سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چندن هار

باب-

صفحو :29

 

(16) بحر تقارب محذوف

فعولن فعولن فعولن فعول

 

579.  نماڻائي ۽ اتّفاق (اَنگن جي مجلس)

عدد خان هو نانءَ هڪ شخص جو،

جو عالم وڏو، ذات جو ”اَنگ“ هو.

هئا اُن کي نو پٽ، سياڻا سڀئي،

ڏيان نانءُ هت تن جا هڪٻئي پٺي.

سي هڪ، ٻه ۽ ٽي، چار، پنج، چهه  ۽ ست،

۽ اَٺ، نو ڪرڻ سي لڳا مشورت.

تون ڀائرن وچ ۾ هڪ ڀيڻ هئي.

انهيءَ کي سڏيندا هئا سڀ”ٻڙي“.

ڪيو پاڻ ۾ بحث هڪ ڏينهن تن،

ڪئي سرس ساراهه پينهنجي سڀن.

چيو هڪڙي ، آءُ سڀ کان آهيان وڏو،

اول منهنجو نمبر سڀن ۾ ٿيو.

اوهين سڀ مون کان پوءِ پيدا ٿيو،

مدد ساڻ منهنجي به ايڏا ٿيو.

نه منهنجي مدد، جي اوهان کي هجي،

ته هڪٻئي کان وڌ ۽ وڏو ڪو نه ٿئي.

چيو تنهن کي ڀائن، اسين سڀ گهڻا،

تون هڪڙو ڄڻو ۽ اسين اٺ ڄڻا.

اسين قدر، قيمت ۾ تو کان وڌيڪ،

تڏهن تون اسان مان ڪڍين ڪيئن ٿو ويڪِ؟

جڏهن ڀيڻ جو ذڪر ڪنهن ڪين ڪيو،

نه هو ضاعفان زال جو قدر ڪو.

تڏهن پنهنجي پاران چيو هُن اَٿي.

اوهين مون کي ڄاڻو ٿا ڪجهه ڪينڪي؟

وڌي اَن جو منهنجي ڪري مرتبو،

ٿئي هر ڪو مون مان ڏهوڻو وڏو.

اوهين آهيو سڀ مرد ۽ آءُ زال،

ڪريو منهنجي عزت ۽ منهنجي سنڀال.

نماڻي آهيان آءُ ضعيف ۽ ذري،

اوهين سڀ وڏا، ۽ آءُ  اوهان کان ننڍي.

شرف منهنجي گڏجڻ مان اَن کي مليو،

منهنجي قدر ۽ قد اوهان جو وڏو.

جي رهندو گهڻا پاڻ ۾ گڏ ادا!

ته وڌ قدر، قيمت ۾ ٿيندوُ سدا.

تڏهن ڳالهه اُن جي سڀن ڪئي قبول،

انهيءَ مان سڀن کي خوشي ٿي حصول.

رهيا اڳتي هڪٻئي سان واهر ڪندا،

هئا جيڪي مطلب، ٿيا تن سندا.

ٿئي جو نماڻو، ڪري جو نياز،

ٻُڙيءَ وانگي پڻ ڪن سڀئي اُن تي ناز.

اصل اتفاق آهي، سڀ لاءِ ڀلو،

فقط هڪ ڄڻي کي نه ٿئي فائدو.

آهي زال سينگار مردن سندو.

ڪڏهن ڪو نه اُن ري سڏارو ڪندو.

سڀئي مرد، زالون ۽ ڀيڻون ۽ ڀاءُ ،

”قليچا” ! سڌاري جا ڪن گڏ اپاءُ .

 

580.  استقامت

مصيبت جي ڊپ، موت جي هول[1] کان،

بهادر ڦِرن ڪينڪي قول کان.

خدا نئي يا تون نِين، ته جان آهي هڪ،

مگر ڳالهه هڪ ۽ زبان آهي هڪ.

 

581.  وڄائڻ جي سازن جا آواز

دُهل هر ڪنهين ڪم ۾ چئي تو کي: ووُن.

تون ڍَوءن ڍوءن سکي وٺ، تون ڍون سکِ تون ڍوءن.

 تغارو چوي تو کي؛ ڌيرج پڪڙ،

تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ، تڪڙ ڇڏ، تڪڙ

ٿِي تو تاري، شرنائي سيکاري مون،

آهين اَي ڌڻي ! تون ئي تون ، تون ئي تون .

ٿي سارنگي چئي، تو کي نت اي خدا !

تو کي ساري روءن روءن ٿِي، روءن روءن سدا .

ٿا ڌڪڙِ ۽ طبلا وڄڻ ۾ چون ،

تھ ڌَڪ َ ڌَڪ َ، ٿا ڌَڪ َ ڌَڪ َ اسان کي لڳن .

ٿو طنبور چئي، ڪر نھ تون بِي پچار ،

تَنُئِي تَن ، تُنئي تن، تَنئي تن تون مار .

چوي دف، پوي رات جو سيءُ ٿو ،

وڃِي دڦ ۾ پِو ، دڦ ۾ پَو، دڦ ۾ پَو .

ٿي روئي چوي لحظي لحظي ستار،

ته در در  تي درد ا ! ڌري دار دار .

 

582.زال ۽ مڙس جي جنگ ۽ صلح

 عجب جنگ ۽ صلح ڪن مڙس، زال،

وڻي ناز ۽ نياز جِي ايءَ ٿي چال .

ڪڏهن ڏينهن جو پاڻ ۾ سي وڙهن ،

وري رات جو پڻ پرچاءُ ڪن .

ٺڪر گهر ۾ ٺهڪن ٿا البت ڪڏهن ،

انهن مان ڀڄي ڪو نھ ڪو ٿو هڏنهن .

پون سي تکا، گهر جي ڪم ڪار تي ،

ڪڏهن ڪن ٿا تڪرار ُ سي ٻار تي .

ڪري چرچا، هڪٻئي کي گهٽ وڌ چون ،

هٿين پڻ پون ۽ کلن ۽ رئن .

رُسن صبح جو، شام پرچن يقين ،

ڇنن ڏينهن جو، رات جو سي ڳنڍين .

سندن وچ ۾ جهيڙا جي ڏينهن جو ٿين ،

پيارن ڏيڻ ۾ سي وسريو، وڃن .

سَنجهي مان سمهن ڌار سي، پُٺ ڏئي ،

اَسر تائين هڪ ٿِي وڃن پوءِ ٻئي .

مِٺا تن جا جهيڙا ۽ جهڳڙا لڳن،

مِٺو تن اوجاڳو ، مٺي ننڊ تن .

رهن پهرين پرڻي کان پوءِ خوش ٿا ايئن،

گذارين عاشق ۽ معشوق جيئن .

جڏهن تن کي آخر ٻچو، ٻار ٿئي،

خوشيءَ ساڻ گڏ، خرچ جو بار ٿئي .

ٿئي تن جو پالڻ ، سنڀالڻ ڏکيو ،

خوشيءَ ۾ مگر ٿِي پوي ٿو سکيو .

وڙهن ٻار، ڪن حرڪتون سي هزار ،

ڪري راند، نقصان ڪن بيشمار .

ٿئي گوڙ، گڙٻڙ، جي ڊوڙن کڻي ،

ٿئي دل خَفي ۽ اچي چڙ گهڻي .

ڪجي تاب، دڙڪو، ڏجي تن کي مار ،

ٿئي دل ۾ ڏک ۽ پوي رحم ڌار .

مٺا سي ٻچا ٻار ۽ تن جا ڏک ،

ڇَڙهن جا پَون تن سان مَٽِ ڪين سک .

ڇڙها، آُن جي لذّت نھ سمجهن ڪڏهن ،

جڏهن پرڻجن سي، پروڙن تڏهن .

 

583.گم ٿيل رستي لهڻ جو چڱو اُپاءُ (عربيءَ مان)

مسافر جڏهن واٽ ٿو گم ڪري ،

ڏئي ٻانگ سڃ ۾، قدم پوءَ  ڀَري .

ٻڌي رڙ، پرين کان ٿا ڀونڪن ڪتا ،

ڪتن جي رڙين تي اُٿن ٿا ستا .

مسافر کي پئي ٿي وسيئن جي خبر ،

لهن پڻ ٿا ماڻهو مسافر جِي ڪَر َ .

 

584.گھڻو ۽ ٿورو اولاد (عربيءَ مان)

شريفن کي ٿورو، ڪمينن گهڻو ،

ٿو اولاد ٿئي ، قول ايءَ ٿيو سچو .

رواجي پکي ، ڪن ٻَچا ٿا گهڻا ،

هميشه ڪري باز ُ هڪڙو ٻچو .

ٻلنگڙا گهڻا ڪن ڪُتا ۽ ٻلا ،

ڪري شينهن هڪڙو، نھ ٿئي سو ڪچو .

 

585.اڳي بھ هوس ، اڳتي بھ هوندس

”ٽيني سن“ چوي ٿو تھ ٿئي ٿِي خوشي،
جو ماڻهو سگهوئِي پوي ٿو سمهِي.
سڀن دوستن ۽ عزيزن سان گڏ،
جي آهن سڀئي ان جو چم، اُن جو هَڏ.
وري سَو ورهه پوءِ ننڊ مان اُٿن،
سيکي، سُڏري، موٽِي وڃي گڏ سمهن.
چيو اِن طرح آهي پڻ ”ورڊس ورٿ“،
اسان جو ڄمڻ آهي ڄڻ ننڊ جو آرٿ.
اسان جو ستاري جان اُڀري ٿو روح،
هَئي شام ڪالهه اُن جي، ٿيو اڄ صبوح.
لٿو ڪالهه ڪنهن هنڌ اُهو منجهه جهان،
وري اُڀريو اڄ آهي اَو، هِن مڪان.
ڏنو آهي ماڻهوءَ جو ”گيٽيءَ“ هي حال،
تھ روح آهي انسانِي، پاڻيءَ مثال.
اچي ٿو لهِي، جو منجهه آسمان،
وري پڻ، چڙهي ٿو وڃي اُن مڪان.
لهي پوءِ اچي ٿو وري ڏنهن زمين،
هميشه ڦِري پيو، ڪري ماٺ ڪين.
چيو ”و ِهٽِيئَر“ پڻ انهيءَ طرح آهه،
عجب جهڙي هڪ شئي منکي لائي راهه.
رهي ۽ هلي مون سان هر دم اُها،
سڃاڻي منکي، آءٌ سڃاڻان ٿو سا.
حياتي گذاريل ۽ وسريل اڳين،
هلي منهنجي پاسي ۾، دامن کڻي.
چوي ”لانگ فيلو“ عجب ڦير گهير،

 

جنهين جو نھ سمجهِي سگهي راز ڪير.
ڄمڻ کان مرڻ تائين سا پئي هلي،
مرڻ کان، ڄمڻ تائين موٽي وري.
وڃي سا ٿِي ڌرتيءَ تان تا آسمان،
اُتان سا وري موٽي ڏنهن هن جهان.
”ڊرائڊن“ چيو آهي پڻ سان يقين،
مَرن رُوح ماڻهن جا هرگز ٿا ڪين.
ٿا نِڪرن اُهي، ڪنهن اڳئين گهر منجهان،
وسائين اچِي ٿا وري گهَر نوان.
سي جسمن نَو َن ۾ اچي ٿا رهن،
اتان ٿا هميشه گهمن ۽ ڦِرن.
”برائوننگ“ جِي پڻ ٿي اها ئي پچار،
تھ دنيائون ڏسندس اڃا بيشمار.
حياتين گهڻين ۾ لڳِي مون کي  دير،
گهڻِي منهنجي حالت ۾ ٿئي ٿي ڦير گهير.
گهڻو ئي انهيءَ وچ ۾ آءٌ ڪِي سکان،
گهڻو ئي انهيءَ وچ ۾ و ِسري منکان.
ڏنو ”ڪالَر ِج“ آهي هِن پَر هي حال،
اچي مغز ۾ منهنجي، هيءُ ٿو خيال:
تھ اڄ جيڪي ڏسجي ٿو هِن جسم ۾،
اڳئِي گذريو آهي اِنهيءَ قسم ۾.
گهڻئي رُوح ننڊ ۾ پي ماڻيا مزا،
گهڻئي جِسم ههڙا اُنهيءَ هئا ڏٺا.

 

586.دسا سول جو قاعدو

دسا سُول جو رکُ سفر وقت ڌيان،
تون ڏاهن سندو قول اي دوست! مُڃ.
تون ڇنڇر ۽ سومر، اُڀرندي نھ ڪاهِه،
نھ جمعي ۽ آچر، اُلهندي ڏي وَڃ.
ڏکڻ ڏي نھ وڃ تون ادا! ڏينهن خميس،
اڱارو ۽ اربعا، اُتر سان نھ سَڃ.

 

587.دنيا ۾ گذارڻ جون ٽي واٽون

 گذارڻ جون دنيا۾ ٿيون واٽون ٽي،

جني سان هلي اُن ۾ ٿِي وٺ ُ ۽ ڏي .

اچي تن ۾ احسان ُ، کائڻ، پيڻ ،

اُڌارو وٺڻ ۽ اُڌارو ڏيڻ .

اَهي هڪڙي هِيءَ، کاءُ، کاراءِ پڻ ،

چڱي واٽ تولاءِ، ٻين لاءِ پڻ .

نھ کائِڻ ، کارائِڻ ، اِها واٽ ٻي ،

نھ کڻ ٿورو ٻئي جو ، مٿي اُن رکِي .

 آهي واٽ ٽِي ، بهتر اَن کان اي ڀاءُ !

تون کاراءِ منَرُ، پاڻ َ پر ڪِين کاءُ .

تون احسان پيو ڪر ٻين تي  ڀلِي ،

ٻين جو مگر کڻ نھ ٿورو هلِي .

 

588.ڪهڙين زالن سان صحبت نھ ڪر

تُون زالن پنجن ساڻ ُ صحبت نھ ڪر ،

تھ نقصان تو کي نھ تن مان ڪو هوءِ .

رکج ياد هڪ پير ۽ ٻي صغير ،

۽ حائِض ۽ بد شڪل، بيمار پوءِ .

 

589.سچو مال ميڙيو ۽ ڌڻيءَ تي ڀروسو رکو (انجيل مان)

رکو مال ميڙي نھ ڌرتيءَ تي آئين،

هڻِي کاٽ ُ نھ تھ چورنيندا اُتئين .

يا ڪَٽ ُ يا ڪِينئان کائِي ڪَن سو خراب ،

ٿئي دل اوهان جي انهيءَ کان ڪباب .

رکو مال ُ ميڙي مٿي آسمان ،

جتي هر طرح  سو بچي کان زيان .

نھ کائِڻ، پيڻ جِي، ڪريو ڳڻتي ڪا ،

نھ ڪپڙي جِي پڻ، تا ڍڪيندوء آئين ڇا؟

رکو ڀروسو سارو خاوند تي ،

اُهو خلق پنهنجيءَ کي سڀ ڪجهه ڏئي .

رکو ڪو نھ ٻئي ڪنهن مٿي ڀروسو ،

اُهو ڏئي، ڏنو جنهن ڪ جِيءُ ۽ جُثو .

نهاري ڏسو اِئين هَوا جا پکي ،

نھ ميڙي ڇڏيئون پنهنجي لاءِ، ڪي رکِي .

نھ پوکين ِ ڪِي ٿا نڪي سي لُڻن،

سدائين وتن گهمندا ۽ خوش رهن .

نھ ڪپڙن جي پڻ اَئين ڪا ڳڻتي ڪريو ،

گُلن جهنگ جي مان آئين سوسن ڏسو !

نھ پورهيو سي ڪن ۽ نھ سي ڪِي ڪتين ِ.

عجب رنگ جا سي ٿا ڪپڙا ڍڪين.

اُنهن جهڙو رکندو نھ ڪپڙو، ڪلاهه،

سڄِي شان َ سُوڌو، سليمان ُ شاهه .

اوهان جون سڀئي ڄاڻي گُهر جون ڌڻي ،

ڪندو پوريون پاڻهئي  چڱيءَ پَر ِ کڻي .

اوهين ڳوليو نت بادشاهي سنديس ،

دل ۽ جان سان پڻ سچائي سنديس.

سڀاڻي جي ڳڻتي ڪريو ڪا نھ ڪا ،

سڀاڻو ڪري پنهنجي ڳڻتي سدا .

آهي اڄ جو ڏک پڻ گهڻو اڄ جي لاءِ ،

سَگهو اڄ رهِي خوش سڀاڻي سواءِ .

 

590 .ٻارن لاءِ نصيحتون

 ٻُڌي ڳالهه اٿم هڪڙي ڏاهي سندي،

نصيحت ٿي جنهن پنهنجي پُٽ کي ڪئي .

تھ اي نورچشم ! اَي اَجها جان جا !

 اي آرام دل جا ! اي منهنجا مٺا !

تون علم ۽ عمل سک ۽ مسرور ٿي ،

تون رهه سان ڀَلن، کان بُرن دور ٿي .

تون عزّت سان ويهه ، ويهين تو ن جنهن جي ڀر ،

نھ ڪر تون حقارت جِي ڪنهن ڏي نظر .

تون ڏاهن اڳيان ماٺ ۾ پيو گذار،

چون جيڪي ٻڌ سو ۽ پڻ ڌيان ڌار .

خدا جي تون رهه رات ڏينهن  ذ ِڪر ۾ ،

۽ قدرت سندس جي سدا فڪر ۾ .

تون دنيا ۾ رهه سان آدب ۽ حيا،

تھ جڳ ۾ ڏسين ڪين تون ڪا جفا .

 نھ ڪر حڪم ڌارا خدا جي تون ڪم ،

نھ مڃ حڪم ٻئي جو، ڏسين تا نھ غم.

جوانمرد ٿِي ، باوفا ۽ سچو ،

تھ عزّت لهين ، ڪو نھ ڪوٺئي ڪچو .

ٻيا ڇڏ، فقط پاڻ ڏي ڪر نظر ،

تون ڏس عيب پنهنجو، ٻين جو هنر.

اجائي بڪڻ کان سدا وات پُور ،

اجائيءَ تون بڪ تي ادا ! کل نُھ مُور .

تون دشمن جي شوخيءَ تي ڪر ڪو نھ غم،

غريبن، يتيمن تي ڪر تون رحم .

سڀئي دوست، دشمن ، چڱا ۽ مَٺا ،

خدا جا سي بندا ۽ انسان ٿيا .

تون خوش خلق رهه، ڀڄ تون ڪاوڙ کان يار !

جو بد خُو رهي ، سو ڏسي ڏک هزار .

وجهين تون مٺيءَ ڄڀ سان ماڻهو مُهي ،

سگهين وار سان پڻ تون هاٿي ڪُهي .

نھ ڄاڻين روا پنهنجي لاءِ ڳالهه جا،

ٻين لاءِ پڻ سا نھ رک تون روا .

تون جڳ ۾ سڃاڻج حلال ۽ حرام ،

مڃج، جيڪي فرمايو خير الانام .

گهڻي ، ٿوري تي تون قناعت ڪريج ،

عبادت جي لاءِ کاڌو، پيتو ڳڻيج .

تون ڪر شڪر، تا توتي رحمت رهي ،

تون ڪر صبر، تا تو تان زحمت لهي .

سخا ڪر، بخيليءَ کان بيزار ٿيءُ،

سخا جو ڪري، تنهن جو تون يار ٿيءُ .

طمع ڇڏ ، تھ توکان لهن سڀ اَمان،

 گهرن تو کي هر وقت پير ۽ جوان .

صفت ايءَ جي تو ۾ نمودار ٿئي ،

تھ رب تنهنجو دائم مددگار ٿئي .

نصيحت ڪريان هاڻ پنهنجي تمام ،

رهين دين، دنيا  ۾ خوش والسّلام .

 

591.شاهزادي شهر يار بن جهانگير ، اکين ڪڍڻ مهل چيو

 ڪڍي ڪو نھ نرگس منجهان ٿو عَر َق ،

ڪڍيئون منهنجي نرگس اکين جي مان آب .

پُڇي جي ڪو تاريخ اُن جِي، تو چَو،

ڪڍيائون بھ منجهن گُلن مان گلاب .

 

592.سلمان ساوءجي، امير اڳيان (بديهه)

کڻي سينگ ميدان تي آيو شاهه ،

گهِڙيو قَوّس جي برج ۾ ڄڻ تا ماهه .

ٻھ زاغي ڪمان ۽ ٽھ پرّو عقاب،

لهِي هڪڙي گوشي کان آيا شتاب .

ڪلهي تي رکيئون آڻي سر، شاهه جي ،

ٻُڌو ز ِهه جو آواز هر ڪنهن آُتي .

ٿيس تير  ُ، منجهه بند تدبير جي،

سعادت ٿيس نت پٺيان تير جي .

سندس راڄ ۾ ڪا نھ ٻڌجي فغان ،

ڪري نت ٿي فرياد هردم ڪمان .

ڪري ڪو نھ ڪنهن تي زبردستي ، زور ،

ڪمان ئِي تي هر ڪنهن جو ٿيو زور، شور .

 

593.ترار جي تعريف

فلاطون جي فهم کان تيز وڌ ،

اکين کان عجيبن جي خونريز وڌ .

سنهي ۽ تکي تيغ، ڄڻ پُل صراط،

۽ چنگيز کان فتنھ انگيز وڌ .

 

594.هلڻ ۽ گهمڻ جا شرط

  ڀلي سير ڪر پيو تون سيّار جان ،

وطن تي اچج موٽي پرڪار جان .

هلڻ مهل آهستو کڻ تون قدم ،

۽ و ِک وِک تي ڪر سجدو ، جيئن ڪيو قلم .

 

595.پهلوان محمود، مرڻ وقت (بديهه)

پُڇو ٿا مرڻ وقت، گهرجيم ڇا ؟

سوا وصل دلبر جي، گهرجيم ڪين .

خدا کان جدائي نھ گهرجي منکي ،

ٻيو جيڪي هوندو، سو مَر هو ئي يقين .

 

596.وات جي تعريف (صنعت مغالطھ)

آهي وات گل جهڙو تنهنجو اي يار !

۽ مُکرين جان آهن ٻئي تنهنجا ڳَل .

آهي وات گل ، پر ٽڙيو ڪين اڃا ،

آهن مکريون ڳل، پر سي آهن ٽڙيل .

 

597.سچو عشق

سچو عشق ، جي دل ۾ هوئي ڪين ڪم ،

نھ عاشق جي صورت سان هوئي ڪهڙو ڪم ؟

جي معشوق سان هر گهڙيءَ گڏ رهي ،

نھ غيرت کان ڪڏهين سندس منهن ڏسي .

 

598.زليخا جو حجاب

نھ منهن ڪنهن سندس آرسيءَ ري ڏٺو ،

نھ زلفن کي ڪنهن ٻئي ڦڻيءَ ري ڇهيو .

نھ وارن بنا ٻئي کان ڪڏهن ٿي سگهيو،

وڃي ويجهو اُن کي ، جو پيرين پيو .

 

599.ميوه دار ۽ ري ميوي وڻ جو فرق

جنهين وڻ جو ميوو ٿئي ٿو مٺو ،

انهيءَ کي نھ ڪو  ماڻهو هٿ لائي ٿو .

ڪَڙو جنهن جي ڦَر ، يا نھ ڏئي جو ٿو ڦَر ،

وڍي ٿا ڇڏين ِ اُن کي ماڻهو پڌر .

هُو منجهه باغ آهي ۽ منجهه باهه هيءُ ،

وڻئي يار! هو ٿيءُ وڻئي هيءُ تون ٿيءُ.

 

600.ماکيءَ تي مک

ڏي گاريون، ڪرين جي نھ تون ڪا دعا ،

ڪَڙا ويڻ تنهنجا لڳن ٿا مٺا .

گهڻو ئي هڪالين، گهڻو ئي جهلين،

رهي مک نھ حلوائي جي هَٽ بنا .

 

601.محمد ۽ موسى جي وچ ۾ فرق

محمد ۽ موسى جي ڏس وچ ۾ فرق ،

جو آهي سندو آسمان ۽ زمين .

لقا حق جو خود عرش تي هُن ڏٺو ،

۽ هن فرش تي ، طُئور هو جت مڪين .

ڌٺو ويجهو هُن قاب قوسين کان ،

چيو هِن کي ويو : ”لَن تراني“ يقين .

 

602.طنبور جي مشابهت

ڏٺو مون عجب ساز طنبور جو ،

ڀريل شور ، شر  هو اُن جو مٿو .

پيالي ۾ ان جي غذا ، روح جي ،

جا کائن سدائين دلين جا پَکي .

رکي ڄڀ ڊگهي پر هڻي ڪا نھ لاف ،

اچي جيڪي ڄڀ تي ، چئي ڏئي ٿو صاف .

ٻڌل آهي بندن سان اُن جي زبان ،

ڪري پر ٿو هر بند ّ مان هوُ فغان .

 

603.زماني جي چڱائي ۽ بڇڙائي

زمين ۽ زمانو هجي ها بهشت ،

نھ هئا موت ۽ پيري جي منجهه سرشت.

مليو هڪڙو دُم آهي انسان کي ،

اهو دم، ڊگهو توڙي ڇوٽو هجي .

مري گهر ۾ ڪو يا مر ي ٻئي مڪان ،

فقط هڪڙي واٽ آهي ڏنهن هُن جهان .

ڪَلر کاڌا گهر ، ٿيا اسان جي بدن ،

سي درجي بدرجي ڀَڄن ۽ ڀُرن .

ڀتين جي جڏهن پاڙ ويندي ڀُري ،

تڏهن اوچتو نيٺ پونديون ڪري .

جٽادار آهن نھ دنيا ، نھ گنج ،

پُڄِي موت سان، ٿئي شروع ساڻ رنج .

نھ ڏاهپ کان دنيا ۾ ڪا شئي ڀلِي،

مئل جسم، ٿي جان ٿيو نادان جي.

مَرڻ سان جيئڻ مَٽ ٿيو نادان جو ،

جو ناداني آهي، مرڻ جان جو .

مري پڻ ٿو دانا ۽ نيڪو ُ شعار ،

مگر نانءُ اُن جو رهي يادگار .

 

604.ماٺ جي تعريف

پشيمان ٿئي ماڻهو ٻولڻ مان ڇو نھ ؟

ڪڏهن ماٺ مان ٿئي پشيمان ڪو نھ .

ڇُٽي خوف کان، جو رکي وات بند ،

بَچي ڌاڳي کان، پوُئجي موتي جو نھ .

 

605.ڏنگو، سنئين جو تابع

ڏنگو ماڻهو ڪهڙو بھ ڏاڍو هجي !

ضرور آهي تنهن کي سنئين ساڻ ساز .

هجي سخت ڪهڙي بھ ڏنگي ڪمان !

سنئين تير آڏو ڪري نت نياز .

 

606.ڏک ۽ سک ۾ ڇا ڪجي ؟

ڏسين جي تو نيڪي ، ادا ! شڪر ڪر ،

ڏسين جي بدي ، ڪر تون توبهه ادا !

ڏسين جي ڪو ڏک تون ، ادا ! صبر ڪر ،

ڏسين جي ڪو سک ، ياد ڪر تون خدا .

 

607.عمل ڪهڙو چڱو

 نھ آهي عمل سو ، جو خلقت ۾ ٿئي،

عمل سو ئي آهي جو خلوت ۾ ٿئي .

ٿين فرض ظاهر ضروري ڀلي ،

لڪل ٻيو عمل سڀ عبادت ۾ ٿئي .

عمل لاءِ اخلاص آهي ضرور ،

ٿو بنياد جيئن ڪنهن عمارت ۾ ٿئي .

عمل ظاهري آهي ڇت جي مثال،

اثر پاڙ جو نت بناوت ۾ ٿئي .

پڪو ٿيو جي بنياد ۽ ڇت ضعيف ،

تدارڪ انهيءَ جو مرمّت ۾ ٿئي .

ڪچو ٿيو جي بنياد ۽ ڀت پڪِي ،

ڊهي گهر يا ٻي بڇڙي حالت ۾ ٿئي .

 

608.رياڪاريءَ جي شڪايت

رياڪار ٿو پاڪ ڏسجي پديد ،

رهي دل ۽ اندر انهيءَ جو پليد ،

ٿيو آباد ظاهر سندس ۽ قريب ،

ٿيو ويران باطن سندس ۽ بعيد .

ڪري ڏينهن جو زُهد، روزا رکِي ،

لڪِي رات جو ٿو ڪري گهر ۾ عيد .

ٿي شاڪر زبان اُن جي، ڪافر ٿِي دل ،

مُوحّد ٻَهر، دل ۾ مُشرڪ شديد .

ڏنل ڄڻ تھ پوچو ٿيو ڪاڪو ُس تي ،

رکيل ڍونڍ تي چڻ تھ قُفل ۽ ڪليد .

حقيقت ۾ آهي شرير ۽ شقي ،

مگر پاڻ کي ٿو سڏائي سعيد .

 

609.سخا، فريدون ڪري

فريدون هو ماڻهو ، فرشتو نھ هو ،

کٿوريءَ مان اَن جو سرشتو نھ هو .

ٿيو مشهور  زر ڏئي، سخا ۾ فزون،

تون زر ڏي ، تھ آهين فريدون تون .

 

610.وضو فرض، واجب ۽ مستحب

وضو فرض آهي نمازن جي لاءِ ،

۽ واجب، ڪرين ڪعبي جو جي طواف .

وضو مستحب آهي ننڊ کان اڳي ،

ڪرڻ بعد ، ڪوڙ ۽ گلا، کِل ۽ لاف .


[1]  خوف

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org