سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :6

 

(12) بحر مجتث (مقصور محذوف )

 

مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلات

 

124.  ٻه چڱيون ۽ بڇڙيون شيون

شيون ٻه اصل کان آهن سدائين روح جو قوت،

ڏسڻ مٺن[1] سندو منهن ۽ ٻڌڻ مٺو آواز ؛

شيون ٻه ٻيون به چيون ٿن خراب موت کان وڌ،

ڏسڻ بخيل، کڻڻ قرضخواه جو پڻ ناز[2].

 

125.  ظاهري بندگي

زبان ذڪر[3] ۾، دل گهرجي فڪر ۾ مشغول،

نماز ڇا ڪبي ايءِ جي پنجئي تو وقت پڙهيا ؛

اڳيان رکيو ويهين قرآن ۽ ٻيو چپ چورين،

۽ دل ۾ خيال عيال ۽ ڳئن ۽ مينهن جا !

 

126.  پرڻي ۽ قرض کان گوشو ڪرڻ

ٻه ڪم اصل نه ڪري مرد، جو رهي آزاد،

ته ڊپ رهيس ڪڏهن ڪين ڪنهن به آفت جو ،

ڪري نه زال[4]، ڀلي ڌيءَ  هجي شهنشه جي ،

کڻي نه قرض، ڀلي وعدو هوّئي قيامت جو.

 

127. هٿ ۽ زبان جي سنڀال

رهڻ گهرين جي سلامت، سنڀال هٿ ۽ زبان،

خراب دست درازي، زبان درازي بتر ؛

ڀلي کلي سڄو عالم ، ڀلي ٻٽاڪ هڻي،

نه ڄاڻين جيڪي نه چوُ، ۽ سگهين[5] تون جيڪي نه ڪر.

 

128.  بديءَ جا قسم

بدي ڪري جو غرض سان، ڪجي انهيءَ کي معاف،

جو پنهنجي مطلب[6] پويان ڪري ٿو ٻئي سان بدي؛

غرض[7] بنا جو ڪري ، تنِهن جو پڻ علاج آسان،

ڪري بدي نه اهو ، جي ڪجيس ڪا نيڪيءَ،

مگر بدي جو ڪري ڄاڻي نيڪي ڪندڙ سان،

ڊڄ ان کان، رحم نه ڪر ان تي ، آهي سو موذي[8].

 

129.  زبان  مان نفعو ۽ نقصان

زبان مان رسي انسان کي نفعو  ۽ ضرر،

زبان مان ئي اميد ۽ زبان مان ئي خطر؛

زبان مان ئي ٿئي افتخار[9] آدم جو ،

زبان مان ئي ٿئي انتظام[10] عالم جو؛

زبان مان ٿئي انسان نيڪبخت مدام،

زبان مان ئي ٿئي سو خوار ۽ بدنام .

 

130. ٻڍن جي اکين جو پاڻي

 وهي ٻڍن جي اکين مان ٿو پاڻي نهر ڪري،

وهي ٿو ڪين جوانن جي مان سبب ڪهڙي؟

ٻڍن جي سر جي مٿان آهي برف[11] ورهن جي،

وهي انهن تي ، ٻين جي گهرن تي ڪين وهي .

 

131. پهڻ جون چگيون خاصيتون

ٻڌج تون چار شيون ، پهڻ ۾ ٿين جي جمع،

ته پهڻ پڻ ڦري ياقوت لعل ٿئي ۽ عقيق؛

صفائي طبع جي، ذاتي گُهَر، لياقت پڻ،

۽ چوٿين سڄ جي اثر  جان ٿي تربيت[12] تحقيق:

اصل کان پهريون ٽي ماڻهوءَ اندر ٿيون موجود،

۽ چوٿين ٻهران اچي ، جي خدا ڏئي توفيق .

 

132. زماني جي شطرنج

 چڱو زمين زماني جو ڏيان مثال هڪوار،

بساط ڄاڻ تون شطرنج جي وڇايل يار:

اڇا ۽ ڪارا[13] ٿيّا ماڻهو ، جو رات ڏينهن جو رنگ،

اهي ٿيا راند جا مُهرا، وڙهن پيادا سوار؛

اچي ٿيا گهوڙا ۽ هاٿي ۽ اٺ تي موجود ،

نه سک وزير کي آهي، نه بادشهه کي قرار ؛

سڀن جو رخ ٿيو طمع ۾ ، ڏين ٿا شاهه کي شهه[14]،

۽ ڪشت ساڻ ڪرڻ مات، ٿي مڙن کي پچار[15].

قدم قدم هلي پيادا وڃي سوار ٿين،

سنوان هلن ٿا سنوان، ۽ ڏنگا ڏنگي رفتار ؛

ٿو گهرجي صبر تحّمل ڌيان اڳ  ڳڻتي،

سنوت سچائي هنر عقل هوش ۽ اختيار.

ڪرين عمل جي انهن تي، انهي ئي عرصي ۾،

ته کٽ ” قليچ“ هتِي[16] فتح، نا ته بازي هار.

 

133.  گوشه نشيني ۽ قناعت

ٻه ڏينهن عمر جا جيڪي بچيا اٿئي باقي ،

وڃي جي گوشي قناعت جي ۾ مقام ڪرين ؛

ڍڳا وٺين ٻه ۽ پوکين اتي زمين ٽڪر،

۽ مير هڪڙي جو، ٻئي جو وزير نام ڪرين ؛

رُکي حلال جي ماني اچئي جي اِن پر هٿ،

۽ پاسو دل جي خوشيءَ سان ڪنا حرام ڪرين ؛

” قليچ“ ان کان ٿئي بهتر ته ڪنهن ٻئي جي اڳيان،

رکين تون سيني تي هٿ ۽ جهڪي سلام ڪرين .

 

134.  رباب  جي تعريف

رباب عشق جو اوزار آهي ۽  اسباب،

انهي ڪري تا ڪڪر کي عرب سڏين رباب؛

پياري پاڻي ڪڪر جيئن ٿو گل ۽ ٻوٽي کي ،

رباب  تئين ٿو ڏئي قوت دل کي پڻ هر باب ؛

رباب طبل[17] جان ڪوٺي ٿو شاهبازن کي،

اچن ته طبل سان شهه ڏي وري اڏامي عقاب[18].

 

135.  موت حياتي آهي

جنازو منهنجو ڏسين، چئين متان فراق فراق،

وصال مون کي انهيءَ وقت حاصل آهي عيان ؛

لهڻ قبر ۾ ڏٺئي ، پر چڙهڻ وري پڻ ڏس،

لهڻ منجهان ڪڏهن سڄ  چنڊ جي پڻ ٿئي نقصان؛

جو مغرب آهي هتان، آهي ٻئي هنڌان مشرق،

عدم اڀرندو، اجل ٿيو الهندو، ناهي گمان،

جڏهن ٿو پورجي ڌرتيءَ ۾ ٻج، تڏهن اڀري،

[19]نبات اُڀري جڏهن، ڇونه اُڀري تڏهن انسان !

 

136.  باطني حواس

حواس ظاهري ڇڏ، وٺ حواس باطن جا،

ڏسڻ ٻڌڻ ٿيّو بجا دل سان، ٻيو سڀئي بيجا ؛

ڏسي هٿن سان ٿو ڪاسائي رڍ ٿلهي ڏٻري،

خدا جو قول اکئين[20] طور[21] تي ٻڌو موسيٰ ؛

شڪر زبان[22] سان ۽ تير بت[23] سان ڳالهائي ،

۽ عشق وارا اکين سان کلن ڳالهائن ٿا.

 

137.  قدر ۽ جبر

خبر اٿئي ته قضا ۽ قدر چون ڇاکي ؟

قضا ٿيّو عقل، قدر ٿيو سخن، ٻئي تنهنجا ؛

رسول آيو جي وعد[24] ۽ وعيد[25] سان تو ڏي،

تن نيڪ بد هتي تقدير ڪيئن ڪري ۽ قضا،

قدر ۽ جبر جي وچ ۾ وڃي ٿي عقل جي واٽ،

وڃي ٿو خوف[26] ۽ اميد جي وچان دانا.

 

138.  زبان

زبان اصل بلا آهي يا ڇتي ڪتّي،

خدا انهيءَ کان ڪري قابو وات ۾ ڪئي بند ؛

مڇي اصل کان جو ٿي آهي بي زبان سدا،

ڪهي انهيءَ کي نه ڪو ۽ وجهيس ڪو نه ڪمند[27]؛

۽ نانگ کي جو ڪڍيائون بهشت کان ٻاهر،

سو اِن ڪري جو زبانون رکي ٻه، ڄاڻي فند ؛

اصل کان جسم جي دوزخ ۾ ٿي زبان زبان،

بهشت ۾ جي وڃن، ڪن ٿا بيزباني پسند.

 

139.  سفر جي تعريف

سفر ڇڏائي ٿو بک ڏک کان ۽ رسائي زر،

ڪري ٿو مرد کي ڪامل ، سکاري سڀڪو هنر؛

گهمي ڦري جي سگهي ها درخت جاءِ بجاءِ،

ڪپيس ها ته ڪهاڙي، تريس[28] ها نه تبر.

 

140.  نوڪريءَ جي شڪايت

خدا ڪري ته ڪو بندي جي بندگي نه ڪري ،

جي وس پڄيس ته اهڙي هو گندگي نه ڪري،

ڀلي ڪنهين جي محبت ۾ ٿئي غلام وڃي.

مگر ڪنهن جو هو نوڪر ٿي زندگي نه ڪري !

 

 141.  دنيا دونگي ۽ بي بقا

ٻه گز ڪفن جا الهجي انهن[29] ملن نه ملن،

جني ڍڪي هتي پوشاڪ پرنياني[30] آهه ،

اجايو فخر ڪرين بي بقا حياتيءَ تي،

جو نقش آب[31] جان هي نقش زندگاني آهه.

 

 142. انسان فاني

 بشر[32] جي قالب خاڪيءَ[33] کي ڪجهھ قرار نھ آهه،

هوائي آهي هي ماڙي سا پائدار نھ آهه؛

دم آيو آيو نھ آيو ، رهيو رهيو نھ رهيو،

ذرو بھ پاڻيءَ ڦوٽي تي اعتبار نھ آهه .

 

143. آخر فنا

هي دور دنيا ۾ تنهجو تمام ٿيندو نيٺ،

هي پُر سگهوئي حياتيءَ جو جام ٿيندو نيٺ.

اجل جي ڪوچي ۾ آخر بھ ٿيندو تنهنجو گذر،

مڪان قبر ۾ تنهنجو مقام ٿيندو نيٺ،

يقين سمجهه تھ منڪر نڪير سان هڪ ڏينهن ،

جواب سوال ۾ تنهنجو ڪلام ٿيندو نيٺ.

هجين اگرچھ هتي تون سڪندر ۽ دارا،

خسيس خاڪ ۾ تنهنجو سلام ٿيندو نيٺ.

هي تنهنجو نرم ۽ نازڪ بدن مُئي کان پوءِ،

ڪنن ڪنئن جو قبر ۾ طعام ٿيندو نيٺ.

چيئي جو حرف هِتي ۽ ڪيئي هتي جو ڪم،

سو نيڪ بد ، سو حلال ۽ حرام ٿيندو نيٺ.

هي وعظ تنهنجو وصيّت، هي قول تنهنجو ”قليچ“،

قبول پير و جوان ، خاص و عام ٿيندو نيٺ.

~~~~~~~~
 

 (13) بحر تقارب (سالم )

 

فعولن فعولن فعولن فعولن

 

144.  ڇا ڇا جڳائي

مسافر کي جي راهبر ٿو جڳائي،

تھ ماڻهوءَ کي علم ۽ هنر ٿو جڳائي .

خبر منزل ِ عمر جي ڪا نھ پئي ٿي،

گذارڻ تنهين کي مگر ٿو جڳائي .

اونداهيءَ ۾ رستو هلڻ آهي مشڪل،

عمل جو ڏيو تا سحر[34] ٿو جڳائي .

رسائي ٿو رز ّاق روزي سڀن کي،

سفر ۾ مگر ڪو سمر ٿو جڳائي .

خدا آهي ستّار غفّار بيشڪ،

گناهن کان ليڪن حذر[35] ٿو جڳائي .

خدا جنگ ۾ آهي بيشڪ نگهبان،

کڻڻ ساڻ تيغ و تبر[36] ٿو جڳائي .

اگرچھ گهڙيءَ دم جي آهي حياتي،

جيڻ[37] لاءِ آخر ته گهر ٿو جڳائي .

145. ڇا کان ڇا زياده ٿي ٿئي

ٿئي ٿي قناعت کان عزت زياده،

طمع کان سدا ٿئي ٿي زلّت[38] زياده ؛

ٿئي علم وارن کي واڌو تحمل ،

ٿئي جهل وارن کي حجت[39] زياده ؛

دليري اچي ٿي نھ ايمان ڌاران،

جو ايمان سان ٿئي ٿي همّت زياده .

تڪلفّ[40] علامت ٿي بيگانگيءَ جي،

نھ ڌاريو تڪلفّ  جي عادت زياده ؛

فراغت[41] سان دنيا ۾ هڪ پل نھ ويهو،

گهرو ٿا اوهين جي فراغت زياده ؛

ملائڪ کان ٿيوّ انسان بنجڻ،

مگر ٿي ٿئي ان ۾ محنت زياده ؛

ڪريو دوستو پهرين آئين پنهنجي حُرمت[42]،

جي ڀانيو ڪري خلق حرمت زياده ؛

الٰهي زماني کي اڄ آهي ڇا ٿيو،

محبّت آهي ڪم عداوت زياده؛

عبادت کان منهنجي گناهه آهي واڌو،

تنهنجي[43] قهر کان تنهنجي رحمت زياده ؛

”قليچ“ آهي هر حال ۾ شڪر واجب،

ٿئي شڪر مان نِت ٿي برڪت زياد .

 146.علم ۽ هنر جي ضرورت

آهي امر هي وقت جي مصلحت جو ،

تھ محتاج ٿئي هر ڪو اڄ علميت هو ؛

سبب آهي ايءُ قدر ۽ منزلت[44] جو ،

لڪل ان ۾ اسرار ٿيو سلطنت جو؛

اها آهي طاقت انهيءَ ڪيميا کي ،

تھ هڪڙو ڪري ٿي سا شاه و گدا کي؛

رعيّت کي سيکاري ٿي اوءَ  اِطاعت،

۽ حاڪم کي ڏيکاري راه ِ عدالت؛

ڪڍي قلب مان ڪوري بغض ۽ عداوت،

ڪري ملڪ مان گم فساد ۽ بغاوت[45]؛

  وٺي خلق کي پنهنجا حق ڏئي سراسر ،

ننڍي ۽ وڏي کي ڪري سا برابر؛

ٻُڌي ٿي غريبن جي فرياد پڻ تنهن ،

غلاميءَ[46] کي ڪيو اصل برباد پڻ تنهن ؛

وڌو راڄداريءَ جو بنياد پڻ تنهن ،

ڪيو خلق کي آهي آزاد پڻ تنهن ؛

وجهي بند ۾، پڻ ڏئي سا رهائي،

سيکاري ٿي آزادي ۽ پڻ سچائي؛

لڌي آهي اهڙي ترقّي ۽ تجارت[47]،

جو آهي حڪومت تي تنهن کي حقارت؛

زراعت[48] جي ڪئي علم عالي عمارت،

ڪرامت جي ڪڙميُن کي پهچي بشارت[49]؛

هنر ۾ سڌارو ٿيو ّ  اهڙو رواجي،

  جو هر طرف ڏسجي ٿي قدرت خدا جي؛

جتي ناهي علم اُت نھ قوم ۽ نھ ملّت[50]،

نھ ملڪي حمايت نھ قومي حميّت[51]؛

جدا سڀ جو رنج ۽ جدا سڀ جي راحت،

الڳ آهي هر ڪنهن جي عزّت ۽ ذلّت؛

ڪنهين کي نھ سُڌ آهي تا قوم ڇاهي،

خبر اتّفاق ۽ تعلق[52] جي ناهي؛

 تڏهن هاڻ علم ۽ هنر جو رکو ڌيان،

تھ اولاد اوهان جو ٿئي نيٺ انسان؛

غريبن جي لاءِ پڻ سڌارو ٿئي آسان،

اميرن ۾ ٿئي علم جو نور تابان[53]؛

انهن مان ڪو دنيا جي عزّت سنڀاري،

ٻڏي ٻيڙي جو ڪو دين ملت جي تاري .


 

 

(14) بحر تقارب (محذوف )

 

فعولن فعولن فعولن فعول

 

147. نياز جي تعريف

صراحيءَ کي هڪ رات هيئن شمع چيو،

تھ محفل جو سينگار آهين تون دوست ؛

سرفراز ٿي[54] ڇو پيالي اڳيان ،

ڪري سجدا پنهنجي گسائين ٿو پوست ؛

صراحيءَ چيس ڇو، ٻڌو ڪين ٿئي،

تواضع[55] زگردن فرازان نڪوست .

 

148.خود غرضي دنيا جا دستور

صراحيءَ کان هڪ ڏينهن پيالي پڇيو،

تھ تو جهڙو عابد نھ مون ڪٿ ڏٺو؛

تون روشندل[56] آهين پڙهين نت نماز،

ڏين سجدا سدا ۽ ڪرين نت نياز؛

نماز آهي جي ايئن، ٿيو حڪم جيئن ،

تھ ٽهه ٽهه[57] ۽ قهقهه ڪرين ان ۾ ڪيئن؛

عبادت ۾ حق کان نه وڃجي ڦري،

ٺَهي ڪيئن ڪرڻ کِل ۽ مسخري؛

صراحيءَ چيو تنهن کي حيرت منجهان،

تھ اي بيخبر تو کي آءٌ ڇا چوان؛

رهي مون ۾ ٿي ساري محفل جي آس،

مڙن[58] کي رهي منهنجي رت جي پياس؛

رڪوع[59] ۾ سسي منهنجي لاهن اُهي،

۽ سجدي ۾ ڪيرن ڳچيءَ کان جهلي؛

جگر جو وهي رت[60] مُنهان منهنجي جال[61]،

سڀئي خون منهنجو ٿا سمجهن حلال؛

ڪريان آءٌ   شهيدن جان رت مان وضُو،

مري پاڻ پياريان ٻين کي لوهُو[62]؛

عبادت ٿي مقبول منهنجي مگر،

نھ ٿيو خَلق خُود غرض کي ڪو اثر؛

نمازءَ ويچاري تي هي ظلم ڇا،

ڪيو خون هي ڪهڙي مذهب روا،

ڏسي حال هي آءٌ  اندر ۾ جلان،

۽ دنيا جي دستور تي آءٌ کِلان .

 

149. ا دب جي تعريف

ادب گنج قارون جي کان چڱو،

حڪومت فريدون جي کان چڱو؛

بزرگن گهريو ڪينڪي ملڪ مال،

آهي ملڪ ۽ مال کي نت زوال؛

گهريائون انهيءَ لاءِ علم ۽ ادب،

جو نت نيڪناميءَ جو آهي سبب .

 

150. تحمل

تحملّ اصل آهي غصّي[63] جو ضد؛

ٿيو پاڻ ۾ تن جو نت جهد ّجد؛

غصو آهي آتش[64] تحمّل بھ آب[65]،

وڃي باهه جو ترت پاڻيءَ کان تاب[66]؛

تحمل جنهين وقت اندر اچي،

تنهين وقت غصو اٿي ٿو ڀڄي .

 

151. بڇڙو نيٺ بڇڙو

ڪڙو وڻ جي پيدا ٿيو منجهه سرشت[67]،

وهارن جي ان کي وڃي منجهه بهشت[68]؛

ڀلي پاڻي تون حوض ڪوثر مان ڏينس،

ڀلي پاڙ ۾ کير ماکي وجهينس ؛

ڪندو نيٺ جوهر اصل ڪو پڌر،

اهو زهر جهڙو ڪڙو ڏيندو ڦر .

152.ٿورو مرد جو کڻڻ گهرجي

 پڙهيو ٿم ڪٿي، آهي ڏاهن چيو،

تھ جي ڪمّ ڪڍڻو اٿئي ڪنهن منجهان؛

مدد وٺ مروّت ڀرئي مرد جي[69]،

مٽي کڻ وڃي ڪنهن وڏي ڍير تان

 

153.خدا ماڻهو سان گڏيو وتي

ڏسو عشق ٿيو عاشقن سان گڏيل،

ٿيو روح خاڪي بدن سان گڏيل؛

هي دشمن هوا باهه پاڻي  مٽي،

ٿيا دوست ڄڻ هڪ ٻين سان گڏيل؛

اصل بي نشان آهي جو ، سو هتي،

اچي ٿيو نشانن گهڻن سان گڏيل .

 

154. الحمد[70] جو ترجمو

جڳائي ٿي تعريف الله جي،

جو پالي سنڀالي ٿو عالم سڀئي؛

سو رحمان آهي ۽ بيحد رحيم،

آهي جڳ نت تنهنجي رحمت عظيم ؛

سو مالڪ قيامت سندي ڏينهن جو ،

جزا سڀ کي عملن جي ڏيندو اهو،

تنهين جي ڪريون ٿا اسين بندگي ،

تنهين جي مدد پڻ گهرون ٿا سڀئي؛

سنئون رستو يا رب اسان کي ڏيکار،

تون رک راهه حق جي تي پروردگار ؛

اُنهن صالحن جي ڏيکارج تون راهه ،

جني تي ڪئي فضل جي تو نگاهه ؛

نھ تن جي، جي ڪيئ جن تي نازل غضب،

اسان جي دعا ڪر قبول اي خدا،

ٻڌي ڪير تو ري اسان جي صدا .

 

155. حقيقي شراب جي صفت

جماعت ۾ تون مئ پرستن جي آ،

تھ ٻيو ڪي ڌسين ڪين ڌارا خدا ؛

ڪرين خاڪ ميخاني جي توتيا[71]،

دنيا جي اکين سان ڌسين تون خدا ؛

مغن[72] سان جي تون آشنائي ڪرين؛

خوديءَ کان لنگهي تون خدائي ڪرين .

 

156. عشق جو ميدان

رکي پير ميدان ۾ عشق جي،

اهو، جو رکي ڪين سر يا خبر؛

هوا ۾ سدا يار جي وصل جي ؛

اڏامي پکي سو ، ڌاري نھ پر،

 

157. راڳ جو اثر

عجب ڏس ٿئي راڳ ۽ ساز جو،

مرون، جن انسان تي ٿو اثر ؛ 

عرب ۾ هلي راڳ تي اٺ تکو،

کڻي بار ٻيڻو ، اچي خوش نظر؛

۽ جوڳين جي مرليءَ تي هت هند ۾،

لڏي نانگ ڪيئن مست ٿي سربسر؛

اثر راڳ جو جانور تي ٿئي،

نھ ماڻهوءَ تي جي ٿيو تھ آهي او خر [73].

 

158. خدا جي تعريف

  خدا آهي هڪ، ڪو نھ ان جهڙو آهه،

نھ ساڻس ڪنهين ڪم ۾ ڀائي[74] ڪو آهه؛

نڪا ابتدا ان جي يا انتها ،

اصل کان آهي سو ۽ رهندو سدا ؛

انهيءَ آهي جوڙيو هي سارو جهان،

هي سج چنڊ تارا، زمين آسمان؛

مٽيءَ مان اسان کي بھ پيدا ڪيئين،

هئي گهرج جيڪا اسان جي پليئين؛

ڏنيون نعمتون ان اسان کي هزار،

ڪري ڪير سگهندو انهن جو شمار؛

جڳائي انهيءَ جي عبادت ڪرڻ،

شب و روز ڪاوڙ کان ان جي ڊڄڻ .

 

159. ماءُ پيءُ جي خدمت ڪريو

ادب ماءُ ۽ پيءُ جو آهي ضرور،

ڪجو ڪو نھ ٻارو انهيءَ ۾ قصور؛

انهن کان ٻيو ڪو بھ بهتر نھ آهه،

بزرگيءَ ۾ تن جو ڪو همسر[75] نھ آهه،

نھ هو عقل يا زور تو ۾ جڏهن،

ڪئي پرورش تنهنجي ٿي تن تڏهن؛

رهيو رات ڏينهن تن کي ٿي هي خيال،

سدا خوش اسان جي رهي نونهال[76]؛

هو تڪليف سڀ پاڻ سهندا رهيا،

ڏکن ۾ تنهنجي سار لهندا رهيا ؛

ڏسي تو کي ڏک ۾ ٿين هو ڏکي،

سکيو توکي ڏسندي ٿين هُو سکي ؛

رکيو ايترو پيار تو سان جنين ،

جڳائي رکڻ توکي راضي تنين؛

چون جيڪي تو کي اُئين ڪر ابا،

تھ تو مان رهن خوش ۽ راضي سدا؛

خدا آهي فرمايو هيئن باربار،

  مڃي حڪم پيءُ ماءُ جو ديندار؛

رکي خوش هتي جيڪو پيءُ ماءَ کي،

ملي باغ جنّت[77] جو تنهن کي هُتي .

 

160. استاد جا حق

‎‎‎‎‎‎آهي ماءُ ۽ پيءُ کان پوءِ ڇوڪرو،

سڀن کان وڏو حقّ استاد جو؛

سڌاري ڪري دل اوهان جي درست ،

ڪري ٿو اوهان کي هو چالاڪ چست؛

گهڻي کان گهڻي تنهن جي عزت ڪريو،

دل و جان سان تنهن جي خدمت ڪريو؛

نھ ٽاريو ڪڏهن حڪم ان جو اوهين،

رکو تنهن کي راضي ۽ سرهو اوهين؛

نھ ٿيو ان جي خدمت کان هرگز ملول،

تھ ٿئي علم دولت اوهان کي حصول[78]؛

سندس حڪم جي نت مڃيندئو اوهين،

تھ خادم مان مخدوم ٿيندئو  اوهين .

 

161.بڇڙن سان سنگت نھ ڪريو

هجي ٺڳ ۽ مغرور جو آدمي ،

ڪجي دوستي ڪين تنهن سان وڃي؛

نھ سنگت رکو ڪنهن بھ بد چال سان،

هجي مر تھ دولت ۽ اقبال سان ؛

کريل سرڪش آهن ۽ بدڪار جي ،

محبّت جا ناهن سزا وار[79] سي،

نھ آهن سي صحبت جا لائق ڪڏهن،

وڃن نيڪ اوڏو نھ تن  جي هڏ هن؛

انهن جي سنگت ۾ جي ويندوء اوهين،

سگهوئي پشيمان ٿيندوء اوهين .

 

162.ڪوڙ نھ ڳالهايو

خدا تنهن مان راضي نھ ٿيندو ڪڏهن،

ڪئي ڪوڙ جي هوندي عادت بھ جنهن؛

ڪيو جنهن ڪنهين ڪوڙ کي اختيار؛

نھ رهندو ذرو تنهن تي ڪو اختيار؛

نھ ملنديس ڪا عزت ، نھ رهندس ڪو آب[80]،

جتي ويندو اُت ٿيندو خوار ۽ خراب؛

سڏيندس بھ ڪوڙو ڪسا کي[81] جهان؛

قيامت ۾ دوزخ تنهين جو مڪان؛

ڪڏهن ڪوڙ اوهين ڪين ڳالهائجو،

نھ ان مان ڪو ٿيندو ڪڏهن فائدو .

 

163.صفائي جي تعريف

صفائي عجب چيز دنيا ۾ آهه،

چڱي ڪا صفائيءَ کان شي مُور ناهه؛

صفائيءَ منجهان ٿيندئو هرد لعزيز،

صفائيءَ مان ايندو اوهان کي تميز؛

صفائيءَ اوهان کي ڪندي تندرست،

۽ هر وقت رکندي سا چالاڪ چست؛

جڳهه جسم پوشاڪ ۽ بسترو ،

سدائين رکو سڀ صفا ۽ سٺو .

 

164.د عا

اسان جي دعا آهي هي اَي خدا،

رهي دين ايمان ُ سالم سدا ،

عطا ڪر سڀن کي هدايت جو نور،

ٿئي سڀ جي گمراهي اونداهي دور؛

بندا تنهنجا حڪمن تي تنهنجي هلن ،

اندر ۾ سدا خوف تنهنجو رکن.


[1]   مٺا ماڻهو، خوبصورت

[2]   وڌ گهٽ ڳالهائڻ

[3]   خدا جي يادگيري

[4]   نه پرڻجي

[5]   ڪري سگهين

[6]   جي سبب

[7]   مطلب

[8]   ايذا رسائيندو

[9]   فخر

[10]   جوڙجڪ

[11]   اَڇن وارن ڏي اشارو

[12]   تعليم، پرورش

[13]   ساريون

[14]  ڪشٽ

[15]    ڳڻتي

[16]   هن جهان ۾

[17]  بازن کي شڪار وقت طبل وڄائي موٽي سڏيندا آهن

[18]   باز

[19]   يعني نباتات

[20]  اکين سان

[21]   جبل نالو

[22]   کائڻ مهل

[23]   لڳڻ يا زخم ڪرڻ وقت

[24]   انعام جي خبر ڏيڻ

[25]   سزا جي خبر ڏيڻ

[26]   حديث: ”الايمان بين الخوف والر جا“

[27]   ڦاسي يا دام

[28]   وڍي مٿان لسو ڪريس ها

[29]   انهن کي

[30]   پٽ جي

[31]   پاڻي تي چٽ

[32]   ماڻهو

[33]   جسم

[34]   فجر تائين

[35]   گوشو پرهيز

[36]  ڪهاڙي

[37]   ڪنڌ لڪائڻ يا رهڻ لاءِ

[38]   خواري

[39]   هوڏ

[40]   ڏيکه-ريا-زور جي هلت

[41]  آرام-گيسر

[42]   عزت

[43]   يعني اي خدا تنهنجي

[44]   درجو

[45]   غدر، فتنو فساد

[46]   ٻانهن جو واپار

[47]   سوداگري واپار

[48]   پوک زمينداري

[49]   خوشخبري

[50]   مذهب-قوميت

[51]   حيا-عزت

[52]   هڪٻئي جي واسطيداري

[53]   چمڪندڙ

[54]   ٿي ڪري

[55]  سعديءَ جي بندنامي جي هڪ مصرع جا ضرب المثل آهي

[56]   شيشي مان بناوت ڏي اساڙو

[57]   صراحي مان پاڻي يا شراب نڪرڻ جو آواز ٽهڪ ڏيڻ جهڙو

[58]   جيڪي مون منجهه آهي يعني شراب

[59]   صراحي جو ڍڪڻ يا ٻوچ

[60]   منهن مان - واتان

[61]   گهڻو- جاري

[62]   رت

[63]   جهيڙو

[64]   باهه

[65]   پاڻي

[66]   تو - طاقت

[67]   خلقت - بناوت - سڀاءُ

[68]   جو بهشت ۾ آهي

[69]   مشهور پهاڪو

[70]   قرآن جي پهرين سوره

[71]  سرمو

[72]   معبچا يا آتش پرست، جي شراب خاني ۾ آهن

[73]   گڏهه

[74]   شريڪ

[75]   مٽ - برابر

[76]   ٻچو - ننڍڙو

[77]   بهشت

[78]  حاصل

[79]   لائق

[80]   آ برو

[81]   ڪپتيو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org