سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :1

سنڌي ادب ۾ تنقيد

ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي

 

ارپنا

” جڏهن سنڌڙيءَ لائون لڌيون، تڏهن ڪير چوندو ته ان جو سارو لباس، هِن آڏاڻي جو اڻيل آهي! هيءُ اهو آدي جڳادي اَلوپ ماڻهو آهي، جو نئون ورنيءَ جي سينڌ ۽ ستارا سجائي، گم ٿي ويندو آهي. هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري زمهرير جي برف نه آهي، جنهن جي آگ آهي ۽ جڏهن ان جا شعلا تيز ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا دروازا کُلي پون ٿا.“

-                  شيخ اياز

 

 

انهيءَ ”آدي جڳادي“ ۽ ”الوپ“ ماڻهوءَ، سنڌ جي عظيم فرزند ۽ ڏاهي انسان سائين محمد ابراهيم جويي جي نالي- جنهن جي دوستيءَ دلي سُٻنڌ ۽ شفقت کي پنهنجي لاءِ ڀاڳ سمجهندو آهيان.

-جامي چانڊيو

 


 

 

“ In the history of every language some names stand out as the pioneers and leading lights of literature. After Shah Abdul Latif Bhitai, Shaikh Ayaz, Ayaz is the next most outstanding and important poet and a literary phenomenon. His contribution to Sindhi literature, both quantitatively as well as qualitatively, stands out as a beacon of excellence and brilliance. His output is simply awe-inspiring. He has to his credit 53 published works of poetry and prose and to the best of my personal knowledge he has left behind three unpublished manuscripts of poems and the third volume of his autobiography.

It is not only the excellence of his diction and form in poetry but also its content. He experimented in almost every genre, both classical and modern. He, in fact revived the classical forms of doha, dohira, bait, kafi and wa’i, forms which had almost become extinct after Shah Latif and Sachal Sarmast.

…. There is another aspect of Shaikh Ayaz which is equally important and that is the social and philosophical content of his poetry. He was a thorough bred radical humanist, a socialist in the Fabian tradtition and a nationalist in the tradition of all great antagonists of imperialism and colonialism…

…. Sindh, and indeed Pakistan, have lost a great son. He rose like an everlasting meteor on the intellectual and literary horizon. After Faiz Sahib, the death of Ayaz is an irreparable loss for Pakistan.”

    Sirajul Haque Memon

Daily”Dawn” Karachi.

 


 

 

پبلشر پاران

 

شيخ اياز پنهنجي زندگيءَ ۾ هم عصر ادبي لڏي تي جيترو اثرانداز ٿيو، پوئين دور ۾ سنڌ اندر اهڙو ٻيو مثال ڪونه ٿو ملي.خاصي حد تائين قومي سياسي ڪارڪن به سندس جوش ۽ ولولي واري شاعريءَ مان اثر وٺندا رهيا. جيستائين سنڌي عوام جو تعلق آهي ته انهن کي گهڻو عرصو پوءِ جڏهن ٻاهريون ماڻهو ٻڌائيندو آه ته فلاڻو عظيم آهي ته پوءِ مس وڃي رڳو انڪار جي نوبت ختم ٿيندي آهي ۽ مڃائڻ لاءِ اڃان الڳ هيلا گهرجن، يا وري ڪنهن دور جو انتظار ڪجي.

شيخ اياز جي شخصيت متعلق پوئين عرصي ۾ مختلف خيال آرائيون ٿينديون رهيون آهن. انهن جو هڪ وڏو سبب ته هي آهي جو اسان گهڻو ڪري سڀ پاڻکي عقل ڪل سمجهندا آهيون، پوءِ جيڪو اسان جي سوچ جي ڪسوٽيءَ تي پورو نٿو اچي ته اسان جي پسند ۽ ناپسند ڪر کڻندي ۽ وڃي ناراضگيءَ تي ڇيهه ڪندي. ان جو ٻيو سبب هي آهي ته هتي ادبي ماڻهن جو عمومي ورتاءُ هي آهي ته فطرت جي گوناگونين ۽ وسعتن جي باري ۾ به پنهنجا ليڪا ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ پوءِ اياز کي به هميشه انهن ليڪن جي اندر پرکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي آهي.

هي ضروري ناهي ته هر اديب يا شاعر عالم به هجي ۽ هر عالم مفڪر به هجي ليڪن شيخ اياز تي قدرت مهربان هُئي جو هو ساڳي وقت ٽنهي عظمتن جو صاحب هو. اديب سماج، حالتن ۽ واقعن جو نقيب ٿئي ٿو. هو جيڪي پنهنجي چوڌاري ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو سو جيئن جو تيئن ماڻهن جي اڳيان پيش ڪري ٿو. اهو ڪم ماڻهن تي ڇڏي ٿو ته هو انهن بيان ٿيل واقعن ۽ محسوسات مان پاڻ نتيجا اخذ ڪن. عالم جو معاملو ان کان نِرالو آهي. هو انهن واقعن ۽ محسوسات جا نتيجا، انهن جي چڱائي ۽ مدائي، پس منظر ۽ پيش منظر، عظمت ۽ ذلت جي حوالي سان صورتحال کولي بيان ڪري ٿو ۽ ڪوشش ڪري ٿو ته ماڻهن کي هٿ کان وٺي واٽ اڪارائي، انهيءَ عمل ۾  جن عالمن کي فڪر يا تدبر جو مقام حاصل ٿي وڃي ته پوءِ اهي نه صرف فردن جي بلڪ قومن جي تقدير بدلائڻ جا يا ته بنياد وجهي وڃن ٿا يا انهن جي ٻيڙيءَ کي پار اڪارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. شيخ اياز جو پهريون دور اديب جو آهي ۽ پويون دور عالم ۽ مفڪر واري حيثيت جو آهي. ٻنهي دورن ۾ سماج سان اٿاهه وابستگي ۽ فطرت جي ترجماني ڇوليون هڻندڙ آهي.

هاڻي ان جي پهرين ۽ پوئين دور ۾ فڪري تضادن يا مونجهارن جي ڇيد ذريعي سندس شخصيت فن ۽ فڪر کي متنازع بنائڻ اجايو آهي. هو پهرين دور ۾ اديب جي حيثيت ۾ فطرت ۽ زندگيءَ جو اهڙو مبصر (Commentator) هو جيڪو ڪنهن به فڪر جي ڳئون بڻجي ڌرتيءَ کي پنهنجي سڱن  تي کڻڻ بجاءِ فطرت ۽ زندگيءَ  کي ئي ڀرپور نموني اظهاريندو رهيو،  بعد واري دور ۾ هن پنهنجو قدم اڳتي وڌائي، عالم ۽ مفڪر واري حيثيت ۾ هڪ ويچارڪ ۽ سڌارڪ بڻجي سنڌ جي صوفياڻي شعور سان رشتو جوڙي ورتو. هن فطرت سان گڏوگڏ زندگيءَ جي ابديت واري پهلوءَ  کي به نروار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙي طرح سالن جي محسوسات واري سفر جي سڀني حاصلات کي سامهون رکي زندگيءَ جي اصل منزل کي نشانبر ڪيو. ڪوتاهه بين ماڻهن پنهنجي ئي سوچ جي دائري ۾ رهي شيخ اياز جي انهيءَ عمل کي سندس واپسي سمجهڻ شروع ڪيو ۽ فتويٰ جي اهڙي اٻهرائيءَ وقت ايتري تڪليف به نه ورتي جو هو اياز جي انهيءَ عمل کي سنڌ ۾ صدين کان سرجندڙ صوفياڻي شعور سان ڀيٽ ڪري وٺن.

اها شيخ اياز جي علم جي اٿاهه گهرائي جي تقاضا هئي ته هو پاڻ به خدا سان نسبت جوڙي ۽ ٻين کي به ان جو  ڏس ڏئي. جيئن لارڊ بيڪن چيو هو ته: ” ٿورو علم خدا جو منڪر بڻائيندو آهي ۽ اٿاهه علم خدا جو وجود مڃرائيندو آهي.“ ساڳي ڪيفيت ڪانٽ امانوئيل مٿان به گذري هئي جو بي ساخته چيو هئائين ته :”ضمير جي اٿل پٿل، فطرت جون حسناڪيون ۽ ستارن ڀريل آسمان ڏسي مان خدا جي وجود جو قائل ٿي وڃان ٿو.“ 1789ع واري فرانسيسي انقلاب جي ڪاميابيءَ جي خبر جڏهن ڪانٽ جي ڪنن تائين پهتي هئي ته هن ڳوڙهن ڀريل اکين سان پنهنجي دوستن آڏو چيو هو:”اي  منهنجا پالڻهار! هينئر پنهنجي هن ٻانهي کي موڪلائڻ جي اجازت ڏي. ڇو جو هينئر هن معمولي اکڙين تنهنجي عطا ڪيل نجات جو منظر ڏسي ڇڏيو آهي.“

پنهنجي زندگيءَ  جي سڄي سفر ۾ شيخ اياز ٻنهي طرفن کان انتهائن جو شڪار بڻيو. پهرين دور ۾ ملاڻڪي انتهاپسندي سنڌ ۾ انسانيت نوازي جي انهن صدائن ۽ سچاين کي سڃاڻي ڪونه سگهي، ۽ ٻئي دور ۾ ترقي پسنديءَ جي انتها پرستي هن جي فطرت نوازيءَ ۽ خدا پرستيءَ کي برداشت ڪونه ڪري سگهي. جيڪڏهن ملاڻڪي انتهاپسندي ۽ ڪامريڊڪي انتهاپرستي هُن جي انسانيت ۽ فطرت نوازيءَ جي گهراين جو ادراڪ نه پيون ڪري سگهن ته ان ۾ اياز جو ڪهڙو ڏوهه هو ۽ جڏهن ان عدم ادراڪ جو ٻئي هڪجهڙو شڪار ٿيا ته پوءِ ٻنهي ۾ باقي ڪهڙو فرق رهيو!؟

پوئين دور جي حوالي سان شيخ اياز کي جيڪو سڀ کان وڌيڪ مورد الزام ليکيو وڃي ٿو سو سندس اڳ جي ڪيل ڪم کان پاڻکي آجو ڪرڻ يا ان ڪم کي فضول سڏڻ آهي.

اهو شيخ اياز تي سراسر بهتان آهي. هن پنهنجي پهرين دور جي انسانيت نوازيءَ تان ڪڏهن به هٿ نه کنيو. هو سچ، سونهن ۽ فطرت جو شاعر هو ان تي ساڳي طرح اٽل رهيو. هن سچ، سونهن ۽ فطرت جي اپٽار ۾ خدا کان ويڳاڻائپ يا عدم انسيت کي بعد جي دور ۾ ختم ڪيو، ۽ ان ڳالهه کان پاڻ کي ضرور آجو ڪيائين، هو اڳ ۾ چئي پيو ته ” انسان عظيم آهي“ ۽ بعد ۾ هن جي شعور انسانن سان وابستگيءَ کي هن صورت ۾ اڃان به وڌيڪ موثر  سمجهيو جو چوڻ لڳو ته ”خدا جي مخلوق انسان عظيم آهي.“  شعور جي انهيءَ اٿاهه گهرائي سان انسانيت نوازي ۽ سنڌ دوستي مرڻ جي آخري گهڙيءَ  تائين ورنائيندو رهيو ته :

”يار رب! توئي مون کي راهه ڏيکاري، مون ۾ امن ۽ انسان دوستيءَ جي خواهش پيدا ڪئي ۽سمجهايو ته هر ماڻهو تنهنجو پرتو آهي ۽ انڪري مقدس آهي. يا رب! تون اها ساڃاهه ساري انسانذات کي ڏي ته نه رڳو تنهنجي پيار پر هڪ ٻئي جي پيار ۾ انسانذات جي نجات آهي.“

مٿين ڳالهين جو مقصد هروڀرو  اِهو  به ڪونهي ته شيخ اياز هڪ اهڙي ماورائي مخلوق هو جيڪا سوچ فڪر ۽ عمل جي دائري ۾ معصوم يا غلطين کان پاڪ هجي ۽ اُن جي ڪري راءِ جي اختلاف کان آجي هُجي. بلڪ سندس لکتن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون هيون جن سان اختلاف راءِ رکڻ جو پورو پورو جواز هو. هو انسان هو ۽ انسان جي زندگيءَ ۾ جذبن ۽ آدرشن جي حُڪمراني فڪر ۽ سوچ تي اثر انداز ٿئي ٿي. ۽ ڇاڪاڻ ته جذبن ۽ آدرشن جي اُها حڪمراني هر انسان جي مٿان الڳ الڳ آهي ان ڪري فڪر ۽ سوچ به الڳ الڳ تاثر وٺن ٿا. تاثر وٺڻ جو اهو اختلاف ته اڻٽر آهي. عام ماڻهن جو اهو تاثر وٺڻ ته ڪنهن ليکي ۾ نٿو اچي ليڪن هڪ عالم ۽ مفڪر جي اهڙي تاثر وٺڻ جي توصيف به ٿئي ٿي ۽ تنقيد به ٿئي ٿي. ادب ۾ ٻئي صورتون تنقيد ليکجن ٿيون. تنقيد ۾ جيڪڏهن استدلال ۽ فضيلت موجود هجي ته اها خود سماج ۾ نه صرف اصلاح جو ڪارڻ بڻجي ٿي، بلڪ فڪر ۽ سوچ جي سفر ۾ انسانن جي آئنده غلطين کان محتاط رهڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي ۽ ٻئي طرف ان سفر جي پانڌيئڙن لاءِ اتساهه جو سبب پڻ بڻجي ٿي.

هي ڪتاب شيخ اياز جي حوالي سان انهي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مرتب ٿيل آهي. هو هر حوالي سان سنڌ جو تمام وڏو سرمايو آهي. سندس فن ۽ فڪر تي هن ڪتاب ۾ جيترو مواد شامل آهي ايترو هيستائين ڪنهن به هڪ ڪتاب ۾ ڪونهي. انهيءَ ڪري هيءَ ڳالهه وڏي اعتماد سان چئي سگهجي ٿي ته شيخ اياز جي فڪر ۽ فن تي ايندڙ دور ۾ ٿيندڙ تحقيق جي لاءِ هي ڪتاب بنيادي ماخذ بڻبو.

سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اينٿالاجي جو هي پهريون حصو آهي ان جا ٻيا ٻه حصا ”ڪلاسيڪي ادب“ ۽ ”افسانوي ادب“ انشاءَ الله ستت ئي پڌرا ڪري پڙهندڙن تائين پهچايا ويندا.

نور احمد ميمڻ

چيئرمين

سنڌيڪا اڪيڊمي

 

 


 

 

مقدمو

ادب ۾ تنقيد، شروع کان منهنجيءَ پسند جو شعبو رهيو آهي ۽ ان ڳالهه بابت سڄيءَ دنيا جي سنجيده اديبن ۽ عالمن وٽ ڪي به ٻه رايا ناهن ته تنقيد کان سواءِ ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب ۽ فن، فڪري توڙي فني اعتبار کان وهيءَ چڙهي نه ٿو سگهي. سنڌي ادب ۾ هڪ ته معياري ادبي تنقيد جي سخت کوٽ رهي آهي ۽ ٻيو ته ان شعبي ۾ جيڪو ٿورو ڪي گهڻو ڪم ٿيو به آهي، ته اهو هڪ جاءِ تي گڏ ڪري سهيڙيو نه ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نئون نسل هڪ ته ان کان گهڻي ڀاڱي اڻ واقف ۽ لاتعلق رهي ٿو، ٻيو ته ان جو گهربل اثر به پئجي سگهيو آهي.

ادبي تنقيد ۾ بيحد دلچسپيءَ سبب منهنجي اها خواهش هئي ته سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اينٿالاجي تيار ڪجي ته جيئن هڪ ته اسان پنهنجي ماضيءَ جي سنجيده ڪم کي هڪ هنڌ سهيڙي گڏ ڪري سگهون ته ٻئي طرف ان بنياد تي مستقبل لاءِ ڪا رٿابندي ڪري سگهون، پر ڪيترو وقت اها خواهش رڳو هڪ تمنا ئي رهي. ان وچ ۾ اتفاق سان اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد ۾ اسان جو يار ۽ موجوده اردو افساني جو وڏو نانءُ مظهر الاسلام، ڊائريڪٽر جنرل ٿي آيو. مظهر صاحب کي سنڌ، سنڌي ٻولي، شاعري ۽ ادب سان انسيت رهي آهي ۽ جيئن ئي هو اڪادمي ۾ آيو ته هن پهرين سنڌي ادب بابت ڪجهه رٿائون تيار ڪيون ۽ انهن منجهان تنقيد جي اينٿالاجيءَ واري رٿا جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي. جيڪا مون خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ لڳ ڀڳ ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ٽن جلدن تي مشتمل سنڌي ادب ۾ تنقيد جي هڪ اينٿالاجي تيار ڪئي. جيڪا اڪادمي سان لکت ۾ معاهدي موجب اڪادمي کي شايع ڪرڻي هئي، پر ان وچ ۾ بقول مظهر صاحب جي اڪادمي جي مالي صورتحال ايتري خراب ٿي وئي جو هي ڪتاب نه رڳو شايع نه ٿي سگهيو پر نور احمد ميمڻ صاحب، جنهن جي اداري ۾ هي سمورو ڪتاب ڪمپوز ٿيو هو تنهن کي به پئسن جي ادائگي اڄ تائين نه ٿي سگهي آهي. اڪادمي سان بار بار رابطن جو به ڪجهه نه وريو. لک شابسون هجن ميمڻ صاحب کي جنهن نه رڳو منهنجي مجبوريءَ کي سمجهي، پنهنجي وضعداري سبب مون تي ڪو به بار نه وڌو ۽ پاڻ ڪتاب جي اهميت کي سمجهندي آڇ ڪئي ته سنڌيڪا اڪيڊميءَ اهو ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مون اها آڇ خوشيءَ سان قبول ڪئي.

سنڌيڪا اڪيڊمي سنجيده ادب جي اشاعت جي سلسلي ۾ ايترو ته پاڻ ملهايو ۽ مڃرايو آهي، جو سچ پچ به اها ڳالهه مون لاءِ دلي خوشيءَ جو سبب آهي ته منهنجي هيءَ ٽن جلدن تي مشتمل اينٿالاجي سنڌيڪا طرفان شايع ٿي رهي آهي. هن ڪتاب جو پهريون جلد سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز بابت لکيل ڪجهه اهم مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. جديد سنڌي ادب ۾ تنقيد جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن موضوع تي سڀ کان وڌيڪ لکيو ويو آهي ته اهو شيخ اياز آهي. اياز پنهنجي حياتيءَ جي هر دور ۾ بحث مباحثي جو موضوع رهيو. جيتوڻيڪ اياز تي اڃا به وڏي تحقيق ۽ تنقيد جي ضرورت آهي ته جيئن علم تنقيد جي سمورن نظرين ۽ ضابطن (Disciplanes) جي روشني ۾ هڪ طرف هن جي باڪمال ٻوليءَ، سندس ٻوليءَ جي جماليات ۽ تخليقي واڌارن جو اڀياس ٿي سگهي ته ٻئي طرف اياز جي شاعريءَ جي فڪر جي فلسفايانه، سماجياتي، افادياتي، نفسياتي، مذهبي، اخلاقياتي توڙي سياسي ۽ تاريخي حوالي سان به ڀرپور ۽ سڀ طرفي ڇنڊ ڇاڻ ٿي سگهي ۽ دراصل اهو ئي واحد طريقو آهي. جنهن ذريعي اياز جهڙي جينيس شاعر جي پرک ۽ صحيح مڃتا ممڪن ٿي سگهندي.

جيستائين هن ڪتاب ۾ شامل مواد جو تعلق آهي ته منهنجيءَ نظر ۾ هي ڪتاب شيخ اياز جي شاعري کي حقيقي طور سمجهڻ لاءِ هڪ اهم ڪتاب ثابت ٿيندو. ڇو ته مواد جي چونڊ به هڪ خاص رٿا ۽ سوچ هيٺ ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ هر ويچار ڌارا جي سنجيده ليکڪن جا ليک شامل ڪيا ويا آهن. ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب بنيادي طور اياز جي شاعري، شخصيت، فن ۽ فڪر بابت تنقيدي شعور سان لکيل مضمونن ۽مقالن تي مشتمل آهي، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته، اياز شناسيءَ جي سلسلي ۾ هي ڪتاب هڪڙا ٺوس بنياد فراهم ڪري ٿو. تنقيد جو مطلب ۽ مقصد عيب جوئي ڪرڻ نه هوندو آهي، پر سوچ، فڪر ۽ علم جي ڪنهن نظام تحت شين جي ڇنڊڇاڻ ۽ پرک ڪرڻ هوندو آهي، ان ڪري هي ڪتاب به فني، فڪري توڙي علمي طور همه گيريت سان اياز جي سخنن ۽ سوچ جي وشال ڪائنات جو احاطو ڪري ٿو.

ڪتاب جو پهريون ليک ”شيخ اياز جي شاعريءَ جو سياسي ۽ ادبي پسمنظر“ جي عنوان سان مرحوم رشيد ڀٽيءَ جو لکيل آهي، جنهن کي مان هن جو شاهڪار مقالو سمجهان ٿو. مقالي ۾ رشيد ڀٽيءَ اهو سمورو فڪري، سياسي ۽ ادبي پسمنظر وڏي سچيتائيءَ ۽ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. جنهن ۾ شيخ اياز پيدا ٿيو، اڀريو، اسريو ۽ سنڌ جي ادبي دنيا تي ڇانئجي ويو. ڪنهن به وڏي شاعر، اديب توڙي مفڪر کي حقيقي طور سمجهڻ لاءِ ان جو معروضي ۽ موضوعي (Objective and Subjective) پس منظر ڄاڻڻ بيحد ضروري هوندو آهي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته اهي ڪهڙا ڪهڙا محرڪ، عنصر ۽ عوامل هجن ٿا، جن جي نتيجي ۾ ڪنهن جينئس جو جنم ٿئي ٿو. مقالي ۾ خاص طور، سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر ۽ تحريڪ جي اسرڻ  ۽ ان خلاف ان وقت جي رجعت پسندن جي آواز جو سمورو پس منظر بيان ۽ واضح ڪيو ويو آهي.

شيخ اياز ان زماني ۾ جيئن ته سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر جي علامت ۽ ان تحريڪ جي مهندار هو، ان ڪري رجعت پسندن جي اها سڄي باهوڙ پس و پيش هن خلاف هئي ۽ هو پنهنجي سٽَ ” جيئن لُڪَ  لڳي تيئن رُڪَ  ٿيا“ جي مصداق اڳ کان اڳرو رهيو. رشيد ڀٽيءَ اُهي محرڪ به بيان ڪيا آهن، جن جڏهن اياز جي بي مثال ڏات کي پارس جيان ڇهيو ته سندس شاعري سراپا سون ٿي پئي.

رشيد ڀٽيءَ جي هن مقالي کي به مون ادبي تنقيد جي دائري ۾ آندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن ادبي شاهڪار يا جينئس شخص جي فڪري پسمنظر، دور ۽ فڪري تحرڪات کي واضح ڪرڻ به ادبي تنقيد جو ئي ڪم آهي. ادبي تنقيد جا به دنيا ۾ انيڪ نظريا ۽ ذريعا آهن ۽ انهن ۾ ادب جي فڪري محرڪات کي واضح ڪرڻ به تنقيد جو بنيادي ڪم ليکيو ويندو آهي.

رشيد ڀٽي (مرحوم)  جي مقالي کان پوءِ، جديد سنڌي ادب جي معمار  ۽ شيخ اياز جي دلنواز دوست، سائين محمد ابراهيم جويي جا اهي مهاڳ ڏنا ويا آهن، جيڪي هن ”جل جل مشعل جل“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“،”وڄون وسڻ آئيون.“، ” راج گهاٽ تي چنڊ“ ۽ سندس ٻين ڪتابن تي لکيا هئا. منهنجيءَ نظر ۾ جنهن شخص جي سوچ ۽ سڀاءَ جو شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ فڪر تي سڀ کان وڌيڪ اثر پيو، اهو محمد ابراهيم جويو هو. اها ڳالهه خود اياز پنهنجين لکڻين ۾ بار بار ورجائي آهي. مثال طور جويي صاحب لاءِ اياز جا ڪجهه رمارڪس مان هتي ڏيڻ چاهيندس.

اياز صاحب لکي ٿو: ابراهيم مون کي پهريون ڀيرو ٿنڪرس لائبريري (Thinker’s Library) جا ڪتاب Matyrdom of Man  (انسان جي شهادت) وغيره پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا، هي مون نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيا هئا. انهن مان هڪ ڪتاب “Illusion of National Character”  قومي ڪردارن جو ضبط) جو مون تي گهرو اثر ٿيو هو. جو جيئي سنڌ تحريڪ ۾ ايتريءَ گهريءَ دلچسپيءَ جي باوجود مان ان جي Chauvinistic trends جي لپيٽ ۾ نه آيو آهيان. مان ابراهيم کي پنهنجا نظم ٻڌائيندو هوس، پر هن کي انهن ۾ حد کان وڌيڪ فارسي لفظ پسند نه ايندا هئا.... او باغي، او راج دروهي“  ۾ ڪم آندل ٻولي ابراهيم جي صحبت جو اثر هئي..... هڪ شام جو مون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم ٻڌايا جي هن کي ڏاڍو پسند آيا. جڏهن مون هي سٽون پڙهيون:

”دنيا، يـﻶ آماجگاه تمنا

کهان جا رهـي هـﻶ

يـﻶ رقاصهءِ روز و شب نوک خنجر پـﻶ يون ناچتي جا رهي هـﻶ

که جيسـﻶ اسـﻶ يـﻶ يقين هوگيا هو،

که اب پاؤن ڇلني نه هونگـﻶ“

تڏهن ابراهيم چيو هو: ”اياز، توکي مان وري به چوان ٿو ته تون پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين. تون پنهنجيءَ ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾ پهچائي سگهين ٿو.“

مون ڏک کان ڏسي ابراهيم کي چيو هو، ” پر توکان سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير آهي؟“ ان تي ابراهيم سختيءَ سان چيو هو، ”اسان به ڪافي آهيون. اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون ٿا.“

 Save Sindh Save the Continent جي مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو ثابت ٿيو آهي.... ابراهيم جويي مون لاءِ هڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي ڇڏيا هئا. ۽ مون لاءِ هڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي ڇڏيا هئا. پراڻيءَ دنيا جا سارا ٿنڀا ٿوڻيون ڊهي ڍير ٿي پيا هئا ۽ مون لاءِ ماضيءَ جي زنجير کي ڇني، اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کلي پيو هو منهنجي ۽ هن جي دوستي روميءَ ۽ شمس تبريز واري هئي، جنهن روميءَ جي ڪتابن تي نگاه وڌي هئي ته انهن ۾ آگ لڳي ويئي هئي.“

(ساهيوال جيل جي ڊائري)

”ابراهيم جويو، سنڌي شاعريءَ جو وڏو پارکو آهي. مان جڏهن به نئون شعر لکندو آهيان ته چاهيندو آهيان ته ان تي پهرين نظر سنڌ جي هن عظيم دانشور جي پوي ۽ اهو شعر ابراهيم کي پسند ايندو آهي ته مون کي ان جي امرتا جي پڪ ٿي ويندي آهي.“

(ڪراچيءَ جا ڏينهن راتيون ص: 60)

هاڻي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، جويي صاحب ۽ شيخ اياز جو پاڻ ۾ شخصي توڙي فڪري لاڳاپو ڪهڙي نوعيت جو هو. ان زماني ۾ محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز فقط ڪي ٻه شخص نه هئا پر جدا جدا فنامنا (Phenomena) هئا. هڪ وٽ دنيا جو سڀ کان اڳتي وڌيڪ فڪر هو ۽ ٻئي وٽ اها يگاني ڏات هئي. جا زمانن جا ضمير جاڳائڻ لاءِ ڪافي هئي ۽ جڏهن اهي ٻه لقاءَ هڪٻئي سان لاڳاپي ۾ آيا ته ”باهه“ ڀڙڪي اُٿي ۽ سنڌي جي ادبي اتهاس ۽ سنڌي ٻوليءَ ڄڻ ته هڪ نئون جنم ورتو.

هر وڏو ۽ عظيم شاعر ڄڻ ته هڪ ”راز“ هجي ٿو ۽ جويي صاحب جا اِهي مهاڳ ڄڻ ته انهيءَ راز تان پردو کڻن ٿا ۽ ٻڌائين ٿا ته اياز جي ڏات جي جهوليءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه ”گوهر ناياب“ آهن، جي هو پنهنجي ٻوليءَ قوم ۽ دور کي آڇي ٿو. جويي صاحب جا اهي مهاڳ  جتي اياز جي شاعريءَ جي گهري پرک ڪن ٿا، جتي اياز جي شاعريءَ جون عظمتون ۽ بلنديون بيان ڪن ٿا،  جتي سندس ٻوليءَ جي ڪرشمن جي ڪَٿَ  ڪن ٿا، اتي سندس فڪري سفر جا سُونهان به آهن. منهنجيءَ نظر ۾ مستقبل ۾ اياز تي تخليقي تحقيق توڙي تنقيد ڪرڻ وارو ڪو به محقق ۽ نقاد، جويي صاحب جي هنن مهاڳن جي مدد کان سواءِ اڳتي وڌي نه سگهندو.

جويي صاحب جي مهاڳن کان پوءِ مرحوم قربان علي بگٽيءَ جو ” اياز جي شاعري“ جي عنوان سان لکيل  مقالو ڏنو ويو آهي. هن مقالي کي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جو به هڪ خاص مقصد آهي. هي ڪتاب جيئن ته اياز جي شاعري جي اڀياس ۽ تنقيد تي مشتمل آهي، ان ڪري انهن سمورن مقالن ۽ مضمونن کي ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جيڪي مختلف دورن ۾ مختلف ويچار ڌارائن جي ليکڪن ۽ نقادن اياز صاحب بابت لکيا، ته جيئن، جڏهن سڀاڻي جو محقق اياز تي سنجيده تحقيق ڪري ته ان اڳيان اياز بابت سمورن ويچار ڌارائن جو تنقيدي مواد رڪارڊ تي موجود هجي.

مرحوم قربان علي بگٽيءَ  جو تعلق سنڌي ادب جي ان رجعت پسند گروهه سان هو، جنهن پنجاهه توڙي سَٺِ جي ڏهاڪن ۾ پنهنجي محدود سوچ ۽ نظرياتي تنگ نظريءَ سبب اياز تي سخت تنقيد ڪئي ۽ ان کان به اڳتي وڌي ان کي رد ٿي ڪيو. ان سڄي دور ۽ تحريڪ جو تفصيلي احوال رشيد ڀٽيءَ جي لکيل ۽ هن ڪتاب جي شروع ۾ ڏنل مقالي ۾ واضح ڪيل آهي. مون چاهيو ٿي ته ادبي تايخ جي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ ان گروهه جي تنقيد کي به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو وڃي. ان مقصد خاطر مون اياز تي لکيل لڳ ڀڳ اهي سمورا ليک پڙهيا، جيڪي رجعت پسندن مٿس لکيا هئا. پر سواءِ هن هڪڙي مقالي جي مون کي ٻي ڪا به تحرير ۽ تنقيد سنجيده نه لڳي. مرحوم قربان علي بگٽيءَ جي هن مقالي جو مرڪزي نقطو ئي اهو آهي ته ڪنهن طور به اياز کي عام رواجي شاعر ثابت ڪري کانئس جديد سنڌي ادب جي هڪ عظيم شاعر جو رتبو کسيو وڃي.  جيتوڻيڪ اڄ قربان بگٽي ۽ شيخ اياز ٻئي هن دنيا ۾ جسماني طور نه رهيا آهن، پر وقت اياز بابت فيصلو ڏيئي چڪو آهي ته اياز هڪ جينئس هو ۽ آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حياتيءَ تائين رهندو.

قربان علي بگٽيءَ جي مقالي کان پوءِ ڪتاب ۾ اهو مقالو ڏنو ويو آهي. جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نثري شاهڪار ۽ ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي. ۽ اهو مقالو آهي، محترم رسول بخش پليجي جو”انڌا اونڌا ويڄ“. هن مقالي لاءِ خود شيخ اياز لکيو هو ته: ”مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هن (رسول بخش پليجي) منهنجي شاعريءَ جي بچاءَ ۾ هڪ پورو ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄ“  لکيو آهي.“ (ساهيوال جيل جي ڊائري ص: 43-44). رسول بخش پليجو پليجو سنڌي ادب ۾ تنقيد جو تمام وڏو ۽ معتبر نانءُ آهي. هو اياز جي نهايت ويجهن دوستن ۾ رهيو آهي. خود شيخ اياز سندس مثالي ذهانت، علميت ۽ شخصيت جي گونا گونيت جو مداح رهيو آهي ۽ هن بابت اياز جا اهڙا رماڪس سندس انيڪ تحريرن ۾ محفوظ آهن.

پليجي صاحب جو هي مقالو نه رڳو پنهنجي لاجواب، سادي پر نهايت ادبي ٻوليءَ ۽ علميت سبب، پر فڪري اعتبار کان به هڪ شاهڪار آهي. جيتوڻيڪ هن کان پهرين سنڌي ادب ۾ ابن حيات پنهور جو”سنڌي ادب ۽ اسان جا اديب“۽ مولانا غلام محمد گراميءَ جو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جهڙا نهايت معياري ادبي تنقيدي مقالا لکجي چڪا هئا، پر هي مقالو، سنڌي ادب ۾ رجعت پسنديءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي رجحانن ۽ قدرن جي ويڙهه ۾ حتمي ۽ فيصله ڪن ثابت ٿيو ۽ سنڌي ادب ۾ رجعت پسندي وري ڪي زمانا ڪَرُ نه کڻي سگهي. شيخ اياز ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ ادب جي ترقي پسند سوچ جو مهندار ۽ اهڃاڻ هو، ان ڪري رجعت پسندن هن جي شاعري ۽ شخصيت کي ئي نشانو بنائڻ شروع ڪيو. پنهنجي جهالت، محدود سوچ ۽ تنگ نظريءَ سبب اياز کي رد ٿي ڪيائون ۽ ان کان به اڳتي وڌي اخلاقي قدرن جون سڀ حدون لتاڙي کيس ملحد، ڪافر ۽ غير اسلامي شاعر سڏڻ شروع ڪيائون.

پر اهو رسول بخش پليجي جو تيز ۽ تخليقي فهم ۽ قلم هو جنهن سنڌي ادب ۾ ان جهالت جي پرچار ۽ واويلا جو انت آندو. هن عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت، اردو، انگريزي توڙي دنيا جي سموري عظيم شاعريءَ جي پس منظر ۾ اياز جي شاعراڻي عظمت کي نروار ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته اياز ان سَٿَ ۽ سطح جو شاعر آهي، جنهن کي رجعت پسند بدنيتي ۽ جهالت وچان لوئي رهيا هئا. مجموعي طرح پليجي جو هي مقالو نه رڳو”اياز شناسيءَ“ جي حوالي سان پر ادبي تنقيد جي حوالي سان به پنهنجو هڪ مقام رکي ٿو.

”انڌا اونڌا ويڄ“ کان پوءِ” اياز جي شاعري- هڪ مطالعو“ جي عنوان سان منهنجي مرحوم دوست ۽ سنڌي توڙي عالمي ادب جي سٺي ڄاڻو، امير علي چانڊيي جو نهايت اهم مقالو ڏنو ويو آهي. امير علي چانڊيو جيتوڻيڪ سنڌ جي ادبي حلقن ۾ گهڻو مشهور يا ڄاتل سڃاتل نه هو، پر هو دراصل وڏو عالم، قلمڪار ۽ ادبي نقاد هو. جنهن جي ثابتيءَ لاءِ سندس هي مقالو ئي ڪافي آهي. مان سمجهان ٿو ته، ادبي تنقيد جي ڊسيپلين جي حوالي سان هيءُ مقالو، اياز جي اڀياس ڏانهن هڪ بنيادي قدم آهي. امير علي چانڊيو نه رڳو پاڻ شاعر ۽ اديب هو پر ساڳي وقت هو شاعريءَ جي فن، علم عروض توڙي ڇند وديا جي علم جو به وڏو ڄاڻو هو. ساڳي وقت هو بنيادي طور فلسفي جو ماڻهو هو. ان ڪري هو نه رڳو شاعريءَ جي فن جي نزاڪتن ۽ باريڪ بينين کان واقف هو پر فلسفي ۽ شاعريءَ جي پاڻ ۾ لاڳاپي کي به چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو ۽ ان ئي خوبيءَ کيس شاعريءَ جي سنجيده نقاد جو درجو ٿي ڏنو.

امير عليءَ هن مقالي ۾، اياز جي شاعريءَ جي ٻن بنيادي پاسن تي تحقيق ڪري پنهنجو تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي ۽ اُهي ٻه پهلو آهن- اياز جي شاعريءَ جو فڪر ۽ فن. فڪري اعتبار کان هو اياز جي شاعريءَ جو ڇيد ڪندي پاڻ ڪا ڌر نه بڻيو آهي، پر هن پروفيشنل نقاد جي حيثيت ۾، اياز جي شاعريءَ جا فڪري محرڪ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي.  هن نه رڳو اوڀر جي شاعريءَ جي مزاج، اولهه جي جديد شاعريءَ جي فلسفيانه رجحانن جي نسبت سان پر فطرت، سماج ۽ زندگيءَ بابت مجموعي ڪيترن فلسفيانه  روين جي بنياد تي به اياز جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو آهي. رڳو اهو ۽ ايترو ئي نه پر هن اهو به معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اياز جو فڪري ارتقا ڪيئن ٿيو ۽ مختلف دورن ۾ اياز ڪهڙن ڪهڙن فڪري ڌارائن کان متاثر ٿيندو رهيو.

امير عليءَ جو هي مقالو اياز جي شاعري جي فني پرک جي حوالي سان به وڏي ۽ بنيادي اهميت رکي ٿو. مان نٿو سمجهان ته هن کان پهرين ڪنهن نقاد يا اديب، اياز جي فن ۽ ان ۾ سندس تخليقي تجربن تي ايترو علميت ۽ تفصيل سان قلم کنيو آهي. هن مقالي ۾ اڀياس ڪيو ويو آهي ته اياز جي شاعريءَ جو فني پسمنظر ڇا هو؟ هو ڪيئن نه ساڳي وقت  انگريزي، فرينچ، فارسي ۽ هندي شاعريءَ جي مزاج کان متاثر هو ۽ هن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو انهن جو آرٽسٽڪ امتزاج ڪيو پر پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ اُهي اُهي فني تجربا ڪيا، جيڪي هن کان پهرين سنڌي ته ڇا پر اردو شاعريءَ ۾ به نه ٿيا هئا. مثلا، اياز جڏهن غزل لکيو ته، غزل جو مزاج اهو اڳوڻو نه رهيو. اياز غزل کي نظم واري رواني ۽ سنڌي مزاج ڏنو.

امير عليءَ جي لفظن ۾ گويا اياز، سانگيءَ کان بعد پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جديد سنڌي غزل جو بنياد رکيو. پنهنجي غزل مان ”تعزل“  واري روايتي ۽ اوپري سفر کي ڪڍي ڇڏيو. امير علي ان بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو: ” اياز تغزل جي بجاءِ پنهنجي بعد واري شاعريءَ جو بنياد ٽي- ايس- ايليٽ (T.S.Eleiot)  واري ڏسيل خارجي لوازمات(Objective Correlatives) مجازيت (Symbolism) ۽ مقامي تمثيل (Local Allegory) تي رکيو آهي ۽ ان کي Sindhinize)  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“

ساڳيءَ ريت اياز سنڌي شاعريءَ جي روايتي ۽ قديم صنفن يعني بيت، وائي، ڪافي ۽ ڏوهيڙي کي پنهنجن تخليقي تجربن ذريعي نئين زندگي ۽ جدت ڏني. امير عليءَ علم عروض ۽ هندي ڇندوديا جي علم توڙي عروضي ماترڪ بنياد تي تفصيل سان واضح ڪري سمجهايو آهي ته اياز شاعريءَ ۾ اهي فني تجربا ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت ڪيا. امير علي ڇاڪاڻ ته فلسفي جو ڄاڻو ماڻهو هو ان نسبت سان هن کي جماليات جي به ڀليءَ ڀت پروڙ هئي. ان ڪري هن جماليات جي حوالي سان به اياز جي شاعريءَ جو مطالعو پيش ڪيو آهي ۽ اياز جي ٻولي، شعر توڙي فڪر ۽ حسناڪي جي عنصر کي نمايان طور واضح ڪيو آهي. مجموعي طرح امير عليءَ جو هي مقالو پنهنجي علميت، گهرائي، وسعت ۽ فني نزاڪتن جي پرک سبب هڪڙو نهايت اهم مقالو آهي. جنهن تي اصولا هن کي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي طرفان اعزازي طور M.Phil جي ڊگري ملڻ گهرجي ها، پر اها اسان وٽ اڃا تائين سنجيده ڪم جي مڃتا جي روايت پختي ناهي. البته امير عليءَ جي هن مضمون تي هڪ تنقيد اها ضرور ڪري سگهجي ٿي ته هن پنهنجي تحرير ۾ فارسيءَ جي لفظن جو استعمال مناسب حد کان وڌيڪ ڪيو آهي، جنهن ڪري هڪ طرف اهو عام فهمي واري خوبيءَ جي کوٽ جو شڪار ٿيو آهي ته ٻئي طرف سندس ٻوليءَ ۾ سنڌيءَ واري رواني ۽ دل سوزي گهٽ ٿي محسوس ٿئي.

مرحوم امير علي چانڊئي صاحب جي پرمغز مقالي کان پوءِ قمر شهباز ۽ امداد حسينيءَ  جا مضمون شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ خالصاً اياز جي شاعريءَ جي خوبين ۽ جدتن جي اپٽار ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي ادبي پرک جي لحاظ سان اهم چئي سگهجي ٿو.

هر جينئس وانگر اياز به سڄي حياتي متنازع رهيو. مختلف دورن ۾ ان تنازع جون شڪليون، شدتون ۽ رُخ تبديل ٿيا. اهو شيخ اياز جيڪو قومي تحريڪ جو روح سمجهيو ويندو هو، جنهن بغاوت جا گيت ڳاتا هئا، جنهن جي لفظن ۾ ايتري سگهه هئي جو اهي ” بند اسيرن“ جا ذهن کولي ٿي سگهيا ۽ سندن ضميرن جا زنگ ٿي لاٿا. اهو باغي اياز جڏهن  سنڌ يونيورسٽيءَ  جو وائيس چانسلر ٿيوته ” قومپرستاري“ مٿس ڪاوڙجي پئي ۽ هو سندن عتاب جو شڪار ٿيو. ان ئي زماني ۾ اياز تي تنقيد جو هڪ ٻيو دور شروع ٿيو ۽ ڪڏهن جائز ۽ ڪڏهن سراسر ناجائز طور مٿس تنقيد ٿيندي رهي. جيتوڻيڪ عبدالواحد آريسر جو هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ”واويلا وڻڪار“ گهڻو گهڻو پوءِ لکيو ويو ۽ ان جو بظاهر سبب به ٻيو هو پر اها تنقيد دراصل سنڌي جي ”قومپرستارن“ جي اياز جي مٿان ان پراڻي”ڪاوڙ“ جو تسلسل هئي. هي اهو دور هو جڏهن اياز قومپرستيءَ کان وڌيڪ جمهوريت ڏانهن مائل ٿيو هو ۽ اها ڳالهه ”قومپرستارن“ کي نٿي آئڙي. آريسر جي جواب ۾ پهرين نوجوان شاعر ۽ صحافي اعجاز منگي ۽ پوءِ رسول بخش پليجي قلم کنيو ۽ اهي ٻئي مضمون به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن اهو سمورو بحث رڪارڊ تي محفوظ رهي. ڇاڪاڻ ته اهو به اياز تي تنقيد جي هڪ رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو.

جيئن مون مٿي چيو ته، اياز سڄي زندگي سخت متنازع رهيو. البته ان جون نوعيتون مختلف رهيون پر اياز جي زندگيءَ جو آخري دور سڀ کان وڌيڪ متنازع ۽ عجيب رهيو ۽ اهو عجيب ان حوالي سان ته اياز جي فڪر ۾ ان عرصي دوران بنيادي تبديليون آيون. اڃا به شايد هيئن چئجي ته هن بظاهر موٽ کاڌي. اُهي قدر ۽ آدرش جن سبب اياز، ”اياز“ ٿيو هو، هن انهن جي به نفي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪيترا ڀيرا پنهنجي اڏول ۽ شاندار ماضيءَ تي پڇتاءَ جو اظهار ڪيو. هن ”پنرجنم“ ۽ ”لوح محفوظ“ جهڙن تصورن ۾ ويساهه شروع ڪيو ۽ نتيجي ۾ پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ پاڻ نقصان رسايو. ان جي شاهدي اياز جي آخري دور جي شاعري ۽ هن جو نثر آهي. جنهن ۾ ان اڳوڻي عظيم شاعر اياز جي خوشبوءِ ئي نٿي اچي. هن ڪتاب ۾ شامل منهنجو آخري مضمون دراصل اياز جي پوئين دور جي فڪر تي تنقيد آهي. جنهن کي نه رڳو محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، امير علي چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، خواجه سليم، نصير مرزا سميت تمام گهڻن ماڻهن پسند ڪيو هو پر خود اياز صاحب ان جي Worth کي تسليم ڪيو.

اهڙو اظهار هن نوجوان، شاعر ۽ اديب نصير مرزا سان به هڪ ملاقات ۾ ڪيو.”فطرت،فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري مونجهارا“ جي عنوان سان لکيل ان مضمون اياز صاحب جي فڪر ۾ آيل تبديلين کي خالص فڪري، علمي ۽ فلسفيانه نقطهءِ نگاه کان پرکيو ۽ انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. ان لحاظ کان هي ڪتاب اياز تي ٿيل تنقيد ۽ مطالعي جي سمورن لاڙن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اهو ثابت ڪري ٿو ته، اياز صاحب نه رڳو اسان جو عظيم شاعر آهي پر هو اسان جي ادب جو هڪ مڪمل موضوع (Subject) آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ادب جي دنيا ۾ اهڙو مقام تمام گهٽ تخليقڪارن کي ئي نصيب ٿيندو آهي.

مان آخر ۾ انهن سمورن سڄڻن جا ڳڻ ڳائڻ به ضروري ٿو سمجهان جن هن ڪتاب جي خاڪي تيار ڪرڻ، ان کي سهيڙڻ ۽ بالاخر ڇپائيءَ جي آخري مرحلن تائين منهنجو ساٿ ڏنو. مون کي دلي ڏک آهي ته انهن سڄڻن مان به بيحد پيارا ۽ مهربان دوست امير علي چانڊيو ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هاڻي هن جهان ۾ نه رهيا آهن. امير عليءَ ۽ محبت جون محبتون ۽ سهائتا ئي هئي، جنهن سبب مان هي هيڏو سارو ڪم ڪري سگهيس. ٻنهي جي دلي تمنا هئي ته هو سنڌي ادب ۾ تنقيد جي اها اينٿالاجي ڪتابي صورت ۾ ڏسن. هاڻي جڏهن ان رٿا جو پهريون جلد شايع ٿي رهيو آهي ته منهنجي دل بي اختيار کين ساري ۽ ياد ڪري ٿي.

ڪاش! هو جيئري هي ڪتاب ڏسي سگهن ها. ٿورائتو آهيان پنهنجي نهايت قربائتي دوست پروفيسر اعجاز قريشيءَ جو جنهن هن اينٿالاجيءَ جي تياريءَ جي سلسلي ۾ سموري ڀَڄَ ڊُڪَ ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ سندس قيمتي لائبريري سدائين مون لاءِ کليل رهي ۽ سڀني کان وڏا وڙ محترم دوست نور احمد ميمڻ صاحب جا، جنهن پنهنجي وضعداريءَ سبب منهنجين ڪوتاهين جي باوجود مون سان پنهنجو هر طرح جو سهڪار ڪيو ۽ اڪادمي ادبيات جي رٿاهيٺ تيار ٿيل ڪتاب کي پنهنجو ڪري، ڇپائي هن صورت ۾ پڌرو ڪيو. ڪوبه روايتي ۽ عام پبلشر ائين نه ٿو ڪري سگهي. اها هن جي پنهنجي ٻوليءَ، ادب ۽ دراصل پنهنجي قوم سان محبت آهي جو هو محدود وسيلن جي باوجود ايڏا وڏا ڪم هٿ ۾ کڻي ٿو ۽ انهن کي توڙ تائين پهچائي ثابت ڪري ٿو ته خلوص ۽ سچائي هجي ته محدود وسيلن باوجود به وڏا ڪم ڪري سگهجن ٿا.،

هي ڪتاب، شيخ اياز جي شاعريءَ سان پيار ڪندڙ هڪ مداح جي پرخلوص ڀيٽا آهي. اميد ته هن پيار جي پورهئي کي قبوليت جو مانُ ڏنو ويندو.

جامي چانڊيو

 1/2 ، صبا ڪمرشل-II

عبدالله ٽائون هائوسز

واڌو واهه- قاسم آباد

حيدرآباد- سنڌ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com