سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :24

 

394 . مناجات يا دعا

اي خلق جا خالق، عالم الغيب!

تون پاڪ، هزار اسان ۾ ٿيا عيب.

ٿئي مهِر کان تنهنجي ڪم اسان جو،

ٿا جيڪي رکون، سو سڀ ڏنو تو.

ٿيو لطف ۽ غصو تنهنجو بيحد،

ڪنهن کي نه ڪرين، بديءَ ڪري رد.

ڪر رحم جو بي مدار آهيون،

اميد ۽ ڊپ جي وچ ۾ گهاريون.

 

395 . عاشق ۽ معشوق، ماڻهو ۽ خدا

آيا ٻئي منجهه مقام معلوم،

مان باهه پتنگ، باهه مان موم.

ٿِي جيسين نه شمع پگهري سڀ نور،

منهن ان جي جو تجلو ٿيو نه مشهور.

سچ آهي ته توکي موم ڪيائون،

۽ نانءُ سندئي ”ظلوم“ ڪيائون.

هت حق جي اڳيان قبول ٿئين تون،

مشهور هتي ”جهول“ ٿئين تون.

396 . علم ۽ عمل سان حقيقت معلوم نٿي ٿئي

ڄاڻڻ گهرين جي حقيقت ان مان،

فانع نه ٿي علم ۽ عمل سان.

هي اَب ۽ گلِ نه، هي دل آهي،

هو راهه سفر، هي منزل آهي.

 

397 . آءُ، تون، ۽ هو

ڪيسين تون سڏائين پاڻ کي ”تون“ ؟

”هُو“ هٿ ڪرين ”آءُ“ کي ڇڏي ”تون“ ،

پيو ڄاڻ سدا، جي آهين نادان،

جي ڄاڻين، ٿين پنهنجو پاڻ، شيطان.

آدم ٿيو خطا کان جڏهن پشيمان،

راضي ٿيو ان کان ربّ رحمان.

 

398 . خدا سڀ شي ۾

جنهن شيءَ ۾ نظر ڪريان سنڀالي،

منهن تنهنجي نور جو آهي منظور.

هڪ ڌارا  ڏسي ته اک حقيقي،

ٽيڏو، جو ڏسي ٻه، آهي معذور.

399 . پاڻ ۾ ٽٻي هڻڻ

ڪک جانّ تون ڪناري تي اچي پئين،

پاڻيءَ جي گجيءَ ري ڪين ٻيو ٿئين.

موتي جي گهرين، ته سِپ ڀڃڻ سک،

تون پاڻ اندر ٽٻي هڻڻ سک.

 

400 . وجود اصليءَ جي وصف

ڄاڻين نه جي تون وجود اصلي،

ٿئين خام طمع، نه مرد وصلي.

حڪمت جو نشان ڪيئن پڇين تون؟

منجهه حرص، تون قيدي آهين عقلي.

ٿي طبع سنديئ مخالف ان لاءِ ،

جو خيال رکين ٿو چار فصلي.

يڪدل نه ٿين جيسين تَئين ۽ يڪراءُ،

گمراه تون قولِي ٿين ۽ فعلي.

 

401 . عشق جو مذهب

مذهب ۾ جي عشق جي هجين راس،

واکاڻ جو جڳ جي ڪر نه وسواس.

ڪر جٺ نه ڪنهن سان، تا ڏسين ڪا نه ،

رنجاءِ نه ڪنهن کي، رنجبين تا نه.

 

402 . جڳ جو بادشاهه

هن ملڪ ۾ شاههَ جي ڪي آهن،

جڳ ساري تي حڪم ٿا هلائن،

اميد ۽ ڊپ ۾ جي رهن ٿا،

سي وصل جو جام پڻ پين ٿا.

 

403 . وحدت ڪُلَ

درگاهه، اي رب! تنهنجي اعلي!،

ڪيئن چئي ڪو سگهي ٿو ”لا“ ۽ ”اِلا“ ؟

سڀ ڪون مڪان پاي تا فرق[1]،

وحت سندي بحر ۾ ٿيو غرق.

 

404 . چڱو مذهب ۽ مشرب

ٿيو تنهنجو حجاب تو کان بيشڪ،

اريءَ شرط ٿيو مالڪن سندو پڪ.

پيو ڏس۽ نه چوُ، چڱو هي مذهب،

پيو رهه[2] ۽ نه رهه[3]، چڱو هي مشرب.

 

405 . هستي ڇڏ ته واصل ٿين

هستي جڏهن تنهنجي تو سان ٿِي ٻِٽ،

افسوس! ته ان جِي پيو سِٽين سِٽ.

گُل جيسين ڀڳو نه ڪک، ڪنڊي کان،

ڪڏهن ڪين گڏيو سو گُلر خن سان.

جڏهن آئيني زنگ پنهنجو روليو،

تڏهن منهن تان مٺن نقاب کوليو.

 

406 . دنيا ۾ صبر ۽ تحمل ضرور

ڪُر ڪڻ جو ادا! نه وقت اٿئي هيءَ،

سڀ سور سهي ، پيو چپ ڪري جيءَ،

جي بار مٿهن رکن ته پيو کڻ،

ڏينئِي جي ڪو زهر، تون وٺي پيءَ:

ڪوٺڻ بنا پاڻ اِن ڏي پيو هل،

ڪوشش ڪري راهِي، ري ڪوشش ٿيءَ.

 

407 . عشق ۽ عاشقيءَ جو شرط

ٿيو عشق جو شرط بي نيازي

پر ناهي سو لاءِ سرفرازي.

خوش خلق، جهان سان رهڻ نت،

پڻ کير ۽ کنڊ جان ٺهڻ نت

گهارين ٿا واءَ ۽ مٽيءَ جان،

نِت خالي هٿين رهن سڀن سان.

 

408 . عشق جي صفت

اي عشق! بلا ڪٿي جِي آهين؟

بيگانو ٿِي، آشنا چوائين.

سان هڪڙي نظر تون عقل ڪُل کي،

ڏس! پيرين اگهاڙو ٿو ڀڄائين.

رستي کان تون پانهنجي سوين ڪوهه،

خود بيني، خودي پرَي هٽائين.

 

409 . اسين ڪي ڪين آهيون

آهيون اسين ڪم ڪنهين جا ڪِي ڪين،

ڪِي ڪين کان گهٽ پڻ آهيون مسڪين.

ڪِي ڪين جي آهيون پوءِ اسان تي،

ڏک ڏوجر اڇو اچن ٿا ڪاهي؟

 

410 . هڪ جان ڏيئي هزار وٺ

هِڪ سرِ رکي وٺ، سرن جي تون کاڻ،

هڪ جان ڏيئي، هزار تون ماڻ.

تسليم جي ڪات سان ڪُٺل کي،

هردم ملي جان غيبي هٿ ساڻ.

 

411 . مسلم گهڻا، مومن ٿورا

ڪٿ آهي سو دَمُ، جو هو ئي صفا سان؟

ڪٿ آهي سا دل، جا هوئي وفا سان؟

مسلم ٿيا گهڻا ۽ ٿورا مومن،

هڪ صلح سان خوش، ۽ سوُ جفا سان.

 

412 . عاشقن جا اطوار

پروا نه رکن سي پير ۽ سرِ جِي،

پڻ ڳڻتي نه ڪائي بال’، پرَ جِي.

سڏ تي نه ڪنهين سندي وڃن سي،

ڏک، سُک کان سدا ڇٽل رهن سي،

پئي روح قُدس کان تن کي سڀ ڪَلَ،

حق تي ٿِي سندن سچي توَڪّل.

 

413 . اغبار ڇڏ ته يار ڏسين

اي تون! جو ڪرين دراز دستي،

چو کنڀو اِها ٻَڌئِي ٿِي مستِي.

اي ڳنڍ، کُلي پوئي جي يَڪبار،

آزاد ٿين اي پکي! گرفتار.

ٿي ڏاهو، ٻه ٽنگو آهين ڦاٿو،

هنِ بند مان ٿو ڀڄين نه تون ڇو؟

پوءِ سَيرَ جهان تي پيو ڪر،

ڌرتيءَ جي مزن تي، تون نه پيو مَرُ..

 

414 . نفس کي مارڻ

جڏهن نفس سندئي اُڏاڻو برتر،

ٿيا ڪِبر، ريا انهيءَ جا شهَپرَ.

کنڀڙاٽيون انهيءَ جون وڍ اُٿِي تون،

سُمههُ پوءِ آي يار! ٿي سکِي توُن.

 

415 . ڪبر ۽ ريا جي شڪايت

جو قصد ڪري ٿو ڪبِريا جو،

دشمن ٿئي ڪبِر ۽ ريا جو.

سو ٿيو ٻِلو جو رکي صفت ايءَ،

اُن کان ٿيو ڀلو ڪُتي سندو جيءَ،

پيدا ڪري حب ٿِي دنيائي.

خود رائِي، ريائي ٿِي، خودنمائي.

چيو ان کي حديث ۽ پيمبر:

اخلاص جو ضد ” ۽ شرِڪ“ اصغر .

جو اهي ريائي، مرد ناهي،

لاءِ دين، انهيءَ کي درد ناهي.

بندو ٿئي ڪيئن ريائي درويش؟

جي ٿئي، نه دوجڳ ۾ ٿئي سو دلريش.

 

416 . هٺ جي شڪايت

فرعون سڏايو پاڻ کي رَبّ،

جو هَٺُ ۽ وڏائي هوس مطلب.

نمرود اُڏاڻو هٺُ کان اڀ ڏي،

ڏس ماريو مڇر ڏنگي انهيءَ کي.

ٻانهو ٿي بلال، نا سڪندر،

ماڻهو ٿي ادا! نه گاو ۽ خر.

خاڪِي تون مٿي ۾ ڇو رکين واءُ؟

نيٺ آب‘ وڃئِي ۽ باهِه ڏيئِي تاءُ.

 

417 . زر يا سونُ جي هستي ۽ پستي

اي زر! جي هتي ڪِنِي[4] اچين تون،

بوتي[5] کان ڀلا ڪٿان ڇٽين تون؟

بو’تي ۾ پگهار پاڻ کي توُن،

ٿي پاڻهئِي پاڻ کان پري تون.

جڏهن ترڪ ڪرين تون پنهنجي پستِي.

معلوم ڪرين تون پنهنجي هستي.

بوتي مان ڪڍن انهيءَ کان توکي .

تا مَلهه به سند ئي اڳي کان وڌ ٿئي.

 

418 . دنيا ۽ خلق کي ترڪ ڪرڻ

تون پاڻ کي يار! پاڻ ڏي چور،

ٿِي ڏور ٻين کان تا رهين زور.

پئي نفس مرڻ جِي سڌ نه تيسين،

جيسين نه ٿئي ڪو زندهه درگور.

ٿو خلق ڏي مَيل، ميل ۽ مرض،

دل تنهنجي جِي اک کي سا ڪري ڪور.

ڀڄ خلق کان، ڇو جو دشت هن ۾،

ٿو گُرگ کان ان طرح ڇٽي گور[6].

 

419 . طاقت هوندي شهرت نه گُهر

مَرُجن هجن مطيع تنهن جا،

حيوان به، پوءِ ڪرين ها تون ڇا؟

رَهَه ماٺ ۾ اڳ ۽ پوءِ پيو ڏس.

گهٽ وڌ سندو فرق توُن نه ڪر ڏس.

ناحق گهرين شهَر جِي تون شهرت،

جي پاڻ پسين ته خوش ٿين البت،

 

420 . نامرادي عشق ۾ ضرور

ڪم تنهنجو جي پاڻ ٿو ڪري يار،

ڏي ان کي سمورو پنهنجو اختيار.

ٿيون آفتون تو سنديون سڌون، واءِ!

طلبين ٿو مراد عشق ۾ هاءِ !

 

421 . زمين جي تعريف

بنياد ٿيو جڳ جو تو کان قائم،

سُک جيئري، مُئي کي تو مان دائم .

دنيا جا ڇهه طرف، چار عنصر،

بيهارين نَو آسمان برسر.

مرڪز تون فلڪ جو ۽ فلڪ سو،

پرِ ڪار جان تو مٿي ڦري ٿو.

بيشڪ آهين تون حرم سڳورو،

مقصود حقيقي، ڪعبي جهڙو .

اي ڌرتي! ٻڌاءِ پنهنجو احوال،

گرچه آهي ڏسڻ ۾ تنهنجو بدحال،

سرگشتو رهان ٿو آءُ ۽ حيران،

شايد ڪرين منهنجو مشڪل، آسان.

422 . پاڻيءَ جي تعريف

تو طبع سڀن جِي جلوه گر ڪئي،

تو بهتري اندر ۽ ٻهر ڪئي.

ڪيو فيض سند ئي سڀن کي خوشحال،

تازا ۽ توانا، تو مان هر حال.

پيدا ٿيو تو مان سڀڪو هر جاءِ .

جو ”حيَّ ٿِي ڪُلُّ شَيءِ منِ اَلسماءِ“[7].

تون چست ۽ تيز رو، سبڪ روح،

اُڄ ۾ ٿئي توري جان مجروح.

ڪِي درد جِي، منهنجي تون دوا ٿِي،

ڪِي مرض جِي، منهنجي تون شفا ٿِي.

ڪر حال کان پنهنجي، مون کي آگاهه،

صحبت ۾ سند ئي، ٿيان خوش آءُ تا گاهه.

ڏيکار مون کي، سگهان نه ڄاڻِي،

هن راهه جو منڊ ۽ پڄاڻي.

 

423 . وڻن جي مشابت

هي ماڻهو هئا ڏسڻ ۾ آزاد،

هئا باهه اندر جي کان سي برباد.

روزي ۽ نماز ۾ گذارين،

پاڻيءِ جي چڪي ري ٻيو نه کائين.

نند رات جو تن کي ڪانه هئي منُور،

پاسو هو سندن زمين کان دُور.

درويشي هئي اصل تن جو رستو،

ليڪن ٿي ڏٺائون پاڇو پنهنجو.

پاڻيءَ ۽ مٽيءَ کان هئا سي بيزار،

پر اصل کان پنهنجي هئا نه سي ڌار.

منهن ۾ هئا جوان، پرٻڍا سي.

وارن کي لڳل هو ڪيس تن جي.

خوشبو هئي لڳل سندن لٽن کي،

پر کل هئي سُڪل سندن بدن تي.

 

424 . هيٺاهين، بلندي آهي

پاڇي ۾ رهڻ ٿي سرفراري،

تن لاءِ، جي ڪن خيال بازي.

گپ،گند،پليدي ۽ نجاست،

تن مان نه ڇٽل ٿيو ڪو نمازي.

تن ڄاڻي ڇڏيوحقيقي آرام،

ماڻين، هتي مزا مجازي.

 

425 . سنگت لاءِ عرض

گڏ مون سان ڪري تون مهِر نت رهه،

دل شوق ۾ ٿي سڙي، خبر لههُ.

آرام تون يار! وٺ گهڙي کنَ،

ٿي ڪين پري، جو موهيو تو مَنَ.

برپَٽَ ۾ سجهي ٿِي ڪا نه منزل،

ڇا آهي اچڻ، وڃڻ مان حاصل؟

آهين گهڻو ڊوڙيو هن گهٽيءَ ۾،

چوُ، جيڪي ڏٺئي، ٻُڌئي گهڙي ۾.

 

426 . باهه سان خطاب

تون رهبر رات جِي سُجهين عام.

تت صبح ٿو نڪري تو مان ۽ شام.

خوش تو کان رهي سدائين هر شمع،

پختو ۽ پڪل ٿئي تو مان هر خام.

هي خشڪ ۽ تر ڀڄِي ٿئي پاسي،

جت تنهنجي اچڻ جو هوئي انجام.

مخمور ۽ عاشق آهيان تنهنجو،

ساقِي ٿي، مون کي تون ڏي ڀري جام.

427 . طبع جون  حالتون

سرڪش هجي جيسين طبع تنهنجي،

منزل کان صفا[8] جي سا ٻهر ٿي.

ڪيسين تون سنڀالين سخت ۽ نرم؟

ڇڏ خشڪ ۽ تر، يا سرد ۽ گرم.

دل نفس کان، جان دل کان جڏهن وئِي،

تڏهن معتدل آهي طبع تنهنجي.

 

428 . خدا جا مرد، مرد سڃاڻن

جت پاڻ کي گم رکن ٿا ڪي فرد[9]،

زالن کان به گهٽ اُتي ٿيا مرد.

بلبل ڪري دانهون، جو رکي داغ[10].

ڪيئن سمجهي اُهي ڪا ڳجهه يا ڪو زاغ[11]؟

آهي جو شڪار، بازَ ورتو،

ڪيئن پئي ڪو سماءُ چڙيءَ کي اُن جو؟

 

429 . ليليءَ جو علاج، ليلي

همت جي بلندي مر هلائين،

ٿو دوست رسائي، دوست تائين.

جو درد ڏئي. دوا به سو ڏئي،

خارش مٿان کل جي ڄڻ همت هوئي،

جيئن مٽي جو علاج، مٽي ٿئي ٿي.

ليليءَ جو علاج تيئن ٿئي ليلي.

 

430 . ڪڏهن مُک، ڪڏهن هُما

ناچيز ٿي، آهيون حق بجا پڻ،

ڪڏهين آهيون مکيون ڪڏهن هُما پڻ.

اسين شاهه حقيقي آهيون ليڪن،

منجهه گودڙيءَ خاڪي ٿيَون گدا پڻ.

 

431 . وڻ ۾ معرفت لڪل

يڪسان ٿيا پن ۽ ميوو ۽ شاخ،

مڃ ڳالهه تون منهنجي، ٿِي نه گستاخ.

محرم ٿيڻ ان جو، ٿيو سندس وصل،

شاخ اُن جِي ٿِي ڦر، ۽ ڦرَُ ٿيو اصل.

جسِم ان جو ٿيو روح، روح ٿيو جسم،

ڇا مغز، ڇا گل، تون ڇڏ سندن اسم.

 

432 . بيخبر، بيدل ۽ بيروزگار

پڇ ڪا نه خبر تون بيخبر کان،

گم ٿيل جو پئي پتو نه گهر مان.

ڪو روز، نه روزگار مون کي،

دلدار نه، دل به ناهي مون سان.

 

433 . معرفت جو باغ

هيءَ گنج عجيب، جو نهان هو،

تر، تازو سو باغ بي نشان هو.

هو ڪين ڪڏهن سو ياد مون کي،

هو فڪر نه اُن جو دل ۾ منهنجي.

جڏهن اوچتو رب عطا ڪئي توفيق،

تحقيق جِي تڏهن ڏنِي مون تصديق.

434 . عشق جو شراب

هتِ جام ٿيو جان، عشق ساقي،

هي مئي ٿي نصيب عاشقن جِي.

نَشو هي شراب عجب رکي ٿو.

ڄاڻن ٿا ڪي رِند قدر اُنَ جو.

ٿا مست َ وٺن سو جان ڏيئي،

جي دل ٿو رکين ته وٺ سو تون ڀِي.

 

435 . ٻانهو ۽ ڌڻي

اَي بندا! تو بندو ٿي ڪيو ڇا؟

مالِڪَ جِي جي بندگي نه ڪئي تو.

هن جهڙو رکين نه ٻيو ڌڻي ڪو،

لک ٻانها هُو تو کان وڌ رکي ٿو.

 

436 . غيب تي ايمان واجب

ايمان تون رکه ادا! مٿي غيب،

حجت جي طلب نه ڪر، جو ٿيو عيب.

هن مدرسي ۾ اُٿي نه آواز،

هت سينه به سينه ٿو ملِي راز.

437 . محبت جي مئي

هي مئي سو پئي جو اهل درد آهه ،

جهنگ ان جو هيءَ جو ڪ شير مرد آهه ،

پروانو مُئو عشق ۾ شمع جي،

مک پڻ ٿي مري وگهي طمع جي.

 

438 . دنياداريءَ جو رستو

اسڪندرَ، ڪنَيقباد، جمشيد،

ويا، پاڻ سان نيائون سڀڪا اُميد.

بار اُن کنيو آخرت جي غم جو.

جو گهوڙي گڏهه جي فڪر ۾ پيو.

 

439 . وجود جي ٻيڙي

هن ڪُنَ ۾ نه ڪم ٿيو ناخدا جو،

گهرجي اتي فضل ٿو خدا جو.

ٻيڙيءَ ۾ ٿيو دين، دنيا جو مال،

موٽي جي ڪنڌيءَ تي سڀ ٿيون خوشحال.

 

440 . پاڻ پنهنجو زهر ۽ تر ياق

آي لعل! لڪل تون آهين منجهه خاڪ،

زهر آهين تون، پنهنجو پڻ تون ترياڪ،

رهزن به تون پنهنجو ، ڌيان ڏين جي،

شيطان به پنهنجو تون، ڏسين جي.

تون تير به پنهنجو ، پڻ نشانو،

تون پاڻ کي مارين، ٿي ديوانو.

 

441 . رياڪاريءَ جي شڪايت

جا خلق جي لاءِ ڪيئِي عبادت،

حاصل نه انهيءَ مان ٿئي سعادت.

عابد، جو ٿيو فقط رياڪار،

تنهن کان ڀلو سئو دفعا گنهگار.

 

442 . خدا جي توفيق

هيءُ ٿانءُ اڃا پڪو نه ٿيو هوئي،

دولت نه نصيب سڀ کي ٿي ٿئي.

هن پردي پٺيان لڪل رهي درد،

هيءَ پردو سو ڦاڙي، اَهي جو مرد.

 

443 . عشق جو شراب

”اي صَائم الدّ هر[12]! قائم الليَّل“[13]!

ڪر لحظو ڪو هن شراب جو ميل.

جو صاف ۽ پاڪ جيئن زلال آهه ،

پڻ شرع ۾ هر طرح حلال آهه.

اِن مئي ۾ نه مستي ۽ خمار آهه،

ان جو نشو نئون ۽ پائدار آهه ،

ان کان نه ڪڏهن مٿي ۾ پئي سور،

ان کان نه نظر ڦري وڃي مور.

انگور ، کجور مان ٺهي سو نه،

حد، شرع جي جاري پڻ ڪري ڪونه ،

ڍُڪ ان مان جي وات ۾ وجهين تون،

منجهه حشر، قبر مان مست اٿين تون.

 

444 . ٻين سان اسان جو ڇا؟

ڇا ٻئي جي آٿئون جيڻ، مرڻ  سان؟

ڇا ٻئي جي کلڻ سان ۽ رئڻ سان؟

اڳ ٿا رکون پنهنجو ئي گهڻو غم،

ڇا پنهنجو ٻين جي حال سان ڪم؟

 

445 . ڊپ ۽ اُميد

ڪڏهن ڪرَٽ جي هيٺان پئون ٿا ٿِي ڍير،

ڪڏهن مکري ۽ گل تي ٿا رکون پير.

رک ڊپ ۽ اميد تون سدائين.

چارو نه انهن ٻنهي بنِائين.

ان رستي ٿين نيٺ  حق سان واصل،

دوزخ ۽ بهشت مان اي حاصل.

 

446 . بندو گنهگار

هر وقت اسان کي ٿي ندامت،

هر لحظي اسان جي لاءِ قيامت.

جڳ ۾ نه هجي ها جي گنهگار،

سڏجين ها تون ڪيئن اي رب! غفَّار؟


 

(11) بحر هزج اخرب

مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن

 

447 . فراق جي تعريف

جِي زهر فراق آهي، مصري آهي سو مون لاءِ،
آرام به ڏينهن جو ڪو، ننڊ رات جو ناهي ڪا،
هي منهنجون اکيون ۽ دل، ٿيون تنهنجي وڇوڙي ۾،
پاڻيءَ سان ڀريل دريا، ٽانڊن سان ڀريل صحرا.


[1]  سڄو سارو، پيرن کان ڪلهن تائين

[2]  ظاهر

[3]  دل ۾

[4]  ڪسيل، ميري

[5]  ڪوٺاري

[6]  گورخر

[7]  آيت: هر شيءَ، پاڻيءَ کان زنده آهي.

[8]  معرفت

[9]  منتخب ٿيل، باڪمال ماڻهو

[10]  عشق جو آزار

[11]  ڪانءَ

[12]  هميشه زوره دار

[13]  هميشه رات جو جاڳندڙ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org