سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :4

 

(6) بحر هزج (مسدّس )

 

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل

 

 66. جوانمردي ۽ سخا

جوانمرديءَ جو بدلو نت بهشت آهه،

نه آهي خوف ان کي مئور کان قبر[1]؛

نه ساڙي باهه دوزخ جي سخيءَ کي؛

سڀاڳو اهڙو جيتوڻيڪ هوئي گير[2].

 

67. زمانو ڪيئن وير ٿو وٺي

ٻڌايان ٿو اوهان کي واقعو هڪ،

جو هڪ ڏينهن اتفا قّا هِت ٿي گذريو؛

تتِر هڪڙو اڏيهي کائي نڪتو،

ته شڪروآيو سو ان کي جهٽي ويو،

مٿان هڪڙو عقاب آيو انهيءَ دم،

هنيئين شڪري کي ڌڪ، جو ات ڪري پيو؛

شڪاري کي وري ڊڪندي ڏنگيو نانگ،

شڪار ات پاڻ او پڻ موت جو ٿيو،

زمانو ۽ اجل ٻئي ٿا وٺن ۽ وير،

برابر آهي جيئن ڏاهن اڳئي چيو

.

68. چڱي ۽ بڇڙي جو فرق

مٺو ميوو سدا جو وڻ ڏئي ٿو؛

نه ڪنهن کان تنهن کي ڪو ايذا ٿئي ٿو؛

ڪڙو ڦر يا نڪو ڦر جنهن مان کائن،

ڪهاڙي سان وڍي ان کي جلائن؛

و ِ هي هو باغ ۾ ۽ باهه ۾ هي،

وڻئي هو ٿي، ادا منجنهان، يا هي ٿي.

 

69. قطري ۾ قلزم[3] يا ڪوزي ۾ دريا

جي دل پاڻيءَ جي قطري جي چيرِين،

ٿين ان مان هزارين بحر پيدا؛

ڏسين جي ڌيان سان هڪ آن جو داڻو،

سوين ٻاريون ٿين ان مان هويدا؛

ڪڻي ۾ خاڪ جي آدم لکين ٿيا،

ڏسين جي خيال سان، ٿين حق جو شيدا[4].

 

70. يارن جا قسم

ٻڌو يارن سندا ٽي قسم آهن،

زباني آهي ناني آهي جاني؛

زباني يار کي کيڪر پريان ڪر،

۽ نانيءَ کي تون ڪڍ کارائي ماني؛

هجي جو يار جاني تنهن تي ڏي ساهه،

انهيءَ تي هر طرح ڪر مهرباني.

 

71. نفس يا پاڻ جي ثيڏائي

هو هڪ استاد جو شاگرد ٽيڏو،

رکيل اندر هو شيشو ٺونٺ جيڏو !

کڻي آڻڻ جي لاءِ ان کي مڪائين،

ويو هو، پر ٻه شيشا اُٺ ڏٺائين؛

اچي وٽي چوڻ استاد کي ٿيو،

ٻه شيشا ٿو ڏسان، آڻيان آءُ ڪهڙو ؟

چيس استاد ڪاوڙ جي سگهو وڃ،

وڃي هڪڙو کڻي اچ، ٻيو کڻي ڀڃ؛

وڃي شاگرد اڇلايو سو شيشو،

ڀڄڻ ان جي سان گم او ٻيو به ٿي ويو !

جڏهن معلوم ٿي ان جي  اِ ها ڪار،

پئي ان تي اچي استاد جي مار؛

نه ٽيڏي کي هو شڪ پنهنجي ڏسڻ ۾،

ڀريل هو ڀاڻ[5] سان ويسهه ڪرڻ ۾؛

ڏٺئين ٿي جيڪي ڄاتئين ٿي اهو سچ،

مگر نڪري پيو سو ڪوڙ ۽ ڪچ ؛

رکيو جي پاڻ  ۾ تو فرق ايڏو،

ته تون پڻ آهين پنهنجي لاءِ ٽيڏو.

 

72. ڪتي جا ڏه گڻ

حسن بصري، جو آهي شيخ[6] مشهور،

ڪري ڏهه گڻ ڪتي جا هيئن ٿو مذڪور،

چڱا آهن جي مڙني مومنن لاءِ ؛

ضروري صالحن ۽ سالڪن لاءِ ؛

هڪ آهي هي ته اڪثر ٿو ڪڍي بک ،

تحمّل سان سهي فاقا، ڏسي ڏک ؛

ٻيو ناهي مقرّر ان جي منزل،

اها خصلت ٿي ڏيکاري توڪّل ؛

ٽيو ٿورو سمهي ٿو رات جو اَو،

آهي شب خيز عابد جي اها خو؛

۽ چوٿون موت سان جڏهن ٿئي ملاقي،

پٺيان ورثو ڇڏي ٿو ڪو نه باقي؛

پنجون اَو نا چڏي هر گز وفا ٿو ،

ڏسي مالڪ کان جيتوڻي جفا ٿو ؛

ڇهون ويهي مثيءَ تي خوش ۽ راضي،

تواضع جي چڱي خصلت اِها ٿي؛

ستون اُن کي ڪٿان جي ڪو هڪالي،

وڃي اُو هنڌ ڪري ان جي حوالي؛

اٺون جي ڪو جُٺين کان پوءِ ٽڪر ڏئيس،

ته کائي سو نه رنج ارمان ڪو ٿئيس،

۽ نائون جڏهن ڏسي کائن ٿا ماني،

پري ويهي، ادب جي  اِيءَ نشاني ؛

ڏهون پهرو ڏئي مالڪ جي گهر تي،

رهي خدمت ۾ حاضر ان جي در تي ؛

ڪتي جي عادتن جي  اِ ي ٿي واکاڻ ،

خراب انسان کان،  ان کي چڱو ڄاڻ ؛

ٿيڻ بهتر، ڪتي کان جي هوئي مشڪل،

ته من اُن سان برابر ٿيِن تون اي دل !

 

73. اوڻٽيها ۽ ٽيها مهينا

چيو قِمري مهينن لاءِ حڪيمن،

ته اڪثر آهي هر هڪ تن مان ٽيهو ؛

مگر آچر ۽ سومر ۽ اڱارو،

هجي غرّه[7] ته ٿئي اُو اُوڻٽيهو.

 

74. تاملّ ۽ توڪلّ ۽ تحملّ

اُٻهرائي بُري ٿي گفتگو ۾،

تامّل[8] ڪر، تامّل ڪر، تامّل ؛

هٻڇ ڇڏ، ٿي نه روزي لاءِ حيران،

توڪلّ ڪر، توڪلّ ڪر، توڪلّ ؛

نه ٿي غمگين دنيا جي ڏکن کان،

تحملّ ڪر ، تحملّ ڪر، تحملّ .

 

75. صورت ٻي معنيٰ ٻي

کٿي سان ماڻهو جي درويش ٿئي ها،

گهٽو شيخ المشائخ[9] ٿي پوي ها !

ولي هوئي وات جي ڪف[10] جو جي محتاج ؛

ته اُٺ بيشڪ هجي ”منصور“[11] ”حّلاج“ !

فقيرن کي ڏيڻ گهرجي جي چرخي[12]،

ته بيشڪ جنڊ ٿيو معروف[13] ڪرخي !

جي ڪو ٻانگن ڏيڻ سان ٿئي ها مُلّو ،

ڪڪڙ، جيڪر هڻي جاميءَ سان ڪلهو !

ڊگهي ڏاڙهيءَ سان جي ڪو مولوي ٿئي ،

ته مولانا وڏو چئجي ٻڪر کي !

جي شيخي ۽ امامت هئي مٿي پڳ،

ته مک ٿئي ها غزالي[14] ڇو نه منجهه جڳ ؛

جي چپ چورڻ ۽ ڪنڌ لوڏڻ اچي ڪش،

ته هو عالمِ ۽ فاضل بُزّ[15] اخفش !

 

76. سلوڪ جون منزلون

شريعت ۽ طريقت ٻئي ضروري،

ٿئي هڪڙي سوا ٻئي جي نه پوري؛

جي هوندو ڪو کڻي هڪڙيءَ ۾ ڪامل،

ته پڪ، هوندو اهو ٻئي جو به قائل[16]؛

جي عقل آهي ته آهي شرع منظور،

جڏهن عشق آيو ٿيو تڏهن عقل معذور ؛

طريقت  ناهي حاصل ري شريعت.

نه آهي جيئن حقيقت ري طريقت؛

هي رستو معرفت جو، ٻيو خطرناڪ ،

خطرناڪ آهي جو[17] تنهن کان تون رهه پاڪ !

 

77. اتفاق جو فائدو

گهڻو ئي گرچه هاٿيءَ کي ٿيو زور،

مڙن، مڇر وجهن ان کي به ماري،

جي ماڪوڙين جي وچ ۾ اتفاق آهه،

وجهن کل شينهن ڪيهر جي به ڏاري.

 

78. ڪتو ڪميني ماڻهوءَ کان بهتر

وساريندو ٽڪر تنهنجو ڪتو ڪين،

کڻي سئو ڀيرا جي هڻنديس پاهڻ ؛

عمر ساري ڪمپني کي نوازين،

ته پڻ ٿوري تي ايندوسينو ساهڻ.

 

79. آخر فنا

جي آخر ٿيندين ماڪوڙين جو کاڌو ،

ته حاصل ڇاهي جي ٿئين تون سليمان[18]!

مٽيءَ مان تنهنجي جي ٺاهيندا ڪوزو[19]؛

ته ڇا ٿيو جي ٿئين فغفور[20] دوران[21]!

 

80. ڪُڪڙ جون پنج خصلتون

سکو يارو ڪڪڙ کان خصلتون پنج ،

چيو جيئن جعفر الصّادق امام آهه ؛

ٿي پهرين وقِت پوري ٿي عبادت،

جا مشهور اصل کان منجهه خاص عام آهه،

ٻي غيرت، ٽي سخا، چوٿين شجاعت،

۽ پنجين خنده رُوئي، جا مدام آهه.

 

81. بڇڙو جتي ڪتي بڇڙو

جي مسجد ۾ اڪيلو چور ڪو ويو،

ته چورائيندو فانوس ۽ مصّلو؛

ٻِلو ڀيٽي ڀلي سئو حّج اڪبر،

ته پڻ ماري[22] حرم ۾ سو ڪبوتر.

 

82. عمر جو منزلون

اوهان کي ٿو ٻڌايان عمِر جو حال ،

سڀئي معلوم اُن جو ٿئيو احوال؛

ننڍائي خواهه جواني خواهه پيري،

ڪري هر هڪ اسان جي دستگيري ؛

اسان جي عمر جيسين ڏهه ورهه آهه ،

رهي ٿو راند جو نت خيال همراهه ؛

وهي ويهن جي، غفلت جو زمانو،

ملي ماڻهوءَ کي حرڪت جو بهانو؛

جڏهن ٿي ٽيهه، ڪامل ٿي جواني،

خوشيءَ جي خواهه مستيءَ جي نشاني؛

جي ڏاها ٿيو ڪريو هاصل سعادت،

خدا جي آئين ڪريو تڏهن عبادت؛

چڙهي جڏهن عمر جا چاليهه ٿيا سال ،

کسن کنڀ ۽ ڇڻن تڏهن پروبال[23]؛

ٿيو پنجاهه، گم ٿي تندرستي،

نظر ڪم ٿي بدن ۾ آئي سستي؛

وڌي جڏهن عمر ماڻهوءَ جي ٿئي سٺ ،

تڏهن ڏئي ٽيڪ ڀت تي، يا کڻي لٺ،

جڏهن ستّر ورهه سرِ تي وجهن بار،

سڀئي عضوا ٿين ساڻا ۽ بيڪار؛

جڏهن انسان جي ٿي عمر آسّي،

تڏهن سڀ مت زماني تنهن کان کسي؛

نوي تائين جڏهن ڪو پهچي مشڪل،

ڏکيائيءَ کان ڏڪي هر دم سندس دل؛

جنهين سوء سال تائين عمر پاتي،

تنهين لاءِ موت پڻ آهي حياتي؛

رهي سئو سال يا هڪ ڏينهن هت ڪو،

لڏيندو نيٺ هن دنيا منجهان سو؛

تڏهن ماڻهوءَ کي گهر جي نت رهڻ شاد،

خدا کي تنهن خوشيءَ ۾ پڻ ڪرڻ ياد.

 

83. ماڻهوءَ جا حق يا فرض

ڇهه حق واجب ٿيا ماڻهوءَ تي آهن،

مناسب پاڻ تان ٿيو تن کي لاهڻ ؛

خدا جو ۽ نبيءَ جو، بادشاهه جو،

تنهان پوءِ ماءُ پيءُ ، استاد جو ٿيو ؛

بجا جي سڀ اِ هي پورا تون آڻين،

خدا وٽ پاڻ کي جيڪر رساڻين؛

انهن جي حُب ّ کان تهنجي پڄي آس،

انهن جي بغض[24] کان ٿين نيٺ تون ناس.

84. ٻه سستيون

شين ٻن ۾ ٿي مستيءَ جي نشاني،

هڪ آهي بادشاهي ٻي جواني ؛

رهي ٿو جو انهن مستين ۾ هوشيار،

اھو ماڻي اَبد[25] جي زندگاني.

 

85. زمانو ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن

ڪڏهن راحت ٿي دنيا ۾ ڪڏهن رنج ،

ڪڏهن ڏئي مفلسي ۽ ڏئي ڪڏهن گنج ؛

ڪڏهن بيداد هڪ جو ٻئي جو ٿئي داد؛

ڪڏهن بيمار هڪڙو ٻيو رهي شاد ؛

رهي ٿو جڏهن زمانو گرم ۽ سرد،

ڪڏهن وٺجي دوا خوش ٿي ڪڏهن درد،

چوي ڪنهن هنڌ ٿو فردوسي طئوسي،

گڏهه جو موت ٿيو شادي ڪتن جي ؛

انهيءَ تان ٿيو جڙي هڪڙو پهاڪو،

”ڪتن جا ڏند، ماس آهي گڏهه جو.“

 

86. نظاري مان پسارو

نظاري مان هميشه ٿئي خرابي ،

اکيون ڪن دل ڌتارڻ ۾ شتابي ؛

وڃي باغن ۾ ماڻهو سير جڏهن ڪن،

اکيون ميوا ڏسي ٿيون ٿين روشن ؛

وڃن هو پوءِ رڙهي ويجها انهن کي،

سنگهي هٿ لائي خوش ڪن پنهنجي دل کي؛

ٿي سرڪي پوءِ دل تن جي ڇنڻ لاءِ ،

ڇنڻ کان پوءِ کائڻ ۽ نيڻ لاءِ ؛

اِ هو بنياد آهي عشق جو يار،

ڌتاري حسن ٿو ان کي ڪري خوار ؛

اِ نهيءَ کان عشق کي چيو ٿن بٽاٽو،

جو ان وانگي اول اک مان ڦٽي ٿو ؛

جي ڀانئين ٿين ته تون ان ۾ گرفتار،

ته رهه اصلي نظاري کان تون بيزار؛

ثواب آهي ڏسڻ جي دل جهلين تون،

پڄين جي ڪين پوءِ بهتر ڀڄين تون،

حديثن ۾ نظر پهرين آهي معاف،

۽ ٻي جا ا و چتي ناهي، گنہ صاف.

87. سڀ  همجنس هڪجهڙا ناهن

نه سڀڪنهن لوهه سان ٿِي آرسي ٿئي،

نه سڀڪنهن کان ماڻ ٿو سون نڪري ؛

نه سڀڪنهن سپ ۾ پيدا ٿئي ٿو گوهر،

نه سڀڪو وڻ ڏئي ٿو واس يا ڦر؛

نڪو هر ڪو پکي سڏجي ٿو طاوءس[26]،

نڪي ٿئي مرد  هر ڪو ڪئي ۽ ڪاوءس[27]،

نه سڀ ٿا مرد يوسف جي رکن روءِ ،

نه سڀ زالون زليخا جي رکن خوءِ ،

نه سڀڪو مرد مرد ۽ زال زال آهه ؛

نه سڀڪا هٿ جي آڱر هڪ مثال آهه.

 

88. انساني تنبو

تنبو تن تنهنجو ٿيو ۽ سرخ ٿيو ساهه ،

ڪلا ڏند ٿيا، رسا روزيءَ جا رستا؛

عمر گذرڻ ڪري ڏاڍو لڳي واءُ ؛

پٽيون[28] ميخون، تنبو ڪيئن رهندو برجا ؛

اچي پڻ پهتو واچوڙو اجل جو،

وڇايو ويٺو آهين فرش عمدا،

طنابون تعلقن[29] جون وڍ ۽ ڪر ڪوچ ،

گهڙيءَ  پل جي آهي منزل جي دنيا ؛

کٿا وار ۽ نه گهٽ ٿيو حرص هڪ وارو[30]،

جهڪيو قد ۽ سنئين ٿي دل نه اصلا ؛

نه بت ٿيو زور وارو، ٿيون اکيون چٽ ،

مٿو هلڪو نه ٿيو، ٿيا ڪنّ ڳورا[31]؛

الف[32] جو قد هو اڳ، سو لام[33] الف ٿيو ؛

نه[34] رهه دنيا ۾ وڌ، ٿي ان جي معنيٰ.

 

89. گناهن جي مرض جي معجون

حيا جا گل، ۽ پن تون صدق جا آڻ ،

ڪليُون[35] غم جون، ادب جي کل به رک ساڻ ؛

صبر ۽ شڪر جو ڦر سرس آڻاءِ

نياز ۽ عجز جي پڻ پاڙ ڳولاءِ ؛

رياضت جو تون کڻ هاون[36] ۽ دستو ،

اِ هي سڀ ان ۾ تون ڪُٽ ، ٿي نه خستو ؛

تنهان پوءِ کرل ۾ توبهه جي سي پيهه ،

چلا [37]ڪڍ ڪيترا، هڪ دم نه تون بيهه؛

پشيمانيءَ جون اُن ۾ پيو هنجون هار،

پيو ڏينهن رات پيهڻ جي ڪجئين ڪار ؛

وجهي پوءِ ديڳڙيءَ ۾ دل جي تون چاڙهه،

چڱيءَ پر شوق جي تون باهه تي ڪاڙهه ؛

پچي جڏهن راس ٿئي ۽ آڻي گهاٽاڻ،

سچائيءَ جي تڏهن صافي ۾ تون ڇاڻ ؛

اُهو پوءِ سيڪ تي محبت جي تون ڌر،

۽ گڏ شيرين زبانيءَ جي تون شڪّر ؛

جنهن دم ٿئي اِ ها معجون تيّار ،

هوا پرهيز جي سان تون اها ٺار ؛

وجهي پوءِ جهد[38] جي دٻليءَ ۾ تون رک ،

انهيءَ مان پهرين پيو ٿورو گهڻو چک ؛

وڌائيندو وزن وڃ پوءِ ان جو ،

تن ان مان تو کي ڪو نقصان رسندو ؛

مرض تنهنجو بدرجي[39] ويندو هٽجي ،

۽ گر ويندي گناهن جي به گهٽجي ؛

بدن ۾ ٿيندين تون تازو توانا ،

۽ دل تنهنجي جي قوّت ٿيندي بر جا.

 

90. سک جي لاءِ ڏک ضرور

هوس سان هوشيارن کي نه رسندين  ،

سوا ياريءَ جي يارن کي نه رسندين ؛

نه جيسين سور سهندين. کائيندين غم،

تون هرگز غمگسارن کي نه رسندين ؛

ڏسين جيسين جدائيءَ جا نه تون درد ،

ڪڏهن تون دوستدارن کي نه رسندين ؛

ڦڻيءَ جان جيسين ڪارائي نه چيرئي ،

تون محبوبن جي وارن کي نه رسندين ؛

مٽيءَ تنهنجي مان جيسين ٿئي نه ڪوزو[40].

چپن تائين نگارن[41] کي نه رسندين ؛

گسي جيسين نه صندل[42] وانگي ٿين چور،

چمي پيشاني پيارن کي نه رسندين،

نه پيِسي ٿين اٽو مينديءَ جان جيسين ،

پرِين جي تون پيزارن[43] کي نه رسندين ؛

ڪسي جيسين تون پِڙ ۾ ٿين نه پرزا ،

” قليچا “ قرب وارن کي نه رسندين .

 

90. ستي ۽ بيوهه زال جي وچ ۾ فرق

ٿيڻ ستّي بيوهه ٿي گذارڻ ،

تفاوت جو وڏو ٿيو تن ۾ ڪارڻ:

ستي جلدي سڙي ٿي ۽ مري ٿي،

ڏکن سورن کان لحظي ۾ ڇٽي ٿي ،

۽ بيوهه عمر سورن ۾ ٿي گهاري،

ڇڏي زينت، رياضت ۾ گذاري ؛

ستي ٿئي پڻ سڙي منجهه باهه بيغم ،

جلڻ ري باهه، ٿيو بيوهه سندو ڪم ؛

مري دم ۾ هو پوءِ دم دم جئي ٿي ،

هي جئري آهي پر دم دم مري ٿي ؛

ڪٿي هڪ ڀيرو پل ۾ تن جلائڻ ،

ڪٿي سئو ڀيرا جيئندي من جلائڻ ؛

مرڻ هو ضعف ٿيو، به همتي، جبر ،

جيڻ هي ٿيو تحمّل، همّت ۽ صبر ؛

مرڻ هو پاڻ ماري، نِت خطا آهه ،

جيڻ هي پاڻ ماري، نِت روا آهه ؛

غرض اوءَ زال آهي خوبصورت ،

محبت جا رکي، عصمت[44] ۽ سيرت[45]؛

اها ٿي نيڪبختيءَ جي نيشاني،

ٿي ڪهڙي ڪم جي نه ته هيءَ زندگاني ؛

 

90. صحبت جو اثر

مليو هڪ ڏينهن سرهو ميٽ مون کي،

ڪنهن حمّام ۾ محبوب هڪ کان ؛

چيم تنهن کي ” عبير آهين تون يا مشڪ ،

جو خوشبو ٿي اچي تن جهڙي تو مان ؟ “

چيائين : ” آءُ هيس نا چيز مٽي ،

مگر ويٺيس ڏهاڙا ڪي آءُ گل سان ؛

اثر صحبت جو تڏهن ٿيو مون ۾، نه ته آءُ

اها ساڳي مٽي آهيان، جا آهيان ! “


[1]  قبر کان

[2]  ڪافر اتش پرست

[3]  بحر

[4]  عشق

[5]  هٺ خود پسندي

[6]  اولياءُ.

[7]  پهرين تاريخ

[8]  ويچار

[9]  سخن جو شيخ

[10]  گجي

[11]  ڦيري

[12]  مشهور اولياءَ

[13]  امام محمد عرابي شيخ الاسلام

[14]  هڪڙي عالم جو مشهور ٻڪر جو ڪنڌ لوڏيندو هو.

[15]  قبولدار

[17]  جيڪي

[18] وڏو بادشاهه يا نبي

[19]  مئي کان پوءِ

[20]  چين جي بادشاهه جو لقب

[21]  زمانو

[22]  ڪعبي جو حرم

[23]  کنڀڙاٽيون

[24]  دشمني رنج

[25]  هميشه

[26]  مور

[27]  ايران جو بادشاهه

[28]  پٽجي پيئون نڪتيون

[29]  دنيا جي تعلقات

[30]  ذرو

[31]  گهٻرا - ٻوڙا

[32]  سنئون

[33] ’لا‘ يا ڏنگو

[34]  عربيءَ ۾ ’لا‘‘ جي معنيٰ ’نه‘

[35]  مکڙيون

[36] همام دستو

[37]  عابد چاليها ڪڍندا آهن

[38]  ڪوشش - شوق

[39]  درجي بدرجي

[40]  مئي کان پوءِ

[41]  محبوبن

[42]  چندن

[43]  پيرن

[44]  پرهيزگاري

[45]  نيڪ خصلت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org