سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :5

 

رسول بخش پليجو

 

انڌا اونڌا ويڄ

(1)

متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،

تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.

(لطيف)

ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پاڻ هرتڙن نقادن جي هڪڙي ٽوليءَ موسمي مڇرن وانگر اوچتو وٺي منهن ڪڍيو آهي، جي پاڻ کان وڏيون قلمي بڻڇيون کڻي، ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، ۽ هنبوڇيون هڻندا، رنڀون ڪندا، ٽاڏون ڏيندا، جيڪو ڪو سامهون ٿو اچين، تنهن کي سٽيندا، ڪٽيندا، ڏاڙهيندا وڃن. وڏا پهتل، وڏا ادبي اولياءَ، ڪانيءَ ڪرامت جا ڌڻي، ٿئي ٿيندي جي خبر، اکيون ڄڻ ته ٽانڊا، منهن تي مصنوعي جلال، اسلام! اسلام! مذهب! مذهب! اخلاق! اخلاق! جا نعرا، بچايو! بچايو!، جهليو! پڪڙيو!  جا واڪا ايڏو ته ڌمچر مچايو اٿن، جو ماڻهن جا ساهه سڪي ويا آهن. ڪير آهي، جو هنن خدائي فوجدارن، مذهبي ٺيڪيدارن، ليسن بردار اديبن، اُڦٽ مار عالمن، ڪڪڙ ڪاٺ ۾ وجهندڙ تيس مارن جي سامهون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي سگهي! چوطرف الامان ۽ نفسي! نفسي! جي پڪار آهي. هر ڪو پيو ڪنبي ته ڪڏهن ٿي اها ڄٽ پوليس مون تي اچي ڪڙڪي. خدا جي پناهه! هڪ هٿ ۾ ٺونٺ جيڏا ادبي پروانا ۽ راهداريون، ٻئي ۾ جهالت ۽ تنگ نظريءَ جا شاهي ڏنڊا، شيطان جي آنڊي جيڏن لقمن جون گردن ٽوڙ ڀريون مٿن تي، تعصب ۽ حسد جون ڇريون بغلن ۾، سڙيل ڳريل پاروٿن ۽ زهريلن خيالن جا ڳوٿرا پٺن تي، مڪر ۽ ريا جا وڏا ڊگها جلسا لوڏيندا، خدا جي خلق ۾ ڪاهي پيا آهن. ڪو شاعريءَ جو بابو آدم ۽ فردوسي، ڪاليداس ۽ شيڪسپيئر جي استادن جو استاد بڻيو بيٺو آهي، ته ڪنهن کي ڏسو ته ڪاليج جي ليڪچراريءَ مان هڪدم اٿندي وڃي افلاطون ۽ سقراط سان ڪلهي گس ڪئي اٿس، ته ڪو وري رات وچ ۾ گمنام شاعرڙي مان ڦري نقاد آخر زمان بڻجي ويو آهي. هيءَ مخلوق اوچتو ڪٿان پيدا ٿي آهي؟ ڇو پئدا ٿي آهي؟ سندن شان نزول ڪهڙو آهي؟ سندس انهيءَ هاءِ گهوڙا، جنون ۽ واويلا ۽ وٺ وٺان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟

سر زمين سنڌ تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ فن جو قديم ترين مرڪز آهي. هن کاڻ هزارين اهڙا بي بها لعل ۽ گوهر پيدا ڪيا آهن، جي تاريخ جي پيشانيءَ تي جاوداني آب ۽ تاب سان چمڪندا رهندا. دودي ۽ دريا خان جهڙا دلاور ۽ سرفروش محب وطن، علي شير قانع جهڙو مورخ ۽ دانشور، ابوالفضل ۽ فيضي جهڙا يگانا ۽ بيمثال عالم، داناءَ ۽ مدبر، شاهه عنايت ۽ شاهه بلال جهڙا دلير ۽ بيباڪ حق پرست ۽ حق گو، لطيف ۽ سچل جهڙا لازوال شيرين ڪلام شاعر هن خاڪ جا ئي ڪرشما هئا. هر دور ۾ هر زماني ۾ هيءَ سرزمين پنهنجو بي بها انساني فصل اپائيندي رهي آهي. سندس واديون ۽ جبل هميشه مٺڙن ۽ رسيلن نغمن ۽ عظيم ۽ اعلى ڪارنامن جي پڙاڏي سان گونجندا رهيا آهن.

شعر ۽ سخن جون مٺيون زندگي بخشيندڙ نهرون ته هتي ڪڏهن به خشڪ نه ٿيون آهن. قاضي قاضن، شاهه ڪريم، لطيف، سچل، بيدل، سامي، سانگي، روحل، دلپت، مسافر، گل، قليچ، مخلص، بلبل، بيوس، حافظ شاهه حيات- هزارين خوشنام بلبلن جا مٺڙا، رسيلا نغما، قسمين قسمين دلنواز لاتيون. هر ڪنهن جي پنهنجي طرز، پنهنجي رس ۽ پنهنجو سر. ڪو پنهنجي دور ۽ زماني جو محبوب، ته ڪو ازلي ۽ ابدي ڏات جو ڌڻي، جنهن جا آلاپ سالن ۽ صدين جون حدون اورانگهي امر ۽ لافاني بڻجي ويا.

تهذيب ۽ تمدن جا وهڪرا هميشه پيا هڪ ٻئي سان ملن. سنڌي تهذيب ۽ تمدن به ڪيترن چشمن جو پاڻي پيتو آهي. سندس شعر ۽ سخن به هندي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جي گنج مان حصو ورتو آهي. پر ان سدائين پنهنجي هڪ خاص لئي ۽ نرالو مزاج قائم رکيو آهي. سنڌي شاعريءَ ڪنهن به دور ۾ عربي، فارسي يا هنديءَ جي ٻانهپ قبول نه ڪئي آهي. جن ڏينهن ۾ فارسي سنڌ ۾ راڄ ڌڃاڻي ۽ سنڌ جي درٻار جي پٽ راڻي ٿي ويٺي هئي، تڏهن به سنڌي شاعري، پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو، ۽ پنهنجيءَ راهه تي اڏول مزاجيءَ سان رمندي رهي.

جيڪڏهن ڪنهن سنڌيءَ، فارسيءَ جي آب تاب تي هرکجي، پنهنجي فارسي دانيءَ جي رعب ويهارڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته ماڻهن کانئس نفرت ٿي ڪئي.

جي فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،

جو ٻڌو ٻن ڳالهين سو ڪيئن چائي ڄام،

اُڃيو ته آب گهري، بکيو تان طعام،

اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو.

(لطيف)

ليڪن اڄ کان هڪ نسل اڳي ڌاري، سنڌي ۾ هڪ عجيب مرض منهن ڪڍيو.

انگريزن جي ڦوٽ ۽ تفرقي واريءَ پاليسيءَ سبب، سنڌ ۾ هندوءَ ۽ مسلمان جي وچ ۾ وڌندڙ دشمني ادبي ميدان ۾ ڪاهي پيئي. هندو اچي سنڌي ٻوليءَ کي شڌ بنائي، تلڪ لڳائي، ڌوتي ٻڌائڻ جي پويان پيو، ته مسلمان چوي آءٌ کيس ان کان اڳ ۾ چوغو پهرائي، ايراني ۽ عرب بنائي وٺان. اچي جو چٽا ڀيٽي لڳي، سو سنڌ جي پر ڦري ليڪن ۽ پرنتو، پاڻي  ڦري جل ۽ آب، ۽ سنگتي هڪ طرف متر ٿي پيا، ته ٻئي پاسياحباب! سنڌ جي مٺڙيءَ پياريءَ ۽ سهڻي ٻوليءَ کي هنن ظالمن انڌي تعصب وچان اهڙو ته بگاڙي خراب ڪري ڇڏيو، جو سڃاڻڻ کان پري ٿي ويئي. ان دور جون سنڌي لکيتون پڙهي، ماڻهوءَ کي خبر نٿي پوي ته لکندڙ سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، يا هنديءَ ۾ يا عربيءَ ۾: جملن ۾ فقط آهي ۽ ناهي جهڙا سنڌي اکر ٽنبيا ٿي ويا، ٻيو ٿيو ڀلو!

اها وبا شاعريءَ ۾ ته خاص ڪري گهر ڪري ويئي. شاعرن جا ٻه ٽولا پيدا ٿي ويا، جن سنڌي شاعريءَ تي هندي، فارسي ۽ عربيءَ سان آپريشن ڪرڻ شروع ڪيو، هندن به خوب جوهر ڏيکاريا ته  مسلمانن به. تان جو سنڌي شاعري موڪلائي ويئي. باقي وڃي هندي ۽ فارسي بچيون. مسلمان شاعرن ته خاص ڪمال ڪري ڏيکاريو. شاهه لطيف وارن ٿرن برن، ڏوٿين، جهانگين، پنوهارن، اوٺين، ڏٿن ڏؤنرن جي ملڪ ۾ هڪدم لاله ، نرگس سنبل ، گلفام بنجي ويون. سندن چيلهيون غائب ٿي ويون. سندن قد سرو جيڏا ٿي ويا. سندن اکين مان نماڻائي، قرب ۽ محبت نڪري ويئي: ڪٽاريون هٿن ۾، عاشقن جي ڇانگ پويان، قيامت جي چال هلنديون، سڀني کي آسرا ڏينديون، تڙپائينديون، صحن چمن ۾ سير ڪنديون نظر اچڻ لڳيون. عاشقن جي صورت به بدلجي ويئي. قميصن ۽ پهراڻن بدران هنن شاعرن کڻي ايراني چوغا پهراين. هاڻي هر ڪو آتش سوزان، جگر برين ، شعله تپان کڻيو، دامن کي تار تار ڪرڻ يا اختر شماري ڪرڻ کي لڳي ويو! هرڪو ڏسو ته نيم بسمل، دم بلب، دم واپسين تي. نزع جي عالم ۾، يعني سدائين سڪرات ۾. جي اتان چڙهيا ته ڪو ءِ بتان  ۾ ٺوڪرون پيا کائيندا يا وحشت صحرا سان دل پيا وندرائيندا. هر ڪنهن جي پويان روسياه رقيبن جو ٽولو. ماڻهو ڀائيندو ته سنڌي ڇوڪريون آزاد ڇڙواڳ پيون عاشق ڏانهن نهارينديون وتن. رڳو ايتري ڀل ڪن ٿيون، جو هنن سچن عاشقن بدران وڃيو سندن رقيبن سان عشق پچائين. سنڌ جي مظلوم، ڪوٽن ۾ قيد، رسمن ۽ ريتن ۾ جڪڙيل عورت سان هن کان وڌيڪ چٿر ٻي ڪهڙي ٿيندي؟

پر هتي ته سوال هو شاعري جي وزن، بحر ۽ قافيي جو! سو، هنن شاعرن ان ۾ گهٽتائي ڪانه ڪئي باقي حقيقت سان سندن ڪهڙو واسطو؟

اهي اصلي تي وڊا شاعر جڏهن سنڌي سخن جي سلطنت تي جلوه افروز ٿيا، تڏهن سندن بخت ۽ اقبال جو ڏؤنڪو چوطرف وڄي ويو. ماڻهو فردوسي، شاهه لطيف، حافظ، سعدي، خسرو، غالب ۽ مير جو نالو ڀلجي ويا ۽ سندن شاعريءَ کي ٻاراڻي کيچل سمجهڻ لڳا. سنڌي شاعري کي معراج تي پهچائڻ لاءِ، سنڌيءَ جو اکر هٽائي فقط نج ۽ خالص شاعريءَ کي رائج ڪيو ويو، جيڪا هڪ اهڙي پاڪ آسماني ٻولي ۾ چيل هوندي هئي، جا پوتر شاسترن وانگر فقط ڪي وڏا جغادري ادبي برهمڻ ۽ مهاراج ئي سمجهي سگهندا هئا. ڪي رند پروڙين راز وارو مثال اکين اڳيان هو. هن درٻار طرفان ايڏي ته شاهانه فياضيءَ سان خلعتون، لقب ۽ ادبي جاگيرون ورهائيون ويون، جو هر شاعر جي دروازي تي نوبت وڄڻ لڳي. هر ڪو جهنڊي ۽ خلعت جو ڌڻي! ڪو استاد الشعرا ته ڪو تاج الشعراءَ ته ڪو ملڪ الشعراءَ. هنن شاعرن سنڌي شاعريءَ جي جيڪا ٻيڙي ٻوڙي ۽ مٽي پليد ڪئي، تنهن جا اثر چؤطرف ڦهلجي ويا. سمورو نسل جو نسل بگڙي ويو- ڳالهائڻ، لکڻ، ٻولي سڀ جو ٻيڙو غرق. سنڌيءَ جا موتين جهڙا آبدار لفظ ۽ صدين جي محنت سان سينگاريل سمورا جملا، فقرا، چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا هن شاعرن جي اٿاريل ڌوڙ جي طوفان هيٺ دٻجي ويا.

اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،

ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.

(شاهه)


 

 

(2)

هي جي آيا هير،

سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهن.(شاهه)

دنيا جي ٻين ٻولين جي تاريخ تي نظر وجهبي، ته ڏسبو ته اهي به زواليت جي اهڙن دورن مان لنگهيون آهن.

اردو شاعري جڏهن امير خسرو، سلطان قلي قطب شاهه ۽ ولي دکني جي دور واري ٻاراڻيءَ، ۽ سودا ۽ ذوق جي دؤر واري جوانيءَ جي ڪيفيت مان لنگهي، لکنو جي جرات ۽مصحفي جهڙن ڀٽن ۽ مسخرن جي هيان طوائفن جي ڪوٺي جي زينت بنجي ويئي، ۽

لگ جا گلي سـﻶ، تاب اب اﻵ نازنين نهين

هـﻶ هـﻶ، خدا کي واسطي مت کر نهين نهين!

(انشاءَ)

آنکهين دکهلاتـﻶ هو، جوبن تو دکهاؤ صاحب

وه الگ بانده کـﻶ، رکها هـﻶ جو مال اچها هـﻶ!

(امير مينائي)

صنم سنتـﻶ هين تيري بهي کمر هـﻶ

کهان هـﻶ کس طرح کي هـﻶ کدهر هـﻶ؟

انهيءَ قسم جي شعرن تائين محدود ٿي ويئي، تڏهن هندستان جي باشعور طبقي هن ادبي زوال جي خلاف آواز اٿاريو ۽ اردو شاعريءَ جي سمورين واهيات روايتن خلاف بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو. سر سيد، حالي ۽ محمد حسين آزاد اردوءَ کي سندس روايتي تصنع، تڪلف ۽ فارسيءَ جي انڌي تقليد کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جهاد شروع ڪيو. انهن ڪوششن رنگ لاتو، ۽ اردو شاعري، جا رڳو ٺلهن اکرن، پراڻين ۽ پاروٿين تشبيهن ۽ استعارن جو اڻوڻندڙ بيجان بت بڻجي ويئي هئي، تنهن جي جسم ۾ حالي، اسماعيل پاني پتي ۽ ٻين نئون روح ۽ نئون ساهه وڌو. اردو کي درٻارين، محلن ۽ طوائفن جي ڪوٺن جي مصنوعي ۽ گهٽيل ماحول مان نجات ڏياري، عوامي ماحول جي زندگي بخش فضا ۾ آندو ويو. اهڙيءَ ريت اردو هڪ نئين عوامي دور ۾ داخل ٿي، ۽ اقبال، جوش ۽ فيض جهڙا باڪمال شاعر پيدا ڪري ڏيکاريائين.

سنڌي ٻوليءَ کي به ساڳئي دور ۽ ساڳيءَ پيڙا مان لنگهڻو پيو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ فارسيءَ جي جاءِ تي انگريزي ٻولي سنڌ ۾ رائج ٿي. سنڌ ۾ هيءَ هڪ زبردست علمي ۽ ادبي انقلاب جي شروعات هئي. جيئن عباسي خليفن، هارون الرشيد ۽ مامون الرشيد جي دور ۾ يوناني لاطيني ۽ سنسڪرت علم ادب سر زمين عرب ۾ ڦهليو، ۽ شڪ، ڳولا، آزمائش ۽ ڇنڊ ڇاڻ جو اهو سلسلو شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي دنيا اڳيان المعري جهڙا شاعر ۽ ابن خلدون، ابن العربي، ابن رشد، غزالي، بوعلي سينا ۽ الفارابي جهڙا پنهنجي  زماني جا عظيم ترين ۽ يگانا دانشور ۽ عالم پيدا ڪيا، ۽ عربن کي روءِ زمين جي علمي ۽ ادبي امام طور تسليم ڪرايو، ۽ جيئن عربيءَ جي علمي ۽ ادبي شاهڪارن، اسپين ذريعي يورپ ۾ داخل ٿي، يورپ جي مدي خارج ۽ ٻوساٽيل علمي ادبي ماحول ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ ان جي ادبي ۽ علمي تاريخ ۾ زبردست انقلاب آڻي ڇڏيو، تيئن  سنڌ ۾ انگريزيءَ جو اچڻ هڪ زبردست انقلاب هو. جيئن اسپين ۽ پورچوگال ۾ عربيءَ جي داخل ٿيڻ تي عيسائي عالمن وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي هئي ۽ منهن مٿو پٽيو هو ته عيسائي دين ٿو وڃي! جيڪي عربي پڙهن سي ڪافر ۽ دوزخي آهن. تيئن سنڌ ۾ ان وقت جي بزرگن وٺي رڙ مچائي: ناصاري جي ٻولي جيڪو پڙهي سو ناصارو ٿيندو، وغيره، وغيره، فرنگيءَ ملڪ ته ورتو پر هاڻي دين به ٿو کسي!  پر وقت جي وهڪري کي ڪير بدلائي؟ انگريزي ٻوليءَ جي ذريعي سنڌ ۾ ادب جا اهي املهه خزانا کڄي آيا، جيڪي سنڌ کان هزارين ڪوهه پري گذريل ٻن ٽن صدين ۾ يورپ ۾ گڏ ٿيا هيا.

حقيقت ۾ مغربي دنيا جي هيءَ انگريزي ٻولي ۽ ان جو ادب اهو فرض پورو ڪري رهيا هئا ۽ اهو حق ادا ڪري رهيا هئا، جيڪو مشرقي ٻولين ۽ ادبن جهڙوڪ سنسڪرت، عربي ۽ فارسيءَ جو مٿن چڙهيل هو. مغربي علم ۽ ادب جا متوالا ڪاليداس، جئديو، ميران ٻائي، فردوسي، حافظ، خيام، سعدي، معري، بوعلي سينا، ابن خلدون، ابن رشد، فارابي ۽ غزالي جهڙن مفڪرن جي ئي مئخانن مان سرڪيون پيتل هئا. هو ساڳئي اوچي شراب کي نئين زماني جي نون تجربن ۽ احساسن جي بٺين ۾ چمڪائي، صاف ڪري، نين بوتلن ۾ ڀري، مشرق کي پيارڻ لاءِ کڻي آيا هئا. هاڻي شراب جو نشو تيز هو.

سنڌ ۾ انگريزيءَ جو پهريون ڦل قليچ جا ترجما آهن. قليچ شيڪسپيئر کي لطيف جي وطن ۾ وٺي آيو. وڪٽر هيوگو ۽ بيڪن کي ميرن جو ملڪ ڏيکاريائين. يورپ جي ادبي باغن مان مٺا ۽ تازا ميوا پٽي آڻي، سنڌين جي اڳيان رکيائين. افسوس جو سندس نظر رئبلاس، بالزاڪ، ڪروانتيس، ٽالسٽائي، ايبسن، ٿامس پين، روسو، چيخوف، گوگول ۽ خاص ڪري ڊڪنس جي ڦلواڙين ڏانهن نه ويئي، پر هڪڙو ماڻهو نيٺ به ته ڇا ٿو ڪري سگهي؟

ساڳئي وقت انگريزن جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو ادبي ڪارنامو شاهه جي رسالي جي ترتيب آهي. سورلي لطيف کي ڳوئيٽي، شلر، نٽشي ۽ مارڪس جي وطن وٺي ويو. انگريزن جي آندل پريس ۽ ڇاپخانن، علم جا موتي بازارين ۾ ڍير ڪري ڇڏيا.

هوڏانهن ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ عملدار بنجڻ جا اميدوار سنڌي نوجوان، بائرن، شيلي، هارڊي، شيڪسپيئر ۽ ملٽن پڙهڻ لڳا. ڏٺائون ته مومل راڻي، سهڻي ميهار، عمر مارئي کان سواءِ ٻيا به ڪي عاشق ٿي گذريا آهن. ڪافين، ڏوهيڙن، غزلن، بيتن ۽ ڳجهارتن کان سواءِ سانيٽ ۽ ترائيل نالي به ڪي شيون آهن. امير حمزي، گل بڪاولي، ممتاز دمساز، عروس ڪربلا، ۽ حورعجم کان سواءِ ٻيون به ڪي آکاڻيون آهن، جن کي افسانو ۽ ناول چئبو آهي. اهڙي به ڪا مخلوق دنيا ۾ پيئي آهي، جتي پيار ڪرڻ ڏوهه ڪونهي، جتي ڪنوار پنهنجو گهوٽ پاڻ چونڊيندي آهي، جتي زندگيءَ جي هر ميدان  ۾ زالون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلن ٿيون، جتي شاعر وڻن، پکين، جبلن، ندين ۽ سامونڊي نظارن بابت به نظم لکن ٿا، جتي قلم تلوار کي ڪاٽي ٿو، جتي ادب ۽ شاعر درٻارين يا مشاعرن جو سينگار نه، پر انقلابن جو علمبردار آهي، جتي عقل وهمن ۽ تعصب ۾ جڪڙيل نه آهي، جتي شڪ ۽ بي ويساهي ڪفر نٿا ليکجن، جتي تلاش ۽ ڳولا بدعت نه آهي، جتي آزمائش ۽ تجربي جو راڄ آهي، جتي زندگيءَ ۾ گرمي، تيزي ۽ تڙپ آهي، جتي تمنائون ۽ اميدون مايوسيءَ تي غالب آهن، جتي صبر ۽ شڪر جو نالو سستي ۽ بي همتي آهي،جتي طبقي، قوم، مذهب ۽ نسل جي نالي ۾ رچايل ڍونگن جي قلعي کولڻ وارا سوريءَ تي نٿا چاڙهيا وڃن، جتي ماڻهو حاڪمن جي رعيت نه بلڪ ملڪ جا مالڪ ليکيا وڃن ٿا، جتي جي حاڪمن مٿان عام راءِ، شهري آزاديون، آزاد پريس ۽آزاد چونڊون جي نالن واريون تلوارون لٽڪيل آهن، جتي ڏاڏي آدم جي واريءَ واريون رسمون رواج ختم ٿي چڪا آهن، جتي عيسائي عالم ۽ اديب ٻين مذهبن جي اڳواڻن، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، گوتم ٻڌ، زرتشت وغيره جي ساراهه ۾ ڪتاب لکن ٿا، ته کين سنگسار نٿو ڪيو وڃي، ۽ اٽلو کين فراخدل ۽ روشن خيال ليکيو وڃي ٿو، جتي اديب نه صرف پنهنجيءَ ذات ۽ محبوب سان، بلڪ سموريءَ انسانيت سان محبت رکن ٿا. ڪشنچند بيوس جو نظم الله جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي، حيدر بخش جتوئي جو ڀلي آئين جيءُ آئين درياءَ شاهه فتح محمد سيوهاڻي جو دنيا جو دور، حافظ شاهه حيات جو نظم دلاسو، وغيره، مغربي ادب جي اثر هيٺ، نئين دور جي سنڌي شاعريءَ جي پرهه ڦٽڻ جا آثار هئا. هنن شعرن جا شاعر پراڻا نالي چڙهيل عاشق نه آهن، جن جو ڪعبو قبلو سندن ليليٰ آهي، جن جي سموري ڪائنات يار جي گهٽيءَ تائين محدود آهي، جي رڳو پنهنجي مطلب جا يار آهن ۽ جن کي پنهنجو يار ملي ته پوءِ سڄي دنيا ڀلي وڃي ڦاهو کائي مري!

هنن شاعرن جو محبوب سندن وطن ۽ عوام آهي. کين ان جي نظارن، ان جي ماڻهن لاءِ اٿاهه قرب آهي. سندن محبت وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ اونهي آهي. وٽن تصوف جي پيچيده مسئلن ۽ بي معنيٰ تشبيهن، استعارن ۽ صنعتن جي سکڻي رڃ يا پراڻو نصيحت جو انداز ڪونهي. هنن جو شعر سادو، صاف، حسين، ۽ اعليٰ جذبو پيدا ڪندڙ آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر گربخشاڻي جهڙن مضمون نگارن ۽ انشا پردازن مغربي مضمون نگاريءَ ۽ تحقيق جي ڊول تي سنڌ جي ماحول کي ادب ۾ پيش ڪيو. سندن ٻولي اڳئين دؤر جي تصنع، لفظن جي ڀرمار ۽ معنيٰ  جي پيچيدگين کان آزاد آهي. سندن مضمون بلڪل نوان آهن. هو ڪڏهن گنجي ٽڪر جهڙن مڪاني نظارن کي سهڻي نموني پيش ڪن ٿا، ته ڪڏهن گرهوڙي، ميين عنايت، جلال فقير جهڙن وساريل شاعرن جي نالي کي وري زندهه ڪن ٿا، ۽ ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکي اسان جي ادبي ورثي کي عوام آڏو پيش ڪن ٿا. ساڳيءَ ريت پروفيسر شهاڻي، ديوان ڪوڙي مل، پرمانند ميوارام، لعل چند امر ڏني مل، ڄيٺمل پرسرام ۽ ۽ ٻين اهڙا مضمون لکيا، جي درحقيقت سنڌ جا اوائلي مختصر افسانا هئا. هنن جا موضوع سادا ۽ عام هئا، پر ٻوليءَ جي قدرتي حسن ۽ بيان جي بي پناهه دلڪشي ۽ واقعات نگاريءَ جي سچائيءَ جي خيال کان انهيءَ دور جا ڪيترا مختصر افسانا هئا.  جن جو جواب اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي. هيڻا هر ڪنهن وهيڻا ۽ موڳو مئجسٽريٽ جهڙن افسانن جي ٻوليءَ ۽ انداز کي ڊڪنس، اسٽينبڪ ۽ گورڪيءَ جهڙن عظيم ترين لکندڙن جي ڀيٽ ۾ فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو.

سنڌي نثر کي هنن لکندڙن سادگي، حسن ۽ ادائگيءَ جي سچائيءَ جي جنهن معراج تي پهچايو، تنهن کان اسان جا اڄوڪا لکندڙ اڃا ورلي ڪو مٿي چڙهي سگهيا آهن. غالب جي مشهور خطن وانگر، هو لکن نٿا مگر ائين محسوس ٿئي ٿو گويا هو ڪنهن گهري دوست سان رهاڻ پيا ڪن. هو سنڌيءَ ٻوليءَ جي فطرتي سونهن جا پارکو ۽ قلم جا ڌڻي هئا.

انهن شاعرن، اديبن ۽ نثر نويسن نئين دور جي ادب جي پيڙهه وڌي. هنن مشرقي زبان جي ادب سان گڏ مغربي نثر نويسيءَ ۽ شاعريءَ جو مطالعو ڪري، ان جي بهترين خوبين کي پنهنجو ڪرڻ جي شروعات ڪئي، ۽ ائين ڪرڻ سان انهن سنڌي ادب جي اوساري کنئي.

ساڳئي وقت هنن بنگالي، هندي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي شاهڪارن کي ترجمو ڪري، سنڌي ادب جي دنيا ۾ آندو. ان ڪري سنڌي نوجوان تعليم يافته طبقو، خاص ڪري سنڌي اديب، ويهين صديءَ اندر دنيا ۾ آيل نون خيالن کان واقف ٿيا.

جاسوسي ناولن اسڪولي شاگردن جي دنيا بدلائي ڇڏي. جان عالم، حاتم طائي، امير حمزي جي جاءِ تي بليڪ، شرلاڪ هومز ۽ ڊاڪٽر واٽسن اچي ويا، ويچارو بوقلمون جادوگر وسري ويو ۽ آرسن لوپن جو سڪو ڄمي ويو. انهن ناولن ننڍيءَ ٽهيءَ جي نسل ۾ پنهنجي ماحول جي سستيءَ ۽ بيڪاريءَ لاءِ بيزاري پيدا ڪئي، کين سائنس جي ترقيءَ کان واقف ڪيو، ۽ جادوءَ جو جادو سندن دلين تان لهي ويو. انهن وهمن جي جاءِ سائنس جي ايجادن والاري. هو لنڊن ۽ پئرس جي گهٽيءَ گليءَ جا واقف ٿي ويا. سندن خيالن ۾ اٿل پٿل آئي، ۽ يورپ جي حيرت انگيز ۽ پراسرار دنيا کي نئين جنت سمجهڻ لڳا.

ڏيپلائيءَ جي اسلامي ناولن وري وچولي زماني جي عربي سلطنت واري دور کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو. جنگ يرموڪ ۽ سٺ مسلمان مجاهد سٺ هزار ڪافرن کي ماري مڃائين ٿا، عيسائي نينگريون اسلام ۽ اسلامي جانبازن تي فدا ٿيو پون. توحيد سان روشن دليون سلطنت کي زير زير ڪريو ڇڏين. دشمن، اسلامي تلوار جو تاب نه جهلي، طمع ۽ لالچ جا اوزار استعمال ڪن ٿا، پر سيف الله خالد جي فوج جا بااخلاق سپاهي ڪنهن به اهڙي پکڙيل ڄار ڏانهن اک کڻي به نٿا نهارين. هنن ناولن وارو مسلمان بهادر، بي خوف، شريف، بلند اخلاق ۽ پنهنجي دور جي لحاظ کان روشن خيال آهي. هن اسلام کي وسيع خيال، فطري ۽ اعليٰ مذهب ڪري پيش ڪيو، ۽ سنڌي نوجوانن ۾ برادري ۽ انسانيت جو روح ڦوڪيو. هنن ناولن ۾ جابجا اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ جا دلچسپ ۽ جاندار شعر ڏنل هئا، جن پڙهندڙن ۾ زندگيءَ جو ولولو ۽ امنگ پيدا ڪيو ۽ منهنجن اقبال، غالب، مولانا ظفر علي خان ۽ ٻين شاعرن جي بهتر شعرن لاءِ چاهه پيدا ڪيو. ڏيپلائي انهيءَ کان سواءِ وهم پرستيءَ جي خلاف مضمون ۽ افسانا لکيا، جن ۾ پير پرستي، قبر پرستي، ٽوڻن ڦيڻن خلاف جهاد ڪيائين. ٻوليءَ جي سادگي ۽ تاثير، ۽ عبارت جي شوخيءَ جي خيال کان هنن لکڻين سنڌي ادب ۾ نيون روايتون پيدا ڪيون.

دستور موجب ڪفر جون فتوائون نڪتيون، اسلام خطري ۾ پيو،ايماني غيرت کي چئلينج مليو، پر هو ۽ ٻيا سڀئي لکندا رهيا ۽ لکندا رهيا.

(3)

نئون نياپو آيو، راڻي ملا رات،

لڌيسون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،

ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آئيا سي اگهيا.

(شاهه)

گذريل  ٻن عظيم جنگين، پاءُ صديءَ جي ٿورڙي عرصي ۾، دنيا اندر ايڏا اٿاهه ۽ بي پناهه انقلاب آندا، جن جو مثال انسان ذات جي ٽي سؤ صديون لمبي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي سگهي. اٽڪل 30 هزار ورهيه اڳ جڏهن نيم انسانن جا وحشي ٽولا تندرا جي برفاني علائقن مان يا وچ ايشيا جي صحرائي ۽ جابلو ميدانن مان بچندا، بحر ۽ بر جي جانورن ۽ آفتن توڙي هڪٻئي سان لڙندا، ماريندا ۽ مرندا، انهن کي ۽ هڪٻئي کي ڪچو کائيندا، نيل، فرات، دجله، سنڌو، وولگا ۽ ڊئنيوب ندين جي ماٿرين ۾ اچي لٿا، ۽ انسان جي خوني تاريخ جي شروعات ڪيائون، تڏهن کان وٺي اڄ تائين انساني نسل تي جيڪي وهيو واپريو آهي، سو ويهين صديءَ جي ٻيءَ چوٿائيءَ واري عرصي جي تيز ۽ طوفاني واقعن جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته ڪجهه به ڪونه هو.

قديم روم جون ڪارٿيج، ايران ۽ يونان سان مشهور جنگيون، ايران ۽ يونان جا تاريخي ٽڪر، صليبي لڙاين جا زبردست ڪوس، تاتارين جون وحشي يلغارون، يورپ جون ٽيهن سالن واريون مذهبي جنگيون ۽ نيپولين جون طوفاني ڪاهون. هنن ڀيانڪ قيامتن جي مقابلي ۾ ڄڻ ته ٻاراڻا کيل هئا.

ليڪن انهن قيامت خيز تباهين جي پيٽ مان زندگيءَ جون اهي بي پناهه نراليون قوتون پيدا ٿيون، جن ڄڻ ته اک ڇنڀ ۾ انسان جي تقدير ۾ زبردست انقلاب آڻي ڇڏيو. سائنس جي عقل چرخ ڪندڙ ايجادن، موٽرن، ريلن، ۽ هوائي جهازن مفاصلن ۽ دورين کي نيست و نابود ڪري، عام انسانن کي ابن بطوطه ۽ مارڪو پولو جو همعصر بنائي ڇڏيو. پريس، ريڊئي، ٽيليفون ۽ ٽيليوزن هر انسان کي جام جشمبد جو مالڪ بنائي ڇڏيو، جنهن جي آئيني ۾ هو روز زمينن توڙي آسمانن جا اسرار ڏسڻ لڳا. عام تباهيءَ سڄي دنيا جي انسانن کي گڏيل خطري کان خبردار ڪيو، ۽ آهستي آهستي اها ڳالهه هر ڪنهن جي دل ۾ گهر ڪري ويئي ته بني آدم سچ پچ هڪٻئي جا عضوا آهن. سڀني کي گڏ مرڻو ۽ جيئڻو آهي، سڀني جا مسئلا، ساڳيا آهن. سموري انسانذات مظلوم آهي. جنگ ۽ جهيڙا انسانيت جي نابالغيءَ واري دور جون خطرناڪ حرڪتون آهن. جنگ بهادرن ۽ دلاورن جو نه، پر ڦورن ۽ ڌاڙيلن جو شيوو آهي. ٻين ملڪن کي غلام رکڻ ۽ عظمت ۽ ناموس ناهي، بلڪ انسانيت خلاف جرم ۽ بين الاقوامي  بداخلاقي آهي.

انسانيت جي انهيءَ تاريخي بيداريءَ لاءِ ميدان تيار ڪرڻ ۾ دنيا جي روشن خيال اديبن ۽ شاعرن زبردست پارٽ ادا ڪيو. گذريل ٻن اڍائي صدين ۾ فرانس ۾ ڊڊرو، والٽيئر، روسو، اناتول فرانس، بالزاڪ، وڪٽر هيوگو، ايمل زولا، سارتري، استاندال، رومين رولان وغيره، انگلينڊ ۾ رابرٽ برنس، بائرن، شيلي، ڪارلائل، برناڊشا، ايڇ. جي. ويلس، ڊڪنس، ٿئڪري، هارڊي، جرمنيءَ ۾ ٿامس مئن، روس ۾ ٽالسٽاءِ، گورڪي، شولو خوف، گوگول، چيخوف، داستوو وسڪي، ماياڪا وسڪي، نيڪراسوو، ايليا اهرنبرگ، آمريڪا ۾ ٿامس پين، مارڪ ٽوئن، والٽ ويٽمن، سمرسٽ ماهم، ٿيڊور ڊريسر، هاورڊ فاسٽ، جان اسٽينبڪ، هيمنگ وي، وغيره، هندستان ۾ منشي پريمچند، رابندر ناٿ ٽئگور، لطيف، غالب، اڪبر اله آبادي، نظير اڪبر آبادي، علامه اقبال، جوش وغيره، ناروي ۾ ابسين، چين ۾ لوهسون، مائؤتون، جهڙن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن دنيا جي انسانن کي نئون نياپو ڏنو. جتي اڳئين زماني ۾ هاڪاري هومر صرف يونان جي عظمت جا ترانا ڳايا آهن، عظيم فردوسي صرف ايران جي ناموس جو ڏونڪو وڄايو آهي، ڪپلنگ فقط انگلينڊ جي شان ۾ قصيدا پڙهيا آهن، نٽشي جرمن قوم کي آسمان تي کنيو آهي، لوئي ڪئميونس پورچوگيز سلطنت جي مدح سرائي ڪئي آهي، ۽ امرءِ القيس عربستان جي ڀٽ، عورتن، تلوارن ۽ شراب جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، اتي هنن نئين زماني جي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن سڄي انسان ذات جي دکن ۽ دردن، آسن ۽ اميدن، احساسن ۽ جذبن جا داستان لکيا. هنن اڳئين زماني جي اديبن ۽ شاعرن جي خيالي ڪاڪ محلن کي ترڪ ڪري، عام انسانن جي عملي جدوجهد ۾ شريڪ ٿي، سموري انسانيت جي روشن مستقبل واسطي جهاد ڪيو. هنن جو اعلان هو.

خدا ڪـﻶ بندي تو هين هزارون بنون مين پهرتـﻶ هين مارﻵ مارﻵ

مين اس کا بنده بنون گا جس کو خدا ڪـﻶ بندون سـﻶ پيار هوگا

(اقبال)

ادب ۽ شاعري هنن لاءِ دماغي عيش جو سامان يا بادشاهن ۽ اميرن کان انعام حاصل ڪرڻ جو وسيلو نه هو. قارون جا سمورا خزانا به هنن کان سندن ضمير خلاف هڪ سٽ به لکائي نٿي سگهيا. هنن جو قلم صرف ڪنهن سهڻي جي قيد ۽ بت، هار ۽ سينگار، ناز ۽ ادا، ستم ۽ بيوفائيءَ جي داستانن لاءِ وقف ٿيل ڪونه هو، بلڪ هنن پنهنجن قلمن سان ساريءَ دنيا کي حسين جنت بڻائڻ ٿي گهريو. هنن انسانن جي برف جيان ڄميل خيالن جي دنيا ۾ بارود جون سرنگهون هنيون، جن جي ڌماڪن بادشاهن ۽ سلطنتن ۾ زلزلا وجهي ڇڏيا. هنن ڪيئن ڇٽ پٽن سان هڻي ڇڏيا، ڪيئن ظلم ۽ ستم جا جهونا ڳڙهه جلائي خاڪ ڪري ڇڏيا. هنن جي قلمن ۾ کنوڻ جي شوخي، طوفانن جي مستي ۽ قيامتن جي سچائي هئي. آمريڪي، فرينچ، روسي ۽ چيني انقلابن جا ڀنڀٽ هنن جي ئي دکايل چڻنگن مان ٻريا هئا.

گذريل جنگ عظيم بعد دنيا جي سمورن ملڪن جا ادبي وهڪرا پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا، ۽ قبائلي، قومي ۽ ملڪي ادب بدران هڪ اهڙو وسيع ۽ اعلى ادب ۽ شعر وجود ۾ اچڻ لڳو، جو رڳو ٻوليءَ ۽ بناوت جي خيال کان قومي ۽ ملڪي هو. منجهس عشق، محبت، درد، فراق حادثن، روز مره جي واقعن، خانداني جهيڙن جهٽن، دشمنين، نفرتن، سماجي ريتن رسمن، انساني مايوسين، نااميدين، ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا اهي ذڪر هئا، جي اصل کان وٺي اديبن ۽ شاعرن  جا موضوع هئا. هنن جون لکڻيون پنهنجين ٻولين جا شاهڪار آهن. سندن تخليقون سندن وطن جي ماڻهن جو جيئريون جاڳنديون تصويرون پيش ڪن ٿيون. مگر هنن جي نظر نرالي هئي. ڳالهه ساڳي، حقيقتون ذري گهٽ ساڳيون، پر انهن کي ڏسڻ واري اک ٻي هئي. هي اکيون رونشو ڏسندڙ تماشاين جون نه هيون، واٽهڙو مسافرن جون نه هيون، جو جيڪي به ٿئي سو ڏسي، کن پل لاءِ مزو وٺي يا خفي ۽ ناراض ٿي، پنهنجي راهه وٺي رمنديون رهن:  هي اکيون انهن جون هيون، جي نه رڳو تماشائي پر خود تماشو هئا، جيڪي ٿئي پيو سو ساڻن ٿو ٿئي، مٿن ٿو ٿئي. هنن جي قلم جو گهوڙو ميڙي ۾ پڙ ڀڄڻ وارو گهوڙو ناهي، جو صرف انهيءَ ڪري ڀڄائجي ٿو ته ماڻهو سندس ٽور ۽ پنڌ ڏسي داد ڏين، سندس چال ۽ شان، سندس وک ۽ ڊول، سندس سيج ۽ سينگار ڏسي واه واه ڪن. هنن اديبن جو قلم فقط انهيءَ ڪري جولان کائي ٿو، ڇاڪاڻ ته هنن کي تمام ضروري پيغام ڏيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هو محسوس ٿا ڪن ته جيڪي هنن ڏٺو سو ٻين کي ٻڌائڻ بنهه ضروري آهي. سڀ ڪجهه ڏسي وائسي چپ ڪري ويهڻ هنن وٽ بداخلاقي آهي، جرم آهي، انسانيت جي وقار ۽ شان جي خلاف آهي. هو بي زبان ۽ مظلوم انسانيت جي زبان آهن. هو صدين جي گونگيءَ پڪار جو پڙاڏو آهن، هنن جي اک زمانن ۽ مڪانن جي سرحدن کي چيري، انسان جي ازلي بلنديءَ  ۽ پستيءَ جي داستان کي ڏسي  ٿي ۽ انهيءَ کي پڙهي ٿي. هنن لاءِ عام انسان آدم آهي، هر عورت حوا آهي، هي اديب، شاعر ۽ دانشور سموري انسان ذات جي ساٿ سان هلندڙ ۽ ان جا حامي ۽ علمبردار آهن. سندن ادب انسانيت جو گڏيل ورثو آهي.

ٻي جنگ عظيم نه رڳو انسان ذات تي عظيم ترين تباهي آندي، پر ان تباهيءَ خلاف انسانن جي دلين ۾ عظيم ترين احتجاج جو طوفان پڻ برپا ڪيو. جيئن نيپولين جي جنگين سبب ٽالسٽاءِ جو عظيم شاهڪار جنگ ۽ صلح ناول پيدا ٿيو، ۽ پهرينءَ جنگ عظيم لارمارڪ جي ناول مغربي جنگي ميدان خاموش آهي، ۽ جان گالو ورديءَ جي افسانن ٽئٽرڊ ملين جهڙن انسان دوستيءَ سان ٽمٽار  ادبي ڪارنامن کي جنم ڏنو، تيئن ٻي جنگ عظيم ايليا اهرنبرگ جي ناول طوفان ۽ پئرس تي قبضو تاجيڪ شاعر بابر جمبول جي نظم مادر وطن، ازبيڪ شاعر مرزا ترسون راده جي نظم مشرق، مخدوم محي الدين جي نظم جنگ آزادي، ۽ سردار جعفري جي نظم صلح جو ستارو جهڙن لافاني امن پرور ادبي تخليقن کي وجود ۾ آندو. انگريز ديو کي هٽلري آفت جي چنبي ۾ ڦاٿل ڏسي، هندستان جي مظلوم ۽ محڪوم عوام  ۾ آزاديءَ جي آس ۽ همت پيدا ٿي. ڪرشنچندر، خواجه احمد عباس، مجاز دهلوي، نياز حيدر، ڪيفي اعظمي، ساغر نظامي، ساحر لڌيانوي، اختر الايمان، فيض احمد فيض، سردار جعفري، مخدوم محي الدين، جگن ناٿ آزاد، مهندر ناٿ، ديوندر ستيارٿي، احمد نديم قاسمي، عصمت چغتائي، ۽ ٻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن آزاديءَ، بغاوت ۽ انقلاب جا شعلا ڀڙڪايا.

هيڏانهن سنڌ ۾ هڪ طرف فعولن فاعلانتن، جو پراڻو ڏاڏي آدم جي واري وارو بي سرو رينگٽ چالو رهيو، ته ٻئي طرف ڪاليجن ۽ اسڪولن جي نوجوانن ۾ بيداري ۽ ملڪي آزاديءَ جو زبردست جذبو ۽ ولولو پيدا ٿيو. انهيءَ تحريڪ جا باني شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، حيدربخش جتوئي، گوبند مالهي، اُتم ۽ ٻيا نوجوان هئا. هنن افسانه نگارن، مضمون نويسن ۽ شاعرن جي جماعت نه رڳو سوين سال پراڻي اردو شاعريءَ جي پراڻن لتاڙيل پيچرن کان پاسو ڪيو، بلڪ خود سنڌي ادب ۾ اهڙا بيان جا طريقا پيش ڪيا، جي جيتوڻيڪ مغربي دنيا ۽ ايشيا جي اڀرندڙ ملڪن ۾ گهڻو اڳي رائج ۽ مقبول ٿي چڪا هئا، پر سنڌ لاءِ بلڪل نوان، غير مانوس ۽ سچ پچ ته اوپرا هئا. شيخ اياز جو گيت انقلاب ئي وٺو-

ڳاءِ ڳاءِ نوجوان، جيئن زمين آسمان

جي کلي پوي زبان، زندگي اٿي چوي- انقلاب!

هي به ڪو نياءُ آ، جو مزور ڀاءُ آ،

سو لهو پئي پيو- جنهن سبب جيئي پيو،

سو پئي پيو شراب- انقلاب!

سنڌ، جنهن ۾ هزار سالن کان برهمڻ شاهيءَ جون آهني زنجيرون ڇڻاٽ ڪنديون رهيون، جنهن کي اسلام جي نور سان منور ڪرڻ وارو حجاج بن يوسف ثقفيءَ  جهڙو اسلامي تاريخ جو بدنام ترين قاتل هجي، جا ڄڻ ته روز ازل  کان پنهنجي ملڪ کان لوڌيل ۽ تڙيل ڌاڙيلن ۽ لٽيرن لاءِ جاگير طور وقف ٿيل هئي، جنهن جي تاريخ جو هر باب ڦرلٽ، ظلم، ڏڪار ۽ دهشت انگيزيءَ سان ڪارو ٿيل آهي، جا هر دور ۾ مدد خان، نادر شاهه ۽ ابداليءَ جهڙن بين الاقوامي ڌاڙيلن هٿان باهه ۽ رت جي سمنڊ ۾ ٻڏندي رهي آهي، اتي جي هيسيل، پيڙيل ۽ بيحس عوام اڳيان انقلاب جو نالو وٺڻ ڄڻ ته ڪانءَ اڳيان ڪمان رکڻ آهي. ڇا سنڌ، ۽ ڇا انقلاب!  وري مزور ڀاءُ! ڀلا سنڌ ۾ مزور به ڪڏهن ڀاءُ ٿيو آهي؟ اول ته هتي مزور نه پر هاري آهي. اهي به، سڀني کي خبر آهي ته گونگيءَ گانءِ وانگر، صدين کان، ڪوڏر ڪلهي تي، گوڏ ٻڌيو ڊوڙندا وتن، انهن جو انقلاب ۾ ڇا وڃي؟

پر هنن شاعرن ۽ اديبن جي نظر رڳو سنڌ نه پر سموريءَ دنيا جي تاريخ تي هئي، هنن کي خبر هئي ته اڄوڪي دنيا اور آهي. کين معلوم هو ته اوڀر ۽ اولهه ۾ انقلابي طوفان اٿي رهيا آهن، جي انگريزي سلطنت شاهيءَ جي بنياد ۾ زلزلا وجهي ڇڏيندا. کين محنت ڪندڙ طبقي جي اسرندڙ قوتن جو صحيح اندازو هو. سنڌ جهڙي جهالت جي ماريل ۽ دنيا جي ڪنڊ ۾ اڇليل ننڍڙي ٽڪري کي خبر هجي نه هجي، پر دنيا ۾ عظيم انقلاب اچي رهيا هئا. هنن نوجوانن دنيا جي ٻين ملڪن جي روشن خيال، عوام دوست اديبن جي نقش قدم تي نئين دور لاءِ نئين ادب تخليق ڪرڻ جي شروعات ڪئي. هنن پنهنجي ادب ۾ سنڌ جي ڏتڙيل ۽ مظلوم هارين جي حالت جو نقشو چٽيو، سنڌ جي سماجي رسمن ۽ ريتن جي پردي ۾ جيڪي ناحق ۽ ظلم ٿين ٿا، تن جي بيخوفيءَ  سان اوگهڙ ڪئي. هنن محنت ڪندڙ طبقي جي حقن مٿان لڳندڙ ڌاڙن جو ذڪر ڪيو. هنن غلاميءَ خلاف آواز اٿاريو. هنن انگريزي دٻاءَ ۽ دهشت انگيزيءَ کي پوريءَ قوت سان بي نقاب ڪيو.

انهيءَ کان سواءِ هنن سنڌي ادبي ٻوليءَ کي ان گند ڪچري کان پاڪ ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي، جيڪو ڪيتري ئي وقت ۾ سنڌي ادب ۾ گڏ ٿي چڪو هو. اڦٽ مار، دير هضم، اوپرا لفظ، فرسوده ۽ بي معنيٰ ڌاريون تشبيهون ۽ استعارا، ۽ مدي خارج، اڏوهي کاڌل صنعتون ترڪ ڪيون ويون.

(4)

موکي! متارن جا ننڍا ڪيم نهار،

سامايا سري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،

ناڻو ڪيم نهار، سر پڻ ڏيندا سٽ ۾.

(شاهه)

ڳالهه ڪندا آهن ته مڪتب جا خٿابي اٺ کي به مسجد تي چاڙهي ويا. اها ڳالهه صحيح هجي يا نه، پر شاگردن جي ستاديءَ ۾ ته ڪو شڪ ڪونهي. تاريخ شاهد آهي ته هن دور جا سمورا انقلاب (ذهني، سماجي ۽ سياسي) ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ڄاوا ۽ نپنا آهن. اهي دهلي، علي ڳڙهه ۽ ڪلڪتي، لاهور ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان ڀڙڪي اٿيل بغاوت ۽ انقلاب جا اُلا هئا، جن دکي دکي، ڀنڀٽ بنجي، انگريز اقتدار جي آسمان سان ٽڪر هڻندڙ هيبتناڪ قلعن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. اهي استنبول جي فوجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد هئا، جن خليفہ المسلمين، امير المومنين، سلطان عبدالحميد جي مدي خارج، رجعت پرست ۽ وطن دشمن حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، ترڪيءَ جي قسمت کي اهڙو بدلائي ڇڏيو، جو جيڪا ترڪي يورپ جي بيمار زال ليکبي هئي ۽ جيڪا پهرين عالمگير جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ بريءَ طرح شڪست کائي چڪي هئي ۽ روس، انگلينڊ، فرانس ۽ يونان کيس پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري ورهايو ويٺا هئا، تنهن پنهنجي نوجوان انقلابين جي جهنڊي هيٺ ايندي شرط، يورپ جي فاتح طاقتن کي اهي اکيون ڏيکاريون، جو مڙس پنهنجن حصن پتين تان هٿ کڻي، ٽپڙ گول ڪري، يڪساهيءَ وڃي گهر پهتا. وري اڃا تازو ڪالهوڻي ڪالهه جڏهن جلال بايار ۽ عدنان مندريس جي ٽوليءَ آمريڪي جيٽ طيارن ۽ راڪيٽن جي زور تي ترڪيءَ ۾ نادر شاهي ظلم کڙو ڪيو ۽ وڏن وڏن سياسي ليڊرن، مدبرن ۽ فوجي جنرلن کي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي همت نٿي ٿي، تڏهين ترڪيءَ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا سرويچ نوجوان مستن وانگر ڪڏي، ميدان ۾ ڪاهي پيا. استنبول جي گهٽين ۾ ڪوس شروع ٿي ويو. هزارن کي قتل ڪري، سندن لاش ساڙي گم ڪيا ويا. پر نوجوان شاگرد ڪسندا، ڪٽبا، مرندا ۽ وڙهندا رهيا.

پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،

پسي لهس نه لچڪيا، سڙيا مٿي سچ،

سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!

 آمريڪا جي راڪيٽن ۽ جيٽ هوائي جهازن جو خوف دلاورن جي دلين کي ڏڪائي نه سگهيو. مندريس جي طاغوني فوج هنن جي پهاڙ جهڙن مضبوط ارادن کي شڪست ڏيئي نه سگهي. تان جو حق جي فتح ٿي، ۽ آمريڪا جو لاڏلو ۽ ڊلس جو دادلو مندريس، شاگردن جو جلاد مندريس (۽ ان وقت جي پاڪستاني حاڪمن سهروردي ۽ ڪمپنيءَ جو پڳ مٽ يار مندريس) ائين ميدان مان الوپ ٿي ويو، ڄڻ ڪڏهن هوئي ڪونه. اهي ڏکڻ ڪوريا جا سپوت شاگرد ئي هئا، جن سنگمن ريءَ جي بربريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ کي لحظي ۾ فنا ڪري ڇڏيو، ۽ هو ٽپڙ ٻڌي، رات وچ ۾ بنا ٽڪيٽ وڃي، پنهنجي آقائي گهر آمريڪا کان نڪتو. جپان جي انقلابي شاگردن جي مظاهرن ۾ نانگن وارن ناچن آمريڪي صدر آئزن هاور لاءِ جاپان جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ جپاني حڪومت بيوس ۽ لاچار بنجي، صدر صاحب کي لکي موڪليو ته اوهين مهرباني ڪري في الحال تڪليف نه ڪريو، ڪنهن ٻئي وقت تشريف فرما ٿجو! اهو ٻيو وقت آئزن هاور صاحب لاءِ وري ڪونه آيو. مصري انقلاب جو ٻج به مصر جي فوجي اڪيڊميءَ جي شاگردن پوکيو. اتي جي هوئڻهار ۽ زنده دل نوجوان شاگردن، ناصر، انورالسادات، عامر ۽ ٻين شاهه فاروق کي مصر مان هڪالي ڪڍيو، ۽ مصر، جو اڳي جاگيردارن ۽ پاشائن جو پيڙيل ۽ انگريزن جي آنڪي ڀريندڙ ٿرڊ ڪلاس ملڪ هو، تنهن کي تندرست ۽ توانا ڪري، دنيا جي اڀرندڙ قوتن جي صف ۾ آڻي کڙو ڪيو. برصغير هند- پاڪ جي جنگ آزاديءَ ۾ شاگردن جيڪو حصو ورتو، سو تايخ ۾ ياد رهندو. جڏهن سنڌ اندر هندستان خالي ڪريو تحريڪ هلائي ويئي، تڏهن جنهن شخص پهرين سر ڏنو هو، سو هڪ ڪمسن ۽ ڪمزور جسم وارو شاگرد هيمو ڪالاڻي هو، جنهن ڦاسيءَ جي تختي تي وطن جي آزاديءَ جا نعرا هڻندي دم ڏنو. مطلب ته اوڻيهين ۽ ويهين صديون در حقيقت نوجوان طبقي جون صديون آهن. جڏهن جڏهن ۽ جتي جتي اونداهين جو راڄ آهي، ملڪي نظام حيواني آهي، ماڻهو گونگا، ٻوڙا ۽ مظلوم آهن، سڀ شريف ۽ سمجهو ماڻهو چپن کي چنو لايو تماشو ويٺا ڏسن، واهيات خيالن ۽ فرسوده دستورن جو سڪو ڄميل آهي، تڏهين شاگرد ۽ تعليم يافته نوجوان ميدان ۾ ٽپي پون ٿا.

پري پتنگ آئيا سي سهائي جل،

ڪندا ڪنڌ اڇل، ڏيندا مچ کي.

(شاهه)

هو نئين فڪر ۽ تخيل جون نيون جڳمڳائيندڙ مشعلون کڻي، اونداهين جي سيني کي چيرين ٿا، هو اهڙا نوان خيال ۽ اصول کڻي اچن ٿا جي ڪنهن سئا نه ٻڌا.

هي جي آيا هير، سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهين!

ڏوٿي سا ڏورين، جو جوءِ مئي نه ٻڌي!

هو مدي خارج ريتن ۽ رسمن جي ڪوٽن، اڏوهي کاڌل اخلاقي سياسي ۽ سماجي قدرن ۽ نظامن جي پاڙن کي پنهنجن روشن نظرين، اٽل ارادن ۽ بلند حوصلن جا چنجور کڻي اچي لڳن ٿا.

سپ، کپر سڄا ڳهي، نانگن ڳوليو کاءِ،

تنين لئي واجهاءِ، مڻيو جن مٿن ۾!

(شاهه)

ڪي سياڻا ڪي ڏاها اول سندن ڳالهين کي بيزاريءَ مان کلي. ٽاري ڇڏين ٿا، ۽ ڪي سندن بدتميزيءَ تي ڪاوڙجن ٿا. ٻيا انهن جي پاڳلپڻي تي عجب کائين ٿا. ڪن کي مٿن رحم ٿو اچي. نيٺ جن جي پيٽ تي لت ٿي اچي، يا جن جي رنگ ۾ ڀنگ پوي ٿو، سي دٻاءَ ۽ ڏاڍ جي مشنريءَ کي حرڪت ۾ آڻين ٿا. مٿن فتوائون نڪرن ٿيون، کين سر بازار خوار ۽ ذليل ڪيو وڃي ٿو، کين ڪاٺ ۾ هنيو وڃي ٿو يا سوريءَ تي لٽڪايو وڃي ٿو. پر هي پنهنجيءَ ڌُن ۾ پنهنجيءَ منزل جي خيالن ۾ غرق، ٽوڪن ۽ چٿرن کان بي نياز، نڪته چينيءَ ۽ ڪاوڙ کان لاپرواهه- پنهنجي عظيم اصولن لاءِ زندگيءَ جي بازي لڳائيندا، اڏول قدمن سان منزل مقصود ڏانهن وڌندا رهن ٿا.

ڪنڌ ڪٽارو منهن وٽي، عادت سندن ايءَ،

تنهين تڪون ڏنيون، جنبي منجهان جيءَ،

سرو تن سپيءَ، جنين سانگ نه ساهه جو.

هي ماڻهو عجيب مٿي ڦريل ۽ اونڌي کوپڙيءَ وارا ٿين ٿا. ساري دنيا هڪ طرف ته هي ٻئي طرف، هي چڱي ڀلي بدن کي اَڪ جو کير مکين ٿا، ککر ۾ کڙا هڻن ٿا، ڏينڀن جي مانارن ۾ هٿ وجهن ٿا. جڏهن هر ڪو ماڻهو رات ڏينهن رڳو سکي ٽڪر کائڻ ٻچن پالڻ ۽ آئيندي جي آذفي ٺاهڻ ۾ مشغول آهي، جڏهن هر ڪو ججهن جي صلاح تي هلي، هائو ۾ هائو ملائي، پاڻ وڻائي ٿو، عزت ۽ مان شان حاصل ڪري ٿو ۽ دنيا جي نعمتن سان مالا مال ٿئي ٿو، تڏهن هي چريا  پنهنجي ڦٽائي پرائي پچار ڪندا رهن ٿا. اهڙيون ڳالهيون پيا سوچيندا، جن جو نه ساڻن واسطو، نه سندن اهل عيال، اوڙي پاڙي يا مائٽ مٽ سان. ٻيو ته ٺهيو، پر جنهن قوم جو درد سيني ۾ کڻيو ويٺا هوندا، سا پڻ اڪثر منجهانئن انت بيزار رهندي.

ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،

ڇلر ۾ چهنب هڻي، مڇي سن نه اي،

لوڪ ته لکيا ٿي، جيلاهن ٻين پکن گڏيا.

هي چريا بڻائتا آهن. سندن نسل روز اول کان وٺي هليو اچي.

(5)

عاشق زهر پياڪ وه ڏسي وهسن گهڻو،

ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،

توڻي چڪنن چاڪ، ته به آه نه سلين عام سين.

(شاهه)

 اڄ کان اٽڪل اڍائي هزار ورهيه اڳ، انهن چرين جي نسل جو هڪڙو بي مسو، چريو هڪڙي سهڻي ۽ شاندار شهر ۾ رهندو هو. سندس شهر جا ماڻهو وڏا بهادر، وڏا قابل ۽ وڏا دولتمند هئا، اهو چريو پٿر گهڙيندو هو. کيس پيرن ۾ جتي ڪانه هئي، سو سدائين پيرن اگهاڙو گهمندو هو. سندس ٻار اڪثر لنگهڻ ڪاٽيندا هئا. پر هو بازار ۾ وڃي، هر ڪنهن ماڻهوءَ کان سوال پڇندو هو ۽آڏي پڇا ڪندو هو، وڏن ليڊرن، فوجي سپه سالارن ۽ اميرن سان بحث ڪندو هو ته اوهين جيڪي چئو ٿا سو سمجهو نٿا، ۽ جيڪي سمجهو ٿا سو ڪريو نٿا. ساڻس نوجوانن جا ٽولا هوندا هئا، جي به سندس چوڻي تي لڳي اشرافن جون پڳون لاهيندا ۽سچ۽انصاف جي ڳولا ڪندا هئا. آخر سڀ اشراف اهڙا اچي بيزار ٿيا، جو کيس چيائون ته يا ته پنهنجن حرڪتن کان باز اچي ماٺ ڪري ويهه، يا شهر خالي ڪري وڃ. نه ته توکي موت جي سزا ڏينداسون. هن ستر ورهين جي پوڙهي چرئي چيو ته مون کي موت قبول آهي، باقي آءٌ سچ چوڻ کان ڪين رهندس، نڪي ملڪ ڇڏيندس. ائين چئي، مرڪندي، زهر جو پيالو پي ويو اڄ ان چرئي جي عقل جو ڌاڪو آهن. هن جو هڪڙو هڪڙو اکر آيتن وانگر ياد ڪيو وڃي ٿو. هو انسان ذات جو هڪ عظيم فرزند ڪري ليکيو وڃي ٿو. سندس واکاڻ ۾ سوين ٻولين ۾ هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن. سندس نالي وٺڻ سان روءِ زمين جي ماڻهن جا ڪنڌ ادب وچان جهڪي وڃن ٿا. ان چرئي جو نالو سقراط هو.

ان کان اٽڪل 500 ورهيه پوءِ هڪڙو ٻيو چريو پيدا ٿيو. هو هڪڙي عبادت خاني ۾ ٻهاري ڏيندڙ ڇوڪريءَ جو پٽ هو. سندس وطن وارا هڪ زبردست ڌارئين بادشاهه جي رعيت هئا. ان بادشاهه جي قوم، ٻين قومن کي غلام ڪري هلائيندي هئي. ان چرئي پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڇڏي، اچي مهاڻن ۽ ڌراڙن جو پاسو ورتو. چي، انسان سڀ ڀائر آهن. غلام نه ٿيڻ کپي ماڻهو هيءَ عجيب ڳالهه ٻڌي وائڙا ٿي ويا، چي، ماڻهو ڀلا غلام ڪيئن نه ٿيندو! غريب ۽ هيڻا هميشه ڏاڍن جا غلام ٿيندا رهيا آهن. هي بيوقوف چوي ڇا پيو؟ آخر سندس ئي سنگتين مان هڪڙي وڃي سرڪاري عملدارن وٽ چغلي هنئي ته فلاڻو پاڳل ٿيو آهي ۽ الاهي بيهوديون ڳالهيون پيو ماڻهن کي سيکاري! عملدار باهه ٿي ويا، ۽ انچرئيکي ٻڌي وٺي آيا. سڀني شريف،سمجهدار ۽ عقلمند ماڻهن کيس سمجهايو. پر هن جي اتي به اهائي لولي ته ماڻهو سڀ ڀائر آهن! ڀلا، ههڙي ڪفر جي ڳالهه سمجهدار ۽ شريف ماڻهو ۽ سرڪاري عملدار ڪيئن برداشت ڪندا؟ لکپڙهون هلي ويون. آخر مٿان حڪم آيو ته سوريءَ تي چاڙهيوس! هو سوريءَ تي چڙهي ويو، باقي پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪونه لٿو. پوءِ ان بادشاهه جي پوين اعلان ڪيو ته اهو چريو جنهن کي اسان جي وڏن سوريءَ تي چاڙهيو هو، سو دراصل وڏو ڏاهو هو! اسان جو ابو هو بلڪ خدا جو پيغمبر هو، خدا جو نور هو، خود خدا هو! اڄ دنيا جا 100 ڪروڙ انسان کيس خدا ڪري مڃن ٿا ۽ 40 ڪروڙ ٻيا ماڻهو کيس خدا جو نبي، حضرت عيسيٰ! روح الله عليه اسلام ڪري مڃين ٿا.

ان کان اٽڪل 600 سال اڳ، هندستان ۾ هڪڙي بادشاهه جو پٽ اوچتو کري پيو ۽ رات جو پنهنجي سهڻي، من موهڻي زال ڇڏي ڀڄي ويو. ڳولي وڃي جهليائونس. ڏسن ته هڪ پپر جي وڻ هيٺ اکيون پوريون ويٺو آهي. پڇيائونس ته خير ته آهي؟ چيائين ته هيءَ دنيا سڀ ڪوڙ آهي. پنهنجو دين ڪوڙو آهي. پنهنجا عالم، ولي ۽ اولياءَ سڀ مڪر پيا ڪن. روزا رکڻ، غارن ۾ ويهي پاڻ کي بکون مارڻ ۽ قربانيون ڏيڻ، سڀ بيهوديون ڳالهيون آهن. اول انسان انسان ٿئي، دل صاف رکي، پنهنجي نفس سان وڙهي، پوءِ ٻي ڳالهه! شاهي محلن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ته هي ڪهڙو ڪلور! لاکيڻو پٽ هٿن مان پاڳل ٿي پيو! ديني عالم، فقيهه ۽ مذهبي پيشوا  اچي مڙيا ته شهزادا سائين، اجهو هنن ڪتابن ۾ لکيو پيو آهي ته اسين خدا جي سسيءَ مان ٺهيا آهيون، اوهين سندس ڪک مان، واپاري وڙا سندس چيلهه مان، ۽ ٻي سڄي غريب مخلوق سندس پيرن مان. پنهنجو ديني فرض آهي ته حڪومت ڪريون ۽ هنن جو ڪم آهي ته اسان جي غلامي ڪن. صاف ڳالهه پيئي آهي، خدائي فرمان آهي، ڪو تنهنجي منهنجي وس ته ڪونهي! هن کلي چيو ته اهي ڪتاب سڀ ڪوڙا آهن. اوهين سڀ مڪار آهيو! انسان سڀ ڀائر آهن، ڪوبه خدا جي سسيءَ مان يا پيرن مان ڪونه ٺهيو آهي. سڀ گنهگار آهيون. اچو ته پنهنجو نفس پاڪ ڪريون! هاڻي سڀني کي پڪ ٿي ته هي ڪافر ٿي ويو آهي، پاڳل آهي. پر بادشاهه جي پٽ کي ڇا ڪن؟ پوءِ اهو شخص سڄي زندگي محلن بدران وڻن جي هيٺان ويٺو رهيو ۽ ماڻهن کي عجيب غريب ۽ زماني جي دستور خلاف ڳالهيون ٻڌائيندي مري ويو. پوءِ، گهڻو پوءِ، ڪن ماڻهن چيو ته اهو شهزادو سچو هو. هو بيشڪ نيڪ ۽ دانا هو. خدا جو پاڇو هو! پوءِ هنن سندس چيل ڳالهيون گڏ ڪري ڪتابن ۾ لکيون، سندس مورتيون ٺاهيون، سندس عبادت شروع ڪيائون ۽ سندس مذهب ڦهلايائون، تان جو ان چرئي شهزادي جا اڄ دنيا ۾ ڪروڙين پوئلڳ آهن. ساري انسان ذات کيس ڏاهو گوتم (ٻڌ) ڪري ليکي ٿي ۽ سندس احترام ڪري ٿي.

اٽڪل ڏيڍ هزار سال ٿيندا ته هڪڙي رڻ پٽ ۾ هڪڙي قوم رهندي هئي. ان قوم جا ماڻهو وڏا بهادر ۽ دلير هئا. منجهن وڏا شاعر ۽ وڏا داناءَ هئا. هو بلڪل مذهبي ماڻهو هئا.  پنهنجن مذهبي عالمن جي ڏنل هدايت موجب، هو پنهنجي ديوتائن جي دل جان سان عبادت ڪندا هئا. منجهانئن جيڪي سرنديءَ وارا ۽ ديندار ماڻهو هئا، تن ٻين نيڪ ۽ ديني ڪمن سان گڏ، پنهنجن ديوتائن جا سٺا ۽ سهڻا بت ٺهرايا ۽ انهن کي هڪڙيءَ پاڪ جڳهه ۾ رکيائون. سڀ ديندار مرد ۽ عورتون، خلوص دل سان، اتي اچي پنهنجن پنهنجن بتن جي عبادت ڪندا هئا، مٿن صدا ڏيندا ها، کانئن دعائون گهرندا هئا. ان شهر ۾ هڪڙي نهايت نيڪ خاندان جا ماڻهو رهندا هئا. هو ٻين سڀني کان وڌيڪ پنهنجن ديوتائن جي عبادت ڪندا هئا، سڀني کان وڌيڪ مٿن سچائي ۽ مذهبي عقيدن جي پختائي ڏسي، کين کڻي ان عبادتخاني جو مجاور ڪيو. پوءِ پشتا پشت انهيءَ گهر جا ماڻهو انهن بتن جي عبادت ڪندا رهيا. ماڻهن کي بتن جي عبادت جي واٽ سيکاريندا رهيا ۽ پنهنجي دين کي زور وٺائيندا رهيا. انهيءَ ڪري سڄي ملڪ ۾ ماڻهو سندن عزت ڪندا هئا ته هي بتن جا خاص پيارا ٻانها آهن: انهن جي جيتري عزت ڪجي، بت اوترو وڌيڪ خوش ٿيندا! آهستي آهستي هي خاندان سڄيءَ قوم جو مذهبي امام ٿي ويو. پر، اوچتوئي اوچتو وڏي مجاور جو هڪڙو پوٽو جنهن جا ماءُ پيءُ مري ويا هئا، تنهن وٺي اعلان ڪيو ته ڏاڏو جن بتن جو مجاور آهي، سي بت ڪوڙا آهن! پاڻ جنهن مذهب تي آهيون، سو ڪوڙو آهي، تنهن ڪري آءٌ هي بت ڀڃندس! چؤطرف هراس ڇانئجي ويو ته هيءَ ڪهڙي ماجرا؟ ههڙي ديندار ۽ مذهبي پيشوا جو پوٽو، ههڙيون ڪفر جون ڳالهيون پيو ڪري! ٻيو ڪو ڪوري موچي يا جاهل ماڻهو بتن کان منڪر ٿئي ته به ٺهيو، هي ته خود بتن جي پياري وڏي مجاور جو پوٽو آهي! سو پيو چوي ته پنهنجن ابن ڏاڏن جو دين ڪوڙو آهي ۽ هي پاڪ بت ڀڃي ڇڏيو! هن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ هنن دانائن ۽ ڏاهن ديني ڪتاب جاچيا، پنهنجي علم ۽ دانائيءَ جي سمنڊ ۾ غوطا هنيائون، آخر وڃي اهو راز ڳولي لڌائون ته مجاور جي پوٽي تي جادوءَ جو اثر آهي ۽ چريو ٿي پيو آهي! پوءِ وڏا جادوگر وٺي آيا ته هن کي چڱو ڀلو ڪريو ته هي ڪفر جا ڪلما بند ڪري. پر هن شخص تي ڪوبه اثر ڪونه پيو. تڏهن چيائون ته جادوءَ جو اثر ڪونهيس، ته پوءِ ڪو مڪر ٺاهيو اٿس. سو، صلاح ڪيائون ته وڏي مجاور جو پوٽو آهي، ههڙي درويش ۽ بتن جي سچي عبادتگذار جي اولاد سان سختي ڪرڻ ٺيڪ ناهي. تنهن ڪري کڻي ڪنهن سهڻيءَ زال جو سڱ ڏيونس. پر هن اها ڳالهه رد ڪري ڇڏي. تڏهن چيائونس ته ڀلا اجايو ضد ٿو ڪرين ته کڻي ٿا توکي سڄي ملڪ جو بادشاهه ڪريون. تون ڀلائي ڪري ڏاهو ٿيءُ، ههڙي نيڪ ۽ ڀلاري خاندان جو اولاد ٿي، ڪفر ۾ ڪاهي نه پئه! ابن ڏاڏن جي دين کان پٺ نه ڦير! سندس چاچي به هنن جي تائيد ڪئي ۽ مائٽاڻي نصيحت ڪيائينس ته هروڀرو چريو نه ٿيءُ ۽ نڪي اسان کي ڏٺو ڪر، کڻي بادشاهي وٺ. تنهن تي سندس ڀائٽي چيس ته چاچا! جيڪڏهن منهنجي هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي تي چنڊ رکندا، ته به آءٌ انهن بتن جي مخالفت ڪونه ڇڏيندس! بس پوءِ ته سڀني کي پڪ ٿي ته هي بلڪل گمراهه ٿي ويو آهي، سو ائين ڪونه مڙندو. پوءِ سندس سر جا ويري ٿي بيٺا. مائٽ مٽ جاني دشمن ٿي بيٺس ته هن ڪفر جو خاتمو آڻينداسين، يا پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين تان سر ڏيئي سرها ٿينداسين.

اهو ماڻهو جنهن پنهنجن عجيب غريب ڳالهين سان اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن، بلڪ سڄيءَ قوم کي بيزار ڪري وڌو، جنهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين جو خانو خراب ڪري ڇڏيو، جنهن تي وقت جي سڀني عالمن ڪفر جون فتوائون ڪڍيون، ۽ جنهن جي علاج لاءِ سندس مائٽ پنهنجي زماني جا جراح ڊاڪٽر يعني جادوگر وٺي آيا، سو روءِ زمين تي پيغمبر آخر زمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم لکيو وڃي ٿو، ۽ سڄي دنيا سندس عقل، فهم ۽ دانائيءَ جو داد ڏئي ٿي.

هي مخالفت جا طوفان، هي ڪفر جون فتوائون، هي خطري جا گهگهو، هي دين ٿو وڃي، ۽مذهب کي بچايو جا واڪا فقط ديني ۽ مذهبي عقيدن لاءِ وقف ڪينهن، پر انساني عمل ۽ تخليق جي ميدان ۾ ڪنهن به نئينءَ وک، نئين قدم ۽ نئين خيال کي قبول ڪرڻ لاءِ زمانو يڪدم تيار نٿو ٿئي. سندس نازڪ هاضمو اهڙيون دير هضم شيون هضم ڪرڻ کان نابري واريو ويهي. وقت جي نام نهاد دانائن ۽عالمن کي هڪدم ذهني قبضي ۽ پيچش جي شڪايت ٿيو پوي، ۽ هو وٺيو گهوڙا گهوڙا ڪن ته ڪاري قيام ٿي ويئي.... ڊوڙو! ڊوڙو! جهليو! پڪڙيو! نه ته دنيا هٿن مان ٿي غرق ٿئي.

سر وڃايو سرهو ڪوڙن ڪانئر،

آڌيءَ رات اٿي ڪري دادا دانهون ڪن:

سندي ذات هنجن، منهن کوڙي موتي چڻي!

(لطيف)

ڪنز، قدوري، قافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ،

ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي اڀ!

(شاهه)

ننڍي هوندي ٻڌندا هئاسون ته ڌرتيءَ کي هڪڙو ڍڳو سڱن تي جهليو بيٺو آهي. جڏهن هڪڙو سڱ ٿڪجيس ٿو، تڏهن ڌرتيءَ کي اڇل ڏئي، ٻئي سڱ تي کڻندو آهي. هي زلزلا ۽ ٻوڏون، جي اچن ٿيون، سي ڍڳي جي انهيءَ ڪنڌ اڇل جي ڪري. اها ڳالهه ماڻهو مڃين يا نه. پر ڌرتيءَ تي اهڙا ماڻهو هر وقت هر دور ۾ موجود آهن، جي سمجهن ٿا ته جنهن ڍڳي جا سڱ دنيا کي کنيو بيٺا آهن، سي اسين آهيون. اهي چوندا آهن ته جي اسين نه هجون ته دنيا ٻئي ڏينهن تباهه ٿي وڃي. هنن پنهنجن اونڌن ابتن خيالن، وهمن، وسوسن، خوش فهمين ۽ تعصبن جا بت ٺاهي. انهن سان وڏا شاهي مندر سينگاري ڇڏيا آهن، ۽ سڄي عمر انهن بتن جي پوڄا ڪندا رهن ٿا. بلڪل سچيءَ دل سان سمجهن ٿا ته جيڪو به ماڻهو سندن انهن خيالي مندرن ۾ سيس نٿو نوائي ۽ ٻل نٿو چاڙهي، سو گمراهه آهي، ڪافر آهي، سوريءَ تي چاڙهڻ جي لائق آهي. هنن پنهنجن انهن وهمن ۽ وسوسن کي ترتيب ڏيئي، وڏا دفتر ڀري ڇڏيا آهن. جيڪو به سندن انهيءَ واهيات ۽ گمراهه ڪندڙ واٽ تان ٿورو ٿڙي ٿو، تنهن تي اهي دفتر کڻيو چڙهيو وڃن ته هي ڏس، لکيو ڪين پيو آهي ته فقط اسان واري واٽ صحيح آهي! هنن جي خيال ۾ جيڪي هن کان اڳ هو ۽ هينئر آهي سو پاڪ آهي، مقدس آهي ۽ هٿ لائڻ کان پري آهي. ان ۾ تر جيتري به ڦير ڦار نه ڪريو، نه ته قيامت اچي ويندي. بس اڄ کان پوءِ ڪا به نئين ڳالهه نه ڪريو. جيڪي به ٿيڻو هو سو ٿي ويو. هاڻي جيڪي آهي، تنهن ۾ ڦيرو اچڻو ڪونهي.

اٽڪل 400 ورهيه ٿيا ته اٽليءَ جي هڪڙي شهر ۾ هڪڙو نوجوان رهندو هو. هن کي نين نين شين جي کوجنا جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هن هڪڙو اوزار ٺاهيو، جنهن سان هو پري پري ڏسي سگهندو هو. هو رات جو اهو اوزار اکين تي رکي، چنڊ ۽ تارن کي جاچيندو هو، ۽ انهن بابت عجيب ۽ نيون ڳالهيون سوچيندو هو. ڏينهن جو جڏهن سندس ٽهيءَ جا نوجوان ڌنڌا ڌاڙيون ڪري گذر سفر ڪندا هئا، کيل تماشا ڏسندا هئا ۽ عشق ۽ محبتون ڪندا هئا، تڏهن هيءَ زمين تي ڪاٺيون کوڙي، انهن جا پاڇا ويهي ماپيندو هو. پوءِ پنن تي عجيب آڏيون ابتيون شڪليون ڪڍندو هو ۽ پينسل وات ۾ وجهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويندو هو. ماڻهو هن جي حالت ڏسي، عجب ۽ افسوس کڻندا هئا. هڪ ڏينهن هن وٺي خوشيءَ جي رڙ ڪئي. ماڻهو ڇرڪي ويا ۽ پڇيائونس ته ڇا ٿيو؟ چيائين تهمون حساب ڪري ڏٺو آهي ته هيءَ ڌرتي گول آهي، چؤڪنڊي ناهي! ماڻهن چيو ته اسان سمجهيو ته تو ڪو خزانو ڳولي لڌو آهي! آخر ڳالهه وڃي پادرين جي ڪنن پيئي، تن کيس گهرايو. اسان ٻڌو آهي ته تون مذهب کان ڦري ويو آهين ۽ چوين ٿو ته ڌرتي گول آهي؟ چيائونس ڪل ته ڪانه ٿڙي اٿيئي؟ ڌرتي گول هجي ها ته پاڪ انجيل ۾ ڪونه لکيو پيو هجي ها! ڏيکار ڪٿي لکيل آهي ته ڌرتي گول آهي؟ هن چيو ته انجيل ۾ برابر لکيل ڪونهي، باقي مون سڄي زندگي خاطريءَ جهڙي جاچ ڪئي آهي تجربا ڪيا اٿم ۽ بلڪل ٺيڪ ٺيڪ حساب لڳايو اٿم ته ڌرتي گول آهي. چيائونس ته توکي ڪير ٿو پڇي؟ ڀلا ٻڌاءِ ته تون سچو يا خدا جو ڪلام، انجيل سچو؟ هن چيو ته انجيل سچو، پر ڌرتي گول آهي!  بس، پوءِ ته هڪ زبردست مذهبي عدالت قائم ٿي ويئي، جنهن ۾ وڏا وڏا مقدس پيشوا، فقه جا صاحب، علم جا بحر، الاهي اسرارن جا يگانا ڄاڻو ۽ دانائي جا اٿاهه سمنڊ اچي گڏ ٿيا. هو پاڻ سان ديني ۽ دنيائي علمن جي ڪتابن جا اٺ ڀرائي کڻي آيا. هنن نيڪ انسانن ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون انهن ڪتابن جو اکر اکر ڪري جاچي ڏٺو، پر ڪنهن به پاڪ ڪتاب ۾ لکيل ڪونه هو ته ڌرتي گول آهي. هنن پنهنجا مقدس ڪنڌ لوڏيا، معاملو صاف هو، ڌرتي هرگز گول ٿي نٿي سگهي. ڪتابن ۾ اهڙي ڳالهه ئي ڪانهي! هن نوجوان زبردست ڪفر جو ڪم ڪيو آهي! پوءِ کيس حڪم مليو ته هي ڪپڙا لاهي، ڳوڻ جا ڪپڙا پاءِ! پير ۽ مٿو اگهاڙو ڪري 3 مهينا عبادتخاني ۾ پنهنجي گناهه لاءِ پڇتاءِ ۽ توبهه زاري ڪر ۽ چوندو رهه ته ڌرتي گول ناهي، مون ڪفر بڪيو آهي:پوءِ تنهنجو ڏوهه معاف ڪرائڻ لاءِ اعظم کي عرض ڪيو ويندو! هن بيواهه شخص ڳوڻ جا ڪپڙا پاتا ۽ وڏيءَ درگاهه جي دروازي تي ڪري، چوندو رهيو ته توبهه ٿو ڪريان، پاڪ انجيل سچو، آءٌ ڪوڙو، ڌرتي گول ڪانهي. آخر 3 مهينا پورا ٿيا، هو واپس موٽيو. پڇيائونس ته ڪيئن هاڻ ٺيڪ ٿيو آهين؟ وري متان اهڙو ڪم ڪرين! تڏهن ڀڻ ڀڻ ڪري چيائين ته مون توبهه ڪئي، آءٌ ڪوڙو ۽ انجيل سچو.... پر ڀانيان ٿو ته ڌرتي پڪ گول آهي! آخر هن چرياڻ مان جند ڇٽڻ جو ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، مقدس پادرين فتوا ڏني ته هن کي جيئري باهه ۾ ساڙيو وڃي. هن کي پوءِ جيئري باهه جي آڙاهه ۾ اڇليو ويو، ۽ هو ان ۾ سڙي شهيد ٿيو. ان ماڻهو جو نالو گئارڊونو برونو هو، جنهن کي دنيا اڄ انسانذات جو عظيم محسن ڪري ليکي ٿي. اڄ اسڪول جي شاگردن کي به خبر آهي ته ڌرتي گول آهي، سڄيءَ دنيا جو ڪاروبار انهيءَ ڄاڻ تي هلي ٿو. اڄ برونو جا ڳولي ڪڍيل اصول سائنس لاءِ قانون جي حيثيت رکن ٿا. پر ان وقت ڪتابن ۾ جو لکيل ڪونه هو، سو ڀلا ان زماني جا ماڻهو ڪيئن مڃين ته ائين ڪو ٿي سگهي ٿو!

جنهن سال برونو اٽليءَ ۾ ڄائو هو، انهيءَ ساڳئي سال انگلينڊ جي هڪڙي ننڍڙي واپاريءَ کي هڪ پٽ ڄائو. هن ٻه چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيا، پر پوءِ کري پيو. پاڻ کان گهڻو وڏيءَ هڪڙيءَ عورت کي کڻي زال ڪيائين. ڪم ڪار کان جواب، سڄو ڏينهن پيو رلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڪندو هوجوترجي زميندار جي ٻيلن ۾ بنا موڪل وڃي شڪار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري پڪڙجي پيو. ٻڌي ٿاڻي تي وٺي آيس، پر پڻس هو ڳوٺ جي ڪائونسل جو ميمبر، تنهن ميڙ منٿ ڪري پٽ کي ڇڏايو. پوءِ گهر وڃي پڇائي مار ڪڍيائنس. هوڏانهن جوڻس به اچي ڪوڪر ڪري کنيس ته مئا، بي ڪما! ڪو ڌنڌو ڌاڙي ته نٿو ڪرين، پر اٽلو وڃيو هچائون ڪرين! تنهن تي مڙس رسي، وڃي لنڊن کان نڪتو. اتي نوڪريءَ لاءِ گهڻائي مٿا ڏنائين پر ڀلا پڙهيل هو پورو سارو، سو ڪٿان ٿي نوڪري مليس. آخر رلي رلي ٿڪو، سو وڃي هڪڙي ناٽڪ ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ٿيو. شڪل جو هو پورو سارو، سو مڙئي انڌا منڊا پارٽ پيو ڪندو هو.

هي اهو زمانو هو، جڏهن دنيا تي هڪ نامور شاهي جوڙي جو سڪو هلندو هو. مغرب ۾ هاڪاري راڻي ايلزبيٿ جو ڌاڪ هو ته مشرق ۾ اڪبر اعظم جو نالو روشن هو! اسپين ۾ مسلمانن جو ڪوس پئي ٿيو ۽ سنڌ ۾ مرزا باقي چرئي ڪلور پئي ڪيا. يورپ سڄو پوپ جي خرمستن سبب تفرقي ۾ هو. هي انگلينڊ جي ڦوهه جوانيءَ جو دور هو. انگلينڊ سمنڊن جو والي هو. انگريز ملاح ڊريڪ سڄيءَ دنيا کي چوڌاري ڦري آيو هو. انگلينڊ ۾ علم ۽ هنر جا درياءَ پئي وهيا. هي ڳوٺاڻو ڇوڪرو، لنڊن جهڙي عظيم ترين شهر ۾ ويڳاڻو ٿيو پيو هلندو هو. ڪمائي هيس پوري ساري، سو ڪنهن سان ڪونه ملندو هو. آخر هڪ دفعي ڇا ڪيائين، جو لڪ ڇپ ۾ ويهي هڪڙي کيل جي آکاڻي لکيائين. جڏهن ناٽڪ جي آکاڻي سنگتين کي پڙهي ٻڌايائين، تڏهن اهي اچي کل ۾ ڇٽڪيا، چي، ميان، ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي! اهي ڪم ڪن ته ڀلي لنڊن جا وڏا قابل اديب ۽ ڊراما نويس ڪن، تون اڍائي اکر مس پڙهيو آهين ۽ اڃا ڪالهه جهنگ مان رلي رلي شهر ۾ آيو آهين، سو ٿو اهڙا ڪم ڪري سگهين! همراھ اچي ڦڪو ٿيو ۽ کڻي ماٺ ڪيائين. پر کانئس رهيو نه ٿيو، سو ٻيو به کيل لکيائين، ٽيون به لکيائين، پر ڪنهن پڇيس به ڪونه. آخر هڪڙو کيل ڇپايائين، ماڻهن پڙهي اڇلي ڇڏيو. ڀلا ائين به ڪو کيل لکبو آهي؟ نه ٻوليءَ ۾ چس، نه ڳالهه ۾ سواد! پر هيءَ همراھ نه مڙيو. سڄا سارا 25 کيل لکيائين. مس مس وڃي ڪي اسٽيج تي پيش ٿيا. گهڻا فيل ٿيا، پر ڪي مڙيئي پسند پيا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن پنهنجي ناٽڪ ڪمپني کولي، جنهن ۾ ائڪٽنگ به پيو ڪندو هو ته ناٽڪ به لکندو هو. آخر 52 ورهين جي عمر ۾ مري ويو. مرڻ کان اڳ البت هڪڙو ٻنيءَ ٽڪرو ورتو هئائين، ٻيو ٿيو ڀلو. اڪثر ماڻهو سندس ناٽڪن کي بيڪار ۽ واهيات سمجهندا هئا ۽ چوندا هئا ته جهڙو پاڻ جهنگ جو ڄٽ هو، تهڙا ڄٽاڻا ناٽڪ لکيا اٿس، سندس ناٽڪن جو ڪوبه چٽو مقصد ڪونه آهي، سڀ ڳالهيون گڏ وچڙ ٿيون پيون آهن، پڇاڙيءَ تائين پتو نٿو پوي ته مطلب ڪهڙو اٿس، وغيره وغيره. ڪن چيو ته فلاڻي ناٽڪ جي ڪاپي ڪئي اٿس، ادبي چور آهي. مطلب ته ڪنهن ڪم جو ڪونهي. ڀلا، ٻيلن جو چور، ٻاهراڙيءَ جو ڄٽ، لنڊن جي اعلى اديبن ۽ زبردست ڊراما نويسن جي اڳيان ڇا بيهي سگهندو؟

انهيءَ ڳالهه کي گهڻو وقت ٿي ويو. زمانو بدلجي ويو. زماني جا معيار بدلجي ويا. وقت جون ڇوليون نامورن جي ناموس کي گهلي گمناميءَ جي سمنڊ ۾ اڇلي آيون، ته ڪن کي اتان ڪڍي آڻي ڪناري تي رکيائون. ماڻهن پراڻا ادبي دفتر پٽيا، انهن کي پڙهايائون، توريائون تڪيائون.... اوچتو رڙ مچي ويئي ته اهو ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، ٻيلن جو چور ۽ گمنام ائڪٽر وڏو اديب هو، وڏو دانا هو. يگانو ڊرامه نويس هو، انگلينڊ جو عظيم ترين شاعر هو! هن جهڙو نه ٿيو نه ٿيندو!

400 سال ٿي ويا آهن. اڄ سموري مذهبي دنيا انهيءَ راءِ سان شريڪ ٿي ويئي آهي. کيس دنيا جي مٺ جيترن عظيم ترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ علم ۽ ادب جي سلطنتن ۾ هن جو سڪو رائج آهي. هن جا عاشق دنيا جي ڇهن ئي کنڊن ۾ ويٺا آهن. دنيا جي ڪابه ٻولي ڪانهي جنهن ۾ هن جا شاهڪار ترجمو نه ٿيل هجن ۽ ها، جن قابلن، دانائن ۽ عالمن کيس ڄٽ جاهل ۽ ادبي چور ٿي سڏيو، تن جو نالو نشان به ڪونه بچيو آهي. ڪنهن کي خبر ڪانهي ته اهي وڏا بزرگ ڪهڙي باغ جي موري هئا.

ان ٻهراڙيءَ جي ڄٽ، ٻيلن جي چور ۽ ڪوجهيءَ شڪل واري ائڪٽر ۽ ناٽڪ لکندڙ جو نالو شيڪسپيئر هو!

جڳ جي پٺ وٺڻ بدران جڳ کي پنهنجي پٺ وٺائڻ وارا ماڻهو هر ميدان ۾ هر زماني ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن. ۽ ٿيندا رهندا. هو ماڻهن جي لتاڙيل گسن تي هلڻ بدران پنهنجون نيون راهون ڳولي ڪڍن ٿا. هو پنهنجي زماني جي دستورن، قاعدن، عقيدن، رسمن ۽ ريتين تي اکيون ٻوٽي هلڻ بدران پنهنجي اعلى عقل، بلند همت، بي پناهه حوصلي ۽ زبردست قوت عمل سان وقت جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ آڻن ٿا ۽ زماني جي تقدير بدلايو ڇڏين. سج  ڏسڻ ۾ ڪهڙو به اڻوڻندڙ، تلخ ۽ ڀيانڪ هجي، پر هو ان سان اکيون اکين ۾ ملائڻ کان ڪين ٿا هٻڪن، چاهي دنيا ناراض ٿي پوي يا زماني جو بنايل نظام درهم برهم ٿي وڃي. هو پنهنجي مقصد کان تر جيترو به هٽڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. سچ سچ آهي، چاهي ان جي ڳچيءَ ۾ زماني جي خواريءَ جو طوق پيل هجي يا پيرن ۾ ڏاڍ جون ٻيڙيون. هنن جون نظرون سچ جي مٿان هٿراڌو لڳايل ڪاراٺ ۽ بدناميءَ جي دامن کي پار ڪري ان جي اصلي حسن ۽ جمال کي تاڙي وٺن ٿيون. هو زماني جي ڪاوڙ ۽ عتاب جي ٽانڊن جي آڙاهن کي لتاڙيندا؛  سچ جي آستانن تي پهچن ٿا. وهم، وڪڙ، ناحق ۽ جهالت جون ڏائڻيون جڏهن دستورن، رواجن، قانونن ۽ عقيدن جا ٻهڪندڙ ۽ زرق برق وڳا ڍڪي، ڳچين ۾ ماڻهن جي مڃتا ۽ تابعداريءَ جا چمڪندڙ هار لوڏينديون، ناز نخري سان ٽلندي ٽلندي، عقلن کي خرچ ڪريو ڇڏين، تڏهن هي اچانڪ هٿ وڌائي سندن انهيءَ ٺڳي جي لباس کي سٽ ڏيئي ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري، سندن اصلي ڪراهت جهڙي روپ کي اگهاڙو ڪريو ڇڏين. هي انسان ذات جو ضمير آهن، روشنيءَ جا اوچا منارا آهن، جي تاريخ جي اجهاڳ سمنڊ جي هر منزل تي انسانيت جي ٻيڙي کي وهم ۽ تعصب جي خوفناڪ ڪُنن ۽ ظلم ۽ وحشت جي هيبتناڪ طوفانن کان بچائين ٿا.

ٻئي طرف اهي آهن، جي هر زماني ۾ ماڻهن کي چوندا رهن ٿا ته پنهنجي دماغن کي ڪلف چاڙهي ڇڏيو! زبانن تي مهرون لڳائي ڇڏيو! سوچڻ گناهه آهي، سمجهڻ ڪفر آهي: اکيون بند ڪري، جيڪي اوهان کي چئجي سو مڃو، تابعداري ڪريو! جيڪو ائين نه ڪندو سو لعنتي آهي، ڪافر آهي، زنديق آهي، واجب القتل آهي!

هو انساني تخيل جي رنگبرنگي، من موهيندڙ ۽ حسين پکين جا نازڪ پرڙا کوهي انهن کي لوهي پڃرن ۾ بند ڪرڻ گهرن ٿا. نوان تجربا، نيون تحقيقون، نيون طرزون ۽ نوان خيال هنن جي دين ۾ حرام آهن. زندگيءَ جي ڪنهن به ميدان ۾ هڪ وک به اڳتي کڻڻ هنن وٽ ڪبيرو گناهه آهي.

هنن جو نسل به ايامن کان دنيا ۾ قائم آهي. هو هر ظلم ۽ وحشانيت جا علمبردار ۽ گمراهين ۽ اونداهين جا پرچاري آهن، هي وحشي ۽ بزدل قبيلو روز اول کان وٺي، ڪڏهن رسم و رواج جي قديم غارن مان ته ڪڏهن مذهب ۽ دين جي اوچن منارن تي ويهي، انسانن جو شڪار ڪندو رهيو آهي.

هي ماڻهو هرڪا بڇڙائي ۽ بيهودائي، ڪنهن نه ڪنهن نيڪ ۽ چڱيءَ شيءَ جي نالي ۾ ڪن ٿا. هي اهي آهن، جن اڍائي هزار ورهيه اڳ يوناني اخلاق جي نالي ۾ سقراط کي زهر جو وٽو پياريو، جن ٻه هزار ورهيه اڳ قانون ۽ انصاف جي نالي ۾ مريم جي مسڪين ۽ ٻالي ڀولي پٽ کي باغي ٺهرائي، سوريءَ تي چاڙهيو، جن صدين لاءِڪرشن ڀڳوان جي نالي ۾ هندستان جي ڪروڙها انسانن کي شودرسڏي، سندن ڪنن شيها پلٽايا،جن 1400 ورهيه اڳ مڪي ۾ابن ڏاڏن جي دين جي نالي ۾ آمنه جي لال (صلعم)  کي پاڳل ۽ ڪافر ٺهرائي سندس قتل جو حڪم ڏنو، جن اسلامي خلافت  جي نالي ۾ حسين کي باغي جو لقب ڏيئي ڪربلا ۾ ڪٺو، جن پاڪ مريم جي نالي ۾ يورپ جي لکها عيسائين جو ڪوس ڪيو ۽ مقدس ڪليسا جي نالي ۾ اسپين ۾ مسلمانن کي حرف غلط وانگر مٽائي ڇڏيو! ها، هي اهي ساڳيا آهن، جن عراق، شام ۽ مصر ۾ چئن يارن جي نالي ۾ لکها مسلمانن کي شيعو ٺهرائي، سندن سر قلم ڪيا، ۽ ساڳئي وقت علي جي نالي ۾ اوترن ئي مسلمانن کي سني ٺهرائي، جن ٻچي مارائي ڇڏيو!

هو ڪڏهن جرمن تهذيب جي نالي ۾ بيگناهه مردن، عورتن، ٻارن ۽ ٻڍن کي مشين ۾ پيڙي، منجهائن خوشبودار صابڻ ٺهرائين ٿا، ته ڪڏهن فرينچ تهذيب  جي نالي ۾ جميله بوپاشا جهڙين معصوم الجزائري ڇوڪرين کي اگهاڙو ڪري ساڻن وحشياڻه عقوبتون ڪن ٿا!

اڄ به انهيءَ قبيلي جا ماڻهو مغربي تهذيب ۽ آمريڪي آزادي جي نالي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ ويٽنام جي مظلوم انسانن جو کليو کلايو شڪار ڪري رهيا آهن.

هي ماڻهو ڪڏهن مذهب ۽ تهذيب جي پردي ۾ لڪي ڪارروايون ڪن ٿا، ته ڪڏهن ادب ۽ اخلاق جي کڏڻن جي اڙ مان پنهنجي زهريلا ڀالا هڻن ٿا.

سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪي ماڻهو ادب ۽ اخلاق جي نالي ۾ ڪافر،باغي،ڪميونسٽ،ملحد،دهريوجي فتوائن جا زهري خنجر کڻي ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، سي انهي پراڻي پاپي قبيلي جي هڪڙيءَ بدنام شاخ جا ماڻهو آهن. جن کي ادبي داداگيريءَ ۽ قلمي غنڊاگردي ۽ سرڪاري دلاليءَ جو اذن مليل آهي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com