سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :15

  

پنھنجن جاني جگرن کي ڪسندو ڏسي، امام قاسم چاچي مٿان سر صدقي ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو، پر ھن موڪل نھ ڏنيس. سو نراس ٿي، وڃي تنبوءَ ۾ ويھي رھيو. اوچتو دل تي تري آيس تھ ابي ٻانھن ۾ تعويذ ٻڌي چيو ھوم تھ جي ڪا اوکي اچي پويئي تھ اھو ڇوڙي پڙھج ۽ ان موجب عمل ڪج. تعويذ کولي کڻي پڙھي تھ لکيو پيو آھي تھ جڏھن ڪربلا جي پڙ ۾ ڪوفي امام حسين سان قھر ڪن، تڏھن تون مٿانئس پنھنجو سر قربان ڪج. جي ھو توکي منع ڪري، تھ ڪارون آڻي بھ قبول ڪرائجانس. پوءِ تھ تعويذ آڻي امام حسين کي ھٿ ۾ ڏنائين، جنھن پڙھي زار زار رنو ۽ چيائين تھ ادي توکي جيئن منھنجي لاءِ وصيت ڪئي آھي، تيئن مونکي بھ تنھنجي لاءِ وصيت ڪئي ھئائين. ھاڻ ھيڏي آءُ، تھ اول اھا بجا آڻيان. پوءِ امام قاسم کي ٻانھن کان وٺي بيبين وٽ آيو، جن کي فرمايائين تھ امام قاسم کي چٽي ڏکي، نوان ڪپڙا پھرائي، شاديءَ لاءِ سنڀرايو. جڏھن سڀ تياريون ٿي چڪيون، تڏھن پنھنجي نياڻي، جا امام قاسم سان اڳي ئي مڱيل ھئي، سا کيس پرڻائي ڏنائين. گھوٽ ۽ ڪنوار ڪوٺي ۾ ئي ويٺا ھئا تھ يزيد جي لشڪر مان ڪنھن پڪاري چيو: آھي ڪو ٻيو جو لھي اچي ميدان ۾؟ ھيءَ ھڪل سڻي، امام قاسم جو رت ٽھڪڻ لڳو، سو وڄ وانگر ڌوڪيندو وڃي دشمن تي پيو.

ڪاند! ڪلارين ڪپڙين، ور! وناھيو آءُ،

جت سانگيين جي سٽ وھي، ات وک وڌندي پاءِ،

تان تان ڀءُ م ڀاءِ، جان جان نونڌي نھ چڙھين.

کن ساعت ۾ پنجاھھ پيادن ۽ ٽيھن سوارن کي قتل ڪري ڇڏيائين. پر نيٺ ويري ويڙھي ويس، ۽ ھيءُ شير بھ شھيد ٿي ويو. پوءِ تھ امام حسين جا ٻيا ڀائٽيا بھ ھڪ ٻئي پٺيان پڙ تي پئي، وڃي رحمت کي رسيا.

ھاڻ امام حسين وٽ نھ رھيو ٻيلي نھ ٻانھون، نھ عزيز نھ خويش، يڪو سر وڃي بچو. بيبين پار ڪڍي پئي ٻاڪاريو: پر کين دلاسو ڏيو، ماٺ پئي ڪرايائين. آخر کانئن موڪلائي، گھوڙي تي چڙھي، ميدان ڏي راھي ٿيو. اڃا ٻھ ٽي وکون وڌيو ئي ڪين، تھ تنبوءَ مان دل سوز دانھن جو پڙلاءُ ڪن تي پيس، سو موٽي آيو. پڇا تي معلوم ٿيس تھ سندس ابھم پٽ علي اصغر کي اڃ ڏاڍو عاجز ڪيو آھي، سو کيس ھنج ۾ کڻي، گھوڙو ڦيرائي سڌو ميدان ۾ آيو، ۽ دشمن کي ھڪل ڪري چيائين تھ جي مون اوھان جي ڪا خطا ڪئي آھي تھ آءٌ ان جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آھيان، پر ھن معصوم اوھان جو ڪھڙو گناھھ ڪيو آھي؟ اڃ ۾ پاھھ پيو ٿئي، خدا جي واسطي پاڻيءَ چڪو ڏيوم تھ پياريانس. پر پليتن کي ڪو قياس ڪونھ پيو. اٽلو ھڪ ديوس اوچتو وٺي تير ڇوڙيو، جو اچي علي اصغر جي نڙيءَ ۾ کتو. رت سيڙھون ٿي وھڻ لڳو. امام حسين کيس کڻي موٽي تنبوءَ ۾ آيو، جتي واويلا مچي وئي. پاڻ بھ پنھنجي لالڻ پٽ تي لھوءَ جا لڙڪ ھاريائين، ۽ سندس رت ٻڪن ۾ جھلي، آسمان ڏانھن اڇلائي، چيائين تھ انالله و انا اليه راجعون! (تحقيق اسين خدا وٽان آيا آھيون ۽ وٽس ئي موٽي وڃڻو اٿئون!) يا خدا! توفيق بخش تھ ھي مصيبتون صبر سان سھان.

پيءُ کي اھڙو پريشان ڏسي، امام زين العابدين نيزو ڪلھي ڪري، ميدان ڏي ڪاھيندو ويو، پر امام حسين سٽ ڏيئي، اڌ واٽ تان ئي ورائي آيس، ۽ چيائينس تھ اي منھنجي مٿي جا موڙ! ڌڻيءَ جي واسطي تون پنھنجو جيءُ جوکي ۾ نھ وجھھ. جي تون بھ شھيد ٿي وئين، تھ اسان جو خاندان ھميشه لاءِ ختم ٿي ويندو. ڌڻيءَ گھريو آھي تھ تو ڪڻي مان ڪوڙ ٿيندا، ۽ اسان جو نسل قيامت تائين قائم رھندو. ھاڻ آءٌ توکي پنھنجي آخري وصيت ٿو ڪريان: بيبين جي ھر طرح پارت ھجيئي، کين پنھنجي ساھھ سان سانڍج. ٻيو تھ جڏھن موٽي مديني وڃين، تڏھن منھنجي سڀني سنگتين کي ساري سلام ڏج، ۽ چئجان تھ خدانخواست، جي ڪنھن مصيبت ۾ مبتلا ٿيو، تھ مون مسڪين کي ياد ڪجو، جي ڪنھن غريب کي ناحق ڪسندو ڏسو، تھ مون مظلوم جي سار ڪجو، ۽ جي ٿڌي پاڻي جو ڍڪ پيو، تھ مون اڃايل کي نھ وسارجو.

پوءِ تھ امام حسين سڀني کان روئي موڪلائي، ميدان ڏي رخ رکيو. واٽ تي اڃ اچي ورايس، سو گھوڙو ڦيرائي، فرات ڏي وڌيو. جيئن نئڙي، پاڻيءَ ٻڪ ڀري، وات تي ٿي آندائين تھ ھڪ تير اچي وات ۾ لڳس. سونھاري رت سان ڀرجي ويس، ۽ ڏند ڏاڙھونءَ جي ڪڻ جئان ڳاڙھا ٿي ويس. اکيون آسمان ڏي کڻي، رب کي ٻاڏايائين.

ڏاڙھي رت رتياس، ڏند تھ ڏاڙھونءَ گل جنءَ،

چوڏھي ماه چنڊ جنءَ، پڙ ۾ پاڳڙياس،

ميڙي ۾ محمد ' جي، مر مرڪي ماس،

ته سوره کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿيو.

سندس ابھم ڀائٽي جو کيس پريان رتو رت ٿيل ڏٺو سو وٺي ڏانھس ڊوڙڻ لڳو. واٽ تي ھڪ خبيث ھڻي ھٿ ترار سان وڍي وڌس. انھيءَ تي امام حسين زارون زار روئي چيو تھ پيارا پٽ! شال ڌڻي توکي پنھنجن وڏن وٽ جنت ۾ جاءِ ڏي! پوءِ تھ وٺي دشمنن تي حملو ڪيائين. دشمنن بھ مٿس تيرن ۽ ترارين سان جھلون ڪيون، پر ساڻس پڄي نھ سگھيا. ھاڻ سندس سارو جسم زخمن ھڻي پرڻ مثل ٽنگ ٽنگ ڪري وڌو. آخر اڃ ۽ عذاب وچان بيحال ٿي ويو، ۽ گھوڙي تان لھي، پٽ تي ليٽي پيو. سندس ھيڻو حال ڏسي يزيد جو لشڪر ويڙھي ويس، پر ڪنھن کي بھ ھمت نھ ٿئي جو کڻي ويجھو وڃيس. نيٺ شمر حرفت ھلائي، اڇانگ ماري، وڃي سندس سيني تي چڙھي ويٺو، ۽ ترار ڪڍي جيئن ٿي مٿانئس وھايائين تھ امام حسين واڪو ڪري چيس: اي شمر! ٿورو ڌيرج ڪر. شھادت اسان جي ابي جي ميراث آھي،(8) سو تون ڀل مون کي شھيد ڪر، پر نماز جو وقت اچي ٿيو آھي، مھلت ڏينم تھ پڙھي وٺان. انھيءَ تي شمر سندس سيني تان لھي ھيٺ ٿيو، ۽ امام حسين نماز نيتي ويھي رھيو. اڃان پھرئين سجدي ۾ ئي ھو تھ شمر غدار ترار ھڻي، کيس شھادت جو شربت چکايو.

روضة الشھدا ۾ آيل آھي تھ جڏھن امام حسين شھيد ٿي ويو، تڏھن ساري ڪائنات سندس ماتم ڪيو. ڌرتي جوش ۾ جلي، ڌٻي دانھون ڪيون، آسمان، عرش ۽ ڪرسي لرزي ۾ اچي، رت جا لڙڪ وھايا، ملڪن پنھنجا مڪان ڇڏي، ھوا ۾ آھون صدائون پئي ڪيون، ۽ نبين پڻ زارو زار

پئي رنو. ازان سواءِ ماڻھن، مرن، پکين، ديون، پرين وغيره بھ پاڻ پڇاڙي، رت جا ڳوڙھا پئي ڳاڙيا. ائين پڻ چيل آھي تھ ھڪ ڪبوتر ڪربلا ۾ آيو، جنھن امام حسين جي رت ۾ ليٽي، دانھون ڪوڪون ڪري، پاڻ پئي پڇاڙيو. پوءِ اتان اڏامي مديني ۾ آيو، جتي ڪيھون ڪيو، پيغمبر ' جي روضي جي چوڌاري پئي ڦريو. سندس کنڀن مان رت جا ڦڙا ٽمي روضي جي مٿان پئي پيا. ماڻھو ڪبوتر کي ڏسي ڏاڍو عجب ۾ پيا، پر جڏھن امام حسين جي شھادت جي خبر پين، تڏھن سمجھيائون تھ ڪبوتر انھيءَ واقعي جو اطلاع ڏيڻ آيو ھو.

 

ھن قصي مان حاصل مطلب

ڪربلا جي قضئي جو حاصل مطلب ظاھر آھي. امام حسين طرح طرح جا سور ۽ سختيون سٺيون، اڃ ۽ بک ۾ پاھھ ٿيو، اھل ۽ عيال کي رلايائين، ۽  آخر پنھنجو سر فدا ڪيائين، پر دنيا ڪارڻ دين نھ گنوايائين. جي يزيد جي بيعت مڃي ھا، تھ مان ۽ مرتبو ھڪ پاسي ملنس ھا، عيش ۽ عشرت ٻئي پاسي. پر  ائين ڪري ھا، تھ اسلام کي سخت ڌوڪو اچي وڃي ھا. جيتوڻيڪ کيس پڪ ھئي تھ يزيد سان پڄڻ محال آھي، تڏھن بھ ڄاڻي ٻجھي پنھنجو جيءُ جوکي ۾ وڌائين، فقط انھيءَ لاءِ تھ ٻين کي ثابت قدميءَ جو سبق سيکاريان. اھڙيءَ ايمان جي سلامتيءَ کي جھاد اڪبر کان بھ وڏوجھاد چئي سگھجي ٿو. اگرچھ نفس سان جنگ جوٽڻ ھڪ نھايت ڪٺن ڪم آھي، تھ بھ ڪلمھ حق عند سلطان جائر (ظالم حاڪم کي سچ چوڻ) ان کان بھ وڌيڪ مشڪل ڳالھھ آھي. دنيا جي تاريخ اٿلائي ڏسبي تھ معلوم ٿيندو تھ دين ۽ ايمان جي راھھ تي ثابت قدم رھڻ ڪا سٿري ڳالھھ ڪانھي. حضرت عيسى کي صليب تي سر ڏيڻو پيو، منصور کي سوريءَ تي ساھھ ڏيڻو پيو، ۽ خود حضرت محمد ' کي قريش قوم جون عقوبتون سھڻيون پيون. اھڙو ڪوبھ حق پرست ڪونھ لڀندو، جنھن ڪوڙ ۽ پاکنڊ سان سازي ڪئي. دنيوي ماڻھو اڪثر چوندا آھن تھ جھڙو لڳي واءُ تھڙي ڏجي پٺ. اھي ڪانئرن جا قول آھن، جي ھنن پنھنجي ضمير کي پرچائڻ لاءِ رچيا آھن. اھڙن شخصن بنسبت ھڪ پارسي شاعر چيو آھي:

مبادا دل آن فرومايھ شاد،

کھ از بھر دنيا دھد بباد.

يعني: شال انھيءَ ڪميڻي جو جيءُ ھرگز خوش نھ ھجي، جو دنيا خاطر دين برباد ڪري ٿو!

جيتوڻيڪ امامن جي شھادت ڏسڻ ۾ نسورو ظلم ھو، تھ بھ خدا تعالى جي نظر گاھھ کان سراسر رحمت ھئي، ڇو تھ ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن جي ظاھري طرح انسان جي ڀلي لاءِ ڪري ٿو، ۽ کيس ئي ان ڀلي جي خبر آھي. از انسواءِ، جنھن کي اسين شھادت جي سختي سڏيون ٿا، سا خود امامن جي نظر ۾ الاھي محبت جي موج ھئي، ڇاڪاڻ تھ ھنن دل و جان سان خدا جو فرمودو بجاءِ ٿي آندو. شھادت جي تقدير مٿن ازل کان ئي وھيل ھئي.

ڪسڻ جو قرار، اصل امامن سين.

روضة الشھداءَ ۾ ذڪر ڪيل آھي تھ خدا تعالى جبرائيل کي فرمايو تھ امام حسين جي ولادت ۽ شھادت جي پيشنگوئي پيغمبر ' کي پھچائي اچ. جڏھن پيغمبر ' کي اھا خبر پئي، تڏھن پنھنجي نياڻيءَ بيبي فاطمة الزھرا سان ڳالھھ ڪيائون، جا نھايت غمگين ٿي ۽ پار ڪڍي روڄ ۽ راڙو ڪرڻ لڳي. انھيءَ تي کيس دلداري ڏني ويئي تھ امام حسين جي شھادت مان امت جو ڀلو ٿيڻو آھي.

دوست ڪھائي دادلا، محب مارائي،

خاصن خليلن کي، سختيون سھائي،

الله الصدم(٩) بي نياز، سا ڪري جا چاھي،

انھين منجھھ آھي، ڪا اونھي ڳالھھ اسرار جي.

 

حوالا

      ھن قصي جو مضمون شيعن جي معتبر ڪتابن جھڙو ناسخ ال تواريخ، روضة الشھدا، ۽ پڻ ڪن انگريزي ڪتابن، جھڙوڪ واشنگٽن ارونگ جو محمد جا پويان، سر لئس پيليءَ جو امام حسين وغيره مان انتخاب ڪيو ويو آھي.

1.           ھن لفظ جي اصلي معنى آھي: اڳواڻ يا پيشوا. شيعا پنھنجي فرقي جي پيشوائن کي امام جي لقب سان سڏيندا آھن، ھنن موجب مڙيئي ٻارھن امام ٿي گذريا آھن، جن مان پھريان ٽي ھئا: حضرت علي، امام حسن ۽ امام حسين.

2.          شھيد لفظ جي اصل معنى آھي: اھو شخص جو  پنھنجي دين يا ايمان جي سچائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ سر قربان ڪري.

3.          محرم لفظ جي اصل معنى آھي: حرام ٺھرايل يا منع ڪيل. ھيءُ اسلامي سال جو پھريون مھينو آھي. ان کي محرم انھيءَ ڪري سڏبو اٿن، جو جھالت جي زماني ۾ توڙي پيغمبر ' جي وقت ۾ منجھس ڪنھن بھ قسم جو جھيڙو جھٽو يا لڙائي ڪرڻ حرام ليکبي ھئي. ھن مھيني کي مسلمان بلڪل سڳورو مھينو ڪري سمجھندا آھن. انھيءَ ڳالھھ جو ڪوبھ لحاظ نھ رکي ۽ شرع جي حڪمن جي انحرافي ڪري، يزيد محرم ۾ امامن سان جنگ جوٽي.

4.          ڪربلا = ڪرب (مصيبت يا ڏک)+ بلا (آفت). ڪربلا جي ميدان کي شط الفرات ۽ نينوا جي نالن سان پڻ سڏيندا ھئا.

5.          بيبي شھربانو ايران جي آخري شھشنشاھھ بزد جرد ٽئين جي نياڻي ھئي.

6.          بيبي فاطمة  پيغمبر ' جن جي نياڻي ھئي، جا کين بيبي خديجة مان ڄائي ھئي. پيغمبر ' جي وفات کان پوءِ ڇھين مھيني گذر ڪري ويئي.

7.          صلواة الخوف جي معنى آھي: خوف جي نماز. اڳي جڏھن مسلمان جنگ تي ويندا ھئا، تڏھن دشمن جي خوف کان ساري نماز پڙھي نھ سگھندا ھئا، ۽ ان جي بدران فقط ٻھ رڪعتون پڙھندا ھئا.

8.          امام حسين ھي لفظ انھيءَ ڪري چيا جو سندس والد حضرت علي بھ شھيد ٿيو ھو. جھڙو ڪوفي جي مسجد ۾ نماز پئي پڙھيائين، تھ ابن ملجم نالي ھڪ ڪوفيءَ زھردار ترار ھڻي، شھيد ڪري ڇڏيس.

9.          (قرآن، 12، 2)، خدا بي پرواھھ آھي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com