سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :11

 

11. بي بي فاطمته الزهرا جي تعريف

 

فاطمه جهڙي هجي ڌيءَ جنهن کي، هوئي ڪو نبي مصطفى،

ناهي حَرڪت جي رهيو ڪو پُٽ ُ نھ ان جو يادگار ؛

اُن بنا ٻيو ڪير آهي، جو ڪِ منجهه حَسَبَ ۽ نَسَبَ ،

فخر ُ ڪڏهن پيءُ تي ڪري، ماءُ تي ڪري ڪڏهن افتخار؛

اُن جي عَصمت جو پوي جي عڪس آئيني اندر ،

ڪين نڪري منهن تان اُن جي  پڻ رواتيءَ سان غبار؛

ان جي عِفّت کان لڄِي جي سڄ نھ هو، ڇو ان جي عڪس ُ،

رعشو پاڻيءَ ۾ وڌو  اُن جو ڪڪر ٿيو پرده دار .

 

12. پٽ جو اصل ۽ ان جي معنيٰ

 هنِد ڪِي ٻولي ۾ پٽ جي اصلي  معنيٰ  دوزخ آهه .

پتر پٽ ٿيو، جو ڇڏائي پيءُ کي پٽ جي باهه کان ،

فتنو چيو اولاد کي قرآن ۽ دشمن وڏو  ،

ٿيا وڇون مائِٽ ” افارب کا العقَارب[1] “ ٿيوعيان !

 

13. ڪامل ۽ ناقص جي حقيقت

جيسين ڄاڻين پاڻ کي ڪامل، تون ناقص آهين پڪ،

پاڻ کي ناقص جي تو ڄاتو، ڪمال آهي اهيو ؛

رت پيڻ کان دل جي پڇتائي نه ڪوئي نه منجهه جهان ،

جي شراب آهي ڪڏهن جڳ ۾ حلال آهي آهيو،

 

14. شڪر ۽ شڪريه جو تفاوت

شڪريه انسان جو، شڪر خاوند جو چون ،

ڏِسُ خدا کان وڌ شيون ماڻهو ٿا ماڻهن کي ڏين ؛

پاڻ کائن عمدي شيءَ، ٻارن کي کارائن چڱي ،

پر ڪنِي ڦاٽل پراڻي، لاءِ خدا خيرات ڪن.

 

15. پردي جي تعريف

عقل تي پردو پيو تن جي، جي ڄاڻن ڪين ٿا ،

جي رهن پردي جي پردي ۾ لڪِل ٿا فائدا ؛

زال جي لاءِ آهي پردو هڪ وڏي نعمت عجيب،

ٿي سلامت ۽ بچيل سا ان ۾، کان ظلم ۽ جفا ؛

جيسين پردي ۾ رهي، باپرده سڏجي پاڪ پڻ،

نڪتي پردي مان جڏهن ، بي پردهه ٿي ۽ بيحيا ؛

نازڪ آهي اصل کان بيشڪ بدن ۾ نازنين،

پر زياده نازڪ آهي عزت ان جي اُن ڪنا ؛

مان سان موتي رهيو پردي ۾ سالم سڀ اندر ،

نڪتو ٻاهر، ٽُنگ ٿيس، بازار ۾ کاڌائين ڌڪا ؛

لعل ۽ هيرو سڄو سارو هوپنهنجي کاڻ ۾ ،

نڪتا ٻئي ٻاهر جڏهن ڇلجي ۽پرزا ٿي پيا ؛

خاڪ جي پردي ۾ جيئري ٿي رهي هڪ هنڌ باهه ،

جڏهن لٿس پردو، اڏامي ٿي فنا وئي منجهه هوا ،

وات جي پردي ۾ آهي زيب زينت ڏند کي ،

نڪتو ٻاهر، ويو اڇلجي، جيئن اڇلجن ٻيا هڏا ،

مان منبر جو ڏسو مسجد اندر محراب وٽ ،

نه ته ٻَهَر آهي سرِون سو، يا ٽڪُر تختي سندا ؛

قدر وارو ٿو رهي ڪهڙو نه گلشن ۾ گلاب ،

ويو ٻهر تڏهن آب نڪتس باهه تي ۽ ٿيو فنا ؛

دٻليءَ ۽ صندوق  ۾ پيا قيمتي دُ ر۽ گهر ،

پيا ٻهر ڀتر ۽ ٺڪر ڳڻتي نه ڪنهن کي تن جي ڪا.

عورت آهي زال، ان جي معنيٰ اوگهڙ اصل ۾ ،

هر طرح اوگهڙ جو سَتَرُ ۽ پردو واجب دائما؛

گوشه گيري ۽ قناعت زال جي تهذيب آهه ،

ساڳي ايءَ  تهذيب ۽ عادت رکن  ٿا اوليا ؛

ڪم بري کان پوءِ توبهه مرد جي ٿئي ٿي قبول،

زال جي عزت وئي جا، موٽي توبهه سان نه سا؛

زال پردي ۾ بچيل آهي بهر جي حرص کان ،

پڻ بچيل ايذا کان بدڪارن جي آهي بيشڪا ؛

بند ڄاڻن ڪين پردو بيبيون پرده نشين،

بلڪه ٿي بي پردگي تن لاءِ تڪليف ۽ بلا،

گهر اندر موجود تن کي هڪڙو علم پنهنجو آهه،

جيئن رهن راڻيون ٿيون پنهنجي ملڪ ۾ فرمانروا ؛

سڀ ڪنهين جو سک رهي دل جي خوشي تي منحصر،

۽ خوشي دل جي رهي ٿي منحصر  عادت مٿا ؛

زال جي عادت جي ٿي گهر ۾ گذراڻ جي پڪي،

رهندي خوش پردي ۾، ٻاهر رنج نت رهندي اها ؛

زال ڪمزور ۽ ضعيف الخلقت آهي اصل کان،

ٻاهريون پورهيو ۽ محنت ان جي لاءِ ٿيو ناروا ؛

ان کي پيدا ڪيو خدا گهر تڙ سندي ڪم ڪار لاءِ ،

نسل جاري ڪن، ڄڻي سي ٻار پالي ڪن وڏا ؛

پردي جو ٿيو ذڪر پڻ توريت ۽ انجيل ۾،

برقعو واجب هو ڪليسا ۾ اصل پردي بجا ؛

پردو آهي هر طرح اسلام ۾ واجب ضرور ،

حڪم َ قرآن ۽ حديثن ۾ انهيءَ لاءِ ڪيترا ؛

زالون مستورات ٿيون ، جي مومنات ۽ صالحات،

تن کي جنت جي بشارت پڻ ڏني آهي خدا ؛

پردي جي ٿوري گهڻي هئي رسم هر مذهب ۾ اڳ،

پارسي، هندو ۽ چيني ۽ جپاني ۽ ٻيا؛

هن زماني ۾ اچي رولو پيو هر قوم ۾،

سڀ خيال ۽ فعل ۾ آزاد کي ڳولڻ لڳا ؛

پر جي ڏسندو، فطرتي قانون ٿيو پردو اصل،

ڇا هي فطرت، خود خدا پردي اندر گهاري سدا ؛

سَتُرُ پردو پوش نت قدرت کي پڻ آهي پسند ،

 ماءُ جو ٿيو پيٽ پردو ٻار جي لاءِ اي ادا ؛

 ٿيو اکين جو نور قدرت سان ستن پردن اندر،

ڪن جا پردا شل نھ ڦاٽن، نھَ تھ نھ تن جي ڪا دوا؛

مغز ۽ ڇاتيءَ جي پيا صندوق ۾ دل ۽ دماغ ،

سڀ رئيس اعضا خدا پردن اندر ڪيا جسم جا؛

پڇ ۽، رٿيو ستر پردو، لاءِ پکي ۽ جانور ،

ٻج ۽ گل ۽ ڦر نباتي پردي ۾ ٿيا جا بجا؛

پڻ ”جماداتي جواهر[2] “ نيلم ۽ هيرو ۽ لعل،

موتي پڻ مهراڻ جا پردي جي اندر سڀ لڪا؛

ڏس وري ”اربع عناصر“[3] سڀ ٿيا پردي ۾ لڪل،

پهڻ ۾ ٿي باهه، پاڻي منجهه مٽي ۽ منجهه هوا ؛

قيمتي گنج ۽ خزانا سڀ لڪا پردي اندر ،

غيب سڀ پردي اندر ٿيو ڇا حياتي، موت ڇا؛

لفظ ۾ معنيٰ ۽ معنيٰ ۾ رهي مطلب لڪل،

شمع پڻ فانوس جي پردي ۾، پردي ۾ هُما[4]؛

هر طرف پردو ۽ ستر آهي نظر ۾ ۽ حجاب ،

هوئي نھ ماڻهن ۾، ۽ زالن ۾، تھ پوءِ واحسرتا!

حق جو نائب ماڻهو ٿيو، اشرف سو مخلوقات ۾،

ٿيو جي بي پردي، تھ آدم شرمندو ٿيو ۽ حوا ؛

هر طرح دنيا ۾ رک پردي جي حد قائم ”قليچ“

اعتدال[5] افضل، ۽ بد[6]، افراط ۽ تفريظ ٿيا.

 

16.ظاهر ۽ باطن ناموافق

علم باطن آهي مکڻ ، علم ظاهر آهي کير،

کير ري مکڻ نھ ٿيندو، شرع ري ٿيندو نه پير ؛

ڪوڙي ڪو ڏاڙهي مٿو ٿيندو قلندر ڪين ڪي ،

جان سان جم، آئني سان ٿئي سڪندر ڪو نھ مير ؛

پڳ وڏي ڏاڙهي ڊگهيءَ سان ڪين ٿئي ڪو مولوي ،

گيڙئن ڪپڙن ڍڪڻ سان ڪو نھ ٿي صوفي فقير ؛

گورو منهن ڪاريون اکيون ڳڙها ڳل جيڪو رکي،

ناهي يوسف ثاني سو، يا ناهي سو بدر منير ؛

جنهن ڍڪي ڪلنگي مٿي تي، ڪج رکيئين سرتي ڪلاهه ،

ناهي سو ئي شاهه ايران ۽ نھ ڪابل جو امير ؛

جو گدا محتاج ناهي، ڪيميا گر ناهي سو،

۽ نھ اصل ۽ نسل وارو سڀڪو گوهر بي نظير ؛

جو سڏائي شير شاه، آهي نھ سيد سو ضرور ،

اُهي پڻ ڪافور شيدي، ۽ ڪير آهي صغير ؛

ڪيترا ايوب آهن پر نھ تن کي صبر ڪو،

۽ ڪي ابراهيم پڻ، ير باهه ۾ پئي ڪو نھ وير ؛

”منهن ۾ موسيٰ ۽ اندر ابليس“ آهي شاهه چيو ،

نانو َ عيسيٰ ڪنهن جو، پر جيئرن کي ماري سو شرير ؛

ٿيو مثل مشهور، فربھ[7] معتبر ٿيو خواهه مخواهه،

اسپ[8] لاغر ٿيو ن نھ تازي[9]، سگ نھ لاغر آهي گير[10]؛

جو ڪتب خانو رکي ، عالم ۽ فاضل ناهي سو ،

جو نمازي ٿيو گهڻو، زاهد نھ سو روشن ضمير ؛

پي فريدون، نانو خسرو، پاڻ پڻ سڏجي ”قليچ“ ،

بادشاهي نانو سڀ، پر اصل ٿيو ٻانهو حقير !

 

17.بي سبب ڳالهيون

دوست تون دشمن نھ منهنجو، پوءِ دل آزاري هي ڇا ؟

طبع تنهنجي ناهي دهري ، پوءِ ستمگاري هي ڇا ؟

تنهنجي اک منهنجو نھ بخت آهي، ستل ڇا لاءِ ٿي ،

بخت تنهنجو اک نھ منهنجي، پوءِ بيداري هي ڇا ؟

 

18.دوست کي دعا

ساٿي نت هجي شل ”قُل هو الله احد ُ[11] “ ،

تنهنجي جسم ۽ جان جو حافظ هو ئي ”الله الصمّد ُ “ ؛

”لَم يَلِد“ واهَر ”وَلَم يُولَد“ هجي تنهنجي پناهه،

”لَم يَڪُن“ تنهنجي مدد، ناصر ”الله ڪُفوا اَحَد“ .

 

19.نيڪدل ماڻهو درياهه جي مثال

نيڪدل ماڻهو رهي ٿو بحر اونهي جي مثال،

صبر سان سڀ ڪجهه سهي، بد دل نھ ٿئي يا بد زبان؛

پهڻ مر لڳنس سوين، ٿو صبر سان ڳهندو وڃي،

تانگهي پاڻيءَ جان نھ بگڙي، منهن ۾ چڙ ڏسجيس ڪانھ .

 

20.پنهنجو مال ڪهڙو آهي

مال تنهنجي ناهي دنيا، ڇو ٿو ڀلجين اَي ادا ،

ڇڏ تون غفلت، ٿي نھ جاهل، رک حقيقت جو خيال؛

جيڪي کاڌئي سو ڪنيَن جو، جيڪي نيُئي سو خاڪ جو،

جو ڇڏيُئي سو وارثن جو، جو ڏنُئي سو تنهنجو مال .

 

21.قناعت جو مثال

عام جو ٿيو پوش ڪپڙو ، خاص جو اوگهڙ ٿيو پوش،

هي رکن ٿا ڪين ڪو غم جان ۽ جامي سندو ؛

وڌ نه ڪعبي کان تو آهين ، هوش رک اي خود پرست،

پوش هڪڙي تي قناعت ٿو ڪري هر سال سو.

 

22.   تڪڙ خراب آهي

منجهه جزا ۽ منجهه سزا ڪنهن جي تون مستعجل[12] نه ٿي ،

چوُ تون ات ’ هذالّذي’ کنُتُم بہ تَستعجلونَ ؛

جنهن ڪ ’ لاَ خو’ف علَيَهمھُ‘[13] تنهنجي ڪن ۾ آهي چيو ،

سو سگهي ٿو تنهنجي ڪن ۾ چئي ُ هَم’  لا يَحزنون ‘[14].

 

23.   بادشاهه کي دعا (صنعت تبيين )

حال مال ۽ سال فال ۽ اصل نسل ۽ تخت بخت ،

نت هجن اي شاهه تو سان هي اٺئي شل  سازڪار؛

حال عمدو، مال بيحد ، سال سوُکو، فال نيڪ ،

اصل قائم، نسل باقي. بخت عالي، بخت يار.

 

24.   ظاهر جدا اندر گڏ

پاڻ صورت ۾ بعيد آهيون ۽ معنيٰ ۾ قريب ،

بيت هڪ جون جيئن ٻه مصراعون رهن ظاهر ۾ ڌار ؛

يا ٻه مغذ آهيون پيل ڄڻ هڪڙي باداميءَ اندر ،

يا اکيون آهيون ٻه، پئي جن جي نظر ٿي هڪڙي پار.

25.   نفس جي دشمن کي مارڻ

نفس آهي هڪڙو دشمن تنهنجي اندر ۾ ادا ،

سو جفا ۽ ظلم ڌارا دفع ٿيندو ڪين يار ؛

جي هنئي ڪنهن لٺ کٿي يا نوُد تي تا ڇا ٿيو،

مطلب آهي اِيءَ ته ٿئي اُو صاف ۽ گم ٿئي غبار.

 

26.   مئل جيئرا

ڪشف[15] جي رستي جي ويندين، پهچندين جي در پرين ،

تون مثل جيئرن جو لشڪر ڏسندين اُت منجهه انجمن ؛

هڪ طرف ڏسندين ڪٺل تون تيغ سان وانگي ”حسين“[16]،

ٻئي طرف ڏسندين تون ماريل زهر سان وانگي ”حسن“[17].

 

27.   حق جا عاشق

نوح جو طوفان جي موٽي پوي دنيا اندر ،

بحر غم جي ۾ ٻڏل، طوفان کان فارغ رهن ؛

ڪفر ۽ ايمان آهي تَن پرستن  لئي فقط ،

حق جا عاشق ڪفر ۽ ايمان کان فارغ رهن.

 

28.   يار جو سوجهرو

اُڀ ۾ آهي سوجهرو، ڌرتيءَ تي آهي سوجهرو ،

بحر بر ۾ روشنيءَ کان تنهنجي آهي سوجهرو ،

آءُ مون وٽ تار کان سيني تي پنهنجي تو کي آءٌ ،

ٿئي اکين کي سوجهرو جي دل کي آهي سوجهرو .

 

29. الف ۽ ميم جا مخالف اثر

الف ”الله“ ۽ ”مُحمّد“ ميم جو نت ذڪر فڪر،

جي رهي شامل ته بيشڪ ڪَلّ پڻ اڪمل ٿئي ؛

موت جو ”ميم“ ۽ اجل جو ”الف“ ٿيا ننڊ جا نشان،

جي ڇڏي ڏئي ننڊ ”احمق“ کي بھ حق حاصل ٿئي .

 

30. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

هڪ تتر ماڪوڙي کاڌي، باز کاڌو اُو تتر ،

باز کي ماريو عقاب، آيو لهي جو اُن گهڙي ؛

هڪ شڪاري آيو، ماريو تير سان تنهن اُو عقاب،

۽ شڪاريءَ کي لڳي بندوق پنهنجي اوچتي ؛

ان طرح هر ڪنهن کان بدلو ٿو زمانو هت وٺي،

”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، آهي چوڻي اصل جي .

 

31. صورت ۽ سيرت جو مقابلو

 حق تي آهيون ٻئي، نھ ڪر جهيڙو تون مون سان اي حڪيم،

تو کي سيرت مون کي صورت، ٿي وڻي ٿيا ٻئي صواب ؛

پيهي موتين کي ڪرين ياقوتي ۽ معجون تون ؛

۽ گلن مان پڻ ڪرين ٿو نت چڪائي تون گلاب،

آهيان عاشق حسن تي آءٌ، رنگ تي ۽ بوءِ تي ؛

تون اندر جي گڻ ۽ خاصيّت تي عاشق ٿئين  جناب ؛

چٽ ڪرين محبوب کي تون، تڏهين مس ماڻين مراد ؛

آءٌ ڏسي سالم تني کي خوش سدا ٿيان بيحساب ؛

سڪ جي لذّت مون کي ويران وير وڌ ٿي منجهه فراق؛

گم ٿي محبت تنهنجي، گرچھ وصل کان ٿئين ڪامياب ؛

سچ آهي جيڪي فراقان سو وصالان ڪين ٿئي ؛

ڏس حقيقيءَ کان مجازي ٿئي مقدّم ٿو شتاب ،

فرق ڪيڏو عشق ۽ ٿيو تنهنجي ۽ منهنجي ادا ؛

آءٌ مران محبوب لاءِ تون مارين ان کي ڏئي عذاب .

32.  جسم ۽ روح جو مثال

 سست ڏسجان ظاهري باطن ۾ چالاڪ آهيان آءٌ،

جسم خاڪي آهي منهنجو آهي دل منهنجي باهه؛

شيشو آهي پهڻ ليڪن، باهه ٿيو ان ۾ شراب ،

جسم جي انداز تي جامو مليو هر ڪنهن کي آهه .

 

33. بڇڙو ڪڏهن چڱو نھ ٿيندو

مر ٿئي زاهد ڪمينو، ڪم سندس هوندا خراب،

ڪين ٿئي انسان ڪڏهين جي کڻي ٿئي خر سفيد[18]؛

نور حق جو ٿو ڪري حاصل نھ هر ڪو خرقھ پوش[19]،

زاغ[20] ڪيئن ٿيندو هُما[21] جي ٿئيس بال ۽ پر سفيد[22].

 

34. ديوانو آشنا

آشنائي هيتريءَ سان آءٌ جگر جو رت پيان ،

آشنا جو حال هي، ٻر حال ٿيا بيگاني جا ،

ڇا ٿيو جي مون کان بيهوشيءَ ۾ صادر ٿيو گناهه ،

عيب ڪهڙا ٿو ڪڍين اي دوست تون ديواني جا .

 

35. دنيا جا سک

سک گهرين جي سمجهه تون دنيا ۽ مافيها و بال،

الف جان رهه تون سنئون تنها، ۽ خالي هي مثال ،

ميم ڪاتب جي طرح تون حرص جي اک پور يار ،

سين منشيءَ جي طرح ڏند طمع جا ڀڃ بيخيال ،

جيم واري ڇڏ ڏنگائي عين جان اک کول تون،

رهه تون همزي جان نماڻو، هل جهڪي تون مثل دال،

بند مان آزادي جي چاهين تھ مر يا پاڻ مار،

مثنويءَ واري مٺوءَ  جو ياد ڪر اي دوست حال .

 

36. خدا جا مرد

مرد آهن جي خدا جا، خير ڪن وهسن ٿا ڪين ،

ٿا رکن رب دل ۾، ماڻهن آڏو سجدا  ڪن ٿا ڪين ،

واو جان ڊوڙن ٿا تيزيءَ سان، مگر ڏسجن ٿا ڪين ،

مشڪ وانگي ٿا پڙهن تسبيح پر ٻيڪن ٿا ڪين .

 

37.الله ڪٿي آهي ؟

آهي جو تنهجن اکين ۾ سو ادا الله ناهه ،

وصف ان جي چئي نھ علم ۽ عقل توڙي هوئي درياهه؛

عقل تنهنجي ۾، اڳي جنهن کان وڃي ٿي واٽ ڪانھ ،

علم تنهنجي جي نهايت آهي سا، ناهي ”الله“ !

 

38.حقيقت جي پوک

اي ادا هاري اٿي ڪر پوک جي ۽ چاڙهه نار ،

هل کڻي ڪوڏر ڪهاڙو ، پورهيو ڪر همت نھ هار ؛

پاڻي ڪاهي آيو واهن ۾ چڙهيو آهي درياهه ،

کوهه پنهنجو يا کهاڏو ڪر تون کاٽي ڏئي تيار ؛

جهنگ وڍي، ساڙي ڪهڙ، ڪر آئٺي کي تون صفا ،

هر ڏئي اٿلاءِ تون ڌرتي ۽سانهر سان سڌار ؛

پوءِ ٻڌي ٻارا ، اڏون جوڙي پکيڙج تن ۾ ڀاڻ،

لوڙهو ڏي چوڌاري تا پوءِ ڀيل جي پهچي نھ وار ؛

تَڙ گهڙي  ان تي منهه اڏ، مهرو ۽ ڪاڃر بھ رک،

مڪڙو ۽ پاروني ٺوڪي، تون چڪر جي لٺ بهار؛

سڀ ارا اٽڪائي، ٻڌ ڳاڌي ۽ رک ٻائڙ سنئون،

پيس مان وٽ مالهه، اوڀارا ۽ ڦرهيون پڻ سنڀار؛

ونگ ۽ ايريون ڪري قابو ڪنگر لوٽا بھ ٻڌ،

پوءِ رکي نيسر ۽ پاڙڇ ، ڏاند جو ٽڄ هيڪوار؛

ويهي ڳاڏيءَ تي هڪل تن کي لڪڻ هٿ ۾ کڻي ،

پڇ مروٽي ڏي تون ڳٽڪر، بيت پڻ ڏي باربار ؛

جڏهن ڪرين ائين تڏهن وهي پاڻي اڏن ۾ مس هلي ،

چاڙهڻو پوندئي ٻِيڙَ نھ تھ، ٿي اڳي تون هوشيار ؛

ريج ڏئي ٻج ڇٽ ۽ پوءِ اٿلاءِ ان کي تالڪي ،

يا ته ٻڌ ناڙي يا ڪر رونبو ۽ سارين کي سنوار ؛

پيو ورائج پاڻي راتو ڏينهن تا سڀ هنڌ رسي ،

۽ وڌي آخر ڊڍو چوُنڪ آڻي ٻاجهر ۽ جوار ؛

پڻ وڌي ٻوري ڪري ۽ ترت آڻي سنگ پڻ ،

پوءِ کڻي کانڀاڻي چڙهه پبهي تي، هڪلج بيهي جهار ؛

۽ سگهو چرڪو انهيءَ پر ان پچي ٿئي نيٺ راس ،

وقت لاباري جو آيو ڄاڻ ، ڏينهن آهن ٻه چار ؛

پوءِ کڻي ڏاٽو لڻي ڪر ڍير لايارا وٺي ،

ڪڙٻ جي دن ٻڌ ۽ ديري ۾ تو ان جي ٺاهه ٻار ؛

پوءِ ڳاهي وائري ڪر صاف آن، تهه سڀ ڪڍي،

ٿئي بٽي، سرڪاري حصو ڌار ٿئي ۽ تنهنجو ڌار ؛

پوءَ مئي ان ڀر گنديون پنهنجون ۽ پيو کاءُ سال ڀر ،

ٿين ٻڌي خوش هيترا ڪيا پوک ڪاسا ۽ خرار ؛

آخرت جي پوک ٿي دنيا، لکيو جيئن منجهه حديث ،

پوکي وٺ تا هست لڻين سا، ٿين متان پوءِ شرمسار ؛

آءٌ ٿو سمجهايان اوهان کي پوک جي معنيٰ سڄي،

هاري ناهين، آهين مالڪ، دين جو تون راهدار؛

رک ڪلهي ڪوڏر ڪمائي جي،  ڪهاڙو قصد جو،

جهنگ شبهو ۽ حرام آهي ، وڍي سو سڀ تون ٻار؛

ٻج عمل ٿيا تنهنجا، يعني فعل ۽ قول ۽ خيال،

ڪڻڪ يا جَو، جنس جيڪا پوکين، تنهنجي اختيار ؛

نفس تنهنجو ڏاند، تون ان کي رياضت سان هڪل،    

  نار اخلاقن جو چاڙهي ريج ڪر اي ڪاشتگار ؛

پوک پچندي ٿي وڃي پاڻهي ، تون ڪر ڳڻتي نه ڪا،

پيهو وجهه تقويٰ جو، چڙهه ان تي ۽ رهه پرهيزگار ؛

جهار بڇڙي وسوسا ۽ وهم شيطاني اٿئي ،

کڻ تون ذڪر ۽ فڪر جي کانڀاڻي هر دم پيو پڪار ؛

وجهندين لابارو، جڏهن مرندين هتي ڄمندين هتُي ،

ڏهه هتي ستر هتُي ٿئي، بلڪ ست سوُ ڪر شمار ؛

ديرو تنهنجو آهي جنت ، ٻار گڏ پئي ٿئي اتي ،

حورون ۽ غلمان طوبيٰ نعمتون ٻيون پر هزار ؛

حق چيو ’ جنات عدن تحتهاالانهار‘ آهه ،

پوءِ  ”قليچ“ اصلي مزا پيو ماڻ ۽ پيو خوش گذار.

 

39.  مخالفت ۾ موافقت

ناموافق ٿيو فلڪ مون سان، زمانو ۽ جهان ،

ناموافق دوست ۽ مائٽ ۽ ڀاتي گهر سندا ؛

ناموافق آهي سڀ ڪجهه، پر رهان تڏهين به خوش ،

ٿي موافق دل اندر، ٻاهر موافق ٿيو خدا.

 

40.  غيب جو علم خدا کي

غيب جو ڪو ڪو نه ڄاڻي علم ريءَ پروردگار ،

جي چوي ڪو آءُ ٿو ڄاڻان، ڪر نه ان تي اعتبار ؛

مصطفا ٿي ڪين چيو، جيسين چيو نه جبرئيل ،

ڪين ٿي جبرئيل چيو، جيسين نه ٿي چيو ڪردگار.

 

41.  بادشاهه جي وصف

شاهه چئجي سو، گدا کي جو سنڀالي ريءَ سوال ،

۽ رعيّت جو هجي معلوم ان کي سڀڪو حال.

حڪم ان جو ملڪ ساري تي رهي جيئن آسمان،

فيض ان جو خلق ساريءَ تي رهي سج جي مثال.

پيش بين اهڙو، رکي جو ڪم ڏسي هو ڪالهه تي ،

۽ سخي اهڙو، ڏسي جو هيل جو حق پار سال.

اهڙو عادل، جو هجي گم ظلم جو نالو نشان ،

اهڙو حامي، جو سندس هوئي ملڪ ۾ نت قيل قال.

 

42.  ڇڙهي رهڻ جو سبب

هو گذاريندو ڇڙهو دنيا اندر هڪڙو حڪيم ،

رهندو هتِ هو، پر سندس هو خيال نت منجهه هن جهان.

ڪنهن پچيس ؛ تون ڇو نه ٿو شادي ڪري ڪو گهر ڪرين ،

زال جي صحبت ۾ تاتون خوش گذارين هر زمان ؟

چيائين: سچ ! پر ڪهڙي صحبت، خيال ٻن جو جڏهن ٻيو ؟

آءُ ٻڌايان آسمان ۽ هوءَ ٻڌائي ريسمان[23]!

 

43.  محبت ۾ غيرت

تا نه ماڻهو بيوفائيءَ جو نين شڪ يار ۾،

سڀڪنهين سان شڪر آءُ اُن جي وفا جو ٿو ڪريان.

تا نه ڏئي ڪو مون بنا ان جي سوالن جو جواب،

حرف پهريون آءَ ٻڌي،  ورندي ستت ان کي ڏيان .

 

44.  صنعت سوال ۽ جواب ۽ لف شر

ڇا رکي ٿو دل ۾؟  مهر ۽ ڇا رکي ٿو هٿ ۾؟ خير،

دل انهيءَ جي ڇا آهي ؟ بحر ۽ هٿ انهيءَ جو ڇا هي؟ کاڻ،

هن مان ڇا نڪري ٿو؟ موتي، هن مان ڇا نڪري ٿو ؟ سون ،

ڇا ڪري هِن سان ؟ سخا ۽ ڇا ڪري هُن سان؟  رهاڻ .

پنهنجي هشياري ڏيکاريئن، فتح ڪيائين ملڪ سڀ،

ڇا سا هي ؟ تلوار سان؛ ۽ ڇا سان هو؟ بندوق ساڻ.

جنگ ۾ هاري پيو هاري، هاري ڇا؟ دشمن جو رت ،

جهنگ ۾ ماري پيو ماري، ماري ڇا؟ شينهن ۽ شينهاڻ .

 

45.  بادشاهه جي حق ۾ دعا

چئن ڳالهين شاهه جي کي چار ڳالهيون شل نه هون ،

يا الٰهي ! ڪر دعا منهنجي اها تون مستجاب .

راڄ ان جي کي پڇاڙي، لشڪر ان جي کي ڪا حد ،

دولت ان جي کي زوال ۽ نعمت ان جي کي حساب.

 

46.  صنعت مبالغه ۽ تشبيهه

رات شينهن ۽ اردها تو کي ڏسن جي خواب ۾،

چمڪندڙ تلوار يا نيزو جڏهن تون ڪو کڻين .

هو مري ڊپ ان جي کان، جيئن باس گل جي کان ٽنڊڻ ،

هي سڙي توء اُن جي کان جيئن نور چنڊ جي کان سڻي .

 

47.  ڏهه مشڪل ڪم

مشڪل ۽ بيجا ٿيا ڏهه ڪم ادا ! دنيا اندر ،

ٿيو ڪرڻ برداشت تن جي ڪم وڏي حمَّال[24] جو.

ناز عاشق جو ٿيو هڪ، زهد فاسق جو ٻيو ،

خرچ ڪنهن ڪنجوس جو ٽيو، چوٿون چرچو زال جو.

ناز نخرو ٿيو پنجون بدشڪل ڪنهن محبوب جو ،

عشق پيريءَ ۾ ڇهون ڪنهن مرد بدافعال جو .

۽ ستون ٿيو راڳ بيتالن جو بد آواز پڻ،

۽ اٺون ٿيو بحث علمي جاهلن جي آل جو،

اڻ سڏئي مهمان جي مهماني ڪر نائون شمار،

۽ ڏهون سنسو ٿيو زوريءَ گدا جي سوال جو.

 

48.  معشوق تي ڪاوڙ

بيوفا ۽ باجفا ٿيو يار ۽ بيقدر آءُ،

يا خدا! وٺ وير منهنجو ان کان، دلبر شوخ ڏينس،

جو هجي خونخوار سرڪش ناز نخرن وارو پڻ؟

عشق ۾ ان جي تون سرگردان مستانو ڪرينس.

آزمودي لاءِ ڪر بيمار ان کي ڏينهن ڪي،

۽ دغابازن طبيبن ۽ ٺڳن سان ڪم وجهينس.

ڄاڻي تا ڪيئن رات گذري منهنجي ٿي ۽ ڏينهن پڻ؟

قدر منهنجو پئيس من، وڌ ان کان ٻيو ڪي ڪين چئينس.

 

49.  سفر ۽ حضر ۾ بي آرامي

جي وڃان ٻاهر سفر تي، گهَر جو ٿئي ٿو انتظار،

جي رهيو پيو آهيان گهر ۾، گهٽ ٿئي ٻارن جو پيار.

ٿي عجب هي منهنجي قسمت ، خوش رهان هتِ ٿو نه هُت،

ڏک ۽ سک ٻئي ٿو ڪري دنيا ۾ پيدا گهر ۽ ٻار.

آهي سعديءَ سچ چيو؛ دولت ۽ دنيا جي نه هوئي،

درد مند آهيون، ۽ جي هوئي پائبند آهيون ۽ خوار.

ڪيئن ڪجي ڪو ناهي چارو، نئي تکي ۽ ڳڙ مٺو،

جي ڪريون ڳڙ هٿ، ٻڏون ٿا،  جي ڇڏيون ، ٿيون دل فگار.

باهه ۽ پاڻي جي وچ ۾ ٿيو گذر هت اي ”قليچ“،

پلصراط[25] آهي هي دنيا ، هيڏي غم، هوڏي قرار.

 

50.  وصل جي مشابهت

وصل ان جو منجهه اکين، منجهه دل سندس منهنجو خيال،

آرسيءَ ۾ ڄڻ ته چنڊ، پاڻيءَ ۾ تارو ڄڻ ته آهه .

ڪيئن نه هن کي چنڊ چوان ۽ ڪيئن نه هي تارو چوان؟

چمڪندو ڏسجي مگر آسان ۽ نزديڪ ناهه .


[1]   قريب، مائٽ وڇن جهڙا ٿين ٿا

[2]   پٿريلا ڌاتو

[3]   چار عناصر هوا، باهه، پاڻي ۽ مٽي

[4]   اهو پکي جو ڪنهن نه ڏٺو آهي

[5]   وچٿرائي

[6]   گهٽ وڌائي

[7]   ٿلهو

[8]    گهوڙو

[9]   شڪاري ڪتن جو مشهور قسم

[10]  هرڻ پڪڙيندڙ

[11]   

[12]   تڪڙو

[13]   انهن تي ڪو خوف ناهي

[14]   ۽ هنن لاءِ ڪو ملال نه آهي

[15]   سالڪ جو اهو مقام جتي مٿس ڪي حال کلن ٿا

[16]   امام حسين شهيد ڪربلا

[17]   امام حسن، زهر سان شهيد ڪيل

[18]   اڇو گڏهه

[19]   فقيراڻو وڳو پهريندڙ

[20]   ڪانءَ

[21]   بخت وارو پکي

[22]   پر ۽ کنڀ اڇا

[23]   رسو

[24]   بار کڻندڙ

[25]   اها پل جا ترار کان سنهي چيل آهي ۽ دوزخ ۽ بهشت جي وچ تي رکيل چئي وڃي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org