سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :16

 

151.هيٺا نهين، مٿانهين آهي

 ڇڏ وڏائي، وٺ نماڻائي ادا !

ڄاڻ هيٺانهين، مٿانهين تون سدا .

نَئي اچي ڪڙڪا ڪندي ٿي خوف مان،

پئي ڪِري ٿي هيٺ سا ٽڪرن مٿان .

ماڪ ويچاري پَئِي جا پَٽ تي آهه ،

سا چڙهي اُڀ تي، وٺي سج جي پناهه .

 

152.خير ڪندڙ سڀ کان چڱو

”صائم الدّهر“[1] آهي جو دنيا پرست ،

”قائم اللّيل“[2] آهي جو بدراهه تي .

تنهن کان بهتر خير ڪندڙ آهي سو،

جو رکي روزا نھ، نت ننڊ ون ڪري .

 

153.اوليائي تحت قبائي لايعر فهم غيري

(حديث قدسي)

خدا جا چار قُبّايا قبائون

سڀڪو  هن دنيا ۾ هڪ جَبّي ۾ آهه ،

ناهي جبّي ۾ مگر قبّي ۾ آهه .

اهڙا تن ۾ ٿيا  خصوصاً اوليا ،

”اَوليا تحت قبائي“[3] چيو خدا .

اهڙا آهن چار قُبّا منجهه جهان ،

مرد حق جا ٿا رهن تن ۾ نهان .

رب بھ ”لا يعرفهم غيري “ چيو،

سڀ قباوارن سان سو لاڳو ٿيو .

پهريون قُبّو علم جو آهي ادا !

جي رهن تن ۾ سي ڏسجن ڄڻ مُلا .

مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ڪن مقال ،

ڪو نھ مولى ري ٿو ڄاڻي تن جو حال .

سڀڪو سمجهي ان کي مُلّو مولوي ،

ڪو نھ ڪو ان کي ڪڏهن ڄاڻي ولي .

جو نھ خلوت ۾ رهي صوفيءَ  مثال ،

۽ نھ خرقو سو رکي يا وجد حال .

ٻيو قُبو دنيا جي آهي اي ادا !

جنهن اندر سڀ ڪاسبي داخل ٿيا .

ٿيا اُهي دنيا جي ڌنڌن ۾ لڳل ،

ليڪ معنى ۾ ٿيا دنيا کان ڀڳل .

سڀڪو چئي، سوداگر آهن هي سڀئي ،

ويا اُهي ”بيع“ ۽ ”شرى“[4] ۾ سڀ لڳي .

ٽيو قبو آهي بلا ۽ مرض جو،

مبتلا، رهندڙ انهيءَ جو نت ٿيو .

ظاهري بيمار ٿا گهارين سي ،

زحمت ۽ آزار ٿا ڌارين سي .

صبر ۾ ليڪن گذارن روز و شب ،

ان کان ” اَ يّوبي“ ٿيو، تن جو لقب .

سڀڪو ڄاڻي، سي مرض ۾ ٿا مرن ،

ڪيئن ڀلا سي حق کي هردم ياد ڪن ؟

چوٿون قُبوّ  دغا جو اي ادا !

اِيءَ پرولي ڪين تون پُرجهين صفا .

ان قُبي ۾ اوليا جي ٿا رهن ،

سي ملامت جڳ جِي سر تي ٿا کڻن .

ٿيا سي مولائي، نھ مُلا مولوي،

غير شرعي ڪم ڪندڙ ۽ بدعتي .

سي خراباتي ۽ عاشق رند مست ،

پڻ اُهي مجذوب ۽ شاهد پرست.

فاسق ۽ فاجر ٿا ڄاڻن تن کي سڀ.

ٿا وجهن لعنت ملامت تن تي سڀ.

خلق کي ائين سي دغا سان ٿا ٺڳين ،

راز پنهنجو پر سي ظاهر ڪن ٿا ڪين .

مست صورت ۾ قلندر جان اُهي ،

مَحو معنى ۾ رهن رب سان اُهي .

تون سنڀالي هل اُنهن سان اي ادا !

تا رهين دنيا ۾ خوش خورّم سدا .

تون سڃاڻين ڪين پردي ۾ ٿيو ڪير ؟

ڀُلُ نھ ظاهر تي، نھ تن سان پاء وير .

لوڪ ۾ لڪندا گهمن جوڳي سچا ،

هوش رکُ، ڪک َ هيٺ لک چيو ٿن ادا !

 

154.واصلن لاءِ عبادت، شرڪ آهي

عارفن کي ٿيو جڏهن حاصل وصال ،

تڏهن عبادت، تن جي لاءِ آهي وبال .

پوءِ عبادت، شرڪ تن لاءِ ٿيو عظيم ،

جيئن چئِي قدسي حديث آهي حڪيم[5].

پوءِ عبادت ڄڻ تھ محض آهي دوئي ،

عابد ۽ معبود ،وحدت ڪا نھ ٿِي.

عابد ۽ معبود ٿي پيا ٻھ ۽ غير ،

غير ُ، جي  وحدت ۾ آيو ، ناهي خير .

وصل ۾ عاشق، فنا في الله ٿيو ،

فعل اُن جو، فعل آهي دوست جو .

تنهن تي بِي يَبصر[6] ۽ يَسمَع چيو خدا ،

”لي مع الله[7] “ چيو نبيء اُن تي جدا .

ان ڪري منصور ”اناالحق“ هو چيو ،

بندگي، پوءِ پاڻ کي سجدو ٿيو .

پوءِ جي ڪم واصل  ٿا ڪن ظاهر هتي ،

بيخوديءَ مان ڪن اهي ڪَلَ وانگي سي .

غرق آهن بحر و حدت جي اندر ،

ٿا اچن لڙهندا سي ۽ ترندا نظر .

جو فنا جي بحر ۾ ڪاهي پوي ،

ٽوپِي ۽ خرقو اول اُڇلي ڇڏي .

ٽوپي آهي نفس ۽ هِٺُ ۽ خودي ،

خرقو آهي جسم ۽ اَن َ جي ڀَري .

فارغ ۽ هلڪو نھ ٿئي ڪو جيستئين ،

ٿئي نھ تارو ۽ نھ ٽوٻو تيستئين .

 

155.صوفي اصطلاح مَحو ۽ مَحق[8]

مَحَق صوفي ٿا ٿين ۽ مَحو پڻ ،

صَرف گويا ٿا پڙهن ۽ نَحو پڻ .

معنى ٻنهِي جي ، ٿيڻ گم يا فنا ،

يا ٿيڻ يا بيخود، خبر جيئن پَئي نھ ڪا .

هڪڙو آهي مَحو ، جو ڄڻ آهي صَحُو[9] ،

محض سُڪر[10] ۽ بيخودي ٻيو آهي مَحو .

محو ٿئي جڏهن عين فاني ٿئي ڪو ئي ،

پر اثر باقي رهي ڪو اُن ڀي .

لوڻ مثلاً، جو پوي ٿو منجهه طعام ،

يا شَڪَر پاڻيءَ  ۾، حل جا ٿئي تمام .

پر اثر، کاڌي ۽ پيتي ۾ رهي ،

هڪ سلوڻو، ۽ مٺو ٻيو ٿو ٿئي .

مَحق ٿئي، جڏهن فاني ٿئي ڪو سربسر ،

جيئن رهي باقي نھ ڪو اُن جو اثر .

جيئن پوي شيءِ کاڻ ۾ ڪا لوڻ جي ،

۽ مِلِي انسان، وڃِي خود لوڻ ٿئي .

باهه ۾ ڪاٺي ٻري ، جيئن ٿئي ٿي باهه ،

فرق پوءِ هِن ۾ ۽ هُن ۾ ڪو بھ ناهي .

يا هجي پاڻيءَ ٿي ڦوٽو ۽ ڦِسي ،

 قطرو يا قلزم ۾ ڪو پوندو ڏسي .

پوءِ رهي باقي نھ  اُن جو ڪو نشان ،

اُن جو ٿئي عَين ۽ اثر گُم بي گمان .

مَحو ٿيو هو ، بي خبر بيهوش ڀي،

مَحق، يعني محو منجهه ٿيو مَحو هي .

جو حقيقت ۾ بلاشڪ ٿيو فنا ،

پر هي وڌ ان کان، فنا منجهه ٿيو فنا .

 

156.دنيا جي حُبّ ۽ ترڪ

حُبّ دنيا جِي رکن ڪي علّتي ،

ترڪ دنيا جي ۾ آهه سلامتي .

انبيا ۽ اوليا تارڪ ٿيا ،

فاسق ۽ فاجر، دنيا جا محبتي .

حب دنيا راس ڪل خطئيته[11]،

”ترڪ دنيا راس[12] ڪُل عبادته “.

 

157.ڪلموا الناس على قدر عقو لهم

سڀڪنهين وٽ هيءَ حديث آهي قبول ،

”کلّموا النا ّس على قدر العقول “[13].

عقل موجب هر ڪنهين سان ڳالهه ڪر ،

عقل جي انداز تي تون ڌيان ڌر .

ٻيءَ طرح، ڄڻ وقت ٿيو ضايع يقين ،

مُد ّعا حاصل ٿيو ڪنهن جو بھ ڪين .

بلڪ پهچي ٿو  انهيءَ مان ڪو ضرر،

يا خرابي ڪا انهيءَ مان ٿئي پڌر،

علم جو نُڪتو جي ڪو عالم چوي ،

ڪيئن ڀلا  جاهل کي سو معلوم ٿئي ؟

پڻ پڙهڻ ڪنز ۽ قد وريءَ جو ڪتاب ،

آهي بيشڪ ڄڻ رڍن آڏو رباب .

۽ جي حڪمت جي خبر ڏئي ڪو حڪيم ،

سمجهي ڪيئن نادان ُ، جو ناهي فهيم ؟

اوليائين جو، جو آهي حال قال ،

غافلن جي فهم ۾ ايندو محال .

بالغن جي ڳالهه ڪيئن سمجهن صغير ؟

ڪين سمجهن بادشاهن جي، فقير .

کير پيئندڙ ٻار کي پئي ڪهڙي پَر ،

حلوي ۽ مانيءَ جو لذّت جي خبر ؟

ڄاڻي ڇوڪر ڇا منجهان شاديءَ نڪاح؟

ٿي وڻي ان کي مٺائي جي صلاح .

نور سڄ جي جو انڌي کي ڇا سماءُ ؟

بلڪ اُن مان ٿئي اکين  اُن جي کي گهاءُ .

سَرو َ جو ڪر ذڪر  قمريءَ سان اَدا !

شمع جو پرواني سان پڻ ٿيو روا .

چِٻَ سان ڪر ويراني واري قيل قال ،

ڇيڙ بلبل سان تون گلشن جي مقال .

عشق جو احوال ڪر عاشق سان تون ،

ٿيو سو زاهد وٽ فسانو ۽ فسون .

هر ڪنهين جي طبع جي رک تون نظر ،

سمجهه آهر هر ڪنهين سان ڳالهه ڪر .

خاص سان رهه خاص ۽ سان عام، عام ،

ياد رک منهنجي نصيحت،و السّلام .

 

158.صالح ۽ محسن جي وچ ۾ فرق

فرق ٻڌ صالح ۽ محسن جو ادا !

نيڪ آهن ٻئي، سندن نيڪي جدا .

ٿو ڊڄي صالح سدائين کان عذاب ،

باهه دوزخ جي جو ناهي اُن کي تاب .

پڻ رکي هر وقت جَنّت جو هَوَس،

نفس جي لذّت جي نِت ڳڻتي اٿس .

دين جي ڪم ۾ رکي ڊپ ۽ اميد ،

ڪم ۽ نيّت جا سندس ٿيا هي ٻھ ڀيد .

پڻ ڊڄي محسن ٿو، پر سو کان جلال ،

پڻ رکي اُميد ، پر سو منجهه جمال .

پر نھ ان کي نفس لاءِ اميد ڊپ،

ٿو رهي هر وقت ان کي حق جو کَپُ .

ٿيو جو محسن، مخلص اُو لله ٿيو ،

ٿيو جو صالح، صادق اَو في الله ٿيو .

اهي محسن جِي اها ڪوشش پناهه ،

تا نھ ٿئي اُن کان ڪبيره ڪو گناهه .

پر نھ صالح جو رهي ٿو اهڙو حال،

ٿئس گناهن جي نھ ڳڻتيءَ جو و بال .

نيڪ بد ڄاڻي مُقدّر، کان ازل ،

ٿو ڪري، بيوس رهي، اُن تي عمل .

ڄاڻي ناممڪن ڪرڻ پاسو اتي ،

۽ نھ ڪڏهين پاڻ کي مختار چئي .

 

159.وليءَ ۽ نبيءَ ۽ رسول جي وچ ۾ فرق

واقف آهي راز حق جي جو ولي ،

ٿئي حقيقت جو انهيءَ  کي ڪشف[14] ڀي .

پر نھ اُن کي حڪم ٿيو اصلاح جو ،

حق نھ ان کي ، خلق جي ارشاد جو .

اُن جي خالق سان ٿي مشغولي رهي ،

خلق جي ڳڻتي نه ان کي ٿي رهي .

ٿيو نبي پڻ واقف ۽ ڪاشف، مگر ،

خلق جي اصلاح ٿي ان کي پڌر .

جنهن نبيءَ تي ٿيو وري نازل ڪتاب ،

شرع جي دعوت ۾ پڻ ٿئي فتحياب .

سو ٿو پيغمبر بھ سڏجي ۽ رسول ،

سو ولي ۽ سو نبي، ٻَئِي ٿيو قبول .

اِن طرح سڀڪونبي، آهي ولي ،

پر ولي سڀڪو، نھ سڏجي ٿو نبي .

۽ وڏي پهرئين  کان ٻئي  جِي منزل آهه،

جو نبوّت کان ولايت افضل آهه .

ٻُڌ سبب اُن جو تون اي طالب ! مُنکان ،

جو ولايت وئي نبوّت جي مٿان .

مُنهن وليءَ جو آهي هڪڙي دوست ڏي ،

۽ نبيءَ جو، خلق ڏي دائم رهي .

پر نبيءَ کي هي ٻھ مُنهن آهن مليا ،

تڏهن ٿيو اُو مقتدا[15] ۽ رهنما .

منجهه ولايت ، ٿيو گهڻو عشق ۽ ڪمال،

منجهه نبوّت، ٿيو گهڻو لُطف ۽ جمال .

ٿيو ولي ، نت مَحو ذات ۽ عين ذات ،

۽ نبي سمجهائي آسما ۽صفات .

 

160.روح جي حقيقت

روح جي معنى جا طالب ٿيا گهڻا ،

ان ۾ شُبهامختلف غالب گهڻا .

ڪو بھ مذهب روح جو ڳجهه ڄاڻي ڪين ،

ٿئي حقيقت جو نھ ڪنهن کي ٿو يقين .

روح کي البت سڃاڻن خود شناس ،

پر نھ ٿِي ظاهر ڪرڻ جي تن ۾ آس .

عارف ۽ ڪامل نھ ڪو ظاهر ڪري ،

حڪم حق جو ڪيئن وساري سو ڇڏي ؟

امر رب جو روح ٿيو قرآن ۾ ،

وڌ چوڻ ان کان، نھ ٿيو امڪان ۾.

روح جو ڳُجهه؛ ڳُجهه ٿيو الله جو ،

جسم جڳ ۾ ان جِي منزل گاهه ٿيو .

عڪس حق جو روح عالم ۾ تون ڄاڻ ،

فرق شخص ۽ عڪس جو نِت تون سڃاڻ .

روح صورت اصل هُئِي رحمان جِي ،

جا مثل ۾، معنى ٿِي انسان جِي .

روح ٿيو معنى اسان جي؛ تنهنڪري ،

روح جي معنى وري، حق ٿو ٿئي .

روح نامخلوق ڪوٺڻ يا قديم ،

قر طبيءَ[16] جان ٿو ڪرڻ غلطي عظيم .

روح، مخلوق آهي پر خالق نُما ،

ابتدا وارو ، مگر بي انتها .

آهي جي مخلوق ، هالڪ ٿيو اهو ،

روح جڏهن ٿو جسم جو ياور ٿئي ،

سڀني صفتن جو تڏهن مظهر ٿئي .

جيئَن ڪ، حق ٿو ذات ۾ مخفي رهي ،

اِسمن ۽ صفتن ۾ ٿو ظاهر ٿئي .

تيئن رهي ٿو روح ، مخفي منجهه جهان ،

ٿئي حياتيءَ جي نشانن ۾ عيان .

جيئن ڪ حق عالم ۾ آهي، ناهي پڻ ،

مُنتّصل[17] ۽ منفصل[18] ٻئي آهي پڻ .

حال تيئن روح ۽ بدن جو تون سڃاڻ ،

تَنَ جي اندر توڙي ٻاهر تون نھ ڄاڻ .

 عَين جو عڪس آهي ۽ قالب ۾ عَين،

ر ُنبو ان جو آهي بين الر ُّتبَتَين[19] .

روح جي لاءِ ڇو ٿيوسائل سڀئي ؟

روح آهي سائل ۽ مسئول ٻئي .

سڀڪا شئي، جيئن جڳ اندر اک ٿِي ڏسي ،

پر ڏسي ٿِي ڪينڪي اک پاڻ کي .

 

161.عشق ۽ عقل جو فرق

جنگ جاري آهي عشق ۽ عقل جي ،

جڳ اندر، پر عقل ڪيئن سگهندو ڀُڄي ؟

جڳ ۾ زورآور سدائين عشق آهه ،

مَٽُ انهيءَ سان عقل توڙي علم ناهه .

ٿِي اچي نت عشق جي ان کي مذاق ،

عقل کي ۽ علم کي جو ڏئي طلا ق .

جو ڪري ديوانو پاڻهئي پاڻ کي،

تنهن کي لذت عشق جي معلوم ٿئي .

عقل چئي، ڪر فڪر ڪو ڪم ڪار جو ،

عشق چئي، ڪر ذڪر پنهنجي يار جو .

عقل چئي، ٿيو وصل دلبر سان محال ،

عشق چئي، هر دم رهي انسان وصال .

گل ۾ جيئن ٿا رنگ ۽ بُو گڏ رهن ،

جان ۽ تن، جيئن ڳنڍيل ٻئي ٿا ٿين .

عقل چئي ، پنهنجي نگهداري چڱي ،

عشق چئي، پنهنجِي گرفتاري چڱي .

 عقل چئي، تون غم کان نت آزاد رهه ،

عشق چئي، تون بندگيءَ ۾ شاد رهه .

عقل چئي، دانا ۽ سُو فسطاني[20] ٿِي ،

عشق چئي، نادان ۽ سودائي ٿي .

عقل چئي، سک علم حڪمت ۽ فنون ،

عشق چئي، ڪر ترڪ سڀ ۽ وٺ جنون .

عقل چئي، رهه خوش ۽ وٺ دل جو فراغ،

عشق چئي، رک دل تي تازو غم جو داغ .

عقل چئي، حرفت، هنر جي ڏي ثبات ،

عشق چئي، ڪر پاڻ کي تون پاڻ مات .

عقل چئي ، پيادو ڪريان چاڙهي سوار ،

عشق چئي، ٿيو راند هارڻ ۾ نھ عار .

 عقل چئي ، ڪر گفتگو، لَهُه آفرين ،

عشق چئي، ڪر ماٺ ڪي ڳالهاءِ ڪين .

ٻُڌ ”قليچا“ عشق جو تون راز سڀ ،

سوز وٺ اِيءُ، عقل جو ڇڏ ساز سڀ .

 

162.شراب ۽ رباب

حال تي ڪر رحم مون مخمور جي،

ڏي پيالو آب مان انگور جي .

ڳائي ساقي ! مون مئل ۾ ساهه وجهه ،

رک ٻھ آڱريون نبض تي طنبور جي .

 

163.تحمّل ۽ عالي طبعي

رکھ تحمّل اهڙو جو باري زمين ،

تو اڳيان هلڪي هوا وانگي ٿئي .

طبع عالي اهڙي، جو هلڪي هوا ،

مثل ڌرتيءَ جي ڳري پيئي لڳي .

 

164.دنيا جو خواب

خواب ۾ هڪ شخص کي آيو نظر ،

شهر مان ٿيو اُن جو صحرا ۾ گذر .

مست هاٿي هڪڙو اُت ايندو ڏٺئين ،

ڊپ سبب اُن کان بچڻ جي رٿ ڪيئين .

وڻ اڳيان آيس نظر هڪڙو وڏو ،

ڊوڙي سو هڪدم وڃي ان تي چڙهيو .

هاٿي گجندو آيو، سو بيٺو اچي،

پاڙ وٽ وڻ جي، هو جت هڪ کوهه ڀي .

وڻ اڳيان آيس نظر هڪڙو وڏو ،

ڊوڙي سو هڪدم وڃي ان تي چڙهيو .

هاٿي گجندو آيو، سو بيٺو اچي،

پاڙ وٽ وڻ جي، هو جت هڪ کوهه ڀي .

کوهه ۾ هڪ اڙدها هئي ڪا لڪل ،

وات جنهن جو هو سندس لاءِ پڻ پٽيل .

پڻ ڪُوئن جهڙا ٻھ آيا جانور،

هڪڙو ڪارو ، ٻيو اڇو ، آيو نظر .

سي وڍڻ ٿيا تُرت وڻ جي پاڙ کي ،

ڏند تکا هئا تن جا ، ويا ٿي سا وڍي .

وڻ تي مانارو هو ماکيءَ جو مٿان،

جي چڙهي، ڏنگن مکيون ان کي اتان .

ان طرح، هيٺان مٿان دشمن تيار ،

ڇا ڪري ويچارو؟ پيو منجهه انتظار .

ماکي ، ماناري منجهان پئي پڻ ٽمي ،

وات ۾ پيا ٿي ڦڙا ان جا سِمي .

ٿي چٽيائين شوق مان ، خوش ٿي ٿيو ،

وقت لئھ وسري سندس سڀ خوف ويو .

ايتري ۾ وَڻ، ڪوئن ڪاٽي وڌو ،

سو ڪِري پيو ۽ هو پڻ پَٽ تي ڪِريو .

اڙدها نڪري ڳهي هاٿيءَ کي وئي ،

۽ ڪرڻ سان، هن جي اک پٽجي وئي .

شخص هيءُ تڏهن ڊوڙيو پنهنجي پِير ڏي ،

تا حقيقت خواب جي اُن سان ڪري .

سا ٻڌي مُرشد سندس هن پر چيو :

هن طرح هن خواب جو تعبير ڪيو :

شهر آهي آخرت، صحرا جهان ،

مست هاٿي. هٺ کي سمجهج بيگمان .

وڻ اهو، ڄاڻج تون ماڻهوءَ جي ڄمار ،

۽ اڇو، ڪارو ڪوئو ، ليل ۽ نهار .

کوهه، آهي موت جو حيلو صفا ،

اڙدها، آهي اجل خود، اي ابا !

ماکي، پڻ دنيا جي لذّت ڄاڻ تون ،

آفتون آهن ڏنگيندڙ جيئن مکيون .

لذتن ڏي ماڻهو ٿو مائل رهي ،

هٺ ۽ مستيءَ کان سدا غافل رهي .

ان ڪري ٺڳجِي ٿو پنهنجِي جان ڏئي ،

نفس جي پويان لڳِي ٿو ناس ٿئي .

تون ابا ! منهن موڙ ان کان ۽ سنڀال ،

تا نھ ٿين لالچ ۾ ٺڳجي پائمال .

 

165.خوف ۽ هيبت جي وچ ۾ فرق

ٻڌ تون مون کان خَوف ۽ هَيبت جوفرق ،

تا حقيقت جي پوي تو کي خبر .

آهي هيبت ۾ لڪل ڏاڍي ڏ َيا،

رُعب ۽ عظمت جا ڊپ سان گڏ اَثر .

بادشهه توڙي امير آهي مَهيب ،

ٿئي ٿي هيبت، جڏهن پوي تن تي نظر .

اُن اندر اڪثر جلال آهي ڪمال ،

ناهي نفرت ان ۾، بهتر آهي پر .

ليڪ هر ماڻهوءَ ۾ خوف آهي خراب ،

سو ڊڄڻ نامرديءَ آهي ٿي مگر .

چورکان يا ڪنهن مروُنءَ کان ڪو ڊڄي،

ساهه جو ڊپ سو ٿو ڌاري بيشتر .

گرچھ خوف آهي خدا جو نت چڱو،

جو غضب ان جو سُجهي ٿو ۽ قَهَر .


[1]  هميشه روزيدار

[2]  ساري رات عبادت ڪندڙ

[3]  حديث قدسي: اوليائي تحت قبائي لايعرفهم غيري، منهنجا اولياءَ، منهنجي قبا ۾ مخفي آهن. انهن کي مون کان سواءِ ٻيو ڪير به سمجهي نه ٿو سگهي.

[4]  خريد و فروخت

[5]  حديث قدسي: من اراد العبادت بعد الوصل فقد اشرڪ بالله العظيم جنهن وصل کان پوءِ عبادت جو ارادو ڪيو، تنهن ڄڻ شرڪ ڪيو.

[6]  حديث قدسي: اهي نه ڏسن ٿا ۽ نه ٻڌن ٿا، مگر الله جي ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ سان ئي ڏسن ۽ ٻڌن ٿا

[7]  حديث ”لي مع الله وقت“.... الخ الله وٽ منهنجي لاءِ اهڙو وقت آهي، جنهن ۾ نه ڪو نبي ٿو ويجهو رهي ۽ نه ڪي ملائڪ ئي قريب ٿا رهن

[8]  بيخود ۽ فنا ٿيڻ

[9]  هوشياري

[10]  بيخوديءَ ۾ نشي جي حالت

[11]  حديث دنيا جي محبت، ڪل خطائن جو بنياد آهي.

[12]  ڪل عبادتن جو بنياد، ترڪ دنيا آهي

[13]  ماڻهن سان، انهن جي سمجهه آهر ڳالهه ٻولهه ڪريو.

[14]  ظاهر ٿيڻ ڳجهه جو.

[15]  جنهن جي پيروي ڪئي وڃي.

[16]  علامه قرطبي، جنهن علم ڪلام جي هڪ مسئلي ۾ روح کي نامخلوق ۽ قديم سڏيو آهي

[17]  گڏيل

[18]  جدا

[19]  ٻن مرتبن جي وچ ۾

[20]  سو فسطائي، فيلسوف

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org