سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :7

محترم جان محمد جمالي

تحريڪ تنظيم پاڪستان حيدرآباد (1972 – 12 – 6)

بخدمت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

سلام منسون! گذارش منھنجي فرزند محمد جاويد جمالي جي ناگھاني انتقال تي اوھان صاحبن جنھن محبت ۽ خلوص سان جيڪا ھمدردي ۽ غمخواري مون سان ڪئي آھي انھيءَ لاءِ آئون اوھان صاحبن جو دل جي گھراين سان شڪر گذار آھيان. اللھ تعاليٰ مرحوم کي جنت عطا ڪري  -آمين.

- جان محمد جمالي

....2....

* مورخ 8 اپريل 1974ع، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد

بخدمت عالي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

جناب اعليٰ! عرض ته پاڪستان جي عظيم رهنما مير جعفر خان جمالي مرحوم جي اٺين ورسي 14 اپريل 1974ع ڇهين بجي شام پاڪستان ڪائونسل هال حيدرآباد ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. جمالي ڀائرن جي دلي تمنا آهي ته انهيءَ تقريب جي صدارت سائينجن ڪرڻ فرمائين. تنهنڪري استدعا آهي ته صدارت قبول ڪري ممنون فرمائيندا.*

نيازمند، جان محمد جمالي

محترم پير جان محمد قريشي

درگاھ قبله حضرت پير خانشاهه (1967 – 4 – 15)

برادرم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته، هينئر مون کي ڀائو ميان محمد طالب(لوهار) مليو، جنهن ٻڌايو ته اسان ۽ ڊاڪٽر صاحب جن اوهان جي ڳوٺ آياسون، اوهان سان ۽ سائين قبله پير شهاب الدين شاهه صاحب جن به گڏ هئا. آءٌ صاحب جن کان فقط اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ ٽنڊي باگي ڪنهن ڪم سان ويل هوس. اها اوهان جي وڏي مهرباني جو ياد ڪرڻ فرمايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍي خوشي ٿي. پر صحيح معنيٰ ۾ خوشي تڏهين پوري ٿيئي جو آءٌ حاضر هجان ها ۽ اسان جي ڏڌ لپ پيئو ها ۽ وري قبله سائين جن گڏ هئا. زيارت جو شرف به حاصل ٿيئي ها. ساڻن منهنجي ڀاڻيجي پير شفيع محمد شاهه جي ٿر ۾ ملاقات ٿي هئي. اها غير حاضري اسان جي بدقسمتي هئي، هاڻ عرض ٿا ڪريون اهڙي سرداري کان هميشه نه وساريندا ته احسان رهندو. اميد ته اوهان باعافيت هوندا. اسان جا نياز بي انداز قبله سائين پير شهاب الدين شاهه صاحب کي ڏيڻ فرمائيندا. اسان جي ساڻن غائبانه محبت آهي، انشا الله جلد زيارت ڪبي. اڄوڪي تاريخ به هميشه ياد رهندي.

ٻيو عرض ته فقير آدم عمراڻي هن دنيا مان لڏي ويو جنهن کي شاهه صاحب جو رسالو گهڻو ياد هو، جنهن جو انجام به اوهان سان هو. حاجي عمر چانڊيه به گذاري ويو، دنيا پئي خالي ٿيئي سائين!

- جان محمد قريشي

....2....

* مورخ 17 فيبروري 1968ع، درگاهه پير خانشاهه رح، ٽنڊوباگو

برادرم جناب خانصاحب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، دراز عرصي کان پوءِ اڄ قلم رستي ملاقات ٿي آهي، رات ڄڻ ته روبرو ريڊئي ذريعي ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. رات اوهان جي تقرير ايڏو سمجهايو جو اسان سمجهيوسون ته اسان جون پراڻيون روايتون ۽ رسمون ۽ مجلسون فيض کان خالي نه آهين ۽ انهن کي بلڪل نه وساريون جو رڳو فيض آهي. جيڪا ان ڏس ۾ اوهان خدمت ٿا ڪريو تنهن جو اجر ثواب رب سائين ڏيندو ۽ اسان اوهان جي لاءِ هميشه دعائون گهرندا رهنداسون. اوهان کي شال رب سائين پنهنجي محبوب پاڪ ﷺ جي مهابي نوازي ۽ آباد رکي آمين.

انشاء الله جلد اچي زيارت ڪبي. هن طرف لائق ڪار خدمت هجي ته حڪم ڪندا. والسلام.              - نياز مند، پير جان محمد قريشي

محترم جئه وير

بمبئي (1961 – 12 – 6)

سائين،

”ساهت سڳنڌ“ جي پهچ پهتي مهرباني. اميد ته ان کانپوءِ موڪليل ”سمرپڻ“ ستن ناٽڪن جو مجموعو پڻ پهتو هوندو.

”سنڌي ساهت منڊل، بمبئي“ وارن دوستن جو ويچار آهي ته پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ، ايڏانهن سنڌ ڏانهن گهمڻ اچجي. سندن مرضي آهي ته اگر مئي – جون ڌاري ايڏانهن ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي ته سٺو، جيئن گهمڻ ئي اديبن ۽ وداونن سان هڪ هنڌ گڏجي سگهجي.

ان بابت مون ثميره زرين، رشيد ڀٽي ۽ غلام ربانيءَ ڏانهن پڻ لکيو آهي. اميد ته اوهان صاحب پڻ ان بابت ڪوشش ڪندا.

وڌيڪ سکه، هن طرف ڪو ڪم ڪار هجي ته ياد ڪندا.

- جئه وير

محترم جان محمد ڀٽو

اداره تعميرِ ملت منصوره حيدرآباد (......19 – 7 – 6)

محترم و مڪرم،

السلام عليڪم ورحمت الله وبرڪاته، طرفين خيريت مطلوب، گذارش آهي ته اوهان صاحبن کي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته مرحوم مولوي شفيع محمد نظاماڻيءَ جن جو قائم ڪيل هي مدرسو گهڻن سالن کان علم جي ميدان ۾ عوام جي بهترين خدمت ڪري رهيو آهي. هي ادارو ديني ۽ دنيوي تعليم ٻنهي کي گڏ کڻي هڪ مثالي تجربو قوم جي آڏو پيش ڪري رهيو آهي. جنهن لاءِ اهل اعلم ۽ ذميدار حضرات نهايت اطمينان جو اظهار فرمائي چڪا آهن. هي مدرسو سنڌ لاءِ قابل قدر ۽ قابل فخر آهي. هن اداري جي ماتحت منصوره ۾ قوم جي ڀلائيءَ لاءِ ٻيا به ڪم شروع ڪرايل آهن. جهڙوڪ (1) تربيت گاهه (هاسٽل) (2) دارالقران (3) حفظ القران (4) خيراتي شفاخانو (5) گرلس ڇوڪرين جو اسڪول.

جيئن ته هي ادارو توهانجي ڀرسان آهي وقت بوقت معانو ڪري نيڪ مشورا ڏيئي اسان لاءِ همت افزائي جو باعث بنبا. مان خصوصاً توهانکي گذارش ٿو ڪريان ته هن نيڪ ڪم ۾ توهان زڪوات، صدقات، خيرات وغيره جي ذريعي اسانجو ساٿ ڏيو، تا ته ادارو دلجمعيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان دين جي خدمت ڪندو رهي. ديني تعليم تي خرچ ڪرڻ هڪ صدقه جاري آهي، جنهن جو اجر هميشه ملندو رهي ٿو.

- جان محمد

محترم پير سيد جعفر علي شاهه راشدي

پوسٽ جهڏو (1967 – 12 – 27)

محترمي و مڪرمي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، اوهانجو خط 11 جولاءِ جو آيل هو. جنهن ۾ پير علي اصغر شاهه راشدي مرحوم جو اردو ڪلام بابت ۽ پير ڪليم الله راشدي بابت استفار ڪيل هو. اتفاق سان اهو ڪاغذ جواب لکڻ وقت ٽيبل تي رکيو هيو. ٻين ڪاغذن ۾ گڏجي ويو، جو اڄ وري نظر چڙهي ويو. جواب عرض رکان ٿو دير صرف 5 منٽ جي ٿي آهي. جا اميد ته اسانجي روايتي سستي ۽ غفلت کي مدنظر رکي معاف ڪرڻ فرمائيندا.

پير علي اصغر شاهه مرحوم، جو اردو ۾ ڪوبه قابل ذڪر شعر ڪونهي. باقي سندس فارسي، عربي ۽ سنڌي نثر خواهه نظم جو وڏو ذخيرو مون وٽ موجود آهي. سندس نقاشيءَ جا نمونا، سندس جواني پيري جي مختلف دورن جا فوٽو به موجود آهن جي ڪنهن وقت گهربا ته مهيا ڪري سگهندس.

پير ڪليم الله شاهه راشدي اسانجي خاندان مان هو. اڪثر لاڙڪاڻه طرف رهندو هو. مجازي مسلڪ ۽ شاعرانه مزاج رکندو هو اسان کي مرحوم پير سائين ڪوٽ ڌڻي جي رجبيءَ جي موقعن تي سنڌي مدحيه اشعار پڙهندي ٻڌو هو. شعر سڀ سنڌي ۾ چوندو هو. سندس وفات پير سائين ڪوٽ ڌڻي جي وفات کان ٿورو پوءِ آهي.

پير تراب علي شاهه راشدي قمبر وارن جي خاندان مان يا پير صاحب علي انور شاهه راشدي لاڙڪاڻه وارن کان سندس حالات جو وڌيڪ پته پوندو.

پير علي اصغر شاهه مرحوم جا هي چند بيت هڪ سندس مون ڏانهن لکيل خط مان هٿ لڳا آهن جي عرض رکان ٿو.

ڪيا لکون آپ ڪو مين اپنا حال،

صبح آزار شام هي جنجال.

 

خوف ساري هي فڪر طاري هي،

گفتگو بهي برازداري هي.

 

يه سمجهني ڪي ماجرا هي نهين،

نه شنيده هي اور نه ديد ڪهين.

اميد ته اوهان بالڪل خوش و خورم هوندا. يادگيريءَ کان نه وساريندا ۽ هن طرف اچڻ ٿئي ته زيارت ڪرائيندا. آئون چند دفعه اوهان کي ڏسڻ آيو آهيان. پر اوهانجي موجود نه هجڻ ڪري ملاقات نه ٿي سگهي.

- جعفر علي شاهه

محترم ”مسڪين“ جهان خان کوسو

ننگرپارڪر (1970 – 2 – 18)

خدمت ۾ جناب ڪرم فرما ڊاڪٽر نبي بخش خان،

السلام عليڪم: غريب نواز خط آڻيندڙ اسان جا ٽي ٿري شاگرد اوهان صاحب جي خدمت ۾ روبرو پيش ٿيندا. پنهنجو احوال روبرو عرض ڪندا. سندن ڪم بلڪل واجبي آهي. دل و جان سان ڏڪاري ٿرين جو ڪم ڪرڻ جي ترت عنايت ٿيندي ته اوهان صاحب جو دائمي احسان سمجهيو ويندو.

ٿري شاگردن جو ڪم صرف في معاف ڪرڻ جو آهي، ٻيو سڀ خير و السلام.

- جهان خان کوسو

محترم جئرامداس دولترام

5 جنوري 1960ع، سنڌو ريسرچ سوسائٽي، نيو دهلي.

پيارا دوست، سدا سرها هجو.

اوهان جو خط اڄ مليم. 31 جو لکيل هو. پڙهي خوشي ٿي. اوهين وري هتي اچو ٿا. خدا جا ليکا خدا ڄاڻي سو وري گڏجاڻي جو موقعو بڻايو اٿس. اوهين مهرباني ڪري ”جن پٿ“ يا جنهن به هوٽل ۾ لهو ته مونکي 35141 جي نمبر تي ٽيليفون ڪجو ۽ ٽيليفون جلد ڇڏجو نه متان مان ڪنهن پرئين ڪمري ۾ هجان ۽ پهچڻ ۾ ڪجهه دير لڳي. پوءِ گڏجڻ جو وقت مقرر ڪنداسين ۽ اوهان جي ٻن هفتن جي قيام جو ڪجهه فائدو وٺبو. مون به اوهان کي هڪ تازو ئي خط لکيو آهي ٻنهي خطن هوا ۾ ملاقات ڪئي هوندي. اميد گهر ٻار سوڌو خوش باش هوندا. قربن سان.

- جئرام داس دولترام

....2....

* مورخ 13 جولاءِ 1961ع، 14 تغلق روڊ، نيو دهلي

پيارا دوست، شال سدائين سکي هجو.

اميد ته اوهان وٽ سڀ خيريت هوندي ۽ اوهين خوش باش ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمتن ۾ محو هوندا.

منهنجو اڳيون خط مليو هوندو. اوهان جي گهڻي مهرباني جو ڊاڪٽر خان کي اوهان منهنجون يادگيريون پهچايون. سندس قربائتو خط به آيو ۽ ڀنڀور (بنڀور؟) تي ڪتابڙي به پهتي. پڙهيم ڀنڀور جي وڌيڪ حقيقتن لاءِ بک پيدا ڪري ڇڏي اٿس. ڊاڪٽر خان کي انهيءَ بک جو پتو ڏنو اٿم.

ڪتاب جيڪي اوهان اپريل واري ڪانفرنس وارن کي هتي چئي ويا هئا اهي به پهتا اٿم. واجبي سببن جي ڪري دير ٿين. انهن ڪتابن لاءِ بيحد مهرباني چڱو ڪارگر ثابت ٿيندا. ٽيهه اکري شروع ڪئي اٿم. ڪيڏو نه لوڪ ادب جو لڪل خزانو پيو آهي. اوهان جي ان باري ۾ پروگرام هتي زبردست اثر پيدا ڪيو. اميد ته ان اهم ڪم ۾ اوهان کي پوري سوڀ ملندي.

اڄ خبر مليم ته اوهان شاهه صاحب جي ايندڙ ورسي تي ڪا مخزن ڪڍڻ وارا آهيو، جنهن لاءِ اوهان ليکڪن کي دعوت ڏني آهي. ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي دل ٿي ته مان به جيڪر ڪجهه ان باري ۾ ڪريان پر وقت ڏاڍو تنگ آهي. منهنجو هڪ ليکه اڳ جو آهي جي مناسب سمجهو ته ڀلي ڪم آڻيو. پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه جو ايڊيشن 2 سال ٿيا ته هتي نڪتو هو. ان لاءِ مون مهاڳ لکيو هو. اهو ڪتاب اتي اوهان وٽ ضرور موجود هوندو. جي هٿيڪو هجي ته اهو مهاڳ نظر مان ڪڍجو. جي ڪارائتو لڳي ته ڀلي ڪم آڻجو. خبر نه آهي ته هتان ٻين ڪڇ لکي موڪليو آهي يا نه. اهو اسان جي پاران ”عيوض“ لکي ڪري سمجهو. جي اهو ڪم آڻبو ته ان ۾ ڪي درستيون ضرور آهن. هن سان شامل ڌار پني تي اهي درستيون لکيون اٿم.

موهن سنگهه جو پنجاب جي ادبي تاريخ اڃان نه  ملي سگهيو اٿم. چنديڳڙهه جي هڪ دوست جي چٺي آئي ته هو اڃان تلاش ۾ آهي. جئن ئي آيو تئن موڪلي ڏيندس. مون لاءِ خوشي جو باعث ٿيندو جي اوهان تائين اهو ڪتاب رسائي سگهيس.

اوهين به ڏاڍا ٿا مشغول رهو ۽ انيڪ قسمن جون جوابداريون پيا پوريون ڪريو. پنجاه سال اڃان ڪم ڪرڻو اٿو. شل تندرستيءَ سدا سالم رهي. اميد ته سڀئي دوست ۽ پيارا اوهان جا خوش خورم هوندا.

قلم تازوِ مون وارو ليکه ڪم آڻي سگهو، انهيءَ سالگره مخزن جي هڪ ڪاپي موڪلڻ جي ڪوشش ڪندا ته احسان! شاهه ڀٽائي تي ڪجهه به چيل لکيل جو ملهه آهي، جڏهن اهو اوهان جي نگراني هيٺ شايع ٿئي.                               - جئرامداس دولترام

....3....

* مورخ 24 سيپٽمبر 1962ع، نيو دهلي (وقت؛ رات جو پوڻا ٻارهن)

پيارا دوست، سدا خوش هجو!

هي وقت خطن لاءِ ناهي پر پلنگ لاءِ آهي. پر اهو قاعدو ته سنسار جي وهنواري انسانن لاءِ آ. خفتي مستانن لاءِ جي کوج کوٽ جي ٻين مٿان کنڌ کنڌ لڳايو ڏين. سو هن کنڌ کنڌ لاءِ معافي طلب آهيان.

اميد ته اڳيان خط پهتا هوندا. تندرستي اول نمبر جي رهندي آئي هوندي. اٿاهه ڪم ۾ بندهه ٻڏي ڪين ويا هوندا ۽ صحت سدا برقرار هوندي.

احمد آباد مان ڪابه خبر ڪانه رسي سگهي. خبر نه آهي ته اهي پبلشرس ۽ اهو ٽرسٽ اڃان اتي آهن ڪين ڪڏهوڪو ڪراچي اچي ويا آهن.لڳي ائين پيو. ڪڏ پتو لهن ڪين سگهيو اٿن. ائڊريس اوهان کي موڪلي هيم. اوهان شايد سنڌو کي به لکيو هوندو.


*  مير جعفر خان جمالي مرحوم لاءِ وڏي عزت ۽ محبت ھئي. آءٌ شريڪ ٿيس- نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org