سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :11

 

رسول بخش پليجو

 

هو چون ٿا هيئن چئو!

 

هن ملڪ ۾ ماڻهن جي ڳالهه ڪندڙ ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن جي ڳالهه ڪندڙ رسالا سدائين ڪاٺ ۾ رهيا آهن. جوڻيجي سرڪار جي هڪڙي چڱائي اها هئي ته ان پريس کي ڪجهه نه ڪجهه آزادي ڏني ۽ سنڌي رسالن ۾ وري وڃي ڪجهه ساهه پيو. چونڊن کان پوءِ ڪجهه وڌيڪ ڍر ملي آهي. ڏسجي ته اها جٽاءَ ٿي ڪري يا جرتي ڦوٽو ٿي ثابت ٿئي.

سنڌي رسالي پروڙ جي تازي پرچي ۾ عبدالواحد آريسر صاحب جو شيخ اياز خلاف مضمون ڇاپيو ويو آهي.، عنوان اٿس واويلا وڻڪار.

هن قسم جي مضمون ڇاپڻ لاءِ رسالي جي اداري هيءَ وضاحت ڪئي آهي:

شيخ اياز جي فڪري گهرائي ۽ شاعرانه عظمتن جو اعتراف نه ڪرڻ سنئين سڌي بي حيائي ٿيندي پر پوءِ به هڪ پيڙهيل ۽ ڏتڙيل قوم جي حيثيت ۾ ڪنهن به فرد واحد تي اعتماد ڪري کيس ڪل سمجهڻ به ڪا گهٽ بي انصافي ڪونهي. جيئن ته پروڙ جي پاليسي اها آهي ته هي ادارو سنڌ جي گڏيل مفادن کي اهميت ڏيندو رهندو آهي. تنهن ڪري هي ادارو ڪنهن به هڪ يا خاص ڌر جو ترجمان ڪونهي، اها ڳالهه پختگيءَ سان ذهن ۾ رکڻ کپي.

هن مضمون جي ڇاپڻ جو مقصد اهو آهي ته شيخ اياز جي موجوده رول متعلق قومپرست حلقن ۾ جيڪي اعتراض ٿيا آهن ان کي منظر عام تي آندو وڃي، وڌيڪ فيصلو پڙهندڙن کي ڪرڻو آهي. پر اداري طرفان اها گذارش ضرور ڪبي ته هن مضمون جي مؤقف خلاف به جيڪڏهن معياري تحرير اسان تائين پهتي ته ان کي به لازمي طور تي ايتري ئي اهميت ڏئي ڇاپيو ويندو. (ادارو پروڙ)

شاعر ماڻهو هونئن ئي سهي جي کل. سکڻا سر. نه راڄ نه ڳوٺ، نه غنڊن جو ڪٽڪ، نه ڌاڙيلن جو ٽولو، نه پوليس جي پٺ نه فوجين جو فضل، نه ڪهاڙا نه ڪلاشنڪوف، ميراڻي مڏي ڏندڻ ۽ ڦڻي! اهو ئي پراڻو قلم، اها ئي ري پيالي مستي ۽ اهي ئي شاعراڻا پور ۽ سور!

سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان! (شاه)

هڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾. (شاه)

چوندا آهن اڀري کان جهليانس ته جهل ئي نه ڏي، سڀري تي اٿاريانس ته اُٿي ئي نه! اياز جهڙي شيخ ۽ شاعر ماڻهوءَ خلاف مضمون لاءِ هروڀرو ايڏي اجائي گهڻي جرئت جي ضرورت ڪانهي. ڪڪڙ جو خون ٽڪو!

البت رسالي جي فاضل اداري کي ڪنهن ڏاڍي لٺ ڪنهن ڳري ڪاٺ، ڪنهن سنڌ دشمن سازش ۽ فتنن جي پراڻي ۽ پاپي پاڙ ۽ ڪنهن دودي جي روپ ۾ چنيسر صفت ست سسين راڪاس جي خلاف اهڙي حق جي ڳالهه ڇپڻ جي توفيق ٿي سگهندي يا نه سو ڏسڻو پوندو ۽ پوءِ ئي اها خبر پئي سگهندي ته هڪ پيڙهيل ۽ ڏتڙيل قوم جي حيثيت ۾ ڪنهن به فرد واحد تي اعتبار ڪري کيس ڪل سمجهڻ واري بي انصافي نه ڪرڻ، سنڌ جي گڏيل مفادن کي اهميت ڏيندو رهڻ جي پاليسيءَ  تي هلڻ، ڪنهن به هڪ يا خاص ڌر جو ترجمان نه هئڻ ۽ قومي شخصيت جي موجوده رول بابت جيڪي اعتراض هجن تن کي منظر عام تي آڻڻ جو فرض نڀائڻ جي نيڪ ارادن ۾ عملي ۽ حقيقي جان ڪيتري آهي ۽ قوم دشمن ڪهاڙن ۽ ڪلاشنڪوفن جي حضور ۾ سهو جي سجدن ڪرڻ جي سعادت ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي بي چيني ۽ تڙپ ڪيتري. فاضل مضمون نگار اياز جي ريڊيو پاڪستان تان ڪيل هڪڙي تقرير تي تنقيد ڪئي آهي.

هن صاحب کي شڪايت آهي ته اياز ان تقرير ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي اجائي تعريف ڪئي آهي ۽ ائين ڪندي مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت جي توهين ڪئي اٿس.

مضمون ۾ اياز جي تقرير جا جيڪي ٽڪرا اعتراض جوڳا ڄاڻايا ويا آهن سي هي آهن:

وڙهندي مرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونه آهي. ڀٽو بيوس هو بنديوان ۽ بيمار هو. هو ٻن سالن کان وڌيڪ ضياءَ جي آمريت جو مقابلو ڪندو رهيو. ان لاءِ نفرت جو اظهار ڪندو رهيو ۽ آڻ نه مڃيائين ۽ نيٺ شهيد ٿيو. مخدوم بلاول به اڌ ڪلاڪ گهاڻي ۾ پيڙايو ويو هو، هو ٻن سالن لاءِ وڌيڪ پنهنجي پيچ و تاب ۾ رهيو. اضطراب ۾ رهيو. شاه عنايت کي گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ تلوار هيٺان سر رکي شهيد ڪيو ويو هو. ڀٽي وانگر سڄو سال مڃيل پهاڙن جو عذاب نه ڀوڳيو هئائين.

فاضل مضمون نگار جو چوڻ آهي ته اياز انهن لفظن جي چوڻ سان شاه حسن ارغُون ۽ اعظم خان مغل بنجي شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جي قبرن کي ٿڏا هنيا آهن ۽ اهڙي ريت اهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ان تي ماٺ ڪرڻ اهڙو ڏوهه ٿيندو ڄڻ مارئيءَ جي لوئيءَ کي رنڊيءَ جي ڪوٺي جو پردو بنائڻ.

اياز چيو وڃي ٿو ته وڌيڪ چيو آهي ته:

چلي ۾ فوجي ڪوديٽا کان پوءِ اليندي به بندوق کڻي ڪجهه ڪلاڪ مقابلو ڪيو هو ۽ ماريو ويو هو، وڙهندي مرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.

آريسر صاحب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اياز خيرپور ۾ جشن جمهوريت کي خطاب ڪندي اهو تاثر ڏنو ته 1973ع جو آئين قومي ۽ طبقاتي حقن جي مڪمل ضمانت آهي. هن بيان جي تائيد ۾ اياز جا چيل اصل لفظ ڏنل نه آهن.

اڳتي هلي اياز ڏانهن ٻه قول منسوب ڪيل آهن. هڪڙي قول لاءِ آريسر صاحب جو چوڻ آهي ته اهي لفظ کيس روبرو چيا ويا هئا ۽ ٻئي لاءِ چوڻ اٿس ته اهي ڪن ٻين ٻن صاحبن اياز کان ٻڌي پوءِ کيس ٻڌايا هئا. اهي قول هي آهن:

هو (ڀٽو) پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري ڪوٽ لکپت ۾ ويٺو آهي ۽ پٺيان اسان ڏچي ۾ پئجي ويا آهيون.

هالي ووڊ جو ايڪٽر اُگهاڙين فلمن ۾ گندگي چٽيندڙ مسخرو ريگن جيڪڏهن آمريڪا جو صدر ٿي سگهي ٿو، وحشي سوئا هڻي ماڻهن جون اکيون ڪڍندڙ، خسيس جاسوس پوليس وارو، ڪي. جي. بي جو سربراه يوري آندروپوف جيڪڏهن روس جو صدر رهي سگهي ٿو ته ضيا پاڪستان جو صدر ڇو نه ٿو رهي سگهي.

قيد ۾ ڀٽي صاحب جي حالت بابت اياز جي مٿي ڏنل بيان تي تبصرو ڪندي آريسر صاحب دعويٰ ڪئي آهي ته اها ڳالهه ڪرڻ سان اياز ماحول ۽ حالتن جو پورو پورو فائدو وٺڻ خاطر سنڌ جي عظيم محب وطن شهيد مخدوم بلاول ۽ شاه عنايت کان ڀٽي صاحب کي وڌيڪ عظيم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان دعويٰ کي دليل بنائي هن صاحب هيٺين دليل بازي ڪئي آهي:

هتي مسئلو سزا جي ڪميت جو نه پر ڪيفيت جو آهي. ڪڏهن ڪڏهن گهڙيءَ جو عذاب صدين جي عذاب ۽ پيڙا کان ڳورو هوندو آهي ۽ گهڙيءَ جي عظمت ۽ اهميت جي باري ۾ اياز خود هڪ هنڌ لکيو آهي ته مون تي ڪنهن وقت گهڙي کن لاءِ ڪا ئي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي ۽ ان گهڙيءَ ۾ آءٌ پوري ڪائنات لاءِ صدين واري ڪيفيت مان گذري ويندو آهيان. آءٌ سمجهان ٿو ته پوري انساني تاريخ ۾ سون هزارن سالن جا عذاب ۽ اذيتون گڏ ڪيون وڃن، تڏهن به ان اڌ ڪلاڪ واري ڪيفيت جو پڙ ڳرو رهندو. ۽ شاهه عنايت جو ڏسندي وائسندي جلاد جي سامهون هليو وڃڻ ۽ تلوار جي هيٺان مرڪي ڪنڌ ڪپائڻ ۽ جلاد کي هيئن مخاطب ٿيڻ ته:

بيا بيا! قربانت شوم ..... الخ.

اچ اچ آءٌ توتان قربان ٿيان، مون کي تنهنجوئي انتظار هئو!

يا:

سر در قدم يار فدا شد، چه بجا شد،

اين بار گران بود، ادا شد چه بجا شد.

(سر يار جي قدمن تان گهوريو سٺو ٿيو!

هي ڳرو بار هئو، ادا ٿيو، سٺو ٿيو!)

هي اهو انساني ذهن ۽ ضمير جو تصور آهي، جيڪو اهڙي ئي ماڻهوءَ جي دل ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو جزا ۽ سزا، اميد ۽ خوف، زندگي ۽ موت جي سطحي قدرن کان مٿي ٿي، ڪائنات جي وحدت ۾ پنهنجو پاڻ گم ڪري چڪو هجي، جنهن وٽ فتح ۽ شڪست، زندگي جي رنگا رنگي ۽ گونا گونيءَ جا معمولي پرتوا هوندا آهن. جڏهن ته ڀٽو صاحب زندگيءَ جا اهي ٻئي سال زندگيءَ جي عارضي سهارن ڏانهن واجهائيندو رهيو، ڪڏهن هن حسرت وچان چيو ته جيڪڏهن اڄ شاه فيصل ۽ مائوزيتنگ جيئرا هجن ها ته مون سان اها حالت نه ٿئي ها. ڪڏهن هن فرانس جي صدر کي لکيو ته:توهان منهنجي زندگي کان لاپرواه ٿي آمريت جو ساٿ ڏئي رهيا آهيو. جڏهن ته توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته ڪميونزم هميشه آمريت جي ڪک مان جنم وٺندو آهي. فرانس جي صدر ڏانهن مبينه طور لکيل (مبينه طور هن ڪري جو حوالو ڏنل ڪونهي) ان خط تي تبصرو ڪندي آريسر صاحب چوي ٿو:

انهيءَ بيان مان زندگي جي سهاري جي تلاش سان گڏ اها به خبر پوي ٿي ته دنيا جي بهتر نظام، ترقي پسند نظام جي باري ۾ اياز جي ممدوح جي ڪهڙي راءِ هئي ۽ هن آمريت جي مخالفت ان ڪري ئي ڪئي ٿي ته اتان ڪميونزم جنم ورتو ٿي.

اڳتي هلي هو صاحب چوي ٿو:

باقي جيسين تائين ڀٽي جو ٻه سال جيل ۾ رهي، ڦاسيءَ تي چڙهڻ جو سوال آهي ته ان معاملي ۾ به سنڌ جا عظيم شهيد صبغت الله شاه ۽ هيمون ڪالاڻي کانئس هر حالت ۾ گوءِ کڻي وڃن ٿا ڇو ته ٻن سالن ۾ ڀٽو صاحب صرف اضطراب ۽ پريشان حاليءَ ۾ رهيو پر هن کي جنهن آمريت سان نفرت هئي ان جي ختم ڪرڻ لاءِ وٽس ڪا به پلاننگ نه هئي. جڏهن ته صبغت الله شاه ۽ هيمون ڪالاڻي کي ڌارئي سامراج لاءِ اٿاهه نفرت هئي ۽ زندگي جي آخرين پساهن تائين پنهنجي مقصد جي سچائي واري لازوال مرڪ سندن چپن تي موجود هئي.

ظلم جي خلاف صرف ڪنهن اضطراب جو اظهار ڪرڻ ۽ زندگي جي باري ۾ عوامي حقن جي باري ۾ فيصلو قضا و قدرت جي حوالي ڪري ڇڏڻ گهٽ ۾ گهٽ انساني انقلاب جي عظمت جي تاريخ ۾ اها حيثيت نه ٿو رکي جيڪا جيولس فوچڪ، ڀڳت سنگهه ۽ ٻين جي شهادت کي حاصل رهي آهي.

اليندي جي سلسلي ۾ اياز جي ڪيل ڳالهه تي تبصرو ڪندي هو صاحب چوي ٿو:

ساڳئي انٽرويو ۾ اياز چليءَ جي عظيم ليڊر الينڊي لاءِ چيو آهي ته:

چلي ۾ فوجي ڪوديٽا کان پوءِ آليندي به بندوق کڻي ڪجهه ڪلاڪ مقابلو ڪيو هو ۽ ماريو ويو هو. وڙهندي مرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.

سڀ کان پهريون ان فقري جي خلاف اياز جي تمام گهڻي شاعري شهادت ڏئي ٿي. يعني اياز جي اها شاعري جنهن ۾ هو هر هنڌ چوي ٿو ته:

ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ٻي واهه!

ويڙهه ئي زندگي جو جوهر ۽ قومن جي تقدير جو نکار آهي. اها سڄي شاعري انهيءَ خيال جي ترديد ڪري ٿي ته وڙهندي ماريو وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. پر اياز جي ان جملي ۾ منهنجي معلومات ۾ اضافو ٿيو آهي ته اليندي عوام جي اقتدار جي دشمن سان آخري گهڙي تائين بندوق کڻي وڙهندو رهيو جيئن شيخ اياز چيو آهي ته:

واجهه نه وجهه تون وڍ ڏي، رت وهي ته به رڙهه!

پوئين وير به وڙهه، ويريءَ ساڻ وجود جي.

ويهين صدي ۾ فوجي ڪوديٽائين ۾ جيڪي به ملڪي سربراهه لاٿا ويا، نڪروما کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽي تائين، ان ۾ اليندي واحد سربراهه هو جنهن بندوق کڻي ديس دروهين جو مقابلو ڪيو ۽ جڏهن ته (شهيد) ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل چشتي جي گن ڏسي پنهنجي ٻارن ٻچن جي زندگي جي ضمانت وٺي، عوامي اقتدار غاصبن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

ڀٽي صاحب جي قيد واري ڪردار بابت قياس آرائي ڪندي فاضل مضمون نگار چوي ٿو:

منهنجو هي به خيال آهي ته جنرل ضياءَ صرف چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿيڻ تي اڪتفا ڪري ها ۽ ڀٽي صاحب کي وزيراعظم طور رکي ها ته اهو سودو ڀٽو صاحب مهانگو نه سمجهي قبول ڪري ها، ڇو ته سندس ماضي جي تاريخ اهڙي ئي شاهدي ڏئي ٿي ۽ منهنجو تاريخ جي متحرڪ قوتن ۾ پڪو ويساه آهي ته شاه حسن ارغون ۽ نواب اعظم خان مخدوم بلاول ۽ شاه شهيد کي اهڙي آڇ ڪرڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهيا.

آريسر صاحب جي واريل ٻن شاهدن جي چواڻي اياز جو جنرل ضيا کي ريگن ۽ آندروپوف جهڙو ئي صدارت جو حقدار سڏيو، ان تي تبصرو ڪندي آريسر صاحب چوي ٿو:

اهي لفظ انهيءَ وقت چيا هئا، جڏهن سنڌ جي سدا سهاڳڻ ڌرتي، بارود ۽ باهه ۾ سڙي رهي هئي ۽ هن ديس جا سوين نوجوان پٽ ۽ ڌيئون، جيل جي اونداهين کولين ۾ سڙيا پئي، ۽ سنڌ جي ميدانن ۾ اڄ جي دريا خانن ۽ هوشئون جون پڳون، فوجي بوٽن جي هيٺان لتاڙجي رهيون هيون. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته اسان جي شاعر جون رڳون جيئن جيئن ڪمزور ٿينديون وڃن ٿيون، تيئن تيئن مٿس خوف، موت ۽ لالچ جو غلبو ٿيندو وڃي ٿو.

فاضل مضمون نگار غالباً اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته اياز کي ڀٽي صاحب لاءِ واقعي همدردي ڪانه هئي ۽ هاڻ رڳو موقعي پرستي ڪري هو اها ڪوڙي دعويٰ ٿو ڪري، چوي ٿو:

ڀٽي جي ڦاسي کان پوءِ هن جي گهڻي شاعري ڇپي آهي، پر ڪٿي به هن ڀٽي جو نالو ظاهر ظهور يا اشاري طور ڪتب نه آندو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته فنڪار اياز لاءِ ڀٽي جي نالي يا ڪردار ۾ ڪائي ڪشش نه آهي، نه ته هو ضرور ان کي بهادريءَ جي علامت طور استعمال ڪري ها، ۽ ائين نه چوي ها ته:

ڳاڙها ڳڀرو آئيا، دولهه منهنجي ديس جا!

پر چوي ها ته

ڳاڙها ڳڀرو آئيا، ڀٽا منهنجي ڀونءِ جا!

 

آريسر صاحب جي مضمون جا ڪي وڌيڪ نڪتا هي آهن:

اياز اڄڪلهه پنهنجي سموري فني ۽ تخليقي سگهه، هڪ شخص ذوالفقار علي ڀٽي، هڪ اقتداري ڌر ۽ هڪ پارٽي (پيپلز پارٽي) جي ثنا خواني واري راهه تي لڳائي ڇڏي آهي.

پنهنجي پوري فني ۽ تخليقي سگهه کي ڀٽي خاندان ڏانهن منسوب ڪندي پاڻ کي جمهوري آزادي جو نه رڳو علمبردار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر نوجوانن کي قومي حقن تان هٿ کڻڻ ۽ جهڙوڪر، پيپلز واڙي ۾ داخل ٿيڻ جي نصيحت ڪئي آهي.

شاعر واري حيثيت ۾ شيخ اياز کي شخصي پسند ۽ ناپسند جو حق توڙي ان جي اظهار جو به حق آهي، پر اهي نازڪ ۽ قومن جي زندگيءَ ۽ موت سان لاڳاپيل آئيني مسئلا اهڙا نه آهن، جيڪي ڪنهن شاعراڻي خواب ذريعي حل ٿي سگهن. اياز کي پڪ سان معلوم ٿيو هوندو ته 1973ع جو آئين، مجبوري ۽ مصيبت جي حالت ۾ نافذ ڪيو ويو هو، ۽ ان آئين نه رڳو سنڌين جا مادي وسيلا ڌارين جي جهولي ۾ اڇلائي ڇڏيا، پر ٻاهرين لوڌن جي ڦرلٽ لاءِ سنڌ کي چراگاه به بنائي ڇڏيو.

اڄ اسان ڏسون ٿا ته پاڪستان ۾ آمريڪي مداخلت ايترو وڌي وئي آهي، جو وفاقي ڪابينه جي گڏجاڻي ۾ آمريڪي سفير رابرٽ اوڪلي ويٺل نظر اچي ٿو.

اظهار جو به کيس پورو پورو اختيار آهي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته اهو اڄڪلهه جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي ان ۾ سچائي کان وڌيڪ ڪا طمع جي تنوار ڪنهن مڻيي کي مٺ ۾ ڪرڻ جي تمنا ۽ هُو هار تي هرکجي پيو آهي.

فاضل مضمون نگار پنهنجي مضمون جي ابتدا هنن لفظن سان ڪئي آهي:

زندگي جيڪا سچ ۽ سونهن جي مادي روپ جو اظهار آهي. عظيم فن ۽ فڪر سموري ڪائنات لاءِ پنهنجي اندر ۾ ڪو عظيم آدرش سڀاڻي جو سهڻو خواب ۽ روشن آئيندي جي روشن اميد رکندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهڙو ادب، فن ۽ فڪر، ڪنهن هڪ فرد، هڪ گروه ۽ هڪ پارٽي لاءِ نه هوندو آهي پر ان جو دامن خدا جي دل کان به وسيع هوندو آهي. اهو فن جڏهن پنهنجي وسعت ڇڏي، ڪنهن هڪ شخص، گروه ۽ پارٽيءَ واري راه اختيار ڪندو آهي، تڏهن اهو عظمت جي مناري تان ڪري، خوشامد، لالچ ۽ لوڀ جي گندگي ۽ غلاظت جو ڍير بنجي ويندو آهي، ۽ پوءِ اهڙي فنڪار کي ان غلاظت ۾ ليٿڙين پائڻ واري پنهنجي عمل کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ انتهائي ڪين جهڙيون ۽ خسيس حرڪتون ڪرڻيون پونديون آهن، ڪوڙ ٺاهڻا پوندا آهن، تاريخ جون هٿرادو تاويلون ڪرڻيون پونديون آهن ۽ هٿ ٺوڪيا فلسفا گهڙڻا پوندا آهن.

آخر ۾ آريسر صاحب هن مضمون لکڻ لاءِ جواز هنن لفظن ۾ پيش ڪري ٿو: آخر ۾ گذارش ته آءٌ اڄ به اياز کي هن دؤر جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر سمجهان ٿو ۽ سندس خلاف لکڻ مون جهڙي ماڻهو لاءِ ايترو ئي اذيتناڪ آهي، جيترو پنهنجي پيءُ جي ڪنڌ تي ڇري وهائڻ، پر مخدوم بلاول ۽ شاه عنايت شهيد جي قبرن کي اياز، شاه حسن ارغون ۽ نواب اعظم خان بنجي ٿڏا هنيا آهن. اهڙي وقت ۾ ماٺ رهڻ ئي جرم آهي، جهڙو مارئي جي لوئي رنڊيءَ جي ڪوٺي جو پردو بنائڻ.

هتي ٻه ٽي ڳالهيون بيان ڪري ڇڏڻ بهتر ٿيندو.

شيخ اياز سنڌ جو بلڪ سڄي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو زنده شاعر آهي، ڪهڙو عجب ته سنڌي جهڙي غير مشهور ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ جي باوجود ۽ محمود درويش ۽ ٻين ڄاتل توڙي اڻڄاتل عظيم شاعرن جي موجودگيءَ جي باوجود پاڪستان، هندوستان بلڪ سموري ايشيا ۾ هن جو ڪوبه جواب نه هجي!

شيخ اياز جديد سنڌي قوم جي اڏيندڙن مان آهي، سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري ۽ سنڌي جاڳرتا جو شيخ اياز کان سواءِ تصور به نٿو ڪري سگهجي. شيخ اياز پاڻ انسان آهي ۽ انسان خطا جو پتلو آهي. پر شيخ اياز جي شاعري فن توڙي مقصد جي خيال کان بدترين دور ۾ به بنيادي طرح سدائين بي عيب، بي خطا، باوقار ۽ بي مثال رهي آهي.

شيخ اياز رڳو شاعر ڪونهي بلڪ ڪنهن حد تائين وڏو شاعر ئي ان ڪري آهي جو هو هڪڙو تمام وڏو پڙهيل لکيل ماڻهو، عالم، دانشور ۽ مفڪر آهي. تاريخ، ادب، معاشيات، سياست، فلسفي، قانونن ۽ ٻين جديد سماجي علمن مان ڪي ٿورڙا هوندا جن بابت شيخ اياز بنيادي واقفيت نه رکندو هجي. ڪيترن علمن ۾ هو گهڻو گهڻو اڳتي آهي. عالم، مفڪر ۽ فلسفي هئڻ جي ڪري هو رڳو ڪتابي علم ۽ ٻڌل سڌل ڳالهين جو محتاج ڪونهي. هو انهن ماڻهن مان آهي جيڪي صاحب علم، صاحب راءِ ۽ صاحب فڪر هئڻ ڪري دنيا جي علمي مسئلن ۽ انساني وهنوارن بابت پنهنجي منفرد ۽ خودمختيار راءِ قائم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن جي راين سان زبردست اختلاف آهي. پر هن جا رايا پنهنجي جاءِ تي هڪڙو وڏو وزن ۽ وڏو استدلال رکندڙ هوندا آهن. سنڌ جي سياسي بازارين ۾ چالو هوائي توائي نعرن، جعلي علمي ڳالهين ۽ لٻاڙن ۽ اياز جي سوچيل سمجهيل راين ۽ توريل تڪيل ويچارن ۾ ڳجهه ۽ شهباز جي وچ ۾ وڏو فرق هوندو آهي.

شيخ اياز سياست بابت غير معمولي ۽ گهري معلومات رکڻ جي باوجود بنيادي طرح سياستدان ڪونهي. هو بنيادي طرح اعليٰ احساس، جذبن ۽ ذهني تخليقن جي ميدانن جو مانجهي مرد آهي. روز مره جي عملي جسماني ويڙهه سان سندس واسطو فقط شعور، فڪر ۽ فن جي حد تائين آهي. خيالن، خوابن ۽ ويچارن جي ٻين تخليق ڪارن وانگر اياز به روزمره جي سياسي جدوجهد مان پيدا ٿيل جسماني ۽ ذهني صلاحيتن کان محروم آهي. هن دنيا ۾ تهذيب جي واڌاري جي هڪڙي نشاني ڪم جي ونڊ ورڇ آهي. جسکا کام اسکي سانجهي پنهنجي ڏر تي گدڙ به شينهن  ڪو ڪهڙي ڪم ۾ ڀڙ ڪو ڪهڙي ڪم ۾ سڀ ماڻهو سڀني ڪمن ۾ ڀڙ هجن ها ته هتي انسانن بدران فرشتا رهندا هجن ها.

اياز ڪجهه وقت لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو. وڏي شاعري ۽ انتظامي صلاحيتون ظاهري طرح به هڪٻئي جي ابتڙ آهن. اياز جو وائيس چانسلري قبول ڪرڻ جوفيصلو سندس بهترين فيصلن مان نه هو. اياز نه مثالي ۽ آدرشي وائيس چانسلر ثابت ٿيو نه ٿي سگهيو ٿي. ان دور ۾ سندس فطرت جي ڪيترن ڪمزور پاسن کي به پنهنجي اظهار ڪرڻ جو وڌيڪ موقعو مليو.

پر اياز جي وائيس چانسلري جي ناڪاميءَ جا سبب سندس انتظامي صلاحيتن جي اڻاٺ، ناتجربيڪاري ۽ ذاتي ڪچاين ۽ ڪمزورين تائين محدود نه هئا.

ان دور ۾ هڪڙي عالمي سطح جي سامراجي منصوبي تحت انڌي منڊي جمهوريت جو خاتمو آڻڻ، ڀٽي کي صدر ناصر، سوئيڪارنو، نيڪروما وانگر ختم ڪرڻ ۽ ان جي جاءِ تي سورنهن آنا سامراج پرست فوجي راڄ قائم ڪرائڻ لاءِ سٽيل منصوبي تي عمل جاري هو. ان منصوبي جا پيل پايا اهڙا ماڻهو هئا جيڪي سازش ۽ فتني، رهزني ۽ ٻين سازشي هنرن ۾ پنهنجي وقت جا مير جعفر، مير صادق، ميڪياولي ۽ راسپوٽن هئا ۽ مڪر، منافقيءَ ۽ اداڪاريءَ ۾ اهڙا ماهر هئا جو اٻوجهه ماڻهن مٿن ڪلما پئي پڙهيا ۽ هنن پاڻ تان نر پکي پئي هڪلارايو. ان منصوبي جي راه ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ هئا سنڌي ماڻهو ۽ سندس سمجهه، سڄاڻ ۽ سورهيه حقيقي محب وطن ماڻهو ۽ سندن علمي، ثقافتي ۽ سياسي قيادت، سنڌي مزاحمت جا وڏي ۾ وڏا مرڪز هئا، اعليٰ تعليمي ادارا ۽ ان جي مهڙ واري قوت هئا، انهن ادارن ۾ علم حاصل ڪندڙ سرويچ ۽ سنڌ سان سچي محبت رکندڙ سنڌي شاگرد. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گهڻ طرفي سازش هڪ اهم نقطو هو سنڌي تعليم، سنڌي تعليمي ادارن ۽ محب وطن سنڌي شاگردن کي ختم ڪرڻ.

ان مقصد لاءِ هڪ خاص وطن فروش فاشسٽ تنظيم قائم ڪري ان جي بدصورتيءَ ۽ بدبوءِ کي هڪڙي سدا ملوڪ نالي جي سونهن ۽ خوشبوءِ ۾ لڪائي ان کي ڪم سان لڳايو ويو.

اياز سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي اميدون، ارادا ۽ پروگرام کڻي آيو هو اهي هي هئا ته سنڌ يونيورسٽي کي حقيقي يونيورسٽي بڻائجي.

غلام مصطفيٰ شاه جيڪا اڏاوت ڪري ويو هو ان ۾ واڌارا ڪجن. سنڌ يونيورسٽي جيڪڏهن قرطبه، آڪسفورڊ، برڪلي ۽ ساريون نه ٿي سگهي ته به گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ته ٿئي جيڪا پاڪستان ۽ هندستان ۾ ته ڪا يونيورسٽي ليکجڻ ۾ اچي ۽ بمبئي يونيورسٽي جون سڪون ته لاهي! هن اتي سنڌ جو بهترين جوهر پيدا ٿيندو ۽ وڌندو ويجهندو ڏسڻ چاهيو ٿي. سنڌ جي علم ۽ سائنس کي بين الاقوامي معيار تي پهچندو ڏسڻ چاهيو ٿي.هن شاگردن کي هر قسم جي سهوليت ڏيڻ چاهي ٿي ته جيئن هو پڙهڻ جو حق ادا ڪن. ذهن ۽ فڪر جا مائونٽ ايورسٽ فتح ڪن. بين الاقوامي علم ۽ سائنس جي دنيا ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪن. چٽاڀيٽي ۽ مقابلي جي دنيا ۾ ٻين صوبن بلڪ ملڪن کان گوءِ کڻن. اهي باشعور ۽ باعمل سورما پيدا ٿين جن جا لطيف، اياز ۽ ٻين نغما ڳايا آهن.

 واٽرلوءِ جي ميدان جنگ ۾ نيپولين کي شڪست ڏيندڙ انگريز سپه سالار ڊيوڪ آف ويلنگٽن چيو هو ته واٽرلو واري جنگ انگلينڊ جي تعليمي ادارن جي راند جي ميدانن تي کٽي ويئي هئي.مطلب ته انگلينڊ جا تعليمي ادارا اهي يگانا ذهن ۽ دماغ پيدا نه ڪن ها جيڪي اڳتي هلي ڊيوڪ آف ويلنگٽن، نيوٽن، برڪس ۽ چرچل بنيا ته پوءِ جيڪر انگلينڊ جي محدود ۽ مختصر فوج لاءِ اهو هرگز ممڪن نه هجي ها ته نيپولين جهڙي عالمي، تاريخي، سوڀاري ڪمانڊر کي شڪست ڏيئي سگهن ها. ائين نه آهي ته علم ۽ عرفان، تهذيب ۽ سائنس کان سواءِ دنيا ۾ سوڀون حاصل نه ٿيون ڪري سگهجن. ڪري سگهجن ٿيون پر اهي سوڀون ظلم جون، سکڻي ظلم جون، تباهي ۽ بربادي جون ٿينديون، جيئن منگولن جون سوڀون جن صدين جي انساني تهذيب جي خزاني کي ڄڻ اک ڇنڀ ۾ ختم ڪري مهذب دنيا کي رڻ پٽ بنائي ڇڏيو. يونان، روم ۽ بغداد اڄ ڄڻ ختم آهن. پر انهن جون علمي، ثقافتي، سائنسي تهذيبي فتحون ڪير ٿو ميساري سگهي؟

سڪندر اعظم جون فتحون فقط تلوار، تير ۽ ڀالي جون فتحون نه هيون. پر يونان جي علم، عرفان ۽ سائنس جون، پئٿاگورس، هيراڪليٽس، افلاطون ۽ ارسطو جي ڏنل تعليم ۽ سندن ڪيل علمي ۽ سائنسي کوجنائن جون فتحون به هيون. سکڻي سونٽي، ڪهاڙي ۽ تلوار جون فتحون ڄڻ جرَ تي ڦوٽو آهي. وقت جي بهترين علم، سائنس ۽ ثقافت جي ساٿ کان سواءِ سونٽي جي سوڀ ۽ ڪهاڙي جو راڄ انسانذات جي توهين آهي.

سي آئي اي ۽ آئي ايس آئي ۽ انهن جي ڇاڙتن کي اها خبر هئي ته ڪنهن قوم جي تعليمي نظام، تعليمي ادارن ۽ شاگردن کي تباهه ڪرڻ کان سواءِ ان کي هميشه لاءِ ختم نٿو ڪري سگهجي. ڪنهن قوم کي صحيح علم ۽ سائنس سان هٿياربند ڪرڻ لاءِ ان جي تعليمي ادارن ۽ تعليم نظام کي سڌارڻ ۽ سينگارڻ کان وڏي قوم دوستي ۽ وطن دوستي ٻي نه ٿي ٿي سگهي ۽ ڪنهن قوم جي تعليم ۽ تعليمي نظام کي تباهه ڪرڻ کان وڏي وطن فروشي، غداري ۽ دشمن جي دلالي ٻي ڪا نه ٿي ٿي سگهي. هنن تنهن ڪري سازش ڪري سنڌي تعليمي ادارن ۽ تعليمي نظام کي سنڌين ۽ سنڌ دوستيءَ جي آڙ ۾ تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان جو انت اتي پهتل آهي جو اڄ سنڌي شاگردن کي ڪاپي ڪرڻ به نه ٿي اچي ۽ پئسن تي هيلپر رکڻ ۽ پنهنجي بدران انهن هٿان ڪاپي ڪرائي پاس ٿيڻ جو رواج عام ٿي چڪو آهي. ڪتابن بدران ڪلاشنڪوف هٿن ۾ آهي. ڊگريون ڪوڙا ڪاغذ بڻجي چڪيون آهن. ايم. اي پاس کي پنج جملا انگريزيءَ جا نٿا اچن. تعليمي ادارا سالن جا سال بهانا ڪري بند ڪيا ويندا رهيا. پنجن سالن جا ڪورس ڏهن ۾ پورا ڪونه ٿي ٿيا. استادن کي ڪتن سان گڏ کارايو ويندو رهيو. سندن نه عزت سلامت هئي ۽ نه جان ۽ نه آبرو. هو پاڻ کي ائين محسوس ڪندا رهيا ڄڻ بچه سقه جي ڪابل ۾ گهيريل هجن يا نادر شاه جي قبضي هيٺ آيل دهلي جي بي امان بازارين ۾ لڪندا وتن. تان جو تعليمي ادارن کي لوڙها ڏياريا ويا. ٻه ٽي ڏينهن ٺاپر هئي هاڻ وري اڳيون رونقون بحال ڪرڻ جا پروگرام شروع ٿي ويا آهن. سي آئي اي ۽ آئي ايس آئي جي ڪجهه اجهاڻيل بازار وري به گرم ٿي رهي آهي. مئل ماريل ادارن ۾ اڃان ساهه پوڻ ئي مس شروع ٿيو ته وري غنڊه گردي ۽ دهشتگردي جي ڀيانڪ رات مٿان لامارا ڏيڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ضيا مئو آهي پر ضيا شاهي نه مئي آهي، ضيا شاهي جون قاتل ريتون رسمون جاري آهن.

سنڌي قوم جا گهڻگهرا، سنڌي شاگرد، استاد، تعليمي ماهر، اديب، شاعر، اهل قلم، اهل دل، اهل علم، سمورا سنڌي تماشي ڏسڻ ۾ مشغول آهن. سنڌي صحافت ڪهاڙي ۽ ڪلاشنڪوف اڳيان سجده ريز ٿي پيئي آهي ۽ سنڌي تعليمي ادارن کي وري بغداد بنائڻ لاءِ تاتارين جي ڪاه جي آجيان ڪرڻ لاءِ منتظر پئي ڏسجي.

سي آئي اي ۽ آئي ايس آئي ۽ انهن جي ڇاڙتن تعليمي ادارن تي غنده گردي ۽ دهشت گرديءَ جو راڄ مڙهي سنڌي تعليم کي ختم ڪرڻ جي سازش ۾ اياز کي به ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پهريائين کيس آجياڻا ڏنا ويا پر جڏهن ڏٺو ويو ته هو سي. آئي. اي ۽ فوجي انٽيليجنس جي ڇاڙتن جي خوشامد جي وڪڙ ۾ نه ٿو اچي، تڏهن ڪات ۽ ڪهاڙا کنيا ويا، سنڌ جي هن لافاني ۽ عظيم شاعر جنهن جا شعر ڏاهر، دودي ۽ دريا خان جون تلوارون بڻجي، ايوب، يحيٰ ۽ ضيا ۽ ان جي ڇاڙتن سان گهٽين ۽ گلين، ڳوٺن ۽ شهرن، ٿاڻن ۽ بند وارڊن، کولين ۽ ڦاسي گهاٽن ۾ وڙهيا، جنهن جو ڪلام هڪڙي سرڪش ۽ دلير قوم جي بغاوت جو سوڀارو جهنڊو بڻجي ڦڙڪندو رهيو، جنهن جي قربائتن محبتي لفظن زخمي قوم جي روح تي مرحم رکيا ۽ کين ڏڍ ۽ دلاسا ڏنا، جنهن جبر،. ڏاڍ ۽ تعصب جي اونداهي رات ۾ سمجهه، شعور ۽ اميد جون شمعون روشن ڪيون، جنهن لکين انسانن جي دلين ۾ هڪ نئين ايمان ۽ اعتقاد جون جوتيون جاڳايون، جنهن سنڌين کي پنهنجي وجود جو احساس ۽ پنهنجي شخصيت جي سڃاڻ ڏني، جنهن کين پنهنجي تاريخ تي فخر ۽ پنهنجي مستقبل تي ويساهه جون سوغاتون عطا ڪيون، جنهن پنهنجي ماڻهن کي سوچڻ ۽ سمجهڻ، ڀوڳڻ ۽ وڙهڻ، جيئڻ ۽ مرڻ جا نوان ڍنگ ۽ نيون ريتون سيکاريون، جنهن سنڌي قوم کي دنيا جي جديد ويڙهو ۽ باوقار قومن جي جاگرافيءَ جي نقشي تي عزت ۽ وقار وارو مقام ڏيارڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جنهن سنڌين کي واقعي سنڌي ۽ سنڌ کي سچ پچ سنڌ بنائڻ ۾ تاريخي فرض ادا ڪيو تنهن تي ائين هلائون ڪرايون ويون جيئن سوئر تي بڇون ڪرائبيون آهن. گارين ۾ سندس نه ماءُ ڇڏي وئي نه ڀيڻ، شودن، غنڊن، ۽ لوفرن هٿان کيس وک وک تي بيعزتين ۽ ذلتن جا ڏنگ هنيا ويا. جيئن اسپين جي جڳ مشهور فيلسوف ابن الرشد کي وقت جي ظالمن، دنيا جو يگانو فلسفي ۽ دانشور هئڻ جي ڏوهه ۾ سياري جي موسم ۾ مسجد جي ٻاهران پهرن جا پهر بيهاري نمازي سڳورن کان ٿڪون هڻائي اهڙي حالت ۾ ڪيو ويو جو هو وري نه چڙهيو تيئن اياز کي به سي.آءِ. اي ۽ فوجي انٽيليجنس جي ڇاڙتن ۽ غنڊن هٿان بي عزتي، ذلت ۽ ڪردار ڪشيءَ جي عذابن وسيلي جيئري موت جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن يا ته هو سنڌ دشمن منصوبن ۾ ٻين وانگر سندن ڇاڙتو بڻجي ۽ سندن اشارن تي هلي ۽ سنڌيت جي آڙ ۾ چنيسرن، مير علي مرادن ۽ ٻين جو پارٽ ادا ڪري. يا رڙيون ۽ دانهون ڪري ڀڄي وڃي. جيتوڻيڪ اياز نه هنن جي اڳيان جهڪيو نه ڪي سندن سنڌ دشمن خوني قومي ناٽڪ جو اداڪار بڻيو. نه ڪو ڀڳو نه ڪو ڊٿو نه ڪو چريو ٿيو پر ته به ان ڀيانڪ ۽ وحشي عذاب جي دور سندس نفسياتي ذهني توڙي جسماني زندگي کي جيڪي چوٽون پهچايون تن مان هو اڃا تائين چڙهي نه سگهيو آهي.

دستوري شاگرد جدوجهد جي آڙ ۾ بدتميزي غنڊه گردي ۽ دهشت گردي جو جيڪو منظم بلڪ مسلح طوفان کڙو ڪيو ويو اياز ان طوفان جي سٽ جهلي نه سگهيو. ڀٽي صاحب جي تختي اونڌي ٿيڻ کان پوءِ به هن استعيفا نه ڏني. سندس خيال غالباً اهو هو ته اڳي ئي جنرلن جي اکين جو ڪنڊو آهيان. فوراً استعيفا ڏيندس ته متان ڪو وڏو خنام نه ٻاري وجهن. ان ڪري سندس وائيس چانسلري ڪجهه وقت مارشلا جي اوائلي دور ۾ به تڳندي رهي. ان ڳالهه تي دوستن کي ڏک ۽ دشمنن کي سرهائي ٿيڻي هئي ۽ ٿي. اهڙي ريت وائيس چانسلري اياز کي راس نه آئي. اها سندس بهترين ڪارنامن منجهان نه هئي.

اياز خلاف باهوڙ دراصل وائيس چانسلري کان گهڻو اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪي هئي. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن Give a dog a bad name and hang (پهرين بدنام ڪريو پوءِ ختم ڪريو).

سنڌين کي تباهه ڪري نيچو نوائڻ جي منصوبي ۾ جيڪو به سنڌي ماڻهو رڪاوٽون وجهي سگهيو ٿي پوءِ چاهي اهو ڀٽو هجي يا پليجو، اياز هجي يا ڪو ٻيو ان جي پويان سنڌ جي نالي ۾ باهوڙ سالن کان شروع ٿي چڪي هئي.

ڏک ڇا آهي؟ سک ڇا آهي؟ ڪهڙو ڏک يا سک وڏو ۽ ڪهڙو ننڍو؟ ڏک ۽ سک ڪي الڳ شيون آهن يا ساڳيءَ ڳالهه جا ٻه پاسا آهن ۽ هڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿا ۽ هڪڙي کان سواءِ ٻيو ڪونهي؟ مورڳو ائين ته ناهي ڪنهن خيال کان سک کان ڏک وڌيڪ قيمتي آهي ۽ مورڳو سورن بدران ڳولا  ڪجي ئي ڏکن جي؟ يا وري مورڳو ڏک سک ٻئي رڳو وهم ۽ خيال ته ناهن! ائين ته ناهي ته ڏک ۽ سک ڪجهه ناهن، سڀ ڪجهه مايا آهي، احساسن جو مهاڄار آهي! اهي ازلي ۽ ابدي سوال تڏهن کان وٺي انساني ذهن کي جهنجوڙيندا رهن ٿا جڏهن کان انسان لکين سال اڳ پنهنجي غارن مان ڪائنات ۾ ليئا پائڻ شروع ڪيا هئا.

ڏک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ري. (شاه)

سؤ سکن ڏيئي ورهه وهايم هڪڙو.(شاه)

سؤ سکن ڏيئي ساٽو ڪجي سور جو.(شاه)

مڌ پيتو مسرور ٿياسي،

ڏک سک سڀ کان ڏور ٿياسي.(شاه)

يا جيئن شيليءَ چيو آهي:

We look before and after.

And pine for what not.

Our sincerest laughter with same pain is fraught.

Our sweetest songs are those which tell about saddest thought.

اسين پويان (ماضي ۾) ۽ اڳيان (مستقبل ۾) ڏسون ٿا ۽ جيڪي ناهي تنهن کي ڳولهيون ٿا. اسان جي بي اختيار ۽ قدرتي کل ۾ به ڪونه ڪو درد سمايل آهي. اسان جا سڀ کان مٺڙا ۽ پيارا گيت ۽ نغما اهي هوندا آهن جيڪي سڀ کان غمگين سوچن جو داستان ٻڌائيندا آهن.

مڙس ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڦاسيءَ جو انتظار پيو ڪري. زال بکي اگهاڙي جڳ جي طعنن ۽ مهڻن جي وچ ۾ زندگيءَ جو زهر ڦڙو ڦڙو ڪري پئي پيئي. ولر ابهم ٻچن جو، قرض، مرض، وڇوڙا، ڪيسن جا خرچ، اپيلون، وڪيل وڙا، پوليسون، قيد ۾ ملاقاتون، بي عزتيون، ذلتون ٻنهي مان ڏک ڪنهن جو وڏو زال جو يا مڙس جو؟

هڪڙي ڀاءُ کي اوچتو ئي اوچتو گردن ٽوڙ بخار ٿي پيو. اڃا ٻه ڏينهن ئي ڪونه گذريا ته مڙس ڦٿڪي ڦٿڪي پورو ٿي ويو. پٺيان سندس سڄو عيال ٻئي غريب ڀاءُ جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. وڌيڪ همدردي ڪنهن سان ڪجي؟ مئل ڀاءُ سان يا جيئري سان؟ پاڻيءَ جي واري تان جهيڙو ٿي پيو. هن هُن کي ڪهاڙي هنئي. هُن هِن کي. هڪڙو ٿڏي تي مري ويو. ٻيو ڦاسي گهاٽ پهچي ويو. ٻنهي مان ڏک  ڪنهن جو وڌيڪ؟

ٻن ڇوڪرين ساڳئي محبوب سان محبت ڪئي. هن هڪڙيءَ کي ڇڏي ٻيءَ سان شادي ڪئي. چئن ڏينهن جو چشڪو پورو ٿي ويو. هاڻي مڙس جو اهو چاهه ڪونهي ۽ پاڻ به سندس بدليل رخ ڏسي، روئي رڙي، هاڻي منجهانئس نااميد ۽ کٽي ٿي پئي آهي. هاڻي سس سهري ۽ نڻانن جا طعنا مهڻا سهيو، مارون کايو، مڙئي حياتيءَ جو گهنگهر پئي گهاري. ٻيءَ جي شادي ٻئي ماڻهوءَ سان ٿي پر دل ۾ اهوئي اڳيون محبوب ان ئي رنگ ۾ پيو وسيس ۽ نت نئين ورونهن ۾ ورتي پئي آهي.

نئين سج نئون، ورهه ويڙهيچن جو!(شاه)

ٻنهي مان ڏک ڪنهن جو ڳرو؟

ساڳي ڳالهه ۾ ڏک به ڇوٽڪارو به. ڪير چوي ته ڏک وڌيڪ يا ڇوٽڪارو وڌيڪ؟ ماءُ جو پٽ سوريءَ تي ٽنگيو اذيت پيو ڪاٽي. اطلاع مليس ته مري ويو. ماءُ سندس سور کان ڇٽڻ تي ڇوٽڪارو محسوس ڪري يا مرڻ تي ماتم؟

هن جهان ۾ اڃا ڪي ساهميون، توراڙا ۽ ماپا ٺهيا ئي ڪونهن جو جن سان انسان جي ڏکن ۽ سورن جو وزن ۽ قد بت ڪَڇي سگهجي. ساڳي تڪليف، ساڳيو سور، هڪڙن لاءِ معمولي ڳالهه ٻين لاءِ ناقابل برداشت.

ڏکن سکن جو دارومدار حقيقتن سان گڏوگڏ ڏک سک محسوس ڪندڙ ماڻهوءَ تي، سندس ماضي ۽ حال تي، سندس جذباتي روين ۽ لاڙن ۽ احساس ۽ سمجهه جي جهل پل کان آزاد اڪيچار ڳالهين تي آهي. انهن ۾ هر وقت هر لحظي بجليءَ جي تيزيءَ سان تبديلي ايندي رهي ٿي، جنهن ڪري ساڳي جاءِ تي ويٺل ماڻهو انهي ساڳي پل ۾ گهڙي ماسو گهڙي تولو.

ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن.(شاه)

ساڳي ڳالهه، ساڳيو ماڻهو، ڪڏهن روح جي راحت ڪڏهن عين عذاب.

سائي راحت روح جي، سوئي عين عذاب. (شاه)

ڏک سک جا حساب ڪتاب ڪري سگهڻ وارو قاضي اڃان ماءُ جي پيٽان ڄائو ئي ڪونهي. هيءَ اُها منزل آهي جتي فرشتن جا پر به جلن ٿا.

انت بحر دي ڪل نه ڪائي رنگي رنگ بڻايا.(سچل)

ڏک سک جي ماپ تور ڪرڻ جي ڪوشش آهي ڄڻ کوه ۾ پيل منڊي ماڪوڙيءَ جو اُڀ ڪڇڻ!

ڪنز قدوري قافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ،

ته منڊي ماڪوڙي کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ. (قاضي قادن)

 باقي ماڻهو پنهنجي من جي مرضيءَ مطابق ماپا تورا ٺاهي انداز پيو ٺاهيندو ۽ ڌڪا پيو هڻندو تنهن کي ڪير روڪيندو؟ ۽ تنهن ۾ اربعا خطا به ڪهڙي ٿيندي؟ هرڪو پنهنجي دل جو بادشاھ آهي.

ماڻهوءَ جي پسند يا ترجيح جو به ڪو مقرر ٿيل معيار ڪونهي. جيڪا راءِ کي وڻي سان راڻي. زنده يا گذري ويل ماڻهن بابت به هر ڪنهن جي راءِ پنهنجي. هرڪو پاڻ سان پنهنجيون ساهميون ۽ گز کنيو پيو هلي، جنهن کي جيڪي پسند اچي. جيئڻ توڙي مرڻ جي به ڪا هڪڙي ادا ته ڪانهي!

خوبي همين کرشمه و نازُ خرام نيست،

بسيار شيو ها است به آران که نام نيست.

(محبوب جون ادائون بي حساب آهن، رڳو هلڻ جي لوڏ ۽ ناز ادا ته ڪونهي. ڪيئي اهڙيون ادائون آهن جن تي اڃا ڪو نالو ئي ڪونه رکيو ويو آهي.)

جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪنهن ماڻهو، ماجرا يا لقاءَ بابت ڪا اهڙي راءِ آهي، جيڪا ڪوبه ماڻهن جهڙو ماڻهو رکي سگهي ٿو ته پوءِ اها راءِ چاهي اسان جي راءِ جي برخلاف ئي ڇونه هجي ۽ اسان کي ڪيڏي غلط ڇونه لڳي پر پوءِ به ان کي اها راءِ رکڻ جو اهڙو ئي حق آهي جهڙو اسان کي اسان جي دلپسند راءِ رکڻ جو حق آهي. اهو ئي راين جو اختلاف ۽ پاڻ ۾ ٽڪراءَ ئي ته تهذيبن جي واڌاري جو اصل راز ۽ ثبوت آهي! هندوستان ۽ يونان جي فطرت جي سائنسدانن (Natural scientists) مان ڪن چيو آهي تهڌرتي پاڻي جي ٺهيل آهي. ڪن چيو ته نه! هوا جي! ٽين وچان چيو ته نه پاڻيءَ جي، نه هوا جي! وچان باهه جي ٺهيل آهي! وغيره وغيره. هڪڙن چيو ته ڌرتي مستطيل آهي. ٻين چيو تهنه گول آهي. هڪڙي چيو ڌرتي بيٺل آهي. سج ۽ تارا چرن پرن پيا. ٻين چيو ته نه ڌرتي ڦري ٿي، سج چنڊ ۽ تارا بيٺل آهن. ٽين چيو ته اهي سڀ پنهنجي پنهنجي محور تي ڦرن ٿا. ڪو زمانو هو ته اهڙين ڳالهين کي ڪفر جو ڪلمو سمجهيو ويندو هو. اهڙي ڪفر جي ڪلمي ڪڍندڙن کي دين ۽ نيات مان ڪڍيل ذليل ۽ رسوا ڪيو ويندو هو. کين توبهه تائب ٿيڻ جا حڪم ڏيئي، کانئن معافيون وٺرايون وينديون هيون. تان جو نيٺ اها منزل آئي جو هڪڙي ڏينهن فرانس بلڪ سڄي يورپ جي آزادي پسند مفڪر والٽيئر چيو مون کي تنهنجي راءِ جي لفظ لفظ سان اختلاف آهي پر توکي ان غلط راءِ رکڻ جو هرڪو حق آهي. تنهنجي ان انساني حق جي بچاءَ خاطر آءٌ پنهنجي ساڄي ٻانهن وڍائڻ لاءِ تيار آهيان!

جيئن ڪنهن هڪڙي عالم فيلسوف يا اداڪار بدران ٻئي کي پسند ڪرڻ يا هڪڙي سهڻي بدران ٻئي کي چاهڻ يا ڪنهن هڪڙي شاعر جي شعر بدران ٻئي جي شعر کي پسند ڪرڻ ۾ ڪو عيب يا بدعت يا ڪو ڏوهه جهڙو ڪو ڪم ناهي. تيئن ڪنهن هڪڙي قومي سورمي يا شهيد جو ڏک ٻئي جي ڏک سان ڀيٽ ڪرڻ يا هڪڙي جي اذيت کي ٻئي جي اذيت کان گهٽ يا وڌ سمجهڻ ۽ پنهنجي اهڙي راءِ جو اظهار ڪرڻ ۾ به ڪهڙو ڏوهه ٿي پيو! اها راءِ هڪڙي جي نظر ۾ بلڪل صحيح به ٿي سگهي ٿي ۽ ٻئي جي نظر ۾ سراسر غلط به ٿي سگهي ٿي. پر غلط راءِ رکڻ ۾ ڪو ڏوه ته ڪونهي! ماڻهو پنهنجي دل ۾ الائي ڪهڙيون ڳالهيون پيو سوچيندو آهي ۽ اندر ئي اندر ۾ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڀيٽون پيو ڪندو آهي.

دل درياه سمندرون دونگي کوڻ دلان ديان جاڻي هو. (سلطان باهو)

ائين ٿو لڳي ڄڻ اسين موٽي آزادي انساني راءِ، فڪر، سوچ ۽ ضمير کي ڪاٺ ۾ وجهندڙ انهن ڀيانڪ اونداهين صدين ڏانهن موٽي رهيا آهيون جن ۾ سوچن تي پهرا هئا. در در تي خواري ۽ ذلت جا ٽياس ٽنگيا پيا ها. ملان پوپ ۽ پنڊت راڪاس بنيا، آدم بوءِ، آدم بوءِ ڪندا خدا جي مخلوق کي ڪاتن سان ڪهندا، ٽانڊن ۾ ساڙيندا ۽ سورين تي ٽنگيندا رهندا هئا. فرق شايد رڳو اهو آهي ته اڳي وحشانيت کي دين ۽ ڌرم جا چوغا پيل هئا ۽ هاڻي ساڳي وحشانيت قوم جي حبداريءَ جي چولي ۾ لڪي صدين بعد انساني سوچ ۽ فڪر جي آزادي جي سيني تي خنجر جا وار پئي ڪري. اڳي رام، ڪرشن، عيسيٰ، موسيٰ ۽ ترخان ۽ آمريڪي سامراجين جي خوشنودي لاءِ مخدوم بلاول، شاه عنايت، صبغت الله شاه، ڀڳت سنگهه، آليندي ۽ ٻين قومي سورمن ۽ شهيدن جي ناموس کي ٻين عظيم قومي شخصيتن جي سياسي بليڪ ميلنگ ۾ ڪردار ڪشيءَ لاءِ ڊيوٽي سان لڳايو ويو آهي!

اچو ته ڏسون ته اياز قوم جي ڪهڙي ٻلي ماري ڪهڙو مهاپاپ ڪيو آهي، جو فاضل مضمون نگار کيس شاه حسن ارغون ۽ نواب اعظم خان بڻائي اسان جن پيارن شهيدن مخدوم بلاول ۽ شاه عنايت شهيد جي قبرن کي ٿڏا هڻندي پيش ڪيو آهي ۽ ان جي جرم کي ڏسي ماٺ رهڻ کي اهڙو گناه قرار ڏنو آهي جهڙو مارئي جي لوئي کي رنڊيءَ جي ڪوٺي جو پردو بنائڻ! اياز ڏانهن منسوب ڪيل بيان جو مکيه نقطو اهو آهي ته فوري مرڻ کان تڙپي تڙپي مرڻ وڌيڪ اذيتناڪ آهي. شاه بلاول بابت سندس چوڻ آهي ته شاه بلاول اڌ ڪلاڪ پيڙهايو ويو هو ۽ شاه عنايت جو ڪنڌ تلوار تي رکي گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ شهيد ڪرايو ويو هو. ڀٽي بابت ڏانهنس منسوب ڪيل قول آهي ته ڀٽو بيوس هو. بنديوان ۽ بيمار هو. هو ٻن سالن کان وٺي ضياءَ جي آمريت جو مقابلو ڪندو رهيو ۽ ان لاءِ نفرت جو اظهار ڪندو رهيو ۽ آڻ نه مڃيائين ۽ نيٺ شهيد ٿيو........ سڄو سال مچيل مهاڙن جو عذاب ڀوڳيو هئائين.

اها اياز جي پنهنجي راءِ آهي ۽ ڳالهه ڪرڻ جو سندس پنهنجو ڍنگ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻيا ان سان اختلاف ڪن ۽ خود هنن سٽن جو لکندڙ به ممڪن آهي ته ان ڳالهه کي ڪنهن ٻئي نموني پيش ڪري ها. اياز يا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ڳالهه قرآني آيت ڪانهي جو ان سان اختلاف نه ڪري سگهجي. اياز کي پنهنجي ڳالهه ۽ ٻين کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي. شاه بلاول لاءِ اياز جو چوڻ آهي ته اهو اڌ ڪلاڪ گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو. ان وقت واچون ۽ گهڙيال ڪونه هئا. کيس ڪيترو وقت گهاڻي پيڙهيو ويو ان جو ڪو به پڪو پختو رڪارڊ ڪونهي. ممڪن آهي ته ڪو چوي ته سندس گهاڻي ۾ پيرهجڻ جو وقت اڌ ڪلاڪ کان گهڻو وڌيڪ هو ۽ ممڪن آ ته ٻيو ڪو ڊاڪٽر قسم جو ماڻهو چوي ته گهاڻي ۾ پوڻ کان پوءِ ماڻهو پنج منٽ به زندهه رهي نه ٿو سگهي، تنهن ڪري گهاڻي م اڌ ڪلاڪ هجڻ يا واڌو وقت هجڻ سندس اذيت ۾ ڪا به گهٽ وڌائي نٿي ٿي. پر اياز ڪٿي به ڪونه چيو آهي ته مخدوم بلاول  ۽ شاه عنايت اسان جا سورما شهيد نه هئا! انهن جي شان ۾ غلط بياني يا ڪو گٿو لفظ نه چيو اٿس؟ انهن کي شهيدن بدران ڪجهه ٻيو نه چيو اٿس. هن ته فقط پنهنجي ان راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته ڀٽي کي چيچلائي چيچلائي ماريو ويو. تنهن ڪري ان کي ٻين کان گهڻي اذيت پهتي هوندي بس. تنهن کان سواءِ هن ته صرف اذيت جي گهٽ وڌائي جي ڳالهه ڪئي آهي، هنن مان ڪنهن جي به قومي عظمت جي گهٽ وڌائيءَ جي ته ڳالهه ئي ڪانه ڪئي ويئي آهي. فرض ڪريو ته ٻن ماڻهن کي ساڳئي وقت ماريو وڃي. هڪ کي سخت اذيتون ڏيئي ۽ ٻئي کي تمام آرام سان، بنان ايذاءٌ جي ڪنهن اک ڇنڀ ۾ ساه ڪڍندڙ مٺي زهر وسيلي جنهن جو هن کي سماءُ به نه پوي. ته ان مان اهو ثابت ٿي پيو ڇا ته جنهن کي گهڻا ايذاءَ مليا اهو وڏو ماڻهو ۽ جنهن کي گهٽ ايذاءَ مليا اهو گهٽ درجي جو ماڻهو؟! ماڻهوءَ جي عظمت  جو معيار رڳو اهو ته ناهي ته ان کي ڪيتري اذيت سان ماريو ويو. لڙائيءَ ۾ اڪثر سپاهين کي بيدرديءَ سان ماريو ويندو آهي، سپه سالارن کي عزت سان رهايو ويندو آهي. ان جي معنيٰ اها ٿي پيئي ڇا ته جنهن کي ايذاءَ گهٽ مليو اهو گهٽ ماڻهو ۽ جنهن کي وڌيڪ ايذاءُ مليو اهو وڏو ماڻهو؟ ڇا ان حساب سان سپاهيءَ جو رتبو سپه سالار کان مٿي چڙهي ويو ڇو ته کيس ايذاءُ وڌيڪ مليو؟ جيڪڏهن فرض ڪجي ته ڀٽي کي اياز جي اندازي کان گهٽ اذيت ملي ۽ ٻين شهيدن کي وڌيڪ ملي ته پوءِ به سندس غلط اندازو اهڙو ڪهڙو ايڏو وڏو گناه ٿي پيو جنهن اياز کي هڪدم اک ڇنڀ ۾ سنڌ جي عظيم ۽ شاندار قومي شاعر مان ڦيرائي شاه حسن ارغون ۽ نواب اعظم خان مغل بڻائي وڌو، هو مخدوم بلاول ۽ شاه عنايت جي قبر کي ٿڏا هڻائيندڙ وحشي درندو ٿي پيو ۽ مارئيءَ جي لوئي رنڊيءَ جي ڪوٺي جو پردو بڻجڻ جي خطري ۾ پئجي ويئي! رب منهنجا خير!

هن سڄي لمبي چوڙي مضمون وسيلي اياز کي نام نهاد قومپرست شريعت موجب ڪافر، ملحد ۽ واجب القتل ٺهرائڻ جو سمورو بنياد ان هڪڙي اکر تي آهي، ته اياز جو خيال آهي ته جنهن جيترو وقت وڌيڪ لوڙيو ان جو ايذاءُ اوترو وڌيڪ. ان نهايت معمولي ۽ نهايت فطري راءِ کي هڪڙي خوفناڪ ۽ ڀيانڪ شڪل ڏيئي لفاظي جا طومار ٻڌي، تيليءَ مان ٿنڀ ۽ ڳالهه مان ڳالهوڙو بنائڻ مان ثابت آهي ته اسان جي نام نهاد قومي پوليس به ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جي شريفاڻي فن ۾ عام پوليس کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي. هونئن ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ هڪڙو وڏو هنر آهي. جيئن گهڻا ڪوڙا قلم لڳائبا تيئن ماڻهو وڌيڪ ماهر ليکبو. جيئن پوليس جنهن کي وڻيس تنهن کي راهه ويندي رنبو ۽ چاٻين جو ڇڳو پٺيان لڳائي، چيلهه ۾ رسو وجهي قلم 109 ڪيس ۾ يا کاٽ ۾ چالان ڪري سگهي ٿي، تيئن هتي به اياز جهڙي مڙس کي به هڪڙي ان اکر ۾ جهلي، چور ڪري، شاه حسن ارغون ۽ اعظم خان جهڙن رهزنن جا ڪپڙا پارائي، قومي سورمن جي قبرن کي ٿڏا هڻندي ڏيکاري قومي خون جي ڪيس ۾ چالان ڪرڻ ۽ واجب القتل ٺهرائڻ لاءِ به محنت کپي، پورهيو کپي ۽ دليل بازيءَ جي ڪرتب بازي کپي. ظاهر آهي ته جيترو عقل الله سائين ڏنو هوندو اوترو ئي هوندو. ان کان وڌيڪ ڪونه ٿيندو پر خدا جو ڏينهن رکيو آهي ته حال سارو چالاڪيءَ ۽ محنت ۾ گهٽتائي بلڪل ڪيل ناهي.

هاڻي هي ڊرامائي منظر ڏسو: ڄڻ اسان جو فاصل مضمون نگار سامهون بيٺو آهي ۽ سمورو لقاءُ بيٺو ڏسي. ۽ شاهه عنايت جو ڏسندي وائسندي جلاد جي سامهون هليو وڃڻ ۽ تلوارن جي هيٺان مرڪي ڪنڌ ڪپائڻ ۽ جلاد کي هيئن مخاطب ٿيڻ.

 

بيا بيا قربانت شوم..... الخ

(اچ اچ آءٌ توتان قربان ٿيان مون کي تنهنجو ئي انتظار هو.)

يا

سر به قدم يار فدا شد، چه بجا شد،

اين بار گران بود، ادا شد چه بجا شد.

 

(سر يار جي قدمن تان گهوريو سٺو ٿيو، هي ڳرو بار هو ادا ٿيو سٺو ٿيو.)

منظر نگاريءَ جا جلوا ڏسو!

يعني جلاد ڏانهنس ڪونه آيو پر پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو! ڄڻ سندس شاه عنايت سان يا کيس قتل ڪرڻ سان ڪو به واسطو ڪونه هو ۽ جيڪڏهن شاهه عنايتڏسندي وائسندي ڏانهنس نه هليو وڃي ها ته جلاد جيڪر اتي ئي بيٺو هجي ها! پر شاه عنايت کي جو شهادت جو شوق کنيو بيٺو هو سو ڏسندي وائسندي  يعني سعيو ڪري سڌو اوڏانهن هليو ويو ۽ وڃي تلوار جي هيٺان ڪنڌ ڏنائين پوءِ مرڪيو ۽ پوءِ ڪنڌ ڪپايائين ۽ (چئبو ته ڪنڌ ڪپائڻ کان پوءِ!) جلاد کي هينئن مخاطب ٿيو بيا بيا قربانت شوم....الخ

جيڪي معجزا تاريخ ۾ ان دور جا لکندڙ نه لکي سگهيا اهي اسان جي فاصل لکندڙ لکي ڏيکاريا!  يعني پهريائين ڪنڌ ڪپائي پوءِ تقرير ڪرڻ جو معجزو. هاڻي هي پلٽا، اکر بازيون، قلابازيون ۽ اڏامون ملاحظه فرمائي ڏسجن:

هي اهو انساني ذهن ۽ ضمير جي عظمت جو تصور آهي جيڪو اهڙي ئي ماڻهوءَ جي دل ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو جزا ۽ سزا، اميد ۽ خوف، زندگي ۽ موت جي سطحي قدرن کان مٿي ٿي، ڪائنات جي وحدت ۾ پنهنجو پاڻ گم ڪري چڪو هجي، جنهن وٽ فتح ۽ شڪست، زندگي جي رنگا رنگي ۽ گونا گونيءَ جا معمولي پرتوا هوندا آهن....

غور فرمايو؟

هي اهو انساني ذهن ۽ ضمير جي عظمت جو تصور...... هي ڪهڙو؟ هن کان اڳ ڪو به تصور پيش ئي نه ٿيو آهي. هن کان اڳ ته هڪڙي عملي واردات بيان ڪيل آهي. ڪنهن به تصور جو ذڪر ئي ناهي. تصور ڪٿان آيو؟ جزا ۽ سزا، اميد ۽ خوف، زندگي ۽ موت جي سطحي قدرن کان مٿي...

سطحي قدر ڪهڙا؟ جزا ۽ سزا ، اميد ۽ خوف، زندگي ۽ موت! ڇا جزا ۽ سزا جا قدر سطحي آهن؟ نيڪي کي جزا ملي ۽ بديءَ کي سزا ملي اهو قدر سطحي آهي؟ اميد جي آجيان ڪجي خوف سان مقابلو ڪجي، بهتري جي اميد رکجي ۽ بدتري جو انديشو  رکي ان سان مقابلي لاءِ تياري ڪجي. زندگي سان محبت ڪجي. اهي عظيم انساني قدر سطحي آهن؟

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com