سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :31

- محمد طالب

.........2........

• مورخ 30 جنوري 1947ع، رام روڊ ڪراچي

عزيز محترم رئيس نبي بخش خان،

السلام عليڪم: ڀلا مان خط شروع ڪيئن ڪريان؟ ايئن ٿو کڻي لکا ته افسوس جو مان توهان سان (آمريڪا وڃڻ وقت) پڇاڙي واري ملاقات نه پر موڪلاڻي به نه ڪئي! ان وقت توهان جي چهري تي جيڪي خوشي جون لهرون هجن ها سي ڏسي مان به خوش ٿيان ها ڇو ته هڪ عزيز جي خوشي جو اثر ٻئي عزيز تي ضرور ٿئي ٿو. خير چند ڏينهن بعد اخبار الوحيد توهان سان ملاقات ڪرائڻ جي مهرباني ڪئي. تحقيق اخبار الوحيد هڪ مهرباني پاڻ تي ۽ هڪ اسان تي به ڪئي، بس توهان جو شاهه صاحب ڏي لکيل خط هو بهو اخبار ڇپيو. پر ڇپي به ڇو نه! مان خط پڙهندو ويس ۽ خوش ٿيندو ويس ڇو ته انهي خط ۾ منهنجي لاءِ خوشين جو هڪ وڏو سامان موجود هو.

توهان جي وڃڻ کانپوءِ سنڌ جون نيون چونڊيون ٿيون جنهن ۾ مسلم ليگ سواءِ هڪ جاءِ جي ٻين سمورين تي قبضو ڪيو. هن وقت سنڌ ۾ هڪ پڪي ليگي وزارت قائم آهي. ماڻهن کان ايهو پڳو، هاڻي عيوضي ڄاڻن ته سندن قيام ڄاڻي! پر قيام تائين هاڻ سنڌ جا ماڻهو ڪونه ڇڏيندن، ڇو ته وزارتن جي گهڙ ڀڃ ماڻهن کي ڪافي سيکاريو آهي. چڱي پيماني تي ماڻهن کي تعليم ملي چڪي آهي. سياست جي سين کان مڙئي واقف ٿي چڪا آهن. باقي جڏهن اوهان جهڙا اڪابر نئين روشني آڻي سنڌ ۾ پلٽائيندا تڏهن ته سنڌ ستارهه صبوح جيان چمڪندي، انشاءَ الله تعاليٰ.

سنڌ ۾ تعليم جيڪا آهي ان جي توهان کي خبر آهي پر مس مس هاڻ يونيورسٽي بل پاس ٿا ڪن. پوءِ اميد ته ڪجهه مڙئي غريبن لاءِ ٿيندو. ايتري ۾  اوهان صاحب به ڪامياب ٿي موٽندا.سنڌ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيندا. ادا سائين  مون کي ته ڪو توهان ۾ اهڙو اعتقاد ويهي ويو آهي جو ايهو يقين اٿم ته اوهان سنڌ جي تعيلم ۾ هڪ عظيم الشان انقلاب آڻيندا. انشاءَ الله تعاليٰ. خدا گهريو آهي ته توهان جي واپس اچڻ تائين بي ٻن وارو چاچو علي خان ڪورائي زندهه رهندو. پوءِ ان سان اوهان صاحب جي ملاقات ضرور ڪرائبي.

- نياز مند، محمد طالب لوهار

محترم محمد سومار شيخ

بدين (13 مئي 1971)

 بخدمت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب،

السلام عليڪم: عرض ته فقير لونگ جي خدمت ۾ عرض پيش ڪيو ويو.24- تاريخ ڪي شاديون آهن، انهن ۾ فقير صاحب جو هجڻ ضروري آهي. ان ڪري پاڻ 25 يا 26 تاريخ اوهان جي خدمت ۾ ايندو. خود سندس لکيل خط هن عرض نامه سان گڏ پيش ڪري رهيو آهيان. جيئن ته فقير اڪيلو اچڻ لاءِ آماده نه آهي، تنهن ڪري آءُ کيس 25يا 26 تاريخ تي وٺي ايندس.وڌيڪ خبرون فقير اوهان جي روبرو ڪندو.

پريو فقير سولنگي واقعي گذاري ويو آهي. اوهان درست فرمايو هو، اها تصديق لونگ فقير به ڪئي.

- محمد سومار شيخ

....2....

• مورخ بدين 6 نومبر 1982

عزت ماب سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب،

السلام عليڪم: سائين، 1 سيپٽمبر 1982ع جو لکيل خط اڄ 5-10-1982ع تي مليو جو اکين تي رکيم. اوهان جا هٿ اکر توشه ۾ بي بها اضافي جو ڪارڻ آهن. اسان غريبن اٻالڙن ۽ اڀرن کي ياد ڪريو ٿا. انهيءَ لاءِ تهه دل سان حضور جن جو ٿورائتو آهيان.

رمضان جت جي ڳوٺ ۾ لاڙ ادبي سوسائٽيءَ طرفان ضلعي ڪائونسل جي سهاري سان، اديبن کي سندون ۽ تحسين نامه ورهائي ڏيڻ لاءِ ارادو رکون ٿا ۽ يقين آهي ته اهو ڪم حضور جن هٿ سان ادا ڪندا. انهيءَ لاءِ مناسب تاريخ ڏيو ته سرهائي ٿيندي. اوهان جڏهن حيدرآباد اچو تڏهن انهيءَ سلسلي ۾ روبرو اچي حاضر ٿيڻ سعادت حاصل ڪريان، هٿ پير چمڻ لاءِ ڪافي ڏينهن کان تمنا روح ۾ رهندي ٿي اچي.

اميد اٿم ته، از حد ڪرم فرمائي، پنهنجي بي حد مصروفيت جي وچان وقت ڪڍي ٻه اکر آٿت جا لکندا ته روح کي راحت ۽ اندر کي آٿت ايندي. اميد ته سائين جن عافيت ۽ خيريت سان هوندا.

- محمد سومار شيخ

محترم مير محمد بخش ٽالپر

ميرپور، 20 آڪٽوبر 1974ع

بخدمت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب،

السلام عليڪم تازو روزانه عبرت ۾ ميان غلام مصطفيٰ شاهه جو سنڌ جي معاشره جي تاريخ تي مضمون پڙهيوسين، سيد خبر نه آهي ته ڇو بلوچن کان الرجڪ ٿيو آهي. چريائي ۾ وي. سي جي پوسٽ تان لهڻ بعد ڪافي اضافو ٿي پيو اٿس، اسان جواب تيار ڪرايو هو جو نورچشم مير شير محمد خان ايم اي مسلم هسٽري لکيو آهي، مگر اوهان جي تقرير جيڪا ان ئي ڪانفرنس ۾ ڪئي هئو، ريڊيو تان ٻڌيسين ان البت ٿڌ ڪيو. پر اوهان جو انداز عالمانو ۽ جواب خانداني نموني ڏنل هئو ۽ اسان جو جواب ڪافي تلخ آهي. خدا جو شان آهي جو جنهن وقت سنڌ انگريزن کان بچائڻ خاطر مجاهد سر ڌڙ جي بازي لڳائي پروانه وار قربان ٿي رهيا هئا. ان وقت سائين جا بزرگ ته ڪنهن ختمي جي ماني جي انتظار ۾ هئا يا وري کري جي بٽئي جي ديدار ۾: هي ٿا مجاهدن تي حمله ڪن! مير انسان هئا، فرشته ڪونه هئا، مگر سائين جو مدار ڇٻلاڻيءَ جي سنڌجي اقتصادي تاريخ تي زيادهه آهي، يعني سنڌ جي دشمنن ۽ انهن جي پرور دهن تي

سندس وي سي تان هٽڻ بعد ، اوهان جي مقرري ۽ غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي وزيراعظمي ميرن کي گاريون ڏياريون آهن.

        - محمد بخش ٽالپور

...........2............

• مورخ 29 مارچ 1967ع، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر

جناب ڊاڪٽر صاحب،

اسلام عليڪم اوهان کي معلوم هوندو ته ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر سنڌ سورهيه مرد شير سنڌ مير شير محمد خان جي ورسي ملهائڻ لاءِ 1000 رپيا منظور ڪيا آهن. توڙي اها رقم بلڪل ناڪافي آهي، مگر وڌيڪ رقم لاءِ سندس اولاد کي اپيل ڪئي وئي آهي. اميد ته اتان پڻ ڪجهه امداد ملي ويندي. ورسي ڪهڙي نموني ملهائجي، ان ۾ اوهان جي صلاح مشوري جي اشد ضرورت آهي مگر ورسي ملهائڻ کان اڳ هڪ ننڍڙو پمفليٽ ڊائجسٽ سائيز جو 30 صفحن تي مشتمل ڪڍڻ جو خيال آهي جنهن ۾ بلڪل مختصر طور مير صاحب جو احوال هجي ۽ ٽن ٻولين ۾ آرٽيڪل هوندا. سنڌي، انگلش ۽ اردو. ان ۾ انگلش جو مضمون اوهان کي لکڻو آهي. سنڌيءَ ۾ آئون لکندس. اردو واري لاءِ مشورو

ڏيندا ته ڪنهن کان لکايو وڃي. هي اوهان جو پنهنجو ڪم آهي ۽ هن ۾ ڪوبه عذر نه ٻڌو ويندو. والسلام.

- ميرحاجي محمد بخش ٽالپر

محترم منظور سومرو

(ايڊيٽر ماهوار ”تلاش“ اسلام آباد (1990-11-15)

بيحد محترم استادي جناب ڊاڪٽر صاحب،

سائين جن جي نئين اعزاز ۽ عهدي (چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي) جو پڙهي بيحد خوشي ٿي. انهيءَ عهدي لاءِ اوهان کان وڌيڪ لائق ۽ سنڌي ٻولي جو عاشق ملڻ مشڪل آهي. خدا ٿو ڄاڻي ته مان هميشه چوندو آهيان ته نه فقط پنهنجي هم عصرن ۾ پر هن وقت تائين توهان کان وڏو سنڌي جو عالم پيدا ڪو نه ٿيو آهي، خدا توهان کي سلامت رکي.

مان اڄ ڪالهه O.G.D.C اسلام آباد اداري طرفان نڪرندڙ رسالي ”تلاش“ جي جز وقتي ايڊيٽر جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهيان. دعا جو طالب.   

- منظور سومرو

محترم استاد منظور علي خان

ٽنڊو آدم (1977-1-10)

بخدمت جناب ڊاڪٽر صاحب نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم: احوال ته روبرو ٽيلي ويزن جي پروگرام لاءِ چيو ويو هو ته ڪلاسيڪل چئن پنجن سالن کان ڪونه ٿا ڏين ۽ نا اهل ماڻهن کي پيا ڏين، توهان چيو هو ته مان اسلام آباد ۾ انهيءَ ڪم جي پوئواري ڪندس. سو مهرباني ڪري انهيءَ ڪم جو تدارڪ ڪرڻ فرمائيندا ته شڪر گذار رهندس. بنده دعاگو

- منطور علي

محترم جناب سيد موٽيل شاهه سبز واري

خادم درگاهه قلندري، سيوهڻ شريف (1959-1-9)

محترم محب الفقراءُ خانصاحب مسٽر نبي بخش خان،

دعا خيرت کان پوءِ وا‎ضح هجي ته حضرت سائين جو عرس مبارڪ يعني ميلو 28 فيبروري يعني جمع کان آچر تي ختم ٿيندو، يعني شعبان المعظم جي 18-19-20 تاريخ. حضرت سائين جي عرس مبارڪ يعني بزم الفقراءُ جي مجلس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏجي ٿي. اميد ته مجلس ۾ شريڪ ٿي دنيا و دين جو فيض حاصل ڪندا ۽ اسان کي پڻ پنهنجي ديدار کان مشرف ڪندا ته دعاگو رهنداسون.

دعاگو فقير موٽيل شاهه

 (درگاهه قلندري)

..........2.........

• مورخ 13 سيمپٽر 1976ع، سيوهڻ شريف

محب يم و محب الفقراءُ و الانسان جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، بعد واضح هجي ته مدت مديد کان خيريت جي خبر کان غير واقف رهيا آهيون. تازه معلوم ڪري نهايت خوشي ٿي ته اوهان کي محترم صدر پاڪستان ”تمغه پاڪستان“ جو خطاب ڏنو آهي. اسان جي طرفان دلي مبارڪ باد مطالع ڪندا. اسين دعاگو آهيون ته ايزدي تعاليٰ اوهان جي عزت اڃا به اعليٰ تر ڪري .(آمين).

نورچشم غلام حيدر شاهه کي روبرو موڪلجي ٿو، سندس احوال کان واقف ٿي نوازش لاءِ سندس مدد ڪندا ته دعاگو رهنداسون. مزيد خيريت.

- دعاگو فقير موٽيل شاهه

(درگاهه قلندر عليه الرحمته)

محترم قاضي مقصود گل

رتوديرو (ڊسمبر 2004)

بخدمت محترم سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

سچ موجود، سنڌ موجود!

السلام عليڪم! گذارش ته سڀ کان پهريائين اوهان کي سالگرهه جي موقعي تي اسان جي سموري ڪهول طرفان جنم ڏڻ جون مبارڪون هجن.

انهيءَ ئي سڀاڳي موقعي تي اوهان جي خدمت ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ ”ڊاڪٽر قاضي منظر حيات“ جو ٺاهيل اسڪيچ پيش ڪريون ٿا.

ان کان سواءِ گلدستي جو تازو شمارو جيڪو سچل سائين جي حوالي سان پيش ڪيل آهي، ان ۾ اوهان جي ٻالجتيءَ جو احوال ۾ سالگرهه جي موقعي تي پيش ڪريون ٿا.

اميد ته اسان جي طرفان هي نماڻيون عقيدتون ۽ محبتون ۽ انهن سان گڏ هي ننڍڙا تحفا ضرور قبول پوندا.

محترم سائين! سالگرهه جي موقعي تي منهنجو ٻيو نمبر پٽ ناصر قاضي، پنهنجي اداري ”گلدستو سرمنڊل رتوديرو“ طرفان پڌري ڪيل وريل فقير ابڙي (ڏتل ابڙي واري) جي ڪلامن جي ڪيسٽ ”عشق سلامت“ به تحفي طور پيش ڪري ٿو، هيءَ ڪيسٽ غمدل فقير دائي جي پوٽي ۽ نوجوان راڳي مظفر علي دائي جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي. محترم دوست مختيار گهمري جا آداب قبوليو.

- قاضي مقصود گل

محترم محمد يوسف ميمڻ

جوائنٽ سيڪريٽري، اسلام آباد (2004-10-3)

سائين،

السلام عليڪم، سائين توهان جي شاگردي ته ان ڏينهن کان ورتم جنهن ڏينهن توهان جو ڪتاب ڪاليج جي زماني ۾ هٿ لڳو ۽ پڙهيم، ان ڏينهن کان وٺي توهان جي علم جي اپٽار جي حيثيت آهر فائدو وٺندو رهيس. اسلام آباد ۾ توهان جي رهائش واري زماني ۾ پڻ توهان جا پير ڇهندا رهياسين. توهان اڻ ڳڻت ماڻهن جي عملي رهنمائي ڪئي آهي. توهان جا ڪتاب هميشه ايندڙ نسلن جي به رهنمائي ڪندا. دل گهريو ته اڄ توهان کي سلام ڪجي ۽ پيرن تي هٿ رکجن. قبول پون. دعائن ۾ ياد رکجو. توهان جو.

- محمد يوسف ميمڻ

محترم مدد علي شاهه

(ڪليڪٽر رٽائرڊ)، هالاڻي (16 مارچ 1954ع)

وعليڪم السلام و رحمت الله و برڪاته، نوازش نامه مورخه 15/2 پهتم. عين شفقت، ”ٻيلاين جا ٻول“ مليم، ڪيڏو نه قرب! سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب وي پي رستي گهرايا اٿم. شڪر رب جو هاڻي اسان جا اديب سنڌيءَ ڏانهن متوجه ٿيندا ٿا وڃن شل اسان کي هوش اچي ته پنهنجن کي همٿائيندا رهيون.

ڪي ڪجهه خوش اسلوبيءَ سان نوڪري ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪيو اٿو سا اوهان صاحب جي ذري نوازي آهي، ورنه ”من آنم که من دانم“ جيڪي اوهان صاحب ڪري رهيا آهيو، اها ئي سچي ۽ فائديمند خدمت قوم ۽ ملڪ جي آهي. ان سان گڏ تواضع ۽  زبان جي شيري خدا وند ڪريم عطا ڪئي اٿو سان ته نور ۾ نور آهي. سنڌ کي فخر ۽ ناز آهي تو جهڙي فرزند  تي. اها خوشامد ناهي بلڪ هڪ حقيقت آهي. سنڌيءَ کي قومي زبان ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري آهي، شال سائين اسان جي سپوٽن کي سگهه ڏئي ته هاڻي کان ئي سندرو ٻڌن.

تانگهيءَ ۾ تاڻي، ٻڌ پانهنجو ترهو،

انهيءَ ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندءِ ڪو ٻيو.

ڪوٽڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ دل گهڻو ئي تانگهي ٿي جو هن ننڍڙي ڳوٺ (هالاڻي) ۾ عالمن ۽ اديبن جي مغارقت کان بلڪل محروم آهيان، پر قياس ائين ٿو پوي ته قسمت اتي ئي قيد ڪري رکندي، وري به جيئن آبدانه.

ڪڏهن ڪڏهن تحريري صحبتن کان ته نه وساريو ڇاڪاڻ ته هڪ عاليٰ اديب جو هر هڪ اکر لطف اندوز آهي. زياده خير والسلام.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org