سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :30

 

611.حضرت محمّد جي تعريف

جهڪايو نھ سر اُن اڳيان جڏهن قلم ،

تڏهن زرد ٿي مثل بيمار ٿيو .

جڏهن دولت اُوءَ، ان کي حاصل نھ ٿي ،

سيه رو ُ تڏهن ۽ نگو نُسار ٿيو .

 

612.شاهه کي دربار عام ضروري آهي

هجي شاهه ، مر گرچ عادل تمام،

ڪرڻ اُن کي لازم ٿِي دربار عام .

ڪري جيسين ظاهر نھ سڄ پنهنجو نور ،

ٿئي جڳ مٿان ڪين اُونداهي دور .

 

613.ڏک کان پوءِ سک حاصل

کڻي جي سگهين بار هاٿيءَ جو يار!

تھ اچ ، نھ تھ پري ڀڄ ۽ ٿي ڪين خوار.

گهڙڻ جي گهرين بحر هِن ۾ ادا !

نھ ڪر پاسو واڳُن جي واتن ڪنا .

جي گل باغ جا چونڊين ، ڪَنڊا تون سهه ،

اول وڙهه تون نانگن سان ، پوءِ گنج لهه .

پتنگ جان جلائي نھ جو پاڻ کي ،

اهو شمع جو ڪين تجلو ڏسي.

 

614.سچو ۽ ڪوڙو عاشق

نھ تون مدّعي ٿي محبت سندو ،

جي عاشق نھ آهين ته وڃ تون هليو .

ڇِنل ڪپڙا تنهنجا ، گدا تون سڏين ِ ،

محل ۾ نھ شاهن جي تو کي ڇڏين ِ .

 

615.تونگري ، جٽاءَ نٿي ڪري

تونگر نھ دنيا ۾ ڪو ماڻهو ٿئي ،

جي مفلس هجين ، ڪر نھ بد پنهنجو حال .

هجئي زر گهڻي، پر آجل جڏهن اچي ،

ڇڏي تنهنجي هرگز نھ مِلڪ ۽ نھ مال .

 

616.زاهد ڪيئن ٿجي؟

اچو تا سڄو جڳ ڪريون نيست ، ناهه[1]،

ڪکن ۽ ڪنڊن کي ڏيون ميڙي باهه .

ڪريون ترڪ ، سارو زمان ۽ مڪان ،

زمين آسمان پڻ ڇڏيو ن خواه مخواهه .

ڇُٽون نيڪ ۽ بد جي غم کان اسين ،

مٿي خشڪ ، تر کان رکون رُخ براهه .

 

617.پاڻ کي گهٽ ڄاڻ

جڏهن ڍاپي دل تنهنجي کان ”آءٌ“ ۽  ”تون“ ،

تڏهن ڳالهه تنهنجي سچي سڀ مڃون .

ترڻ مهل اُڇلاءِ پنهنجو اَهَن[2]،

انهيءَ پُڙ ۾ گهٽ سمجهه پنهنجو وزن .

 

618.هستي، حجاب آهي

طلب آهي آفت، ارادو و بال ،

حجاب آهي هستي اجايو خيال .

رکين نفس اندر تون جيسين غرور ،

ٿيئي قرب حاصل ڪٿان ۽ وصال ؟

وٽيل آهي هيءُ ڌاڳو هڪٻئي سان گڏ ،

فنا جو ٿئي، کولي سو، ٿئي نهال .

619.يڪجهتي ۽ دو روُئي

ڪڙو در جو ٿي رهه ڪناري تي، گرچھ،

پَٽي[3] وانگي توکي ڪمر تي ٻَڌن .

دو روئي نھ ڪر تيغ جان خلق ۾ ،

تھ تلوار جان تو کي کپ ۾رکن .

 

620.حمام جي نقش جي پڪار

متان اوچتو ڊاهي ڪن مون کي خاڪ ،

اُگهي ڀِت تان مون کي صفا ڪن ۽ پاڪ .

نھ پنهنجي مون کي بو ُد کان ڪو بھ سو ُد،

نھ ڪو ٿيو حقيقت ۾ مون کي وجود.

کڻان هر طرح درد، غم سر مٿي ،

دلاسو ڏيان هر طرح پاڻ کي .

آهيان ڪير ، جو هت ٿيس رهگذر ،

اچڻ جِي ، نھ مون کي وڃڻ جي خبر .

جي ناهيان، تھ هيءُ رنگ، بو ڇاجي آهه ؟

جي آهيان، ڇو هت جاءِ منهنجي ٿي آهه ؟

مَيان پيو هوا آبخاني اندر،

سڄي عمر ٿِي نقش، مون ڪيو گذر.

 

621. نانگ جي صفت

نه نانگ آهي بلڪ آهي ڪا اڙدها،

نه تن ان کي آهي، نه سر ۽ نه پا.

جي هڪ لحظو ڪاوڙجي دم آو ڪڍي،

اڳيان جيڪي هوئي، تنهن کي ساڙي وڍي.

جنهين رستي چاهي، مٽي در اهو،

جنهين پاسي چاهي، ڪڍي سو مٿو.

جتي اهڙي پربت ستل ٿِي رهي،

خزانو گهڻو اُن جي هيٺان هجي.

اصل کان مليل ماس سان هوئي هڏ،

۽ ڪنڊي سان گل، نانگ سان گنج گڏ.

 

622.عشق جي گرفتاري، خواري

جا دل عشق اندر گرفتار ٿِي،
عجب ناهي، جي جڳ ۾ سا خواري ٿي!
ٿِي ديواني برپٽ ۾ نڪري وئي،
حياتي سنديس، سخت دشوار ٿي.

 

623. اڄ سمجهه رک

نھ مستيءَ کان ڪر هيڏي، هو ڏي نظر،

تون رک ڌيان آغاز، انجام جو.

ڪٿان آئين، ڪيڏي وڃين، سمجهه اڄ،

سُڀاڻو سندئي، ڪالهه جيئن ڄڻ لنگهيو .

 

624. عالَم ۾ صانح جي صنعت

ڏسين ڇو نھ عالَم جا نقش ۽ نگار ؟

ٿا صانع جي صنعت سي ڪن آشڪار .

جي موتي ڏسين هت ِ يا ڪو ڪک، ڪنڊو،

ٿو ڏاهي سان قصّو ڪري حق سندو .

نھ ٻولي جي سمجهين  سندن، صبر ڪر ،

اکيون ڪَنَ نھ ڌارين تھ تون ڌيان ڌر .

 

625. بت پرستي ڇڏي ڏجي

اڙي نفس ناقص ! تون هٿ ڪر ڪمال ،

ڪري سعيو، هن ملڪ مان ني تون مال .

نھ ڪر بُت پرستي، نھ ٿي تون ذليل،

بُتن کي ڀڃين ڇو نھ، آهين خليل ؟

دوئي، جي اکين جي اڳيان آڻين تون ،

هني بُت بھ ۽ بت پرست آهين تون .

پنج[4] ۽ نَو[5] تون ڇڏ، ڇهه د َرو[6] گهر هي آهه ،

انهن مان نھ معبود ڪو ڙو تون ٺاهه .

 

626.دنيا مهمانسراءِ

جي نوشير وان آهي يا ڪيقباد،

جي پوءِ آيو، ٿئي سو اڳئين جيئن روان .

هي دنيا پراڻي ٿي مهمانسراءِ،

لنگهي ان مان ڏينهن رات ٿو ڪاروان .

 

627. آدم جو درجو، ملائڪ ۽ ديون  يا حيوانن جي وچ ۾

مَلڪُ ڏئي اميد ۽ ڏئي خوف ديو ُ،

ٻنهي مان نھ حاصل ڪري ڪِي خديو ُ[7].

ٿئي پورو ڪم، جي ڪو انسان ٿئي ،

ٿئي ڇا ملائڪ يا حيوان ٿئي ؟

 

628.غيرت  سان نهارڻ

نھ غيرت سان جنهن اک نهاري ڏٺو،

رئڻ پاڻ تي اُن کي گهرجي ججهو .

ٿئين اي سياڻا! جي صاحب نظر ،

ڇُٽي فڪر، ڳڻتيءَ کان پئين سربسر .

ڏسين جيڪي، مر هو ئي ذرو ترو رو ،

پروڙين تون اسرار اُن مان وڏو .

 

629. بلبل ۽ ڪانگ جو مقابلو

رکي ڍونڍ جِي بوءِ هڪ ُ منجهه دماغ ،

۽ ٻيو بيقرار آهه نت لاءِ باغ .

ٿيو دل ۾ هڪ َ جي هوا ۽ هَوسَ،

ٻئي جي جگر ۾ ٿيو غم جو داغ .

ٿيو فرق ايءُ عام ۽ خاص جو،

ڪري خوش ٿِي بلبل ۽ ڪن کائي زاغ .

630.سرڪشيءَ جا شڪايت

ڪرين سرڪشي، نيست ٿين ۽ فنا،

پوي ٽوٽو تو کي ، وڃي ٻئي جو ڇا ؟

فقيريءَ سندو جيڪو باني ٿئي ،

اُهو پاڻ کان اصل فاني ٿئي .

 

631. سرڪشيءَ ۽ نماڻائيءَ جي ڀيٽ

ڀريل سرڪشن جو ٿيو سر واءَ سان،

سي بيمار ٿيا نفس جي گهاءُ سان .

رکن نفس پنهنجو سدائين جي سُست ،

شڪستھ دل آهن سدا تندرست .

ڪري سو خوشيءَ ۽ سعادت تي ناز ،

رکي جو سدا عاجزي ۽ نياز .

 

632. توبهه، اڄ ڪري وٺ

نھ جي ڪالهه توبهه ڪيئي کان گناهه ،

تھ من اڄ ڪرين ۽ رکين رخ بَھ راهه !

تون کڻ سو ُنهون، واٽون هتي و ِيهه ٿيون ،

وڃين ڪهڙي ؟ موڙهل نھ ٿين خواهه مخواهه .

633. پاڻ کي نھ ڏس

نھ ڏس پاڻ کي، جي ٻُڌي تون سگهين،

جو وس ٿيو ٻين جي، تون بيوس رهين .

جي واقف انهيءَ ڳجهه جو ٿين تون ادا !

بَتَر ٿين انهيءَ کان، جو ڏسجن سدا .

تون اک پنهنجي کان، پاڻ کي نت سنڀال ،

هٿان پنهنجي نھ تھ تون پوين منجهه وبال .

 

634. عشق ۾ گهر ۽ بازار هڪ آهي

جي غم عشق جو تو کي د َرسرَ هجي ،

تھ هيءَ ڳالهه هڪ تنهنجي رهبر هجي.

اڃا شڪ ۾ آهين گرفتار تون ،

نھ هڪ ڄاڻين، جو گهر ۽ بازار تون .

 

635. قلم جي زباني، پنهنجي حال بابت

سدا ٻن جڳن وچ ۾ منهنجو جُثو ،

هو جيئن ٻن پُڙن جنڊ جي ۾ اٽو .

نھ حاصل اٿم ڪِي، نھ مشغولي ڪا ،

وڃي عمر غفلت ۾ منهنجي سدا .

نھ غم صبح جو ٿَم، نھ ڪوشام جو ،

نھ آغاز جو ٿَم ، نھ انجام جو .

نھ ڪيڏي وڃان آءٌ ، نھ ڪيڏاهن اچان ،

نھ تقصير جو عذر ڪنهن وٽ ڪريان .

نھ پاڇي ۾ منهنجي وٺي ڪو قرار ،

نھ مون مان ڪڏهن ڪو ٿئي ميوه  خوار .

 

636. همدم، عارف گهرجي

اٿئي جي اکيون، ڪا گهڙي ڪَنُ بھ ٿي ،

ڪري ماٺ، ٻڌ تون، ڪو عارف ڏسي .

ٻڌين جڏهين همدم ڪو ڪِٿ تنهنجو آهه ،

وساري تڏهن ڇڏ تون ڳالهيون مڙئي .

نھ همدم ڪو اهڙو، جو تون هڪڙو دم ،

ڪرين پاڻ کي ياد اُن ري وري .

 

637. نيستيءَ وارو هست ٿو ٿئي.

ٿيو جن جو منزل انهيءَ ۾ گذر،

ٿي بيخود، لڌي تن ڪا پنهنجي خبر .

تڏهن حرف هڪ مس سڃاتو انهن،

جڏهن سڀڪي هِتِ ڪيائون زيرو زبر.

نه پير ۽ مٿي جو پوي هت سماءُ ،

نه ڏس ترڪ پنهنجو، خودي ترڪ ڪر.

 

638. عشق ۾ دل جي صفائي ضرور

ڇڏج ڪين منجهه عشق، انصاف کي ،

 وساري ڇڏج گدلي ۽ صاف کي .

چڱو، بڇڙو هت صفا ٿئي جو بَھ دل ،

ٻَڌل سو ڪري پنهنجي اوصاف کي .

 

639. راز جي ڪنهن کي خبر ڪانهي

نھ مون کي خبر هن سڄي راز جي،

نھ انجام جِي، ۽ نھ آغاز جي .

پکي آهيان، ڦاٿل سندس دام ۾،

ٻيو ڦٿڪان ۽ ڦڙڪان آندام ۾.

رکيو مون کي ناڪام تو بيگناهه،

زمانا ! هجي تنهنجو منهن شل سياهه !

چيم ڇا ، جو منهنجو وڃايو تو آب ؟

ڪيم ڇا، جو ڪيُئِي منهنجو خانو خراب؟

640. جبل جي وصف

نھ لِڦ َ پير ۾ هئس، مٿي ۾ نھ سور ،

نھ گرمي ۽ سرديءَ جو ڪو فڪر مور .

سندس تَن تي وڻ ڄاوا، وارن مثال ،

سندس مُنهن ۽ پُٺ جو هو هڪجهڙو هو حال .

گهڻا گڏ ٿيا اُن مٿي جانور ،

وئي تن سان ڀرجِي انهيءَ جي ڪمر .

 

641. دنيا ۾ دل جو درد عام

بُرو ۽ ڀلو آزمائيم گهڻو ،

ردي ٻئي ، نھ تن مان وَريو هڪ ڪڻو .

آهن جيڪي عالم ۾ پيدا ٿيل ،

ڪو هڪ ُ، درد دل جي کان هوندو ڇُٽل ؟

ٻئي جڳ جي ٿيا نور ، ظلمت اندر ،

پرانهان يا ويجها، ٻئي حيرت اند .

 

642.ڪک مان لک ڀلايون

جي ڏاهي جي اک ۾ پوي هڪڙو ڪک،

تھ ڄاڻي ، چڱايون ٿين اُن مان لک .

گڏهه جي اڳيان تون ڪو موتي رکاءِ ،

وڃي کائي سو، اَن َ جي داڻي بجاءِ .

 

643.دنيا جو مَڪر  ۽ ٺڳي

نھ اُن جون اکيون ڏس تون ڳوڙهن ۾ تَر ،

تون ڏس زهر، جو ٿيو سندس وات اندر .

چپن مان سندس رک نھ کِل  جي اميد ،

جو ڏند پنهنجا ڏيکاري توکي سفيد .

ڏٺو ٿَئِي نھ هاٿي، رکي جو سدا ،

ڏيکارڻ جا ٻيا ڏند ۽ کائڻ جا ٻيا ؟

 

644. دنيا جي طلب جو حال

زيان آهي سود اُن جو ، ۽ شادي غم ،

تڏهن ڇو چوين بيش[8] هيءُ ۽ هو ڪم[9]؟

جو دنيا جو طالب، سو ٿيو چور جان ،

ٻَڌل جو رهي ويٺو سو ُريءَ اڳيان .

جڏهن نيٺ بدحال ۽ خوار ٿين،

شروع کان تڏهن ڇو نھ اک تون پٽين ؟

 

645. سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نھ آهن

وڃي پنهنجو ڪم ڪر ۽ آسودو ٿيءُ ،

جنجل ۾ نھ وجهه يار ! تون پنهنجو  جيءُ .

ڪنڊو، بدلجي گل نھ ٿيندو ڪڏهن؟

ٻٻرُ ڪو، ڀلا ٻير ڏيندو ڪڏهن؟

نھ محنت جو ڦل کائي ڪو آرسي،

نھ هر لوهه مان ٿي ٺهي آرسي .

سمنڊ ۾ نھ سِپَ سڀڪا موتي ڏئي ،

نھ هر ڪو هرڻ ٿو کٿوري ڏئي .

نھ هر ڪو پکي مور ٿِي ٿو پوي ،

نھ هر مرد ڪاوء ُس، ڪئي ٿو ٿئي.

نھ يوسف جِي بوُ هرڪو پهراڻ ڏئي ،

نھ هر زال ڪا زال زر[10] ٿي ٿئي .

 

646. سليمان، ماڪوڙيءَ جو مهمان

دعا هڪڙي ماڪوڙي ڪئِي ههڙي ٿِي ،

تھ مون وٽ سليمان مهمان ٿئي .

چيو هڪڙي ڏاهي پکيءَ ان کي هيئن ،

اچي جي سليمان ، وهندو ڪٿي ؟

 

647. عارفن جو اعلى درجو

ڀڳل پَر َ اٿئي، اي پکي !هڻ نھ لاف،

جو عُنقا[11] ٿو ڄاڻي، تھ ڪٿ ڪوهه قاف ؟

وڃي ڪيئن سگهي ديو ُ اُڀ ڏانهن مٿي ؟

سگهي خضر چئي، آب حيوان ڪٿي ؟

پري ٿي ، نھ ڪر سوڙهه، ڪک کي چون ،

تري ۾ ٿا دريا جي واڳو ُ رهن .

 

648.روح جو وڻ

مُنکي چوء، اُهو اَهي وڻ ڪهڙي جا ؟

متان سڏجي جو سدرتھ المنتهى .

انهيءَ قسم جو وڻ سنئون ۽ سڌو ،

نھ ڪشمير ۾ ۽ نھ ڪشمر[12] ۾ ٿيو .

وڌي ٿيو وڏو، اهڙي عزت لهي،

جو طوبى کي پڻ اُن تي ٿي ريس ٿئي .

 

649. انسان تي امانت جو بار

رکن مرد َ جي بار ُ هيءَ جان تي،

رکن سي قدم لعل، مرجان تي .

نھ گهوڙي ۽ هاٿيءَ سان ٿئي راند ملت،

تون ڏس شاهه ڏي پيو، ڪري چُپُ چپات .

سو ئي واقف اِنّا عرضنا[13] مان ٿيو ،

رکي جان پنهنجيءَ تي هيءُ بار جو .

 

650. وفاداري ڇا کي چئجي ؟

هنان پوءِ گذاريان آءٌ هيٺان درخت ،

چڱي اَن جي خاڪ آهي کان تاج، تخت .

عَجب نُڪتو هيءُ هڪڙي بلبل چيو :

تھ گل لا ّءِ خوشيءَ سان جهليان ٿي ڪنڊو .

 

651. پيريءَ جي شڪايت ۽ پشيماني 

ڪٿي زور هڪ ڏينهن يا رات جو ؟

ڦِري مُشڪ افسوس ! ڪافور ٿيو .

مزاج آهي تُنهنجِي نھ ٿي معتدل ،

ٿِيئي مو ُسفيد ۽ سيه رو ُي دل .

ٿِي دل منهنجي ڪاري ، گَري ۽ گندي ،

جو ڪارنهن وئِي دل ڏي وارن سندي .

گهڻيون دل ۾ منهنجي اچن ٿيون سَڌو ُن ،

سي اندريون  اَثر پنهنجو ٻاهر ڪنديون .

آءٌ پنهنجن اَڇن کان رهان منجهه حجاب ،

ڪريان دل جِي ڪارنهن سان ان کي خضاب .

 

652. خود غرض ماڻهو خراب

نھ ڏي خودغرض کي اچڻ پاڻ ڏي ،

جو هو نوش[14]  ۽ نيش[15]  ٿو گڏ رکي .

ڏئي نوش ظاهر ۾، ياري ڪري ،

هڻي نيش ماڻهن ۾، خواري ڪري .

653. ٽي خراب ڪم

لڳن بُڇڙا ٽي ڪم سدا منجهه بشر ،

لَڙي جن ڪري نفس ٿو ڏانهن شر .

ڀڃڻ عهد ، اقرار، انجام هڪ،

ٻيو ٿيو ڪرڻ مَڪر، ان کان بتر .

ٽيو بغي يا حڪم عدولي ڪرڻ،

رسي دين، دنيا کي جنهن مان خَطَر .

ڌڻيءَ جي ڏني تو کي همّت ۽ هوش ،

تھ ڪر تن تنهي کان تون اي پُٽ ! حذر .

 

654. اعتدال جي تعريف

ڪرين جيڪو ڪم ، رکُ تون حد تي نظر ،

نھ اندر پري رهُه نھ ان کان ٻَهَر .

تون درجي وچولي کي هٿ ڪر سدا ،

چڱو ڪم اُهو هوئي يا بڇڙو ادا !


 

 

بحر تقارب مقبوض اثلم(17)

فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن

 

655 . بادشاهه جي اچڻ تي سندس حق ۾ دعا (مسّدس)

جلال همره، ڪمال همدم، جمال حاصل ۽ تاج برسر ،

زمانو حامي، فلڪ محافظ جهان بندو، ستارو چاڪر ،

نصيب دربان قضا نگهبان، قدر ثناخوان، ۽ بخت ياور ،

بحر سخا جو، ڪَڪر عطا جو ، اُپائي گوهر، وسائي نت زر ،

تجلّو چمڪي ٿو نور جو هت، ٿو ڳيت هر ڪو  گُڻن جو ڳائي ،

مَلِڪ معظم جي آهي تشريف، هر ڪو حاضر ٿي سر جهڪائي.

 

656 مبارڪبادي (مسدس)

سدا مبارڪهجي سڀن کي، خوشي زمين ۽ زمن ۾ آئي ،

دلين کي راحت به ٿي ميّسر، خوشي وري جان، تن ۾ آئي .

خوشبون ڪري اڄ جهان سارو ، بهار موٽي چمن ۾ آئي ،

ٿين سڀن جا دماغ روشن، جو شمع اڄ انجمن ۾ آئي ،

وئي لنگهي رات غم، آلم جي، ، خوشيءُ سند و جڳ ۾ ڏينهن آيو ،

مٿائون ڪارا ڪڪر لنگهي ويا ۽ هاڻ رحمت جو مينهن آيو

 

657 تنهنجو ۽ منهنجو

رقيب! ڄاڻج نه ائين، ته آهي هي سارو باغ ۽ بهار تنهنجو ،

چمن هي تنهنجو، هي باغ تنهنجو، بهار تنهنجو ۽ يار منهنجو .

اي باغبان ! مون کي داغ دل جي کان ٿئي وندر تنهنجي باغ ۾ ٿِي ،

ٿيو تنهنجو گلشن ۽ تنهنجي بلبل ۽ تنهنجو گل، لاله زار تنهنجو .


[1]  نابود

[2]  وزن، تور

[3]  ڪمربند، چيلهڪي

[4] ظاهري پنج حواس

[5]  نو آسمان

[6]  ڇهه پاسا يا طرف

[7]  بادشاه

[8]  وڌيڪ

[9]  گهٽ

[10]  زال، ايران جي هڪ پهلوان جو نالو

[11]  عدم وجود متعلق، خاص صوفيانو لفظ، يعني عارف

[12]  ولايت جو نالو

[13]  آيت اسان امانت کي جبلن ۽ ملڪن وغيره تي آڇيو پر نه کڻي سگهيا. انسان اها کنئين، بيشڪ هو جاهل ۽ حدون اورانگهيندڙ آهي.“

[14] ماکي

[15] ڏنگ، زهر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org