سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :19

شيخ عبدالرحيم جو پڻ مولانا عبدالله واري مضمون ۾ ٿيل آهي. شيخ صاحب هڪ وڏو انقلابي ماڻهو ٿي گذريو آهي، جنهن جي ڪوششن سان پهرين مرتبه حيدرآباد ۾ هندن جو زور ٽٽو. وڏا ڪيس هليا هوا، جن جو احوال پڻ شيخ عبدالمجيد صاحب وٽان ملي سگهندو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شيخن جي ان خاندان جو وڏو حصه ورتل آهي. وڏي بدقسمتي ٿيندي، جيڪڏهن هن آخري وقت تي به ان تاريخي معلومات کي قلمبند يا محفوظ نه ڪيو ويو. مون کي ته اوهانجي وجود ۾ وڏا آسرا آهن. الله تعاليٰ اوهان کي عمر دراز بخشي، وڏيون خدمتون ڪري رهيا آهيو. مولانا عبدالله جي فوٽن حاصل ڪرڻ ۾ خدارا دير نه ڪندا.* حضرت علامه قاضي صاحب کان منهنجي پاران دعا طلبي ڪندا ته احسان ٿيندو.

- علي محمد راشدي

محترم ڊاڪٽر عبدالواحد ھاليپوٽو

بھاء الدين ڪاليج جھوناڳڙھه (1941 – 12 – 14)

اخي العزيز نبي بخش صاحب،

السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته، ”جران العود النميري“ بابت وڏو احسان ٿيندو، جيڪڏهن توهان پروفيسر عبدالعزيز الميمني صاحب کان ان جي باري ۾ پڇي ڏيندا ته ڇا علامه تبريزي، شارح حماسہ جي هي عبارت صحيح آهي ته ”کان اسمه عامر بن الحارث و لقبه جران العود، وهو شاعر نميري جاهلي“ – جي ها، ته شعراء جاهلي مان هن جا مهاجرين ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟

ادا سائين، هن وقت ايتري به فرصت نه آهي جو اطمينان سان ويهي دوست دلدادن سان ڪتابت ۾ ڪچهري ڪجي؟ خيال هوم ته ڀڳل ٽٽل عربي ۾ توهانکي پنهنجي حالت کان واقف ڪريان. پر معري جي لزومات سان گذشته هفتي کان انڪري ڪلاڪ ڏيڍ بچائي ڪنهن پيرا ۾ عربي ۾ ڪجهه لکي سگهان. سو نٿو ٿي سگهي. خاص ڪري توهان صاحبن جي (عربي) خط جي جواب لاءِ ڪيترو وقت کپندو؟ توهانکي ابن هاني، بابت جو اسماعيلي پروپيگنڊسٽ آهي، ڪهڙي نموني جي معلومات گهرجي. شعر جي خصوصيات کي ڇالاءِ ٿا گهرائيو؟ توهان صاحب لکندا ته انشاء الله العزيز موڪلن ۾ حڪم جي تعميل ڪندس.

- اخوڪم عبدالواحد

محترم عبدالواحد سنڌي

نئين زندگي رسالو ڪراچي (1972 – 9 – 18)

محترم المقام ڊاڪٽر صاحب دام عنايته،

السلام عليڪم، توهان جو گرامي نامو مليو. توهان جي يادگيريءَ جو شڪريو.

”نئين زندگي“ جي شروعاتي زماني ۾ هن بنده جي توهان رهبريءَ فرمائي هئي. اميد آهي ته ٻئي دور ۾ به توهان جي رهنمائي ئي اسان لاءِ هدايت بڻجندي ۽ هي ادبي مخزن عوام ۾ مقبول عام ٿي سنڌي ادب جي خدمت ڪندو. ڪيڏي نه اسان جي همت افزائي ٿيندي! جيڪڏهن ڪو اڻ ڇپيل پنهنجو ادبي شهيپارو موڪلي اداري جي سرپرستي فرمائيندا.

- عبدالواحد سنڌي

....2....

* مورخ 1975 – 10 – 24

حضرت محترم و مڪرم جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم، توهان کي هن ڳالهه جي ڄاڻ هوندي ته راقم الحروف هڪ سال کان اداريه نئين زندگي ۾ دوباره ڪنٽريڪٽ بنياد تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن وقت نئين زندگي فقط ٻه هزار ڇپجي رهيو آهي. بهر صورت ڪوشش ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي ته هن رسالي کي وري ساڳي اوج تي رسائجي. گذريل چئن پنجن ورهين ۾ ڪيتريون برگزيده هستين جدائي جو داغ ڏيئي هليون ويون آهن، جن جي ياد ۾ ڪجهه به شايع نه ٿيو آهي.

جيئن ته مرحوم مغفور مخدوم امير احمد صاحب، مولانا دين محمد فيروز شاهي ۽ ٻيا ڪيترا سنڌ جا باڪمال بزرگ گذاري ويا آهن، ان ڏس ۾ توهان پنهنجي ڪنهن دوست کي آماده ڪندا ته انهن بزرگن جون ڪجهه يادون قلمبند ڪري، نئين زندگي ڏانهن موڪلي ڏين ته ادارو ان ادبي تعاون لاءِ ٿورائتو رهندو ۽ معاوضو پڻ پيش ڪندو.

- عبدالواحد سنڌي

محترم عبدالمجيد (ميمڻ) سنڌي

لاڙڪاڻو (16 جون 1977)

محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته،

عرض ته اوهان جو نوازش نامو موصول ٿيو، ياد فرمائي ۽ همت افزائي لاءِ لک لائق. اوهان جنهن خلوص ۽ محبت مان هن خط ۾ منهنجي ڪتاب ”ڪريم جو ڪلام“ تي رايو لکيو آهي، ان جي شڪريه بجا آڻڻ لاءِ مون کي لفظ ئي نه ٿا ملن. اوهان جو هي رايو منهنجي لاءِ قيمتي سرمايو آهي، ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آهي.

هڪ ٻيو ڪتاب به موڪلي رهيو آهيان. هن ڪتاب تي اوهان جي زماني ۾، اوهان جي ئي مهربانيءَ سان سنڌاالاجيءَ جو ادبي انعام مليو هو. ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو آهي، پر هن ۾ سڌارا واڌارا ڪيل ڪونهن. نوازش فرمائي هن کي نظر مان ڪڍي ڪوتاهين کان واقف ڪندا، ته چوٿين ڇاپي ۾ اوهان جي هدايتن موجب سڌارا ۽ واڌارا ڪندس، اردو ۾ لکيل ادبي تاريخ هن ڪتاب کان مختلف آهي، ۽ وڌيڪ مفصل آهي. اهو ڪتاب اوهان جي نظر مان نڪتل آهي، ۽ اوهان جي هدايتن موجب ان ۾ سڌارا ڪيا ويا هئا. اهو ڪتاب اوهان ڇپائڻ به شروع ڪيو هو پر اوهان جي (اسلام آباد) وڃڻ کانپوءِ ڇپائي روڪي وئي. هينئر ڪتاب ڄڻ قيد آهي. نه سنڌالاجي ڇپائي ظاهر ڪندي، ۽ نه مان ئي ڪٿان ٻي هنڌان ڇپائي سگهان ٿو. ڄڻ محنت ئي اڪارتي وئي. خير، افسوس ڪونهي. ڪيترن ئي باڪمال اديبن ۽ مورخن جون ضخيم تصنيفون زماني جي لاهن چاڙهن جي لوڏن ۾ ضايع ٿي ويون آهن. منهنجي هيءَ ٿورڙي محنت به جيڪڏهن حق ۽ سچ چوڻ جي سزا ۾ قيد قابو ٿي وئي، ته وڏي ڳالهه ڪانهي. اميد ته خيريت سان هوندا.

- عبدالمجيد

....2....

* مورخ 1 سيپٽمبر 1990ع، لاڙڪاڻه

محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

اسلام عليڪم: اهو ٻڌي خوشي ٿي ته اوهان کي ”سنڌي لئنگويج اٿارٽي“ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. اهو نهايت صحيح فيصلو آهي ۽ اميد ته اوهان جي محنت ۽ ڪوشش سبب هي نئون ادارو سنڌي زبان جي وڏي خدمت ڪندو، ۽ اهو مقصد حاصل ٿي سگهندو، جنهن لاءِ هي ادارو قائم ڪيو ويو آهي.

اوهان جي ”شاهه جو رسالو، جلد پهريون“. تبصرو لکيو اٿم. هن گڏ ان جي ڪاپي موڪليان ٿو. هڪ ڪاپي سه ماهي مهراڻ ڏانهن به موڪلي اٿم. اميد ته هر طرح خيريت سان هوندا. وڌيڪ خير. نيازمند.

- عبدالمجيد

محترم سگهڙ عبدالرحمان مهيسر

خيرپور (1990 – 11 – 17)

سائين قبلا سائين جو دائم اقباله،

السلام عليڪم! عرض ته پروگرام هن ريت بيهي سگهي ٿو. قائم فقير کان پوءِ رات هلي ٿوهر فقير سان ڪچهري ڪجي ۽ صبح اڳتي کِيراهُو وارو پاسو جيڪو قائم فقير اڳ ۾ ڏيکاريو هو. قائم فقير چوي ٿو ته فقير پير بخش واري پاسي سواءِ پير بخش جي ڪونه هلي سگهبو. باقي ننڍا ڊرنءَ ته هلي ڏسنداسون ۽ ادا کي چڱو ملڪ گهمائينداسون. باقي فقير پير بخش چيو ته في الحال آئون ٻه مهينا واندو ڪونه آهيان، جو پير سائين جن جو ڪم ڪيٽي ۾ آهي ۽ مون کان سواءِ وڃجو به نه، ڪوبه ماڻهو سونهون ڪونه ٿيندو ۽ اوهانکي تڪليف ايندي. باقي فقير الياس وارو پروگرام رکو يا ٿوهر فقير وارو ته ڀلي حڪم ڪيو. سائين ضياء الدين شاهه چيو ته ٻانڀڻ صاحب آفيسر آهي ۽ انهيءَ کي سرڪاري گاڏيون وغيره آهن. اهو به چوي ٿو ته جلدي هلو ته منهنجي بدلي نه ٿي وڃي. فقير الياس به نئون ملڪ ۽ ڀٽون ڏيکاريندو ماڻهو به نوان ملائيندو. جيڪو پروگرام بيهي سگهي ته لکي موڪليندا. فقط اوهانجي حڪم جو انتظار آهي. دعا ۾ ياد فرمائجو.                    – عبدالرحمان مهيسر

....2....

* مورخ 15 مارچ 1989 خيرپورميرس

السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته،

حضور انور، تاريخ 89 – 3 – 13 جو لکيل عنايت نامو عطا ٿيو. آءٌ صبحاڻي تائين بوزدار صاحب سان وڃي ملندس ۽ کيس گذارش ڪندس. قبلا سائين انهيءَ نياز نامي کان اڳ ۾ سکيل فقير ميتلي (تعلقه خيرپور) جون پنج ڪافيون عرض رکيون هيم، انهن جي ڪا خبر ڪانه ملي آهي ته الائي پهتيون يا نه، سکيو فقير مائي گُجر تي عاشق هو ۽ پوءِ فقيري اختيار ڪري هڪ جاءِ ويهي رهيو. چاليهه سال اڳ ۾ وفات ڪري ويو.

قبلا سائين، پارسي جو شاعر مزار خان مري ويٺل ڳوٺ ٽنڊه مستي تعلقه خيرپور جو هو، انهيءَ لاءِ وڌيڪ ڳولا جاري آهي، ۽ الهيار خان مري ٽنڊه نظر علي تعلقه خيرپور جو هو ۽ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس هڪ ڪافي استاد منظور علي خان به ڳائي آهي، انهيءَ جون ڪافيون نه آيون هجن ته هٿ ڪجن 30 سال اڳ وفات ڪري ويو. اميد ته رب ڪريم جي فضل سان طبيعت ٺيڪ ٺاڪ هوندي. آمين.              -عبدالرحمان مهيسر

....3....

* 4 – جون 1990 درگاهه فقير ميانداد

قبلا بابا سائين،

السلام عليڪم، ورحمت الله و برڪاته،

عرض ته سائين جن جو شفقت نامو عطا ٿيو، تنوير عباسي جو احوال به معلوم ٿيو. تنوير ڪيئن به هجي پر اوهان جي لاءِ وٽس عزت آهي.

قبلا سائين، فقير سائين جي اسڪول جو ڪم شروع ٿيو آهي، کاٽي وغيره کڻائي آهي پلاٽ جيڪو اڳ ۾ مليو هو، اهو ڪونه مليو. هينئر پنهنبجي جاءِ جي پويان اتر ۾ ڪيو آهي. اها جڳهه فقير سائين جي لوڙهي ۾ آهي، جيڪا مجاور جي حيثيت ۾ سچل فقير لکي ڏني آهي ۽ انهيءَ جاءِ تي کجيون هونديون هيون. هينئر سچل سڀ سچيون پيو ڪري ته اسان زمين سان ملائي ڇڏي هئي ته آبادي ٿئي پر هئي فقير سائين جي. ٻين ماڻهن به شاهديون ڏنيون ته برابر فقير سائين جون کجيون 5 – 6 سال اڳ ۾ بيٺيون هيون.

ڊاڪٽر عباس گهمري کي ڳالهه ڪيم ته تمام وڏي محبت سان چيائين ته مون وٽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن رات جو پروگرام ڏين. تمام موسم ٺيڪ آهي ۽ نوان ماڻهو ملائيندس ۽ ڪتاب به ڏيکاريندس. پر چيو اٿس ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ٻڌايو ته آءٌ ماڻهو چونڊي ڪي هٿ ڪيان، جيئن ڊاڪٽر صاحب جن خوش ٿي وڃن.

رب ڪريم جي فضل و ڪرم سان حيدرآباد جون حالتون ٺيڪ ٿي وينديون. فقير سائين جي درگاهه تي به دعائون گهرندو آهيان، رب ڪريم اوهانکي خاندان سميت پناهه ۾ رکي. سائين ڊاڪٽر محمد شريف به لطيف آباد ۾ رهي ٿو. رب کيس سلامت رکي آمين. حاجي علي محمد خان سائين کي به سلام عرض. دعا ۾ ياد فرمائيندا رهندا ته نوازش.

- عبدالرحمان مهيسر

....4....

* مورخ 4 نومبر 1990ع ڳوٺ رفيق مهيسر

سائين قبلا سائين جو دائم اقباله،

السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته،

قبلا سائين! تمام ڏک ۽ دلي مايوسي سان لکڻو پوي ٿو ته سائين جن جو پيارو دوست مرحوم الحاج مير شاهنواز خان شاهلياڻي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري، دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو. انالله وانا اليہ راجعون. سائين جن جي ڪري اسان تي ايڏي شفقت ڪندو هو، جيڪا حياتي ڀر ڪانه وسرندي.

ٻيو ته وزيراعظم تعليم ميڊم محترم حميده صاحبه جيڪو فقير سائين جو اسڪول منظور ڪيو آهي انهيءَ ليٽر جي خبر وري سيڪريٽري پلاننگ وٽان پوندي ته ڪاغذ ڪٿي پهتا يا فقط رکي ڇڏيائون. جيڪي جڳهيون ڄام صادق علي منظور ڪيون آهن انهن جا ڪاغذ هر ضلعي ۾ پهچي ويا آهن.              – عبدالرحمان مهيسر

.....5.....

* مورخ 29 آگسٽ 1990ع ڳوٺ رفيق مهيسر

قبلا سائين جو دائم اقباله،

السلام عليڪم! ورحمت الله و برڪاته،

قبلا سائين، اڄ سنڌي اخبار روزانه ڪاوش حيدرآباد ۽ ٻئي اخبار عوامي آواز ڪراچي، تنهن کانسواءِ ريڊيو خيرپور شام جو ساڍي ڇهين بجي خبر ڏئي ڇڏي آهي ته نئين وزيراعليٰ ڄام صادق علي فوري طور اعلان ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي اٿارٽي قائم ڪئي وئي ۽ اٿارٽي جو چيئرمين سربراهه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هوندو ۽ ميمبر بعد ۾ کنيا ويندا.

تمغه ڪمال واري ڳالهه هتي به اخبارن ۾ آئي آهي جنهن ۾ انعام 10 هزار روپيه به لکيل آهي. اڄ ايتري خوشي ٿي آهي ڄڻ ته ستن بادشاهين جي واڳ اسان وٽ آهي. شاهه ڀٽائي رحمت الله جي ادبي ڪانفرنس ۾ به اوهان جي صدارت رکڻ گورنمينٽ جو ناموس آهي.....

- عبدالرحمان مهيسر

....6....

* مورخ 12 سيپٽمبر 2004ع ڳوٺ رفيق مهيسر

منهنجا سائين،

السلام عليڪم و رحمت الله وبرڪاته،

ڪالهه واري ڪمپيوٽر واري ڏانهن وڃڻ ٿيو، پوءِ اتان گهڻو اڳ ۾ سائين جن حڪم فرمايو هو ته، ناز هاءِ اسڪول خيرپور رياست جي زماني ۾ ڪڏهن قائم ٿيو. جنهن جو ڪنهن ڪتاب ۾ ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته مير صاحبن جو تعليم طرف گهڻو توجهه هو، ته جيئن غريبن جا ٻارڙا علم جي دولت سان مالامال ٿين ۽ رياست خيرپور جو نالو تعليم ۾ وڌيڪ روشن ٿئي.

تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

1904ع ۾ انگلش مڊل اسڪول پراڻي فوجداري خيرپور ۾ مير علي نواز خان ٽالپور والي رياست کولرايو، تنهن وقت سردار محمد ابراهيم اسٽيٽ جو منسٽر هو ۽ پهريون هيڊ ماستر اسڪول جو غلام علي نانا هو. 1915ع ۾ مير علي نواز خان ٽالپور، ناز هاءِ اسڪول جي نالي سان ٽريننگ ڪاليج فارمين خيرپور ۾ منظور ڪري کولرايو.

1923ع ۾ موجوده ناز پائلٽ هاءِ اسڪول خيرپور ۾ قائم، ۽ پهريون هيڊ ماستر عبدالمجيد دريشاڻي مقرر ٿيو. هز هائنس مير علي نواز خان ٽالپور خود اسٽيٽ خيرپور جو حڪمران هو، هاءِ اسڪول لاءِ 40 ايڪڙ زرعي زمين به حوالي ڪيائين جيڪا اڄ تائين آباديءَ هيٺ آهي ۽ انهيءَ زمين جي پيدائش اسڪول جي خرچ ڪئي وڃي ٿي.

1923ع ۾ غريبن شاگردن لاءِ 50 – 60 ڪمرن تي هاءِ اسڪول لاءِ ڪرنل شاهه هاسٽل جوڙايائين ۽ غريب ٻهراڙيءَ جي شاگردن کي کاڌي خوراڪ ۽ رهائش جو مفت انتظام ڪرايائين، جنهن مان هزارين شاگرد رياست خيرپور جا فيضياب ٿي وڏن وڏن عهدن تي وڃي پهتا ۽ ڪيترائي وڪيل وڃي ٿيا. هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جو خرچ اسٽيٽ خيرپور طرفان بجيٽ منظور ٿيل هئي ۽ اڃان به آهي. دعائن ۾ ياد ڪرڻ فرمائيندا.

- عبدالرحمان مهيسر

....7....

* مورخ 20 سيپٽمبر 2004ع ڪنگري

قبلا سائين جو دائم اقباله،

السلام عليڪم! و رحمت الله و برڪاته،

سائين منهنجا اڄ مختيارڪار تعلقه ڪنگري جي آفيس مان ميرن ٽالپورن بابت ڪجهه معلومات ملي آهي. سا عرض رکجي ٿي.

مير علي نواز خان ٽالپور والي رياست مدرسه ٺيڙهي تعلقه خيرپور ۾ جڏهن ويو هو ته گرانٽ ماهوار 1000 هزار روپيه ۽ 152 ايڪڙ زرعي زمين ديهه موهل تعلقه خيرپور حال ڪنگري ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ في ايڪڙ هڪ روپيو جي حساب سان ليز تي ڏنائين ته جيئن غريب ٻارڙا تعليمي زيور سان مالامال ٿي رياست جي خدمت ڪري سگهن.

سلطان المدارس خيرپور شهر ۾ (شيعن جو مدرسو) آهي ان لاءِ به 152 ايڪڙ زرعي زمين ديهه موهل تعلقه خيرپور حال ڪنگري ۾ ڏنائين ۽ لکي ڏنائين ته تعليم جي مدرسن کان سواءِ زمين جي پيدائش ٻي ڪنهن به ڪم ۾ نه آندي ويندي.

مسٽر ايم ايڇ خان ڪائونسل سيڪريٽري اسٽيٽ خيرپور تاريخ 1955 – 3 – 6 ۾ مدرسه ٺيڙهي کي، ۽ سلطان المدارس خيرپور شهر واري مدرسي کي تاريخ 6 . 4 . 1955 ۾ رجسٽرڊ ڪري ڏني، جيڪا اڄ تائين ٻنهي مدرسن جي حوالي آهي. ڪائونسل ۾ اسٽيٽ خيرپور جا وزير ۽ وزيراعليٰ هوندا هئا، جيڪڏهن انهن کان ڳالهه نه ٺهندي هئي ته پوءِ هزائنس والي رياست خيرپور ڏانهن رپورٽ موڪليندا هئا، اڄ مان خود انڪم ٽيڪس جا ليٽر مختيارڪار جي آفيس ۾ ڏٺا ته ٽيڪس پياريو. اهي هيون ميرن صاحبن جون پنهنجي رياست خيرپور اسٽيٽ لاءِ تعليمي خدمتون ته جيئن غريبن جا ٻار علم پرائي سگهن. ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ گرانٽي مدرسه منظور ڪيائون جن کي 25 روپيه ماهوار جي حساب سان سال ۾ گڏي 252 روپيه ڏيندا هئا ۽ اهي مسجدن ۾ ٻارن کي فقط قرآن پاڪ جي تعليم ڏيندا هئا. 5 – 6 سال کن ٿيا آهن جو سنڌ گورنمينٽ اهي مدرسه مسجدن وارا بند ڪري ڇڏيا آهن. وڌيڪ خدا پاڪ ئي بهتر ڄاڻي ٿو، نياز قبول پون.

- عبدالرحمان مهيسر


*  فوٽو موجود ھو، ۽ راشدي صاحب کي موڪليو ويو. نبي بخش.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org