سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :3

 

 

محمد ابراهيم جويو

وکر سو وهاءِ

(شيخ اياز جي ڪتابن جا مهاڳ)

 

جنهن شعر کي شاعر هيئن چئي پيش ڪري رهيو هجي ته:

گوريءَ گُجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي؟

گهر گهر گهنگهرو گونجندا، ميڙو ڀل ته مچي!

اُن جي پيشبنديءَ طور، آءٌ سمجهان ٿو ته وڌيڪ ڪنهن فوري ڳالهه جي چوڻ جي گنجائش ڪانهي. بهرحال، هڪ ته شاعر جي مرضي اها آهي ۽ ٻيو ته سنڌي ادب جي هن نئين انقلاب آفرين قدم ۾ پڻ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ جو شرف حاصل هجيم، تنهن ڪري هن موقعي تي، هڪ ڀيرو وري به، هيءَ پاڻ اڳي ڪرڻ جي جرئت ڪري رهيو آهيان. سچ پچ ته اياز جي هن تازي شعر جي مهاڳ جا هي ٻه لفظ لکندي، جو فخر ۽ جا خوشي مون کي ٿئي ٿي، تنهن جو آءٌ بيان نٿو ڪري سگهان.

اياز جي هن ڪلام جي هڪ غزل جو شعر آهي ته ماڱر ساري ٽانگر، واس، لوئي ناهه مڇيءَ جي ليءَ!

مون کي پڪ آهي ته اسان جي ادب شناس پڙهندڙن کي اياز جي هيءَ شاعري انهي معيار تي پوري نظر ايندي. اڄ، روس جي انقلابي شاعر ماياڪووسڪيءَ وانگر، اياز جو ٻڌندڙ اياز جو عوام آهي. اياز جون علامتون به اهي آهن، جن سان هن جو عوام چڱيءَ طرح آشنا آهي. انهن علامتن وسيلي هن قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جدوجهد ۾ سندس ٻڌندڙ سنڌ جو سمورو عوام اڄ مصروف آهي. اياز جي ٻولي به عوام جي ٻولي آهي ۽ ان ٻوليءَ ۾ هن پنهنجي ماضيءَ جي روايت ۽ مستقبل جي تصور جو اظهار ڪيتريءَ بيساختگيءَ سان آندو آهي، تنهن جو اندازو سندس باذوق پڙهندڙ خود ڪري سگهن ٿا. اردوءَ جي عظيم شاعر فيض احمد فيض جي شاعري عوام جي باري ۾ ته آهي، پر پوري جي پوري عوام لاءِ نه آهي. اها گهڻي قدر فقط وچئين ۽ مٿئين طبقي جي سمجهڻ جي آهي. ڇو ته ان جون علامتون ۽ زبان عوامي نه آهي. انقلابي شاعريءَ لاءِ عوامي روايتن ۽ عوامي زبان سان رابطو ضروري آهي.

اياز جي شعر جي فني عظمت تي علمي طور ڪي ڄاڻو ئي لکي سگهن ٿا. بهرحال، عام طرح جڏهن ڪنهن شاعر جو شعر ٻڌبو يا پڙهبو آهي، تڏهن ان ۾ ڪٿي ڪو لفظ يا ڪو اکر گهٽ- وڌ يا جوڳي انداز ۾ آيل هوندو آهي، ته هڪدم اهو ذهن ۾ کٽڪندو آهي. شعر ۽ موسيقيءَ جو هريل ڪَنُ آواز توڙي لفظن جي تار مڪانَ لئي ۽ ترنم تي ايڏو ته ٺهي وڃي ٿو، جو انهن جو اهڙو جهڙو ڪو سقم شايد ئي ان کان ڪڏهن بچي وڃي. آءٌ سمجهان ٿو ته ڪَنَ جي اها چُستي ۽ ٻوجهه شعر ۽ راڳ جي هر پياسيءَ جي قسمت ۾ آيل آهي. تنهنڪري ان کي ڪا خصوصي اهميت به ڪانه ٿي ڏجي. پر شعر ۾ راڳ مان پورو لطف حاصل ٿئي، ان لاءِ اهو ڪن جو رس ضروري آهي ۽ ان لطف جي صحيح ۽ پيڙهائتي هجڻ جي يڪ تڪ ڪسوٽي پڻ اهو ئي ڪن رس آهي.

اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقيءَ کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هروڀرو شعر جي فني مهارت جي ضرورت به ڪانهي، ڇو ته ان کي پڙهندي ۽ ٻڌندي، ازخود ان جي لئي ۽ ترنم کان ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اها فطري موسيقي اياز جي شعر ۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي، ان تي ڪجهه ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. مثال طور اياز جي هن نئين ڪلام جو هيءُ تعارفي بيت وري پڙهي ڏسو.

گوريءَ گُجري پير ۾، چوريءَ ڪيئن اچي؟

گهر گهر گهنگهرو گونجندا، ميڙو ڀل ته مچي!

نانگي اڄ نچي، داتا تنهنجي دوار تي.

پهرين ڳالهه اوهان ڏسندا ته هن بيت جي پهرينءَ سٽ جي پهرئين بند ۾ گوري ۽ ٻئي بند ۾ چوري لفظ هم قافيه آهن. سٽ جي اندر ترنم پيدا ڪن ٿا. ٻيو ته پهرئينءَ سٽ جي پهرين ٻن لفظن گوري ۽ اکرن گ، ر ۽ ي جو تڪرار آهي. گ جو تڪرار پوئينءَ سٽ جي نانگي لفظ ۾ به آهي. پهرينءَ سٽ ۾ ٻه ڀيرا گ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ هڪ ڀيرو گ ۽ چار ڀيرا گهه اکر پڙهڻ کان پوءِ جنهن جو صوتي اثر لڳ ڀڳ گ جهڙو ئي آهي، جڏهن اهو آواز تحت الشعور ۾ ويهي ٿو وڃي، ته پوئينءَ سٽ ۾ آيل گ وري ان جي صوتي اثر Sound effect کي اڀاري ٿو. ساڳيءَ ريت پهرينءَ سٽ جي لفظن ۾ چار ڀيرا، ٻيءَ سٽ ۾ ٽي ڀيرا ۽ هڪ ڀيرو ڙ (جنهن جو آواز به  لڳ ڀڳ ساڳيو آهي) ۽ پوئينءَ سٽ ۾ هڪ ڀيرو ڪم آندل آهي. پوري بيت ۾ نَوَ  ڀيرا هو ر جو تڪرار ترنم پيدا ڪري ٿو. تجنيس حرفيءَ لاءِ لفظن جي پهرين اکرن جو تڪرار ڪافي نه آهي. لفظن جا وچان ۽ پويان هم آواز اکر شعر ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪن ٿا.

اهڙيءَ طرح پهرينءَ سٽ ۾ ڇهه ڀيري اکري آيل آهي ۽ ٻيءَ ۾ ٻه ڀيرا ۽ ٽينءَ ۾ چار ڀيرا. سڄي بيت ۾ نَوَ ڀيرا ن اکر اچي ٿو، ٽينءَ سٽ جي پوئين اڌ ۾ ٽي ڀيرا ت جو آواز موجود آهي. حرفن جي اها ۽ ايتري سڄي تجنيس شاعر طرفان ڪا شعوري ڪوشش نه آهي، ڇو ته ڪٿي به آواز جي تاثر لاءِ معنيٰ کي قربان نه ڪيو ويو آهي. اها شاعر جي سڄيءَ زندگيءَ جي رياض جو نتيجو معلوم ٿئي ٿو.

جرمن شاعر Rilke يا انگريزيءَ جي شاعرن T.S.Iliot ۽  Dylon Thomas جي ڪنهن ڪنهن سٽ ۾ جيڪڏهن اهڙي بيساخته Alliteration اچي ٿي ته، مغربي نقاد خوشيءَ ۾ ماپيا نٿا سمائجن. سنڌيءَ ۾ اها ڳالهه ڀٽائيءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي نظر اچي ٿي ۽ اياز ڀٽائيءَ کي پنهنجو ادبي مرشد ڪوٺيو آهي. اياز جي سڄي شعر ۾ حرفي تجنيس  جي اها يڪتائي نظر ايندي.

تنهن کان پوءِ اياز جي شعر جي هيءَ خصوصيت به پنهنجيءَ جا تي اڄ يڪتا آهي ته هن جي شعر ۾ (تقطيع وقت) به اکر کي حذف ڪرڻو نٿو پوي، توڙي جو انهن کي شعري صنعت هيٺ حذف ڪرڻ جائز پڻ آهي. ڪم از ڪم مشرقي شاعريءَ ۾ اهڙو ڪو ورلي شاعر آهي، جنهن پنهنجي پوري ڪلام ۾ ڪيترائي اکر ائين حذف نه ڪيا هجن. اکر جي حذف ڪرڻ ڪري نه فقط شعر جي تقطيع وغيره جي آشنائي ضروري آهي، تنهنڪري عوام شعر کي ائين نٿو پڙهي سگهي، جيئن ان کي پڙهڻ گهرجي. اياز جي پهرين شعري مجموعي ڀؤنر ڀري آڪاس  ۾ ڪٿي ڪٿي اکر حذف ٿيل ڏسي سگهجن ٿا پر ان کان پوءِ جي سندس ڪلام ۾ ڪٿي به اکر حذف نه ٿيو آهي.

اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اُهي، ٻولين سان گڏ، پنهنجي پنهنجي دور جي ڪايا پلٽ جا داعي ۽ اٽل سبب بنبا آهن.  سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا شاعر ۽ ٻيا اديب به ڏنا آهن. هن سر زمين تي، انساني عظيم جي نئين انقلاب جي سج-اُڀار جا اهي به داعي آهن ۽ سڀ گڏجي ان جو سبب بنبا. اسان جي سنڌي شعر ۽ سنڌي ادب جو اڄ اهو ئي مقصد آهي، اسان جي هر مادياتي ۽ روحاني ڪاوش جو سماجي ڪارج اڄ اهوئي آهي. اسان مان جيڪو به هن ڏس ۾ جيترو حصو وٺندو ۽ ان جي پورائيءَ جي جيتري ڪوشش ڪندو، اوترو هو پنهنجي همعصر نسل ۽ آئنده نسلن جو معمار ۽ محسن شمار ٿيندو ۽ تاريخ ان جا اوترائي ڳڻ ڳائيندي.

مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام،

نوان نوان متوالا ايندا هڻندا تن جي هام!

(اياز)

اياز جو هيءُ نئون ڪلام پڙهندڙن جي اڳيان آهي. اسان جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آهي ۽ اسان جي پنهنجي تقدير جو داستان آهي ۽ ان جي منهن تان نقاب هٽائي، ان جي حسناڪي به اهو اسان کي ڏيکاري ٿو. ڪابه چڱي ڳالهه اهڙي ڪانهي، جنهن جو ڪو دشمن نه هجي. اڳي وانگر، هاڻي به پڪ آهي ته اياز جو هيءُ ڪلام ڪن کي چيڙائيندو. پر حضرت سچل سرمست رحه جي چوڻ موجب:

سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي!

ڪوڙيءَ دوستيءَ جو دم، بڻي نه بڻي!

سچ چوڻ وارا سچ چوندا رهندا ۽ سختيون سهندا رهندا، ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته ڪوڙ ترار کان ايترو ڪونه ٿو ڊڄي جيترو قلم کان ۽ زبان قلم کان به طاقتور آهي ۽ ڪوڙ ڪيرائڻو آهي ته قلم ۽ زبان کي وارو وار هڻبو ۽ هلائبو ئي رهبو.

آگسٽ 1966ع ۾ اياز سان گڏ ٻه چار دوست ٿر گهمڻ ويا هئاسين، ڪجهه مينهن وسيا هئا، پر نه جهڙا. ٿر جي مارن کي پنهنجا پنهنجا رُڃائتا کيت کيڙيندي ۽ همرچا ڳائيندي، ڏٺوسين ۽ ٻڌوسين. ٿر جي مورن جون رڙيون به ڪٿي ڪٿي ٻڌيوسين. جن مينهن کي پئي سڏ ڪيا ۽ ٿر جي مارن جون اُڃايل دليون انهن کي ڪنائي بهار بهار پئي ٿيون. پارڪر ۽ ڪارونجهر کان ٿي موٽياسين، ته لاڙ ۾ نند جي ڦٽل ڪوٽ ۽ رڙيءَ جي ڀڙڀانگ ميدان کي ڏٺوسين ۽ اتان ڦري مڪليءَ تي سنڌ جي عظمت کي پٿر تي اڪريل ڏسي، تماچي تڙ-ڄام جي ڪينجهر، جا هاڻي ڦري ڪلري ٿي پيل آهي، تنهن جي ڪناري تي نماڻيءَ نوريءَ جي پونيرن، گندرن غريبن، وٽ رات رهياسين، جن پنهنجي ڪسمپرسيءَ جا سڄي رات دل ڏاريندڙ داستان ٻڌايا.

جتي وياسين اتي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن پنهنجا اوراڻا اوريا ۽ اهي اسان ڏينهن رات ۽ ڏينهن شام ٻڌا. شاعر جي دل تي انهن جي ڳالهين ۽ ڳاراڻن جا ڪهڙا گهاوَ ٿيا، ان جو اندازو اسان کي پوءِ ٿيو، جڏهن اياز جي ڳهيلي ڪوتا، پنجن سالن کان پوءِ ون يونٽ جي ٽٽڻ ۽ سنڌ صوبي جي ٻيهر قائم ٿيڻ تي سنڌ سرڪار ڪينجهر تان ڪلري نالو هٽائي ان جو اصلوڪو نالو بحال ڪيو، پنهنجا وار ڳُنڌي ۽ چري بنجي، ڀريل دل ۾ اڌميل آواز ۾ اسان جي اڳيان آئي ۽ ٻئي مهيني جي رسالن ۾ هيءُ سندس پهريون غزل ڇپيو:

نه تڙ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا!

اَسارا اَسارا، ڪينجهر جا ڪنارا!

اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،

متان ائين سمجهين، مئا مور سارا!

اڙي هي اُمارا! مئي ناهه مڪلي،

اياز اڄ وتاسي، پٿر جا پنارا!

اياز جي شعر جي هيءَ مٿين مُٺ، جا هتي جل جل مشعل، جل جي نالي سان پيش ٿي رهي آهي، سا سرزمين سنڌ جي انهيءَ ٿر ۾ لاڙ جي ياترا کان پوءِ ميڙيل آهي. ادب شناس پڙهندڙن کي ان ۾ ٿر ۽ لاڙ جو واڙءُ ۽ ورنُ وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندو. ڏسجي ته پهڻ ۽ پارس جا پارکو هِن وٿ جو ڪهڙو ٿا ملهه ڪٿين!

2- مئي 1967ع محمد ابراهيم جويو، حيدرآباد، هي گيت اُڃايل مورن جا جو مهاڳ.

ڏهه مهينا ٿيا ته جل جل مشعل، جل! جا سدا ملوڪ ۽ روح ۾ امر جوت جاڳائيندڙ گيت شايع ٿيا. اُهو اپريل جو مهينو هو، ٻه مهينا پوءِ، ان سَٿَ مان رهجي ويل ٻه وايون، پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اُڀ تائين جهوليندو،اهڙو ڏينهن به ايندو!۽ هيءَ هيءَ ڪونج نه مار، اڙي آهيڙي! ۽ ٻه غزل وسڻو آهي، هانءُ نه لاهه، ڇورا، ٻج ٻه ٽي ڪي ڇٽ! ۽ ڪهڙيءَ کوهه، کنئيءَ جي لاءِ، روح رهاڻ  جي جولاءِ 1967ع وري پرچي ۾ شايع ٿيا.

ان کان پوءِ اياز اسان کي ٽي لوڪ گيت ڏيهه نه آيئي منهنجو ڏانءِ!، انبڙيون ڳول نه ڇورا، ڏينهن تتي ۾! ۽ اوءِ ڪَجَري گُجر، پير هوريان ته ڌر! ۽ ٻه گيت- هڪڙو ناچ ڌن تي رچيل، پريت پرينءَ جي پايل پايل، آيل آيل!- گهايل گهايل- منهنجا پير!  هاءِ جواني جهوٽو ڙي! منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو تو کان سندر ڦول، موتيا! ۽ مانجهاندي جا ماڳ سوين، پر منهنجو پنڌ پري! ۽ ٻه غزل ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هئي! ۽ چارڻ سو جو چنگ سوا، لاهي سڀ لاڳاپا لڳ!  ۽ ٻه نظم- منهنجي ڪوتا جاپ جُڳن جا، اڻ ڳاتل آلاپ جڳن جا ۽ تون مان دور نه آهيون پيارا!.. توکي مون کي روز ملائي، سنڌوءَ جو سپنو! ـ۽ آخر ۾ ٻه بنهه ننڊ مان جاڳائڻ ۽ هانوَ ۾ هُرڻ واريون لوليون. شال دولهه ٿئين! شال دودو ٿئين!، شال سورهيه ٿئين! سنڌ تي سر ڏئين! لوليون! او ابا! لوليون! ۽ لولي لال! جيئن شال! جيئي سنڌ، تنهنجي سنڌ! جيئي جند، تنهنجي جند! لولي لال!

اهي سڀ اُجرا اُجرا، املهه گيت اسان جي شاعر هنن ڏهن مهينن ۾ اسان کي ڏنا آهن. اڄ اسان جي سامهون اياز جا هي گيت اڃايل مورن جا موجود آهن. ڪل 47 گيت آهن ۽ ڪيڏا نه مند ماس جا، رسيل ۽ رسيلا آهن هي سڀئي گيت!  هيتري مختصر عرصي ۾ ڪو جوهري هيرن موتين جا ٿال ڀري آڻي اسان جي آڏو رکي ۽ پوءِ اسان کان فقط انهن جي سڃاڻڻ ۽ سانڍڻ جو دام گهري ته اسين پاڻ کي ڪيترو نه خوش نصيب سمجهي سگهون ٿا!

اياز پنهنجي شاعريءَ متعلق لکندي، پاڻ کي هڪڙي اهڙي موتي ميڙيندڙ ٽوٻي سان مشابهت ڏني آهي جو، جڏهن ٽٻي هڻي، مٺ ڀري، مٿاڇري تي ايندو آهي، تڏهن هن جون اکيون پاڻيءَ ۽ مٽيءَ سان ايترو لُڙاٽيل هونديون آهن، جو هن کي ٻيءَ ٽٻيءَ لاءِ ڪافي ساهي پٽڻي پوندي آهي. پنهنجيءَ شاعريءَ  کي هن هڪ چڙهندڙ وير سان پڻ ڀيٽيو آهي، جا جڏهن لهندي آهي ته پوئتان فقط سڪل ٺوٺ پهاڙيون ڇڏي ويندي آهي. شعر جي آمد يا لفظي پيراهُن ۾ اجهل ۽ اَمُل خيالن ۽ جذبن جي ٻڌجڻ، متعلق لکندي، شاعر جي تحت الشعور جي هيجان  کي گهاٽن جهنگن ۾ شڪار ڪندڙ وحشي آفريڪين جي دهلن سان ڀيٽيو اٿس، جن جي هل هلاچي تي شڪار هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي، آخر انهن جي ڄار ۾ اٽڪي ڦاسي ويندا آهن ۽ پوءِ دهل جو آواز ڍرو ٿيندو ويندو آهي ۽ نيٺ ان جي جهيڻي جهانءَ پاتار ۾ پيهي ويندي آهي ۽ جيستائين اهو شڪار ونڊبو ورهائبو نه آهي ۽ وري آهيڙين جا آنڊا بک ۾ وٽبا نه آهن، تيستائين اهي دهل ٻڌڻ ۾ نه ايندا آهن.

اياز هن سلسلي ۾ شاعر جي خود محويت کي بت تراش جي جنون سان پڻ ڀيٽيو آهي، جنهن جا هٿ ڇيڻيءَ تي زبرا ڌڪ هڻي، لهولهان ٿي پوندا آهن ۽ وري پڙ ۾ پيهي، ٻيءَ مورتيءَ کي ڇڪي اچڻ*لاءِ انهن چٿيل چچيل هٿن کي ڪجهه آرام جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. ست سال اڳي پڻ هڪ خط ۾ اياز فنڪار جي تخليقي جذبي جي انهيءَ وير ۽ اَلڙ، هل هلاچي ۽ ماٺ، پالوٽ ۽ ٺوٺ سوڪهڙي جي ڪيفيت جو ذڪر ڪندي. پنهنجي شاعريءَ جي ڏات کي بيوفا سريت ڪوٺيو هو، جيڪا مون کي هميشه ڇڏي ويئي آهي! ۽ ٻه سال پوءِ جڏهن اها بيوفا سريت هڪ ڀيرو وري وٽس موٽي آئي هئي ۽ کيس جاڳايو هئائين، تڏهن ائين ٿي لڳو ته، لکڻ وقت، هن جو مينديءَ رتو هٿ منهنجي هٿ تي رکيل هو ۽ گذريل واقعات رکيل انگوري شراب وانگر مدمستيءَ واري خوشبوءِ ڏيئي رهيا هئا. شمع تي شمع جلندي رهي، ڪوئي پتنگ ڪونه هو، فقط منهنجا خيال کنڀڙاٽيون هڻي رهيا هئا ۽ منهنجيءَ جاڳ ۾ جرڪي رهيا هئا.

جل جل مشعل، جل جي پالوٽ کان پوءِ، ائين وچ وچ ۾، ڪو ڪو شعر تخليق ٿيندو رهيو، نه ته شاعر جي دل ساگر سانت ۾ رهي. پڇاڙيءَ ۾ هي گيت اڃايل مورن جا جبل تان لهندڙ ڪنهن مست نئن وانگر، سڀ جا سڀ، اٺن ڏهن ڏينهن ۾ جڙي راست ٿيا، جن جي رواني ۽ موج مون تقريباً هر روز ڏٺي ۽ جن جو مدمست آواز مون هر روز ٻڌو. اها منهنجي مخالفن جي مون سان مهر ٿي، جو بيمار سنڌ جي پيرانديءَ کان اٿاري ان جي سيرانديءَ کان ويهڻ جو شرف ڏنائون ۽ ائين، ٻيهر، عمر جي پوئين دور ۾، سنڌ جي هن اجهل ۽ امر آواز، منهنجي ماکيءَ کان مٺي ۽ موتين کان املهه دوست سان ايڏو قريب رهڻ جو وجهه مليم.

هڪ ڀيري، منهنجي هڪ ٻئي پياري دوست ۽ رفيق محترم گرامي صاحب ويٺي وٺي، شاعريءَ جي ڪرشمه آرائي * متعلق حيرت جو اظهار ڪندي، چيو ته، هي آخر ڪهڙو اسرار آهي، جو صدين کان وٺي، سوين بلڪ هزارين شاعر محبوب جي حسن ۽ عشق جي هڪ ئي موضوع تي ايترين ٻولين ۾، ايترا نئين کان نوان خيال ۽ ايتري نئين کان نئين انداز ۾، چئي ٿا سگهن!  شعر ۽ شاعريءَ جو هيءُ اسرار واقعي حيرتناڪ آهي. محبوب ۽ ان جو حسن ۽ انساني دل ۾ عشق جو اڌمو- اهي زمان ۽ مڪان سان واسطو رکندي به زمان ۽ مڪان کان آجا ۽ اوچا، سوچ جي دام ۾ ڪڏهن به نه ڦاسڻ جهڙا گهڻ- روپي ۽ گهڻ- رنگي ڪرشما آهن ۽ شاعر جي انوکي ڏات انهن جي انهيءَ پهچ کان ٻاهر سراب ۾ جذب ٿي، جو ڪجهه اسان کي ڏئي ٿي، اهو نئون آهي ۽ ان جي حيرتناڪي اسان جي عقل ۽ احساس کي عاجز ڪيو ڇڏي. هن مجموعي ۾، اياز جا ٻه گيت- ڇا ڇا نه سمندر سرجي! ۽ پهريون پهريون لفظ خدا جو ڪن فيڪون شاعر جي انهيءَ تخليقي هيجان ۽ شاعريءَ جي انهيءَ پراسرار ڪرشمه آرائيءَ تي ڪجهه روشني وجهن ٿا.

بهرحال، شاعر جي تحت الشعور جو هيجان، جيڪو هن جي شعري تخليق جو فوري باعث بنجي ٿو، سو ڪو بي سبب ۽ ڪنهن سماجي خلا ۾ ڪونه ٿو پيدا ٿئي. شاعر پنهنجي سماج سان واڳيل انسان آهي. ماضيءَ سان هن جو ڳانڍاپو ۽ مستقبل ڏانهن هن جي ذميواري ئي هن کي حال جي فرض شناسيءَ ۽ فرض ادائيءَ لاءِ تيار ڪري ٿي ۽ ان ڏانهن آماده ڪري ٿي. تخليقي ڪيفيت ۾، شاعر جي ڏات جي اظهار لاءِ گذريل واقعات رکيل انگوري شراب وانگر مدمستيءَ واري خوشبوءِ جو ڪم ڏين ٿا. هي گيت اڃايل مورن جا تخليق ٿي، انهن جو سبب، انهن جو مواد ۽ پس منظر پنهنجي ديس ۽ ٻاهرئين عالم جا اهي دک ۽ پيڙا جا واقعا ئي معلوم ٿيندا، جيڪي گهڻي زماني جا پراڻا به آهن ۽ هلندڙ وقت جا تازا پڻ آهن.

پنهنجي ديس توڙي ٻاهر، اڳي ۽ هاڻي هن ٿوري وقت ۾، جو ڪجهه گذريو آهي ۽ گذريل رهيو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. فردن کان قومن تائين جيترو ڪو هيڻو ٿي رهيو آهي، اوترو ان سٺو آهي. سنڌ ۾ اسين رهون ٿا ۽ دنيا جي بساط اسان جي اڳيان موجود آهي. آزاديءَ جي راهه ۾ ويٽنام جي بي مثل قوم جا بي مثال ڪارناما هنن ڏهن مهينن ۾ پنهنجي معجزه نما حد کي پهتا. هن ئي عرصي ۾ عالمي انقلاب جو شيردل سرويچ، چي گوئويرا، شهيد ٿيو. هابيل ۽ قابيل، بابل جو شهر، دهليءَ جو سرمد شهيد، جهانسيءَ جي راڻيءَ جو لاش، ٽيپوءَ جي ڪنڌ، مسدس حالي، شو جو ڪوڙو ناچ، ڦاسي گهاٽ، ڪار مان لهندڙ نازنين، مزدور جا ٻار، ورديءَ وارا بوٽ، جبل جو بلئڪ آئوٽ جنهن ۾:

بمباريءَ جي ڀَوَ کان بجلي

آهي روز وسائي ويندي،

پر هو چوڏهينءَ چنڊ کڙيو آ

(رات ته ناهي ڏينهن ڏٺو آ)

اُن کي ڇو نه وسائي ٿو ڪو؟

اُن کي ڪير وسائي سگهندو!

هي ۽ ٻيا سڀ اهڙا واقعا، جن جا بيان هي گيت اڃايل مورن جا آهن، اهي اسان جي پنهنجي زندگيءَ جي لاڳيتي ۽ اکٽ داستان جا ئي واقعا آهن. انهن ۾ ڪهڙا وقتي اهميت جا آهن ۽ ڪهڙا دائمي اهميت جا- ان جو فيصلو ڪيئن ٿو ٿي سگهي! فن جو بهرحال ڪمال هيءُ آهي ته، اهو وقتي اهميت جو رول به ادا ڪري ۽ ان ۾ دائميت ۽ امرتا جو روح پڻ برقرار هجي. سماجي ڪارج جي ڀرپور ادائگي فقط اهڙي پد تي پهتل فنڪار ۽ ان جو فن ئي سرانجام ڏيئي سگهي ٿو. اياز جي هر شعر ۾ انهيءَ قسم جي تاريخي ۽ سياسي ذمينداريءَ جو احساس موجود ملي ٿو.

هيءَ ذمينداري، جيڪا هر سچي فن جي تخليق لاءِ لازمي ۽ بنيادي شرط آهي، شاعر يا اديب محض وعظ ۽ نعري بازيءَ سان پوري ڪري ڪونه سگهندو. ان لاءِ هن کي فن جي اثر آفرينيءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. چونڊ ٻولي، تشبيهه ۽ استعارو، علامت ۽ تمثيل ڪرڻا پون ٿا. اياز جي ٻوليءَ ۾ انهيءَ سلسلي جون نيون ترڪيبون بيشمار آهن، هنن ئي گيتن ۾ اوهان کي اَواڪ اُڃ، ڪنٺ ڪٺورن جا، سپني ول، تارونءَ ۾ تلوارون، آنڌيءَ ۾ آکيرا، ڌرتيءَ تي دستارون، ڇپر مان ڇاٽ، آکيري جي اوٽ، ڏر جو ڏڍ، ڏاڍ جي آڍ، چنگ جي چڻنگ، گلابي گهڙيون، ماڪ مهل، لهوءَ جي ندي، گهنڊ گناهن جا ۽ ٻيون اهڙيون ڪيئي ترڪيبون ملنديون، جن مان اڪثر، پنهنجي اصطلاحي مفهوم توڙي علامتي مقصد ۾، شاعر پهريون ڀيرو استعمال ڪيون آهن. مثلاً تارونءَ ۾ تلوارون  جي ترڪيب (سرمد ڇا ٿو سوچي واري گيت ۾)  فتويٰ باز مُلن جي زبانن لاءِ ڪم آيل آهي، زبانن کي تلوارن سان تشبيهه ڏيئي (تلوار جو وڍ ڇٽي وڃي، زبانن جو وڍ نه ڇٽي) ۽ انهن جي چوٽين کي تارونءَ ۾ کتل چئي، متعصب ملن جي انهيءَ پريشانيءَ ۽ حيرت کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کين سرمد تڏهن به وڌو هو ۽ هاڻي به هو آهن ۽ هو تارونءَ ۾ تلوارون لڳايو، سوچ ۾ ورتا ويٺا آهن ته سرمد تي آخر ڪهڙي ۽ ڪيئن ڪا يڪ تڪائي فتويٰ ڪڍي وڃي. فن جي ڪمال جو هيءَ گيت هڪ عجيب مثال آهي.

هن سڄي گيت ۾، تاريخ جي ان ڀيانڪ ۽ روح مٺ ۾ آڻيندڙ گهڙيءَ کي، صديون گذريل وقت جي پاتال مان لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي، هڪ بت تراش يا رنگن جي چترڪار وانگر، اهڙي دائميت ڏني ويئي آهي، جو پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اها هوبهو اڄ به اسان جي آڏو بيٺي آهي.

هونئن به، هر دور جو حقيقي شاعر پنهنجي مضطرب روح جي ظاهر ۽ پنهنجي انقلاب آفرين پيغام جي بيان لاءِ پنهنجي جدا ٻولي پيدا ڪندو آهي. ان ٻوليءَ ۾ هن جي سڃاڻپ هوندي آهي. هن جي هر لفظ ۽ سٽ درسني هوندي آهي، جنهن ۾ هن جي شخصيت جي جهلڪ ڏسبي آهي. ٻيا شاعر هن جي ٻولي استعمال ڪري سگهن ٿا، پر اها انهن جي ٻولي ٿي نٿي سگهي. دراصل، ٻين همعصر ۽ پوءِ ايندڙ شاعرن جي اهڙيءَ پيروڪاريءَ سان ئي ان اڳواڻ شاعر جي ٻولي مقبول عام ٿيندي آهي ۽ قومي ٻوليءَ جي لفظي، اصطلاحي، ترڪيبي ۽ علامتي ذخيري جو حصو بنجي، ان جي اظهاري صلاحيت جي اڀرڻ جو سبب بنبي آهي.

اياز جي ٻولي خالص سنڌي ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي خالص موڙي آهي، وس پڄندي، هو ان کي ئي ڪم آڻي ٿو. ڀؤنر ڀري آڪاس جي ڪجهه اوائلي نظمن ۽ غزلن کان سواءِ، هن جي سڄي شعر ۾ اها ٺيٺ پنهنجي ٻولي ڪم آيل آهي. سنئين سڌي ۽ سادي ٻوليءَ سان گڏ شعري رواني ۽ ميٺاج، جيڪو هن جي ڪلام ۾ موجود آهي ۽ شعري خيالن ۽ صورتن لاءِ عام سنڌي ماحول جو استعمال، جيڪو هو بار بار ۽ هر موقعي تي ڪري ٿو، ان مان هن جي شعر ۾ بنهه موسيقيءَ جي پنهنجائپ، سادگي ۽ معصوميت پيدا ٿئي ٿي. ايتري قدر جو ٻڌڻ سان ڪلام جي فڪري مواد ڏانهن پهرئين ڀيري ڌيان ئي نٿو وڃي. حقيقت ۾ هر فن جو ڪمال پڻ ان جي اها معصوميت، جا ساڳئي وقت بي انتها پيچيده جذبات ۽ گهريءَ فڪري ولوڙ جو اظهار ٿئي ٿي ۽ اها پنهنجائپ، جنهن کي پڙهڻ سان ائين سمجهبو ۽ ائين دل ٿيندي ته اهڙو شعر آءٌ به ٺاهي سگهندس ۽ اجهو ٺاهي ٿو وٺان!

شاعر جي ٻوليءَ جو خاص حصو اهي علامتون پڻ آهن، جيڪي هو پنهنجي مقصد جي ادائگيءَ لاءِ ڪم آڻي ٿو. غزل جي شاعريءَ جون علامتون ساقي ۽ ميخانو، گل ۽ بلبل، شمع ۽ پروانو وغيره، حسن و عشق ۽ تصوف جي ڪيفيتن کان سواءِ هاڻي سياسي ۽ سماجي خيالن جي اظهار لاءِ پڻ ڪم آنديون وڃن ٿيون. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جون علامتون- چانگو، ڪانگ، ائٽ، سامونڊي، چارڻ، ٽوپو، کاهوڙي، جوڳي، وڻجارو وغيره ۽ سنڌ جي داستانن جا سڀ ڪردار، واقعا ۽ حالتون به عشقيه ۽ تصوف جي مضمونن کان علاوه هاڻي سماجي ۽ سياسي فڪر جي ترجمانيءَ لاءِ ڪم اچن ٿيون. (۽ انهن کي ائين سماجي ۽ سياسي فڪر جي اظهار لاءِ علامت طور ڪم آڻڻ ۾ به اياز جو پهريون ۽ مکيه هٿ رهيو آهي.)

پر تاريخ ۽ سياست جي هڪ ذمه بردار شاعر جي حيثيت ۾، پنهنجي فڪري اظهار لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ سموري مروج اصطلاحي، تشبيهي ۽ علامتي ذخيري ۾ اياز ڪافي اضافا ڪيا آهن. مثلاً آرائين، ڄَرَ، اڃ، آهيڙي، مڌ ماتا، ناگاساڪي، ڀنڀٽ، سپنو، ماڪ، مور، نڙ، گوري، گجري، پلر پيئڻ، ٻاٽ، راڳي، سَرُ (تلاءُ) ، ڇَر، ڪارونجهر، ڪينجهر، اروڙ، اُمارو، اهي ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي لفظ ۽ نالا اياز پنهنجي قومي ۽ بين الاقوامي پيغام جي اظهار لاءِ علامتي انداز ۾ ڪم آندا آهن. اهي سڀ علامتون ٺيٺ سنڌي آهن، جيڪي هن پهريون ڀيرو ڪم آنديون آهن. هر اهڙي لفظ جي علامتي ڪارج جي ظاهر ڪرڻ لاءِ، هن جي شعر ۾ ڪنهن اهڙيءَ رعايت جو اهتمام موجود رهي ٿو، جنهن سان اهو لفظ پنهنجي معمولي حيثيت مان ڦري علامتي حيثيت جو حامل بنجي وڃي ٿو. مثلاً او آرائين! واري گيت جو هيءُ بند:

آو آرائين!

تنهنجيءَ جهوليءَ ڪهڙا گل؟

دوها، سائين!

پيار لُٽايا جيڪي پَل

گيت جي هن بند ۾ دوها لفظ آڻي، ان جي رعايت سان آرائين کي شاعر، انقلابي مفڪر ۽ مبلغ جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ سڄي گيت ۾ جيڪي ٻيا اهڙا لفظ ڪم آيا، مثلاً سرءُ، ڳاڙها گل وغيره، ان پهرينءَ مرڪزي رعايت سان، پنهنجي پنهنجي علامتي حيثيت ۾ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ازخود اڀري اچن ٿا.

گيتن جي هن مجموعي جو نالو هي گيت اڃايل مورن جا- خود علامتي اهميت رکي ٿو.گيت دانهن، فرياد يا سڏ جي علامت آهي، مور  وطن دوست انقلابيءَ جي علامت آهي ۽ مور جي اڃ کي آزاديءَ ۽ انقلاب جي پياس يا خواهش چئي سگهجي ٿو ۽ ڇاڪاڻ ته هي گيت سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن ۽ سنڌ جي شاعر پنهنجي وطن جي بيوسيءَ ۽ مجبوريءَ جي پس منظر ۾ چيا آهن، تنهن ڪري هي گويا سنڌ جي وطن دوست انقلابين جا آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ فرياد يا سڏ آهن.  هي گيت پنهنجو علامتي مفهوم پڻ رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته جن انساني اعليٰ قدرن جا اهي حامل آهن، اهي قدر زمان ۽ مڪان جي حدن کان بالاتر آهن. اياز جي فن جي عظمت انهيءَ ۾ ئي آهي، جو سندس شاعرانه علامتون نه فقط پنهنجي معاشري ۽ حالات جي تصوير ڪشي ڪن ٿيون، بلڪ انهن مان سندس پڙهندڙ ساريءَ انسان ذات جي تاريخ ۽ تقدير جي جهلڪ پڻ وٺن ٿا. اياز جو هيٺيون ننڍڙو گيت انهيءَ سلسلي ۾ خاص ڌيان لهڻي:

ڪتا ڀؤنڪن

ڀاڳيان ڀؤنڪن

چور به ڀؤنڪن ٿا!

ڪيڏي آ اوناڙ هوا ۾!

هر هر هئين ڦاڙ هوا ۾!

چارا ڇرڪن ٿا

تارا ڇرڪن ٿا!

ڪير اويرو آيو آهي؟

هن وستيءَ ۾ ڇا ٿو چاهي؟

ڪتا- ڏاڍ جا غلام ۽ چاري، ڀاڳيا- عوام ۽ چور- ڏاڍ جا ڌڻي، جارا- آزاديءَ ۽ علم (هوا ۽ روشنيءَ)  جا وسيلا  اخبارون، ڪتاب، تعليمگاهه وغيره)، چارا-  سياسي (قومي) جدوجهد جا رستا (آئيني ۽ غير آئيني) ۽ تارا عظيم مقصد، اوچا آدرش. لفظ ڀؤنڪڻ ٽي ڀيرا ڪم آيو آهي ۽ ٽيئي ڀيرا ان جي اصطلاحي معنيٰ انهن جو، آزاديءَ ۽ انصاف جي حقن لاءِ، بيسود رڙڻ، يا انهن مان ڪن جو خود ڏاڍن سان ملي، حق جي آواز جي خلاف دانهڻ ۽ چورن جو ڀؤنڪڻ معنيٰ سچ کي لڪائڻ، ٺڳڻ ۽ هيسائڻ لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪرڻ. جارا، چارا ۽ تارا ٽي ئي ڇرڪن ٿا (تفرقي ۽ تحرڪ ۾ اچن ٿا)، پر ٽنهي جو ڇرڪڻ الڳ الڳ سبب  کان ۽ الڳ الڳ نوعيت جو آهي. اوناڙ- هانءَ نپوڙيندڙ رڙ آهي، جا رات جي سناٽي ۾ ڪنهن ماريل جانور تي ويهي، ڪو اڪيلو بگهڙ ڪندو آهي ۽ هر هر انهيءَ ڪري، جو هڪڙي اوناڙ کان پوءِ ٻئي هنڌ ويٺل ٻيو بگهڙ ٻئي ماريل جانور تي رڙي، ۽ ٽئين هنڌ ٽيون، وغيره. ڪير اويرو آيو آهي- هن وستيءَ ۾ ڇا ٿو چاهي؟ معنيٰ- هن ديس ۾ ۽ هن مئل آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ سڏيندڙ ڪو ته آيو آهي! اهو ڪير آهي ۽ اهو ڇا ٿو گهري؟

هي ننڍڙو گيت ٻهراڙيءَ جي ڪنهن ڳوٺ جي ڪنهن به رات جو منظر چٽي ٿو. رات جي سناٽي ۾، ستي لوڪ، ان ۾ ڪو خير جو گهورو شخص لنگهي آيو آهي ۽ هڪدم رڙو رڙ ۽ سڏو سڏ پئجي ويئي آهي! هن، تقريباً هر روز واقع ٿيندڙ، صورتحال کي سڄي جو سڄو علامتي طور پنهنجي ملڪ، ڪنهن به ملڪ، بلڪ دنيا جي موجوده توڙي آئينده واقع ٿيندڙ ڪنهن به فسطائي ظالمانه دور جي بيان لاءِ ڪم آندو ويو آهي ۽ ساڳئي وقت پڙهندڙ جي ذهن کي ڌونڌاڙي، ٻڌايو ويو آهي ته هو پاڻ ڳولي، سوچي ۽ سمجهي ته ههڙي هانءَ ٻوساٽيندڙ ماحول ۾ ڪير نجات جي راهه ڏيکاريندڙ آهي ۽ اهو هر ڪنهن کان ۽ خود کانئس ڇا ٿو چاهي؟

اياز پنهنجي شعر جي فني هيئت تي پاڻ هڪ جدا تفصيلي مضمون لکي رهيو آهي. هنن گيتن ۾ هڪ ٻن هنڌن حاشيي ۾ پڻ هن پنهنجي فن جي انهيءَ پهلوءَ ڏانهن اشارا ڏنا آهن. هن موضوع تي منهنجي پنهنجي ڄاڻ ڪا خاص ڪانهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه وڌيڪ لکڻ مناسب نٿو سمجهان، بهرحال، ايتري ڳالهه ته صاف آهي ته شعر جي ترنمي سانچن ۾ اياز اڪثر فارسي بحر وزن ۽ هندي ڇندن جو ميلاپ ڪيو آهي. مثلاً، هي زير نظر سڀ گيت ماترائن جي حساب سان ٻڌا ويا آهن، پر فارسي بحر وزن تي به انهن مان اڪثر شعر ٺهڪي بيهن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ماترائن جي حساب سان شعر چوڻ مان فائدو اهو ٿو ٿئي ته ان ۾ سنڌيءَ جي ڪنهن به متحرڪ حرف کي ساڪن ڪرڻو ڪو نه ٿو پوي، جيئن فارسي بحر وزن جي تقاضائن مطابق ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي بگاڙ جو امڪان نٿو رهي. اياز جيتوڻيڪ شعر جي ماپن ۽ نمونن جا ڪيئي تجربا ڪيا آهن، پر انهن مان هر هڪ ۾ هن شعري هيئت جي خالص سنڌي روايتن کي بنياد طور قائم رکيو آهي، بلڪ انهن کي اڳتي نيئي، انهن مان نوان شعري ماپا ۽ نمونا ايجاد ڪيا آهن. مثال طور، هنن گيتن ۽ وائيءَ ۾ پڻ غزل جي نمونن کي ٿوريءَ ڦير گهير سان نظم غزل جي ڦير گهير، ۽ ڇڻندڙ پن، وڇوڙيل يار، ڳالهه ته هڪڙي آهي! وارو نظم وائيءَ جي ڦير گهير جا مثال چئي سگهجن ٿا.

هر فن جي اصلي ۽ آخري عظمت ان جي سچائي آهي. اياز کي ڪجهه چوڻو آهي ۽ هو چوي ٿو. هن جي شعر، جو هيترو چؤٻول پيدا ڪيو آهي ۽ سنڌي ادب جي دنيا ۾ ايتري يڪتائي حاصل ڪئي آهي، ان جو خاص سبب هن جي پنهنجي فڪر، پنهنجي اندر جي آواز ۽ پنهنجي فن سان سچائي آهي، افسوس جو اسان جو شاعر هيءُ مضمون اڃا پورو ڪري نه سگهيو آهي.* ۽ سچ جي هوندي ماڻهوءَ جي ٻي هر لياقت، جنهن کي ڏات ٿو سڏجي، ثانوي حيثيت وٺي ٿي بيهي. سندس پنهنجي هڪ گيت جو بند آهي ته:

ڏات وڏي شيءَ ناهي،

پر سچ وڏي شيءِ آهي

۽ جو سچ مچائي

سو مچ وڏي شيءِ آهي!

 

جيڪب آباد ، 19-2-1968ع

(جل جل مشعل جل جو مهاڳ)

 


 

 

محمد ابراهيم جويو

 

اياز جي شعر جو هيءُ چوٿون ڪتاب آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ آيل شعر 1968-1964ع جي دور جو شعر آهي. سنڌ جي تاريخ جا هي چار سال نئين سنڌ جي قومي جدوجهد جا خاص يادگار سال آهن. انهن چئن سالن ۾ محب وطن سنڌي اديبن ۽ دانشورن ون يونٽ جي سامراج خلاف قومي جدوجهد جي اڳواڻيءَ جا فرض پوريءَ ڄاڻ، حوصلي ۽ ثابت قدميءَ سان ادا ڪيا. سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جو هيءُ ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سدا روشن باب ٿي رهندو.

1955ع ۾ اولهه پاڪستان جي ننڍين قوميتن جي پيرن ۾ ون يونٽ جي غلاميءَ جا زنجير وڌا ويا. 1958ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، انهن زنجيرن کي مضبوط ڪيو ويو. 1958ع کان 1968ع وارا ڏهه سال اولهه پاڪستان ۾ هر طرف سياسي هيبت ڇانيل هئي. پر سنڌ ۾ اهي ڏهه سال سنڌ جي وطن دوست اديبن ۽ شاعرن جو آواز ڪڏهن به خاموش نه ٿيو. هن دور جا پويان چار سال ايوبي آمريت جا سخت ترين سال هئا. سنڌ جي باغي اديبن جي جدوجهد جو زور پڻ پنهنجي چوٽيءَ تي هنن ئي چئن سالن ۾ رهيو.

اياز جو 1962ع ۾ ڇپيل پهريون شعر جو ڪتاب ڀؤنر ڀري آڪاس 1964ع ۾ ضبط ٿيو. اياز جو ٻيو شعر جو ڪتاب ڪلهي پاتم ڪيِنرو ۽ سندس نثر جو ڪتاب جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي 1968ع ۾ ضبط ٿيا. محب وطن سنڌي اديبن جا گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ۽ گهڻي ۾ گهڻا سنڌي رسالا به هنن ئي چئن سالن ۾ ضبط ٿيا. 1965ع (سيپٽمبر- ڊسمبر) ۾ پهريون ڀيرو اياز کي جيل موڪليو ويو. سندس لافاني نظم زندان، هزارين مان نه رڳو (جيڪو هن ڪتاب جي 55 ص تي آيل آهي) اُن قيد جي ڏينهن جو رچيل آهي.1968ع جي آخر ۾ مٿس قلم 123- الف (ڏوهه- بغاوت، سزا- عمر قيد، ڦاسي)  هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو. هن قلم هيٺ، پاڪستان ۾، ان دور تائين، سواءِ خان غفار خان جي، ٻئي ڪنهن تي به ڪيس داخل نه ٿيو هو. هن ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ فيصل ٿئي ئي ٿئي، ان کان اڳ نومبر 1968ع ۾ ايوب شاهيءَ جي تيرهن وڏن ڏوهارين (سنڌ مان ٽن- ذوالفقار علي ڀُٽي، ممتاز ڀُٽي ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر) سان گڏ اياز کي پڻ قيد ڪيو ويو. جن مان گهڻا پنجاب جي ساهيوال جيل ۾ بند ڪيا ويا ۽ اياز به ساڻن گڏ اُتي هو. جهلجڻ کان ٿورو اڳ جون سندس رچيل وايون (سنڌڙيءَ ساٿ سچوم، ڪوري ڪنڌ ڏنوم، گهوريس گهوريس سنڌ تي! ۽ ٻيون) هن ڪتاب جي آخر ۾ صفحن تي ڏنل آهن.

مطلب ته، جيئن مٿي چيو ويو، هن ڪتاب ۾ اياز جو پيش ٿيل سڄو شعر سنڌي ادب جي 1964ع کان 1968ع تائين وارن چئن سالن جي شديد قومي جدوجهد جي دور جو شعر آهي. سنڌي ادب جا پڙهندڙ ۽ پارکو هن شعر جي فڪري ۽ فني اهميت جي ڪَٿَ پڻ سنڌ جي قومي تاريخ جي ان اهم دور کي خيال ۾ رکي، ڪري سگهن ٿا.

فيبروري 1969ع ۾ جيل مان نڪرڻ کان فوراً پوءِ اياز جو ٻن مهينن، يعني مارچ اپريل، جو نئون چيل ڪلام، اُن جي وقتائينءَ اهميت سبب، ڪي جو ٻيجل ٻوليو جي نالي هيٺ بروقت شايع ٿيو. پر ان کان اڳ جو سندس هيءُ رچيل  ڪلام، جيڪو هاڻي هن ڪتاب ۾ پڌرو ٿي رهيو آهي، ان جي اشاعت کي ان ڀيري روڪيو ويو هو. هيءُ ڪلام گهڻي ڀاڱي پنهنجي پنهنجي وقت تي هڪ ڀيرو ڇپجي به چڪو هو- اڪثر طور انهن ڏينهن جي سجاڳ، ذميندار ۽ پختي قومي شعور رکندڙ  ماهاني ادبي رسالي روح رهاڻ جي ورقن ۾ جل جل مشعل جل ، هي گيت اڃايل مورن جا ۽ رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي وارا ننڍا ننڍا مجموعا، الڳ الڳ، پهريائين ان رسالي ۾ ئي ڇپيا هئا، جن مان پهرين ٻن مجموعن تي، تعارف طور، راقم جا مهاڳ به انهن موقعن تي ڇپيا هئا. اهي ٻه مهاڳ به هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ صفحي کان     صفحي تي شامل ڪيا ويا آهن، ته جيئن پڙهندڙن جي سامهون ان وقت جي مخصوص ادبي ۽ سياسي فضا جو نقشو اڀري سگهي.

مئي 1971ع ۾ اياز کي وري جيل وڃڻو پيو، جتان هو جنوري 1973ع ۾ آزاد ٿيو. هي اٺ مهينا مسلم بنگال  سڙندو رهيو. پر هتي اولهه پاڪستان ۾، قومي ٻولي جا شاعر، وڏي ٺٺ سان، غالب ڪي دربارعام جا جشن عام ملهائڻ ۾ مشغول رهيا اياز اهي اٺ مهينا قيد ۾ رهيو ۽ بنديخاني جي انهن مهينن ۾ هن سنڌ کي لڳ ڀڳ ٽن سئو صفحن جو وڌيڪ ڪلام ڏنو. قومن جي عظمت ۽ بقا جي ضمانت قومن جا خاص خادم پنهنجي اعليٰ پورهئي جي اهڙن بي بها ۽ لافاني تخليقن جي شڪل ۾ ئي پيش ڪندا آهن. سنڌ جڏهن ڦورو نادرشاهه ۽ اهڙي ئي شيطان صفت سندس جُٽ ۽ پونير احمد شاهه ابداليءَ جي خوني گهوڙن جي سنبن هيٺان چيٿاڙجي رت رت ٿي رهي هئي، تڏهن بيواهيءَ  سنڌ جو سورائتو سپوت، شاهه عبداللطيف، پري پنهنجيءَ ڀٽ تي پاڻ کي بند سمجهي، سنڌ جي لازوال عظمت ۽ بقا جو صحيفو تخليق ڪري رهيو هو. اڄ سنڌ وٽ شاهه جو رسالو نه هجي ها، ته سنڌ جي قومي وجود جي دعويٰ جو دليل ئي ڪيترو هجي ها! اياز  جو هيءُ نئون ڪلام،  جيڪو هن پاڪستان ۾ بنگال جي رتوڇاڻ هلندي، قيد جي اٺن مهينن ۾ تخليق ڪيو، سو جدا مجموعي ۾ ڪپر ٿو ڪن ڪري جي نالي هيٺ گڏ ڪيو ويو آهي ۽ اميد آهي ته هن زير نظر ڪتاب جي اشاعت کان هڪدم پوءِ پريس ۾ موڪليو ويندو.

ڪجهه ڏينهن اڳ، هلڪي ۽ پاڻ هُرتڙي سياست، رڳو پاڻ اڳي ڪرڻ لاءِ جُڙتو سنڌ دوستيءَ جو جامو پائي، قومي جدوجهد ۾ محب وطن سنڌي اديبن جي تاريخي ڪردار کي لوئڻ ۽ گهٽائڻ شروع ڪيو. افسوس، جو ان ۾ هن سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڄاتل سڃاتل ۽ آزمايل قومي دشمنن ۽ انهن جي نجس ۽ لوسي ٻولڙين جي پاسي کڻڻ ۽ پاسي جهلڻ کان به حذر نه ڪيو. هن قسم جي خود پسند سياست ئي پهريائين اسان جي محب وطن شاگرد تحريڪ ۾ تفرقا وڌا ۽ ان کي ڊانا ڊول ڪيو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان جي ادبي دنيا ۾ هن سؤليءَ ۽ سستيءَ سنڌ- دشمن سياست کي هيل تائين ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ محب وطن سنڌي اديب ۽ دانشور پنهنجيءَ ڳالهه تي اڳ به انهيءَ ئي ثابت قدميءَ سان قائم بيٺا آهن، جهڙا اڳي هئا. هو پنهنجي ادب جو واحد سماجي ڪارج هي سمجهن ٿا ته اهو سنڌ جي قومي جدوجهد ۽ سنڌي عوام جي وطن دوست انقلابي جدوجهد ۾ هڪ ڪارگر ۽ مضبوط هٿيار جو ڪم ڏيئي سگهي.

اسان جي سڄاڻ ۽ پياري ساٿيءَ، رسول بخش پليجي، جي لفظن ۾ اسان جي قومي ادب کي اڃا ڪئين کوٽن ۽ ڪمزورين تي غالب پوڻو آهي. ان کي اڃا صحيح معنيٰ ۾ انقلابي ۽ عوامي ٿيڻو آهي. وقت آيو آهي، جو اسان جا سمجهه ۽ ساڃهه رکندڙ اديب ۽ شاعر، وطن دوست عوامي انقلاب جي راهه ۾، جيڪا راهه اسان لاءِ تاريخ اڄ مقرر ڪئي آهي، پنهنجون سموريون فڪري ۽ فني ڪوششون ظالم ۽ ڦورو طبقن جي ظلم ۽ ڦرلٽ کان پنهنجي محبوب وطن کي آزاد ڪرائڻ ۾ صرف ڪن. اميد آهي ته اياز جي هنن ٻن ڪتابن- وڄون وسڻ آئيون (جيڪو پڙهندڙن جي هٿ ۾ آهي) ۽ ڪپر ٿو ڪُن ڪري- جي شايع ٿيڻ سان سنڌي ادب، پنهنجي منصب ۽ معيار جي خيال کان نئين سر اڳتي وڌڻ شروع ڪندو.

 ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ شعر جي فهرست ڏني وئي آهي، جنهن ۾ بيتن کان سواءِ، ٻئي هر شعر، يعني واين، گيتن وغيره جي پهرين پهرين سٽ ڏنل آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي خاص خاص شعر کي ڳولي پڙهڻ ۾ سولائي ٿي سگهي. شعر جي فهرست کان پوءِ، اياز جي شعر ۾ ڪم آندل ڪن ٺيٺ سنڌي لفظن جون معنائون به ڏنيون ويون آهن. جي سنڌ جي عوام لاءِ ته اوپرا نٿا ٿي سگهن. پر عوام جي دنيا کان پري شهرن ۾ رهندي رهندي، اسان جي ڪن لکيل پڙهيل ڀائرن لاءِ البت نوان ٿي سگهن ٿا.

قومون جڏهن پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ چاهينديون آهن، تڏهن پهريائين پنهنجي ٻوليءَ کي سڃاڻينديون سمجهنديون آهن، ڇو ته ٻولي ئي سندس سڃاڻپ جو اصل نشان ٿئي ٿي. هر قوم جي پنهنجي پيڙهائتي ٻولي آهي. اڌاري ٻوليءَ جا گاڏڙ ٻوليءَ تي هلندڙ قوم جي زندگي جڙتو ۽ کوکلي ٿئي ٿي. جيتري نبار ۽ نج ٻولي، اوترو ان قوم لاءِ پاڻ سڃاڻڻ سؤلو ۽ پنهنجي آزادي ماڻڻ آسان ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاڻ کي قوم سڏائڻ جي لائق سمجهيو اهي، تڏهن پهريائين ان پنهنجي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وڌايو آهي. توڙي جو سندس اها ٻولي سوين سال ڪم نه آئي هجي، يا ان جو ادب کڻي ڪيترو به پوئتي پيل ۽ اڻپورو رهجي ويل هجي ۽ ان جا لفظ ڪيترا به ڪم کان نڪري ويل هجن يا رڳو اڻ پڙهيل جهانگين ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ باقي وڃي بچيا هجن. ٻوليءَ جي پنهنجن لفظن ۾ جيڪا ڇڪ ۽ ويجهڙائي ٿئي ٿي ۽ سمجهه ڀريل رهي ٿي، اها ڌارين لفظن ۾ ڪڏهن به ڪا نه ٿي رهي، پنهنجا لفظ کڻي ڪيترا به خيالي دنيا جا هجن، پر اهي ڏٺل وائٺل دنيا سان لاڳاپيل رهن ٿا جيئن ڌارئين لفظ اتحاد جي سامهون پنهنجو لفظ ٺهراءُ آهي ۽ ائين ٻيا لفظ ۽ انهيءَ ڪري اهي نج پنهنجا لفظ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻنهي کي هڪ سمجهه ۽ هڪ سڀاءَ جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏين ٿا.

جيڪڏهن ادب کي قومي ادب ٿيڻو آهي ۽ قومي ادب کي اڳتي وڌي صحيح معنيٰ ۾ عوامي ادب ٿيڻو آهي، ته ان لاءِ ادب جي ٻوليءَ کي پهريائين ڇڙجي ڇنڊجي قومي يا عوامي ٻولي بنجڻو آهي. قومي ۽ عوامي ادب جي راهه ۾، ٻين ڳالهين سان گڏ اياز پنهنجي شعري ٻوليءَ کي جو قومي ۽ عوامي رنگ ڏنو آهي، اهو سندس ڪم سنڌي قوم ۽ ان جي آئيندي لاءِ آب حيات کان گهٽ نه آهي.

ڪپر ٿو ڪُن ڪري جي ڪلام کان پوءِ (جيڪو پوئين ڀيري جيل ۾ اياز چيو)، ٻيو ڪو وڌيڪ ڪلام هن ڏيڍ سال کن جي مدت ۾ هن ڪونه چيو آهي. شايد شاعريءَ جي ڏات، جنهن کي اياز پنهنجي هڪ مضمون ۾ بيوفا سُريت ڪوٺيو آهي، هڪ ڀيرو وري کانئس رسي ويئي آهي پر اها وٽس وري ايندي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نئين ڪوتا ملندي، جا پڻ مهانُ هوندي، جا پڻ امر هوندي. هن سلسلي ۾، اياز پاڻ سان گڏ هر شاعر جي دل کي سمنڊ سان، ان ۾ اٿندڙ امنگن کي سِپُن  سان، خيالن کي موتين سان ۽ آسمان ۾ ڀرجي ايندڙ بادلن ۽ انهن مان وسندڙ مينهن کي حالات سان ڀيٽيندي، شاعريءَ جي هن ڪرشمه آرائيءَ تي پاڻ به وڏي اچرج جو اظهار ڪيو آهي.

ڇا ڇا نه سمندر سرجي!

ٿا بيت اڇوتا سپجن،

جنهن وقت گهٽا ٿي گرجي-

ڇا ڇا نه سمندر سرجي!

ڇا ويرؤن ويرؤن وايون!

*

هي جيءُ جڏهن ٿو ڀرجي،

ڇا ڇا نه سمندر سرجي!

پوءِ اُڌما اَلُڙ اَلُڙ،

پو ڇا ڇَر ۽ ڇا ترجي!

ڇا ڇا نه سمندر سرجي!

(اياز هن ڪتاب ۾ ص 148)

سو اسان جو هيءَ هاڻوڪي سنڌ جڏهن پاڻ سڃاڻيندي ۽ پاڻ ڀري ٿيندي ۽ ان جو پورهيت عوام پنهنجا پنهنجا بند ڇني اٿندو ۽ پنهنجي انقلابي جدوجهد سان پنهنجي هن سونهاري ديس جي پاڪ ڌرتيءَ تي پرمارن جا کتل نيش ۽ خوني چنبا پَٽي، ڀڃي ۽ پاڻ ڇڏائي، اڳتي وڌندو، تڏهن ان اجهل ۽ عظيم عوامي انقلاب جي ڪاريءَ گهٽا سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم عوامي ادب به اوس اُڀرندو. ان ادب جو شهڪار ڪير رچيندو؟ سنڌي نثر ۽ نظم ٻيئي انهن لاءِ انتظار جون اکيون راهه ۾ وڇايون ويٺا آهن.

انقلاب پنهنجا اديب پاڻ پيدا ڪندو آهي. پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، اياز جو ڪجهه سنڌي ادب کي ڏنو آهي، اهو پنهنجيءَ جاءِ تي املهه ۽ بي مثل آهي ۽ اياز کان سنڌي ادب کي اڃا جو ڪجهه ملڻو آهي، ان جو اَسٿان اڃا ئي ڪجهه مٿي هوندو ۽ ان جو ملهه اڃا ئي ڪجهه اوچو هوندو:

پهريون پهريون

لفظ خدا جو ڪن فَيَڪون!

سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون-

ڪُن فيڪون!

ڏات خزانو آهي،

ڀل ته وراهي

موتي هيرا،

نيلم نيرا!

ڀل ته ڪري سينگار صدين جا!

روڪ نه تن کي

ٽوڪ نه تن کي

هي جي سرجڻهار صدين جا-

(اياز، ص -148)

اياز شاعر، موسيقار ۽ مصور کي صدين جا سرجڻهار سڏيو آهي، اياز پاڻ به صدين جو سرجڻهار آهي. اياز جي شاعري اڄ لاءِ به آهي ۽ آئيندي لاءِ به آهي. اياز جي شاعري پنهنجي بي ساختگيءَ ۽ ٻوليءَ جي سادگيءَ سبب عام جي شاعري ته آهي، پر ساڳئي وقت ڪجهه عام ۽ مٿاڇريءَ سمجهه کان مٿي به آهي. رواجي نموني ۾ هر ڪو ان کي هُوڙهه سان پڙهيو وڃي ۽ ائين به ڀانئين سگهي ٿو ته اهڙي سؤلي ۽ سڌي شاعري هو پاڻ به ڪري سگهي ٿو ۽ هوند ڪري به ته ڏاڍو چڱو پر، خود اياز جي لفظن ۾:

جوڳڻ سڀڪا جيءَ ۾، ميران مَٽ نه ڪا،

ٿيندي گيڙوءَ گيت سان، ڪهڙي مُنڌُ مَٽا!

ڪيرت ڪاڻياريون گهڻيون، ڪنهن ڪنهن منجهه ڪَلا،

جنهن ۾ جيءَ جلا، ڪانکي تنهن جو ڪينرو.

حيدرآباد سنڌ

1972-8-15ع

(وڄون وسڻ آئيون جو مهاڳ)

 


 

 

محمد ابراهيم جويو

 

شيخ اياز جي شعر جو هيءُ ٽيون مجموعو آهي، جو ڪتابي صورت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. سندس پهريون مجموعو، ڀؤنر ڀري آڪاس  جون 1962ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ وارن پڌرو ڪيو، جنهن کي سنڌ دشمن ون يونٽي حڪومت، سنڌ ۽ سنڌي ادب جي بدخواهَن جي چُرچ تي، ٻه ورهيه پوءِ، مئي 1964ع ۾ ضبط ڪيو. سندس ٻيو مجموعو، ڪلهي پاتم ڪِينرو، 1963ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي پڻ پنج سال پوءِ، 1968ع ۾ ساڳئيءَ حڪومت ساڳين ماڻهن جي چوڻ تي ضبط ڪيو. تنهن کان پوءِ سنڌ جي هن بيمثل شاعر ڪافي ڪجهه شعر چيو، جيڪو سنڌ جي بحاليءَ ۽ خوداختياريءَ جي جدوجهد هلندي، وقت بوقت، خاص طور ماهياني رسالي روح رهاڻ ۾، ڇپبو رهيو، ان دور جو سندس شعر، جنهن ۾ جل جل مشعل جل! ۽ هي گيت اڃايل مورن جا ۽ رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي جا ننڍا ڳُٽڪا ۽ ڪيترو ئي ٻيو ڪلام شامل آهي ۽ جيڪو مارچ 1969ع ۾ لڳل ٻئي مارشل لا تائين دور جي پيداوار آهي، وڄون وسڻ آئيون! نالي هيٺ گڏ ڪيو ويو آهي ۽ اميد ته ترت ئي الڳ ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو.

هيءُ مختصر مجموعو، جيڪو ڪي جو ٻيجل ٻوليو جي نالي سان هتي پيش ٿي رهيو آهي، ان ۾ جيڪو به شعر آندل آهي، اهو مارچ 1969ع کان پوءِ جي ٻن مهينن جي عرصي ۾ تخليق ٿيل آهي. شعر جي مٿين ٻن ڪتابن جي ضبطيءَ کان سواءِ، اياز جو هڪ نثري ڪتاب، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ، پڻ، 1963ع ۾ شايع ٿيڻ کان پنج سال پوءِ خالص سنڌ دوستيءَ جي سزا طور، 1968ع ۾ ضبط ٿيو.

ڏسجي ته هاڻي سندس هن تازي ڪلام جي اشاعت تي سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي دشمن حضرات جو ڪهڙو ٿو رد عمل ٿئي! چڱائيءَ جي اميد ته منجهن اڄ به ڪانهي. تاريخ جي ثابت ٿيل حقيقت وطن جي غدارن بابت هيءَ ئي آهي ته هنن جي خمير ۾ سواءِ بدديانتيءَ ۽ بدڪرداريءَ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ۽ سندس جواب بلڪ علاج اهو ئي آهي ته سنڌ جا انقلابي محب وطن پنهنجي وطن پرستيءَ جي جذبي ۽ عمل کي جيئن پوءِ تيئن وڌائين ۽ تيز کان تيز تر ڪندا رهن. اياز جي هن شعر ۾ به وطن تان سِر گهورڻ وارن لاءِ پنهنجي اعليٰ جذبي ۽ مقدس عمل کي وڌائڻ ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو سڏ موجود آهي.

آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. 1949ع ۾ سنڌ کان ڪراچيءَ کي ڇني ڌار ڪيو ويو. 1955ع ۾ سنڌ کي چؤکنڀو ٻڌي، ون يونٽ جي آڏو اڇلايو ويو. سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ تي اردوءَ جا وڏي طمطراق سان طبل وڄڻ شروع ٿيا. سنڌي ٻارن کي اردو زوريءَ سيکارڻ جاري رکي ويئي ۽ اردو بازن کي سنڌي سيکارڻ بند ڪئي ويئي! عوام جي تنگ گذراني وسيلن تي قبضا ٿيا. ماڻهن جي زبانن تي ماٺ جون مهرون لڳنديون رهيون. ايوبي دور جي آمريت پنهنجي ننگي روپ ۾ نروار ٿي- پاڪستانين ۽ مسلمانيءَ جي نالي ۾ عوام جي هر قومي امنگ کي نهوڙڻ جي ڪوشش عمل ۾ آئي. اختيار ۽ اقتدار جي صاحبن پنهنجي پوري طاقت ان تي صرف ڪئي ته سنڌ پنهنجي ذهني ۽ سياسي غلاميءَ مان اڀري نه سگهي. ايتري لُڙ ۽ انڌڪار ۾ سنڌي شاعر ۽ سنڌي اديب اميد جو ڏيئو ٻاريو ۽ اهو ٽمڪندو رهيو-

هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏورانهون ڏهڪار ته ڏس!

مون ڪيڏيءَ جَرَ جي جهاڳ مٿان هي ديپُ جلايو آ، پيارا!

تان جو نومبر 1968ع ۾ هي سحر ٽٽو، عوام جون اکيون کليون ۽ عوام اٿيو ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جا قلعا ڀرڻ شروع ٿيا. نومبر 1968ع ۾ ون يونٽ جي شڪنجي مان پاڪستاني قومن جي ڇوٽڪاري جو اعلان ٿيو ۽ پهرين جولاءِ 1970ع تي اولهه پاڪستان جي ٻين صوبن سان گڏ سنڌي عوام جو سڳورو سنڌ ديس پڻ ٻيهر دنيا جي نقشي تي اڀريو، برحق ۽ بحال ٿيو.

وطن جي انڪار جو فلسفو يا نظريو محڪوم ۽ مظلوم قومن لاءِ هر صورت ۽ هر حالت ۾ تباهيءَ ۽ ذلت جو فلسفو آهي ۽ اهو فقط ملڪ جا غدار ۽ ملڪ جا دشمن پيش ڪندا ۽ پکيڙيندا آهن. اياز جو شعر وطن جي تسليميءَ، وطن جي بچاءَ ۽ وطن جي آبروءَ ۽ عظمت جو شعر آهي ۽ اُن لاءِ محب وطن نوجوانن، ٻارن ۽ ٻڍن کان اُهو هر قسم جي جُهد ۽ قربانيءَ جي طلب ڪري ٿو. اُن ۾ وطن جي غدارن ۽ وطن جي دشمنن لاءِ اَجهل نفرت ۽ بي پناهه غصو موجود آهي. انهيءَ ڪري وطن جا غدار ۽ وطن جا دشمن ۽ غاصب پڻ اياز ۽ اياز جي شعر کي برداشت نٿاڪري سگهن ۽ هر وقت ٻنهي کي خاموش ڪرڻ لاءِ نُنهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندا رهيا آهن. جيئن ئي 1954ع ۾ ٽه ماهي رسالو مهراڻ شايع ٿيو ۽ ان ۾ اياز جو ۽ ٻين  قومي شاعرن جو شعر باقاعدي اچڻ شروع ٿيو، تيئن هنن غدارن ۽ غاصبن جي ککر ۾ ڄڻ کڙو لڳو ۽ هو ڀُو ڀُو ڪري، پنهنجا زهريلا ڏنگ نئين زهر سان ڀري، چوڌاري مڙي آيا ۽ اڄ تائين انهن ۾ اهو ئي شور ۽ غوغا، اهو ئي ڏنگ ۽ اهو ئي زهر اوترو ئي موجود آهي، جيترو پهريائين منجهن هو. پر وطن جي چمن ۾ جا بهار اچڻي آهي، سا آهستي آهستي ايندي ئي رهي ٿي ۽ وطن جا باغبان ۽ وطن جا پاسبان ان بهار جي آڻڻ لاءِ ۽ ان کي ساهه لڳ سنڀالڻ لاءِ هر گهڙيءَ وڌندا ۽ اڳتي ايندا رهن ٿا آزاديءَ ۽ انسانيت جو ادب ۽ فن ۽ ان ادب ۽ فن جا اپائيندڙ اديب ۽ شاعر ائين ئي اجهل ۽ اَڏول، پنهنجا ڪنڌ اوچا ڪيو، سرها ۽ سوڀيارا، هڪ هڪ ٿي ۽ گڏجي، وطن جي دشمنن ۽ غدارن جي مڪر ۽ فريب، ظلم ۽ ڪوڙ کي، وڌي وڌي، چيڙائيندا ۽ للڪاريندا ٿا رهن.

تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،

 اعلان هزارين، مان نه رڳو!

اياز تي سنڌ  جي ذهني سجاڳي ۽ سياسي خودداري ڏيندڙ فڪر تي پهريان وار جن ڪيا ۽ جتان ٿيا، اهي ڪنهن کان ڳجها ڪونهن. پنج، ڏهه، ويهه نه، پر ستر ستر، اَسي اَسي بلڪ سوين ۽ هزارين ليک، الڳ الڳ ۽ سلسليوار، لکبا رهيا، ڇپبا رهيا ۽ ترجما ٿي، غدارن جي آقائن وٽ رسندا رهيا. سنڌي ليکڪن ۽ انهن جي ترجمن کان اڳتي وڌي، اردوءَ ۾ ليک ۽ ڪتاب لکيا ويا ۽ پنهنجن ان داتائن کي پهچايا ويا. بي نام، گمنام ۽ بدنام نالن سان عرضيون ۽ اظهر ناما هن جي حضور ۾ الڳ پيش ٿيندا رهيا. هڪ ئي مخصوص ۽ نامَ ڪٺيءَ اخبار ۾ هڪ نه، ڏهه نه، ويهه نه، پر سوين ايڊيٽوريل آيا. هر آرٽيڪل، ايڊيٽوريل، عريضيءَ توڙي اظهر نامي جي تانَ ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمان جي هڪ ئي تار تي ٽٽندي رهي.

ظاهر ته غدار ۽ غاصب جو واسطو ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمان سان رڳو نالي جو هوندو آهي پر پهريون ۽ آخري واسطو سندن پنهنجي غرض سان ٿئي ٿو. اياز، سنڌ جي نئين فڪر کان سندن پنهنجو وجود نامسعود خطري ۾ هو ۽ آهي. جيڪي هزارن لکن پاڻ جهڙن انسانن کي جانورن وانگر پنهنجي پٺيان چُچڪاري هلائڻ يا پنهنجي اڳيان هڪلي هلائڻ تي هريل هجن ۽ جن جي پيٽ پروريءَ ۽ خرمستيءَ جو دارو مدار انهن ئي ماڻهن جي رَت سَت تي هجي، ڏهڪاءُ ۽ ڏيک ئي فقط جن وٽ پنهنجي بچاءَ جا هٿيار هجن، تن جو سڄو سارو اسلام ۽ ايمان سواءِ ان جي ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته ڪوبه سندن فرعوني طاقت ۽ قاروني دولت جي قلعي تي هلان ته ڇا، پر ان ڏانهن اک کڻي به نه ڏسي ۽ جيڪو ائين ڪندو، ته ظاهر آهي ته اهو سندن انهيءَ اسلام ۽ انهيءَ ايمان جي دائري کان وٽن نڪتل ئي شمار ٿيندو. اهو ئي سبب آهي، جو هنن هيءُ سڄو عرصو پنهنجيءَ  سڄي ڪاوڙ ۽ ڪدورت جو نشان اياز کي ۽ سنڌ لاءِ نئين پيغام رکندڙ سنڌ جي نئين شعر ۽ نئين ادب کي بڻايو.

اڄوڪيءَ سنڌ جي پاڪ ڌرتيءَ تي، ادب ۽ فن جي ميدان ۾، سچ ۽ ڪوڙ جي هن جنگاهه ۾ دشمن جا سڀيئي وارَ اياز وڌي وڌي پاڻ ڏانهن موڙيا ۽ پنهنجي اڪيلي سِر تي سٺا. اسان جا سمورا ساٿي، خود اُهي جيڪي بنهه مُهڙ ۾ هئا، سي سڀئي دشمن جي مورچن منجهان ڇٽل تيرن کان گهڻي قدر محفوظ رهيا، ڇاڪاڻ جو اياز سندن تيرن آڏو پنهنجو سينو سپر بنائي بيٺو.

پاڪستان جي 23 سالن ۽ سنڌ جي شايد سڄيءَ تاريخ ۾، نجي فن ۽ ادب لاءِ، ڪنهن کان ايتري قرباني نه ڪڏهن گهري ويئي ۽ نه ورتي ويئي، گلائون، تهمتون، گاريون، دڙڪا، حملا، شهر نيڪاليون، نظربنديون، ڪال ڪوٺڙيون ۽ ڪيس مٿان ڪيس، هي ته اياز ۽ سندس وجود سڀ ڪجهه ٻڌو، ڏٺو ۽ سٺو ۽ ان کان پوءِ به نه هيڻو ٿيو ۽ نه پنهنجي راهه تان هڪ پير هٽيو ۽ هچڪيو. سچ آهي ته مقصد جي مومل کي، جي ماڻڻو آهي ته ڪاڪ محل کي سر ڪرڻو ئي پوندو، ميهر سان ملڻو آهي ته دهشت ڀرئي درياءَ جي لهرن ۾ لڙهڻو ئي پوندو، پنهنجي پنهل کي پهچڻو آهي ته ڪيچ جا جبل جهاڳڻا ئي پوندا، ملير جي مارن سان ملي مرڪڻو ۽ مڪهڻو آهي ته عمر جي قيد جا ڏيهاڙا ڪاٽڻا ئي پوندا.

ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري،

جني جي ورونهن، سڄڻ آيو مون ڳري.

اهو انسان، جو آزاد منش آهي ۽ پنهنجي اندر جي اجهل آواز کي ئي حق جي ڪسوٽي سمجهي ٿو ۽ پنهنجي عمل لاءِ آخري فيصلي جو اختيار ڏئي ٿو، هر حالت ۾ ۽ هر گهڙيءَ اهو ماڻهو دنيا کي پنهنجي ارادي جي آڏو جهڪائڻ جي جدوجهد ۾ رڌل رهي ٿو ان راهه ئي هيءَ جدوجهد ۽ اهڙي ماڻهوءَ جي نيڪ نيت ۽ اعلى ارادي جي ضمانت آهي. سرچاءُ ان ماڻهوءَ لاءِ خسيس سڌن ۽ ادنيٰ ارادن اڳيان هار مڃڻ جي برابر آهي. هن جو پڪو پهه، اَٽل ويساههُ جبل کي به هٽائي سگهي ٿو. آڏو ٽڪر ٽر، متان روههَ  رتيون ٿئين! هُن جو مٿو رتو رت ئي سهي، پر اهو هميشه اُڀو ۽ اوچو رهي ٿو.

خود قربانيءَ، صبر ۽ سڀڪجهه سهڻ جو هيءُ سبق پنهنجيءَ پيڙهيءَ ۽ پنهنجن آئنده پيڙهين لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ جن به سنڌ جي سپوتن پنهنجي قول ۽ فعل سان قائم ڪيو آهي، انهن جي سٿ ۾ اياز جي جڳهه پهرينءَ صف ۾ آهي. پنهنجي دور جي اديبن ۽ فنڪارن جي ٻاريءَ ۾، بلڪ هند- پاڪ جي سڄيءَ ادبي تاريخ ۾، اياز جو هيءُ درجو يڪتا چئي سگهجي ٿو.  ڪاليداس، امير خسرو، شاهه عبداللطيف، غالب، ٽئگور، سر محمد اقبال، برصغير جا هي سڀيئي عظيم ۽ لافاني اديب ۽ شاعر پنهنجي پنهنجي دور جا لاڏلا ٿي رهيا، (غالب جو ڪجهه سَٺو، اهو ڪو پنهنجي ادب ۽ فن ۽ ان جي فڪري للڪار جي سزا ۾ نه پر سندس پنهنجي ذات لاچارين جو نتيجو هو ۽ اقبال ته اسان جي ست سمنڊ پار کان آيل حڪمرانن جي لقب خاص جو نوازيل هو ۽ پنهجي دور جي پست کان پست پيل جاگيرداري اقتدار جو آخر تائين وظيفه خوار به هيو!)

بهرحال، هو سڀيئي پنهنجي پنهنجي دور جي بيٺل ۽ مڃيل اقتدار جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان محفوظ رهيا، بلڪ ڪجهه گهٽ ڪجهه وڌ، ان جا دلبند ۽ پيارا بنيا رهيا. اهو انهيءَ ڪري هو، جو هو پنهنجي پنهنجي دور جي ان مڃيل ۽ بيٺل اقتدار جا ڪافر يا منڪر نه هئا. هنن جي سڄي انسان دوستي ماڻهوءَ جي اڪيلي مَنَ ۾ جهاتي وجهي، ان جي اسرارن کي پڌري ڪرڻ ۽ ان کي حيواني حد تان کڻي انساني حد تائين آڻڻ ۽ ان کان مٿي نيڻ تائين محدود هئي. اها ڪا پنهنجيءَ جاءِ تي رواجي ڳالهه ڪانه هئي، بلڪ واحد مقصد انساني اصلاح ۽ ارتقا جي سمورين ڪوششن ۽ ڪاوشن جو اصل کان اهو ئي رهيو آهي. پر هنن انساني خير واسطي حق ۽ حسن جي تلاش ۽ تبليغ ۽ سلسلي ۾ اهو لازمي نٿي ڄاتو ته سندن دور جي سماج کي قائم رکندڙ، اڪيلن انسانن کان الڳ ۽ پرانهين، عام مڃيل ۽ سوگهي بيٺل سياسي يا مملڪتي اقتدار کي به رد ڪيو، للڪاريو ۽ ڊاٺو وڃي. منجهانئن جيڪي ان اقتدار جا نوازيل ۽ وظيفه خوار نه هئا، انهن جي طبَع جي ڪيفيت ۽ تخليقي عمل جي پکيڙ ۽ پهچ به افلاطون جي فيلسوف  کان گهڻي مٿي ڪا نه هئي، جيڪو ڏسي ٿو ته کيس ڪو ساٿي ڪونهي، جنهن جي مدد سان هو وڌي حق جو بچاءُ ڪري ۽ سلامت رهي سگهي! پاڻ کي هو ائين سمجهي ٿو، جيئن ڪو ماڻهو وحشي درندن جي وچ ۾ رهندو هجي. انهن جي انياءَ ۽ پاپ کي نظر انداز ڪري يا قبولي، ائين ته هو نٿو ڪري سگهي ۽ جي مقابلو ڪري ٿو ته وستيءَ جو يا ڪنهن ٻئي جو ڪو ڀلو ڪري سگهي، تنهن کان اڳتي پنهنجي جان گنوائي ويهندو ۽ ائين اجايو پنهنجي ڪم کان به ويندو ۽ دنيا جي ڪم کان به ويندو. اهي ويچار دل ۾ آڻي، هو ماٺ ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجيءَ پَر ۾ جو ڪم هو نيڪ ۽ ضروري سمجهي ٿو، سو ڪم ڪندو رهي ٿو، بلڪل اهڙي ماڻهوءَ وانگر، جيڪو سخت طوفان ۽ آنڌيءَ ۾ وٺجي ويو هجي ۽ مٽيءَ ۽ ڳڙن جي بوڇاڙ کان بچڻ لاءِ ڪنهن ڀٽ جي آڏ ۾ ويهي رهيو هجي.

دنيا جي ههڙي ماٺ ميٺ ۾ پيدا ٿيل عظيم فلسفي ۽ عظيم ادب جتي انسان جي حيواني امنگن کي ٺاري ۽ ٺيڪ ڪري انسانيت جا معيار آهستي آهستي وڌايا ۽ انساني زندگيءَ جي هر دائري ۾ اعليٰ اخلاقي قدر پيدا ڪيا، اتي انهن معيار ۽ قدرن تي نه پهچندڙ، بلڪ انهن جي ضد ۾ هلندڙ سياسي اقتدار جي مالڪن کي هر وقت مجبور پڻ ڪري بيهاريو ٿي ته، جي سچ پچ نه ته ڪم از ڪم دعويٰ جي صورت ۾ ئي سهي، هو انهن معيار ۽ قدرن سان پنهنجي اقتدار جي وابستگيءَ ۽ مطابقت جا وڏي واڪ اعلان ضرور ڪندا رهن! جنهن جو بهرحال هيءُ ته نتيجو ضرور نڪتو ٿي ته جيڪڏهن افلاطون جا فيلسوف، سندس خواهش پٽاندر، پاڻ بادشاهه نٿي بڻجي سگهيا، ته بادشاهه انهن جي فلسفي  کي پنهنجي مفاد ۾، هر وقت ۽ هر هنڌ، ڏاڍيءَ چالاڪيءَ ۽ چرب زبانيءَ سان استعمال ۾ ضرور آڻيندا رهيا ٿي.

ظاهر آهي ته جڏهن انساني فلسفو ۽ ادب ائين وقت جي اقتدار جو، سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت، هٿيو ٿي ڪم اچڻ لڳي، تڏهن هڪ ته اهو فلسفو ۽ ادب حڪمران جي ضبطيءَ ۽ ظلم کان بچيو رهي ٿو ۽ ٻيو ته ان حالت ۾ ادب ۽ فلسفي جي بنهه نئينءَ جنس جي گهرج ٿئي ٿي ۽ ان جا اپائيندڙ دستوري اديبن وانگر ماٺيڻا ۽ ڪنهن ڀت جي آڏ ۾ اجهاپي وٺندڙ نه، پر ميدان جا مرد ۽ ڪوٽن جي ڪُنگرن تي ڪمند وجهڻ وارا ڪي لينن، ڪي مائوزي تنگ، ڪي هوچي من، ڪي جيولس فيچڪ، ڪي حيدربخش جتوئي، ڪي گل خان نصير، ڪي جي- ايم- سيد، ڪي اياز ۽ ڪي رسول بخش پليجا هوندا آهن. نئين دور جا هي نوان ڏاها ۽ نوان اديب ۽ شاعر قبيلي ئي ٻئي جا آهن ۽ هنن جو ادب ۽ هنن جو فڪر پختي کُتل ۽ سڀ کان آڻ ۽ عقيدت جي ڏن وصول ڪندڙ هر اقتدار، هر تقدس، هر ڍونگ ۽ ڍڪوسلي کي رد ڪري ٿو. للڪاري ٿو ۽ ان سان وڌي وڌي وچڙي ۽ وڙهي ٿو- اوشال عقابن سان اٽڪان، مان واهر ٿي واهيرن جي!

اياز جا انقلابي گيت ۽ نغما، سندس طالب علميءَ جي ڏينهن ۾ به ڳايا ويندا هئا.

او باغي، او راڄ دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني!

مون کي ياد آهي ته پاڪستان کان اڳ سنڌ جي صوبائي اليڪشن ۾ اياز ۽ ٻه چار ٻيا دوست ڪراچيءَ مان هڪڙيءَ ريتي ڍوئيندڙ کٽاري لاريءَ ۾ چڙهي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ هڪ سيٽ لاءِ ڪامريڊ عبدالغفور جان سرهنديءَ جي چونڊ لڙڻ واسطي گڏجي نڪتا هئاسين ۽ پورو مهينو ٿر جي ڀٽن ۾ اسين لاريءَ جي ڍانڍي تي چڙهيا، ڀٽڪندا رهيا هئاسين ۽ لائوڊ اسپيڪر تي اياز سان گڏ اياز جو گيت-

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب، ڳاءِ!

جئن زمين آسمان،

جي کلي پئي زبان،

ڪنڊ ڪنڊ، چونڪ چونڪ،

شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ،

جئن ڏئي اٿي جواب- انقلاب!....

ڳائيندا رهيا هئاسين. پوءِ 1946ع ۾ رسالو اڳتي قدم نڪتو، جنهن سنڌي ادب جي ترقي پسند لاڙن کي جاڳايو، گڏ ڪيو ۽ پاڻ ڀرو ڪيو. اياز ان رسالي جا فقط ٽي پرچا ڪڍيا، پر ان ٿورڙيءَ حياتيءَ ۾ هن رسالي سنڌي ادب جي نڪ ۾ جا غلاميءَ جي ناڪيلي پيل هئي، اها لاهي ڦٽي ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجو مقصد، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو ارادو عطا ڪيو. ترت ئي انگريزن ملڪ ڇڏيو ۽ ساڻن گڏ لکن ماڻهن پنهنجا هزارن سالن جا ٺهيل ماڳ ۽ مڪان ڇڏيا ۽ ڪروڙن انسانن انسانيت جا سمورا سکيل سبق- محبت جا، مروت جا، شرافت ۽ فضيلت جا- الف کان ي تائين ائين وساريا، ڄڻ اهي انهن سکيا ئي ڪونه هئا. دوئيءَ ۽ ڌڪار جا دئيت پنهنجين اونداهين ۽ ڀيانڪ چُرن منجهان نڪري، سڀني پاسي پکڙي پيا. درندگيءَ جي هن عام دٻڙدؤنس ۾ هڪ ديانتدار آرٽسٽ ڪو وقت، افلاطون جي فيلسوف وانگر، ڪا ڀٽ آڏ ڏيئي، پنهنجي دک ۽ پيڙا جون گهڙيون ڳڻي ويهي نه گذاري، ته ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي! ناسازگار ماحول سان ٽڪر کائڻ بيسود سمجهي، وقتي پاسو جهلي ويهڻ ۽ ابدي سچ ۽ صداقت ۽ سهارو ڳولڻ- اهو فرار نه آهي ۽ جي فرار آهي ته اهڙو فرار ڪو ڏوهه نه آهي. هر انقلابيءَ کي ڪڏهن اهڙيءَ صورتحال ۾ گهارڻو ئي پوي ٿو، بشرطيڪ هو ماحول سان سرچاءُ نه ڪري، هن جي اهڙي وقت ۾ ماٺ، سا خود به وڏو جهاد آهي.

اياز جي هن دور جي شاعريءَ ۾ ازل جو لفظ بار بار اچي ٿو، ڇو ته هڪ مجبور فنڪار ان ۾ ئي داخلي سڪون حاصل ڪري ٿو ته انت حق ۽ صداقت کي فتح آهي، ۽ آءٌ ان سان آهيان. 1954ع ۾ ٽه ماهي رسالي مهراڻ جي شروع ٿيڻ تائين جيڪي سال گذريا، اهي اياز جي انهيءَ داخلي زندگيءَ جي دور جا سال هئا. ڀؤنر ڀري آڪاس وارو شعر جو مجموعو گهڻي قدر اياز جي انهيءَ داخلي ڪيفيت جي پيداوار آهي.

1956ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ، سنڌ سان جيڪو ناحق ٿيو، ان جي خلاف جدوجهد سنڌ ۾ ساڳي بغاوت جاڳائي، جيڪا انگريز سامراج جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اٿي هئي. سنڌ جي تهذيب ۽ زبان تي ڏاڍي ڪنهن نحس ستاري جو پاڇو آيل هو. ائين ڏسجي رهيو هو ته سنڌ جا شاعر ۽ اديب ڄاڻ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۽ ڪنهن ٻيءَ تهذيب جا بنهه ڪي ٿرڊ ريٽ نقال بنجي ويندا. عين هن آزمائش جي گهڙيءَ ۾ اياز جي شاعريءَ سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي ٻولي، پنهنجون روايتون، پنهنجي تهذيب جو احساس، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجو آڪاس موٽائي ڏنو. ان کان اڳ جو جديد سنڌي شاعر شيراز ۽ لکنؤ جو ڪو لوڌيل وائڙو پينو معلوم ٿيندو هو، جنهن جي ٻولي ٽي حصا اردو ۽ فارسي، جنهن جي شاعريءَ جو مڪاني رنگ به غير سنڌي، ان جا گل، ٻوٽا، وڻ، جبل، درياءَ، لوڪ ادب، اشارا، تمثيلون، ڪنايا، روايتون ۽ ڪردار به سڀ غير سنڌي هئا. انهن جي هر ڳالهه مان ڌاريائپ جي بُوءِ ٿي آئي.

هڪ پوئلڳ ۽ پاڻ کان بيزار قوم جا اهي ئي پرڪار هوندا آهن. سنڌ جي ادب کي سنڌي ڪري جياريو وڃي ۽ ان لاءِ منجهس هر ڳالهه جي پنهنجائپ پيدا ڪئي وڃي. ان ۾ سنڌ جي ڪارونجهر ۽ کيرٿر، منڇر ۽ ڪينجهر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان، ڪراچيءَ ۽ ڪيٽي بندر، سنڌ جي لاک رتيءَ لوئيءَ ۽ اجرڪ، سنڌ جي سونهن ۽ ست سان سينگاريل سهاڳڻين جي هارَ سينگار ۽ ڳهن ڳٺن، سنڌ جي سدا ملوڪ جوان مردن جي پٽڪن ۽ ڪهاڙين، سنڌ جي همرچي، موري ۽ هوجمالي ۽ سنڌ جي وڻن ٻوٽن، جيتن ۽ جانورن، سنڌ جي پکين ۽ گلن ۽ انهن جي آزاد اڏام ۽ پُربهار رنگينين ۽ ساهه سيبائيندڙ سڳنڌ جو ورائي ورائي ذڪر آندو وڃي ۽ جڏهن سنڌ جي اڳيان هي شعر پيش ٿيو، تڏهن دنيا ڄاڻي ٿي ته سڄي سنڌ جهومي اُٿي ۽ ان جي لُونءَ لُونءَ  سُرندي جي تندن وانگر ٻري اُٿي ۽ اڃا تائين ٻُرندي رهي ٿي. هن شاعريءَ جي پنهنجائپ سنڌ جي نوجوانن تي اهو اثر ڪيو، جو سنڌ سان وفاداريءَ جي ڏوهه ۾ جهليل هي سَون جا سَو قيدي جوان، جيلن ۾ ائٽ ڪتيندي، کٿا اُڻندي ۽ چڪيون پيهندي، ان کي گڏجي ڳائيندا رهيا ۽ هينئر به جتي آهن، اُتي ڳائيندا رهن ٿا.

نومبر 1968ع فيبروري 1969ع جي عوامي جمهوري تحريڪ ۾ قيد ٿيل سنڌي ۽ مهاجر ڪراچي جيل ۾، سڀ جا سڀ گڏجي، تاڙين جي تار تي، هُڙڪ هلو! ڌيمي هلو!، ڳائيندا هئا ۽ لاڳيتو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳائيندا رهندا هئا. سنڌ جي سپوت ۽ مٿانس ساهه صدقي ڪندڙ سرويچ، حفيظ قريشيءَ، جو چوڻ آهي ته، جي سنڌ آزاد ٿيڻي نه هجي ها ته شيخ اياز پيدا نه ٿئي ها!- سنڌ جو آواز شيخ اياز. نئين سنڌ جو هڪ عوامي نعرو بنجي چڪو آهي ۽ جتي به سنڌ ۾ ڪو عوام دوست ۽ انقلاب پسند ماڻهن جو جلسو يا ميڙ ٿئي ٿو، اُتي اڄ وڏي جوش ۽ اوچي آواز سان اهو نعرو ٻُري ٿو:

سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو! سهندو ڪير ميار، او يار!

سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سِيس نمايان، مِٽي ماٿي لايان!

هي ۽ ٻيا گيت دلپسند ترانا بنجي چڪا آهن ۽ کانئن هر مجلس ۽ محفل ۾ گهُري گهُري ڳارايا وڃن ٿا. اهو ساڳيو اياز، جنهن کي پنج سال اڳ حيدرآباد منجهان گهڙيءَ جو نوٽيس تي، پنجاهه پوليس وارن  جي پهري هيٺ، شهر بدر ڪيو ويو، جڏهن ڪراچي جيل مان ڇُٽي جنگشاهيءَ جي اسٽيشن تي پهتو، تڏهن هزارها ماڻهن جيئي سنڌ جا نعرا هنيا ۽ سندس ريل گاڏيءَ کي زوريءَ روڪائي کانئس سهندو ڪير ميار، او يار! سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو! چورايو ۽ ان کان پوءِ ڪوٽڙيءَ  جي اسٽيشن تي انبوهن سندس آجيان  ڪئي ۽ نيٺ جڏهن حيدرآباد اسٽيشن تي پهتو، تڏهن ويهه هزار ماڻهو اتي کيس ڏسڻ لاءِ موجود هئا ۽ اتان کيس جلوس ۾ نيئي، هنن قلعي ۾ سنڌ جي امر سپاهيءَ هوشوءَ شيديءَ جي قبر تي ويهاري، کانئس سندس شعر ٻڌو ۽ اهڙيءَ عقيدتمنديءَ جي جذبي ۾ سرشار ٿيل لکن ماڻهن اياز کي حيدرآباد کان سکر تائين هر ريلوي اسٽيشن تي مانُ ڏنو ۽ سکر اسٽيشن تان ڪلهن تي کڻي، ڳائيندي، نعرا هڻندي، پراڻي سکر ۾ سندس گهر تائين کيس پهچايو.

انقلابي شاعر جي دنيا جون ٻه صورتون ٿين ٿيون، هڪ داخلي ۽ ٻي خارجي ۽ هو هڪ ئي وقت پنهنجي دنيا جي انهن ٻن نظارن منجهه رهي ٿو. داخلي صورت هن جي دنيا جي اها آهي، جتي هو حقيقتن جي تلخيءَ کان بيزار ٿي، پنهنجي عوام ۾ دنيا جي عوام جي مستقبل جا خواب لهي ٿو ۽ اهي خواب سندس من جي پيڙا جا پاڇا بنجي، هن جي شعر ۾ ظاهر ٿين ٿا ۽ اهي سندس شعر يا اهو ان جو ڪيف ۽ رنگ عالمي آفاقي ٿئي ٿو. هن جي دنيا جي خارجي صورت اها آهي، جڏهن هن جي پنهنجي سماج جون انقلابي قوتون ايتريون اڀريل هونديون آهن، يا هو سمجهندو آهي ته اڀريل آهن، جو  اهي اڳتي وڌي، پنهنجي وس ۽ مرضيءَ سان سماجي ڦير گهير آڻي سگهن، تڏهن هو پنهنجيءَ شاعريءَ کي انهن ميدان ۾ بيٺل، جهيڙي ۾ رڌل ۽ اڳتي وڌندڙ انقلابي قوتن جي جولاني امنگن ۽ اَٽل ارادن جو ترجمان بنائي، ويڙهاند جي ميدان ۾ انهن سان گڏ آڻي بيهاري ٿو ۽ سندس اها شاعري سندس سماج جي پوري عوام جي پنهنجي شاعري بنجي وڃي ٿي.

اياز جي شاعريءَ ۾ سندس هنن ٻنهي دنيائن جون تجليون موجود آهن. عظيم لينن آرٽ اَئنڊ لٽريچر جي نالي سان پنهنجي هڪ تصنيف ۾ انٽرنيشنل تراني جي خالق، گاٽيئر (Gautier) لاءِ چيو ته، هو گيت ۾ بهترين پروپيگنڊا ڪندڙ آهي!  اياز جو هر گيت پروپيگنڊا ڪندڙ آهي ۽ ساڳئي وقت جيئن ئي ۽ جڏهن به، هاڻي يا ڏهن سالن، ويهن سالن يا سئو سالن کان پوءِ، ان جو اهو رول پورو ٿيو ته به اهو پنهنجي عالمي ۽ آفاقي معنيٰ سان ادب ۽ فن جي امل ماڻڪ طور ائين قائم رهندو. فرانس جي اديب، زان ڪاڪشو (Jean Cocteau) کان ڪنهن پڇيو ته، جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باهه لڳل هجي ۽ ان ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فنپارو هجي، ته تون اندر وڃي ان مان ڇا کڻي ايندين؟هن وراڻيو آءٌ اتان اها باهه کڻي ايندس!

اياز جي شاعريءَ ۾ اها باهه به آهي، پر ان ٻار ۽ فنپاري ٻنهي جي بچاءَ لاءِ آهي. اياز اها باهه، ڏاڍ ۽ ڪوڙ جي ڪوٽ کي لڳائي، ان ڪوٽ کي ڊاهڻ ۽ ڀسم ڪرڻ گهري ٿو، ڇو ته اتان ڪروڙن ٻارن ۽ ڪروڙن فنپارن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا سبب ۽ سامان هر وقت گهڙبا، ٺهندا ۽ ٻاهر ايندا رهن ٿا. ٽراٽسڪيءَ ميڪسيڪو جي جلاوطنيءَ ۾ ميڪسيڪو جي عظيم انقلابي آرٽسٽ، ڊيگو ريوير (Diego Rivera) سان گڏجي دنيا جي اديبن ۽ فنڪارن جي انجمن ٺاهي هئي، جنهن جو پڌرنامو پاڻ لکيو هئائين، ان ۾ چيو اٿس ته، فن انقلاب جو بهترين ساٿي آهي. هيءَ هڪ عجيب اتفاق جي ڳالهه آهي، جو ون يونٽ جي پوئين ڏينهن ۾، اولهه پاڪستان جي ٽنهي مظلوم قومن جا وڏي ۾ وڏا فنڪار هڪ ئي وقت هڪ ئي جيل ۾ بند هئا. بلوچي ٻوليءَ جو بهترين قومي شاعر گل خان نصير، پشتو زبان جو بهترين قومي شاعر اجمل خٽڪ ۽ سنڌيءَ جو بهترين قومي شاعر شيخ اياز، 1968ع جي پوئين مهينن ۾، ملڪ جي 13 ٻين چوٽيءَ جي سياسي قيدين سان گڏ، ساهيوال ۽ پشاور جيل جا قيدي هئا. فن جو انقلاب سان اهو بهترين ساٿ ئي انقلاب جي بهترين پروپيگنڊا آهي، جا ئي انقلاب دشمن قوتن جي راوڻ کي جلائي ڀسم ڪرڻ لاءِ بهترين اماڙيءَ جو ڪم ڏئي ٿي. انقلابي شاعر ۽ اديب اهو ڪم زندگيءَ جي خارجي نظاري منجهه رهي ڪري ۽ ان جي اثر ۽ تقاضا هيٺ، سرانجام ڏئي ٿو.

ادب جو انقلاب سان ساٿ ۽ ان لاءِ بهترين پروپيگنڊا ٿي ڪم اچڻ فقط ان صورت ۾ ممڪن آهي، جو ادب پهريائين ادب هجي، عالمي انقلاب جي وڏي ۾ وڏي زنده سالار، مائوزي تنگ، چيني اديبن جي ينان ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته، فن جيسين پهرين فن نه آهي، تيسين اهو پروپيگنڊا جو اهل ٿي نٿو سگهي. اياز جي فن کي سنڌي قوم جي انقلابي تحريڪ لاءِ بهترين پروپيگنڊا جي اهميت انهيءَ ڪري ملي آهي جو اهو پهرئين فن آهي. ۽ پروپيگنڊا پوءِ آهي. جيئن حُسن جو ڇيهه ڪونهي،

اياز پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سَنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انهن کان مٿي اُڀري ٿو- عدد ناهه عشق پڄاڻي پاڻ لهي! سادا ۽ سهڻا لفظ، انهن جي چوڻ ۽ انهن جو پورو پورو استعمال، شعر جي رواني ۽ نغمگي ۾ ان جو دلبرانه انداز، ڪڏهن ننڍڙا ۽ نزاڪت ڀريا وزن ۽ بحر، ڪڏهن ڊگها ۽ سنگلاخن مان ويندڙ سوارن جو جولاني ترنم، زبان تي بنهه هوا کان هلڪا لڳندڙ رديف ۽ قافيا، هندي ڇيد جو بنهه معصومانه ۽ من موهيندڙ استعمال، لوڪ گيتن جون ڌنون ۽ انوکيون علامتون ۽ اشارا اهڙا، جو معنائن جي موتين سان خالي جهول ڀرجيو وڃن ۽ دل ورائي ورائي جهونگارڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي! ڪهڙيون ڪهڙيون سِٽون آهن، جي اياز جي شعر جون پنهنجي ترنم، حسنڪاريءَ ۽ ميٺاج سبب دل ۾ گهر ڪري نٿيون ويهن! مون سون اهڙن نوجوانن کي ٻڌو آهي، جن کي اياز  جا سڄا سڄا نظم، گيتن جا گيت سَوَن جا سوَ  بيت، دوها ۽ وايون برزبان ياد آهن،  قومي جدوجهد جي هر دور ۾ اياز ڪي اهڙيون تز سٽون لکيون آهن، جيڪي ان دور جي تاريخي روح جون ترجمان هئڻ سان گڏوگڏ فن جي لطيف ۽ پهچ کان ٻاهر بلندين جا نشان پڻ آهن، مثال طور:

*

جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي

*

ڏسي ڏکيا ڏِيل، ڳوڙها ڳلِ ڳڙي پيا

*

او ڌرتي، او ماءُ، تنهنجي کِهه منهنجون اکيون

*

ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي، وري ورندو واءُ

*

واسينگن جي واٽ، آهي سفر سچ جو

*

سانڍيا منهنجي ساهه، ڏکڙا ساري ڏيهه جا

*

شال کسي مان توتي تاڻيان، تنهنجا ڪانَ ڪمانَ

*

جهڄي پيو مَنُ جهونجهڪڙي جو، سانجهي آ سُنسانُ

*

منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ!

*

مرنداسي ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب

*

ڀري ڀري پيءُ، جيسين جيئين، گهڙيءَ گهڙيءَ جو جام

*

جيون- نيا مٺڙي مٺڙي سُر ۾ پئي ڪجهه ڳائي

*

ترس اي حسن ازل، اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو!

*

اي زمانن جا ضمير! تنهنجي ڪهڙي منزل مقصود آ؟

راتڙي، هيءَ نور جي برساتڙي.

*

مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا، ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجهي!

*

تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!

*

ڪنهن جي لاءِ ڪُماچ، صديون رهيو سانت ۾؟

*

تو جا سمجهي سِٽ، سا آڳ اٿئي انمول

*

سنڌڙي تنهنجو ساهه، جرڪيو منهنجي جيءَ ۾

*

روئي پيئي رت، سڏڪا ڀري سنڌڙي

*

ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو؟

*

اوري اَچ ته اُگهان، ڳوڙها تنهنجي ڳل تان

*

شال وسن او سنڌڙي، تنهنجا کيت وسن!

*

ڪانئر ڳولي ڪالهه، سڀاڻو سرويچ جو

*

ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان

*

سنڌڙي، مون کي سڏ ته ڏي، تون چپ ڇو آهين، ڇا هي؟

*

اي ڏورانهان! ڏسڪي تو ڏي ڪيسين پنهنجا نيڻ کڻان؟

*

سنڌڙي تنهنجو ساهه اياز، مري نه ٿيڻو آهي مات

*

ڪرندا آخر ڪوٽ ڪڏهن، ماروئڙو! او ماروئڙو!

*

ٻولي گولي ناهه اياز، ان جو وس فقط واڪو

*

تنهن جِيون کي آڳ لڳاءِ، جنهن ۾ ناههَ ڪَرم جو ڦل

 

*

او منهنجا محبوب وطن! تو سان ساڳيو لونءَ لڳاءُ

*

سهنجو سمجهه نه سِٽ کي، نور نچوئي لک!

*

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي!

*

هن گهڙيءَ، هن ويرَ، هلندي ڪائي هوت ڏي؟

*

سنڌڙيءَ شاهه لطيف جي، لهر نه ڪو لوڏو

*

سُک نه سنڀري سنڌڙي، اُڀري سج لٿا

*

گهاٽ مٿان گنگهور گهٽا ۽ اڄ ڪلهه جو انسان

*

ساڀيا ۽ سپني ۾ ويڇا جو به مٽائي، ٻول انهيءَ جي ٻانهڙي آهيان

ڳاڙها ڳاٽ، سگهارا ڳڀرو، پنڌ، پرينءَ جو پُور،

الو ميان! ديس نه دل کان دور

*

سَڌ سهانگي، مڌ مهانگو، سر جو سودو ڪير ڪري!

مو کي ويٺي مَٽ ڀري!

 

*

ڳڀرو ڳهرا، ديس اسارو، موڳو منهنجو مَنُ

*

عشق عقاب، پکي پرڏيهي، جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي!

ڪير انهيءَ کان کٽي؟

*

سنڌڙي، تنهنجو نانءُ وَتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو

*

هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي آ!

*

هي ماڻهو وهه جو ڍُڪ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تيئن رُڪ ٿيا

*

ميهار ملڻ جي ويلا آ،

ڪر ڳالهه گهڙن ۽ گهيرن جي.

*

گُجري توتي گج ته آ، پر

جُهڙ ۾ ڪاوا جهڙا ڪک، ڇر تي ڇوههُ، ڇَمر جا پاڇا

*

تانگهه نه تاڙي تانگاه تڙ، اَؤتڙ اَؤتڙ آءُ ميان!

*

 تون ته ڪنڌيءَ جو ڪانڌ ميان،

هاءِ ڪُنڍيءَ ۾ منهنجو من!

 

*

اوءِ ڪجري گُجر، پير هوريان ته ڌر،

هاءِ گهاگهر نه ڇُلڪي پوي

*

اي ڪينجهر، تنهنجي ڪنڌيءَ تي

ڪوئي ته تماچي اچڻو آ!

*

 جنهن وقت به ڪو، مون گيت چيو، هن ڌرتيءَ جو

ڄڻ ڪوئي قرض چُڪو آهي

*

رات آئي وئي، تون نه آئين ڪَهي،

ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ روئندي رهي!

*

ڪَنول ڪَنول تي تنهنجا ڳل، ٿيندي ماڪَ مهل

انڌو اُڀ انڌاري ڌرتي، ڏيئا ڏيئا ڳاٽ مان...

*

پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو،

اهڙو ڏينهن به ايندو!

پنهنجي پنهنجي ڏينهن ۾ توڙي پوءِ، هي ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي مُنڊيءَ تي ٽِڪ جيئن جڙيل هيرن جي لڙهين ۾ پوتل سٽون سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ مصروف نوجوانن، اديبن ۽ ادب سان واسطي رکندڙ هزارها ماڻهن جي ورد زبان رهيون ۽ انهن لاءِ مشعل راهه ٿي ڪم آيون. قومي جدوجهد سان اهو ساٿ ۽ ان لاءِ بهترين پروپيگنڊا جو هي ڪم اياز جو شعر خاص طرح ۽ سنڌ جو نئون ادب مجموعي طور فقط تڏهن ادا ڪري سگهيو، جو سنڌ جي عوام ان ۾ پنهنجي ۽ بني نوع انسان جي امنگن جو عڪس ۽ ساڳئي وقت اعلى قدرن جي حسن آرائي ۽ جاذبيت موجود ڏٺي. هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته، هڪ وڏيءَ حد تائين، سنڌ جي نئين سياست شيخ اياز جي شعر ۽ جي- ايم- سيد جي نثر جي ئي پيداوار آهي.

اياز جي شعر جو هيءُ مجموعو، جيڪو ڪي جو ٻيجل ٻوليو جي عنوان سان هتي پيش ٿي رهيو آهي، ان ۾ ٻه منظوم ڊراما، جن کي مغربي ادب ۾ اوپيرا (Opera)  سڏجي ٿو، 19 وايون ۽ گيت، 37 غزل ۽ 18 نظم آيل آهن. منظوم ڊرامائن ۾ دودي سومري جو موت هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن جا ڪردار پراڻا به هاڻوڪا به آهن. هيءُ ڊرامو قومي  جدوجهد جي پڌر تي زندگيءَ ۽ موت بابت ٻن مختلف نظرين جي عملي اظهار جو ڊرامو آهي. هڪ نظريو اهو جو انسان هر قيمت تي جيئڻ ۽ جيئڻ جو لطف وٺڻ گهري ٿو، عزت ۽ ذلت توڙي ٻيو ڪو اخلاقي قدر، انفرادي توڙي اجتماعي نوع جو، هن لاءِ ان سلسلي ۾ بي معنيٰ ٿين ٿا، ٻيو نظريو اهو، جنهن ۾ زندگيءَ لاءِ ايترو پيار ۽ پاٻوهه ۽ موت کان ايتري لاپرواهي ۽ بي اونائي آهي، جو جيئڻ لاءِ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي مرڻو پوي،ته هو بي ڌڙڪ موت جي منهن ۾ هليو وڃي.

زندگيءَ جي سهڻين ۽ سٺين شين کي ٻنهي منورتين وارا ماڻهو چاهين ٿا، پر هڪڙا انهن شين کي مفت ۾ ائين ماڻڻ گهرن ٿا، جيئن اهي آهن يا کين ميسر ٿين، ٻيا اهي جيڪي پنهنجي جاکوڙ سان زندگيءَ کي وڌيڪ سهڻو ۽ سٺو بنائڻ به گهرن ٿا ته جيئن کين تنهان ئي وڌيڪ سهڻيون ۽ سٺيون شيون ماڻڻ لاءِ ملي سگهن ۽ ان جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ کين جيئڻ جو اهو ئي رس ملي ٿو، جيڪو خود انهن شين جي ماڻڻ مان کين ملي ٿو. چنيسر جو مَنُ موت جي خوف ۾ ورتل من آهي ۽ هو عزت جي موت کان ذلت جي زندگي بهتر سمجهي ٿو ۽ گيديءَ وانگر ڏهه ڏهه ڀيرا موت مري به زنده رهڻ گهري ٿو، ڇو جو:

ڏاهپ جو آ ڏس اهو ئي،

جيئڻ جهڙو جس نه ڪوئي.

*

هر شيءَ اچڻي وڃڻي آهي،

هر شي ڀيري ڀڃڻي آهي،

جيڪي آهي سو هي پل آ،

ڏوهيءَ جو ساڻيهه به ساڳيو،

بي ڏوهيءَ جو ڏيهه به ساڳيو،

ڇو جو هر ڪنهن کي مرڻو آهي،

ڀونءِ جو اونهو ڀڀ ڀرڻو آهي.

*

موت ائين آهُن جي من ۾،

چچڙ جيئن ڪُتي جي ڪن ۾.

 هِن ڊرامي جو ٻيو ڪردار، ڇولي ڪنڀارڻ، سنڌ ۽ سنڌي تهذيب جي علامت طور آندل آهي، جا پنهنجي اصليت وڃائي ويٺي هئي ۽ اوچتو پنهنجو هر روحاني قدر ڊانواڊول ٿيندي ڏسي، وري پنهنجيءَ اصليت ڏانهن واپس وري ٿي. ٻئي پاسي دودو آهي، جو زندگيءَ جو سرواڻ ۽ ان جو معمار آهي ۽ هو زندگيءَ جي حال ۽ مستقبل جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ موت ضروري سمجهي، کلندي ۽ خوش ٿيندي، پاڻ کي موت جي منهن ۾ اڇلي ڇڏي ٿو. ا:نهيءَ لاءِ ته زندگيءَ جو سلسلو قائم رهي، وڌي ۽ ان ۾ وڌيڪ حسن پيدا ٿئي:

هر روز پتنگا ڄرڪن ٿا،

ڏس، ڏيئي- لاٽ اُئين ئي آ!

هڪ جوت ٻُجهي، ٻي جوت جلي،

هر وقت جهروڪا جهرڪن ٿا

ڏس، ڏيئي- لاٽ اُئين ئي آ!

هر اوندهه ۾، هر اوجهڙ ۾،

ڪي ماڻهو مُرڪن مَرڪن ٿا

ڏس، ڏيئي- لاٽ اُئين آ!

ڏس، ڏيئي- لاٽ اُئين ئي آ!

ٻيو منظوم ڊرامو، رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، پڻ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن ۾ پڻ، طبقاتي جدوجهد جي پڌر تي، زندگيءَ ۽ موت جي ساڳين ٻن متضاد نظرين جو عملي اظهار ٿيل آهي. ان جا ڪردار ولهار ۽ وينگس ۽ آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو به ڪي رڳو پراڻي جُڳ جا يا ڪي لڪل ڪردار نه آهن. پڙهڻ سان چوڌاري هر ڪو انهن کي پنهنجي آسپاس ڏسي ۽ سڃاڻي سگهي ٿو. وينگس کي سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا ۽ ولهار کي سنڌ جي آباديءَ ۽ خوشحاليءَ ۽ آڍي، ڪاڍي ۽ ڏاڍي کي انهن جي دشمن ڪردارن، مثال طور سامراج، جاگيردار ۽ سرمايه دار، جي صورت چئي سگهجي ٿو.

مارچ 1969ع کان پوءِ جا ٻه مهينا قومي جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ آمريت جي خاتمي کان پوءِ جا ٻه مهينا هئا، جن ۾ عوام جي ان عظيم فتح تي چوڌاري خوشي به هئي ۽ ٻيهر مارشل لا جي اچڻ تي، رنج ۽ نراسائيءَ سان گڏ، اڳتي وڌي اڻ پوري انقلاب کي پوري ڪرڻ جو جذبو ۽ عزم پڻ عام هئا. اياز جو هن مجموعي ۾ آيل سڄو شعر، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو، انهن ٻن مهينن جي دور جي تخليق آهي ۽ ان ۾ اها ئي ان دور جي خارجي حقيقت عڪس ٿيل ڏسي سگهجي ٿي. ذڪر ٿيل ٻن منظوم ڊرامائن کان علاوه اها رنج، نراسائيءَ ۽ اڳتي وڌڻ جي عزم جي عڪاسي هن مجموعي جي باقي شعر جي گهڻي ڀاڱي ۾ پڻ موجود  آهي. مثال طور، هيٺيان گيت، غزل ۽ نظم ان سلسلي ۾ پڙهي سگهجن ٿا:

هئه هئه ٻيريون جاڱريون!

هئه هئه آرتيون آڱريون!

(ص- 62)

*

وٽ جلائي ويهه

آئي رات اُماس جي

(ص-64)

*

گهر گهر جوت جلائي،

سانجهي آئي.

(ص -68)

*

ڪنب نه تون ڪاپائتي،

ڪنبڻ واريون ڪوههُ ڪتينديون!

(ص-69)

 

*

ڳاڙها ڳڀرو  آئيا-

دولهه منهنجي ديس جا!

(ص-69)

*

ونجهه تکيرا  وانجهيو!

گهاٽ پري آهي

(ص-70)

*

چٽ پورا ڪيا گهڙي تي مون،

ڏس، نهائين اڃا تتي نه تتي!

(ص-74)

*

شاعري، جي روح گرمائي نه ٿي

(ص-83)

*

هر منزل کان اڳتي وڃ!

ڪنهن منزل تي پير نه ٺار

(ص-87)

*

ٿي ماڪ وسي ميخاني تي،

ڪي رند ڪڙو کڙڪائن ٿا

(ص-97)

*

ڇا سوچان ٿو مان، ڪيئن چوان!

(ص-107)

*

دل روز چوي ٿي دور وڃان

(ص-112)

*

گهايل سوار کي

ڪارا ڪميت تون

ڪيڏانهن نيندين!

(ص-123)

*

جت لُڪ لڳي، جت اڪ تپن،

سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!

(ص-125)

*

ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ!

مسافر،

ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ!

(ص-127)

ادب ۽ فن جا ڪي نقاد اعليٰ ادب ۾ انهيءَ نموني پنهنجي وقت جي مسئلن جو ذڪر پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ نه رڳو غير ضروري پر معيوب سمجهن ٿا. سندن راءِ موجب، ادب ۽ فن جي آفاقي ڪيفيت زمان ۽ مڪان جي اهڙي تعلق سبب قائم رهي ٿي سگهي. هنن جو چوڻ آهي ته ادب ڪنهن خاص قوم يا ڪنهن خاص وقت لاءِ نه، بلڪ عالمي اهميت جو ۽ مستقبل يعني ايندڙ نسل لاءِ هوندو آهي. هو ادب جي سماجي ڪارج کان گويا هن معنيٰ ۾ انڪاري آهن ته ادب کي ڪنهن هلندڙ وقت ۾ ۽ ڪنهن خاص سماج لاءِ ڪو ڪارج ادا ڪرڻ گهرجي. پر، ڪيوبا جي انقلاب جي سالار اعظم، فيڊل ڪئسٽرو، جي لفظن ۾ اسين چئون ٿا ته اهڙا ڪي به فنڪار ڪين آهن، جيڪي فقط ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي فن جي تخليق ڪندا هجن، پنهنجي ان راءِ کي رد ڪد کان مٿي نه سمجهندي، اسين اهو يقين رکون ٿا ته جيڪو به انهيءَ مفروضي تي هلي ٿو، اهو خود فريبيءَ جو شڪار آهي.

ان جو اهو به مطلب نه آهي ته جيڪو فنڪار پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ڪاوش ڪري ٿو، تنهن لاءِ اهو ڪو امڪان ئي ڪونهي ته هن جي تخليق ايندڙ نسلن وٽ مقبول ۽ معروف ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن فنڪار ڪا تخليق پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ٺاهي ٿو، پوءِ اهي سندس پنهنجي وقت جا ماڻهو ان کي سمجهي به سگهن يا نه، تڏهن، بلڪل ان سبب ڪري ئي، اڳتي هلي، اها تخليق تاريخي ۽ عالمي اهميت حاصل ڪري سگهي. اسين انقلاب ايندڙ نسل لاءِ ڪونه آڻي رهيا آهيون، اسين انقلاب هن نسل جي ساٿ سان ۽ هن نسل لاءِ آڻي رهيا آهيون، پوءِ اهو ايندڙ نسل لاءِ ڪيتري قدر به کڻي فائدي وارو ٿئي ۽ ڪيتري قدر به کڻي اهو تاريخ جو هڪ عظيم واقعو ثابت ٿئي.

اسين مستقبل جي ماڻهن لاءِ انقلاب ڪونه آڻي رهيا آهيون. هيءَ انقلاب مستقبل جي ماڻهن لاءِ اهميت رکندو، ڇاڪاڻ ته اهو اڄ لاءِ ۽ اڄ جي مردن ۽ اڄ جي عورتن لاءِ انقلاب آهي. جيڪڏهن اسين مستقبل جي نسل لاءِ انقلاب آڻيندا هجون، ته ان حالت ۾ اسان کي هوند ڪير مڃي ۽ ڪير اسان جي پوئتان هلي؟ سچ ته اسين فقط پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ئي ڪاوش ڪريون ٿا ۽ اسان جي تخليق انهن لاءِ ئي آهي ۽ ائين ڪرڻ سان ڪا به فني تخليق لافاني شهرت جي اعزاز کان محروم نٿي ٿي سگهي.

(فيڊرل ڪئسٽرو دانشورن کي خطاب، جون 1941ع)

اياز جي شعر جي فني تجزيي کان مون هميشه پاڻ کي مجبور پئي سمجهيو ۽ شايد هيءُ ڪم سواءِ خود اياز جي ٻئي ڪنهن نقاد کان پوريءَ طرح نه به ٿي سگهي. خاص طرح اياز جا نظم انهيءَ لحاظ کان مون کي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آهن. انهن کي نظم جو ڪو به مروج روپ نه آهي ۽ ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪئنواس تي هاري، برش جي زوردار جهٽڪن سان، گهڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاهي ورتا آهن! هي گيت اڃايل مورن جا ۽ رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي وارا سندس نظم پڙهي، محسوس ٿو ٿئي ته اهي ڪنهن شيش محل جي گهڙيل ۽ ماپيل هڪ ڪرن شيشن وانگر نه آهن، پر ڄڻ اونداهيءَ رات ۾ ڪنهن جوالا اوچتو ڦاٽ کاڌو آهي ۽ ٻرندڙ اڱرن ۽ ڌاتن چوڌاري پکڙجي هڪ عجيب جهرمر لائي ڏني آهي.

نظمن جي انهيءَ بي ساختگيءَ، روانيءَ، رنگا رنگيءَ ۽ انوکائيءَ ۾، ساڳئي وقت هڪ گهري، رچي ريٽي ٿيل انقلابي شعور جو اظهار پنهنجي ڪمال تي پهتل آهي، جنهن ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ برصغير جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو اهو يگانو تصور آهي، جو صدين تائين اسان جي ديس واسين جي روح کي گرمائيندو رهندو ۽ انقلابي سياست جي هر لاهي چاڙهي ۾ ان جو ساٿي ۽ سونهون ٿي ڪم ايندو. مون کي انهيءَ لکڻ ۾ ڪائي هٻڪ نه ٿي ٿئي ته اياز جي اڳين ۽ هن مجموعي جي نظمن ۽ ٻئي ڪلام ۾ هن ڌرتيءَ جي پيڙهي پيڙهيءَ جي هزارين سال پراڻي پيڙا ڇڪجي آئي آهي ۽ ان پيڙا مان ڇوٽڪاري جو اَمر سپنو به هن جي ساڳيءَ شاعريءَ ۾ آهي، جنهن سپني کي ساڀيان بنائڻ لاءِ هن پنهنجي آرام جي زندگي ترڪ ڪري، قيد ۽ ملامتون قبوليون آهن.

هن مجموعي ۾ آيل اياز جا غزل به غزل جي ايراني ۽ اردو روايت سان پوري بغاوت آهن. انهن کي فقط فارم غزل جو آهي، پر انهن جي ٻولي ۽ انهن جو فني حسن سنڌ جي تهذيب ۽ڌرتيءَ مان ائين اُسريو آهي، جيئن برسات کان پوءِ ٿر اوچتو سائو ٿي ويندو آهي ۽ ان جي ساوڪ ۽ سرهاڻ لونءَ لونءَ ۾ گهر ڪري ويهندي آهي. هر غزل کي گيت جو ترنم ۽ نظم جي معنوي گهرائي آهي، جا به ان کي روايتي غزل کان بلڪل انوکو ۽ نرالو ثابت ڪري ٿي ۽ شاعريءَ جي هن صنف ۾ هڪ نئينءَ روايت جو بنياد رکي ٿي.

هن مجموعي جون وايون ۽ گيت به فارم ۽ ترنم جي خيال کان ساڳين صنفن ۾ اڳ ڪيل تجربن کان مختلف ۽ وڌيڪ موهيندڙ آهن. مثال طور:

ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،

سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا!

مارو اڪيلڙا!

*

جيجل منهنجي جيئڙو!

هئه هئه منهنجو جيئڙو!

آئي مند گلاب جي

*

هئه هئه منهنجي چولڙي

ڌوءُ نه ڌوٻيءَ گهاٽ تي!

هن مجموعي جي سڄي شعر ۾ اياز سوين نوان قافيا استعمال ڪيا آهن، جي هن اڳ ڪڏهن به ڪم نه آندا آهن. اردو شاعريءَ کي ڏسبو ته پوريءَ شاعريءَ ۾ ڪل سَو سوا کن قافيا نظر ايندا. جي ولي دکنيءَ کان فيض احمد فيض  تائين شاعرن وري وري پئي ڪم آندا آهن. اياز هڪ ڀيري فيض کان پڇيو: فيض! تنهنجي چئن ئي ڪتابن- نقش فريادي، دست صبا، زندان نامه ۽ دست تههِ سنگ- ۾ ڪو اهڙو هڪ به لفظ يا قافيو آيل آهي، جو اڳ اردوءَ جي شاعرن ڪم نه آندو آهي؟- ته فيض لاجواب ٿي ويو هو. اياز پنهنجي ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽ عوامي ٻوليءَ سان مالا مال ڪري، ان کي ايڏي  وسعت ۽ تازگي ڏني آهي، جو سنڌي شاعري سمورا بند ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي ۽ ان مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيا هاڻي کُٽڻا ئي نه آهن ۽ ان جي فڪر ۽ جذبي جي اجهل پالوٽ هاڻي بيهڻي ئي نه آهي.

آخر ۾ مان هي لکي اياز جي هن ڪلام جو هيءُ مهاڳ ختم ٿو ڪيان ته شايد ئي ڪنهن شاعر پنهنجي شعر ۾ فن ۽ انقلاب ٻنهي کي ايترو هڪ وقت اڀاريو ۽ اجگر ڪيو هجي، جيترو اياز ڪيو آهي، نئين انقلابي سنڌ ان جي جيئري جاڳندي ثابتي آهي ته ڪيئن هڪ انقلابي شاعر پنهنجي فن جي ذريعي قوم جي تقدير ڦيرائي سگهندو آهي. سنڌ جي امر شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه فن جي مقصديت جي باري ۾ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:

ريءَ مصلحت مڱڻا، قصر ڪين اچن!

حيدرآباد، سنڌ

21-7-1970ع

(ڪي جو ٻيجل ٻوليو جو مهاڳ)

 


 

 

محمد ابراهيم جويو

 

 

اسان جي پياري دوست، شيخ اياز، جي شعر جو هيءُ تيرهون مجموعو آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. لڳ ڀڳ ست سال اڳ، 1980ع ۾، اياز جو ڇهون مجموعو، لڙيو سج لڪن ۾، شايع ٿيو، جنهن ۾ ناشر طرفان ٻڌايل هو ته شاعر شيخ اياز 1975ع جي شروع کان...... خاموش رهيو، ڇو ته فارسي شاعر ابوالفيض فيضيءَ جي بقول، ان دور ۾ اياز جي ڄڻ اها ڪيفيت هئي، جو

بازگشتم از سخن زيراڪ نيست

در سخن معنى و در معنى سخن-

 يعني شعر چوڻ کان باز آيل آهيون، ڇو ته شعر ۾ معنى رهي هئي ۽ نه معنيٰ ۾ شعر اياز جي ان ڪيفيت جو اشارو هن جي ان مجموعي جي نالي مان ئي پڌرو هو، جيڪو لطيف جي بيت مان هن کنيو هو:

لڙيو سج لڪن ۾ راسيون رتائين،

مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري!

اياز جي ان شعري مجموعي کي شاعر جي انتهائي نراسائيءَ جو ترجمان چوندي، ناشر کي ان مان نراسائيءَ کان وڌ شاعر جي ناخوشيءَ يا ناراضپي جي ڪيفيت محسوس ٿي هئي. ناخوشي يا ناراضپو، شديد کان شديد، ايترو شديد، جو ان کان وڌ ڪنهن وصال جي تانگهه يا ان وصال يا ان تبديل لاءِ وڌيڪ ٻيءَ ڪنهن تيز آس جو اظهار شايد ئي ڪو ٿي سگهيو ٿي. اڄ، 1980ع کان پوءِ بلڪ 1982ع ۾ پتڻ ٿو پور ڪري جي اشاعت کان 1987ع جي سندس هن تازي شعري مجموعي راج گهاٽ تي چنڊ تائين، پنجن سالن ۾ اياز جي ستن شعري مجموعن پتڻ ٿو پور ڪري (1982) ٽڪرا ٽٽل صليب جا (1984) پَنَ ڇَڻُ کان پوءِ (1985)، چنڊ چنبيلي ول (1985)، رڻ تي رم جهم (1986) ڀڳت سنگ کي ڦاسي (1986)، راج گهاٽ تي چنڊ (1987) جي تخليق ۽ اشاعت مان پڌرو آهي ته اياز جي اها ڪيفيت ڪنهن شڪست قبولڻ ۽ فراريت ۾ پناهه وٺڻ واري ذهن جي ڪانه هئي، پر راهه ۾ لهندڙ سج ۽ رات جي اوندهه ٿي وڃڻ تي سسئيءَ جي ناراضپي، ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت هئي، جن منزل ڏانهن هن جي پنڌ ۾ رڪاوٽ ٿي وڌي. اياز پنهنجي ان ڪتاب کي ماضيءَ ۽ مستقبل ڏانهن منسوب ڪيو هو. حال ڏانهن يا حالُ ڏانهن به نه:  ان مان به اياز جي اهڙيءَ ئي پنهنجي حال کان بيزاريءَ ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت جو اظهار ٿيو ٿي ۽ نه سندس هار کائي ڪنهن ڪنڊ پاسي ويهڻ يا ڪٿي ڀڄي پاڻ محفوظ ڪرڻ جو.

وقت جو ڪرشمو واقعي به، هڪ طرح اهڙيءَ نوعيت جو لڳي ٿو ڄڻ حال آهي ئي نه- رڳو ماضي آهي ۽ مستقبل آهي ۽ ماڻهو حال جو هر پل مستقبل جي پَلُ لاءِ پيو گهاري. ان معنيٰ ۾ ماڻهوءَ لاءِ آس ۽ نراس، خوشيءَ ۽ ڪاوڙ، شڪست ۽ فتح جي به ڪا ڳالهه ڪا نه ٿي اُٿي. هڪ لاڳيتي مجبوري هئي، جنهن ۾ ماڻهو ڳهندو ٿي رهيو. پر هيءُ جو لطيف چيو ته ڪني ماضي مَنَ ۾ ڪني استقبال  حيف تني جو حالُ، جن وساريو حال کي! ان جي معنيٰ ان مان ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ماضيءَ ۽ مستقبل جي ڳالهه ڪا نه هئي، رڳو حال هو- ۽ حال ۾ ئي ماڻهو لڳاتار لوڙيندو ٿي رهيو! برابر هيءَ وقت جي ڌارا، هيءُ وقت جو اجهل سيلاب ڪهڙيءَ به طرح ان تي نظر رکجي. ان جي آڏو ماڻهو پاڻ کي مجبور ئي ڏسي ٿو. پر حقيقت ۾، ان اٽل مجبوريءَ ۾ به جيئڻ جي ضرورت آهي، جا ماڻهوءَ کي ارادو ڏئي ٿي. ارادو آزاديءَ سان ۽ رڪاوٽن کان آجي جيئڻ جو، پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو هيڪل توڙي گڏجي، پر جيئڻ جو ۽ جيئڻ کي ماڻڻ جو. ائين ارادي سان روشن حالُ جو رستو جڏهن، هلندي هلندي، لَڪن ۾ سج لهي وڃڻ سبب، اونداهجي به ٿو، ته ماضيءَ جو تجربو ۽ ڏور جبل مٿي باهڙي- مستقبل جو سدا چمڪندڙ پرانهون اهو نشان ئي فردن توڙي قومن ۾ آڻ مڃڻ ۽ جيئڻ جو، جيئڻ جي جس کٽڻ جو، امنگ ۽ ارادو تازو رکن ٿا.

وقت ۽ زندگيءَ جي جبر ۽ اختيار جو هيءُ وستار ائين ۽ ان ئي منطق سان جاري رهندو آيو آهي.

۽ ٻولي ۽ ادب، وقت جي مقابلي ۾، قومن جي انهيءَ جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي امنگ ۽ ارادي جا امانتدار، تربيت ڪندڙ ۽ مسلسل روايت طور، ان امنگ ۽ ارادي کي نسل کان نسل تائين رسائڻ جا ثابت ۽ اڻ گُس وسيلا پئي رهيا آهن. ان مان قومن ۽ انهن جي بامراد زندگين کي اَٽوٽ سلسلو ملي ٿو، ٻولي ۽ ادب جنهن لاءِ تسبيح جي ڌاڳي جو ڪم ڏين ٿا.

ٻوليءَ ۽ ادب جي اها حيثيت ۽ اهو ڪارج تاريخي طور عام مڃيل آهي. اوائلي مذهبي برادرين (جيڪي جديد قومن جي وجودجڻ جون پهريون جماعت بنديون ليکجن ٿيون) جي ٻولين جي سلسلي ۾، مثلاً  انهن جون مقدس ٻوليون: سنسڪرت، هيبريو، اَوستا، پالي، يوناني / لاطيني ۽ عربي وغيره ۽ انهن کان پوءِ يا انهن سان شامل ۽ همعصر ملوڪيتي يا بادشاهي نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن علائقائي حدبندين ۽ علائقائي ٻولين هر هنڌ انهن مذهبي برادرين ۽ سندن مقدس زبانن جي جاءِ ورتي ۽ اهي لکت ۾ اچڻ ۽ ماڻهن جون ادبي ۽ علمي ٻوليون بڻجڻ شروع ٿيون ۽ سڀ کان وڌيڪ، جديد قومي جمهوري نظام جي سلسلي ۾ جڏهن قومي ٻوليون پنهنجي سڄي فڪري ۽ تخليقي معجزي سان قومن جي سڃاڻپ جا بنيادي نشان بڻجي پيون، جيئن اڄ اهي آهن.

قومي زندگيءَ ۾ قومي ٻوليءَ جي ان اهميت ۽ ان ڪارج جي ڳالهه ڪندي، تاريخ ۽ سماجيات جي هڪ عالم چيو آهي ته :جيئن محبوب جي ڏسڻ لاءِ عاشق جي اک آهي. هُن جي پنهنجي اک، اصلي اک، تيئن محب وطن لاءِ ٻولي آهي، سڄيءَ هُن جي قوم جي تاريخ کان هن کي مليل، هن جي پنهنجي اصلي ٻولي، مادري ٻولي، ان پنهنجيءَ ٻوليءَ وسيلي، جا هو ڄمڻ سان ٻڌي ٿو، ماءُ جي هنج ۾ سکي ٿو، قبر تائين ساڻ نئي ٿو، هو گذريل وقت ياد ڪري ٿو، سهيوگي سنگ ۽ رفاقتون خيال ۾ آڻي ٿو ۽ پنهنجا هو آئيندي جي وقتن جا خواب لهي ٿو.

ٻوليءَ ۽ ادب جي اها زندگي بخش روح افزائي ۽ اها انهن جي مسيحائي هر محب وطن فرد ۽ خاص طرح محب وطن قومي شاعرن ۽ اديبن جي واسطي سان قوم لاءِ سدا موجود، سدا زنده ۽ تر و تابنده رهي ٿي. سنڌي ٻولي ۽ ان جو ادب به انهيءَ طرح سنڌي قوم جي پنهنجي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي ارادي جدوجهد جي تاريخ جا محفوظ طومار يا رڪارڊ آهن ۽ ائين ئي، خاص طور جديد قومي سنڌي ادب لاءِ چئي سگهجي ٿو ته، اهو سڄي جو سڄو اڄوڪي دؤر جو، مخصوص 1947ع جي تقسيم برصغير ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي ورهاڱي ۽ سنڌي قوم کي جنهن سياسي ۽ سماجي صورتحال سان دوچار ٿيڻو پيو، ان جو اهو شعوري رد عمل ۽ پورو ۽ سچو تفصيل آهي.

مون پنهنجي ڪتاب شاهه، سچل ۽ ساميءَ (1978) ۾ ارسطوءَ جو قول نقل ڪيو هو ته، شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگريز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي. ۽ چيو هو ته اها حقيقت ان طرح هئي، جو شاعريءَ مجموعي طور انساني فطرت ۾ زياده اونهو ڏٺو ٿي. ان جي خصوصيت بلڪ ان جي عظمت جو دليل ئي اهو هو ته ان اندر جي اسرار جي، ڳالهه جي اصل جي، اکرن جي نه پر روح جي صورتگري ڪئي ٿي: ۽ ٻيو ته ان پنهنجي دور تي ۽ ان جي ماڻهن تي وڌيڪ حساس روشني وڌي ٿي ۽ انهيءَ ڪري انهن سان زياده يڪده ٿي انهن کي وڌيڪ چٽو ۽ صحيح سمجهيو ٿي. ائين عظيم شاعريءَ جي توصيف ڪندي، مون وڌيڪ لکيو هو ته، ان ۾ وقت جي حقيقتن جو سچو ۽ پورو عڪس موجود هجي ٿو ۽ ان خيال کان ان ۾ تاريخ جي جهلڪ موجود هوندي آهي ۽ ساڳئي وقت ان ۾ حقيقتن جو تعبير به موجود هوندو آهي، ۽ ان لحاظ کان ان ۾ فلسفي يا حڪمت جي به جهلڪ هوندي آهي.

جڳ مشهور ادبي نقاد ٽي- ايس- ايلٽ، جو چوڻ آهي ته شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جدتڪار Innovator جي ڪاوش کي تاريخوار ويهي جاچيندا ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجهل ڌن ۾ مصروف ۽ قدم بقدم ان جي پورائيءَ ۾ اڳتي وڌندي  ڏسندا. جديد سنڌي ادب جو اڳرو ۽ جدتڪار، اسان جو مهان اديب ۽ شاعر شيخ اياز اسان کي سندس سڄيءَ اعلى تخليقي ڪاوش ۾، پنهنجي ضبط ٿيل مشهور پهرئين شعري مجموعي ڀونئر ڀري آڪاس (1962) کان وٺي، سڀني سندس نثري تصنيفن سميت، پنهنجي شعر جي هن زير نظر شاهڪار، راج گهاٽ تي چنڊ، تائين اهڙيءَ ئي ڪنهن هڪ پنهنجي لازم ڌن ۽ اَجهل جذبي جي تڪميل ۾ اڳتي وڌندو پئي معلوم ٿيو آهي.

پتڻ ٿو پور ڪري  جي مهاڳ ۾ يوسف شاهين لکيو آهي ته، نثري نظمن تي مشتمل هيءُ بي مثال ڪتاب شيخ اياز جي سڄيءَ زندگي جي تجربن، ڄاڻ، مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي... دراصل اهو اياز جي مطالعي جو نچوڙ به هن جي پنهنجي ان اندر جي جذبي، پنهنجي آئيندي جي هڪ خواب کي اڳتي نئي ٿو، جيڪو هن جي دل ۾ پنهنجن  ماڻهن لاءِ موجود پئي رهيو آهي ۽ جنهن ڏانهن هن جي شاعري ۽ ٻي هر ادبي ڪاوش مسلسل سفر ۾ رهي آهي. هن جي سڄي اعليٰ تخليقي ادبي اُپت، هن جا سڀ ادبي شاهڪار، زندگيءَ جي همه رنگ صورت جي مصوري هوندي به، اهڙا آهن، جو انهن سڀني ۾ هڪ يڪرنگي، هڪ يڪسوئي ملي ٿي. شاعر جي پنهنجي هڪ ڏور- نگاه (Vision) هن جي هر نظم ۽ هر شعر ۾ موجود آهي ۽ وچ ۾ ڪٿي، خاص طرح پنهنجي قومي حال ۾ مايوسيءَ جي خفيف عڪاسيءَ جي باوجود، جا حقيقت پسندانه ئي آهي، ان ۾ هزارها سالن جي تاريخ مستقبل جي ان مثبت ۽ پُر اُميد تصور سان وڃي ملي ٿي:

اهڙي اڳ ڳڻتي

ڪهڙيءَ ڪوتا کي هئي؟

ڪنهن هئن دانهن ٻڌي هئي

دکي ڌرتيءَ جي؟

ڏاهپ هئن ڏمري؟

من- پيڙا جي ٻولڙي

ڪنهن هئن ڪُرلائي؟

(وايون، ص -97)

*

سهڙي جا سيکاٽ تي، کڻون سا کاڻوٽ

متان کائو موٽ، ساري سنڌ ٻري پئي

(بيت، ص -16)

*

هي جو ريٽُ رتو آ، کيسانو موريءَ،

اُڻي ڪنهن ڪوريءَ، ڳاڙهي اُڻت ڪيتري!

(بيت، ص -17)

*

او شل ڊهي ڊوهه، ڪائي آڳ ٻري پئي،

لوهر ڦوڪي لوهه، رڪ ڪري ڪو پڌرو!

(بيت، ص-20)

*

اچي ٿو هيڪارَ موت ته سڀني جي مٿان،

مئي ناهه ميارَ جي تون جيئين جس سان،

بيت، ص -21)

*

هي سرءُ چاليهه سال!

روز ساڳيا ڏينهڙا!

سج اڀري ٿو، اُٿن ٿا سوچ ۽ ساڳا سوال-

سج اُلهي ٿو منهن تي ٿا ملن ساڳا ملال-

ها فقط سرها لڳن ٿا، اڄ به ڌرتيءَ جا دلال-

هو وسنتي ويس پائي، ٿا هڻن ڪوڙا گلال-

ڪيترو تولئه تڪيان؟ هاڻي ڀلائي آءٌ ڀال!

روز ساڳا ڏينهڙا!

روز ساڳا ڏينهڙا!

روز ساڳا ڏينهڙا!

(وايون، ص-39)

*

ٿي ٻري لينن- گراڊ،

بم برسن ٿا پيا.

اولگا جي شاعريءَ ۾

اڄ به تازي آهه ياد- بم برسن ٿا پيا.

اڄ به منهنجا ديس تو ۾

ڄڻ ته نازي بدنهاد! بم برسن ٿا پيا.

اي ڏکڻ!  گُهلندين ڪڏهن تون

آءُ باد مراد، بم برسن ٿا پيا.

(وايون، ص -45)

*

ڌرتي! بس تو سان

ماڻهوءَ ٻولَ نه پاڙيا!

آڌيءَ مانجهيءَ گيت ٿو ڳايان آءٌ اڃا.

سپني منجهه رچي وڃي ماڻهو نيٺ متان!

(ماڻهو سپنا ٿو اُڻي پنهنجي رتُ پُنءِ مان)

رانئي جَرُ ٿرُ آئيو ڳاڙهو سج مٿان!

(وايون، ص 47)

تون ته آهين

منهنجي ڀون آهين

او آيل! او سنڌڙي!

منهنجي ساري ڏات تون

منهنجي مون آهين- او آيل! او سنڌڙي!

تون ئي منهنجا بيت آن

تون وايون آهين- او آيل او سنڌڙي!

اڃا نڪتي ڇو نه تون

کاهيءَ کؤن آهين؟ او آيل او سنڌڙي!

ويريءَ جي ولارَ ۾

ڏينهن ته ڏون آهين! او آيل! او سنڌڙي!

(وايون، ص -49)

*

بادل ٿا برسن

جيڏا، وري جهوڪُ تي،

شاهه عنايت اُڀ مان، ڇمڪي ٿو ڇَن ڇَن،

نه تو سونگي سنڌڙي، نه تو ڏاڍي ڏَن!

مٿن مٿي هٿڙا سدا شهيدن،

آهن اسان سان اڃان، مري جي نه مرن!

(وايون، ص-93)

*

پير کوڙي رهو پهاڙن تي،

پٿرن جي ڪرڻ جيان نه ڀڄو!

رٿ روڪي وڙهو اياز اڃا،

ڪانئرن جي ڀڄڻ جيان نه ڀڄو!

(غزل، ص-119)

*

سمجهو ٿا لوڪو!

راهُو مرڻو ڪونه آ،

مري ويو ٻيو ڪو.

(ٽه- سٽا ص-124)

*

اکيون پٽيو ڙي!

هيءَ جا باک بسنت جي

اٿي جهٽيو ڙي!

(ٽه- سٽا ص -125)

*

موت نه کاڌي مات،

وري سج لهو لهان،

راهوڪيءَ رتي رات!

        (ٽه-سٽا ص-133)

*

ڇا تون ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو؟

لاهور ۽ دليءَ جي رستن تان

رتُ ڌوپي چڪو آهي،

۽ اها رُت ويجهي آهي

جنهن ۾ مالتيءَ جا آڇا پُشپ

من جي پوترتا وانگر ٽڙي پوندا آهن...

(نثري نظم ص 154)

*

دور ستارا پوڙها آهن

چنڊ به پوڙهو آهي؟

يا هو پوڙهو ناهي؟

*

هن ساري سنسار کي ڪوئي

چوڌاري ڪو لوڙهو ناهي

يا ڪو لوڙهو آهي؟

*

ديپ ٻُجهن ٿا ديپ ٻرن ٿا

ڏاڍو ڏور ڏياٽيون آهن

جي وسمئه مان مَنش ڏسن ٿا.

*

وشيؤ جيئن ڪو مندر آهي

ڇا ان ۾ ڪوئي در آهي؟

*

مورتيون ۽ سڀ پوڄاري

ان کان ٻاهر ڇو نه وڃن ٿا؟

*

هونءَ وشال لڳي ٿو ، ليڪن

گهيرو ڪيڏو سوڙهو آهي!

(نظم، ص-180)

*

منهنجا گيت ڪڏهن اي ڌرتي!

چئه، تو کان ڪو مُلهه گهرن ٿا؟

*

مون کان پوءِ اهي ائين لڳندا

انڊَمان جي چانڊوڪيءَ ۾

ڄَڻ ڪي هڏڙا پکڙيل آهن.

*

هڏڙا ڪنهن کان ڇا ٿا چاهين

ڇا ڪوئي سوچي ٿو!

ڇا ڪوئي سوچي ٿو!

(نظم، ص-181)

*

ڪنهن جو خون وهيو ٽوڙيءَ ۾

او ڊايَر؟

توکي ڪيئي سال مئي ٿيا

رُومَ رُومَ مان تنهنجي نڪتا

جيڪي ڪيڙا

سي به مٽيءَ سان مٽي ٿي ويا.

ڪالهه مگر تو ٽوڙيءَ ۾

لڳ ڀڳ ساڳيءَ ورديءَ ۾

ساڳي هولي کيڏي!.....

(نظم، ص-213)

*

ون به ساڳيو واسُ به ساڳو، من به ساڳيو ماس به ساڳو.

....

هڪٻئي سان گڏ ڇو نه جيون ٿا؟

هڪٻئي کي سَڏُ ڇو نه ڏيون ٿا؟

هڪ ٻئي جو مڏ ڇو نه ٿيون ٿا؟

(نظم، ص-222)

*

هو سڀ آڌريءَ رات اچن ٿا،

مگرمان تي ناچ نچن ٿا،

مگرمان جي چمڙي هيٺان

تن جون ڪيئي پيڙهيون آهن،

هڪٻئي پويان سيڙهيون آهن

تن تي گڏجي هيٺ لهن ٿا،

دودي تائين، ٻاگهيءَ تائين-

ڪُنڊَ ڪُنڊَ ۾ ديپ جلن ٿا،

مگر مان تي ناچ نچن ٿا.

جيڪي ڪالهه انهيءَ ڌرتيءَ تي

ماريا ويا ها، سي به اٿن ٿا،

۽ پوءِ پنهنجن پيرن هيٺان

لاش چنيسر جو چيڀاٽي

ڇاتي کولي، اوچي ڳاٽي

ٽاڪولن سان ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا

مگرمان تي ناچ نچن ٿا.

(نظم، ص -227)

... ان طرح، آءُ هوند هن ڪتاب تان اياز جا سڄي جا سڄا نظم- سارو عرش منور آهي/ چنڊ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو... (ص ص ، 185-184)، ڪيڏو ياد ڪيان ٿو توکي/ تنهائيءَ ۾/ تون جو جيئڻ جو جَس آهين/ ڪير چئي ٿو تون ڪَس آهين!.... (ص ص 189-188)، آزاديءَ لئه روز مرن ٿا/ ماڻهونئڙا.... (ص، 200-199)، موت مسئلو ناهي/ مسئلو حياتي آ.... (ص، 300)، هي شاعر جي لهرائن ٿا/ هي جيڪي آداب عرض ڪن/ جن کي ڪو به ضمير نه آهي... (ص -204)، پنهنجي جيئري يارو / انقلاب اچڻو آ... (ص، 205)، حڪمرانن کي ڪونه مڃون ٿا/ پوءِ به اسان محڪوم ته آهيون..! (ص،207)، باک ڦٽيءَ جو زور ٻڌان ٿو/ وڪٽر حاراش کي.... (ص، 221)، عمر گذري وئي/ دک هن ديس جا/ اڄ به ساڳا هئا... (ص، 224)، رات جي سياهيءَ ۾ / روشنيءَ جي جهر مهر ۾/ ڪيترا نوان ماڻهو/ سچ ڏي وڌن ٿا پيا... (ص ص 229-228)، جوت ٻرندي رهي/..... رات ٺرندي رهي..(ص، 231) پيش ڪريان. بلڪ اياز جو ڪهڙو ڪهڙو بيت، ڪهڙو ڪهڙو شعر، ڪهڙو ڪهڙو نظم ۽ ان جو ڪهڙو ڪهڙو بند پيش نه ڪريان، جي پنن تي جاءِ جي گنجائش ڏسي سگهان ۽ جي اها خبر نه هجيم ته هيءُ سڄو ڪتاب، پنهنجي واقعي هڪ ايڏيءَ امر شاعريءَ سان لائق پڙهندڙن جي آڏو پاڻ موجود آهي ۽ سنڌ جا محڪوم ۽ مظلوم باشعور ماڻهو ضرور ان جي سِٽ سِٽ پڙهندا ۽ ان جي ايجاز، ايما ۽ علاماتي ادا ۾ جيڪي معنى جي موتين جا انبار سندن آڏو آهن، اهي هو پاڻ ئي ڏسندا ۽ گڏ ڪندا!

اياز جي هيءَ شاعري، اياز جي پنهنجي چواڻيءَ، هُن جي زندگيءَ جي پوئين پهر جي شاعري آهي. انهيءَ ڪري ان ۾ لائق پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي زندگيءَ جي اختيار ۽ ان جي خاتمي کان پوءِ جي اوني جو اظهار به ملندو، جيئن مثلاً صفحي- 76 واريءَ وائي ۾:

*

ويل آن ساهي پٽڻ جي

موت، منهنجي لاءِ تون

آخري منزل نه آهين.

مان اُٻن ۾ ڪيئن رهندس

مون ڀلائي نانهه ڀون!

*

هو وسي ٿو وڏ-ڦڙو

سايون ٿين ٿر ۾ ڀٽون!

*

جي اچان موٽي ته مون کي

ڪنهن هرڻ ۾ پاءِ تون!

موت منهنجي لاءِ تون

آخري منزل نه آهين

 يا، جيئن صفحي 173 واري نظم ۾:

اڃا اجهاڻل ڏيئو ناهيان

تون جو اچڻو آهين، آءُ!

*

تنهنجي ڪارڻ ليئا پاتا

ساري رات جَلي مون در تي،

ڪيڏو ڪارو انڌيارو آ

ڀنڀرڪي تائين سانڀر تي!

ڄاڻ پرهه جا پنڇي اُڏريا!

توڙي پوئين آهي ويرا،

منهنجي جوت اڃا به ٻري ٿي

اڃا تڪيان ٿو تنهنجا پيرا.

اڃا به ساڳيو ليئو آهيان،

اچڻو آهين جي، تون آءُ!

يا، سارو عرش منور آهي (ص-184) واري نظم ۾ :

... ڇا، هي منهنجو بستر آهي؟

جنهن وٽ ڪوئي روئي ٿو،

چي، هي شعر اڌورو آهي،

ويٺي ڪالهه لکيائين ٿي جو،

جهونگاري سوچيائين ٿي جو،

ڀانيان ٿو اڻپورو آهي!...

يا جيئن ص -224 تي آيل سندس نظم:

عمر گذري وئي

دک هن ديس جا

اڄ به ساڳيا هئا

جي هئا مون ڏٺا

سال چاليهه اڳ،

ڪو به ڦيرو نه آ،

ديس جي دانهن ۾!...

1976ع کان 1979ع تائين جي وائيس چانسلريءَ واري دور ۾ ۽ ان دور کان فوراً  پوءِ واري  ڪجهه عرصي ۾ به، نه لکڻ سبب، اياز جي شعري آمد ۾ اها رواني نه رهي هئي، ته هن فقط نثري نظم پتڻ ٿو پُور ڪري (1982ع) وارا لکيا هئا. جيئن گروديو ٽئگور پنهنجي آخري دور ۾ ڪجهه ڪتاب نثري نظمن جا لکي، وري پنهنجيءَ منظوم شاعريءَ ڏانهن موٽيو هو. ٽئگور وانگر اياز جي انهن نثري نظمن ۾ اها ڳالهه نه هئي، جا شاعر مان متوقع هئي. ان سلسلي ۾ اياز مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هو ۽ ٻئي هڪ هنڌ آءٌ ائين لکي به چڪو آهيان ته ڪيترو وقت هن جي تخليقي قوتن جا سرچشما بيٺا رهيا ۽ ان ڪري هن ڪٿي (نثري نظمن ۾) پنهنجي مطالعي جو سهارو ورتو هو. پر ان سان اياز جي هن انهيءَ پيشڪش جي به مخصوص اهميت کان ڪڏهن به انڪار نٿي ٿي سگهيو.

يوسف شاهين اياز جي ان مجموعي کي علم ۽ فلسفي جي دنيا جو هڪ عظيم شاهڪار چوندي، شاعر جي ڪن سالن جي لڳاتار ماٺ کان پوءِ جي پهرينءَ خوش آئند اشاعت طور نئين نينهن جو نياپو، پرهه ڦٽيءَ جو پيغام  ۽ من اندر جون ڳالهيون سڏيو آهي. جن کي ٻڌڻ لاءِ سچي دل ۽ اجرو من گهربل هئا ۽ جن جي مطالعي کان پوءِ شيخ اياز جي سموري شاعري ]پاڻ[ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پڙهي ۽ پروڙجي سگهي ٿي.

اڄ اياز جي هن پوئين پهر جي شاعريءَ  ۾ به سندس ان وسيع مطالعي ۽ جهانگرديءَ جون جهلڪيون ملن ٿيون. هن جي مطالعي ۾ ان طرح ڪيترا شاعر، اديب، فلسفي آيل آهن، جن جو ذڪر هن هنڌ هنڌ پنهنجي اندر جي اظهار ۾ تمثيل (Allegory) طور ڪيو آهي. جيئن ڀٽائي، سچل، بيڪس، اولگا پرگال (لينن گراڊ جي شاعره)، ٽئگور (روي)، ڪڇي شاعره رتن ٻائي، ڪاليداس، شاهه عنايت، ڪبير، فريد، بلي شاهه، روحل، ڀاڳو ڀانُ، ويد وياس، گوئٽي، کيثوون، مولانا آزاد، اصغر گونڊوي، ماياڪووسڪي، ڪنفيوشس، فيض، سبط حسن، دارا، شيو سانگ (قديم چيني عالم)، آلندي، امير خسرو، مرزا رسوا، فيڊل ڪاسٽرو، وڪٽر حارا ( هسپانوي راڳي ۽ شاعر)، وغيره، ائين ٿو لڳي ته شعر ۽ ادب جي ساري دنيا هن جي آغوش ۾ آهي ۽ هن کي پنهنجي ديس، پوري برصغير ۽ ساريءَ دنيا جو فڪر آهي ۽ ٽنهي جي تقدير ۾ ڪوئي رشتو آهي، ان رشتي جي بحاليءَ جي هن کي اڻ تڻ آهي، جيڪو رشتو هٻڇ، غصي، خوف ۽ تاريڪ خياليءَ سبب ڇڄي، ڇيهون ڇيهون ٿيو پيو هو ۽ جيسين ان جا ٽٽل ڦٽل ڌاڳا ڳولي، ڳنڍي جوڙي، سلجهائي ۽ صاف ڪري نٿا سگهجن، تيسين هن جي پنهنجي قوم ۽ دنيا ۾ ٻئي مظلوم انسان جي نجات ممڪن نه هئي.

پڇڻ تي اياز مون کي ٻڌايو ته پاڻ سڄو هيءُ شعر، جيڪو هن مجموعي ۾ پيش ٿيل آهي، سواءِ ان جي ٻن چئن نظمن جي، مارچ ۽ اپريل 1987ع ۾، روزانه علي الصبح چئين وڳي کان ڇهين وڳي تائين ڪم ڪندي جوڙيائون ۽ پڻ ٻئي شعر جو سندس مجموعو، بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي به، ائين آگسٽ سيپٽمبر جي ٻن مهينن جو تخليقيل، وٽن تيار آهي، جو عنقريب شايع ٿيڻ لاءِ ڏنو ويندو.

راتين جو جاڳي، صبح جي پهر ۾ پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي پابزنجير ۽ ڏيکاريءَ تي ائين ڪُرلائڻ جا آثار اسين اياز جي هن تخليق ۾ ڏسي ۽ پڙهي به سگهون ٿا:

رڻ ٻارڻ ٻاري ويا، آڌيءَ اُٿي جي،

ساري ٿي تن کي، اُڀري باک بسنت جي.

(بيت، ص-14)

رات ڀر تنهنجي پڪار

ننڊ کي نيندي رهي،

اڌ ڌرتي سرخ ٿي وئي، ايترا آيا بهار!

ڪويلون ڪوڪن پيون، ڪوئي ته ناهي چپ يار!

ڇو اڃا گلنار ناهن، روءِ تنهنجي جا اُنار؟

ٿو ڇڪين ڇوهي جيان، مون کي پراهين پار يار!

(وايون، ص-59)

اٿي آڌيءَ رات جو

تولئه ٻولن ٻولڙيون

پکي ڪي پرڏيهه جا،

ڦڙا ڦڙا ماڪ جا

جڏهن ڦُلن جهولڙيون،

تولئه ٻولن ٻولڙيون

پکي ڪي پرڏيهه جا،

جن تولاءِ سڳنڌ جون

ڪيئي ڳليون ڳولڙيون

تولئه ٻولن ٻولڙيون

پکي ڪي پرڏيهه جا،

ڀنڀرڪي جو ڀُنءِ مٿان

ريکون نيٺ رتولڙيون،

تولئه ٻولن ٻولڙيون

پکي ڪي پرڏيهه جا،

(وايون، ص -76)

باک ڦٽيءَ جو شعر لهن ٿا

مون تي سج، اُهاءُ ڪري،

رت اُٻڙڪا کائي ٿو ائين

ڏينهن تتو جيئن تاءُ ڪري!

سارو وقت ته رهندو ناهين،

ويندو آنهه سماءُ ڪري!

ڪيسين ڪوءِ ڪلالن جي ۾

آءُ ته آڌرڀاءُ ڪري ڪو

تنهنجو آڌرڀاءُ ڪري!

(نظم، ص- 172)

باک ڦٽيءَ جو روز ٻڌان ٿو

وڪٽر حارا کي.

هي جو چليءَ جو راڳي آ

منهنجي ڀاءُ جيان آ،

ان جي دکياري ڌرتي ڄڻ

منهنجي ماءُ جيان آ.....

(نظم، ص -211)

اياز جي شعري فن تي لکندي، ڪي جو ٻيجل ٻوليو (1970ع) جي مهاڳ ۾ مون چيو هو ته اياز پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انهن کان مٿي اڀري ٿو ۽ پوءِ مون هن جي سادن ۽ سهڻن لفظن ۽ انهن جي چونڊ ۽ پوري پوري استعمال جو ذڪر ڪيو هو ۽ لکيو هو هن جي شعر جي نغمگيءَ ۽ اُن جي دلبرانه انداز بابت، ۽ هن جي ننڍڙن ۽ نزاڪت ڀرين وزنن ۽ بحرن بابت، پڻ ڊگهن بحرن ۽ انهن جي جولاني ترنم بابت، هوا کان هلڪن رديفن ۽ قافين ۽ هندي ڇند جي بنهه معصومانه ۽ من موهيندڙ استعمال ۽ لوڪ گيتن جي ڌنن ۽ انوکين علامتن ۽ اشارن بابت، جن سان هن جا پڙهندڙ هن جي آڇيل معنائن جي موتين سان پنهنجا جهول ڀري ٿي سگهيا ۽ سندس دل ورائي ورائي هن جي شعرن ٻڌڻ لاءِ آتي ۽ زبان انهن جي نغمن کي وري وري جهونگارڻ لاءِ تيار رهي ٿي.

اياز جي هن تازي ڪلام جي فني اوچاين لاءِ پڻ آءٌ اهو ئي ڪجهه چئي سگهان ٿو. اياز جي شعري اظهر ۾ مون هميشه هڪ ڳالهه ڏٺي آهي، جنهن کي آءٌ جذبي جي ڌارا (Stream of Passion) به چئي سگهان ٿو، شعور جي ڌارا (Stream of Consciousness) وانگر. ادب ۽ فن جي ڪاوش ۾ جڏهن شعور جي ڌارا کي جذبي جي ڌارا، امنگ، اتساهه، عشق جي ڌارا، ميسر اچي ٿي، (جنهن کي ٽي- ايس- اليٽ اندر جي ڌُنَ  ۽ اسان جي لطيف اندر جي آگ چيو آهي)، ۽ شاعر سان شامل حال هجن ٿيون، تيتر جيڪا تخليق وجود جي ٿي، اها پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن خاص ڪوشش يا اڳ- رٿا جي به محتاج نٿي رهي.

ائين ئي اياز جا ڪيترا نظم آهن جن جي ڪائي مقرر يا ٻڌل صورت (Fixed Patten) نه آهي، جي پوءِ به پنهنجي فني تڪميل ۽ منطقي نتيجي تي پهچن ٿا، پوري آب تاب سان پهچن ٿا ۽ توڙي جو انهن جي وچ جون سٽون همه قافيه نه آهن ۽ انهن جا ڪي پادَ يا مصراعون به تمام هجن ٿيون، ته به انهن ۾ ترنم ۽ تاثر پابند شاعريءَ کان به وڌ ملي ٿو، انهن جون تشبيهون ۽ استعارا بنهه نوان، جن جي نواڻ به نئين، ڪا به انهن جي سٽ اجائي ۽ ڀرتيءَ جي نه- ته به معنيٰ جي ايتري اَوليت، جو انهن جي ٻوليءَ جو حسن ۽ خوبي ثانوي ڳالهه پيئي ڀاسي، ان طرح جي فطري شعر جي هر صنف- بيت، گيت، وائي، ٽه- سٽي، نظم، نثري نظم- تي شاعر جي ڇاپ هجي ٿي ۽ شاعر جي نالي جي خبر نه هوندي به ڏسي ۽ پڙهي، چئي سگهجي ٿو ته اهي اياز جا شعر آهن.

منهنجي ويچار ۾ آءٌ اياز جا ان شعور ۽ جذبي جي باهمي ڪيفيت جا، تخليقيل مثالي ٻه نظم ڪالهه ڪڏهن مون وارياسي ۾.../ (ص، 210) ۽ گيت به ڄڻ گوريلا آهن...../ (ص-3) هتي لائق پڙهندڙن جي آڏو آڻي به سگهان ٿو. پهرئين نظم ۾ شاعر ڏاڍي دلنواز انداز جو اندروني ترنم حاصل ڪري سگهيو آهي. جيئن بند جي ٽينءَ سٽ جي لفظ فلسطين جو قافيو ان جي مٿينءَ سٽ جي آخر ۾ جيسين آهي، پر ان کان پوءِ باقي بند ۾ قافيو ڪونه آهي ۽ رڳوحسرت،فلسطين،ياسر،سارا۽ ڏسي لفظن ۾ آندل سين (س) جي آواز ۽ ساڳيءَ طرح حسرت،ياسر،عرفات،سارا ۽ رتو رت ۾ آندل ر ۽ حسرت،فلسطين،عرفات،رتورت ۾ ت/ ط جي تڪرار (Repetition)  سان ترنم ۽ تاثر کي عروج تي پهچايو ويو آهي. اهي تجربا ڪڏهن ڪڏهن مغربي شاعريءَ ۾ ملندا آهن، ته انهن جا نقاد هوندا آهن، جي شاعر تان ٻلهار ويندا آهن، اياز جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ اهڙا سوين مثال موجود ڏسي سگهجن ٿا.

اياز جا اهي هيٺ ڏنل ٻه نظم، جتي هن جي شعري فن جا ۽ ان جي تمثيلي انداز جا ۽ هن جي شعور ۽ جذبي، ذهن ۽ قلب جي فطري امتزاج جا نمائنده مثال آهن، اتي اهي سندس مجبور وطن ۽ محروم ۽ ستم رسيده قوم جي شانائتي ۽ جَسُ ڀرئي جيئڻ لاءِ مٿن تاريخ جي عائد ڪيل جدوجهد جي طويل ۽ مشڪل رستي جي ڳالهه به ڪن ٿا. اسان جا محب وطن ۽ عوام دوست اديب ۽ شاعر اڄ اسان لاءِ اهو ئي ڪجهه ڪري سگهن ٿا ۽ اڄ اهو ئي فرض ادا ڪرڻ کان انهن کي غافل رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ جاهه ۽ جلال جا صاحب ۽ ملڪ ۽ مال جا مالڪ، همه تن ۽ ڪل جهتِ مصروف نظر اچن ٿا:

(1)

ڪالهه جڏهن مون وراياسي ۾

ڳاڱيون، ڳُمَ ڳنڍير ڏسي،

سج جي پاڇي ڏانهن ڏٺو،

سون وني ساواڻ هئي

منهن ڦيري جيڏانهن ڏٺو.

تيسين ٿي تيڏانهن ڏٺو

سارو سج ٻڏي ويو جيسين،

حسرت سان ڪنهن وقت فلسطين

جئن ياسر عرفات ڏسي،

چَپَ ائين ڀيڪوڙي پنهنجا

سارا رتورت لڳن!

 

گيت به ڄڻ گوريلا آهن،

جي ويريءَ تي وار ڪرن ٿا

جئين جئن جاڙ وڌي ٿي جڳ ۾

هو ٻوليءَ جي آڙ ڇپن ٿا،

ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا

موٽي منجهه پهاڙ ڇُپن ٿا

اُتر اڀري لاڙ ڇپن ٿا،

سانوڻ سنگ وسن ٿا ڏاڍو،

ڪالهه هيا جي سرخ گلن جئن

اڄڪلهه نيلا پيلا آهن:

گيت به ڄڻ گوريلا آهن

جي ويريءَ تي وار ڪرن ٿا.

حيدرآباد سنڌ

20 نومبر 1987ع

(راج گهاٽ تي چنڊ جو مهاڳ)

 


 

 

محمد ابراهيم جويو

 

اياز جي اڳئين شعري مجموعي راج گهاٽ تي چنڊ جي پيش لفظ لکندي، منهنجو خيال هو ته ان جي هڪ نظم- چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان، ڄڻ تون هئينءَ (ص 183) جو هڪ مطالعو آخر ۾ ڏيندس. پر ڏيندي ڏيندي، ڪنهن طرح اهو رهجي ويو، جنهن لاءِ افسوس اٿم. هتي  ان جي پورائي طور، ڳالهه جي سلسلي جا ٻه لفظ لائق پڙهندڙن جي آڏو رکڻ ضروري ٿو سمجهان. اهو سڄو نظم هيئن آهي:

چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،

ڄڻ تون هئينءَ.

يا سُڳنڌن ۾ ڀريل ڪنهن واءُ جي جهوٽي جيان،

ڄڻ تون هئينءَ.

کير ٿر تان گڊ ڪو نئن گاج تي جيئين جهُڪي،

تئن مان هيس.

رڻ ۾ ڪوئي هرڻ پاڻي ڏسي ڏاڍو ڊُڪي،

تئن مان هيس.

تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!

منهنجي سکي!

اياز جي عادت رهي آهي ته پنهنجن شعرن کي اڪثر عنوان ڪونه ڏيندو آهي. هن نظم کي به عنوان نه  ڏنو اٿس. دنيا جي ڪيترن وڏن شاعرن جو اهو دستور رهيو آهي، مثلن ٽئگور، خليل جبران  ۽ ٻين جو- شايد انهيءَ هڪ خيال کان به ته پڙهندڙ سندس شعرن لاءِ عنوان پاڻ تجويز ڪن! ائين اياز جي هن نظم کي به اسين چاهيون ٿا ته پڙهندي پڙهندي، ڪو عنوان ڏيئي سگهون ٿا ۽ ان جو روح، ان جو اصل نقطو، ائين پاڻ تي واضح ڪري سگهون ٿا. ان ۾ ڪم آيل ٻوليءَ لاءِ ته هڪ نظر ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڪو هڪ لفظ به ان جو اهڙو نه آهي، جو ڪنهن عام پڙهندڙ لاءِ به اوپرو يا اوکو هجي ۽ اها به، جيئن اياز جي اڪثر شاعريءَ جي تيئن خاص هن نظم جي به پنهنجي نوع جي هڪ وڏي خوبي آهي ۽ ان جي اصل مطلب کي سمجهڻ ۾ پڙهندڙ جي لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿي.

هيءُ ٽن بندن جو هڪ مختصر مگر ڳُتيل ۽ هر طرح مڪمل نظم آهي. ان جي پهرئين بند ۾، تون اشاري سان انسان جي ڪنهن ويجهي کان ويجهي تعلق جي، ڪنهن خاص سُٻنڌ جي، ڳالهه ڪيل آهي، جنهن سان شاعر مخاطب آهي. تون، رابيل جي ان ٻوٽي جيان آهين، جيڪو چانڊوڪيءَ ۾ به، نور جيئن ٻهڪندو هجي، تون، فضائن ۾ خوشبوئن ڀريل واءُ جو اهو جهوٽو آهين جيڪو لڳندو آهي ۽ گذري ويندو آهي، پر ڪڏهن-نه- وسرندڙ ۽ سدا محسوس ٿيندڙ تازگي ۽ سُرهاڻ پوئتي ڇڏي ويندو آهي!

هينءَ ماضيءَ جو صيغو ۽ گل (جي ڇڻي وڃن ٿا)  ۽ واءُ جو جهوٽو (جو گذري ويندو آهي) تن سان ان تون جي مشابهت ان جي محدود ۽ بي ثبات هجڻ ڏانهن اشارو ڪندڙ آهن.

نظم جي ٻئي بند ۾، مان جي اشاري سان، انسان جو پنهنجيءَ ان تون سان جيڪو ويجهي ۾ ويجهو، اٽوٽ واسطو آهي، تنهن جي ڳالهه ڪيل آهي: مثلاً ، تون  جي وجود سان مان جو وجود ائين ٻڌل ۽ هڪ ٿيل آهي، جيئن کيرٿر تي مٿي بيٺل گَڊ جو هيٺ وهندڙ نئين گاج سان، يا رڻ ۾ پاڻي ڏسي ان ڏانهن ڊوڙندڙ هرڻ جو.

نظم جي ٽئين بند کي سمجهڻ جي ڪوشش کان اڳ ان مان ۽ تون جي سڃاڻپ لازم آهي. مان ته ظاهر آهي ته شاعر پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ذات جي رعايت سان، عام انساني فرد لاءِ ڪم آڻي ٿو. ته ان مان، يعني فرد انسانيءَ جو اهو خاص سٻنڌ، تون، ڇا آهي، جنهن کان سواءِ مان مان ئي ناهيان؟ تون اها جيڪا مون کي، فرد انسانيءَ کي، پنهنجي سڪ ۽ ڇڪ ۾ جيئرو به رکي ٿي، ڇڏي به وڃي ٿي ۽ جنهن ڪارڻ انسان پاڻ به گهوري ڇڏين ٿا! ڪي ان کي پنهنجو محبوب يا ڪوئي ٻيو مقصود يا ڪوئي ماڳ يا منزل چئي سگهن ٿا:  پر شاعر جي نظم ۾ اها تون ۽ ان جو ماڳ هڪ شيءَ نه پر ٻه جدا شيون آهن.

تون جيڪا منهنجي سکي آهين، منهنجو ساهه آهين، جنهن جي ملڻ سان مان سمجهان ٿو ته مون کي سارو جڳ ملي ويو، باقي مون کي ڇا کپي؟ پر ان جي منزل، ان جو ماڳ وري به هو ان کان الڳ، پري ڪٿي، ٿو ڏسي ۽ ان ماڳ تائين پهچڻ بلڪ ان ڏانهن وڃڻ جي رڳو واٽ يا دڳ ئي هن کي ملي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته سڀڪجهه هن کي ملي ويو ۽ ٻيو ڪجهه هن کي سچ پچ به ته ڪونه ٿي کَتو!

 

تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!

منهنجي سکي!

ماڳ ڏاڍو آ پري، جي دڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!

منهنجي سکي!

 ته اها تون اها سکي- شاعر جي، تنهنجي، منهنجي ۽ هر فرد انسانيءَ جي- ڇا آهن! ان لاءِ شاعر جو چوڻ آهي ۽ ائين ئي ظاهر به آهي ته، اها خود کيس ۽ هر فرد انسانيءَ کي ملي ئي وڃي ٿي. مليل آهي ۽ ڪلي طور بي بدل، اَملهه ۽ فقط هڪ ئي هوندي به ماڳ جي ڇڪ کان سواءِ اڪارٿ ۽ فضول گذري ٿي وڃي! شاعر جي اها سکي، فرد انسانيءَ جو اهو ساهه سنئون سٻنڌ، چاندنيءَ جو چُٽڪو ۽ بي ثبات، ماڳ ۽ دڳ  جي حوالي سان خصوصاً ڌرتيءَ تي خود انساني زندگي ئي ته آهي! ته پوءِ زندگيءَ جو اهو ماڳ ڪهڙو؟ ان ماڳ ڏانهن نيندڙ دڳ ڪهڙو! اهي به سوال آهن، جيڪي شاعر، سڄي هن نظم کي استعارو بنائيندي، ان ۾ پڙهندڙن لاءِ سوالن طور ئي ڇڏيا آهن ته انهن جا جواب هو، زندگيءَ جي فلسفي ۽ فڪر جي پنهنجي حاصلات مان، پاڻ ئي وڌيڪ ڳولين ۽ لهن.

هاڻي اسين هن نظم جو هڪڙو تُز نالو به تجويز ڪري سگهون ٿا. مثلاً زندگي ۽ ان جو ماڳ، جيوت ۽ ان جو آدرش، جيوت جو دڳ  زندگيءَ جي راهه وغيره.

شاعر، مفڪر، ڪو پيغام رکندڙ، جڏهن ائين زندگيءَ جي منزل ۽ راهه بابت پنهنجي ڳالهه دوران پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ يا شاعريءَ سان ان قسم جا ندائي سوال ڪندا آهن ته، سندن ئي ان خطاب ۾ انهن جا جواب به ضرور موجود هوندا آهن. مون اياز جي شعري مجموعي راج گهاٽ تي چنڊ جو مهاڳ لکندي، ان ۾ خاص سندس اهي جواب ئي ڏسڻ گهريا ٿي ۽ عزيز پڙهندڙن جي ڌيان تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪيتري قدر آءٌ پنهنجي ان مضمون ۾ ائين ڪري سگهيو هوس، ان جو فيصلو ظاهر هو ته، هنن کي پنهنجي لاءِ پاڻ ڪرڻو هو. بهرحال چوڻ مون اهو ئي ٿي گهريو ته اياز پنهنجي ذري گهٽ سڄيءَ شاعريءَ ۾، ۽ ان مجموعي ۾ به خصوصي طور، پنهنجي ماڻهن لاءِ اهي ئي انساني زندگيءَ جي اهميت جا، اهي جي سُڪارج ۽ آڪارج هجڻ جا، سوال ڇيڙيا هئا ۽ انهن جا ئي جواب سندس سوچ ۽ عمل لاءِ سندن آڏو رکڻ گهريا هئا.

هونئن ته زندگي سڀ زندگي آهي- حيواني توڙي انساني- پر پوءِ به فرق ٻنهي ۾ ڏاڍو وڏو آهي ۽ ان فرق جي ظاهر ٿيندي ٿيندي ۽ وڌندي وڌندي، لکن، ڪروڙن سالن جون وڇوٽيون وڌي ويون ۽ وچ ۾ احساسن، جذبن ۽ خيالن جي ڪائناتن جا ناقابل عبور مفاصلا پئجي ويا. انهن مان مکيه ۽ نت نرالا امتياز چار سڃاتا ويا آهن:

عقل(Reason)، آزادي (Freedom)، پيار (Love) ۽ ڪهل (Compassion). انساني زندگيءَ جي انهن چئن امتيازي سڃاڻپن مان پهريون ٻه انفرادي نوعيت جون ۽ آخري ٻه اجتماعي نوعيت جون آهن. جيتوڻيڪ ابتدا ۾ انهن پوين ٻن سڃاڻپن جي ترغيب، عمل ۽ افاديت جو دائرو پڻ انفرادي ئي هو: عقل ۽ آزاديءَ جي امنگ جي اوائلي اوسر ذاتي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي حوالي سان ۽ پيار ۽ ڪهل جي پنهنجي جنسياتي ساٿيءَ ۽ ان ساٿ جي پوچ جي حوالي سان. انساني زندگيءَ جي تربيت ۽ عروج جو ڪمال هي آهي ته اهي چار ئي ان جون سڃاڻپون، پنهنجي عمل ۽ افاديت ۽ انفرادي دائري کان ٻاهر نڪري، وڌندڙ سماجي وستار سان وڌندي وڌندي، سڌرندي سڌرندي- ڪٽنب، قبيلي ۽ جاتيءَ (ذات)  کان ٿيندي، اڄ قومي زندگيءَ جي حوالي سان ئي تورجن ۽ ماپجن ٿيون:  بلڪ فرد (۽ ڪٽنب، قبيلا، جاتيون ۽ ٻيا  ڪيئي گروهه)، وقت پئي، قومي بقا ۽ بهبود لاءِ قربان ٿيڻ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو حاصل بلڪ ان جو اعزاز سمجهن ٿا:

تِک اندر تاريخ جي، جي تون سمائين،

متان ائين ڀانئين، سارا لاش لُڙهي ويا.

سِر سرچو ساڻيهه سان، مٽيءَ سان ماٿو،

ڪونهي تنهن ڪاٿو، اوچو آهي اُڀ کان.

ٽڙيو کڻن ٽارَ، سِر انهن جا سوڀ ۾،

مري ملهيا يار، ويڙها سڀ واسي ويا.

هي جي جهجها جهڙَ ٿيا، مٽيءَ مهڪ اُٿي،

ڌرتي رت رتي، ڦولي لال ليار جيئن.

(راج گهاٽ تي چنڊ ص-ص 18/17)

يوناني فيلسوف، هرئڪليٽس، جو مشهور قول آهي ته، هئڻ ڪجهه به نه آهي. ٿيڻ سڀڪجهه آهي، ان طرح، جيئن ٻي هر شيءِ تيئن انساني زندگي به، پنهنجي سڀڪجهه هئڻ سان. ناڻي، علم، سماج ۽ سماج جي دستورن قانون ۽ نظامن سان- اها ڪجهه ئي آهي. جو ڪجهه اها ڪري ٿي، جا ڪجهه اها ٿئي ٿي: رڳو انساني سڏجڻ سان ان کي انساني (يا فوق الانساني) پَرَ لڳي ڪونه ٿا وڃن. جيئن ديني تبليغ ڪارَ ۽ معرفت جا دعويدار انسان کي اشرف المخلوقات  جي ٺلهي پٻي ڏئي ۽ ان کان ئي مٿي الله تائين نيئي، ماڻهوءَ جو مٿو ئي ڦيري ڇڏيندا آهن. پنهنجي پاڻ يا پنهنجي ڪنهن محدود گروهه ۾ ئي گم هجڻ سان انساني زندگي بنهه حيواني يا ان کان ٿوريءَ ئي مٿڀريءَ ڪنهن سطح تائين پهتل شمار ٿي سگهي ٿي.

انفراديت کان اجتماعيت ڏانهن واڌ جي هن انساني زندگيءَ جي تهذيبي سفر جي منزل، بهرحال، قومي اجتماعيت کان اڃان هن روشني پاتل ويهين صديءَ جي خاتمي تائين به، اڳتي ڪانه سُري سگهي آهي. پنڊت جواهر لاهر نهروءَ جي ان سلسلي ۾ چيل هيءَ ڳالهه اڄ به تاريخي اهميت جي حامل آهي ته جديد زندگيءَ لاءِ سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان اهم شرط قوميت آهي.

(Nationalism is the very condition of modern existence)

بين الاقواميت، عالمگيريت، آفاقيت اڃا خيالن جي سطح تائين واقعي وڏا آدرش ته آهن (۽ سچ ته رڳو نه پر گهڻي وقت کان آهن)، پر انهن لاءِ انساني زندگي پنهنجا گهربل نظام، دستور، ادارا اڃا قائم ڪري نه سگهي آهي، بلڪ پوريءَ طرح سوچي به نه سگهي آهي. جيئن معروف ۽ جائز قومي سطح تائين پنهنجي اجتماعي چڱائيءَ (Collective Good) لاءِ ان جمهوريت، قانون جي بالادستيءَ، سماجي انصاف ۽ فلاحي يا اشتراڪي نظام تجويز ڪيا آهن ۽ پڻ عمل ۾ آندا آهن.

اياز ۽ اياز جا دوست ان سلسلي ۾، ڌرتيءَ جي پنهنجي هن وڏي ۽ وشال خطي کي، جنهن کي تاريخ اڄ هند-پاڪ يا ڏکڻ ايشيا چوي ٿي ۽ جيڪو تاريخ وٽ، ان جي مختلف دؤرن ۾، ڀارت ورش، انڊوس (Indos)، هند، هندوستان ۽ انڊيا (India) سڏيو ويو، خاص طرح پنهنجي سنڌي قومي سڃاڻپ جي حوالي سان، هڪ قوم جو نه پر قومن جو گهر سمجهن ٿا. انساني زندگيءَ جي مهربان ماءُ هن ڌرتيءَ تي، ننڍي کنڊ هندستان جهڙا ڪيئي ٻيا به قومن جا گهر موجود ٿيا آهن. مثلاً يورپ جو کنڊ سڄو ۽ عظيم ايشيا ۾ خاص طرح روس ۽ چين ۽ مغربي ايشيا، وغيره يعني، ڌرتيءَ جون عظيم مذهبي تحريڪون، مسيحيت ۽ اسلام سميت، آريائي مذهبي تحريڪون (برهمنيت، ٻُڌمت ۽ جين ڌرم)، ايران ۾ زردشت ۽ چين ۾ ڪنفيوشس جون تحريڪون، وغيره. هنن سڀني تحريڪن پاڻ سان گڏوگڏ يا پويان پنهنجيءَ جاءِ تي، پنهنجي پنهنجي خطي ۾ يا جتي به اهي پکڙيون اتي لازماً ملوڪيتي نظامن کي جنم ڏنو.

مذهبي تحريڪن، ٻين ڳالهين سان گڏ، پنهنجي مقدس حق جي زبانن ذريعي- جن مان ڪي ته اڄ عام استعمال مان ئي نڪري ويون آهن. برابر پنهنجيءَ پنهنجيءَ برادريءَ کي هڪ طرح جي محدود اجتماعيت ڏني ۽ پوءِ جي اڀريل ملوڪيتي نظامن پڻ انهن خطن ۾ پري پري تائين ڀانت ڀانت جي ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي حڪومتي دٻاءُ ۽ ٻين حيلن وسيلي هڪ طرح جي مرڪزيت هيٺ رکيو. جيئن برصغير ۾ مهاراجا وڪرماجيت، مهاراجا اشوڪ، شهنشاهه اڪبر ۽ تازي دور ۾ انگريز شهنشاهيت. پر قديم دورن کان انهن خطن جي الڳ الڳ علائقن ۽ ايراضين کي پنهنجي تصرف ۾ رکندي، پنهنجي پنهنجي خاص ٻولين ۽ رسمن رواجن ۽ طور طريقن سان رهندڙ ڀانت ڀانت جا اهي ماڻهو، انهن مذهبي ملوڪيتي نظامن کان به اڳ، توڙي انهن جي هلندي ۽ انهن جي ماند پئجي وڃڻ کان پوءِ به، وڌندا ۽ مستحڪم ٿيندا رهيا. تان جو، ٿيندي ٿيندي، انهن وسيع ۽ عريض خطن ۾ اهي ماڻهو علائقيت (Territoriality) ۽ ٻوليءَ (Language) جي بنيادي سڃاڻپ هيٺ، پنهنجي پنهنجي قومي حيثيت اختيار ڪري ويا.

برصغير جي وڏي ۽ وشال خطي ۾، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي به اها حيثيت هئي، هزارها سالن جي لاڳيتي تاريخي سلسلي سان ۽ ان دور کان جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ تڏهن کان جڏهن انگريزن کان سنڌي قوم جنگ ۾ شڪست کاڌي، ۽ پڻ تڏهن جڏهن، هڪ سئو سال پوءِ، انگريزن جي اها هندستاني شهنشاهت (Indian Empire) ختم ٿي ۽ سنڌ کي ٻيءَ مرڪزيت مُدي خارج ۽ تاريخ جي آزمايل ۽ مسترد مذهبي برادريءَ جي مرڪزيت هيٺ قائم رکندي، سنڌي قوم کي وائکو ڪيو ويو، بنههِ نست ۽ بي وجود بنايو ويو. سنڌي قوم جو ائين وائکو ٿيڻ ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ ائين مجبور محض ۽ لاچار ٿي پوڻ، انساني زندگيءَ جي جديد تاريخ جو اهو الميو آهي، جنهن جو ڪو مثال ملي نٿو سگهي.

انساني زندگيءَ جي تسليم ٿيل بنيادي امتيازي سڃاڻپن- عقل، آزاديءَ پيار ۽ ڪهل جي عين ابتڙ، انساني تاريخ جو پنهنجي پاڻ سان ايڏو حيواني انڌير تصور ۾ اچڻ کان مٿي آهي: پر اهو ئي، وري به، سچ جو ڪهاڙو ٿي، هر ويل اسان جي ڪنڌ مٿان ڪري رهيو آهي ۽ اڃا ته اسين، ڪنڌ جهڪائي، رتو رت ٿي رهيا آهيون ۽ ڳوڙها آهن جيڪي ڇپرن جا بند ڀڃي وهندا ٿا رهن، فراقيل سنڌي جا، اوزار ۽ پرار رتُ ۽ ڳوڙها، ڳوڙها ۽ رت.

ٿو وچ ۾ واهڙ وهي

هُن پار تون هِن پار مان،

هر رات تنهنجي پار ڏي

ٿو چنڊ حسرت مان ڪهي.

تون ڪا نه آن، تون ڪانه آن،

ٿو ڪير تنهنجي گهر رهي!

اي زندگي، تو لاءِ ڪو

ڪيسين پيو سُمهان سهي!

ٿو وچ ۾ واهڙ وهي

هُن پار تون هِن پار مان.

(ص-22)

 

ڄڻ ته ڪا آهين پُڪار

جيءَ  منهنجي جي جيار!

ٿي سدا مون ۾ رهين.

نانءُ تنهنجو ٿي جپي جا،

ڪا ته تن ۾ آهه تارِ!

وچ ۾ درياهه آهي،

۽ ڪپر ڪيڏا آ پار!

مون ائين ئي آرزوءَ ۾

آ ڪَٽي ساري ڄمار

ننڊ توڙي جاڳ ۾ هان

آءٌ تنهنجي لاءِ پيارَ!

ٿي سدا مون ۾ رهين!

ٿي سدا مون ۾ رهين!

(ص-24)

اڄ تون مان ٻن شعلن وانگر

هڪ ٻئي منجهه سمايا آهيون،

ڪيڏو دور پرائيءَ ڌرتيءَ

تي هِئن ويجهو آيا آهيون!

دل ته چوي ٿي سارا ويڇا

ڀاڪر پائي رک ڪريون ها،

سانگ سياست جا آهن جي

تن کي ڪانا ڪک ڪريون ها!

ڪيڏي اُڃ اسان ۾ آ پر

چاهيون ٿا ته به ڪونه ملون ٿا!

ڇا ڪا ڌرتي پنهنجي آهي؟

ڇو نه ملون ٿا؟ ڇو نه ملون ٿا؟

سار وقت اکين ۾ ڳوڙها

توکي مون کي آيا آهن،

هن دنيا ۾ ڪيئن نه پنهنجا

هڪٻئي لاءِ پرايا آهن!

(ص-83)

 

تون ڄاڻين ٿو؟ مان

ڳچيءَ تائين رتُ سان

ڀريل پيالي جان!

تو بن نيرن تي،

ڳوڙها منهنجا شمع جان

منهجي پيرن تي.

پنهنجي پيار جيان

پوپٽڙو، رت  - پنکيو

تنهنجي سارَ جيان!

(ٽه- سٽا: ص ص 135-134)

ڇا ڪائي ڪنهن وقت رڙو رڙ

هِن ڌرتيءَ کي ڇرڪائيندي؟

يا هيءَ سانت وسيهرَ وانگر

ويندي هر شيءَ کي ڳڙڪائيندي؟

آءٌ ڪنڌيءَ تي ويٺو سوچان

ڇا ڪوئي طوفان نه ايندو؟

جيڪو ٻئي پار ملائي،

ڇا، اهڙو انسان نه ايندو؟

(ص ص 45-44)

اياز جي شعر جو هيءُ چوڏهون ۽ گذريل پنجن سالن ۾ شايع ٿيندڙ اٺون مجموعو آهي، جو هاڻي لائق پڙهندڙن جي آڏو آهي. آڪٽوبر 1987ع ۾، راج گهاٽ تي چنڊ جي اشاعت ڀيري، مون ٻڌايو هو ته هيءُ سندس مجموعو بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي، ان سال جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي ٻن مهينن جو رچيل، وٽن تيار هو، جو عنقريب شايع ٿيڻ لاءِ ڏنو ويندو. افسوس، جو ان جي اشاعت ۾ ايتري تاخير ٿي وئي ۽ ان لاءِ گهڻي ڀاڱي آءٌ ذميوار آهيان. ڇپائيءَ لاءِ بلڪل تيار ٿيل مسودو مون وٽ تڏهن کان پهتل هو، پر ڪن اڻٽر مصروفيتن سبب اياز جي بار بار پارتن ڪندي به، فوري ان ڏانهن توجهه ڏيئي نه سگهيس. خاص طرح ان جي مهاڳ لکڻ ۾ مون کي گهڻي دير پئجي ويئي، جنهن جا به ڪي پنهنجي نوع جا سبب هئا.

بهرحال، ان سڀ جو هڪ فائدو به ٿيو، جو منهنجي صلاح تي، اياز مجموعي کي نئين سر ترتيب ڏني، ۽ هينئر اهو چئن حصن ۾ ورهايل آهي. ان مان شاعر جي هڪ راءِ جو پتو ته پڙهندڙن کي ضرور پوندو ته مجموعي جو پهريون حصو (بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽيء: ص-17 کان ص-129 تائين) شاعر طرفان، وڌيڪ هڪ ڳانڍاپيل شعري پيشڪش طور، پڙهڻ ۽ ان جي تاثر ماڻڻ لاءِ، کين آڇي رهيو آهي.

اياز جي هن شعري مجموعي کي ڇهن خاڪن سان نقشايو به ويو آهي.  هونئن ته سڄي مجموعي جو هر نظم پنهنجيءَ جاءِ تي ۽ پنهنجي پاڻ ۾ پورو نظر ايندو ۽ ان جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ٻئي ڪنهن نظم ڏانهن وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿيندي، پر خاص ان جي پهرئين حصي ۾ چار (۽ ٻئي حصي ۾ ٻه) معنيٰ دار خاڪا ڏيئي، ان سڄي حصي ۾ ۽ ان جي ڀاڱن ۾ به اندروني طور، هڪ طرح جي ڳانڍاپي جي صورت جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هر خاڪي جي پٺيان ان ڀاڱي جي ڪنهن نظم جو هڪ، ٻه يا وڌيڪ بند ڏنا ويا آهن: ان نظم ۽ ان تي مداريل خاڪي ۾ مهربان پڙهندڙ ان ڀاڱي جي خاص ڳالهه ۽ تاثر موجود ڏسي سگهن ٿا.

مثلاً ٻئي ڀاڱي (ص ص 51-72) لاءِ پيش ٿيل خاڪو صفحي 51 جي نظم تي مداريل آهي ۽ ان جا ٻه بند، ٻيو ۽ آخري، خاڪي تي ڏنا به ويا آهن. نظم ۾ شاعر ٿري نينگرڙي سان مخاطب آهي، جيڪو ڪارونجهر، پنهنجي گهر، جي واٽ وساري، واريءَ سان ويهي کيڏي ٿو. شاعر ان معصوم کي، ان نادان نينگر کي، سمجهائي ٿو تهاها ٿر جي (مارئيءَ جي ٿر جي) ريت ته نه هئي، ڇو نٿي هُن چوڏس جي کڙيل چنڊ سان ساٿ نڀايو، جنهن جي سُهائيءَ ۾ (يا جنهن سان گڏ ويندي ويندي)  هو پنهنجي گهر جي واٽ لهي ٿي سگهيو! هن جي گهر کي، جي لوڙهو آيل هو ته هو ڇڪي ان جو ڍنگهر لاهي به سگهيو ٿي! ائين آخر ڪيئن ٿي ٿي سگهيو ته ساري رات هو ٻاهر واريءَ سان کيڏندو رهي ۽ گهر جي واٽ ئي نه وٺي! ان جي خبر نه لهي! ظاهر آهي، شاعر هتي نينگرڙي جي تمثيل سان گهر ڌڻيءَ  سان گهر ڌڻين سان ئي مخاطب آهي. بلڪل ائين جيئن انگريزيءَ جي هڪڙي ٻاراڻي ٻول ۾ پکيءَ ماءُ کي چتايو ويو آهي:

Lady brid, lady brid, fly home!

Your house is on fire!

And your children are alone!

 (پکيءَ ماءُ، پکيءَ ماءُ، اُڏر اُڏر وڃ آکيري!

تنهنجي گهر کي آڳ لڳي آهي!

۽ تنهنجا ٻچا آهن بي سهاري!

ائين مجموعي جي پهرئين حصي هن ڀاڱي ۾ آيل اڪثر ٻين نظمن ۾ به اها ئي گهر جي اون جي، ماڳ ڏانهن ويندڙ دڳ جي، مقصد ڏانهن نيندڙ واٽ جي، ڳالهه ٿيل آهي. خود ماڳ جي يادگيريءَ جي گهڻي قدر پهرئين ڀاڱي ۾ ڳالهه ڪيل آهي.

عمر ساري ٿي رهيو هان/ آءُ تنهنجو انتظار جنهن تي ئي ان ڀاڱي جو خاڪو چٽيل آهي. ائين ٽئين ڀاڱي جي خاڪي تي جو شعر آيل آهي، ان ۾ دڳ تي هلڻ جي، پنڌ جي، جاکوڙ جي، جدوجهد جي ڳالهه ڪيل آهي. چوٿين ڀاڱي ۾، ماڳ رسڻ جي پختيءَ اميد ۽ پڪي يقين جي ڳالهه ٿيل آهي. نيٺ ته ايندو/ نيٺ ته ايندو فصل بهاران نيٺ ته ايندو! اهڙيءَ طرح، مجموعي جي هن اهم حصي، بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي، جي هر ڀاڱي ۾ اندروني ربط موجود ملندو ۽ چار ئي ان جا ڀاڱا گڏجي به هڪ ڳالهه ڪن ٿا. زندگيءَ جي، ان جي ماڳ جي، ماڳ جي دڳ جي ۽ دڳ جي ڪٺن سفر، اڳتي وڌڻ ۽ جاکوڙ جي.

اياز جي مجموعي جي ٻئي حصي بابت وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ان جي پهرئين ڀاڱي ۾ اياز جا چاليهه ٽه سٽا آهن، جيڪي به هڪ لاڳيتي نظم جيان ئي آهن جيڪو اسان کي پنهنجي محبوب قومي شاعر کان ان صورت ۾ عطا ٿيو آهي، ان جو هڪ ٽه سٽو ڪينر گهٽ نه ڀانءُ/ ڪوٽ مٿان ڪُنگرا/ جهوريوئي جهانءِ!- کي اسان جي لائق نوجوان مصور،  فتاح مغل، پنهنجي هڪ شاهڪار جي صورت ڏني آهي، جنهن سان ڪتاب جي ان ٻئي حصي جي شروعات ٿيل آهي. ٽه سٽن کان پوءِ ان حصي جي ٻئي ڀاڱي ۾ اسان کي پنهنجي شاعر کان ويهه نظم مليا آهن، جن ۾ هڪ هڪ پنهنجي سادگيءَ ۽ سونهن ۾ ۽ فڪر ۽ جذبي جي پوترتا ۽ اوچائيءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. ان پوئين ڀاڱي جو پويون ۽ هن سڄي مجموعي جو پويون پر سچ ته هڪ بهترين نظم، جنهن جي شروعات اياز بنهه پنهنجائپ  واريءَ ۽ بيحد هڪ محبوبانه شوخيءَ سان ڪئي آهي.

تون جي مون کي ڪونه مڃيندين

مون کي ڪا پرواه نه آهي،

آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،

جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي،

مون تي ميڙو مچڻو آهي.

ان سان آءٌ هن پنهنجي مضمون جي پڄاڻي ڪرڻ گهران ٿو. پر ان کان اڳ اياز جي ان دلبرانه شوخيءَ بابت ٻه اکر ضرور چوندس.

جيڪڏهن اياز مون، سندس پڙهندڙ، کي ائين بي تعلق ٿي، چوي ٿو، تون جي مون کي ڪونه مڃيندين/ مون کي ڪا پرواه نه آهي. تڏهن کيس منهنجي مڃڻ نه مڃڻ جو- زباني طور، شخصي طور- مڃڻ نه مڃڻ جو، ڪو شڪ يا اونو ڪونهي ۽ واقعي به نه ڪا پرواه ئي، پر عملي طور سندس ڳالهه جي نه مڃڻ جو، سندس بار بار ٻڌايل زندگيءَ جي ماڳ ماڻڻ لاءِ قربانين جي دڳ تي نه هلڻ جو، هن کي اونو ۽ ڏک برابر آهي ۽ ڏاڍي وڏي پرواه به پر مون مان، منهنجي پيڙهيءَ مان، پنهنجي اڄ مان نااميد ٿي، وري به سڀاڻي جي پڙهندڙ تي، سڀاڻي جي پيڙهيءَ جي جدوجهد تي ۽ جاکوڙ تي، اجتماعي چڱائيءَ جي دڳ وٺڻ تي ۽ وٺي هلڻ تي ۽ پنهنجي نجات جي ماڳ ماڻڻ تي، هن کي پورو ڀروسو ۽ يقين آهي ۽ تڏهن ئي پنهنجي ان آهني يقين سان چوي ٿو، آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو/ جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي/ مون تي ميڙو مچڻو آهي ۽ پوءِ-

مِينهن جڏهن مانڊاڻ ڪندا، مان

ساري وارياسي تي وسندس،

ڪارونجهر جي ڪور مٿان مان

سانوڻ جي ڪڪرن سان گسندس-

(مان جو تنهنجو راڳي آهيان

تنهنجو ٿي، وڏ- ڀاڳي آهيان.)

ڄڻ ماڻهوءَ جو ڳوڙهو ڳوڙهو

منهنجين واين مان برسي ٿو،

ويڙهو ويڙهو، لوڙهو لوڙهو،

منهنجن گيتن سان گونجي ٿو-

منهنجا گيت گلابن وانگر،

جيڪي چوٽين منجهه لڳائي،

تڙ تان ناريون اينديون آهن

پنهنجن پيارن لاءِ سجائي-

نيٺ ته تنهنجو منُ ڀائيندا.

چانڊوڪين راتين ۾ مارو

مون کي ٿربر ۾ ڳائيندا،

بسنت رت ۾ منهنجون وايون

گليءَ گليءَ ۾ ڦهلائيندا.

وڄ وراڪا جيئن کائي ٿي

ائن مان تنهنجا ٽهڪ به آهيان،

رُت ۾ جئن رابيل ٽڪن ٿا

تئن ڌرتيءَ جي مهڪ به آهيان.

۽ هيءَ ڌرتي نيٺ ته مهڪي

ٿيندي ڪو گُلزار سڀاڻي،

آءٌ لکان ٿو

جنهن لئه هاڻي.

حيدرآباد سنڌ

21- مئي، 1988ع.

(بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي جو مهاڳ)

 


 

*  روح رهاڻ جولاءِ 1967ع ڪانارئا ڪڻڪن ص - 50

*  جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، ص 67، ص 62، 63 سنڌ دوستيءَ جي الزام ۾، ون يونٽ سرڪار ليکڪ کي حيدرآباد مان بدلي ڪري جيڪب آباد موڪليو.

*  مزدور جي ٻار جو گيت (ص 152)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com