ هڪ هلچل مچي وئي. فارسي، عربي ۽ اردو جي بيجا استعمال خلاف ترقي پسند گروه باقاعدي هڪ ڪامياب مهم هلائي، جنهن وسيلي ان وقت نئينءَ ٽهيءَ جي ليکڪن  پرڏيهي، اڻ سونهندڙ ۽ واڌارو ورتل لفظ، محاورا، ترڪيبون ۽ هيئتون رد ڪري ڇڏيون ۽ ان جي جاءِ تي ٺيٺ سنڌي لفظ محاورا ۽ علامتون ٻيهر روشناس ڪرايون. بيت، دوها ۽ وايون پنهنجي روايتي هيئت سان ٻيهر مقبول ٿيڻ لڳا. مضمون، علامتون ۽ محاورا نوان ۽ حالتن پٽاندڙ، قومي جذباتي رنگ ۾ رنگيل، گهاڙيٽا پراڻا، ڏٺل وائٺل ۽ روايتي، غزل، آزاد نظم، نظم توڙي نثري نظم پڻ اثر کان بچي نه سگهيو. تواريخ، سماجي توڙي سياسي حالتن جو اهڙو تڪڙو، تلخ ۽ تيز اثر شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻيءَ ٻولي تي ٿيو هجي. ان جنگ جو سالار به شيخ اياز ئي هو. هن پنهنجا سمورا پراڻا وستر لاهي ڦٽا ڪري ڇڏيا. نئين جدوجهد لاءِ، نئين جوش، ولولي ۽ اعتماد سان هو هوڪاريندو، للڪاريندو. ميدان ۾ ڪڏي پيو.

جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي،

مرن پيون ماريون، قابو آهن ڪوٽ،

اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري ڇڏيون.

 

گل و بلبل، جام و صبو، سوسن ۽ سنبل جي جاءِ تي سنڌڙيءَ جي سانگيئڙن جي ڏکن سورن جو ذڪر ٿيڻ لڳو، سندن روزمره جي زندگيءَ جون ڳالهيون، سنڌ جي سومرن، جوڌن ۽ دودن جو تذڪرو، ڳڀي جي ڳولا، ٿرن ۽ برن ۾ برساتيون، زنجيرون ۽ زنگ، چارڻ ۽ چنگ سنڌي شاعريءَ جا عنوان ٿي ويا.

 

 

وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾.

ڪونهي اڄ ڪلام ۾، سُرَ جو سِرَ سان سنگ،

ڀريان آءٌ امنگُ، ڪريان لات لطيف جي.

*

ڏينم اهو تنبورو مون کي، ڪيسين سمهندين، شاهه!

ڏينم ته ڳايان، آڳ وسايان دليون ڪريان درياهه.

جيڪڏهن مون تي جذباتيت جو الزام نه هنيو وڃي، ته جيڪر مان حقدار کي حق ڏيڻ خاطر اهو چوڻ جي جسارت ڪريان ته ڀٽائيءَ کان پوءِ اياز تائين سنڌ ڪوبه اهڙو راڳي پيدا نه ڪيو، جو سنڌ واسين جي دلين جي تارن کي اهڙي شدت ساڻ جهنجهوڙي جو تَنُ تَنُ تڙپي اٿي، مَنُ مَنُ ماندو ٿي وڃي، ماڻهو ماڻهو مچلي پوي. شاهه جي وساڻل چڻنگ کي ڀنڀٽ ۾ بدلائڻ صرف ۽ صرف اياز جو ئي ڪمال آهي.

*

ڀَڙڪُ وري ڀنڀٽ، ڪيئي سال سُتو رهين،

ڪڙڪ دلين جي ڌڙڪ تي ولهه ۾ ڪر واڄٽ،

شعلا شعلا واءَ ۾، چڻنگون چڻنگون پَٽَ،

ڍاٽي نڪرن ڍَٽَ، ڄرڪي تنهنجي ڄاڻ سان.

*

ڀَڙڪي آڳ عوام جي، ڀونءِ سڄي ڀَنڀَٽ،

ڄرڪي ڄاڻِ پگهاريا، سڀ جا ڳچيءَ ڳَٽ،

سارا پڌر پَٽَ، ڌرتيءَ ڌوتا رت سان.

*

اها روشني ۽ جاڳرتا، اها بهادري ۽ ويرتا، اها سچائي ۽ سندرتا جنهن جو سنڌ کي صدين کان انتظار هو. جا هن ڌرتيءَ جي پير، مير، وڏيري ۽ سياستدان، پنهنجي انڌن اونڌن ڪارجن، مطلبن، لالچن ۽ لچاين سبب ڪوڙ بدوڙ، زور زبردستي ۽ دٻڙ دونس سان کانئن کسي ورتي هئي، جنهن جا خواب ماروئڙا فقير ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ڏسندا هئا ۽ لاچاريءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندا هئا، سا بيباڪي ۽ بغاوت اياز ڏيهه ۾ ڏياٽيءَ جي صورت کڻي آيو.

جَلُ جَلُ مشعل، جَلُ جَلُ!

ويري واءُ، انڌيرا آتڻ، سيءَ سيٽا جَلُ ٿَلُ،

جَلُ جَلُ مشعل، جَلُ جَلُ!

*

آ گدري جي ڦار، امان!

اڄ پورو ناهي چنڊ، اسان کي بُک به ڏاڍي آ!

ڏاڙهونءَ ڪڻ چوڌار امان!

تون پينهين خالي جَنڊُ، اسان کي بک به ڏاڍي آ!

*

بُک بُري ديس جي

نک بُري سيٺ جي

پيٽ بُرو سيٺ جو

پيٽ برو سيٺ جو

نيٺ اهو سيٺ جو

پيٽ وڏو ڦاٽندو-

ڇُرو وڏو ابا جو

مرو وڏو ابا جو

پيٽ وڏو سيٺ جو

پيٽ وڏو سيٺ جو.

*

هيءُ ڏوهه نه آ، هن ڌرتيءَ تي

مون دل جي ديول جوڙي آ؟

تو نفرت جي ديوار کنئي،

مون ان جي پاڙ الوڙي آ-

مون ڳاتا گيت محبت جا،

مون واڳ وطن جي موڙي آ.

مان ڏوهي هان، مان ڏوها هان

مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن!

*

اياز سنڌي شاعريءَ کي نئون سَتُ، نئون ساههُ، نئون روپ، نئين زندگي ۽ نئين روشني ڏني. هن جيئڻ جي راهه ٻڌائي. اڻ کٽ جدوجهد جو ڏس ڏنو. واٽ ۽ لاٽ ڏني. هڪ اڪيلو انسان، ستل قوم کي ڌوڌاڙي، ڪيئنءَ بيدار ڪري سگهي ٿو، ان جو بهترين مثال اياز جي بيمثل ۽ اڻ کٽ جدوجهد آهي. هن هر دور ۾ قلم جي عظمت ۽ آبرو کي اوچو ۽ اتانهون رکيو.

بدترين مارشل لائن ۽ ظالم جمهوريتن به ڪڏهن به سندس راهه نه روڪي. قيد ۽ بند، سور ۽ سختيون، جبل جيڏا جيل سندس صدا کي ويتر اوچي اڏام ڏيندا رهيا. سنڌ جو نوجوان پنهنجو تواريخي ڪردار نڀائڻ لاءِ اياز جي قافلي ۾ شامل ٿيندو رهيو. شايد هن زمين تي هيءُ پهريون موقعو هو جو قلم قبيلي، گولين جي گجگوڙ کي گيتن ۽ بيتن سان مات ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.

*

مون ڏات انوکي آندي آ،

ٿي تَندُ وڙهي تلوارن سان!

ٽڪريان پنهنجا گيت جڏهن،

ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان،

ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لُڏن،

تون هيڻون آن هٿيارن سان.

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان

مون آزاديءَ جي سَئين هنئي،

مون لاٿا طوق غلاميءَ جا،

هي گيت هئا يا جادو ها،

زنجير ٽُٽا ايامَن جا!

سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا

اڄ ڳوڙها منهنجي دامن جا.

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان

 

اياز اها جنگ جيتي ورتي. سنڌ جو ٻچو ٻچو سندس سئن تي بي چين ٿي اٿيو. مارشل لا جا اوچا ۽ مضبوط برج لڏي پيا. ون يونٽ ٽُٽي ويو. آمريت دفن ٿي وئي. اياز جي منزل پر اڃا دور هئي. آمريت ۽ جمهوريت جي نورا ڪشتي اڄ  به جاري آهي. زنجير ۽ زندان تازي ريٽي رت لاءِ اڄ به واجهائي رهيا آهن. ڏڦيڙي، وڳوڙي، ۽ دهشتگرد، هوڙهيائيءَ جي هشڪر تي اڄ به ڪلاشنڪوف تاڻي، ڌرتيءَ ڌڻين جي خون سان هولي کيڏڻ لاءِ نوس نوس ڪندا ٿا وتن. غنڊن، بدمعاشن ۽ ڌاڙيلن، غريب ڳوٺاڻن جي عزت، غيرت ۽ حياتي تاراج ڪري رکي آهي. انصاف جي ٻيڙيءَ ۾ نظريهءِ ضرورت جا سوين سوراخ پئجي چڪا آهن. ملڪ ۽ ملت جي نالي ۾ سادن سودن، سٻاجهڙن سنڌين جي سِرَ تي ڌارين جي يلغار جا پهاڙ ٽوڙيا ويا آهن. ويڪائو وڏيرا ۽ بيشرم مير ۽ پير، هميشه جيان پنهنجو پراڻو دلاليءَ وارو ڪردار هڪ دفعو ٻيهر نڀائڻ  ۾ پورا آهن. سنڌ سڙي رهي آهي، سنڌ ٻڏي رهي آهي، سنڌ تڙپي رهي آهي، پر سڌڙيا سياستدان پنهنجي ذاتي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ تي بغلون وڄائي، هنڀوڇيون هڻي رهيا آهن.

ان سمي جيڪڏهن ڪا اميد جي ڪرن نظر ٿي اچي ته اها آهي سنڌ جو دادلو ۽ دلبر پُٽُ- شيخ اياز.

هو اڄ به زخمن کان چور، ڀڳل تراڙ هٿ ۾، جهلي، آگ ۽ خون جو درياءُ جهاڳندو، اوچي آواز چنگهاڙيندو چئي رهيو آهي:

*

 جي تو ڪانئر ڪُک ۾، تنهنجو گهوٽُ نه هيءُ،

مون نه ڏٺو منهن- ڦيرڻو، ڪوئي سنڌي پيءُ،

هن ڌرتيءَ جي ڌيءُ، ڪيئن ڄڻيندي ڄامڙا!

*

جي تو الڪو ڪَنڌَ جو، تون ڇا وڙهندين؟ وَڃُ!

تنهنجي رت ۽ ٿَڃُ، ناهه اسان جي اَنَ مان.

*

هن ڀوميءَ جو ويرُ، مات نه کائي موت کان،

سدا سهاڳڻ سنڌڙي، کريو نه تنهنجو کيرُ،

توڙي نيڻين نيرُ، ته به ڳوڙها ڳاڙها رَتَ سان.

 *

هيءَ جوش، هيءُ ولولو، هيءَ سجاڳي، اياز جي جادوگريءَ جو ئي نتيجو آهي، نوجوان سنڌي نينگرن وٽ وجود جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ اياز جو آواز سڀ کان وڏو هٿيار آهي.

 

آڌيءَ رات انبوههَ ۾ جي مُون ٻول ٻُرَن-

آءٌ امرتا پائيان.

ڪيئي گَلا گُوندرين، گڏجي گيت چون-

آءٌ امرتا پائيان.

سُر اياز جي شاعريءَ جو نه صرف اهم جُرآهي، بلڪ سندس سموري تخليقي عمل جو بنيادي عنصر پڻ آهي. نغمگي (Lyricism) ته ٿوري ڪي گهڻي هر شاعر جي ڪلام ۾ موجود هوندي ئي آهي. غنايت کان سواءِ شاعريءَ جو تصور ئي اڻ پورو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪن نقادن جي راءِ ۾، شاعريءَ جي وصف ئي آهي: اها لِکت، جا ڳائي سگهجي. پر اياز وٽ اهو تصور ڪجهه وڌيڪ اهميت رکي ٿو. هو نه صرف پنهنجي ڪلام کي نغمگي بخشي ٿو، پر ان ۾ مختلف ذريعن سان سُر ۽ تال وسيلي موسيقي جو اهڙو مدهوش ڪندڙ ماحول پيدا ڪري ٿو، جنهن کي پڙهڻ توڙي ٻڌڻ وارا، ٻڍا، ٻار ۽ جوان، وجد ۾ اچي، بي خود ٿي ازخود جهومڻ لڳن ٿا اها سندس اظهار جي سچائي آهي، لفظن جي جادوگري آهي يا انساني نفسيات جو ڳوڙهو مطالعو- بهرحال، جو ڪجهه به آهي، خوب آهي! اچو ته ڏسون ته اهو جادو ڦهلائڻ لاءِ، مستيءَ جو ڄار اُڻڻ لاءِ ۽ مدهوشيءَ جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ اياز ڪهڙن وهٽن (Vehicles)  جو سهارو ٿو وٺي.

منهنجي ذاتي راءِ ۾، سندس شاعريءَ جو سرچشمو کڻي ڇا به هجي، هو هڪ اعليٰ پائي جو ۽ منفرد ڪاريگر (Craftsman)آهي. کيس پنهنجي فن جي سڀني پهلوئن تي مڪمل دسترس حاصل آهي. نه رڳو ايترو، بلڪ هو تواريخ، جاگرافي، آرٽ ۽ نفسيات جي علم، پس منظر ۽ پيش منظر کان ڀليءَ ڀت واقف آهي. هن جو مطالعو وسيع، سوچ گهري ۽ ذهن جديد دور جي سمورين تقاضائن کان مانوس آهي. ان ڪري هو اظهار جو جيڪو به ذريعو چونڊي ٿو، سو تمام گهڻيءَ خبرداريءَ ۽ هوشياريءَ سان. هن کي خبر آهي ته هو ڪهڙيءَ ريت پنهنجو پيغام تير جيان تيز ۽ سڌو پنهنجي قاريءَ جي دل ۾ کپائي سگهندو. هن جو هر قدم سوچيل ۽ سمجهيل ۽ هر لفظ تڪيل ۽ توريل آهي. اهو محض اتفاق ناهي ته عام رواجي شاعري ڪندي ڪندي، اياز اياز ٿي پيو. ايازيت جي درجي تي پهچڻ لاءِ هن کي ٻاٻري ڪُنڊن تي هلڻو پيو آهي. قربانيون ڏيڻيون پيون آهن، تپسيا ڪرڻي پئي آهي. انهن سڀني سختين کي ڏات جو نالو ڏئي در گذر ڪري ڇڏڻ، هن لاجواب فنڪار سان ڏاڍي زيادتي ٿيندي. هو مَڃي نه مڃي، اسان کي حقدار کي حق ادار ڪرڻ ۾ ذرو برابر به هٻڪڻ نه گهرجي.

جيئن مٿي چئي آيو آهيان، سُر ۽ تال سندس شاعريءَ جو بنياد آهي. ننڍپڻ ۾ شڪارپور ۾ گذاريائين. ورهاڱي کان اڳ شڪارپور سر، سُڳنڌ ۽ سونهن جو سنگم هو. هندو سنڌ ورڪي شاهوڪار، پرڏيهه مان ناڻو ڪمائي پنهنجي شهر تي لڳائيندا هئا. وڏا، ويڪرا رستا، اوچيون خوبصورت بلڊنگون، بهترين تعليمي ادارا، صبح جو شاهي باغ جو سير، خوشبو، رنگ ۽ روپ. سنڌ واهه تي، پپل جي ڇانوَ هيٺ.گورين جا جهمگٽا، مندرن ۽ گردوارن مان گهنڊ، گهڙيال سَنکن ۽ ٽَلين جا مڌر آواز. شام جو چوچاڪيون بگيون، چمڪيلا ڀڙڪيلا وڳا، ٽهڪ، کل، خوشي، شڪارپور، علم و ادب جو مرڪز، راڳين، گورين ۽ سازندن جي جوءِ، حسن ۽ خوبصورتيءَ  جو ڪوهه ڪاف، ان ماحول ۾ اياز اک کولي. سندس ابهم اک انڊلٺ جا عجيب رنگ، ڏٺا، سندس معصوم ڪنن ڀڳتي ۽ شرڌا جا ڀڄن ٻڌا ۽ سندس ڪچڙي ذهن ۾ فن جو سائو سلو ڦُٽي پيو. هو چوي ٿو: امڙ جو آواز ڏاڍو مٺو هوندو هو. ننڍڙي هوندي لولي ڏاڍي سُر ساڻ ڏيندي هئم. اهو سُر منهنجي هانوَ ۾ ڄڻ ته هميشه لاءِ کُپي ويو آهي.

شڪارپور ۾ اڪثر ڀڳت ڪنور رام ۽ ٻيا ڳائڻ ايندا هئا. مون تي انهن جو راڳ، سُرَ ۽ آواز جو پڻ ڏاڍو اثر پيو.

*

 جيڪڏهن اياز چواڻي، شاعري سندس شعوري ڪوشش جو نتيجو ناهي، ته پوءِ ائين مڃڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه هئڻ گهرجي ته اياز تي ننڍپڻ کان ئي ڀڳتي، نرت- موسيقي ۽ لوڪ گيتن جو اڻ سڌو ۽ غير ارادي، ايترو ته اثر پيو آهي، جو سندس لفظ لفظ، سِٽَ سِٽَ، رِدم، سر ۽ تال ۾ تڙڪندي نظر اچي ٿي. مٿان وري جو ٿو ڪري لفطن جو سرجاءُ، سو ته مورڳو روح کي رهڙي ٿو ڇڏي.

محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موتَ، هلي آءُ،

سندم هوت هلي آءُ!

ٽِڙي آهه رتن جوت نه ڳڻ ڳوت، هلي آءٌ!

سندم هوت هلي آءُ!

هلي آءُ، نوان ڏينهن، نوان نينهن، هلي آءُ،

سندم هوت هلي آءُ!

جهلي لاٽ، ڏسي واٽ، ٿڪا نيڻ هلي آءُ!

نه ڏي ويڻ هلي آءُ!

 موسيقي، اُڇَلَ ۽ ورجاءُ، اياز جو اهم فني اوزار آهن، ننڍڙيون ننڍڙيون سٽون، ويجها ويجها قافيا ۽ هم وزن لفظ، اهڙو ته جادوءَ جو وايو منڊل پيدا ڪن ٿا، جنهن ۾ ماڻهو جيئن پوءِ تيئن وڃي سُڌ ٻُڌ وڃائي گم ٿيندو.

تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!

اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ!

هي هيج ڀري سيج، هلي آءُ، هلي آءُ!

هي چاهه ڀريو ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ!

هي سنگ ڀريا انگ، هلي آءُ، هلي آءُ!

هي نينهن ڀريا ڏينهن، هيلي آءُ، هلي آءُ!

*

ڪَنڊيءَ نه سِڱري، ٻَٻُرَ نه پلڙو،

سائو نه سلڙو،

ڇانگون نه ڇيلڙا!

مارُو اڪيلڙا!

مارُو اڪيلڙا!

پنڊيءَ نه ڳڀڙو، وِههُ واتِ ويلا،

منهنڙا به ڀيلا،

ڳوڙها ڳهيلڙا!

مارُو اڪيلڙا!

مارُو اڪيلڙا!

سارو سيارو ٿي ماٺ ماري،

سومر اڱاري،

ڳوڙها ڳهيلڙا!

مارُو اڪيلڙا!

مارُو اڪيلڙا!

 

ٿا جيءُ جهورن ۽ روههُ رولن،

جنهن وقت ٻولن،

ڪڻڇي ڪويلڙا!

مارُو اڪيلڙا!

مارُو اڪيلڙا!

اياز کي پڙهندي مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته ورجاءُ واري عمل مان هو وجد واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جو ماهر آهي. لفظن ۽ سٽن کي وري وري دهرائڻ سان جيڪو مانڊاڻ مچي ٿو، سو انسان جي بنيادي جبلت (Instinct) يعني ناچ لاءِ هٿ، پير، اکيون ۽ آڱريون بيساخته موڙڻ، مٽڪائڻ ۽ مچلائڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري. سنڌ ۾ ڇيڄ، جهمر ۽ ڏؤنڪو ناچ ته عام آهي، شاديءَ مراديءَ  تي عورتون توڙي مرد، گهرن جي آڳرن ۽ يا گهور سان گڏ سرگس اڪثر جهومندا، نچندا، ڳائيندا نظر ايندا. اها سندن خوشيءَ جي اظهار جي انتها آهي. اياز ڇيڄ  کي رومانوي انداز ۾ ته خوب نڀايو آهي، جنهن ۾ ردم آهي، ارڏائي آهي، هوڪار، للڪار ۽ بي خوفي آهي. لفظن جو وري پر الميه ادائگيءَ جو پڻ اضافو ڪيو آهي، جيئن مٿئين شعر مان ظاهر آهي. گهاڙيٽو ته ناچ رنگ جو آهي، پر مضمون الميه آهي.

شڪارپور کان پوءِ سکر ۾ درياءَ جي ڪناري رهڻ جي ڪري اياز جي شعر تي لاشعوري طور درياءَ جي لهرن، مهاڻن جي جهونگار ۽ هوڪار ۽ ٽانگي جي تال جو اثر پيو ٿو ڏسجي، جنهن پڻ سندس شعر کي هڪ خاص موسيقيت ڏني آهي، جنهن ۾ ردم آهي، ارڏائي آهي، هوڪار، للڪار ۽ بي خوفي آهي، لفظن جو وري وري ورجاءُ پڻ ان ڪري آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ خوبصورتي پيدا ٿو ڪري. سندس تجرباتي طبيعت، آزاد نظم، بيت، وائي، غزل وغيره کي پڻ ڇيڄ واري ورجاءُ جو رنگ ڏئي، هڪ دلچسپ ۽ موهيندڙ صورتحال پيدا ڪئي آهي.

ڪونه ڀڄندس،

ڪونه ڀڄندس.

تاڻجي تنهنجو رڳون وينديون ربابن جئن جڏهن

آءٌوڄندس

آءٌ وڄندس

باک توتي ڇانئبي ڳاڙهن شرابن جئن جڏهن

آءٌ رڄندس

آءٌ رڄندس

زندگي هوندي هزار آفتابن جئن جڏهن

آءٌ تنهنجي

ساٿ کڄندس!

ڪونه ڀڄندس

ڪونه ڀڄندس

آءٌ تنهنجي ساٿ هوندس!

آءٌ تنهنجي ساٿ هوندس!

*

تون نه آئين، نه آئين، نه آئين اڃا

ٿو اسان کي پيو آزمائين اڃا.

*

وَرَ وَر وسڪارا ٿيا، پرج اڃا ڪجهه ڀرج

گرج، سمندر گرج، منهنجو من تو سان متو!

*

ڪُڇي نه ڪوئي، لُڇي نه ڪوئي، پڇي نه ڪوئي هاءِ!

پوءِ به چوين ٿو، مون کي آهي تنهنجي جڳ ۾ جاءِ!

*

ڏيههُ ڏئي ٿو ڏوههُ، اديون ڙي ڏيهه ڏئي ٿو ڏوههُ،

آءٌ چوان ٿي، ڏوهه سهي، پر مٺڙو آهي موههَ،

*

اچو اچو، اي ڄر جا ڄاڻو، لڇي پئي اڄ لاٽ،

کوليو کوليو هي کنڀڙاٽيون، ڳڻيو نه پنهنجا ڳاٽ.

*

آءُ وهاڻي ويل،

گهڙيءَ جا ميل- محبت ڪنهنجي ناهي رهندي!

ڪنهنجي ناهي جوءِ،

مگر خوشبوءِ سدائين آڻي هِير اُلهندي!

*

اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه!

سندس روپ، سندس رنگ ائين آهه جيئن تون!

اڙي رات، اڙي رات، پرين تو ته ڏٺو ناهه!

سندس وارَ، سندس ونگ، ائين آهه جيئن تون!

تجنيس حرفي (Alliteration) مشرقي شاعريءَ جو ڏاج آهي، سنڌي شاعري، پوءِ کڻي بيت هجي يا دوهو، وائي هجي يا ڪافي، گيت هجي يا غزل، ان زيور سان سنواريل، سجيل ۽ سجايل ملندي. شاهه، سچل، سامي ۽ کانئن پوءِ وارن سمورن سگهڙن توڙي شاعرن ان هنر ۾ پاڻ موکيو آهي. موجوده دؤر جا جديد شاعر پڻ ساڳي روايت قائم رکيو اچن. شيخ اياز جي شاعري تقريباً سموري، تجنيس حرفيءُ سان ٽمٽار آهي.

مثلاً:

چُري پيو چنگ، جهُري پئي جندڙي،

رَکي رَکي روح ۾، دُکي پيو ڏنگ،

سڄڻَ تنهنجو سنگُ، وِسري وِسري ڪينڪي.

*

آيو اوهيرا ڪري، ڄرڪي منهنجي ڄاڻَ،

چَڙا چنگَ وڳا پئي، ڀنا پئي ڀاڻَ،

ساري رات وٿاڻ، ٽميا چُئاڪا ڪيو.

*

ڌاڳا ڌوپ نه واسيا، ساڳيون جٽائون،

آءٌ ائين ئي پنڌ ۾.

موٽيو ناهيان ماڳ کي، ڏور ڏسي آئون،

آءٌ ائين ئي پنڌ ۾.

پار اهو ئي آ پرين، ڪهڙيون پڇائون،

آءٌ ائين ئي پنڌ ۾.

توسان منهنجون سانوري، لوئيءَ ۾ لائون،

آءٌ ائين ئي پنڌ ۾.

اهڙا مثال گهڻو ڪري هر شعر جي هر سٽ ۾ ملندا. روايتي سنڌي شاعريءَ سان نباهه جو سولو طريقو تجنيس حرفيءَ جو عام رواجي استعمال آهي. اياز جي جادوئي ڇهاءَ ان صنف جا ڪي ٻيا وڌيڪ وڻندڙ پهلو ڳولي لڌا آهن، جيڪي پنهنجي پر ۾ يڪتا آهن. اهو صرف ۽ صرف اسان جي شاعر جو ڪمال آهي. هنن شعرن کي غور سان پڙهڻ سان اوهان تي هڪ بلڪ اڇوتي ڪوشش جو اظهار ٿيندو.

گگهُو وڳو گهگهه ۾، ڏني جهَپَ جهازَ

ڦاٽا وڏي ڦاٽ سان، بمن مان آواز،

هي آزاديءَ راز، اک نه ڇنڀن آدمي!

*

ٿو سَڏُ ڏيان هر سڏڪي کي،

تون جاڙَ ڪرين، مان ماڙ ڪيان.

*

اُڀيون ٻانهون اُڀَ ڏي، ڏؤنرن بنان ڏار......

*

ڪا ترائيءَ جي، ڇانوَ ڇانئجي هجي.......

مٿين سٽن ۾ گُگهو ۽ گهُگههَ، ڦاٽا ۽ ڦاٽَ، سُڏڪو ۽ سَڏُ، اُڀيون ۽ اُڀ ڇانوَ ۽ ڇانئي وغيره نه صرف ساڳئي آواز سان شروع ٿيندڙ لفظن جا جوڙا آهن، پر مختلف معنيٰ رکندي به هڪ لفظ ٻئي جو وڌاءُ آه، جهروڪ: گهُگهه + و = گهُگهو، ڦات + ا = سَڏُ + ڪو = سُڏڪو، اُڀ + يون = اُڀيون ۽ ڇانءَ + ئي = ڇانئي، وغيره. ڇاڪاڻ ته هيءُ هنر بلڪل نئون آهي يا گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾ ڪامياب آهي، ان ڪري ان کي نالي ڏيڻ لاءِ مان کيس تجنيس حرفيءَ جو وڌاءُ (Extended Alliteration) چوندس. لفظن کي ان سٽاءَ سان استعمال ڪرڻ، موحدود شاعري، ڪندڙ لاءِ ته شعوري ڪوشش چئي سگهجي ٿي، پر شيخ اياز جهڙي تڪڙي ۽ لڳاتار لکندڙ شخص لاءِ اهڙي قسم جو بيان ڏيڻ، خود اياز ساڻ ناانصافي ٿيندي. دراصل شاعري اياز جي لونءَ لونءَ ۾ سمايل آهي. هن جون اکيون، ذهن ۽ قلم هڪ اهڙي ته خودڪار سسٽم تحت پاڻ ۾ رابطي طور ڳنڍجي چڪا آهن، جو نه ته کيس تخليق جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻو پوي ٿو ۽ نه وري هو لفظن يا محاورن جو محتاج آهي. اهي سڀ شيون هن وٽ ائين ته قدرتي ۽ عام رواجي طور ٿيون اچن، جيئن ڪنهن به جيئندار لاءِ سمهندي، جاڳندي گهمندي، ڦرندي، ساهه کڻڻ.

ان ئي سلسلي ۾، اضافي طور هڪ ٻي ترڪيب جو به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. اها آهي هم آواز ۽ هم قافيا لفظن جو عام جام استعمال مثال طور :

ڏاڍا واڍا ڏيهه جا، ڏيههُ ڪڙن قابو-

هي جو هيل لَهو!

*

چارڻ ٻارڻ ٻارڪو، ڏي ڪالُون لَهسَ،

مَچُ وِساڻو سچ جو!

*

سِرَ ڪپجي سُرَ ٿيو، ڀورا! ڳالهه نه ڀُلُ،

گهوريو، گهوريو، گهوريو!

*

پيئڻَ تي جيئڻُ، گهوري گهوٽَ وهاٽيا،

روئندو تن لئه راتڙيون، سدائين سانوڻُ،

هو جي مَري ڄڻ، موکيءَ کي موکي ويا.

*

 

توڪي سڏ سُئا، هو جي رات مُئا-

ورتائون وِهه گاڏئون.

سَپُ به آهي سِپَ ۾، ڪنهن کي هورَ هئا-

ورتائون وِههُ گاڏئون.

*

ڪونڌ ڪُڏائي اوڏڙا، نُونڌَ نچايا مون،

وڃن پيا ويڙهه ۾، سورهيه ۽ سوڀون،

لهوءَ لال پڳون، کڙيون رت چڪندڙيون!

مٿين شعرن ۾ ڏاڍا واڍا، چارڻ ٻارڻ، مَچُ سَچُ، سِرُ سُـرُ، پيئڻ جيئڻ، سُئا مئا ۽ سَپُ سِپَ جا جوڙ هم قافيا ۽ هم آواز آهن، انهن لفظن جي استعمال سان شعر ۾ جا خوبصورتي پيدا ٿئي ٿي، اها ساراهه جوڳي آهي، پر نه، اياز ٻه قدم اڳتي وڌي ساڳين ئي لفظن کي مختلف معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو. انگريزيءَ ۾ اهڙيءَ ترڪيب کي (Pun) چوندا آهن ۽ اڪثر طنز مزاح يا طرح دار جملن ۾ ڪم آڻيندا آهن. اياز ائين نه ڪيو آهي. هن پنهنجي سنجيدگي برقرار رکندي، اهڙي قسم جي سينگار سان شعر ۾ سونهن پيدا ڪئي آهي. مٿي ڄاڻايل هڪ بيت جي آخري سٽ ۽ ڪجهه ٻيا پيش ڪجن ٿا.

هو جي، مَري ڄڻ، موکيءَ کي موکي ويا.

*

ڪَڙو ڄڻ ته ڪڙو، جڙجي ويو جيءَ ۾،

گهاٽي ساڻ گهڙو ، لُنءَ لُنءَ ۾ لهڪڻ لڳو.

*

 

پَٽُ لڳي ٿو پَٽَ جان،

ڪهڙا ڪانڊيرا!

مان ڪيئن جيئندس جت ري!

شاهه سائينءَ ۽ ڪن ٻين پڻ اهڙي قسم جا لفظي تڪرار پنهنجي شاعريءَ ۾ آندا آهن، ان ڪري سنڌي ادب لاءِ نئون مثال نه سهي، وڻندڙ مثال ضرور آهي.

عام رواجي تجنيس، جنهن ۾ لفظن جو پهريون اکر، ٻئي لفظ يا ٻين لفظن جي پهرين اکرن سان ملي اچي، يا ان جي آواز جي قريب ترين هجي ۽ گهڻو پوئتي ڇڏي، اياز سموري شعر کي اهڙن نکينن ساڻ جڙي ڇڏڻ جا جتن ڪيا آهن، جي نه رڳو پهرئين، ٻئين يا ٽئين اکرن جي هڪ جهڙائيءَ تي مشتمل هجن، بلڪ جن جو مڪمل ۽ مجموعي تاثر پڻ هڪ جهڙو ئي هجي.

تانگهه نه تاڙي تانگها تَڙَ.

اؤتڙ اؤتڙ آءُ ميان!

راهه انوکي، سڀ کان چوکي، پيرا پيرا ناهي ڪڙ

اؤتڙ اؤتڙ آءُ ميان!

سنج سنهرا، نيرا گهرا، جر تي پوياڙيءَ جا پَڙَ-

اؤتڙ اؤتڙ آءُ ميان!

ڪيئي گونگا گيت هوا ۾،سانجهيءَ ويلي جهونا بَڙَ

اؤتڙ اؤتڙ آءُ ميان!

اؤتڙ ٻوڙي، اؤتڙ تاري، اؤتڙ اؤتڙ پنهنجا وَڙَ

اؤتڙ اؤتڙ آءُ ميان!

 

هن وائي ۾ گهه، ت، ج، ا ۽ سڀ کان وڌيڪ ڙ حاوي آهي، انهن صوتي آوازن پاڻ ملي جيڪو رنگ پيدا ڪيو آهي، سو هڪ بهترين ڪمپوزر جي وڏي محنت سان بيلنس ڪيل آرڪسٽرا کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي. هيٺينءَ وائيءَ ۾ پڻ ڪ، ڌ ۽ ر جي جهرمر نه رڳو شعر کي نکاري ٿي، بلڪ ترنم سان گڏوگڏ بي خوديءَ واري ڪيفيت پڻ پيدا ڪري ٿي، جيڪا وائي جي بنيادي ضرورت آهي.

تون ته ڪنڌيءَ جو ڪانڌُ ميان!

هاءِ ڪنڍيءَ ۾ منهنجو مَنُ!

ڇرڪي ترڪان، ترڪي ڇرڪان، توکي ڪونه ڏسان،

هاءِ ڪنڍيءَ ۾ منهنجو مَنُ!

وَرِ وَرِ تنهنجي ڍَرَ سان، ڇوليءَ ڇوليءَ منجهه ڇلان،

هاءِ ڪنڍيءَ ۾ منهنجو مَنُ!

هنئون به منهنجو توتي هرکي، توکان ونءُ به وڃا،

هاءِ ڪنڍيءَ ۾ منهنجو مَنُ!

لفظن جو ئي ذڪر ٿي رهيو آهي ته اها گذارش به ڪندو هلان ته اياز پنهنجي فلاسافيءَ جي تَوَ ۾ پڙهندڙ کي، لفاظيءَ جي جهنگل ۾ گم ٿيڻ لاءِ اڪيلو نٿو ڇڏي ڏئي. هو ڏس به ڏئي ٿو، گَسُ به ڏئي ٿو ۽ سمورو وقت ساڻس گڏ به رهي ٿو، ڳالهيون ڪندو، منظر بيان ڪندو، مخاطب ٿيندو، لفظ جوڙيندو، ٽوڙيندو، موڙيندو، صوتي اثرن جو جادو جاڳائيندو، پڙهندڙ کي پنهنجي وجود جو هڪ اهم حصو بنائي ٿو ڇڏي، ايتري قدر جو اياز جي دُک ۾ سندس پڙهندڙ پڻ ايتريقدر ته شريڪ ٿو ٿئي، جو ٻنهي ۾ فرق محسوس ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي. جيڪڏهن مان پنهنجي مٿئين بيان کي ڇني ڌار ڌار ڪري ٻڌايان ته جيڪر هينءَ چوان:

(1) اياز لفظن جو ڌڻي آهي. هو زبان تي ايتري ته قدرت رکي ٿو، جو ضرورت وقت پنهنجا نوان لفظ جوڙي (Coin) ٿو. اهڙيءَ طرح نوان محاورا پڻ ٺاهي ٿو.

(2) ڌارين ٻولين جي لفظن کي سنئون سڌو، جيئن جو تيئن استعمال ڪري ٿو.

(3) سنڌ جي مختلف حصن ۾ ڳالهايا ويندڙ متروڪ ۽ غير متروڪ لفظ ميڙي چونڊي، ڌوئي صاف ڪري، چمڪائي، پنهنجي ڪلام ۾ جوڙي ٿو.

(4) هن جي تخيل جو گهراءُ ايترو ته اونهو آهي، جو وٽس موجود لفظن جو ڀنڊار جڏهن سندس سوچ کي بيان ڪرڻ ۾ ناڪام ٿو وڃي، تڏهن هو پڙهندڙ کي ڪورو چيڪ (Blank Cheque) ڏئي، صرف صوتي اثر ڏيڻ خاطر، صوتي لفظ ڏيو ڇڏي ۽ پڙهندڙ جي ذهني اوسر تي باقي ڪم ڇڏيو ڏئي ته ڀل ته وڃي پنهنجي وت، سگهه ۽ سوچ آهر انهن لفظن جي جاءِ تي اِنڊا ڀري.

مٿين سڀني ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ليکڪ لاءِ خود اعتماديءَ جو سڀ کان اعليٰ معيار وٽس هئڻ تمام ضروري آهي. پڙهندڙ جي جذبات ۽ احساسن سان هٿ چراند صرف اهو ئي ليکڪ  ڪري سگهندو، جنهن کي ڄاڻ هوندي ته مان جيڪا به غير رسمي (Deviation) ڳالهه ڪندس، سا اگهامجي ويندي. ان تي اعتراص ڪونه ٿيندو. ان تي واويلا ڪونه مچندي، ان تي فتوائون ڪونه ملنديون. پڙهندڙ ماٺ ميٺ ۾ نه رڳو ان کي قبول ڪندو، بلڪ ان جي واکاڻ پڻ ڪندو. ان سان سهڪار ڪندو. ان کي پنهنجي ٻولي، ڪلچر ۽ سماج جو حصو پڻ بنائيندو. اياز وٽ اهو اعتماد اتم درجي موجود آهي. هو بنا ڊپ ڊاءُ ۽ جهجهڪ جي هر قسم جو جوکم کڻڻ لاءِ تيار آهي. مثال طور:

نوان لفظ ۽ محاورا:

هرڪو سَچُ اَسچُ ڪري ٿو.

*

جنهن جي منهن ۾ موت ڀريل آ،

هرِ پَلُ مَنَ تي مُنڱُ ڏريل آ.

*

ڪوڙو سارو آپو آهي،

ڪانو سڀ جو ماپو آهي.

*

ماڻهو چڪ- پنوڙو ناهي،

گونگو ناهي، ٻوڙو ناهي.

*

وَرِ وَرِ ڏيندم ڪيترا،

اوٺي ڳوٺي وَڍ!

*

پٿر منجهه پُڪار، ڇيڻيءَ ڀيڻي ناهه ڪا،

سِرَ ۾ سنگتراش جي، ڪارا ڪارونڀار،

اڀري جن مان اوچتو، صورت سج- اُڀار،

سرجِي سرجڻهار، مرڪي جاچي مورتي.

*

هيءَ نه کينهونءَ کيڏ، سوچي آءُ اُڇاترا،

گهوٽ گهڻيئي گهير ۾، جن جا ڀڳا ڀيڏ،

اوسيئڙي اک- ٽيڏ، ڪيئي مانجهي ماريا.

*

ڀيري ڀيري ڪويلَ ڪُوڪَ،

هيءَ هيءَ تنهنجي ڦَٽَ اکيل!

*

چرخو ڇو هئن چُپِ آ؟

اڱڻ ايڏي سُن؟

*

ڌارين ٻولين جا لفظ:

آءٌ اها لس ليٽ، جنهن تي چمڪي چاندني،

*

سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نوايان،

مٽي ماٿي لايان.

*

تارا پيڇي، تارا آڳي،

جيءَ سمهي جڳ سارو.

*

هي جوڀن جا ڀِن ڀِن اُڌما،

تونس تنن جي، کِجڪا کِن جا.

*

توڙي واري جندڙي مون ان تي پَل پَلِ،

پوءِ به سُوني ٿي لڳي ڌرتيءَ جي ديول.

*

اَڄُ نه مون کان اَلِ، ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهڙي.

*

سڀڪجهه آ آڪارَ ۾، ڪجهه به نه نراڪارُ،

انڌو اوندهه ۾ ڏسي، انوکو اسرارُ

گڻ ستارا اُڀِ ۾، نرگڻ انڌوڪار،

مايان ناهي ڄارُ، مايا ساگر سونهن جو.

سنڌ جي مختلف حصن جا لفظ جانورن، پکين، جاين وغيره جا نالا:

ڪهڙيون باتيون ٿو ڪيان ساريون راتيون مان،

ٻارنهن ماسيءَ سان ٻلهاريءَ آڪاس ۾!

*

توکي نيٺ سراپ سان ساڙَ دَڙو ساڙي،

مُور نه مون پاڙي ملندي توکي جائڙي.

*

سُرڻا سُرن ٿا

سانجهي! تنهنجيءَ سانت ۾.

*

ساريون گچ اوڀاريون، آهن اٻڙڪي،

ٿو اونهاري اس ۾، ٽيٽيهر ٽڙڪي،

آهن دمٿر ڪي، هارياڻيون، کِههَ- ڀُڪليون.

*

ڪيئي پَکَ- وَڳَرَ، ڪيٽيون ڪنچر ڪيترا،

ڪيئي مڇيون، مانگريون، جيوت جيڪا جَرُ،

واڻراهيون ۽ وستيون، ڪيئي جبل جهَرَ،

سڀ کي ڪا ساڃاههَ آ، توکي ڪهڙي ڪَر!

چاهيئه رڳو پَر، ماڻهو، پنهنجي پاڻ کي.

*

ڏي تون ڦري ڦيرَ ۾، چڪر نه چوڌار،

سوچي وِکون وجهه تون.

*

لُوٺ هجي ها بگري ڪرڻا سج هزار،

سوچي وکون وجهه تون.

*

نيري پاڻيءَ ايوڻيءَ جا پوندڙ پاڇا،

اِئن آندو ڇا ڇا، مون پنهنجي هر بيت ۾!

*

دور پرهه ۾ پولڪا، کوههُ مٿان هُو کَنجَ،

جهڙا ڦوڳ ڦلارَ ۾، جهڙا سَـرَ تي هنج،

رات رچايا رنج، ٻهڪي نڪتيون ٻهڳڻيون.

*

صوتي اظهار:

جيئو جيئو، پيئو پيئو!

ڇنن ڇنن ڇن ڇن.

*

سڀ پنهنجي پنهنجي سينڱ سَڃن،

ائن ڪڙڪڙ ڪڙڪڙ ڪان وڃن.

*

ڪاري رات، ڪُويري ڦڙ ڦڙ،

ويرو تار رهي آ رم جهم،

ٽپ ٽپ، ٽپ ٽپ، ٽم ٽم، ٽم ٽم،

هِن پاسي مڙا! هِن پاسي مڙا!

*

گهنن گهنن، گهن گهن، گهن گهن گهن،

ڌنن ڌنن، ڌن ڌن، ڌن ڌن ڌن!

گجو گجو اي ڪارا بادل، وسو وسو ورسايو جل ٿل!

پيو پيو مَيءَ جا متوارا، جيو جيو ڌرتيءَ جا پيارا!

ڇنن ڇنن ڇن، پيالا ڇلڪن-

گهنن گهنن، گهن گهن، گهن گهن گهن!

*

ڪيڙو ڪيڙو ڪوههُ ڪرين،

ڇا ٿو سارين ڪارڙا؟

*

ڪو واءُ لڳي وڻ ڌوڻي ٿو،

۽ ڇڻ ڇڻ ڇڻ پن ڪرن ٿا پيا،

آ کڙ کڙ کڙ کڙ ڇڪڙي ۾،

پر ڦيٿا پو به ڦِرن ٿا پيا.

پڙهندڙ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو اياز کي پنهنجو انوکو ڍنگ آهي، هڪ ته هو پاڻ کي پنهنجي پڙهندڙ کان ڌار نٿو سمجهي. کيس پاڻ سان گڏي ٿو ڇڏي، سندس پيڙا پنهنجي ٿو ڄاڻي ۽ سندس خوشيءَ ۾ برابر جو شريڪ ٿو ٿئي. سندس ٻولي ٿو ڳالهائي، سندس ئي خوف ، ڀَوَ، ڪاوڙ، لڄ، حياءَ مطلب ته سڀ جذبا پاڻ تي طاري ڪري ٿو ڇڏي. جنهن ڪري اجنبيت  جو احساس ويندو ٿو رهي. پر جتي ائين ممڪن ناهي ۽ شاعر کي پاڻ کي ڌار ڪرڻ (Detatch) ڪرڻ ضروري ٿيو پوي، اتي اياز پنهنجي اسم کي نالو وٺي سڏ ڪري هوشيار ٿو ڪري. پنهنجي مدعا بيان ڪرڻ ۽ اڳلي تي اثر انداز ٿيڻ جو اهو تمام مؤثر طريقو آهي ته کيس مخاطب ٿي،  سندس سموري توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائي، پوءِ جيڪي چوڻو هجي سو چئجي. اياز نه رڳو انسان کي مخاطب  آهي، پر هو هر ان شيءِ کي مخاطب آهي، جنهن وسيلي هن کي ڪو پيغام رسائڻو آهي، يا نقطو بيان ڪرڻو آهي.

*

هَوا! ڪانهن بينون بنائي وڄاءِ،

وسيهر اٿي ڪو ته لهرو ڪري!

*

ويڄ! تون ڇو نه ٿو ورائين ٻانهن؟

ڇا ٻڌين ڪونه ٿو دُکيءَ دل جي دانهن؟

*

مسافر! رڳو نم جي ڇانوَ ۾،

اچي ويههُ مون سان ڪڏهن ٺارِ مَنُ.

*

گهائل سوار کي

ڪارا ڪميت تون

ڪيڏانهن نيندين؟

*

ڪٿي ته ڀڃبو ٿَڪُ مسافر!

ڪٿي ته ڀڃبو  ٿَڪُ!

*

تون ڪيٽيءَ جي ڪونج تون ڪيئن ميٽروپول ۾!

ڄڻ ساري لائونج تو ڏي منهن ڦيري ڏٺو!

*

چنڊ! پرينءَ کي پرچائي ڏي، مون سان ڪينءَ رُٺو؟

تون ئي چَئُه مون ساريون راتيون ڪائي ننڊ ڪئي؟

*

 وري عشق بازي، اڙي دل، اڙي دل

مٿين مثالن کان سواءِ اياز جو ڪلام ان قسم جي سنئين سڌي گفتگو سان ڀريو پيو آهي. ڪٿي پاڻ کي مخاطب آهي، ڪٿي فضائن ۽ هوائن کي ۽ ڪٿي پنهنجي خيالي محبوب کي. اهڙي قسم جي تاثر کي وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ هن وٽ ٻيا به گهڻائي ذريعا آهن. هت مان انهن مان صرف  ٻن جو ذڪر ڪندس.

(1)  موسيقي جا آلاپ ۽ آواز، جهڙوڪ: الا! الوميان، ووءِ وغيره.

(2) اسم تصغير جو دريا دليءَ سان اظهار.

ڳائڻ وڄائڻ، سُرَ ۽ ساز کي جيڪا اهميت انساني زندگيءَ ۾ حاصل آهي، ان کان ڪو به انڪاري ٿي نٿو سگهي. انسان ته انسان، پکي، مِرون ۽ پسون به سُرَ تي سِرَ ڌوڻين ٿا. ٻيجل چنگ جي مڌر آواز سان راءِ ڏياچ جو مٿو ورتو، نانگ مُرليءَ جي سريلي آواز تي موهت ٿي موج ۾ اچي لهر ڪري ٿو، سُرندي جي سوز سان مرگهه چونڪڙيون ڀرڻ وساري ويهن ٿا، سارنگ جي صدا تي آسمان ۾ ڪارا بادل ڀرجي گرجي، برسن ٿا.

 

اياز سوز ۽ گذار جي انهن آلاپن مان قهري ڪم وٺي ٿو. سندس اهي ورلاپ ڏکويل دلين ۾ جهير وجهيو ڇڏين، اهو سندس ڪاريگريءَ جو ڪمال آهي، جو سخت کان سخت دل انسان به اهي آهون ۽ دانهون ٻڌي، سيسراٽن ساڻ سڙڪي اٿي ٿو.

*

هيءَ هيءَ بسنتو! هي ڦول پنهنجا

ڪنهن لاءِ آندو منهنجي پڄاڻا؟

*

ناهي موتُ ميارَ

ووءِ ميان وو، وو ميان!

*

لوري ڪينءَ لڳي،

آو آيل! آيل! لوِري ڪيئنءَ لڳي!

*

ڪرها سرها، ريتيءَ ترها، اُسهن نيٺ اَسور،

الو ميان! ديس نه دل کان دور!

*

ڏي ڏي ڏي ڳاڙهي ڳيت

پل پل آهه پيالو، لوءِ!

پيءُ پيءُ، پيءُ پيءُ، ڪهڙي پوءِ!

*

تَڙَ تَڙَ تي طوفان، الو ميان

نائو هلي آهي گيت کڻي!

*

سِجُ لهي سانجهي ٿيو، هي اونداها تَرَ!

پاڻ وڃون ٿا ووميان!

*

ڀُونءِ نه آئي ڀانءِ،

الا! مان اڏري ويندوسانءِ!

ساڳيءَ طرح اياز اسم تصفير جو به عام استعمال ڪيو آهي. سنڌي هونءَ ئي سٻاجها ماڻهو آهن، ويتر جو کين ڪنهن کي وڌيڪ سهڻو، سٻاجهو، مظلوم، سادو، ننڍڙو ۽ معصوم وغيره ظاهر ڪرڻو هوندو آهي ته اسم جي پويان ڙو، ڙا يا ڙين وغيره وجهي ان جي نه صرف صوتي سونهن وڌائيندا آهن، بلڪ ان جي صفت کي پڻ وڌيڪ وڻندڙ بنائيندا آهن. عام سنڌي روزمره جي گفتگو ۽ انڪساري، عاجزي ۽ قبوليت پيدا ڪرڻ لاءِ اسم تصغير جو استعمال ڪندو رهندو آهي. اياز مقامي ماڻهوءَ جي ان ڪمزوريءَ کي چڱيءَ طرح جاچيو ۽ پرکيو آهي ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهه ۾ اوترو ئي ميٺاج پيدا ڪرڻ لاءِ شعر ۾ جابجا ان صورتحال مان لاڀ حاصل ڪيو آهي،

جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، ڪري ها ها هُل ميان-

تڏهن ملنداسين!

*

جاڳي ساريون راتڙيون

جرڪي جن جي ذات،

کڻي کُنڀُ ڇڏي ويا.

*

ڏورانهين ۾ ڏيئڙا

سانگيئڙن جي سارَ، ڏٺ لهندم ڏکڙا،

*

ساوڪ رُت ۾ سانورا هيل نه آئين تون،

آيا سرءُ ڏينهڙا.

*

ڪيسين ٻاري ڏيئڙا سَنجهي ڪَرَ ساهيان؟

آءُ ته منهن مُرڪي کڻان!

*

جيئڻ جهيڻي باهڙي، مَچُ نه ساڳيو مَچُ،

لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!

*

اُڏر پکيئڙا يارَ،

پُنا ٻولڻ ڏينهڙا!

*

مانڙي ٿي پچي، باهڙي ٿي ٻري!

*

ڪويلڙي ڪُوڪي

آڌيءَ جو آواز ۾

ساههُ سڄو ڦوڪي

ڪويلڙي ڪُوڪي

*

ماڻهو اياڻا دلڙيون نه جوڙن،

پڃرا پکين جا

ڳوڙها اکين جا

سارُون اڏارون پرڙا  پتوڙن

ماڻهو اياڻا دلڙيون نه جوڙن

دل کي ڇهندڙ، مَنَ کي جهوٻاڙيندڙ ۽ اندر مان سيسراٽ ڪڍندڙ اهي ننڍڙا، سهڻا لفظ اياز جي شاعريءَ جو اهم حصو آهن، نفسيات جي علم موجب هو ماڻهوءَ جي دل هٿ ڪري ڄاڻي. سندس ذهني توڙي روحاني ڪمزورين مان فائدو وٺي ڄاڻي. اندر ۾ پيهي ڄاڻي، چنڊ، آڪاس، بارش، ستارا ۽ سمونڊ جهڙيون شيون، جي شروع کان انسان جي لاءِ ڇڪ، ڪشش ۽ رومانيت جو ڪارڻ رهيون آهن، تن کي اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ ورجائي ورجائي جڳهه ڏني آهي. ڪونج، مور، ڪويليون، هرڻ وغيره پڻ گهڻي ڀاڱي سندس موضوع رهيا آهن ۽ جيئن ته انهن سان ڪانه ڪا وصف يا خاصيت وابسته آهي، ان ڪري انهن کي علامتي حيثيت سان پيش ڪري اياز سنڌي شاعريءَ جي علامتي ڪارج کي برقرار رکيو آهي. سندس ٻين علامتن ۾ ڪلاسيڪي ڪردار، نئين سوچ ۽ نئين حالتن تحت قومي پس منظر ۾ ڪم آندا ويا آهن. سنڌ جي تواريخ جا قومي سورما، جنگيون ۽ بهادريءَ جا واقعا پڻ علامت جو روپ ڌاري آڏو اچن ٿا.

دراصل بيت، دوهي ۽ وائيءَ ۾ هيئت جي لحاظ کان تجربي جي تمام گهٽ گنجائش آهي. اها دعويٰ پنهنجي جاءِ تي بلڪل درست ۽ بجا آهي، ته اياز ڪلاسيڪل گهاڙيٽن ۾ جديد خيال سمايو آهي. هن روايت کي نئون روپ  ڏئي ان ۾ جدت پيدا ڪئي آهي، پر گڏوگڏ اهو به درست آهي ته اياز روايتي  گهاڙيٽن ۾ تمام گهٽ موقعي جي باوجود پنهنجي وس آهر ڪافي تجربا ڪري، نواڻ پيدا ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي. بيت ۾ ٻه ٻه رديف استعمال ڪرڻ، ساڳئي لفظ کي قافئي جي طور تي ورجائڻ، بلڪل نوان، اڇوتا ۽ غير روايتي لفظ قافئي لاءِ چونڊڻ کان سواءِ هن بيت، واين، نظمن ۽ پڻ غزلن جي سٽن کي مفهوم  جي لحاظ کان ننڍو وڏو ڪري تمام ڪامياب تجربا ڪيا آهن ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ موکيو اٿس. مختلف صنفن ۾ نموني طور ڪجهه تجربا ڏجن ٿا:

*

ادي اڄ اداسُ، آهي منهنجو جيئڙو،

پرين ساڳيو واسُ، ڪوههُ اواڳيو هينئڙو!

*

سونهن نه ويندي سومرا، مينڍا ڌئان يا نه،

وينديس سج سمانَ، موٽي ملڪ ملير ڏي.

*

انڌو اُڀ، انڌاري ڌرتي، ڏيئا ڏيئا ڳاٽ اسان،

ليئا ليئا لاٽ اسان!

چوڌاري چمڪاٽ اسان!

*

ڪائي سمجهه ته ڌار،

ائين تون نه اڏار

ڍانڍيئڙي کي لامَ تان.

اياز جي وائيءِ ۽ گيت ۾ تمام ٿورو ۽ ڪن حالتن ۾ به بلڪل ڪوبه فرق نٿو ڏسڻ ۾ اچي. سندس آزاد نظم جهڙا پابند نظم مون ڪٿي نه پڙهيا هوندا. حقيقت ۾ هن شخص جي شعور ۾ ڇپيل رواني، نغمگي ۽ ردم، هر هنڌ سمونڊ جي لهرن جيان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڇلڪي ٿي پوي. هو لک چاهي ته انهن سڀني وصفن کان پاڻ بچائي، ڄاڻي ٻجهي، ڪا ٻي شيءَ ڏيان ته به سندس اندروني موسيقيت کيس ائين ڪرڻ ئي نه ڏيندي. هيءَ آزاد نظم ئي کڻي ڏسو:

ايتري فرصت هجي،

رات ساري چنڊ جا چارا ڏسان!

راهه جي ڪَڙ تڪي پپل جي ڇانوَ سان پاڻي مٿان،

ڪجهه گهڙيون لڙهندو رهان!

ڪجهه سرءُ جي شام ۾ سوچان سڙان، لوچان لهان!

۽ هي ٻيو آزاد نظم:

هي ڦٽل پير وري پنڌ ڪندا،

تنهنجو سوڳنڌ ڪندا،

هي ٽٽل هٿ هڻي هنڌ ڪندا!

مان چوان ٿو ته ضرور

وقت ايندو ته وري چڪنا چور

ڪوڙ جو ڪنڌ ڪندا!

مٿين آزاد نظمن ۾ لئه به آهي، موسيقي ۽ رواني به. اهڙيءَ طرح اياز آزاد نظم جي مغربي مزاج کي مشرقي رنگ ۾ رنگي، ان کي وڌيڪ وڻندڙ، موهيندڙ ۽ قابل قبول بنايو آهي. مون کي اعتراف آهي ته ڪجهه نقاد هن شاعريءَ کي آزاد شاعري چوڻ وقت ضرور ڀرون تاڻيندا ۽ ناسون ڦونڊاريندا، پر جيڪڏهن ڪنهن ڌارئين صنف کي ديسي ويس وڳي ساڻ ڍڪي گل گلاب ڪري سگهجي ته ان ۾ اهم ئي ڪهڙو؟

ها، اياز جي نثري نظم تي واقعي گهڻن بقراطن ڀرون تاڻيا آهن. هنن جو خيال آهي ته نثري نظم ته پري جي ڳالهه آهي، اهو ته نه نثر آهي ۽ نه نظم.

ٻئي جي راءِ جو احترام فرض آهي، پر اکيون پوري، انڌن اونڌن ويڄن کان علاج ڪرائڻ به ناداني ٿيندي. اياز Bland Verse جي طرز تي نثري نظم لکيا آهن ۽ انهن ۾ به مختلف تجربا ڪيا آهن. هو گهڻ پڙهيو انسان آهي. سندس ادب جو ۽ فن جو مطالعو گهرو آهي.

ان ڪري هن هر ان تحريڪ متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ادب ۽ فن تي ڪونه ڪو اثر وڌو، هن کي ڄاڻ آهي ته سرئليزم (Surrealism)  ادب ۽ بصري فن جي تحريڪ، پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي وچ ڌاري يورپ ۾ جنم ورتو. اصولي طور هيءَ تحريڪ، ڊاڊا تحريڪ (Dada Movement) منجهان اسري ۽ اڀري هئي، جيڪا پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ جاري ٿي. هن تحريڪ (ڊاڊا) جو مقصد هو فن جي خلاف فنڪاري ڪرڻ ۽ ڄاڻي واڻي، سوچي سمجهي، عقل ۽ فهم جي خلاف ادب پيدا ڪرڻ. ان جي برخلاف Surrealism جو زور منفي نه، بلڪ هاڪاري پهلوئن تي هو. هن تحريڪ جي بانيءَ آندري بريئن 1924ع ۾ هڪ پڌرنامو شايع ڪرايو، جنهن موجب سرئيلزم سوچيل ۽ اڻ سوچيل تجربن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري اهڙيءَ طرح ملائڻ جو نالو هو، جو حقيقت ۽ خواب گڏجي هڪ نئين دنيا جوڙن، سندن زور عقل جي بجاءِ گهڻي ڀاڱي نفسيات تي هو. ٿلهن لفظن ۾ هو اهڙي ادب جا باني هئا، جنهن ۾ تصنه ۽ بناوٽ کي ڪا به جڳهه نه هجي. جو ماڻهو جيئن سوچي، تيئن لکي يا مصوري ڪري.

اياز پنهنجي شروعاتي ادبي زندگيءَ ۾ ان تحريڪ بابت پڙهيو هو.

هو چوي ٿو:  مون سورنهن سترنهن ورهن جي ڄمار ۾ Surrealism جو مطالعو ڪيو هو ۽ ان ئي زماني ۾ پنهنجي پهرين ڪهاڻين جي مجموعي، پنهل کان پوءِ جي مهاڳ ۾ ان تحريڪ جو ذڪر ڪيو اٿم.

اڳتي هلي هن سلسلي ۾ پتڻ ٿو پور ڪري، ٽڪرا ٽٽل صليب جا ۽ ٻيا نثري نظم لکيا. نثري نظم ۽ مختلف بحرن کي استعمال ڪري (يا نه ڪري)، تجريدي صورت ڏئي، اياز خيالن کي پنهنجي اصلوڪي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيو آهي. ائين جيئن زندگيءَ جا سوين رنگ آهن. ائين جيئن حياتي پابندين کان سواءِ پنهنجي لاشعوري وهڪ ۾ وهندي هجي. ائين جيئن انسان تنظيم (Discipline) جي خود ساخته قيد کان آزاد، پنهنجي منهن اڪيلي ۽ فطري زندگي گذاريندو هجي. ائين جيئن ڪا دوشيزه مسي، مُساڳ ۽ سرمي جو مصنوعي خوبصورتيءَ کان سواءِ، صبح سوير، پنهنجي قدرتي حسن ساڻ، پنهنجي اصلوڪي رنگ روپ ۾، اکيون کولي، آرس ڀڃي، راتوڪي ڪنهن وڻندڙ ياد کي سنڀاري شرمائي، هلڪي مُرڪ سان ڪنڌ ڍاري ڇڏي.

هيءُ نثري نظم انهن تاڻيل ڀروئن جي جواب لاءِ اتاريان ٿو، جيڪي هن قسم جي شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي شاعراڻين خوبين جي کوٽ محسوس ڪن ٿا.

ڇا هو ٽيون آهي ۽ تون ۽ مان به ٻه آهيون؟

يا تون ۽ مان آهيون ئي ڪونه ۽ رڳو هو آهي؟

يا هو آهي ئي ڪونه ۽ رڳو تون ۽ مان آهيون؟

ڇا ماڻهوءَ جي سوچ انهن ٽن سوالن کان ٻاهر نڪري سگهي ٿي؟

ائين ته ناهي ته نه هو آهي، نه تون آهين، نه مان آهيان.

رڳو ڪجهه به نه آهي.

ائين آهي ته نثري نظم شيخ اياز جي اٽڪل هڪ سَوَ  نوٽ بُڪن تان ورتل آهن، جن ۾ پنهنجي مطالعي جا نوٽ وٺندي، هن ڪيئي اصلوڪا نظم به ساڳي نوٽ بڪن ۾ لکيا آهن، پر مٿئين نظم ۾ ذڪر ڪيل سوچ اها ئي ساڳئي سوچ آهي جا اڄ به اياز جي ذهن کي ڌونڌاڙي رهي آهي.

مون کان اڳ به ڪونه هو، مون کان پو به نه ڪو،

هي منهنجو سپنو ٻي ڪنهن ڏٺو ڪينڪي!

نثري نظم اياز جي شعوري ڪوشش جو نتيجو هرگز ناهي. هو بنيادي طور ڏات ڌڻي آهي. هن جي ذهن ۾ سُرَ، تال ۽ لَئه جا آبشار وهن ٿا. هو چاهي ٿو ته لکي، ميڊاس (Midas) وارو ڇهاءُ هر شيءِ کي رنگ، خوشبو ۽ خوابن جو واس ڏيو ڇڏي. ڪٿي چٽا، ڪٿي اڻ چٽا، ڪٿي سڌا، ڪٿي اڻ سڌا، ڪٿي ڄاتل سڃاتل، ڪٿي اڻ لکا ۽ اڻ ڄاتل، قافيا ۽ رديف، موجون، لهرون ۽ بحر، ائين پيا جهلڪندا، جيئن اونداهيءَ رات ۾ ڪڪرن جي اوٽ مان شرير تارا.

ننڍيءَ عمر ۾ ئي شاعريءَ مون کي ڳولي لڌو ۽ اها ڪنهن گلاب جي گل مان خوشبوءِ وانگر آئي. ڪنهن جل پريءَ وانگر چنڊ جي ترهي تي ترندي آئي.

 

ڏکڻ جو هير مان رابيل جي سڳنڌ تي سوار آئي،

اونهاري ۾ وهندڙ واهه تي نم يا سرنهن جي ڇايا مان نڪري آئي،

۽ جنهن وقت مون هن کي، پهرين ڀيرو ڏٺو هيو،

هوءَ ڪنهن پينوءَ کي اٽي لپ ڏيئي رهي هئي.

هاٿي در جي اندران گهٽيءَ ۾

ساميءَ جي پاڙي جي ٻي پاسي.

 

مٿئين نثري ٽڪري ۾ نثر ڪيترو آهي ۽ نظم ڪيترو، ان جو اندازو هر پڙهندڙ بخوبي لڳائي سگهي ٿو. چوڻو صرف اهو آهي ته احساسن جو مٿيون اظهار بي حد ايمانداريءَ سان ٺيڪ ان طرح ئي لکيو ويو آهي، جهڙيءَ ريت شاعر جي ذهن ۾ آيو آهي، نه ته منجهس تخيل ۽ تصور جي گلڪاري ڪئي وئي آهي ۽ نه وري آرائش ۽ بناوٽ جو ميڪ اپ. پر ڇاڪاڻ ته شاعر جي دل جو آواز آهي، ان ڪري منجهس خودبخود شاعريءَ جي سرهاڻ پيدا ٿي وئي آهي.

هو چوي ٿو: شاعري مون تي ساوڻ جي مينهن وانگر ايندي آهي ۽ مان مهيني ڏيڍ مهيني تائين مسلسل لکندو رهندو آهيان َ۽ هڪ ڪتاب مڪمل ٿي ويندو آهي. جيئن اڀرندڙ لهرون منهوڙي جي ٽڪرين سان ٽڪرائجن ٿيون ۽ پوءِ انهن کي ٺوٺ ڇڏي ٿيون وڃن، اهڙيءَ طرح لکڻ دوران ۽ لکڻ کان پوءِ منهنجي ڪيفيت هوندي آهي. منهنجو نثر به نظم جون سرحدون ڇهندو آهي ۽ مان پنهنجي رت ۾ اهي ئي لهرون محسوس ڪندو آهيان.

حقيقت اها آهي ته نثر کڻي ڪيترو اثرائتو ۽ ڀرپور ڇونه هجي، شاعريءَ جو ڪارج ڪري نه سگهندو. لطيف نقطا، حساس جذبا ۽ ڪنئرا امنگ شاعريءَ جي ريج تي ڦٽندا آهن. اياز جي خوبي اها به آهي ته هن کي نثر تي به اوترو ئي دسترس حاصل آهي، جيتري نظم تي. لفظ هن جي ذهن ۾ ائين پگهرجندا آهن، جيئن بٺيءَ ۾ لوهه. پوءِ هو ويندو آهي ان کي قالبن ۾ اوتيندو. شاعراڻا هَٿَ آهن، گهڙاءُ ته نيٺ نفيس. نازڪ ۽ وڻندڙ ئي گهڙيندا.

خيال(Thought) مختصر هجي يا تفصيلي، ڪاريگر جي ڪاريگري ڪا لڪڻ جي آهي. هي ٻه سٽون ئي کڻي ڏسو. هڪ ضخيم ڪتاب جو بدل ناهِن؟

ادب ۾ امن جو سوال ئي نٿو اٿي،

ادب اکٽ جنگ آهي.

هو چوي ٿو: مان خود اعتمادي سان چئي سگهان ٿو ته وائي هجي يا بيت، دوهو هجي يا غزل، گيت هجي يا نظم، آزاد نظم هجي يا نثري نظم، آپيرائون هجن يا نثر جا ڪتاب، هر سٽ تي منهنجي مهر لڳل آهي ۽ ٻڌڻ سان محسوس ٿي ويندو ته اها شيخ اياز جي شاعري آهي. مان سنڌي شاعري کي هر قيد ۽ بند کان آزاد ڪيو آهي.

اياز هر جوان شاعر لاءِ اُتساهه جو ذريعو آهي. سنڌ جي قومي سڃاڻ آهي، اسان سڀني جي آسُن، اميدن ۽ امنگن جو محور آهي. سنڌي قوم جي ذهني آزادي، سجاڳي ۽ سهائيءَ جو علمبردار آهي. ادب ذريعي اکٽ جنگ جو پيغام ڏيندڙ اياز هڪ نئون ۽ انوکو محاذ کوليو آهي ۽ ان محاذ تي لڙندڙ اديب، نه ڪنهن سلطان جي درٻار ۾ وڪامي سگهي ٿو ۽ نه وري موت هٿان مات ئي کائي سگهي ٿو. جو هو فنا ٿيڻو ئي آهي ته پوءِ پنهنجي ڏات هٿان، جيڪا ماءُ جي پيار جيان کيس پنهنجي اُرهه سان ايترو ته زور سان لڳائي ٿي جو سندس ساهُه نپوڙي ٿي ڇڏي.

اي شاعر!

مان توکان ڇرڪان به ٿو

توکي ڇڏي به نٿو سگهان!

تون جا وش ڪنيا آهين،

ڀاڳ منهنجو موت

تنهنجي ڀاڪر ۾ لکيو آهي.

*

شاعر ڪنڀار جي ڪار نه آهي،

ڪلال جي ڪانڍ آهي،

سري جي سڳنڌ کان سواءِ هر ٿانوَ

رڳو مٽيءَ جو لسايل پنوڙو

هوندو آهي.

سريءَ جو سڳنڌ ڦهلائڻ لاءِ اياز صديءَ کان جاڳي رهيو آهي.

بڙ جي گهري، گهاٽي، ڦهليل وڻ جيان، جو علامت آهي حوصلي جي.

عزم جي ۽ قربانيءَ جي!

شل نٽهڻ اُس ۾ اهو گهرو، گهاٽو ۽ ڦهليل بَڙُ

جو وڻ، عرصي

 تائين اسان کي پنهنجي ڇانوَ ۾ پناهه ڏيندو رهي!

شل بڙ جي ڇانوَ هميشه اڳي کان گهاٽي ٿي رهي!

*

(نوٽ هن مضمون جي شروع وارو نثري نظم، بابا هن کي گولي ۽ ڇا هو ٽيون آهي؟ جي سري وارو نثري نظم، شيخ اياز جي نوٽ بڪن مان ورتل آهن، جي هن ڪن افسانن مان چونڊي ترجمو ڪيا آهن. موقعي جي مناسبت سان کين هن مضمون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.)

 

(ماهوار سهڻي جي شيخ اياز نمبر تان ورتل)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com