سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :19

 

(8). بحر هزج سالم

مفاعلين مفاعلين مفاعلين مفاعلين

 

225.نشي وارين شين جو ن خرابيون ۽ نقصان

قصيدو

ٿئي هر ڪنهن جي دل سرهي ٿي، هيء مجلس ڏسي ساري ،

ڏسون منهن سنڌ جي چئني ڏ ِسُن جا جنهن ۾ چوڌاري .

جڳائي تن کي ٿي تحسين، جي جلسي جا ٿيا باني ،

ڪري تن جانفشاني، ههڙي مجلس آهي سينگاري .

ڏني تن ثابتي پنهنجي چڱي نيت ۽ نيڪيءَ جي ،

ٿيو معلوم جڳ کي، سنڌ پنهنجي تن کي هئي پياري .

سڏي سڀ قسم جا ماڻهو، تعصّب ريء ڪيا هت گڏ ،

ڀلي لاءِ خلق جي تن هيءَ بناوت آهي بيهاري .

رٿون تنهن ۾ ٿيّون رٿجن فائدي لاءِ ملڪ ساري جي ،

ٿئي هر سال ٿي تاڪيد سان تنهن لاءِ تياري .

ڪيا اڄ ’ٽيمپرنس‘ آڻي هتي گڏ هي سڀئي صاحب ،

مڙئي پرهيز جي ٿيا پاڪ جهنڊي هيٺ پاٿاري .

انهيءَ نيڪي جي پابندي ۾ سڀ مذهب ٿياشامل ،

مڙئي هندو مسلمان ۽ ڪرسچن ڪن مددگاري .

ڪرڻ پرهيز  پهرين خاص نشّي کان ٿيو واجب ،

اچي جنهن کان ٿي  آدم ذات تي ذاتي نگو نساري .

قسم کائو نشي کان ۽ ڪريو دل ۾ پڪو ٺهراءُ ،

نھ هٿ لايو انهيءَ کي ، ۽ رهو ان کان سدا عاري .

بدي هر قسم جي نشّي پٺيان گهمندي وتي هر هنڌ ،

لڳي لاءِ پيٽ پارڻ شينهن پونيان جيئن ٿي ڦيڪاري .

اوهان کي ڇا ٻڌايان ان جي نقصانن جو آءٌ تفصيل ؟

ضعيفي، مفلسي، ديوانگي، خواري ۽ بيماري .

برائين جو اهو بنياد ، عادت ان جي موروثي ،

پٺيان ان جي اچي چوري، جوابازي، زناڪاري .

ٿئي گم تندرستي، نيڪخوئي ، عزّت ۽ دولت ،

اچي بيڪاري  ۽ بدڪاري ۽ پڻ مردم آزاري .

ڀڳل بت، دل ضعيف ۽ عقل چرخ ۽ سر ٿئي گردان ،

اکيون ٻرندڙ ۽ منهن ڳاڙهو، عجب حالت ٿئي طاري .

چڱا پورهيت ۽ ڪاريگر ، ٻچا ۽ ٻار جي پالين ،

ٿين نشي جي عادت کان ٿا بيکاري يا بيگاري .

پوي عادت ٿي صحبت مان ، وڏو تاثيرصحبت جو ،

سنڀاليو، نيندي نھ  تھ گهلي بُري سنگت جي عياري .

سوا پاڻيءَ ۽ مانيءَ جي ٿيون ٻيون عادتون اوڇيون ،

هجي پوءِ چاءِ، ڪافي، ڪوڪو، يا  خود پان ُ سوپاري .

ڪريو آئيندي لاءِ محڪم، ارادو ، آس ۽ همت ،

۽ گذريءَ  لاءِ ڪريو داور جي در آئين توبهه ۽ زاري .

قديمي وقت کان پرهيز جو تاڪيد پي ڪيو ٿن ،

حڪيمن حاذقن نفرت نشي ڏانهن آهي ڏيکاري .

مگر رسمن ۽ راهن  عادتن ماڻهن کي ڪيو گمراهه،

انڌا ٿي، نفس جي پونيان لڳي ٿيا ان جا پوڄاري.

پٽي اک آهي ماڻهن هاڻ، ڪيو ٿن منهن سڌاري ڏي.

بنائي منڊليون ٽوليون، ڪَيئون نيڪيءَ جي نرواري .

شروع اميريڪا کان ٿي اها رٿ، آئي يورپ ۾،

اُتان پئي هند ۾، ۽ سنڌ آهي هند جي ٽاري .

رعيّت کان هِلي ان جو اثر ٿيو بادشاهن تي ،

جني جي وچ ۾ جاري آهي اڄ ڪلهه جنگ جهونجهاري .

اول سڀ کان، اسان جي ڪيو شهنشه ترڪ نشي کي ،

رعيّت لاءِ سمجهڻ گهرجي ايءُ ڄڻ حڪم سرڪاري  .

اُٿو، يارو ! اُٿو ، همت ڪريو، ٿيو حڪم جا تابع ،

ڪريو تعميل سڀ اُن تي اِها مَت آهي موچاري .

گهڻي ڪئي ننڊ اوهان، هاڻي، ڇڏيو غفلت، اُٿي جاڳو ،

”وڳر ويَڙا وهي “ چيو شاهه، گهرجي هاڻ بيداري .

چڱائيءَ لاءِ ڪريو ڪوشش، خدا ان جي مدد ٿيندو ،

ڪمن اهڙن ۾ پڻ واهر ڪندي سرڪار ٻاجهاري .

گهٽائن مَن َ گتا ڪي ۽ هٽائي سي بھ ڪن پاسي ،

رکن وڪري تي ڪا بندش ، وجهن محصول ڪو باري .

مٺايون ۽ شراب ۽ ناچ، آتش بازي ۽ ڳائڻ ،

ڏٺا هوندو تماشا اهڙا هت، جو ڪالهه هئي ڏياري .

وڏا وجهندا سڌاري ۾ جڏهن هٿ، تڏهن ننڍا سڌرن ،

وهنين کي هر طرح گهرجي ، ولهن جي بار برداري .

سڌاري جي عمارت جو ، وجهو بنياد ايئن هاڻي ،

اچي، پويان اوهان جا ،  مرمٿي چاڙهين اوساري .

نھ جيسين کائو غم ٻئي لاءِ ، تيسين ملڪ ڪيئن سڌري ،

جڳائي پاڻ ۾ سڀني کي ، همدردي ۽ غمخواري .

ڪريو گڻ پاڻ ۾ پيدا، ڍڪيو مر پيا لٽا ميرا ،

وڌايو قوت روحاني، ۽ کائو ٻاجهري جئواري .

اندر سينگاريو، ٻاهر کي ڇڏي ڏيو، جيئن چوي سعدي !

سچو درويش ٿي، ٽوپي هجي مر تنهنجي تاتاري .

چيو ٻئي هنڌ اٿس پڻ، ظاهر ۽ باطن جي خوبيءَ لاءِ،

اچي ڪم اسپ لاغر جنگ ۾، ناگا و پرواري .

ٿا گهرجن ديس لاءِ ماڻهو ، سڌاري جا جي هر ڪاهن ،

وجهن اَن پوک پوکڻ لاءِ ، ڳچيءَ پنهنجيءَ ۾ پانجاري .

گهٽايو خرچ شادين جا، تماشا ناچ جا تن گڏ ،

اچي نھ تھ تنگدستي، ۽ پشيماني ۽ ناداري .

رکو خيرات جو ڪو خيال، ٿيو پڻ ڪين خود مطلب ،

سنڀاليو خرچ روزانا، ۽ سالانا ۽ مهواري .

ڪرڻ خير آهي لازم پڻ لڪائي ۽ خدا ڪارڻ ،

جي ٿيو ناموس نالي لاءِ ، تھ ٿي  پئي ايءَ رياڪاريءَ .

رواجي علم ڇاهي ؟ ڪي پڙهو ديني ۽ اخلاقي ،

جي ڀانيو قوم جِي ماڻيو ڪا مهنداري ۽ سرداري .

ڪريو آئين  قوم جي خدمت، جو ”سيّد القوم خاد مهم“ ،

نبوت نامِلِي موسى کي، جيسين ڪيئين نھ ريڍاري .

ٿا ڪامل مرد حق جي ڳالهه تي ڪن پاڻ کي قربان ،

ڪئي منصور، عيسى وانگي جيئن سوريءَ تي هسواري .

اسان مان ڪنهن ، جي سچ جي لاءِ ، جان ۽ مال جي بدران ،

ڪئي تڪليف ۽ محنت ، تھ ڪهڙي ٿي گنهگاري ؟

زناني گهُرجي پڻ تعليم واهر لاءِ سڌاري جي ،

کڻڻ مڙسن کي گهرجي پاڻ تي اُن ڪم جي همواري .

جي سڌريون زالون، ٻارن جي سڌاري جي بھ ٿيندي پڪ ،

هميشه نيڪ زالن کان ملي ٿي مڙسن کي دلداري .

ڪريو وعظ ۽ لکو پرهيز جا پرچا، رسالاپڻ ،

نفعا، نقصان ڇاپائي ڪريو شهرن ۾ اظهاري .

انهيءَ لاءِ گُهرجي البت پيسو ۽ تڪليف ۽ جرات ،

ڪري هر ڪو مدد، قدمي ۽ قلمي ۽ بھ ڪلداري .

ٻڌل هڪجهڙا ٿيا قومي سڌاري لاءِ سڀ، ڇا ٿيو ؟

تونگر ٿيو جي واپاري، ٿيو مسڪين جي هاري .

رڳو پرهيز نشّي جي شين کان ناهي ڪو ڪرڻو ،

آهي پرهيز خوراڪي ۽ اخلاقي ۽ سنساري .

نھ مئي ۾ آهه مستي ، پر نشو دولت ۾ پڻ آهي ،

رکي بڇڙو نشو پڻ زور ، زر  ۽ علم، اختياري .

لنگهيا جڏهن حد کان هي سڀ، ٿي تڏهن افراط يا تفريط ،

خراب آهن حدون ٻئي، تن کان اَئين ڏيکاريو بيزاري .

نشو مانيءَ ۾ پڻ ٿيو، حد کان گهٽ، وڌ سا خراب آهي ،

سخا، همّت، غصي، چڙ ۾، رکو حد جي نظرداري .

اها پرهيز اخلاقي ضرور  آهي اوهان کي پڻ ،

رهو قولن ۽ فعلن ۽ خيالن تي اوهين چاري .

مثال ان جا ٻڌو مون کان : ٿيو بدنام ناحق عشق ،

چڱي حد عشق جِي، حق جي محبّت، خلق سان ياري .

ٿي معنى عشق جِي وڻ ويڙهي ول، جا ٿي چڙهي وڻ تي ،

سُڪائي تنهن کي ٿي ، جيئن عاشقن کي عشق جي ڳاري .

سماع يا راڳ پڻ آهي عجب شيءِ حدّ جي اندر ،

ڪري ٿو مَحو مولى سان، جا حالت روح جي نياري .

لنگهي جڏهن عشق حد کان، ۽ حقيقيءَ مان مجازي ٿئي ؛

ڀلي مان پئي بُرو بڻجي ٿو، درباريءَ مان بازاري .

اُنهن جان راڳ پڻ ٿيو منحصر مضمون ۽ دل تي ،

چڱو، حد کان ٻهر ٿئي ٿو بُرو، نوري ٿئي ناري .

ٿيو پرهيز واجب ان طرح قولن ۽ فعلن ۾ ،

چڱا، بڇڙا ٿيا ساڳيائي ، اقراري يا انڪاري .

ٿيا پرهيز جي ورزش ۾ داخل ڪمّ دنيا جا،

پيڻ، کائڻ، اُٿڻ، ويهڻ، هلڻ، ٻيا ڪمّ وهنواري .

آهي پرهيز روزو ، پر ڪڍڻ اُڃ، بک فقط بس ناهه ،

ڪري ڪوشش، ڪجي ٿي  نفس جي گهوڙي تي شهسواري .

حقيقت روزي جي ٿِي ، بت جي سڀ عضون سندو روزو ،

اجائي حاج، چال ۽ بَڪ، ٿي روزي ۾ ستمگاري .

رياضت جي ڪري ماڻهو ٿو پگهري سون َ جيئن ٿئي صاف ،

رياضت مرد لاءِ، جيئن سون جي لاءِ آهي ڪوٺاري .

عزيزو ! دوستو ! پاڪيزگيءَ جي پڻ رکو ڳڻتي،

آهي ناپاڪ کاڌو، گفتو، ڪم ۽ خيال بدڪاري .

ڏيو تعليم ٻارن کي، سکن پرهيز، پاڪائي،

سڀن دنيا جي ڌنڌن ۾ ڪريو آئين تن جِي پوءِ واري .

ڪريو قومي ترقّي، رسمون ۽ راهون سڌاريو سڀ ،

ڪريو سڀ ترڪ  رستا ۽ طريقا، ٿيا جي تڪراري .

ٿين ڏ ِڻ وار جيڪي، تن تي ڪاري بند بد رسمون ،

جوا، هوليءَ تي ٿئي ٿي ڪيتري، ۽ڪهڙي ميخواري !

ٿي افسوس ، ڏسجن ٿا جڏهن شهرن اندر ڇوڪر،

بغل ۾ شيشو ۽ منهن ۾ گلال ۽ هٿ ۾ پچڪاري .

نشي جا ٿيا گهڻائي قسم ۽ درجا، اثر موجب،

نشو سو آهي، جو ضايع ڪري ٿو عقل، هشياري .

ٿيا ڪي خشڪ ۽ ڪي تر ، پيڻ، کائڻ، چکڻ جي لاءِ ،

ڏيان نالا انهن جا، بيت هڪڙي ۾ آءٌ هڪواري.

شراب، آفيم، ڀنگ ۽ چرس، گانجو، تاڙي ۽ چنڊّو،

مدڪ، معجون، ٻي سڀڪا مرڪّب شيءِ نشي واري .

سڀئي همجنس آهن ، ساڳيو مطلب نڪري ٿو سڀ مان ،

سڀئي شيطان جا نائب ، منجهان اهي مِٽاچاري .

سڀئي ٿيا دام پوريل، نفس ۽ دنيا پرستن لاءِ ،

ڦِري شيطان تن کي، جيئن شڪاري يا ڦري ماري .

پکيڙي سڀ وڌا تنهن جڳ ۾ ماڻهن جي ڀُلائڻ لاءِ ،

مڇين جي جيئن ڦاسائڻ لاءِ مهاڻو ٿو وجهي ڄاري .

ڦٽايو عمر جو سک ڪين هڪ لحظي جي لذّت لاءِ ،

ڌُتاري سو وجهي کڏ ۾ ، اِها ٿي اُن جي مڪاري .

شراب آهي نشن جو بادشاهه ، ٻيا ان جا ڪامورا،

هلائي حڪم هر هڪ پنهنجو، پر مَئي کي ٿي مهنداري .

بهادر ڪو نشو ، ڪو ڊڄڻو، ڪرندڙ، ڪو ڪيرائيندڙ ،

گهڻا ٿيا نر ۽ هڪ ناري، نماڻي ڀنگ ويچاري .

ٿا ٺڳجن ٻار جيئن رنگّن تي، تيئن نشا ٿيا رنگارنگ ،

ڪي ڳاڙها ۽ ڪي ڪارا ۽ ڪي آهن سبز، زنگاري .

تماڪ آهي سڀن جو ٻانهو، اَڇي سڀ کي واري سان ،

چروٽ ۽ ٻيڙيون ، سيگار ۽ حقو يا چلم بلغاري .

نفعو سڀني شين ۾ آهي، پر نقصان ٿيو واڌو ،

دوا وانگي اچن ڪم زهر، پر  ٿِي تن ۾ خونخواري .

ڀڄو يارو ! هنن کان، هِي اٿَوَ نانگ ۽ بلائون سڀ ،

سدا ڏسجن ٿا سَپَ سهڻا، ڏ َنگي پر زخم َ ڪن ڪاري .

شراب آهي آرڙ، آفيم ڪاريهر، چرس کپر،

پِيڻ ڀنگ ۽ ڊمڻ گانجو، چنڊو گهوڙيل ، لوهاري .

رهو سڀ دور تن کان، تن جو ٿورو پڻ گهڻو آهي ،

چکڻ سان ڦاسي ايئن ويندو، ڇڏڻ پوءِ ٿيندي دشواري .

نھ سمجهو ٽيمپرنس آهي وٺڻ پورو پنو نشّو ،

چکو مطلق نھ ان کي، ڪيتري مَرُ هَئيو َ لاچاري .

ڌرم سڀ منع ڪن مئي جي، پين ٿورو، گهڻو پر سڀ ،

حرام اسلام ڪيو مطلق، ٻيڻ وارو ٿيو ڏوهاري .

چون عربيءَ ۾ مئي کي خمُر، معنى ٿي ”ڍڪڻ“ ان جي ،

ڍڪي اُو عقل هوش اِيئن ، جيئن ڍڪي کاري يا ڪوناري .

جُوا سان گڏ انهيءَ جو ذڪر ٿيو قرآن ۾ جت ڪٿ ،

حديثن ۾ بھ هرجا آئِي اُ ن لاءِ سخت ڀلڪاري .

سوئر جهڙو حرام ۽ گندگيءَ جهڙو پليت آهي ،

شريعت ۾ اَسِي چهبڪ سزا  ان جي ڪيئون جاري .

اوهان کي خير ٿيو ڪرڻو ، بني آدم سڀئي ٿيا هڪ ،

آهي هندي يا سنڌي، ڪابلي آهي يا قنڌاري .

وڻي هندن، مسلمانن جي اُلفت پاڻ ۾ جت ڪٿ،

لڳي سا سنڌ ۾ سهڻي ٿي، جيئن گلشن ۾ گلزاري .

رعايت هڪ ٻين جي گهرجي تن کي، اصل کان جيئن هو ،

لتاڙي نفس کائڻ ڪس، ٻنهي لاءِ ٿي نڪُو ڪاري .

اسان ۾ فرق ٿيو درجي ۽ حالت جو هن ئِي جڳ ۾ ،

هتي ڪم ايندي دينداري، نھ ڪم ايندي زمينداري .

اوهان جي فائدي لاءِ هي چڱا رستا بتايا ويا،

هلڻ جي تن تي يارو ! هاڻي اوهان کي آهي مختياري .

ڪريو همت ۽ ڪوشش ، ڀائرو ! آئين پنهنجي و ِت آهر ،

مدد خاوند ڪندو ان کي ، سڀئي جنهن جي تڳون تاري .

گهرو هاڻي دعا دل سان ڌڻيءَ کان، آهي جيئن واجب ،

سچي ڌاريو آئين نيّت؛ پوءِ ڏسو قادر جي ڪلتاري .

الاهي ! آڻ صلح ۽ سانت، ڏي توفيق اسان کي تون ،

رکون شل پيار هڪٻئي سان ! شهنشه سان وفاداري .

بچائج ملڪ اسان جي کي خرابيءَ ، جنگ جي کان تون ،

وڙهن انصاف لاءِ جي ، ڪج انهن جي فوج سوڀاري !

اسين جي هموطن آهيون ، رهون شل پاڻ ۾ سڀ خوش !

اسان جي وچ ۾ ڪنهن سببان پوي شل ڪانڪا گهاري !

ڪيو مون هي قصيدو پورو ، سئو بيتن ۾ آڻي نيٺ ،

ڪجو آئين معاف، جي ڪا ڳالهه اُن ۾ هو ئي کَٽي کاري .

”قليچ“ آهي اوهان جن دوستن ۽ خير خواهن مان ،

اوهان جي ئي ڀلي لاءِ ٿو ڪري ان کي ئي نيزاري . 

 

226.عبادت، نعمت آهي

عبادت، في الحقيقت نعمت آهي حق جي بندي تي ،

ڏئي توفيق ۽ طاقت ڪرڻ اُن جي جِي ٿو ان کي .

جڳائي ان ڪري بندي کي اُن نعمت جو شڪرانو ،

ٺهي ٿو ڪيئن ڀلا آجر ۽ جزا ڳولڻ عوض ان جي ؟

 

227.حياتي، غنيمت ڄاڻ

حياتي تون غنيمت سمجهه، ڪر جيڪي اٿئي ڪرڻو ،

نھ ڪئيي جيڪي، يا بد ڪيئي، تون انهيءَ  جي لاءِ توبهه ڪر .

ڀڳئي جيڪي، سو ڳنڍ، جيڪي بگاڙيئي سو سڌاري وٺ ،

پليتي جا ڪيئي  سا ڌوءِ ، ڪدورت ڪر صفا يڪسر .

 

228.ٽي شاهد ضروري

ڪرين دنيا ۾ جيڪي ۽چوين ، کائين ۽ پِين جيڪي ،

سو ڪر ٽِن شاهدن آڏو، تھ جڳ تو کي ڀلارو چئي .

قرآن آهي، حديث آهي ۽ دل تُنهنجي ٿيئي شاهد ،

اول پڇ تن کان، پوءِ ڪر ڪم، الٰهي فعل تا سو ٿئي .

 

229.خدا کي ياد ڪرڻ ۽ وسارڻ ڇا آهي ؟

اطاعت حق جي جنهن ڪئي،  ياد تنهن بيشڪ خدا کي ڪيو ،

تلاوت ۽ نماز ۽ روزو گهٽ ڪيئين ، تھ بھ ٿيو بافرمان .

جو نافرمان ٿيو، حق کي وساريو اُن ۽ ٿيو عاصي ،

پڙهي مَرُ پيو نمازون ، ۽ رکي روزا ، پڙهي قرآن .

 

230.اڪيلائيءَ ۽ ماٺ بهتر (مسدس)

 اڪيلائي ۽ خلوت بهتر آهي عام صحبت کان ،

گلا، ڪوڙ ۽ گناهه اڪثر ٿئي ڪامل ، ڄڻن ٻن مان .

جي ٻن مان هڪ هجين، هر گز نھ ڪي ڳالهاءِ تون ٻئي سان ،

پڇڻ تي ٻئي کي وڏي ورندي ، نھ پڇ ڪو سوال تون پاڻان .

نھ ڪر پاڙيسرين ۽ دوستن سان پڻ گهڻي صحبت ،

ٿئي ٿو وقت ضايع ان مان، نڪري نيٺ ٿي غِيبت .

 

231.غريب جو غم، خير جو ڪم (مسدس)

(حسب فرمائش نادر بيگ)

(1)

چئج سچ، اي مٽيءَ جا پتلا! تو جڳ ۾ ڪيو ڇا آهه؟
تو کاڌو پيتو ڇا؟ چوڙيو هتي ۽ ماڻيو تو ڇاآهه؟
ڪيئي خيرات ڪهڙي؟ حق جي نالي تو ڏنو ڇا آهه؟
سمر هت پاڻ سان تو آخرت جي لاءِ کنيو ڇا آهه؟
کٽيون ڪي تو دعائون، دل ڪيئي خوش درد مندن جي؟
پليئي ڪنهن پر ڪڏهن ڪا گهرج هت مسڪين بندن جي؟

 

(2)

ڪنهين موڙهل جِي، بنجي خضر، تو ڪا رهنمائي ڪئي؟
ڪنهين عاجز ۽ درماندي جِي تو مشڪل ڪشائي ڪئي؟
ڪنهين مظلوم ۽ محتاج جي حاجت روائي ڪئي؟
ڪئي تو دستگيري ڪنهن جي، ڪنهن سا ڪا ڀلائي ڪئي؟
ڪڏهن ڪم آئين ڪنهن ڪمبخت ۽ آفت رسيدي کي؟
دلاسو ڪو ڏنئي ڪنهن غمزدي ۽ دل دريدي کي؟

 

(3)

ڪري همدردي ڪنهن سان ، ڪنهن جو سور ۽ ڏک گهٽايو تو؟
مصيبت ۾ ڪنهين آفت زدي کي همّتايو تو؟
پرائي باهه ۾ پَئِي، پاڻ کي ڪنهن پر جلايو تو؟
ڪنهين بيڪس جي خاطر پاڻ کي بيڪس بنايو تو؟
ڪڏهن هاريون هنجون تو گرم ڪنهن جي ڪم نصيبيءَ تي؟
ڪڏهن ڪو رحم آيو تو کي مفلس جي غريبيءَ تي؟

 

(4)

ڪڏهن دل جي خوشيءَ سان ڪنهن جو تو مشڪل ڪيو آسان؟
ڪڏهن ڪنهن دل ڏکويل جي ڪيو تو درد جو درمان؟
ڪڏهن ڪنهن دل جلئي دلگير جو مُنهن تو ڪيو خندان؟
ڪڏهن ڪنهن پاڻ جهڙي آدميءَ تي تو ڪيو احسان؟
نظر تنهنجي ڪڏهن ڪو بي وسيلو آيو ۽ بيڪس؟
ٿيو راضي ڪو تو مان بيدليو بيچارو ڪو بيوس؟

 

(5)

ڪڏهن تو ڪنهن بھ بد قسمت نڀاڳي جي خبر ورتي؟
ڪڏهن ڪنهن غمزدي جي ڪئي تو غمخواري ۽ دلجوئِي؟
ڪڏهن ڪنهن لاءِ آفت ۾ وڌي تو جان نئي پنهنجي؟
ڪڏهن ڪنهن بي سرو سامان کي مشڪل ۾ تو واهر ڪئي؟
ڪڏهن ڪنهن دل شڪستي جي ڪئي تو دلنوازي ڪا؟
ڪنهين دلخستي ۽ زخميءَ جي ڪئي تو چاره سازي ڪا؟

 

(6)

مدد ڪڏهين ڪئي تو ڪنهن سُڃي سکڻي ويچاري کي؟
دوا ڪڏهين ڏني تو ڪنهن بھ درد ۽ مرض واري کي؟
پُڇئي ڪِي تنهن کي، جو هو قبر  جي پهتو ڪناري کي؟
اُٿاريَئي هٿ وٺي ڪڏهين ڪِريل ڪنهن بي سهاري کي؟
لڌي ڪا سڌ تو دلسوزيءَ منجهان ڪن دلفگارن جي؟
ضعيفن، پاڙي وارن ، مائٽن ۽ دوستدارن جي؟

 

(7)

ڪنهين بر گشتي قسمت جي ڪڏهن تو دلنوازي ڪئي؟
ڪنهين دلسختي جي زخم جگر جي چاره سازي ڪئي؟
ڪنهين جي لاءِ ان جي درد، غم ۾ جانگُدازي ڪئي؟
ڪئي بنده نوازي ڪا يا سڀ سان بي نيازي ڪئي؟
ٻڌيئي ڪَنُ ڏيئي بيواهن، يتيمن جون ڪي فريادون؟
ڏنئي واهر تَني کي ڪا، هيون بيوهه جي بيواهيون؟

 

(8)

رهئين مشغول ساري عمر پي تون مي پرستيءَ ۾،
حياتي تو وڃائي پنهنجي ساري، مفت مستيءَ ۾،
گُلن جي سيج تي ليِٽئين سدا تون باغ ِ هستيءَ ۾،
مزا ماڻيئي گهڻا، ڪيئي عيش عشرت تندرستيءَ ۾،
رچايا خوب هر جا رنگ، پِي مي جا پيالا تو،
ڪري نت محفلون يارن سان، پي کاڌا نوالا تو.

 

(9)

رهئين نت حسن جي تون ناز ۽ انداز جو شيدا،
هوئين تون مَحو محبوبن جي سوز ۽ ساز جو شيدا،
گذاريو وقت سارو تو، ٿِي حرص ۽ اَز جو شيدا،
رهئين دنيا ۾ دائم دولت ۽ اعزاز جو شيدا،
نظر تنهنجي جوانيءَ ۾ رهِي نت نازنينن تي،
فدا ڪيو پاڻ کي تو دلفريبن ۽ حسينن تي.

 

(10)

گهڻا ماڻيا مزا آهن تو گلشن ۾ حياتيءَ جي،
گهڻاگل، ٻوٽا پيرن هيٺ نت پامال ڪيا تو پي؛
گهڻا ڪيا نوش هردم مي جا زرّين جام تو اوتي،
گهڻائي لالھ رخ محبوب ساقي پئي مليا تو کي؛
رهِي هر حال ۾ تو کي تن آساني ۽ آسائش،
وڻي نت توکي خود بيني ۽ خوشحالي ۽ آرائش.

 

(11)

رباب ۽ چنگ سان ورهن کان ڪيو نت غم غلط پي تو،
ڪئي دل شاد تو پنهنجي، نھ ڪيوڪِي ياد ٻئي کي تو،
سدا راڳن ۽ روپن ۾ گذاريو رات ڏينهن ٿي تو،
مرادون پنهنجون نت ماڻيئي، نھ رخ ڪو ڪيو ٻين ڏي تو،
رهِي ڳڻتي سدائين تو کي پنهنجي عيش عشرت جي،
رهِي ڳڻتي غريبن کي ٿي نت پنهنجيءَ مصيبت جي.

 

(12)

سدا آهي  اِهو ڏک سک سندو وهنوار عالم جو،
ڪٿي شاديءَ جي نوبت آهي ۽ ڪٿ شور ماتم جو؛
خوشيءَ ۾ ڪو رهي خندان، ستايل ڪو رهي غم جو،
زماني جي دورنگي اِيءُ اهو ٿيو حال آدم جو؛
ڪڏهن وارو خزانيءَ جو، ڪڏهن موسم بهاريءَ جي،
اچي ڪڏهن وصل جي نوبت، ڪڏهن اختر شماريءَ جي.

 

(13)

ذرو ڪي هوش رک غافل! تون رهندين شادمان ڪيسين؟
ڪندين ضايع تون پنهنجي عمر اي ناقدردان ! ڪيسين؟
گذاريندين تون خوش خرّم۽ بي غم، هر زمان ڪيسين؟
۽ رهندو تنهنجي قسمت سان موافق آسمان ڪيسين؟
رهين مشغول هيئن تون ڪيسين دنيا جي تماشن ۾؟
ڪندين تون سير ڪيسين هن طرح ملڪن ۽ باغن ۾؟

 

(14)

رهين دنيا جو ڪيسين تائين دلدارو ۽ شيدائي؟
تون هوندين ڪيسين تائين عيش عشرت جو تمنائي؟
ڪرين تون ڪيسين تائين ههڙي خود بيني ۽ خودرائي؟
ڏيکارين ڪيسين تائين، بي غمي ۽ ناشناسائي؟
اها تون پنهنجي مستي چار دن ڪِي چاندني ڄاڻج،
جٽا وارو اهو فخر ۽ وڏائي ڪينڪي ڄانئج.

 

(15)

نھ ڪر تون ناز عشرت تي، ٿئي گم ايءَ خوشي تنهنجي،
ٻه ڏينهن آهي اُها، ويندي سڀئي مستي لنگهي تنهنجي،
اجائي فاني دنيا سان رهي دلبستگي تنهنجي،
اجل جي چنبّي ۾ قابو سدا ٿي زندگي تنهنجي.
جڏهن اهڙو ٿئين بيوس، عبث ٿيو ڀروسو تو کي،
حياتيءَ بي بقا تي، هّاءِ غضب، ٿئي فخر ڇو تو کي؟

 

(16)

قصو دنيا جو هيءُ هڪ ڏينهن صاف ۽ پاڪ ٿي ويندو؟
اجل جي هٿ سان هستيءَ جو هِي جامو چاڪ ٿي ويندو؟ 
متاع ۽ مال سڀ تنهنجو خس ۽ خاشاڪ ٿي ويندو؟
جُثو تنهنجو مٽيءَ  ۾ گڏجي، آخر خاڪ ٿي ويندو؟
حياتي آهي ڦوٽي وانگي هن دنياي فانيءَ ۾،
پُڄي تو کان سگهي جا، ڪر ڀلائي، زندگانيءَ ۾.

 

(17)

نظارو باغ دنيا جي جو ڪر ۽ وٺ نصيحت ڪا،
ڀلي گل چونڊ سهڻاتون، نھ ٿي پر تن تي تون  شيدا،
تماشن ۾ نھ ٿي تون مَحو، پنهنجو هوش رک برجا،
ڪنڊن ۾ پنهنجي دامن ڪين اٽڪائج، رهج تنها،
حياتي ڪر بسر هت، پت تعلّق رک نھ دنيا سان،
نھ صورت تي تون موهج، موهه رک تون پنهنجو معنى سان.

 

(18)

نھ دنيا ساڻ هلندي ۽ نھ هلندي تو سان هيءَ دولت،
نھ قسمت هوندي تو سان هيءَ، نھ هيءَ شوڪت، نھ هيءَ رفعت،
مرڻ کانپوءِ قائم ڪين هوندي تنهنجي هيءَ قسمت،
نھ عظمت رهندي تو سان هيءَ، نھ فرحت هيءَ، نھ هيءَ لذّت،
جي پڇندا تو کان محشر ۾، تھ ات پڇندا عمل تنهنجا،
جي هلندا تو سان هن جڳ ڏي، تھ ات هلندا عمل تنهنجا.

 

(19)

تڏهن پنهنجا عمل ڪر نيڪ ۽ طاعت گذاري ڪر،
طريقا سک چڱا هن جڳ ۾، عجز ۽ انڪساري ڪر،
ڀلائي ڪر، بديءَ کان پاسي رهه، پرهيزگاري ڪر،
چڱا اخلاق رک ۽ خلق جي لاءِ خير، جاري ڪر،
چيو سچ ’برق‘، ڪر نيڪي ”قليجا“، اجر رب ڏيندو،
سدا حامي سندئي، دنيا ۽ عقبى ۾ خدا ٿيندو.

 

 

232.خدمت چاڪريءَ جي محبت

(1) جي بندو ڪو بھ  دنيا ۾ هجي شائق حڪومت جو،
 تھ شوق آهي مُنکي هر دم فقط بندن جي خدمت جو.
رهي ٿو ذوق همدرديءَ جو هر ڪنهن سان مروّت جو،
محبّت منهنجو مذهب ٿيو ۽ مايو منهنجي الفت جو.
(2)    محبت ويد منهنجو ۽ محبت شاستر منهنجو،
محبت ديوتا منهنجو، محبت راهبر منهنجو؛
محبت منهنجي گنگا، جمنا ۽ شيوا جو گهر منهنجو،
محبت منهنجو تيرٿ، ياترا، کاڌو، سمر منهنجو،
محبت جو ڪريان جپ تپ، هنئين کي ان سان  هيرايان،
پيان رس پريم جي، مالها محبت جي آءٌ ڦيرايان.
(3) محبت مال، دولت ٿي، محبت هڪ خزانو آهه،
محبت سان، هتان ئي روح جنّت ڏي روانو آهه،
محبت راحت ۽ آرام، جيءُ جو اَب ُ، دانو آهه،
محبت جو رکي بيگانو، آخر سو يگانو آهه.
(4) نھ ٽَهه مون کان هَرڻَ! تو کي محبت سان آءٌ چاريندس،
نھ ڀڄ مون کان سَها! جهوليءَ ۾ توکي آءٌ وهاريندس،
نھ ڊڄ بلبل! مون کان، تو کي محبت سان آءٌ ڌاريندس،
اوهان کي کاڌو کارائي، مٿان پاڻي پياريندس،
ڳچيءَ ۾ بندگيءَ جو طوق، قمريءَ وانگي مون کي آهه،
محبت جو پٽو نت سَرو َ جان منهنجي ڪمر تي آهه.

 

233.معافي ڏيڻ چڱي

جڏهن توکي ڌڻي طاقت ڏياري  ڪنهن ڏهاريءَ تي ،

تھ ڏئي معافي تون ان کي ڇڏ ، تھ ٻانهو تُنهنجو سو ٿي پَئي .

ڏ ُهاري  پنهنجي ڏوهن کان اڳئي آهي مئل وانگي ،

سُنگهي بخشش جي جڏهين بوءِ، هڪدم تڏهن اهو جِي پَئي.


 

(9). بحر هزج مسدّس

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل

 

234.زالن جي تعريف

هجن سڀ رابعھ[1] جهڙيون جي زالون ،

هجي مڙسن کان وڌ زالن جي منزل .

عرب ۾ شمس مادي، ۽ قمر نر ،

مگر سڄ ُ اصل کان ٿيو چنڊ کان افضل .

 

235.ڪمينن جو ٿورو کڻڻ مشڪل

چوي جامِي[2] ٿو ڏندن سان چَٻڻ رُڪُ ،

جبل کوٽي نُنهن سان پڻ لنگهڻ پار ؛

ٽپو ڏيئي، پوڻ کوري ۾ ڪاهي ،

 ۽ ڇپرن سان کڻڻ ٽانڊا ڪنهين وار ؛

رکِي پڻ سئو اُٺن جو بار ُ سر تي ،

اٿِي ڊوڙڻ تکو چوڏس ۽ چوڌار ؛

آهي اسان سڀ ، پر آهي مشڪل ،

ڪمينن جي کڻڻ احسان جو بار .

 

236.چاليهو ڪڍڻ ضروري

ڏَهو ڇاهي ؟ تون ڪڍ چاليهو اي يار !

تھ تو کي هٿ اچن عارف جا اوصاف .

سبق  صوفيءَ کي سيکاريو شراب ايءُ ،

ڪڍي شيشي ۾ چاليهو ٿئي صاف .

 

237.عشق، يعني قدرتي ڪشش

سڄي عالم ۾ آهي عشقبازي ،

ڪشش هر شيءِ کي ايءَ ڏسجي ٿي تازي .

ڪشش، جنهن شئي کي ماڻهو عام چئي ٿو ،

ٿيو حڪمت ۾ نالو عشق ان جو .

نهاريندوء جي منجهه فطرت ۽ قدرت ،

تھ ڏسندوء عشق جي آئين ان ۾ حڪمت .

 آهي دنيا ۾ هڪ شي ءِ، ٻيءَ تي عاشق ،

مثالن مان آهي ايءُ قول صادق .

مرڪّب جسم هر ڪو ٿيو ذرن مان ،

ڇڪي ذرّو ٿو ذرّي کي انهيءَ کان .

ڪشش ڪک ڏي رهي نت ڪهربا جي ،

ڪشش لوهه ۽ چمڪ پاهڻ کي ڇاجِي ؟

ڪشش تارن جي نت هڪٻئي تي آهي ،

ڪشش سڄ، چنڊ نھ ڌرتيءَ تان ٿو لاهي .

قطب ڏي تاڻي مقناطيس ڇا کان؟

خبر اُن جي پڇو قبلھ نُما کان .

ڪشش نَرَ جي ٿي ماديءَ ڏي سُڀائِي ،

ڪشش وڻ کي رهي پاڻيءَ ڏي جائي .

ڇڪڻ جو شمع، پرواني جو پيو هُل ،

ڇڪي ٿو سرو قمري، گل کي بلبل .

وسي ڌرتيءَ تي پاڻي اُڀ منجهان ٿو ،

اچي ٿو واءُ پڻ ڌرتيءَ کي اُڀ جو .

جي ايئن ڌرتيءَ تي عاشق آسمان آهه ،

تھ ڌرتي خالي ان جي عشق کان ناهه .

اندر ۾ باهه جا ڌرتي ٿي سانڍي ،

سا اُڀ ڏي ڪنهن هنڌان ٿِي نيٺ ڦاٽي .

چوڻ بد عشق کي يارو  ! گناهه آهه ،

اهو عشق آهي جو سڀ جِي پناهه آهه .

 

238.ڪالهه ، اڄ ۽ سڀاڻي

 نھ ڪر ڪالهه ۽ سڀاڻي جي ادا ! بڪ ،

لنگهي ويو هوُ ۽ هن جي ناهي ڪا پڪ .

فقط اڄ ڏينهن تون پنهنجو سڏائين ،

نھ ڀاڙين اُن تي پڻ تون شام تائين .

تڏهن آ دوست ! تا خوش گهاريون اڄ رات ،

ڪريون صحبت ۾ ويهي پاڻ پر ڀات .

 

239.محبوب کي شاديءَ لاءِ منّت

آهي شادي چڱي نت چاره سازي ،

سڀن ماڻهن جي لاءِ، کان عشقبازي .

خصوصا زال جي لاءِ  ٿي ضروري ،

خواريءَ کان بچي عزّت سموري .

تون پياري ! رهه مٺي، پر ٿي نھ شيرين[3]،

تون خسرو لاءِ ڪُهه فرهاد[4] کي ڪين .

هجين مرويس جان بدشڪل، بدنام ،

محبت جي رکين، رامين ُ ٿئي رام .

جي ليلي[5] ڪاري هئي ، محبت هيس پاڪ ،

ڪيون اُن قيس[6] کي مجنون ۽ بي باڪ .

زليخا[7] جيئن نھ تون يوسف[8] پٺيان پوء ،

حيا ماڻهن جو رک ۽ حق جو رک ڀوء .

 

240.دنيا جي خوشي ڇا۾ ؟

مئي ۽ معشوق ، گلشن ۽ جواني !

انهيءَ کان وڌ نھ گهرجي زندگاني .

ڪجي دلبر سان گڏ ڪڏهن باغ جو شيل،

ڪڏهن اُن جي هٿان مئي جو ڪجي ميل .

ڪڏهن دامن وٺي دلبر جي ڇڪجي ،

وڃي چادر ۾ ان جي ڪڏهين لڪجي .

ڪڏهن سلجيس ڪَن ۾ راز پنهنجو ،

وجِهي ڀاڪر ، ڪجي دمساز پنهنجو .

 ٿجي ڪڏهن ناز اُن جي جو نيازي ،

ڪجي چرچي مان ساڻس بوسه بازي .

خوشي ايءَ ٿِي، جا حاصل ٿئي نھ جڳ مان ،

ڪڏهن جي ٿئي، نھ ٿئي وڌ هڪ گهڙيءَ کان .

 

241.دنيا جي خوشي جي حقيقت

خوشي دنيا جي آهي هٿ جي خارش ،

وڻي ٿِيِ، جيئن وڻي پهرين ٿي بارش.

وڌي خارش ، تھ هٿ ڄڻ باهه ۾ پئي ،

وڌي بارش، تھ هرجا ٻوڏ ٿِي ٿئي .

خوشي دنيا جي پهرين آهي منٺار ،

وڌي آرام مان بنجِي ٿئي آزار .

هميشھ جام مئي جان خوشگوار آهه .

اول مستي منجهس، آخر خمار آهه .

نھ ايءُ دنيا جو شربت يا شراب آهه ،

جلاب آهي ڪڙو، زهري ڪباب آهه .

گهڻو کائِي ، نھ اُن مان پاڻ کي مار ،

بچين جي،تھ بھ دوا درمل ٿئي درڪار .

نون ماني گلشڪر جان کاءُ ٿوري ،

نھ پئي تا گهرج تو کي گلشڪر جي .

 

242.سڪل ۽ آلي ۾ فرق

مٺي پاڻيءَ کان ٿئي کنڊ شرم هاڻي ،

ڏسي پاڻيءَ کي کنڊ پگهري ٿئي پاڻي .

مٺو پاڻي قبوليو نت بزرگن،

۽ کنڊ تي ٻار ۽ طوطا ٿا ٺڳجن .

بلور ۽ برف چمڪن ٻيئِي هڪ پر ،

تفاوت آهي هيُ ، هڪ خشڪ، ٻي تر .

سڪل ، آلي ۾ ڏس ُ ويڇو وڏو آهه ،

سڪل دنيا ۾ بد، آلو چڱو آهه .

 

243.عالي همّتي

پکي سو آهيان آءٌ قدسي، صفاتي ،

آهي فردوس پڻ مون لاءِ پڃرو .

آهيان آءٌ باز لاهوتي اصل کان ،

شڪار آءٌ مک نھ ناسوتِي ڪريان ٿو .

 

244.لقا، بقا آهي

بقا گهرجي مون کي تنهنجي لقا لاءِ،

لقا ناهي تھ گهرجي ٿو بقا ڪو نھ .

لنگهي هڪ پل نھ اُن جي عمر جو خوش ،

ٿو تُنهنجي لاءِ هت جيئيرو رهي جو نھ .

 

245.پکين جي مشابهت، ماڻهن سان

ڪڪڙ، ٻانگو پکين ۾ اصل کان ٿيو ،

۽ ڳيرو، ٿيو منجهن مشهور مُلّو .

آهي تسبيح خوان قُمري انهن ۾ ،

ڪري ”ياهو“ ڪبوتر، ذڪر تن ۾.

مِٺُو واعظ منجهن ٿيو منجهه فصاحت ،

ٿي پڌري ڪار ڪڻڇي منجهه بلاغت .

۽ آهي مور ناچو تن ۾ مشهور ،

رکي ٿي ڊيل پِڻ ڪڃريءَ جو دستور .

ڌُڪڙ ٿو ڪاٺ ڪٽّو ڄڻ وڄائي،

۽ بلبل ڄڻ ٿي سارنگيءَ سان ڳائي .

ڪٻر مشهور ٿي تن ۾ مهاڻي،

ڪري بڪ ۽ ڏئي گاريون ڏهاڻي .

تماشي لاءِ بازيگر ڪبوتر ،

هڻي بازيون ۽ ليٽي ٿو جو هر هر .

ٻٻرلو آهي ڪوري، جو آڻي ٿو ،

۽ سڏجي ڪاٺ ڪٽّو پڻ ٿيو واڍو .

 

246.تارن جو اثر ملڪن تي

ٻُڌل تارن ستن تي هفت اقليم[9]،

اصل کان آهي هر هڪ، هڪ جو بلّي .

عطارد جو اثر ٿئي روم تي نِت،

اثر نت مشتريءَ جو چين تي ٿئي .

قمر منجهه بلخ ۽ سڄ منجهه خراسان ،

زحل حاڪم بھ هندستان ۾ هوئي .

رهي منجهه ماوراء النهر زهره،

۽ ترڪستان ۾ مرّيخ مُرڪي .

 

247.انسان اصل کان پريشان (خلق الاانسان في الکبد) [10]

پريشاني ٿي آدم ۾ وجودي،

هميشه دل جي جمعيّت ٿو ڳولي .

آهن ٽي حرف آدم ۾، ٽيئي ڌار ،

ٿين گڏ ڪين، جيسين هِت پيو ٻولي .

 

248.مخالف طبيعتون

 ٻڍو آءٌ آهيان ڄڻ مٽّي ۽ پاڻي،

طبيعت منهنجي ٿي نرم ۽ نماڻي .

جوان آهي سڄڻ، جيئن واءُ ۽ باهه ،

انهيءَ کان شوخ ۽ آتش مزاج آهه .

سدائين باهه کي  پاڻي اجهائي،

مٽي کي واءُ لحظي ۾ اڏائي .

رهن ڪيئن گڏ مخالف طبع وارا ؟

رهيا جي، گهَر َ ٿين ويران سارا .

 

249.سڀ ماڻهو جيئرا ناهن

قصن ۾ نت ٿيا مئلن جي سڀ غرق ،

مئل، زنده جو ڄاڻي ڪو نڪو فرق .

نبيّن کان سوا، جيڪِي ڏسن جي ،

ٻُڌائن ڪين سو نامحرمن کي .

 

250.لکڻ جا طرز

جي ڀانئين اي ادا ! ڪاتب ٿين خوش خط،

ڇھ طرز آهن لکڻ جا، لکندو سي رَهه .

’مناشير‘ ۽ ’مُحقّق‘، ’نسخ‘، ’ريحان’ ،

’رقاع‘ ۽ ’ثلث‘ ، بس آهن اِهي ڇهه .

’غبار‘ آهي ۽ ’نستعليق‘ ’گلزار‘ ،

’شڪستھ‘ ، چارهي پڻ سک تون ٺهه پهه .


[1]  رابعه بصري مشهور عابده ۽ عارفه خاتون

[2]  عبدالرحمان ”جامي“، مشهور صوفي شاعر.

[3]  شيرين، ايراني شهنشاه خسروءَ جي راڻي، مٿس فرهاد عاشق ٿيو هو.

[4]  فرهاد اهو معمار، جو شيرين جي عشق ۾، پهاڙ کي تيشي سان ڏاري چڪو هو

[5]  ليلا، عرب جي مشهور عورت، ۽ مجنونءَ جي معشوقه، رنگ جي ڪاري هئي

[6]  قيس، مجنوءَ جو نالو

[7]  زليخا، مصر جي وزير عزيز جي نياڻي، جا يوسف عليه السلام تي عاشق هئي

[8]  يوسف عليه السلام، مشهور پيعمبر ۽ حسين ترين انسان.

[9]  ست بادشاهيون

[10]  لقد خلق الانسان في ڪبد – بيشڪ، انسان کي مشقت ۽ پريشانيءَ ۾ خلقيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org