سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: روح رهاڻ

باب: --

صفحو :13

 

راءِ ڏياچ جو سنڌي قصو

ڪنھن زماني ۾ راءِ ڏياچ نالي ھڪڙو راجا جھونا ڳڙھھ تي راڄ ڪندو ھو. کيس ھڪ ڀيڻ ھئي، جا اولاد لاءِ سڪايل ھئي. ھڪڙي ڏينھن ڪنھن فقير کي وڃي ستايائين تھ سائين! ڌڻيءَ کان دعا گھرو تھ مون کي خير جو ٻچڙو ملي. فقير دعا ڪري چيس تھ مائي! پٽڙو سو ملندءِ، مگر اھو راءِ ڏياچ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندو. ھي لفظ ٻڌي، راجڪماريءَ کان رڙ نڪري وئي، ۽ چيائين تھ سائين! اھڙو پٽ ئي گھوريو، جو ڀاڻم جو سري وڍي. پر فقير جو ڪلام ڪيئن ٽري! پوري نائين مھيني راجڪماريءَ کي ھڪ پٽ ڄائو. فقير جا سخن ياد ڪري، ٻالڪ کي صندوق ۾ وجھي کڻي درياءَ ۾ ڦٽو ڪيائين. صندوق لڙھندي لڙھندي اچي راجا انيراءِ جي ملڪ مان نڪتي. ھڪ چارڻ ۽ سندس زال، جي درياءَ تي پاڻي ڀرڻ لاءِ آيا ھئا، تن جي نظر وڃي ان تي پئي. صندوق کي پاڻيءَ مان ٻاھر ڪڍي، جان کڻي کولين تھ ڏسن تھ منجھس ھڪ ٻاروتن ۾ تنجيل ٻار پيو آھي. پوءِ تھ ان کي ڪڍي ڪري پنھنجي ڳل لاتائون، ۽ گھر وٺي وڃي نپايائونس ۽ مٿس نالو رکيائون ٻيجل. نينگر اڄ ننڍو سڀان وڏو، تان جو اچي ساماڻو، ھاڻ ھر روز مائٽن جا گڏھھ گھوڙا وٺي، جھنگ ۾ چارڻ وتندو ھو.

انھيءَ جھنگ ۾ ھڪ ڏينھن ڪنھن رمتي فقير ھرڻ جو شڪار ڪري، ان جو گوشت کائي، باقي آنڊا کڻي ڪرڙ تي ڦٽا ڪيا ھئا. جڏھن جڏھن ڏکڻ جو واءُ لڳندو ھو، تڏھن تڏھن انھن آنڊن مان اھڙو تھ من موھيندڙ آلاپ نڪرندو ھو، جو پکي پکڻ ۽ ٻيا جيو جنتر ڪنڌ نمائي، اچي ٻڌڻ بيھندا ھئا. ھڪ ڏينھن اھو آواز وڃي ٻيجل جي ڪن پيو. دليل ڊوڙائي ڊوڙائي نيٺ سھي ڪيائين تھ اھو اچرج انھن آنڊن ۾ سمايل آھي. پوءِ تھ آنڊا کڻي ڪري پنھنجي چنگ تي چاڙھيائين، ۽ گز ڪڍي ويٺو کين وڄائڻ. اڃا چنگ چوريائين ڪين تھ مرن ۽ پکين جا ميڙ اچي متا. انھن مان ٻھ چار ھرڻ جھلي، مائٽن وٽ وٺي آيو. ھاڻ ھر روز اھڙيءَ ريت شڪار ڪري پيو پنھنجو ۽ مائٽن جو پيٽ پاليندو ھو. سندس سرندي جي ھاڪ ھر جاءِ پکڙجي وئي.

جنھن وقت ٻيجل ڄائو ھو، تنھن وقت راجا انيراءِ کي پڻ ھڪ ڌيءَ ڄائي ھئي. کيس سٺ ڌيئون اڳي ئي ھيون، سو دق ٿي، ھن ڌيءَ کي صندوق ۾ بند ڪري، کڻي درياءَ ۾ داخل ڪرايائين. صندوق وڃي راءِ ڏياچ جي سرحد مان نڪتي، جتي رتني نالي ھڪ ڪنڀار کي ھٿ اچي وئي. ڪنڀر جو اولاد لاءِ سڪايل ھو تنھن کي ھھڙو ملوڪ ٻار ڏسي، ڏاڍي خوشي ٿي، سو گھر کڻي وڃي چوڄ سان پاليائينس ۽ نالو رکيائينس سورٺ. جيتوڻيڪ رتنو، راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ رھندو ھو، تھ بھ راجا انيراءِ سان ڏاڍو رستو ھوندو ھوس. جڏھن سورٺ ساماڻي، تڏھن انيراءِ کي سندس حسن جي خبر پئجي وئي، سو رتني کان ان جي سڱ جي گھر ڪيائين، جا ھن خوشيءَ سان قبول ڪئي. جڏھن شاديءَ جو ڏينھن اچي ويجھو ٿيو، تڏھن رتنو ھڪ وڏي ڄڃ سنڀرائي، ڌام ڌوم سان اٿي شھر مان نڪتو. راءِ ڏياچ جو ان وقت پنھنجي محلات جي دريءَ وٽ بيٺو ھو، تنھنجي نظر وڃي ڄڃ تي پيئي. پڇا تي معلوم ٿي تھ رتنو پنھنجي ڌيءَ وٺي انيراءِ سان پرڻائڻ ٿو وڃي. اھا خبر ٻڌي، ڏاڍي خار لڳس، سو پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڪيائين تھ رتني کي کنڀي ڌيءَ سميت وٺي اچو. جڏھن انھن کي آڻي حاضر ڪيائين، تڏھن راءِ ڏياچ رتني کي چيو تھ ڪميڻا! مون کي ڇڏي، پنھنجي ڌيءُ وڃي ٿو ڌارين کي پرڻائين! ھاڻ توکي بھ جواب، انيراءِ کي بھ جواب. ائين چئي، سورٺ کي وٺي وڃي حويليءَ ۾ ويھاريائين.

جڏھن انيراءِ کي ھن حادثي جي خبر پئي، تڏھن تپي باھھ ٿي ويو، ۽ وڏو لشڪر وٺي جھوناڳڙھھ تي گھيرو ڪيائين. ٻارھن مھينا جنڊ پٽن سان ھڻي بيٺو، پر دال نھ  ڳريس. آخر شھھ کائي، موٽي وطن وريو. پوءِ رتن ٽڪن جو ٿالھھ ڀري، ساري ملڪ ۾ ڦيرايائين تھ جيڪو راءِ ڏياچ جو سر وڍي ايندو، تنھن کي نھ فقط ھيءُ ٿالھھ ملندو، پر ٻيو بھ جيڪي گھرندو سو ملندس. ٻيجل جي زال ٿالھھ وٺي رکيو، ۽ ٻول ڪيائين تھ منھنجو مڙس پاڻيھي راجا جي منشا پوري ڪندو. جڏھن ٻيجل گھر آيو ۽ ساري قصي جي سڌ پيس، تڏھن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس، سو زال کي جھڻڪي چيائين تھ مصيبت پويئي! ھيءُ تو ڇا ڪيو؟ ھاڻ جي وچن ۾ ولھا ٿا  پئون، تھ راجا اسان جو جڻ ٻچو پيڙھائي ڇڏيندو. ٻيو ڪو چارو نھ ڏسي، ٻيجل پنھنجو سرندو سينگاري، اٿي جھوناڳڙھھ ڏي راھي ٿيو. ٻھ ٽي منزلون ھڻي، نيٺ ھڪ ڏينھن نما شام جو اچي قلعي وٽ پھتو.

الله جي آس ڪري، ھليو ھئائين،

چارڻ ٻڌا چنگ کي جھوڙا ۽ جھائين،

ڏئلي راءِ ڏياچ جي، ڏوران ڏٺائين،

وھنتي واحد در، ته وير ڪيائين،

سٻاجھا سائين! راءُ ريجھايين راڳ سين.

پوءِ تھ چنگ ڪڍي، ويٺو وڄائڻ، ۽ ساري رات تندون تنواريندو رھيو. سندس ساز جي آواز سڀني کي گھائي وڌو. راءِ ڏياچ جو پنھنجي رنگ محل ۾ ويٺو ھو. تنھنجي روح بھ ريلو ڏنو، سو ڪوٽ جي دريءَ کان ٻيجل کي پڪاري چيائين تھ مڱڻھار! گھر، جيڪي گھرڻو ھجيئي. ٻيجل وراڻيو تھ راجا! مون کي توسان ھڪ ڳجھھ ڳرھڻو آھي. اجازت ملي تھ مٿي اچي اوريان.

مڱ نھ تسي مڱڻو، نھ ملڪ نھ مال،

ڏاننئون ڏور ٿيي، ڪا جا ڳنيس ڳال،

آھي ان خيال، تھ ڏيٺي ٿيان ڏاتار سين.

راءِ ڏياچ پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڏنو تھ چارڻ کي چوڏول ۾ چاڙھي مٿي وٺي اچو. ھاڻ راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي جي وچ ۾ ڪوبھ وسيلو ڪونھ رھيو، ٻئي خلوت ۾ ٿي ويٺا. ٻيجل نڪي ڪڇيو نڪي پڇيو، سرندو ڪڍي وري بھ ويھي وڄائڻ لڳو. راءِ ڏياچ جو من اھڙو تھ موھي وڌائين، جو کيس طرحين طرحين جا انعام آڇڻ لڳو. پر ٻيجل ھٿ جوڙي عرض ڪيو تھ راجا! مون وٽ مال متاع جي ڪمي ڪانھي. تنھنجي سخاوت جي ساراھھ ٻڌي، تو وٽ وڏي آس رکي آيو آھيان. اھو سر جو جو تنھنجي سرير جو سينگار آھي، تنھنجو ئي سيڪڙو ٿي آيو آھيان. اميد اٿم تھ نانھن نھ ڪندين. راءِ ڏياچ کي اھڙيءَ اڍنگيءَ مڱ تي نھايت اچرج لڳو، سو چيائين تھ اي چارڻ! منھنجي مٿي مان توکي ڇا ھٿ ايندو؟ انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ. ڏس تھ آءٌ توکي ڪھڙا نھ دھرا دان ٿو ڏيان. ساري عمر پيو کائين، تھ بھ کٽڻ جا نھ آھن. ٻيجل سان جيڪي مٿا ھڻڻا ھئس، سي ھنيائين، پر ھو نھ مڙيو. آخر ٻيو ڪو حيلو نھ ڏسي، پنھنجي ھٿ سان سر وڍي، چارڻ کي اڇلي ڏنائين. چارڻ مٿو کڻي انيراءِ وٽ رمندو رھيو.

گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ(9) ٿيون پٽين،

سھسين سورٺ جھڙيون، اڀيون اوسارين،

چوٽا چارڻ ھٿ ۾، سر سينگارئو ڏين،

ناريون ناڏ ڪرين: راجا رات رمگيو.

ھن حادثي جي خبر ھنڌين ماڱي ھلي وئي، ۽ ٻيجل جي اچڻ کان اڳ انيراءِ جي بھ ڪن وڃي پئي. جڏھن ٻيجل سر کڻي انيراءِ جي ڪچھريءَ ۾ آيو، تڏھن انيراءِ پريان ئي ڏھڙ ڏيئي چيس تھ ڪميڻا! جوفي وچان ھھڙي سخا جي صاحب مان بھ نھ گٿين، سو اسان سان الائجي ڪھڙا ڪلور ڪندين. اڄ کان تون اسان جي ملڪ ۾ رھڻ جي لائق نھ آھين. ھاڻ ھڪدم ھليو وڃ. خبردار! جي منھنجي ملڪ ۾ وري پير پاتو اٿيئي. ٻيجل جا ڇھھ ئي ڇڄي ويا، ۽ وويڪ جا وڍ پڻ پوڻ لڳس. پوءِ تھ متوالن وانگر جھوناڳڙھھ ڏي ڊوڙندو ويو. جڏھن شھر جي ويجھو اچي پھتو، تڏھن ڏسي تھ باھھ جا مچ پيا ٻرن، ۽ سورٺ ڏاگھھ چڙھي، ستي ٿي رھي آھي. پاڻ بھ ڌوڪيندو مچ ۾ ڪاھي پيو، ۽ جلي ڀسم ٿي ويو.

 

سنڌ ۽ ڪاٺياواڙ واري قصي بابت وضاحت

ھاڻ سنڌ واري قصي کي جاچي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو تھ ڪاٺياواڙ وارن ٻنھي قصن جا مکيھ جزا منجھس موجود آھن، فقط ڪن نالن ۽ واقعن جي وقت جو فرق آھي. سنڌي قصي واري انيراءِ جي نالي سان گجرات جو ڪوبھ حاڪم ڪونھ ٿي گذريو آھي. ازانسواءِ، سنڌي قصي ۾ ڄاڻايل ئي ڪونھي تھ انيراءِ ڪھڙيءَ ڪنڊ جو راجا ھو. انھيءَ مان ظاھر آھي تھ انيراءِ انلھراءِ جي بگڙيل بناوت آھي، جھڙيءَ ريت ڏياچ دياس جي بگڙيل بناوت آھي. سنڌي قصي ۾ توڙي راڻڪ ديويءَ جي قصي ۾ ھڪ راجا پنھنجي نياڻي ڦٽي ڪرائي ڇڏي ٿو، جا ھڪ ڪنڀار جي ھٿ چڙھي ٿي، ۽ جنھن جي شاديءَ تان گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي حاڪمن جو پاڻ ۾ جھڳڙو لڳي ٿو، پر سنڌي قصي ۾ ڪنڀار جو نالو رتنو آھي ۽ ٻئي قصي ۾ ھرمتيئو. شاھھ عبداللطيف ڏياچ ۽ کنگھار جا نالا ذڪر ڪيا آھن، مگر ٻنھي کي ھڪ ڪري سمجھيو اٿس، ساڳيءَ ريت چندر ودنا ۽ راڻڪ ديويءَ کي بھ ھڪڙي ئي نالي سورٺ سان سڏيو اٿس. سنڌي قصي ۾ آيل درياءَ ۾ لوڙھائڻ وارا ٻھ واقعا دل سان ئي نھ ٿا لڳن، ڇو تھ ڪاٺياواڙ توڙي گجرات ۾ اھڙو ڪو وھندڙ درياءَ آھي ئي ڪونھ، ۽ ٻيو تھ ھڪ صندوق جو اوڀارو وڃڻ ۽ ٻيءَ جو لھوارو لڙھڻ اعتبار ۾ ئي نٿو اچي.

اھو مونجھارو ڪيئن پيو، تنھن جو ھيءُ سبب ٿو ڀانئنجي: راءِ ڏياچ جو قصو، شاھھ جي رسالي ۾ آيل ٻين قصن وانگر، نڪو ڪنھن جھوني ڪتاب، جھڙوڪ تاريخ طاھري، تاريخ معصومي، تحفة الڪرام وغيره ۾ بيان ڪيل آھي، ۽ نڪو ڪو ان بنسبت ڪنھن اڳئين شاعر، جھڙوڪ شاھھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري، شعر گوئي ڪئي آھي، ھن مان ثابت آھي تھ شاھھ جو گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي سير تي ويو ٿو ڏسجي، تنھن مٿيون ٻئي آکاڻيون اتي ٻڌيون آھن. پوءِ گھڻو وقت پوڻ ڪري، ٻئي قصا سندس دل ۾ گڏجي مسجي ھڪ ٿي ويا آھن. انھيءَ ۾ ڪوبھ عجب ڪونھي، ڇو تھ ٻنھي قصن جا مکيھ واقعا ھڪجھڙا آھن، مثلا: ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي حاڪمن جو راجڪمارين تان معاملو مچڻ، ڪاٺياواڙ جي حاڪمن جي ارھھ زورائي ڪرڻ، گجرات جي حاڪمن جو وير وٺڻ لاءِ جھونا ڳڙھھ تي ڪاھڻ، ٻيجل جي ڊوھھ سان ڪاٺياواڙ جي حاڪمن جو سر وڃائڻ، ۽ ٻيجل کي پنھنجيءَ بديءَ جي سزا ملڻ.

 

ھن قصي ۾ سمايل تمثيل

راءِ ڏياچ جي تمثيل ھيٺ شاھھ انھيءَ مرادوند مريد جو ذڪر ڪيو آھي، جو طريقت جي راھھ ۾ نفس کي نھوڙي، مرشد جي ھڪ اشاري تي نھ فقط پنھنجو تن من ۽ ڌن سندس قدمن تان قربان ڪيو ڇڏي، پر پڻ پنھنجي سر ڏيڻ کان نٿو گسي. اھڙيءَ قربانيءَ جي عيوض کيس مرشد وٽان ابدي حياتي حاصل ٿئي ٿي. مرشد ڪامل جي انھيءَ تقاضا ڏي اشارو ڪندي روميءَ مثنويءَ ۾ چيو آھي:

نيم جان بستاند و صد جان دھد،

آنچھ در و ھمت نيايد آن دھد.

يعني، مرشد ھيءَ اڌوري حياتي وٺي، ان جي عيوض سئو حياتيون بخشي ٿو، ۽ اھڙيون نعمتون عطا ڪري ٿو، جي تنھنجي خيال ۾ بھ نھ اينديون.

تحقيق، مرشد ڪامل جي ھڪڙي ئي روحاني راز جي عيوض سالڪ جا سوين سر ڪافي نھ آھن. ھڪڙي حياتي ڇا آھي؟ ڪروڙين حياتيون ھجن، سي بھ انھيءَ روحاني راز، جنھن جي ذريعي ابدي حياتي حاصل ٿئي ٿي، تنھنجي اڳيان تڇ سمان آھن.

سؤ سرن پائي، جي تند برابر توريان،

اٽل اوڏاھم ٿئي، جڏاه ٻيجل ٻرائي،

سکڻون ھڏ آھي، سر ۾ سڃڻ ناه ڪين.

 

حوالا ۽ سمجھاڻيون

  سورٺ، سنسڪرت لفظ سئوراشٽر جي بگڙيل بناوت آھي، جنھن جي معنى آھي: عمدو ملڪ يا عمدي ملڪ جي. جنھن ملڪ کي ھاڻي ڪاٺياواڙ جي نالي سان سڏجي ٿو، تنھن کي اڳي سئوراشٽر ڪري ڪوٺيندا ھئا. سئوراشٽر جو اپٻيٽ ڪڇ ۽ کنڀات جي نارين جي وچ ۾ آھي. آڳاٽي زماني کان وٺي ھيءُ ڏيھھ ھندن جو تيرٿ ٿي رھيو آھي. عيسويءَ ارڙھينءَ صديءَ جي وچ تائين انھيءَ نالي سان سڏبو ايندو ھو. پر جڏھن مرھٽن جي ھٿ ۾ آيو، تڏھن ان جو نالو ڦيرائي ڪاٺياواڙ رکيائون، ڇو تھ اتي ڪاٺي قوم وڏي تعداد ۾ رھندي ھئي، جنھن سندين سخت مخالفت ڪئي ھئي. ھاڻي ڪاٺياواڙ چئن ضلعن ۾ ورھايل آھي. انھن مان ڏاکڻي ضلعي کي اڃا بھ سئوراشٽر يا سورٺ ڪري سڏيندا آھن. انھيءَ ضلعي ۾ ٽي مشھور پاڪ جبل آھن: گرنار، داتار ۽ پاليتانا. گرنار ۽ پاليتانا جي وچ ۾ گھاٽا جھنگ لڳا پيا آھن. جن کي گر ٻيلو ڪري ڪوٺيندا آھن. اھو ٻيلو پنڌرھن سئو کن چورس ميل ٿيندو. گرنار جبل جي پاڙ وٽ اشوڪ راجا جا ٿنڀا اڄ ڏينھن تائين بيٺا آھن، ۽ چوٽيءَ تي جين لوڪن ۽ ھندن جا مندر اڏيل آھن.

ھن قصي جو مضمون تارا چند پوپٽ لال جي مشھور گجراتي ڪتاب ويرني واتو ۽ ولبر فورس بيل جي تاريخ ڪاٺياواڙ تان ورتو ويو آھي.

v ھن قصي جو مضمون فاربس صاحب جي مشھور ڪتاب راس مالا مان انتخاب ڪيو ويو آھي.

1.           جھونا ڳڙھھ جو قلعو ونٿليءَ کان اٺ ميل پري گرنار جبل جي اولھھ طرف آھي. جھونا ڳڙھھ جو ھاڻوڪو شھر رفتي رفتي انھيءَ ڪوٽ جي چوگرد ٻڌبو ويو. پوءِ ساري شھر کي عالم پناھھ پڻ ڏني وئي، جا اڄ ڏينھن تائين قائم آھي.

2.                     راجا درلڀ سين 1010ع کان وٺي 1022ع تائين گجرات تي راڄ ڪيو.

3.          جھار جي اصلي معنى آھي: شو مھراج جي جئھ! ڪاٺياواڙ ۾ ڪڻڀي ۽ راجپوت ھڪ ٻئي کي گڏجڻ وقت، جھار چئي، سلام ڪندا آھن. آڳاٽي زماني ۾ دکن ڏيھھ ۾ پڻ اھڙيءَ ريت سلام ڪندا ھئا. پر شواجيءَ گروءَ رامداس اھو بند ڪرائي، رام! رام چوڻ جو رواج وڌو. انھيءَ ھوندي بھ، ڏکڻ ھندستان جي نيچ قومن ۾ جھار چوڻ جي رسم اڃا ھلندي اچي. واپاري ماڻھو چٺين چپاٽين ۾ لکندا آھن تھ فلاڻي کي منھنجا جھار ڏج.

4.          چارڻ لفظ جي معنى آھي: رولو. جيئن تھ ڪي مڱڻھار ساز وڄائيندا، ڳائيندا، در در تان پنندا وتندا آھن، تنھن ڪري انھن کي چارڻ، يعني رولو فقير ڪري سڏيندا آھن. چارڻن جي ھڪ ذات آھي، جي اڪثر گجرات ڪاٺياواڙ ۽ راجپوتانا ۾ رھندا آھن. آڳاٽي زماني ۾ ھندو راجائن جي درٻارن جا ڪوي ۽ مداح ھوندا ھئا ۽ سندن وڏو مان ھوندو ھو. راجائون بھ کانئن ڪؤ کائيندا ھئا ۽ سندن مرضيون رکندا ھئا تھ متان کين وڃي خوار نھ ڪن. جيڪڏھن ڪو سندن منشا پوري نھ ڪندو ھو، تھ ڌرڻو ماري ويھندا ھئا، ۽ بعضي تھ آپ گھات بھ ڪري وجھندا ھئا.

5.          ھيءُ حادثو 1010ع ۾ ٿيو. راءِ دياس جي مرڻ کان پوءِ، درلڀ سين پنھنجي ھڪ نائب کي ڪاٺياواڙ جو حاڪم مقرر ڪيو. مگر ان ڏھھ سال کن مس جٽاءُ ڪيو. پوءِ حڪومت جون واڳون راءِ دياس جي پٽ راءِ نوگھن پنھنجي ھٿ ۾ آنديون.

6.          ٿر جي معنى آھي: ويرانو. ٿر ملڪ کي انھيءَ نالي سان ھن سبب سڏيو اٿن جو سارو پٽ ويرانو آھي. منجھس آباد ٿيل ٽڪرا نھايت ٿورا آھن. ٿر جو ملڪ ٽن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. اتر واري ڀاڱي کي کائر جو ٿر ڪري سڏيندا آھن ۽ ڏکڻ واري ڀاڱي کي پائر جو ٿر ڪري چوندا آھن. انھن ٻنھي ٿرن جي وچ وارو پاسو ٽڪر ڍٽ جي نالي سان سڏبو آھي، جنھن ۾ امرڪوٽ جو شھر آھي.

7.          سڌراج راجا ويراج جو پٽ ھو، جو درلڀ سين جي ڀائٽي جو پٽ ھو. 1094ع کان وٺي 1143ع تائين حڪومت ڪيائين.

8.          ھن کي راءِ کنگھار ٻيو ڪري سڏيندا ھئا. راءِ دياس جو تڙپوٽو ھو، ۽ 1098ع ۾ تخت تي ويٺو. سڌراج کيس 1125ع ۾ قتل ڪيو، ولبر فورس بيل پنھنجي ڪتاب تاريخ ڪاٺياواڙ ۾ چوي ٿو تھ راءِ کنگھار ٻئي جي پيءُ راءِ نوگھن، راڻڪ ديويءَ کي زوريءَ کڻائي ساڻس شادي ڪئي ھئي، ۽ نھ راءِ کنگھار ٻئي.

9.          پٽڻ جي اصل معنى آھي: شھر. گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ ٻھ پٽڻ آھن. گجرات واري پٽڻ کي انھلواڙ پٽڻ يا پاٽڻ سڏيندا آھن، ۽ ڪاٺياواڙ واري کي پرڀاس پٽڻ يا پاٽڻ چوندا آھن. ھتي پٽڻ مان مراد آھي: پرڀاس پٽڻ جو ڪنھن سمي سئوراشٽر جي گاديءَ جو ھنڌ ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com