سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :8

 

196 . ڪمينو نيٺ ڪمينو

ڏهه دفعا جي ڪتي کي تون ڏوئين،

جيئن پُسي تئين ٿئي پليد بتَر ؛

وڃي مڪي گڏهه ڪي عسيٰ[1] جو،

ته به رهي موٽندي اهوئي[2] خر.

 

197 .   ٻيا به پاڻ جهڙا ڄاڻ

چّيو مون کي آهي هڪڙي دانشمند،

اي ادا تون به ياد ڪر سا پند[3]؛

نه ڪرين جو[4] پسند پنهنجي لاءِ،

پڻ ٻين لاءِ ڪر اھو نه پسند.

 

198 .   جلد موت رڳو ڏاهن لاءِ

اهل[5] جي علم عقل جا آهن،

موت جلدي اچي انهن کي پيش ؛

احمقن وٽ اچي نه عزرائيل،

ڄڻ ته آهي اُهو انهن جو خويش.

 

199 .   قسمت جي ڦيري

جنهن جو طالع ٿئي ٿو بر گشتو[6]،

جي وڃي بحر[7] ڏي ته بر[8] ٿي پئي ؛

باهه خاطر[9] وڃي جي دوزخ ڏي،

ته وسامي سا سرد تر[10] ٿي پئي ؛

۽ پهڻ لاءِ جي ٽڪر ڏي وڃي،

ته ڦري پاڻ پڻ ٽڪر ٿي پوي ؛

جي هو ڳولي لهي يمن[11] ۾ لعل،

ته بدلجي گهر ٺڪر ٿي پئي؛

۽ جي هٿ آڻي قند ۽ مصري،

ته مٺائي ڪڙي زهر ٿي پئي ؛

شڪر ڪر هر حال ۾ ڪرڻ گهرجي ،

نه متان ان کان پڻ بتر ٿي پئي.

 

200 .   دو  روئي  ۽  دو  زباني

 جو رکي ڪاغذ ۽ قلم وانگي،

ٻه زبانون ٻه منهن ٻين کي ڏسي ؛

تنهنجو ڪاغذ جان ڪر تون منهن ڪارو،

۽ قلم جان تون وڍ انهيءَ جي سسي.

 

201 .   هٿ ۽ همت جو فرق

جيڏي همّت ٿي تيڏو جي هٿ هوم،

ته ميسّر ٿئيم ها سڀ وٿ ُ ؛

مهنجي همت وڏي ۽ هٿ ڇوٽو،

هاءِ همت جي جاءِ[12] هجي ها هٿ،

 

202 .   عقل ۽ مال جو اثر

ڪنهن کي جي مال آهي عقل نه آهه،

ته اهو مال گوشمالي[13] ڏئيس؛

۽ جي آهيس عقل ناهيس مال،

ته اُهو عقل جڳ نڪالي ڏئيس.

 

203 .   آبرو سڀ کان مٿي

آبروءَ جي ٿي معنيٰ منهن جو آب،

آب گهرجي اُهو، نه گهرجي نان؛

پاڻي پنهنجو ڏئي نه وٺ ماني.

آب ري نان ڪو وٺي نادان.

 

204 .   بد اصل نيٺ بداصل

ماڻهو بد آصل نت ڪري ٿو بدي،

رک نه نيڪيءَ جي تنهن منجهان ڪا اميد ؛

ڪري ڪوشش ڪو ڪيتري ته به ٿئي،

ڪانو ڪاريءَ مان ڪين باز سفيد.

 

205 .   هاڻوڪا نيم طبيب

ملڪ الموت ني خدا وٽ دانهن،

ته آهن ڪي طبيب ٿيا پيدا ؛

جي ٿا مارين خلق تنهنجيءَ کي،

وٺي رپيا[14] ڏين خسيس دوا ؛

تو ڏنو ٿم اهوئي عهدو هڪ،

تنهن ۾ ٻيا پڻ اچي شريڪ ٿيا ؛

هاڻ يا ڪر انهن کي تون موقوف،

يا ته ڏي نوڪري مون کي ٻي ڪا.

 

206 .   هر مهيني جا نحس ڏينهن

آٺ مهيني ۾ نحس تاريخون،

پاسو ڪر تن کان تا تون ڏک نه ڏسين ؛

ٽين ۽ پنجين ۽ تيرهين ۽ سورهين ،

ايڪهين چوويهين ۽ پنجويهين.

 

207 .   ماٺ مٺي

هيئن پڇيو هڪ حڪيم کان شاعر،

ڪَنَ اٿئي، ڪا زبان توکي آهه ؟

ڪا ته حڪمت جي ڳالهه مون کي ٻڌاءِ،

چيائين وڌ ماٺ کان ٻي حڪمت ناهه .

 

208 .   همدرديءَ جون ڳالهيون

ويٺا بي فڪر آهيو ڇو يارو،

هموطن قوم سان ڪريو وارو ؛

مرد آهيو ته ڪم اچو ڪنهن کي ،

نه ته وڃو کائي پي هليا اڳتي ؛

جڏهن دنيا ۾ ائين ڪي ماڻيو سک،

تڏهن ڪريو ياد ڀائرن جا ڏک،

کائو تا پڻ خبر لهو تن جي،

جن تي آفت به مفلسيءَ جي پئي؛

جي ڍڪيو تا اوهين ڍڪايو تن،

جي پراڻي کي ٿا نئون سمجهن؛

اي سکيو ڪي ڏکين کي ياد ڪريو؛

خوشدلو غمزدن کي ياد ڪريو؛

جاڳندوُ سمهندڙن کي جاڳايو،

ترندڙو ٻڏندڙن کي تَڙِ لايو،

آهن ان کي اکيون ۽ ڪّن آکر،

لهو ٻوڙن جي آنڌن جي خبر ؛

آي اوهان کي خدا ڏنا هٿ پير ،

هي منڊن ۽ ٽنڊن جي واهر وير ؛

تندرستيءَ جو شڪر آهي   اِيءِ،

ته اگهن جو اوهين رکو خوش جيءُ ؛

مهر سان جڳ تي نت نگاهه ڪريو،

سڀ کي پنهنجو عزيز ائين سمجهو ؛

جي رهڻ ٿا گهرو ائين عزت سان،

ته ڪڍو ڀائرن کي ذلت مان:

تن جي عزت اوهان جي عزت آهه،

تن جي ذلت اوهان جي ذلت آهه ؛

قوم جي جي گهرو ٿا عزت ائين،

ڏيو علم ۽ هنر جو شوق تنين ؛

قوم جي عزت اڄ هنر مان آهه،

علم مان آهي يا ته رز مان آهه ؛

نيٺ اهڙو زمانو پڻ ايندو،

بي هنر کي نه ڪو پنئي ڏيندو.

 

209 .   علم جي تعريف

علم اهڙو آهي سچو جوهر ،

جنهن کان ڪم قدر آهي لعل گهُرَ؛

هي اُها دولت آهي با برڪت،

جنهن کان بهتر نه آهي ڪا دولت،

سڀڪا دولت جهان فانيءَ جي،

آهي محتاج پاسبانيءَ[15] جي ؛

خوف چوريءَ جي کان ٿين بيزار،

ماڻهو راتين جو ٿا رهن بيدار ؛

چوڪيداريءُ جو ٿا کڻن نت رنج ،

تڏهن چورن کان ٿا بچائن گنج ؛

خرچ ٿي ٻي وڃي ٿي دولت جا،

بيگمان پڻ وڃي ٿي گم ٿي سا ؛

دولت، علم جاوداني آهه،

عزت ۽ قدر جي نشاني آهه ،

جان ۽ مال کي سنڀالي ٿي،

بيڪسن بي پرن کي پالي ٿي ؛

علم هڪ چشمو آهي  اِسراري،

فيض جنهن مان سدا آهي جاري ؛

خرچ مان تنهن کي پهچي ڪو نه ضرر،

هڪڙو ترِ تنهن مان پڻ نه ٿئي ڪمتر ؛

بلڪه جيئن جيئن ٿئي ٿو صرف[16] ا هو،

وري تيئن تيئن سدا وڃي وڌندو ؛

آدميت اچي ٿي علم منجهان،

جاهليت[17] وڃي ٿي علم منجهان،

علم انسان لاءِ آهي فرض،

جهل جهڙو سجهي نه ٻيو ڪو مرض.

 

210 .   اتفاق ۽ نفاق جو نفعو ۽ نقصان

اتفاق آهي جيسين، لاهيو گمان،

ته ڪڏهن رسندو ڪو اوهان کي زيان ؛

ڳالهه منهنجيءَ جو امتحان وٺو،

جي انهيءَ ۾ اوهان کي هوئي شڪ ڪو ؛

ٻڌو ڪاٺين جي مُٺ گڏو ٺاهي،

ڪنهن کي ان جي ڀڃڻ جي سگهه ناهي؛

پر جو کولي ڪندوُ سا هڪ هڪ ڌار،

سڀ ڀڄي پونديون شيشي جان هڪ وار.

 

211 .   دوستي ڪنهن سان ڪرڻ گهرجي

دوستيءَ مان انهيءَ جي آهي سُود،

جنهن ۾ اوصاف هي هجن موجوُد ؛

عيب تُنهنجو هجيس جي معلوم،

ته ٻُڌي سو نه کانس ڪو معصوم[18]،

جي ڏسي تو ۾ ڪو هنر سو يار ،

ته ٻين وٽ گهڻو ڪري اظهار ؛

جيڪڏهن تو سان هو ڪري احسان ،

ته وساري ڇڏي، ڪري نه بيان ؛

۽ نفعو تو مان ڪو رسيس اگر،

ته ڪري ياد تنهن کي شام سحر ؛

جي ٿئي تو کان اوچتي ڪا خطا،

نه ڪرين ياد ۽ وساري سا ،

جي ڪرين عذر ڪو وٽس ڪڏهين ،

ته ڪري هو قبول وقت انهين ؛

خصلتون اهڙيون ٻيون به آهن ڪي،

مختصر تو کي ٿو ٻڌايان سي ؛

رکي ماڻهن جي سو نه پڻ مرضي،

ڳولي خاوند جي رضا ۽ خوشي ؛

دوستن جون خطائون سَر تا سرَ[19]،

دشمنن کان ڇپائي سو اڪثر؛

خير خواهي ڪندو رهي قائم؛

مشورت ۾ سدا رهي قائم،

نه هجن جنهن ۾ هي سڀيئي اطوار[20]؛

دوستي تنهن سان تون نه رک اي يار.

 

212 .   ساڻ فقط نيڪي هلندي

هڪڙي ڏينهن دانهن پئي اچي گهر ۾،

اوچتو ويو فلاڻو هاءِ مري،

ايندا مائٽ ۽ مٽ قبر تائين،

لاهي ڪم تنهنجو پوءِ ويندا وري؛

ساهه کان وڌ ٿو جن کي تون سمجهين،

مال نيندا، ڇڏيندا ڪانه ذري؛

جيڪي رهندو هميشه توسان گڏ،

هوندو نيّت جو ڦل، عمل جي ڀري؛

نيڪي ڪر، ڀيڄ بديءَ کان، جو ڏسندين،

نيڪ  بد موٽي، ايءَ خبر ٿئي کري[21].

 

213 .   خدا جي مدد ضروري

جي عنايت ٿئيس ٿي تنهنجي،

زال[22] رستم پوي ٿي، ٿي يڪبار ؛

۽ مدد  ڌارا تنهنجي اي مالڪ،

حيدر ۽ حمزو[23] ڄڻ ته آهن ٻار.

 

214 .هستي ۽ نيستي

نيستي موت آهي، هستي جان،

نيستي ڪفر، هستي ڄڻ ايمان ؛

نيستيءَ کي ڪيو[24] خدا هستي،

ڪري هستيءَ کي نيستي شيطان .

 

215 . اصل نسل تي فخر نھ ڪر

ٿي نھ پنهنجن مُئن هٿان جيئرو[25]،

 ڇو نھ پنهنجن مئن کي جيئرو ڪرين؟

سجدو مُردن تي ڪر نھ ، سجدو نھ ڪِٿ،

ڪيو جنازي تي منجهه نماز ڪنهين؛

پيءُ ۽ ڏاڏي مئل تي فخر نھ ڪر،

نھ تھ ڪتو آهين، خوش هڏن[26] تي ٿين؛

ڀَر جي ڳُڙ سان ڪماند جان ڪر ماٺ،

ٿي اندر خالي نڙ[27] جان ڇو ٿو بڪين !

 

216 .علم ۽ عمل

علم، جنهن ۾ عمل جو ناهي نشان،

سو بدن آهي جنهن ۾ ڪانهي جان؛

گڏ عمل علم ڄڻ تھ ٻئي آهن،

هڪ  شمع جا ٻھ شعلا، ناهي گمان .

 

217 .سچو ۽ ڪوڙو يار

پستي بادام جهڙو جاني يار،

کل سڄي مغز سان ڀريل تون ٿي؛

ٿي نھ کارڪ کجور جهڙو تون،

ٻاهران مال[28]، اندران ککڙي .

218 .سخي ۽ بخيل جو مثال

ٻڌ سخي ۽ بخيل جو تون مثال،

هي هرڻ جو ۽ هو مڇيءَ جو حال؛

ڏس هرڻ، جو وسائي ٿو جهنگل،

ماس ڏئي شاه کي، فقير کي کل؛

۽ مڇي، جا رهي درياهه ۾ غرق،

ٿي ڏيکاري سخا ۽ بُخل جو فرق؛

پيسا[29] ٿس پيٽ ۽ پٺا سارا،

لقمو ڪنهن کي نھ ڏئي ڪنڊن ڌارا؛

ڏسو چندن جا فيض وارا لڇڻ،

واسي سڀ آس پاس جا ٿو وڻ ؛

بيد ۽ بانس جڏهن ڪڍن چوٽي،

هيٺ ويٺل کي گهاو َ ڪن[30] موٽي .

 

219 . بک ۽ ڍ وء

کاڄ ٿورو ڪري نٿو نقصان،

پيٽ ڀرجي جڏهن ،ڪري ٿو زيان؛

ماڻهو ڏهه ڏينهن گذاري فاقي[31] ۾،

ماري بد هاضمو ٿو لحظي ۾ .

 

220 .خدا جيڪي ڪري ٿو سو چڱو آهي

ڪرين توبهه ٿو ۽ گهرين ٿو دعا،

ڪري حڪمت سان رب قبول نھ سا؛

آهين تون غيب کان اصل نادان،

ڄاڻي تنهنجو ٿو اُو نفعو نقصان؛

حال دل جو ڪري سهي ٿو حبيب،

ڏئي مِٽي[32] خور کي مِٽي نھ طبيب ؛

هي[33] چڱو سمجهين تون ۽ هو[34] بڇڙو ،

آهي سڀ فيض ۽ ڪرم اُن جو ؛

ڪيئن خدا ٿي[35] ڪندو اُهو بڇڙي،

نيڪ مطلق[36] ڪندو ڪڏهن نھ بدي؛

ماکي ۽ مصري ڄاڻ اُن جو زهر[37]،

فضل ۽ لطف ڄاڻ ڳن جو قهر[38].

 

221 .گناه جون ٻھ حالتون

جو ڪري ٿو گناهه هتي اڪثر ،

ناهي ٻن حالتن کان سو ٻاهر؛

جي ٿو ڄاڻي ته ڄاڻي ڪين[39] ٿو حق،

ته يقين ڪافر آهي سو مطلق ؛

جو ٿو ڄاڻي ته ڄاڻي ٿو، پوءِ ڀي،

ٿو ڪري اُو ته بيحيائي ٿي.

 

222 .   مختصر تعبير نامو

تو کي تعبير جي ٻڌايان واٽ ،

خواب تي وجهه هميشه ان جي لاٽ[40]؛

جي ڏسين هٿ، ته ڀاءُ ڀيڻ تون ڄاڻ،

ڀّاءَ سڄي کي، کٻي کي ڀيڻ سڄاڻ؛

۽ جي اڱريون ڏسين ته سي فرزند ؛

ماءَ پيءَ جو نسب ڏيکارن ڏند،

سينو ۽ ڇاتيون ٿيون ڌيون منجهه خواب،

پاسريءَ جو ڏئي ٿي زِال جواب؛

عضوو مخصوص ٿو ڏسي[41] اولاد،

نيڪ يا بد اهو ڏياري ياد؛

پيٽ ڏيکاري مال ۽ دولت،

مغز ڏيکاري ٿو ڳجهي نعمت؛

جگر ۽ دل ڏسين ته لهندين گنج،

پني[42] ۽ گوڏو جي ڏسين ٿين رنج؛

گهوڙو ڏيکاري زال ٿو اڪثر ،

اُٺُ ڏيکاري ٿو پيش سخت سفر؛

۽ ڍڳو ٿو ڏيکاري سُک ۽ سڪار،

پائي عزّت اھو اڳيان سرڪار،

جي ڏسين هاٿي ٿئي بلا نازل،

۽ گڏهه ٿو ڏيکاري ڪو جاهل؛

بگهڙ آهي ڪو بادشهه  ظالم،

۽ ٻلو موذي بد ۽ نا سالم؛

هرڻ ۽ مور آهي زال چڱي،

چپِ مصيبت آهي ۽ ڪمبختي؛

ان طرح بيشمار ٿيا نُڪتا[43]،

ڪي چڱا تن مان ٿيا ۽ ڪي بڇڙا.

 

223 .   انسان جي اشرافت ۽ عظمت

نفس خاڪي ڪڏهن نه ٿئي فلَڪَي[44]،

طبع جيسين نه تنهنجي ٿئي ملَڪَي؛

خضر ٿي ڪر اندر درياه گذر،

يا ٿي عيسيٰ سفر تون اُڀ ڏي ڪر؛

ديو پڻ تو ۾، پڻ ملڪ تو ۾،

پڻ زمين آهي پڻ فلڪ تو ۾؛

جي ڇڏين ديو تون ته ٿيندين ملڪ،

بلڪ وڌ ويندين کان ملڪ ۽ فلڪ؛

تنهنجو آواز ۽ اکر ٿيو جسم،

جيئن هڪ ترڪيب لاءِ فعل ۽ اسم؛

پر جو عالم ٿيو عالم ثاني[45]،

بي زباني ٿي اتُ زبانداني؛

جي ڏسڻ ٿو گهرين اهو عالم،

ترڪ پنهنجو ڪرڻ ٿئي پهريون قدم؛

پاڻ سان جيسين هوندين، اُت نه رسين،

پاڻ کي ڇڏ ته اُت وڃي تون وسين.

 

224 .   پيٽ ۾ ٻارن تي تارن جو اثر

نَوَ مهينا رهي ٿي پيٽ ۾ ٻار،

تارا ست ڪن ٿا ان تي پنهنجي ڪار[46]؛

ڪري پهرئين مهيني ۾ ٿو زُحل[47]،

ان تي تاثير پنهنجو ، جزوُ ۽ ڪُلُ[48]؛

مشتري ٻئي مهيني ۾ ٿو ڪري،

ان کي واهر ۽ ٿو پناهه ڏئي؛

ٽئي ۾ مّريخ ٿئي انهيءَ جو يار،

ٺاهي بت ان جو ۽ لهيس سنڀار؛

چوٿين ۾ شمس جي رسي قوت،

روح پئي، چهرو بنجي ۽ صورت،

لهي زهره پنجين ۾ ان جي سار،

۽ مٿي تي ڄمائي ان جا وار؛

۽ جڏهن ٿيو ڇهون مهينو اچي،

ٿو عطارد مدد انهيءَ کي ڪري؛

نظر ان تي رکي ستين ۾ قمر،

چنڊ جهڙو ڪريس ان جو اثر؛

جي ٿئي ان مهيني ۾ پيدا،

ماڻهو تن کي سڏين ستڙيو ٿا؛

۽ اٺين ۾ وري زحل ٿو اچي،

جي ڄمي پئي ته مور ڪين بچي؛

نائين ۾ مشتري وٺي وارو،

۽ ڄمي ٻار ٿو سڄو سارو.

 

225 .   انسان جي ذات

ڪيو حڪيم آهي اوحديءَ هي ذڪر،

مثنويءَ پنهنجيءَ ۾ پچايو فڪر؛

چئي ٿو انسان کي ته اي انسان،

ذات پنهنجيءَ جي سڌُ رکين ٿو ڪانَه؛

پاڻ کي ڇو نه ٿو سڃاڻين تون،

ڪا خبر ٿئي ته ڪير آهين تون؛

نانوُ تنهنجو خلف[49]، خليفو نسب،

راز نر سان رکي ٿو تنهنجو رب؛

ذات حق جي جو آهين اِسم ڇڱو،

گنج قدسيءَ[50] جو تون طلسم چڱو؛

جسم تنهنجي ۾ اسم ذات لڪل؛

قوّتن تنهنجي ۾ صفات لڪل،

تو ۾ ٿيا ٻئي جهان ۽ ملڪوت،

جسم لاءِ تنهنجي دل جي لاءِ جبروت[51]؛

حق جو قبّو ٿيو تنهنجو هي قالب،

ٿئين تون سڀ ڪائنات[52] تي غالب؛

شان تنهنجو عجب نموني جو،

نقل بيچون بيچگوني جو؛

حق لکي تو تي پنهنجي خاص رقم،

حرف تو ۾ لکيا انهيءَ جي قلم؛

نقش الله جو ٿيو هٿ[53] تنهنجو،

ماڻهو ويٺل لکيل محمّد ٿيو؛

الف قد تنهنجو، ري ۽ زي ٿيّا ڀرون،

صاد ۽ ضاد ٻئي اکيون تنهنجون؛

طي ۽ ظي نڪ ۽ سين شين ٿيا ڏند،

هي[54] آهي وات جيسين ناهي بند؛

د ُ ن آهي ميم عين غين ٿيا ڪَنَ،

جيم جي زلف، نون کاڏي چوَنَ ،

عرش ٿيو هوش تنهنجو ، سرِ ٿيو فلڪ.

عقل سڄ، روح چنڊ، حواس ملڪ؛

جهل طوفان آهي تو ۾ ڀي،

علم ٿيو تو نوح جي ٻيڙي[55]؛

خُلق تو ۾ چڱو، بهشت ڄڻ آهه،

آهي دوزخ جي خُلق بڇڙو باهه؛

لطف ، همت، سخا، سچائي نور،

۽ ٻيا اخلاق نيڪ، حو ُر قصور[56]؛

شهوت ۽ ڪوڙ غصو قهر غضب،

ٿيا اهي تو ۾ ڄڻ ته نار لهب[57]؛

بحر نهرون اکيون ٿيون ۽ وات،

وار تنهنجا ٿّيا ٻيلا وڻ ۽ نبات؛

ٿيا جبل گردا[58] ۽ تلي[59] ۽ جگر[60]،

عضوا ٻيا ماٿريون دڙا   اڪثر؛

اهڙا تو ۾ سوين  اندر ٻاهر،

وقت جي هّوئي ته تون شمار پيو ڪر؛

” ليس في جبّتي“[61] چڻي ٿو سگهين،

۽ ”آناالحق“ جو دم هڻي ٿو سگهين؛

عبد معبود تون، ۽ ناز نياز،

تو ۾[62] محمود[63]  حق ۽ تون ٿئين آياز[64]؛

اصل ’عالم ڪبير‘ ۾ پلجين،

 هتي  ”عالم صغير“  سڏجين ؛

شاهه ٿيو پاڻ فارغ ۽ بيغم،

ٻانهو ان جو تون ٿو هلائين ڪم؛

تو کي ڪوشش اهائي ٿي منظور،

ته ڪرين پردو پڻ د ُ وئيءَ جو د ُور؛

جي خبر پئي وڌيڪ تو کي ڪا،

ڊپ اٿم چئين متان نه آهيان خدا.

 

226 .   تعريف ۽ گلا

رک تون تعريف ۽ گلا جو خيال،

نه ته ٻئي ٿيندا تنهنجي لاءِ وبال[65]؛

جو ڪري مدح تنهنجي مجبور[66] آهه،

جو ڪري هجو[67] تنهنجي معذور[68] آهه ؛

هن جي تعريف تي نه ٿي مغرور ،

هن جي شڪوي تي ڪر نه ڪاوڙ مور.

 

227 .   اُ گهاڙائي

مرَد جي سونهن ٿي اگهاڙائي[69]،

ٿي سنهي جنگ ۾ اگهاڙي ترار؛

منهن اگهاڙو ڪري ٿي تيغ جڏهن،

تڏهن سڏجي جي اها ٿي جو هردار؛

هو اگهاڙو بهشت ۾ آدم،

۽ ڄمي پڻ ٿو هت اگهاڙو ٻار؛

موتي پڻ ڏس ته ٿئي اگهاڙو جڏهن،

آب سان تڏهن لهي ٿو لک هزار،

پاڪ  قرآن ٿيو غلاف[70] بنا،

۽ تون ايمان پڻ اگهاڙو[71] ڌار؛

ٿي اگهاڙائي[72] فقَر مسڪيني،

رهه تون دنيا کان نانگو[73] ٿي نروار.

 

228 .   ٻارن کي عيد مبارڪ

ٻارڙو عيد آئي ٿيو سڀ شاد،

ملي هڪٻئي کي ڏيو مبارڪباد ؛

ماءُ پيءُ ڪن اوهان کي دل کان دعا،

شل ڏيکارين رب اوهان جي مراد؛

کائو پيّو اوهين ڪريو رانديون ،

۽ ڊڪو ڊوڙو جيئن پکي آزاد؛

خرچو کائو ڀلي ما ڻيو،

پر فقيرن کي پڻ ڪجو ڪي ياد.

 

229 .   ڏک ۽ سک

پهرين سک پوءِ ڏک چيو ڏاهن،

پهرين محنت ۽ پوءِ ان جو ڦر؛

کاڻ[74] کوٽڻ سان پهرين ڏئي پاهڻ،

پوءِ ڏئي زر ٿي يا ڏئي گوهر؛

کائجي ٿو جڏهن ڳنو يا ڪماند،

ڪک[75] پَوَن وات ۾ ۽ پوءِ شڪّر.


[1]   خر عيسيٰ مشهور آهي

[2]   اهڙئي اڳي جهڙو

[3]   نصيحت

[4]   جيڪي

[5]   صاحب

[6]   ڦريل - خراب

[7]   دريا - سمنڊ

[8]   پٽ - بيابان

[9]   جي لاءِ

[10]   آلي

[11]   لعل پيدا ٿيڻ جي جاءِ

[12]   بدران

[13]   سيکت ڪن مروٽ

[14]   يا پئسا

[15]   نگهباني

[16]   خرچ

[17]   ناداني

[18]   ٻارُ

[19]   سربستيون

[20]   عادتون

[21]   سچي

[22]   عورت رستم پهلوان جي پيءُ جو نالو به زال هو

[23]   مشهور اسلامي پهلوان

[24]   يا مان ڪئي

[25]   وڏن جي پٺيان سڃاپين

[26]   مئن جا هڏا

[27]   نڙ ۽ ڪماند ٻئي هڪڙي قسم جا اوڀڙ آهن

[28]   يا مغز

[29]   ڇلر پئسن جهڙا- پارسيءَ ۾ فلس چونس

[30]   تنهنڪري انهن وڻن هيٺ ڊپ کان ڪوبه ڪونه سمهي

[31]   بک - لنگهڻ

[32]   گهڻن ماڻهن کي ميٽ يا مٽي کائڻ جي عادت ٿيندي آهي

[33]   هڪڙي شي

[34]   ٻي شي

[35]   ٿي ڪري

[36]   نسورو چڱو

[37]   يعني ان جي زهر کي

[38]   ان جي قهر کي

[39]   يعني گناهن جي خدا کي خبر نٿي پوي

[40]   روشنائي - سوجهرو

[41]   بتائي - ڏيکاري

[42]   بڪيون پيرن جون

[43]   رمزون

[44]   آسمان ۾ رهندڙ

[45]   علم روحاني

[46]   اثر

[47]   زحل يا ڇنڇر- مشتري يا وسپت، مريخ يا منگل، شمس يا سج، زهره يا شڪر، عطارد يا ٻڌ، قمر يا چنڊ

[48]   ٿورو توڙي گهڻو

[49]   قرآن موجب

[50]   پاڪ - خدائي

[51]   عالم جبروت

[52]   مخلوقات

[53]   آڱرين جي شڪل

[54]   يعني اکر هه يا ه

[55]   جا طوفان کان بچائي

[56]   ماڙيون جمع قصر جو

[57]   دوزخ جي باه

[58]   بڪيون

[59]   ٻرهل

[60]   جيرو

[61]   حديث ته منهنجي جبي اندر خدا کان سواءِ ٻيو ڪونهي

[62]   ناز ۽ نياز ٻئي تو ۾ آهن

[63]   عاشق

[64]   معشوق

[65]   مصيبت - جنجال

[66]   لاچاريءَ کان ٿو ڪري

[67]   شڪايت

[68]   ضرور ڪنهن سبب کان ڪندو هوندو

[69]   ذاتي لياقت - جوهر

[70]   پوش

[71]   نسورو - خالص

[72]   نانگو فقير

[73]   تارڪ

[74]   فاعل جملي جو

[75]   کل يا چوُپا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org