سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :15

  

آخر امام حسين اچي عمر سان مليو ۽ ساڻس ڪوفين جي بي وفائيءَ جي ڪيفيت بيان ڪري، چيائينس تھ جي ھاڻي اوھان کي اعتراض نھ ھجي تھ آءٌ موٽي مڪي وڃڻ لاءِ تيار آھيان. انھيءَ تي عمر ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ عبيدالله کي اجازت وٺڻ لاءِ قاصد روانو ڪيائين. پر عبيدالله انڪار

ڪيو. اٽلو حڪم موڪليائين تھ فرات نديءَ جي ڪناري تي سخت پھرو بيھاري، امام حسين جن جو پاڻي بند رک، جيستائين ھو يزيد جي بيعت مڃي. امام حسين ٻيو ڪو حيلو وسيلو نھ ڏسي، ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙي، ڪريم تي ڪم وجھي ويھي رھيو. پر پليتن جو پاڻي بند ڪيو ھون، سو اچي ڏاڍا عاجز ۽ پريشان ٿيا. پنھنجي ڪٽنب ۽ ساٿين کي پاڻيءَ لاءِ پاھھ ٿيندو ڏسي، امام حسين عمر کي سڏي چيو تھ ڀلا، مون کي ڇڏيو تھ دمشق وڃي يزيد سان روبرو فيصلو ڪريان، يا موٽي مڪي وڃان، يا تھ خراسان جي سرحد تي وڃي ترڪن سان لڙان. عمر وري بھ عبيدالله کي چوائي موڪليو، پر ھو نھ مڙيو، ۽ شمر نالي ھڪ خبيث ھٿان جواب مڪائين تھ جي امام حسين بيعت مڃي، تھ واھھ، نھ تھ کيس قتل ڪري، سندس لاش گھوڙن جي پيرن ھيٺان لتاڙائي ڇڏيو. شمر کي اھا مخفي ھدايت پڻ ڏنائين تھ جي انھيءَ حڪم جي بجا آوري ۾ عمر ڪا ڪوتاھي ڪري، تھ ھڪدم کيس قتل ڪري، تون پاڻ لشڪر جو مھندار ٿج.

انھيءَ ردبدل ۾ ڇھھ ڏينھن لنگھي ويا. آخر نائينءَ تاريخ، جمعي جي ڏينھن، نما شام جو عمر پنھنجو لشڪر امام حسين جي ڇانوڻيءَ جي ويجھو ڪيو. جيئن ھو سانجھي نماز پڙھي، پنھنجي تنبوءَ وٽ ويٺو ھو، تيئن عمر وٽس لنگھي آيو، ۽ اچي عبيدالله جي آخرين فيصلي جو اطلاع ڪيائينس. امام حسين چيس تھ اڄوڪي رات ڇڏينم، تھ دل من پڇان، صبح جو آءٌ توکي پاڻيھي جواب موڪليندس.

پوءِ تھ اڪيلو ئي اڪيلو تنبوءَ جي در وٽ ويٺو رھيو، ۽ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. اوچتو سندس ھمشيره، بيبي زينب اندر لنگھي آئي، جنھن کي ڏسي نھايت درد ڀريل دانھن ڪري چيائين: بنھھ ھاڻي پنھنجو نانو نبي ڪريم ' خواب ۾ پئي ڏٺم، فرمايائون: ابا! اوھين جلد اچي مون سان جنت ۾ ملندا. ھي لفظ ٻڌي، بيبي زينب وسواس ۾ پئجي وئي، ۽ سينو ڪٽي چيائين: واويلا! واويلا! ھاڻ اسان جي خاندان جو اچي خاتمو ٿيو! اسان جي جيجل گذر ڪري ويئي، اسان جو ابو ۽ ادو بھ وڃي رب کي رسيا. ھاءِ! ھاءِ! باقي جي بچيا آھيون، تن جو بھ ھاڻ خير ڪونھي. ائين چئي، بيھوش ٿي ڪري پيئي. امام حسين اٿي مٿس پاڻي ڇنڊي، کيس سڌير ڪيو، ۽ دلداري ڏيئي چيائينس تھ ڪل نفس ذائقة الموت (سڀني کي موت جو ذائقو چکڻو آھي.) ھر ڪنھن کي اڳتي پوءِ اوس ھلڻو آھي، ڪير بھ ڪونھ رھندو. ابو، ۽ ادو مون کان ھر طرح وڌيڪ ڀلارا ھئا، تھ بھ عزرائيل جي چنبي کان نھ ڇٽا. خود خدا جي پياري رسول ' کي بھ رباني راھھ وٺڻي پيئي. ھيءُ خاڪ جو پتلو آخر خاڪ ٿيڻو آھي، تنھنڪري رب جي رضا تي راضي رھڻ گھرجي.

امام حسين سان فقط چاليھھ پيادا ۽ ٻٽيھھ سوار ھئا، پر ھر ھڪ جي جسم ۾ سرفروشيءَ جو روح ڦوڪيل ھو. ھاڻ انھن کي سڏي، ويٺو ساڻن پھھ پچائڻ.

ڪامل ڪربلا ۾، پاڻ آيا پيھي،

په ڪئائون پاڻ ۾ مقابل ويھي،

قضا ھيءَ ڪيھي، ھيءِ! ھيءِ! ٿي حسين سين؟

چيائين تھ يزيد کي فقط منھنجي سر جي لوڙ آھي. اوھين منھنجي ڪري ڇو پيا ھي سختيون سھو؟ منھنجيءَ برباديءَ جو اوھين ڪو الڪو نھ ڪريو. مون کي قسمت جي حوالي ڇڏي، اوھين موٽي ملڪ وڃو. انھيءَ تي سڀني ھڪ آواز سان پڪاري چيو: خدا شال اھو ڏينھن نھ ڪندو، جو توھان کان سواءِ جڳ ۾ جيئنداسون! جي بک ۽ اڃ وگھي مئاسون، تھ بھ اوھان جي پٺيان، جي دشمن جي ترار جو بک ٿياسون، تھ بھ اوھان جي پٺيان، موٽي مور نھ وينداسون. پنھنجن سورمن جي اھڙي سورھيائي ڏسي، امام حسين ھاڻ شھادت جا سانباھا ڪرڻ لڳو. خيمن کي کڻي ٻن قطارن ۾ ھڻايائين، ۽ سندن پٺ ۾ کاھي کڻائي، ان کي وڏن بنڊن سان ڀرائي ڇڏيائين، انھيءَ لاءِ تھ جي دشمن دوبدو وڙھڻ بدران، پٺيان حملو ڪري تھ بنڊن کي باھھ ڏيئي، کيس ھٽائي پري ڪجي.

ڪربلا جي پڙ ۾، خيما کوڙيائون،

جھيڙو يزيد سامھون، جنبي جوڙيائون،

مه نھ موڙيائون، پسي تاءُ ترار جو.

ھاڻ تھ اڀ اکين پئي ڏٺو. سڀني ائين پئي سمجھو تھ ھيءَ اسان جي آخري رات آھي، سو ھرڪو آگي جي عبادت ۾ جنبي ويو.

روضة الشھدا ۾ چيل آھي تھ انھيءَ رات امام حسين جي گھرواريءَ، بيبي شھربانوءَ(5) خواب ۾ ڏٺو تھ بيبي فاطمة(6) ڪربلا جو ميدان پيئي سواري ۽ ٻھاري. جڏھن کائنس انھيءَ جو سبب پڇيائين، تڏھن ھن جواب ڏنس تھ سڀاڻي ھن پڙ تي منھنجو پٽ ۽ تنھنجو ڪانڌ شھيد ٿيڻو آھي، جنھن لاءِ پٽ پيئي صاف ڪريان، تھ متان سندس ڪومل لڱن تي ڪا پٿري نھ لڳي وڃي. ائين چئي وٺي خدا کي وينتيون ڪيائين تھ يا خدا! منھنجو پٽ ھاڻ توکي پرتو آھي.

محرم مھيني جي ڏھينءَ تاريخ، ڇنڇر جي ڏينھن، اسر جو امام حسين بدن تي مصري قبا پھري، مٿي تي پيغمبر ' جي دستار شريف رکي، ڪلھي تي حضرت حمزي جي ڍال ڍاري ۽ چيلھھ تي حضرت عليءَ جي ذوالفقار ٻڌي، ذوالجناح تي چڙھي، لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺو، ۽ مصحف شريف کڻي خدا کي ٻاڏائي چيائين: اي رب العالمين! ھن جھان ۾ ھاڻ توکانسواءِ منھنجو ٻيو ڪوبھ اجھو آسرو ڪونھي. تون ئي منھنجو مشڪل ڪشا ۽ حامي ھمراھھ آھين. اڃا دعا گھري بس ڪيائين ڪين، تھ دشمن جي طرف کان ھڪ سوارن جي ٽولي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺائين. ڀانيائين تھ ھاڻ دشمن ھلان شروع ڪئي آھي. پر ستت ئي معلوم ٿيس تھ حر پنھنجي فوج سميت، دشمن سان ڇني، سندس مٿان سر قربان ڪرڻ لاءِ ڪاھيندو پيو اچي. حر جيئن اڳتي وڌندو پئي آيو، تيئن ھڪل ڪري پئي چيائين تھ اي ڪوفيو! افسوس آھي اوھان جي حال تي! عليءَ جي اولاد کي پاڻ وٽ گھرائي، ساڻن لڙائيءَ لاءِ سنڀري آيا آھيو! اوھان کين فرات جي پاڻيءَ کان سڪايو آھي، جو ڪافر ۽ جھنگ جا مرون بھ بنا جھل پل پيا پيئن! ھاءِ! ھاءِ! قيامت جي ڏينھن اوھين انھيءَ ستم جو ڪھڙو جواب ڏيندا؟ پوءِ تھ ايندي ئي امام حسين جي پيرن تي ڪري چيائين:

آھيان عاشق آڳ جو، پتنگ پروانو،

مان راضي ٿيي رسول رب جو، نبي تو نانو،

ھي سر سمانو، گھوٽ! مٿائين گھوريان.

امام حسين کڻي ڪري ڳر لاتس، ۽ ڌڻيءَ جي درگاھھ مان سندس حق ۾ دعا گھريائين.

عمر ھيءُ حال ڏسي، ڏاڍو پشيمان ٿيو، ۽ مرضي ٿيس تھ ھاڻ بھ کڻي ڪو ٺاھھ ڪجي. پر شمر ملعون نڪا ڪئي ھم نڪا تم، وٺي تيرن جا وسڪارا مچايائين. انھيءَ  تي حر کي جولان اچي ويو، سو ھڪدم ميدان ۾ گھڙي پيو، ۽ ڪيترن ڪافرن جا سر ڌڙن کان ڌار ڪري ڇڏيائين. پر کن ۾ پاڻ بھ زخمجي، وڃي شھادت کي رسيو. پوءِ تھ:

بھادر گڏئا بھادرين، کڙڳ کلول ڪن،

وجھن ڌڙ ڌڙن تي، ھاڪارين ھڻن،

ڪرن ڪنڌ نچن، رڻ گجئو، راڙو ٿئو.

ھوڏانھن ھن ھاڪارئو، ھيڏانھن ھي ھڻن،

سرنايون ۽ سنڌڙا، ٻنين پار ٻرن،

گھوٽن ۽ گھوڙن، رڻ ۾ لائون لڌيون.

غازين جو حملو پسي، دشمنن جون دليون دھلجي ويون. سو ھاڻ دغابازي ڪري، امام حسين جي خيمن تي ڪاھي پيا، پر موچڙا کائي پٺ تي موٽيا. آخر ٻيو ڪو چار نھ ڏسي، شمر ملعون لشڪر کي حڪم ڏنو تھ خيمن کي باھھ ڏيو. انھيءَ تي بيبيون ڪيھيون ڪنديون ٻاھري نڪري آيون. امام حسين کين اھڙو وياڪل ڏسي، شمر کي واڪو ڪري چيو: اي پليت! منھنجي عيال مان بھ نھ ٿو ٽرين! شل جھنم جي باھھ ۾ جلي مرين! ھنن حرفن شمر کي ھڻي تمام ڪري وڌو، سو پنھنجو حڪم رد ڪيائين. اتي اچي ٻپھر ٿيا. ٻنھي ڌرين لڙائي مھمل ڪري، اڳين نماز پڙھي، امام حسين صلواة الخوف(7) بھ ادا ڪئي.

پوءِ دشمن وري جلھھ شروع ڪئي. تيرن جا مينھن وسي ويا. غازي بھ دل جا وھم وساري، ڪافرن تي ڪاھي پيا، ۽ مردودن جا مٿا لاھي، ڍونڍن جا ڍير کڻي ڪيائون.

ڪامل ڪربلا ۾، آيا سيد شير،

ماري مصرين سين، ڍونڍ ڪئائون ڍير،

دھلئا ات دلير، پسي حملو مير حسين جو.

 

ڪامل ڪربلا ۾، آيا جنگ جوان،

ڌرتي ڌٻي لرزي، ٿرٿلئا آسمان،

ڪره ھئي ڪان، ھو نظارو نيھھ جو.

پر ھيڏڙي ننڍڙي فوج يزيد جي پربت جيڏي لشڪر تي پڙي نھ سگھي. ٿوري ئي عرصي ۾ امام حسين جا سڀ ساٿي مارجي ويا، ۽ باقي وڃي سندس پٽ ۽ ڀائٽيا بچا. پوءِ تھ انھن ۾ بھ اچي ٽاڪوڙو پيو.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com