سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :6

خاص عرض ته عيد مبارڪ هجي ۽ اچڻ جي مهرباني ڪريو، پروگرام درجي بدرجي وڌائيندا وڃو اڳي لکي چڪو آهيان ته ”جوڳي ڪنهن ضرور لڪا ڀڻن لوڪ ۾“ ۽ ”ڳورا ٻئي پار“ ”هنيون حيرت ۾“ پيو جيڪڏهن توهان کي اهڙو عرض ڪبو ته جلد اچو ته به سٺو نٿو لڳي ۽ هتي به ساهه کان سڪ وڌي، ويتر استاد سائين اڳي ڪراچي مان رواني ٿيڻ وقت بنده ڪونه پهچي سگهيو، پڪ ڄاڻو سسئيءَ وانگر بيمار آهيان ”اديون اوچتو هتان منهنجي آري“ هاڻي اميد ته واپس اچڻ تي ڪراچيءَ ۾ پيرين پئبو. خاص عرض ته واپسي اچڻ تي پهرين دعوت هن بنده جي قبول ڪندا. اهڙو عرض بنده جناب مون صاحب جن کي پڻ ڪري ڇڏيو آهي. استاد سائين توهان پرزي ۾ لکيو هو ته خط سکڻو برابر هو جو ”مونکي مون پرين ٻڌي وڌو تار ۾“ بقول شاهه نالي سُيَس تنهنجي، نانءِ چڙهيو چور ڦاسي اچي ان ڳالهه وانگي ته سائي کي سهي ڪونه ڏکئي کي ڏئي ڪونه، خير توهان جي دعا هجي ٻيو سڀ خير آهي باقي ڇڪ ڇڪان هر هڪ سان منهن ڏيڻو ٿو پوي ٻيو ته دل جي دوا توهان سان وڌيڪ بهتر ٿيندي. جناب نون صاحب جن جا لک لائق آهن جو هر طرح سندس مهربانيون آهن مگر بقول شاه

”جيئن سي کوهيءَ نار وهن واريءَ گاڏئان،

هينئڙو پريان ڌار، نبيريان نه نبري“

”گوني ۽ گوني، پرين پٽائين گج جيئن،

جي من مجوني سي ڪيئن وڃن وسري“!

تيئن توهان جو ۽ نون صاحب جن جو ليکو هڪ آهي، مگر هي وڏي ڌيان ۽ گهڻي پاڻيءَ وارو آهي، باقي يادگيري مٿئين بيتن مان معلوم ٿي ويندي، باقي هي بنده هٿ رفيق آهي ۽ صحبت جو بکيو آهي، اڳي به عرض ڪيو هو ته ڪاري موريءَ تي توهان ئي محبت مچ مچايو تڏهن اچي مقبول ٿيس ۽ آهيان. جناب نون صاحب جن هر دل عزيز آهن جو ٻيڻو پيار ڏيندا رهندا آهن. سچ پچ ته بک به محبت جي آهي، محبت چيز مهانگي جا آڻڻ آهه اڻاگي“ توهانجي رس رهاڻ توهان سان آهي، جا توهان جي اچڻ جي محتاج آهي. چوندا آهن ته ”اگهائتي آرڪجي، جڳائتي جنگ ڪجي“ طويل جي معافي ڏيندا جو هي بنده گهڻي ڊيگهه ڪرڻ جو لائق نه آهي، مگر قلم مان ڪجهه من دل ٺري، ڇو ته خط اڌ ملاقات آهي. مگر منهنجو خيال اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي، ڇو ته جئن ٿو قلم سان حال اورجي تيئن ٿي جهوري ٿئي. سدا باغ بهار هوندا، اميد ته سگها ايندا، سلام ڀاڪر ۽ ڀريون هن بنده جا ۽ نون صاحب جن جا ۽ سڀني سگهڙن جا مطالع ڪندا.

-ٻيڙو فقير

محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي

سنڌ هاسپيٽل، خيرپور سنڌ (1966 – 6 – 5)

محترم ڊاڪٽر صاحب،

اوھان سان رھاڻ کي عرصو ٿيو آھي. ملاقات جي سڪ به آهي ۽ هينئر جيڪي ادبي اختلاف ٿيا آهن، هرڪو سنجيدو شخص تسليم ڪندو ته آهي سنڌي ادب ۽ زبان لاءِ هاڃيڪار آهن. ڀٽ جي ميڙي تي اٿيل اختلافي مسئلو به ڏاڍو خراب آهي. بهرحال سڀني سنڌ جي اديبن کي ڪن عام نڪتن (Common Points) تي اتحاد ڪرڻ گهرجي، اهو سنڌي ادب ۽ زبان جي بقا لاءِ ضروري آهي.

هڪ اهڙيءَ ئي نڪتي ڏي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مان هي خط لکي رهيو آهيان. ان معاملي ۾ توهان ٻن حيثيتن ۾ مدد ڪري سگهو ٿا. هڪ لطيف يادگار سوسائٽي جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ٻيو ادبي بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾.

هن سال، خيرپور ڊويزن ۾، شاهه عبداللطيف جي ورسيءَ تي موڪل نه ڪئي وئي. اها ڏک ۽ شرم جي ڳالهه آهي. اوهان ان باري ۾ هڪ هڪ ٺهراءَ ٻنهي جماعتن (بورڊ ۽ لطيف يادگار سوسائٽي) طرفان خيرپور جي ڪمشنر ڏي ڏياري موڪليندا.

اوهان جي سنڌي ثقافت سان محبت، ۽ سنڌي ادب لاءِ وقف ٿيل زندگيءَ کي مدنظر رکي، مونکي اميد نه پر يقين آهي ته هن ڏس ۾ اوهان ضرور جوڳو قدم کڻندا.                            - تنوير عباسي

.....2.....

* مورخ 12 فيبروري 1978ع سرمد جو گهر، خيرپورميرس

محترم سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

اوهانجي سوکڙي، محترم عبدالرحمان مهيسر ان وقت پهچائي، جڏهن تيز بخار جي حالت ۾ بستري ۾ هوس. هڪ سينگار جي شاعري، ٻيو ڊاڪٽر بلوچ وٽان، بخار جي تڪليف آسان ٿي ويئي.

سڄڻ جي سوکڙيءَ ۾ سندس ئي سڳنڌ

توڙي پري پنڌ، ته به اوڏو لڳو ساهه کي.

 

پرينءَ جي پيغام درد سيئي دور ڪيا،

اکر اڳيان اڀري گلڙن جان وريام،

خوشبو ساڻ ڀريام، پرين پل سڀ پرت سان.

اهي ٻه بيت ان وقت دل تي تري آيا. وري به اوهانجي يادگيريءَ لاءِ ٿورائتا آهيان.

- تنوير عباسي

محترم تاج محمد

باب اعليٰ بينگال، ڪلڪته (1943 – 12 – 12)

برادرم محترم نبي بخش صاحب،

السلام عليڪم: بعد شونق ملاقات ۽ دعائن جي عرض ته مان بلڪل خوش آهيان اميد ته توهان به بلڪل خوش و خرم هوندا. ادا سائين، مون سان گڏ ڪلڪته ۾ محترم جمال الدين، غلام شاهه، سليمان ۽ ٽالپور لطف علي آيا هوا. جنهن مان پهريان 3 ڪلڪته مان 24 جي جيش وٺي حيدرآباد سنڌ 3 ڊسمبر 1943ع جي روانه ٿي ويا ۽ اڄ مان ۽ ٽالپر 20 جيش وٺي ڪراچيءَ واپس وڃي رهيو آهيان. مون ته هت دائما رهڻ جو خيال ڪيو هو ليڪن ٽرم جي ڪري واپس ٿو وڃان.

محترم احمد خان لانگاهه لاڙڪاڻه ويا آهن ۽ سندن ڪمانڊ محترم احمد خان ڀرڳڙيءَ جي حوالي ۽ شهر جي طلباءَ جي ڪمانڊ منهنجي سپرد ڪئي وئي آهي. دعا ڪندا ته ڪاميابي سان ڪمانڊ ڪري سگهان. مٿيون تقريرون منظور ڪرائي ”ريڊينَس“ (اخبار) ۾ شايع ڪرائي ڇڏيندا. مدرسه جي ڪمانڊ محترم عبدالجبار جي حوالي ڪئي ويئي آهي.

برادرم قادر بخش جي هٿان ڏيڍ پڙي کٽمٺڙن جي ملي. مهرباني. ٻيو ڪل خير، سلام محترم غلام محمد ڀٽي ۽ تمام طلباء خاڪسارن کي ڏيندا.

ڪم ڪار هجي ته بنان تڪليف جي لکندا. سندن اچو ته منهن نه مٽيندا. سلام سڀني خاڪسارن جا مطالع ڪندا*.

-تاج محمد

محترم ڀائي ايسر پوج تارا چند

(پليو خان لغاري، سنجھورو تعلقي وارو) بمبئي

دائم اقبال جي نبي بخش خان،

خدمت ۾ جناب عاليشان پيار همونتي پاڙوسي بعد سلامن ۽ نياز سڪ محبت ملاقات جي لکجي ٿو ته هٿ سڀ خيريت آهي، توهان صاحب ڏانهن به ڌڻي تعاليٰ جي دعا سان خيريت هوندي. مطلب ته مون توهانکي هتئون پوسٽ ذريعي هڪ خط 3 يا 4 مهينا اٽڪل ٿيندا ته خط لکيو هو حيدرآباد جي ائڊريس تي، اميد ته پهتو هوندو، ڪٽنب پريوار ساڻ خوش هوندئو. پيارا باقي خبر نه آهي ته ڪيترو عرصو هونداسون، وڏڙا ته ويا هاڻ پاڻ به وڏڙا ٿيندا وڃون حال احوال 6 يا 12 مهينا ڏيڻ به ملاقات روبرو  آهي.

دعائون پيار سڀني پاڙوسي ڳوٺ وارن کي ڏيندا، نالا لکندس ته توهانجو قيمتي ٽائيم ويسٽ ٿيندو، مان ته رٽائرڊ واندو آهيان،  نالا سڀني جا پڙهي بي حد خوش ٿيندو آهيان عار خدمت هجي ته لکندا حجاب نه ڪندا.·

- نيازن سان، ايسر

محترم تيرٿ داس اميداڻي

چمبڙ تعلقو ٽنڊوالھيار (2004 – 10 – 30)

عزت مآب احترام جناب ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: قدم بوسي بعد جواباً عرض ته، مون جهڙي تڇ برابر هڪ تمام ننڍڙي ليکڪ جي ڪيل پورهي ”ميگهه وس اتهاس لاءِ“ سنديش لکي، مون تي وڏا وڙ ڪيا آهن. اهي چند سٽون مون لاءِ اعزاز آهن. اوهان جهڙن وڏڙن ۽ بزرگن مون تي شفقت جو هٿ ڌريو آهي. در حقيقت اوهان مون کي هڪ وڏي ”آشيرواد“ ڏني آهي، ان لاءِ آءٌ پاڻکي ڀاڳوان سمجهان ٿو.

اتهاس ۾ اوهانجو لکي موڪليل ”سنديش“ موصوف جن جي فوٽو سان، شايع ڪرڻ جي تمنا اٿم. اوهان پنهنجو پاسپورٽ سائيز فوٽو ڏياري موڪلڻ جي عنايت ڪندا ته بيحد مشڪور رهندس. آثا اٿم ته مايوس نه ڪندا. فقط نياز مند.

- تيرٿداس اميداڻي

محترم ڊاڪٽر ثناء الله مهيسر

مهيسر وڏا، تعلقو ڪنگري، خيرپور (2004 – 8 – 30)

سائين قبله اين. اي بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: آداب عرض ته سائين جن جو ڪتاب ”پيارن جو پيغام“ پڙهيم، جيڪو خطن تي مشتمل آهي، ۽ انهيءَ ۾ تمام گهڻي ڄاڻ آهي. ڄاڻ سان گڏ تاريخ سمايل آهي، جن ماڻهن سائين جن کان ڪي رايا پڇيا آهن. انهن جي روشني ۾ هي ڪتاب علمي لحاظ کان وڏو تاريخ جو حصو آهي. خطن جا ڪتاب اڳ ۾ ڇپيل آهن پر اهي نالي ماتر جن ۾ تاريخ ته اصل ڪونه آهي، پر سنڌ جي ڄاڻ به ڏنل ڪونه آهي. هي ڪتاب انهن مٿان سج جي روشني مثل آهي. اهو سهرو اوهان جي سر تي سونهين ٿو جو اهڙا خط سنڀالي رکيا ۽ محترم محمد عثمان منگي ڇپرائي چٽا ڪيا. هي سائين جن جو سنڌ واسين تي احسان ته آهي ئي آهي پر هن ڪتاب مان ٻيا صوبا به فائدو ۽ سبق حاصل ڪري سگهن ٿا.

اسان جي دعا آهي ته رب پاڪ اوهان کي صحتيابي سان گڏ خضري عمر عطا فرمائي ته جيئن ههڙا ناياب ڪتاب عوام جي آڏو ۽ سنڌ واسين لاءِ خاص طور تي ايندا رهن جيئن ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي.

- ڊاڪٽر ثناء الله مهيسر

محترم پرديسي بلوچ

پرديسي آباد (1972 – 9 – 22)

بخدمت جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلاعليڪم، طرفين خيريت مطلوب، ڪوئيٽه جون ٿوريون خبرون مليون آهن ڪچهرا ڏاڍا سٺا ٿيا جن لاءِ دلي تانگهي پيئي ته گڏ مجلسون ڏسجن ها جو اسان جو دلي سڪون آهي. پنهنجي ڳوٺن ۾ بدامني ايتري وڌندي ٿي وڃي انتها کان ٻاهر. هر روز چوري ۽ زوري اهيا ته ڪا اهميت ڪانه ٿي رکي برادري گوڙ گٻوڙ تنهن کان بخوبي واقف آهيو. پر ڪي خاص چڱا انهن ۾ بي اتفاقي نه ٿئي ته چڱو ۽ غريبن سان ناانصافي به نه ٿيڻ گهرجي اسان ته نه چور نه چڱا مڙس! سمجهو ته مڙهي وسايو ويٺا آهيون دل کي ڏاڍو صدمو پهچي ٿو ته پنهنجو ڳوٺ ڦٽي ٿو، تنهنڪري توهان خدا ڪارڻ پنهنجي ڳوٺ جي مدد ڪريو ۽ ڀائرن سان نااتفاقي نه رهي.ڌاريا ماڻهو اسان کي ويڙهائي فائدو پيا وٺن. تنهنڪري ڌارين کي ڀائرن جي برابري نه ڪجي. ان لاءِ توهان ئي ڪو سهڻو رستو سوچيندا. رب سائين توهانکي نيڪي جي وار ڏني آهي. ڪير هجن ڪير ڏسن! وري نه ملندئي وار، نچ ناچو اٿئي ويل نچڻ جي! ان جو حساب رب سائين توهان کي بخشيندو. انشاالله ٻئي جهان موچارا ٿيندا. مسجد جو ڪم به تمام سهڻو ٿيو. رات جو هڪ ٻه دفعا ڪڙيه حيدر خان کان ڏاڍي سهڻي سين سائي بتي جي ڏسڻ ۾ آئي. هاڻ ازو بروهي ۽ فقير جي هارين ويندي شايد فقير تائين جهڙپ ٻڌڻ ۾ آئي آهي، اهڙين بيدردين کي توهان ئي سهڻي نموني سلجهائي سگهندا.

وڌيڪ مالڪ آهيو، پر الله سائين توهانکي هر طريقي نوازيو آهي، چڱن کان ئي چڱايون ۽ عام جي ڀلي جا ڪم ٿيندا آهن. ڪنهن ٿي سمجهيو ته قائداعظم ان عظيم رتبي کي پهچندو! علامه مشرقي يا ٻين ڪيترو جدوجهد ڪيو پر رب پاڪ کي اهو سهرو قائداعظم جي سر تي ٻڌڻو هو شايد دل نيڪ هيس. ٿو دليون پرکي دانسڙو! اسان جي حجت به توهان تائين آهي. معاف ڪندا. پر دل چاهي ٿي ته اهڙا نيڪ ڪم دل واري کان ٿين ۽ دلين جي خريداري جاري هجي ان جو اجر تمام وڏو آهي ان سان عبادت نه پهچي سگهندي، دعا ڪندا ته ٻئي جهان موچارا ٿين وقت تنگ آهي مٿس ننگ آهي. ٻيو ڪو چارو ڪونه ٿو ڏسجي. فقير حاجي گل محمد صاحب وٽ به ڪونه ٿا هلو! حياتي تي بقا ناهي.

دنيا مين کم نه هونگَي

افسوس هم نه هونگَي

- پرديسي بلوچ*

محترم پرڀو ناشاد

ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو (1977 – 2 – 8)

فضيلت مآب سائين ڊاڪٽر صاحب،

سائين منھنجا، عرض آھي ته اقليتي اديبن ۽ شاعرن کي همتائڻ لاءِ مرڪزي حڪومت هڪ انعامي اسڪيم جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ حصي وٺڻ لاءِ مون کي پنهنجي ناقص علمي ادبي ۽ شعري خدمتن جي نشاندهيءَ خاطر اوهان جي سرٽيفڪيٽ جي گهرج آهي. اوهان جو عطا ڪيل سرٽيفڪيٽ نه صرف انعامي اسڪيم ۾ مون کي بخت ياور ڪندو، پر ان سان گڏ دائمي طور مون لاءِ اعزاز ۽ افتخار جو باعث رهندو.

خبر پئي ته اوهان خير سان ڀٽائيءَ بادشاهه جي ميڙي جي موقعي تي سنڌ آيل هئا، مگر موڪل سبب ڳوٺ وڃڻ ڪري خدمت ۾ روبرو حاضر ٿي عرض ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪانه ٿي سگهي، انڪري خط لکي عرض ڪرڻ جي بي ادبي جي جسارت ڪري رهيو آهيان، جا اميد آهي ته درگذر سان نوازي مون غريب لاءِ ٻه ٽي لفظ عنايت ڪندا. سرٽيفڪيٽ گهربل جو مختصر مضمون، نموني طور، اوهان جي ملاحظ لاءِ هن گڏ خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان، جو انگريزيءَ ۾، ليٽر هيڊ تي عطا ڪندا ته لک لائق ۽ وڙ سمجهندس.

اوهان منهنجي والد سرڳواسيءَ جا محسن ۽ ڪرمفرما آهيو ۽ بنده تي شروع کان وٺي محبت جي نظر پئي ڌري آهي، انڪري مون کي يقين آهي ته منهنجو عرض ثمر آور ثابت ٿيندو.

بورڊ ۾ محترم ظفر حسن (سيڪريٽري) ۽ محترم امداد حسيني (ايڊيٽر مهراڻ) چارجون ورتيون آهن. گرامي صاحب جي ياد ۾ خاص نمبر جلد شايع ٿيندو، ڪاپي سائينجن کي اسلام آباد جي ائڊريس تي فورا موڪلبي. اوهان جو تاثر ۽ خط جو بلاڪ پڻ شايع ڪري رهيا آهيون.

- پرڀو ناشاد

....2....

* مورخ 16 فيبروري 1977ع

معظمي فضيلت مآب ڊاڪٽر صاحب،

سائين منهنجا، عرض آهي ته بنده ناچيز تي ڪمال نوازش فرمائي، سرٽيفڪيٽ سان نوازيو اٿو، انهن اپر احسانن جو ڪهڙن لفظن سان شڪريو بجا آڻيان. سائين، سرٽيفڪيٽ ڏسي فرط عقيدت وچان آبديده ٿي پيس! دعاگو آهيان ته شال ڌڻي تعاليٰ اوهان کي تندرست رکي، جيئن ملڪ ۽ قوم جي اڃا به وڌيڪ خدمت ڪري سگهو.

سائين، مهراڻ ۾ مرحوم جسٽس فيروز نانا صاحب ۽ سدا بهار سگهڙ ٻيڙي فقير متعلق مضمون شايع ڪرڻ جو ارادو آهي. مون نانا صاحب جي نياڻيءَ کي ٻه خط لکي عرض ڪيو هو ته سندن مختصر سوانح موڪلي ڏيو ته ان تي مضمون تيار ڪرائي مهراڻ ۾ ڇپيون، پر کانئس موٽ ڪانه ملي. ٻئي بزرگ اوهان جا پراڻا ساٿي، دوست ۽ همقدم رهيا آهن. اوهان کان بهتر ٻيو ڪو ڪون ٿو سُجهيم، جيڪو انهن بزرگن تي مضمون لکي ڏئي. مون کي خبر ناهي ته اسلام آباد ۾ اوهان جون مصروفيتون اوهان کي اجازت ڏينديون يا نه، جو اوهان مهرباني ڪري نانا صاحب ۽ ٻيڙي فقير متعلق مختصر تاثراتي مضمون لکڻ فرمايو. مرحومين جون تصويرون ۽ وفات جون تاريخون دستياب آهن، فقط مضمونن جي گهرج آهي. اوهان کي عرض ڪجي ٿو. اميد آهي ته ان ڏس ۾ احسان ڪرڻ فرمائيندا، مهيني کن تائين وقت موجود آهي، سهوليت سان خامه فرصائي ڪرڻ فرمائيندا. اميد آهي ته توهان هر طرح عافيت سان هوندا.

- پرڀو ناشاد

....3....

* مورخ 11 آڪٽوبر 1978ع

محترم المقام معظمي ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم، گذارش ته توهان جو نوازش نامه ۽ قاضي قادن جي ڪلام بابت مختصر تعارف پهتا. ان عزت افزائيءَ لاءِ احسانمند آهيان.

1 . ڪالهه ٽن سنڌي اخبارن ۾ توهان جو اهو تبصرو شايع ٿيو آهي، انهن جا تراشا ملاحظ لاءِ هن گڏ خدمت ۾ پيش ڪرڻ جو افتخار حاصل ڪري رهيو آهيان.

2 . مضمون علي ڪوفي مهراڻ  جي ايندڙ اشاعت 1978 / 3 ۾ شايع ٿي رهيو آهي.

3 . مضمون ”عرب دور ۾ سنڌ ۾ نظام تعليم“ ريڊيو تان دستياب ٿيو آهي، ٽرانسڪرپشن جو ڪم جاري آهي. ان مضمون کي مهراڻ جي نمبر 1978/4 ۾ شايع ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

4 . توهان، قاضي قادن جي نئين ناياب ذخيري بابت جيڪو تفصيلي رويو لکڻ گهرو ٿا، ان جي اشاعت لاءِ عرض آهي ته براه ڪرم توهان ”مهراڻ“ کي ئي منتخب فرمايو. مان ان شاهڪار تحرير کي مهراڻ جي حق ۾ ضبط تصور ڪرڻ جي جسارت ڪريان ٿو. مهراڻ ۾ اهو رويو، پوري صحت ۽ اهتمام سان شايع ڪيو ويندو. اميد آهي ته توهان مون کي عزت افزائيءَ جو موقعو بخشيندا. اميد آهي ته توهان هر طرح عافيت سان هوندا.

- پرڀو ناشاد


*  ان وقت ۽ ان کان اڳ، اسان ڪاليج جا شاگرد خاڪسار تحريڪ ۾ سرگرم ھئاسين. آءٌ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھ ۾ سرگرم عمل ھئسن جو تاج محمد مون ڏانھن ھي خط لکيو – نبي بخش

·  ايسر ۽ آءٌ سنڌي سڪول پليو خان لغاري ۾ گڏ پڙھياسون 1982ع ۾ آءٌ انڊونيشا کان موٽندي بمبئي ۾ آيس ته منھنجي آڌر ڀاءُ ۽ دل کولي مھماني ڪيائين. ھي خط پوءِ مون ڏانھن حيدرآباد جي ائڊريس تي لکيائين – نبي بخش

*  هي خط عطا محمد خان (مرحوم) ڳوٺان مون ڏي لکيو. حاجي گل محمد صاحب، يعني تعلقي هالا ۾، ڀاڻوٺ لڳ مخدوم بلالي جو خليفو، ان خط کان پوءِ، آءٌ عطا محمد خان ۽ ٻين سان گڏجي بلالي وياسين. – نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org