سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :14

  

ڪربلا جو قضيو

حضرت محمد ' جي وفات بعد، ھڪدم ھيءُ سوال اٿيو تھ ھيڏي ساري سلطنت، دنيوي توڙي ديني، جا گويا ھڪ لحظي اندر برپا ڪئي وئي ھئي، تنھنجون واڳون ڪنھن جي حوالي ڪجن؟ مسلم قوم جي نظر ۾ چار فائق انھيءَ عھدي جا ھر وجه لائق ھئا. اھي ھئا: حضرت ابوبڪر رضھ، حضرت عمر رضھ، حضرت عثمان رضھ ۽ حضرت علي رضھ. پھريان ٻھ پيغمبر ' جا سھرا، ۽ پويان ٻھ سندس نياڻا ھئا. جيتوڻيڪ چار ئي پيغمبر ' جا عزيز ۽ اصحاب ھئا. تڏھن بھ حضرت عليءَ رضھ جي ساڻن مائٽي ھڙني کان ويجھي ھئي. ھو نھ فقط پيغمبر ' جو نياڻو ھو، پر سندن سڳو سؤٽ بھ ھو، جنھن لحاظ تي سندن حقيقي وارث پڻ ھو. ازانسواءِ، پيغمبر ' ۽ حضرت علي رضھ، ٻئي قريشي قوم جا مکي ھاشمي قبيلي مان ھئا. قريش قوم جا وڏي تعداد ۾ ھئي، تنھن ھاشمي قبيلي جي مرضي ريٽي، خلافت جو فيصلو اجماعي چونڊ تي ڇڏيو. آخر گھڻي رد بدل بعد، حضرت ابوبڪر رضھ خليفو چونڊجي ويو، ۽ سڀني مسلمانن کي سندس بيعت مڃڻي پيئي. پر ان وقت کان وٺي، ھاشمين ۽ قريشين جي سينن ۾ اڻبڻت جو سلو اسرندو ويو، جو ٿوري ئي عرصي ۾ وڌي وڻ ٿي پيو. نيٺ مسلم قوم سنين ۽ شيعن جي ٻن فرقن ۾ ورھائجي وئي.

حضرت ابوبڪر رضھ کان پوءِ حضرت عمر رضھ، ان

بعد حضرت عثمان رضھ، ۽ آخر حضرت علي رضھ خلافت جي مسند تي ويٺو. حضرت عليءَ رضھ کانپوءِ سندس وڏو پٽ امام(1) حسن رضھ، بنا مخالفت خليفو چونڊجي ويو. مگر ھن جلد ئي شام جي حاڪم معاويھ سان جنگ ڪندي، شڪست کاڌي، جنھن ڪري خلافت تان دستبردار ٿيڻو پيس. پوءِ خلافت جون واڳيون معاويھ پنھنجي ھٿ ۾ آنديون، ۽ امام حسن رضھ ۽ سندس ڀاءُ امام حسين رضھ کي وڏا وظيفا ڏيئي، مديني اماڻي ڇڏيائين، جتي ھنن پنھنجي حياتي آرام سان پئي گذاري. امام حسن رضھ کي اھو بھ انجام مليل ھو تھ معاويھ کان پوءِ وري بھ خلافت کيس سونپي ويندي. پر معاويھ جي پٽ يزيد جي بھ خلافت ۾ اک ھئي، سو پيءُ جي مرڻ کان اڳي ئي، امام حسن رضھ کي زھر ڏياري، مارائي ڇڏيائين. آخر جڏھن معاويھ 679ع ۾ وفات ڪئي، تڏھن يزيد، اجماعي چونڊ بنا، زوريءَ پاڻ کي خليفو ظاھر ڪيو. اصل کان ئي اھا مرضي ھوندي ھيس تھ پاسي ۾ ڪو ڪنڊو نھ ھجيم. امام حسن رضھ تھ سندس ڊوھھ سان اڳيئي شھيد(2) ٿي ويو ھو، باقي ٻھ شخص وڃي بچيا ھئا، جن مان کيس وڏو خطرو ھو. اھي ھئا: امام حسين رضھ ۽ عبدالله رضھ بن زبير رضھ، جي ٻئي مديني ۾ رھندا ھئا. معاويھ جي موت جي خبر مديني ۾ پھچي ئي پھچي، تنھن کان اڳ يزيد اتي جي حاڪم وليد بن عتبھ کي لکي موڪليو تھ حسين رضھ ۽ عبدالله رضھ کان ھڪدم وفاداريءَ جو واعدو وٺي، مون کي اطلاع ڪر. وليد کي جڏھن اھو فرمان رسيو، تڏھن ھن خليفي عثمان رضھ جي دبير، مروان سان صلاح ڪئي، جنھن چيس تھ ٻنھي کي پاڻ وٽ سڏائي، کانئن بيعت وٺ، جي انڪار ڪن تھ اتي جو اتي قتل ڪرائي ڇڏين. پر امام حسين رضھ ۽ عبدالله رضھ کي ھن منصوبي جي کڙڪ پئجي وئي. سو راتو واھھ مدينو ڇڏي، عيالن سمي اٿي مڪي ڏي پنڌ پيا. اتي پھچڻ شرط پاڻ کي کليو کلايو يزيد جو دشمن ظاھر ڪيائون.

ھاڻ تھ معاويھ جي موت جي خبر ھر ھنڌ ھلي وئي، سو امام حسين رضھ کي ڪوفين وٽان ڪاغذ اچڻ لڳا تھ اسين سڀ تنھنجا تابعدار آھيون، ۽ تون ئي اسان جو خليفو آھين. فقط ھيڪر ھيڏي اچي، اسان کي پنھنجو مبارڪ منھن ڏيکار تھ توکي بيعت ڏيئي، يزيد سان جنگ جوٽڻ جو جھنڊو کڙو ڪريون.

ڪوفين ڪاغذ لکئو، وچ وجھي الله

اسين تابع تنھنجا، تون اسان جو شاھھ

ھيڪر ھيڏي آءُ، تھ تخت تابيني تھجي.

انھيءَ تي امام حسين رضھ پنھنجي سوٽ امام مسلم بن عقيل رضھ کي ڪوفھ ڏانھن روانو ڪيو تھ وڃي تحقيقات ڪري ڏس تھ ڪوفي ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھن. امام مسلم رضھ عراق جا بربٽ لتاڙي، اچي ڪوفھ ۾ پھتو. ماڻھن سندس ڏاڍي مرحبا ڪئي، ۽ خاطري ڏيئي چيائونس تھ ارڙھن ھزار غازي حق جي راھھ ۾ جان ۽ مال قربان ڪرڻ لاءِ ھڪيا حاضر آھن. پوءِ تھ ھر روز حشام ماڻھن جا امام مسلم رضھ کي بيعت ڏيڻ لاءِ اچي مڙندا ھئا. غازين جو تعداد ويو وڌندو، تان جو ھڪ لک چاليھھ ھزارن ماڻھن جو ڪٽڪ اچي ڪٺو ٿيو. ڪوفين جو اھڙو اتساھھ ڏسي، امام مسلم، امام حسين رضھ کي لکيو موڪليو تھ اوھان جي حق ۾ خاطر خواھھ بندوبست ٿي رھيا آھن، ۽ سارو قصو اھڙو تھ ڳجھھ ڳوھھ ۾ پيو ھلي جو خود ھتي جي حاڪم، نعمان بن بشير، کي بھ ڪل ڪانھي. ھاڻ بھتر آھي تھ اوھين بھ ھيڏانھن ھليا اچو.

جيتوڻيڪ نعمان غفلت جي غشيءَ ۾ ھو، تھ بھ يزيد کي دمشق ۾ ساري حقيقت جي پروڙ پئجي وئي، سو بصري جي حاڪم امير عبيدالله کي امر ڪيائين تھ سيگھھ ڪري، ڪوفھ ۾ وڃي نعمان کي برطرف ڪر ۽ حڪومت جون واڳون وٺي پنھنجي ھٿ آڻ. عبيدالله ويھارو کن سوار ساڻ ڪري، ڪوفھ ڏي سٽيندو ويو. ٻھ چار منزلون ماري، ھڪ ڏينھن اونداھيءَ جو اچي شھر ۾ پھتو. ماڻھو، جي امام حسين رضھ جي اچڻ لاءِ واٽون نھاري رھيا ھئا، تن عبيدالله جو ڪارو پٽڪو ڏسي سمجھيو تھ امام حسين رضھ اچي ويو آھي، سو سڀئي ھٿ ادب جا ٻڌي، سندس چوگرد ٿي بيٺا. پر سوارن ھڪل ڪري چيو تھ خبردار! ھٽي پري ٿيو! ھيءُ اوھان جو نئون حاڪم امير عبيدالله آھي. ڪوفي نااميد ٿي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. عبيدالله قلعي ڏانھن ڪاھي وڃي، حڪومت جون واڳون پنھنجي ھٿ ۾ ڪيون، ۽ ڏينھن ٻن ۾ امام مسلم کي شھيد ڪرائي سندس سسي يزيد ڏي رواني ڪيائين.

امام حسين رضھ، جنھن کي ھن حادثي جو ڪو سماءُ ڪونھ ھو، سو امام مسلم جي صلاح موجب ڪوفھ ڏي وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. عزيزن خويشن کيس گھڻو ئي سمجھايو تھ ڪوفين جي بي وفائي ايامن کان مشھور آھي. اصل چوڻي آھي تھ ڪوفي لايوفي، (ڪوفي بيوفا آھن)، سو منجھن وفاداريءَ جي اميد رکڻ اجائي آھي. اسان جو اوھان کي عرض آھي تھ جيستائين ھو ظاھر ظھور يزيد جي سامھون جنبي جنگ نھ جوٽين، تيستائين اوھين ھتان چرو ئي نھ. سندس سوٽ عبدالله بن عباس بھ کيس ليلائي چيو تھ ٻيو جي نھ، تھ بھ مستورات کي ھتي ڇڏي وڃي. پر امام حسين رضھ نھ مڃيو ۽ وراڻي ڏنائين تھ سڀ ڪجھھ ڌڻيءَ جي اختيار آھي. جيڪي ٿيو ھوندو، سو اوس ٿيندو. پوءِ ڪڙم قبيلو وٺي، ٿورا بورائو ساڻ ڪري، اٿي ڪوفي ڏي ھليو.

محرم (3) جي پھرينءَ تاريخ، خميس (وسپت) ڏينھن (61 ھجري مطابق 680ع)، بابل جي سرحد تي رسيو ئي ڪين، تھ پريان ھڪ سوارن جي ٽولي ايندي ڏٺائين. ڀانيائين تھ ڪوفي استقبال لاءِ ٿا اچن. اڃا انھيءَ خيال ۾ ھو تھ ٽوليءَ جي مھندار، حر، کيس ھڪل ڪري چيو تھ امير عبيدالله جو امر آھي تھ امام حسين رضھ کي نظربند ڪري، آڻي مون وٽ حاضر ڪريو. ھي حرف ٻڌي، امام حسين رضھ حيران ٿي ويو. پر عبيدالله جي امر جي ڪا پرواھھ نھ ڪري، حر کي حق جي راھھ جي دعوت ڏيڻ لڳو. اڃا پاڻ ۾ ڳالھيون ٻولھيون پئي ڪيائون تھ اوچتو ھڪڙا پنج اوڦٽو سوار اچي نڪتا. منجھانئن ھڪڙو امام حسين رضھ جو ڏيٺي ھو. ان کان خبرون چارون وٺندي، معلوم ٿيس تھ ڪوفي ڦري وڃي يزيد جا جماعتي ٿيا آھن، ۽ امام مسلم شھيد ٿي ويو آھي.

ڪوفين قھر ڪئو ٿئا، جماتي يزيد جا

پليتن کي پڙ ۾، ورنه ور پئو

سڌر ھون سھو، شير شھادت رسئو.

ھيءَ سڌ سڻي، امام حسين جي ھٿن مان ڄڻ تھ ڪي ڪري پيو. نراسائي ۽ نااميدي وڪوڙي ويس، پر خدا تي توڪل رکي اڳتي وڌيو. حر بھ سندس پٺ نھ ڇڏي، پر ساڻس ڪا کؤنس نھ ڪيائين. ساري رات سواري ڪري محرم جي ٻيءَ تاريخ، جمع جي ڏينھن، واٽ تي ٿورو ترسي، فجر جي نماز پڙھي جھڙو وري پنڌ پيو تھ ھڪ سوار نظر آيس، جنھن حر وٽ ھڪ خط آڻي پيش ڪيو. اھو خط عبيدالله وٽان ھو. ان ۾ حر کي ھدايت ڪيل ھئي تھ امام حسين کي سندس ساٿين سميت آڻي، ڪنھن اھڙري اڪيلي برپٽ ۾ بُلائتو ڪر، جو جيستائين اسان جو لشڪر اچي کين گھيرو ڪري، تيستائين اتان چرڻ جي مجال ئي نھ ھجين. پوءِ تھ سڀئي سٽون ڏيندا، محرم جي ٽينءَ تاريخ، ڇنڇ جي ڏينھن، فرات نديءَ جي ڪناري وٽ مارية جي ميدان ۾ اچي پھتا. اتي عمر بن سعد چار ھزار سپاھي وٺيو، اڳيئي تيار بيٺو ھو.

ھاڻ امام حسين جو گھوڙو ذوالجناح اڳتي وڌڻ جي نھ پيو ڪري. گھڻي ئي اڙيون ھنيائينس، پر پڳ بھ نھ پريو. امام حسين حيرت ۾ پئجي ويو. ساٿين کان پڇيائين تھ ھن برپٽ ۾ ڪھڙي ويڌن آھن، جو گھوڙو وک بھ نٿو وڌائي؟ سندس نالو ڇا آھي؟ ھڪڙي ساٿيءَ ھٿ ٻڌي عرض ڪيو تھ اي امام سڳورا! ھيءُ مارية جو ميدان آھي. ان کي ڪربلا جي نالي سان پڻ سڏين ٿا. ھيءُ ٻڌي امام حسين جي وات مان ھي حرف نڪري ويا: الله اڪبر ارض ڪرب و بلا ويسفک الدماءَ (الله اڪبر! ھيءَ زمين مصيبت ۽ آفت جو گھر آھي، ۽ منجھس رت جا ريلا پيا وھن.)(4) انھيءَ تي پٽس علي اڪبر پڇيو تھ ابا سائين! ھي ڇا ٿا چئو؟ امام حسين فرمايو تھ ھڪ لڱا آءٌ ابي ۽ ادي سان گڏجي ھن ميدان ۾ اچي رھيو ھوس. ابو امام حسن جي ھنج ۾ مٿو رکي سمھي رھيو، ۽ آءٌ وڃي سندس سيرانديءَ کان ويٺس. اوچتو ابي جون اکيون کلي پيون، جن مان لڙڪ پيئي لڙيا. امام حسن کانئس روئڻ جو سبب پڇيو. فرمايائين: مون بنھھ ھاڻ خواب ۾ پئي ڏٺو تھ ھڪ رت جو تلاءُ آھي، جنھن ۾ امام حسين ھٿ پير ھڻي، دانھون ڪوڪون ڪري رھيو آھي، پر نڪو اٿس اوھي نڪو واھي. پوءِ مون ڏانھن منھن ڪري چيائين: اي منھنجا جاني جگر! ھن ميدان ۾ توسان اھا ماجرا اوس ٿيڻي آھي، پوءِ تون ڪيئن ڪندين؟ تنھن تي مون جواب ڏنو تھ انما يوفي الصابرون اجرھم بغير حساب (تحقيق، صابرن کي سندن لائق انعام اڻ مئي انداز ۾ ڏنو ويندو.) ھاڻ اھو الاھي امر اچي اوڏو ٿيو آھي، ان کي مرڪي منھن ڏيندس.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com