سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :33

- محمد حسين ڪاشف

• مورخ 7 فيبروري 2004ع چنبڙ، تعلقو ٽنڊو الهيار

جناب سائين ڊاڪٽر بني بخش خان صاحب،

سلام و رحمت ۽ پاءِ بوسي جي عرض ته قبله عالي جن هن حقير ۽ فقير ناقص ۽ نااهل جي مزاج پرسيءَ لاءِ تشريف فرما ٿيا زهي نصيب! ملاقات ته ٿي پر آن ڪريمن جي هت ڪا سربرائي ۽ پٺڀرائي نه ٿي سگهي. ان لاءِ نهايت شرمنده آهيان قبله عالي! دل نادان يا ائين چوان ته دل ناتوان جي اصلاح و احوال لاءِ ڪراچي ويل هوس، توهان جا لک ٿورا ۽ قرب. آئون ايترو لهائي ئي ڪين، ايءَ اوهان جو وڙ جو پاڻ سڃاڻي اچي نالائق نوازيوَ. آئون ته هونءَ به شرمنده آهيان، جو امان جان جن جي سانح ارتحال تي جناب جن جي خدمت ۾ عذر خواهي لاءِ حاضر نه ٿي سگهيس، ان جو ڪارڻ به بيماري آهي. ”واڳ ڌڻين وس آئون ڪا پاڻ وهيڻي“

عالي محترم! حقيقت هن ريت آهي ته 7 سيپٽمبر جي رات جو چئين بجي ڌاري دل نادان بيوفائي جي صورت ڏيکاري پوءِ جي ڪا خبر نه آهي، 8 جي رات اجو اک پٽيم ته ديوان مشتاق ۾ پيو آهيان. 12 ڏينهن اتي هوس پوءِ ڪراچي نيشنل لياقت ۽ نيشنل ڪارڊيو ۾ جڏهن ڪجهه سرت پئي ته پوءِ مون کي ٻڌايو ويو ته لاڳيتا 3 حملا ٿيا.2/8 تي وقت مليل هو ان لاءِ ويس ڪراچي ۽ اتي منهنجي پٽڙي سليم جو گهر آهي. ننڍو ڪڪو به اتي آهي، نياڻيون به اتي شادي ڪرايل آهن. ڀاڻيجا ۽ سالا وغيره پڻ اتي مقيم آهن. منهنجو رهڻ منهنجي فرزند جي گهر ٿيو.04-2-24ع تي اتان واپسي تي ڳوٺ آن جناب جن جو خط ڏٺم، حال حقيقت معلوم ٿي. پنهنجي غير حاضري تي افسوس ڪيم، توهان صاحبن جي ورتل تڪليف لاءِ نهايت احسان مند آهيان. اوهان صاحبن جي محبت ۽ نظر شناسي جو نهايت ممنون آهيان. الله اوهان کي سلامت رکي. دعائن ۾ ياد ڪندا. واسلام.

- ناچيز محمد حسين ڪاشف

محترم مولوي محمد عظيم شيدا

نصير آباد ضلع لاڙڪاڻو

جناب محب مڪرم وائيس، چانسلر نبي بخش خان بلوچ،

وائيس چانسلر ٿيو آ نبي بخش، سالم رکي انهين کي خدا شل عن بطش

ماپن خوشي ۾ ڪين سندس دوست دلربا، دشمن سندس جي منهن تي لڳي وئي ڪفش

گلشن عجيب علم جو اجڙي ويو هو اڳ، شاداب آبدار ٿي وئي آ سندس عطش

آيو نئون بهار خزان جهل جي وئي، غنچه کلي سي گل ٿيا مرجهن جي وئي خلش

لک لک مبارڪن جا نبي بخش کي ڏيان، دائم هجي انهين جي ان رتبه تي رهس

شيدا ڪيو شڪر جو نبن ڪامياب ٿيو، هن جي به دوستن سان سدا آ سٺي روش

تسليم و شوق ملاقات واضح باد ته توهان جي اعليٰ منصب تي فائض هجڻ جي خبر اخبارن ۾ پڙهي ڏاڍي مسرت حاصل ٿي. الله تعاليٰ جا لک لک شڪرانا جو جنهن عهدي جا توهان مستحق هوا، انهين مرتبه تي الله تعاليٰ توهان کي پنهنجي فضل و ڪرم سان فائض ڪيو. توهان تي به لازم آهي ته تعليم کي اوج اقبال تي پهچايو، خاص ڪري عربي مذهبي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندا، شاگردن کي مهذب خدا ترس بڻائيندا.

فدوي جو خاص عرض آ ته حضور عليه الصلواة و السلام جي سوانح وغيره تي جو مون ڪتاب لکي، المصطفيٰ يعني رهبر علم جو ادبي سوسائيٽي کي ڏنو هو، جنهن کي ڪيئي سال گذري ويا آهن ان جي تصحيح به توهان جي نگراني ۾ ٿي ۽ ڪتابت به توهان جي نظرداري هيٺ هئي، مگر خبر ناهي ته اهو ڪاڏي ويو، ڇپائي ۾ آيو يا سندس وجود ئي محروم ٿي ويو. جي مرحمت فرمائي آگاهي بخشيندا ته نهايت شڪر گذار رهندس اميد ته  توهان صاحب خوش و خرم هوندا.*

- دعاگو محمد عظيم شيدا

محترم فقير مير محمد هيسباڻي

لڳ دوڙ، نوابشاهه،25 فيبروري 1944ع

برادرم صاحب عاليشان مسٽر نبي بخش خان صاحب،

بعد السلام عليڪم جي احوال ته ڪراچيءَ کان موڪلائڻ بعد شايد خط و ڪتابت جي رستي کان به فراموش ڪري ڇڏيو اٿو. مون کي جڏهن اوهان صاحبن جي يادگيري پوندي آهي تڏهن ويتر وڌيڪ ڏکارو ٿيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي ته اوهان جي  ائڊريس جي خبر نه آهي، ته نئين سر وڃي رهڻ ۾ ضرور روم نمبر وغيره جون تبديليون ٿيون هونديون. باقي اوهان ڇو ايتري قدر وساريو آهي، منهنجي ائڊريس ته هميشه دوڙ اسٽيشن مير محمد کي ملي (مٽجي نٿي سگهي) هينئر تازو سانگهڙ ويس ته اتي نورچشمن کان ائڊريس وٺي اڄ ڳوٺ پهچڻ شرط نياز نامه عرض رکان ٿو ته پنهنجي تندرستي و تنومنديءَ جي احوال کان واقف ڪندا ته نهايت خوشي جو باعث ٿيندو.

        گهڻو افسوس، ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ته اسان وٽ جيڪو جناب قاضي صاحب رهندو هو (جو اوهان کي معلوم هوندو) سو هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي، داراالبقا روانو ٿيو (انالله و انا اليه راجعون). ادا سائين قاضي جن اسان لاءِ ڪيميا هئا. هينئر ته ڏاڍي اداسائي آهي، ڌڻي شال سندن روح کي آرام بخشيندو ۽ جنت الفردوس ۾ داخل فرمائيندو آمين.

برادرم صاحب امير علي به اميد ته ڪامياب ٿيندو ۽ ان بعد علي ڳڙهه ۾ اچڻ جو ارادو ڪيو اٿس، خير وڌيڪ روبرو. گهڻو ڪري اوهان کي به هن دفعي مسڪن جي خسخانه تي پير ڀرڻ لاءِ پوري تياري هوندي

- نيازمند مير محمد

محترم محمد پنهل ڏهر

ڏهرڪي، ضلعو گهوٽڪي(2004-12-13)

محترم مڪرم قبلا ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: اميد ته سائين جن هر طرح خيريت سان هوندا.

سائين! سڀ کان پهريائين اهو عرض ته مان اوهان مهربانن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جو اوهان منهنجي استدعا تي مون ڏانهن گهربل ڪتابن مان ڪجهه ڪتاب موڪلي ڏنا. سائين اهي سب ڪتاب، اوهان جي قرب نامي سميت ملي ويا آهن جنهن لاءِ راقم هڪ دفعو وري اوهان مهربانن جا ٿورا مڃي ٿو. انهيءَ لاءِ مهربانن جا لک لائق ۽ قرب. اميد ته اهڙيون عنايتون هميشه جاري رکندا. مهرباني.

سائين! عرض ته اوهان پنهنجي هنن تصنيفن متعلق ٻڌائيندا ته اهي ڪٿي ڇپيون آهن ۽ ڪهڙي طرح ملي سگهنديون.

مولانا آزاد سبحاني

طلبه اور تعليم

عربن جي جهاز راني (جيڪو مضمون شايد انگريزي ۾ آهي)

سائين! ٻيو عرض ته (اوهان جن) هيٺين ڪتابن موڪلڻ لاءِ مون ڪيترا ڀيرا اسلام آباد متعلقه اٿارٽي (اداري) وارن ڏانهن خط لکيا آهن. ليڪن هن وقت تائين انهن طرفان ڪوبه جواب نه آيو آهي. تنهن ڪري اوهان مهربانن کي هڪ دفعو وري تڪليف ڏجي ٿي. براءِ مهرباني اوهان پاڻ انهن ڏانهن پنهنجي طرفان ڪو ليٽر لکي موڪليندا ته جيئن اهي سڀ ڪتاب اداري وارا مون ڏانهن بذريعه پوسٽ وي پي پي ڪري منهنجي ائڊريس تي موڪلي ڏين. اميد ته عرض قبول پوندو ۽ منهنجي انهيءَ گستاخيءَ تي اوهان مهربان ناراض به نه ٿيندا. گهربل ڪتاب هي آهن.

1. Great Book of Islamic Civilization

2. 100 great books of Islamic thought, culture and civilizataion a brief statement of the project.(44 page)

3.الجبر و المقابله ( الخوارزمي)

4. الجامع بين العلم و العمل النافع في صناعة الحيل (الجزري)

5. کتاب الجماهر في معرفت الجواهر ( البيروني)

 واسلام. فقط اوهان جو شيدائي.     

 -محمد پنهل ڏهر

 • مورخ 15 جنوري 2005ع، ڏهرڪي

محترم و مڪرم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: اميد ته الله پاڪ اوهان مهربانن ڏانهن هر طرح خير ڪيو هوندو.

 عرض ته اوهان مهربانن جي سفارش تي اسلام آباد وارن راقم  ڏانهن گهربل سمورا ڪتاب سواءِ هڪ ڪتاب

 ” Great Books of Islamic Civilization 100“ وي پي ڪري موڪليا هئا. جيڪي  راقم ڇڏائي ورتا آهن، انهيءَ سفارش لاءِ راقم اوهان مهربانن جو تمام گهڻو ٿورائتو ۽ دعاگو آهي. اميد ته آئينده به هميشه لاءِ اهڙيون عنايتون جاري رکندا ايندا.

سائين، هِن خط ۾ ادبي معلومات لاءِ چند سوال اوهان مهربانن کان پُڇي رهيو آهيان، براءِ مهرباني منهنجي تشفي لاءِ انهن جا تفصيلي جواب فرهم ڪندا ته مهرباني ٿيندي. اميد ته عرض ضرور قبول فرمائيندا.

سائين هي ٻه ڪتاب به ڇا اوهان جا لکيل آهن، (1) عربن جي جهاز راني ( انگريزي ۾) ۽ (2) طلبه اور تعليم. انهي لاءِ عرض آهي ته اگر اهي ڪتاب اوهان جا لکيل آهن ته پوءِ ٻڌائيندا ته اهي ڪڏهن ۽ ڪٿان ڇپبا آهن. راقم ڪهڙي طرح گهرائي سگهي ٿو.

هيٺيان ٻه ڪتاب به اوهان جا لکيل آهن،باوجود تمام گهڻي ڪوشش جي، اهي ٻئي ڪتاب هِن وقت تائين مون کي هٿ نه اچي سگهيا آهن، تنهن ڪري اوهان مهربانن جي خدمت ۾ عرض آهي ته اهي ٻئي ڪتاب ۽ مٿيان ٻيئي ڪتاب اصل يا فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ راقم ڏانهن ضرور موڪلي ڏيندا، ڇاڪاڻ ته ڪنهن تحقيق سلسلي ۾ راقم کي انهن ڪتابن جي تمام سخت ضرورت آهي.

(1) 100 Great Book of Islamic Civilization

(2) فتوح السند يعني چچه نامه، عربي ترجمو، جيڪو تازو دمشق (شام) مان ڇپيو آهي.

- محمد پنهل ڏهر

محترم محمد يوسف ڏاهري

نيويارڪ (1964-6-2)

محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: اميد ته اوهان صاحب خيريت سان هوندا. مون کي نهايت خوشي ٿي آهي جو اوهان پنهنجو سفر خيريت سان ختم ڪري ڳوٺ پهتا آهيو.

آئون هن وقت ورلڊس فيئر ۾ Pakistan Pavilion تي نوڪري ڪري رهيو آهيان ۽ اها اوهان جي ڪيل مهرباني جو نتيجو آهي. جنهن لاءِ آئون اوهان جو دل سان شڪر گذار آهيان. وڌيڪ قدرت جي اها مهرباني ٿي جو منهنجي ويزا جو فيصلو اڃا نه ٿيو آهي پر هاڻ مون کي گهڻي اميد آهي ته انهيءَ ڪري جو ڀٽي صاحب سان هتي منهنجي ملاقات ٿي جنهن کي مون سڀ ڪجهه ٻڌايو ۽ ڀٽي صاحب نهايت وڏي همت سان ڪائونسل جنرل ۽ پاڪستان سفير کي گهرائي منهنجي روبرو منهنجي لاءِ چيو ۽ وڌيڪ ايترو به چيائين ته هي ڪم هر صورت ۾ ڪندا. هاڻ پاڪستان جو سفير پاڪستان گورنمينٽ جي طرف کان اسٽيٽ گورنمينٽ کي لکيو آهي ته هن ماڻهوءَ کي اسان پاڪستان Pavilion تي رکيو آهي ۽ هن جي ويزا بدلائي ڏيندا. اميد ته ڪم جلد ٿي ويندو،

وڌيڪ سڀ خير سڄي سنگت خوش آهي، اوهان هر وقت ياد ايندا رهندا آهيو. زندگي رهي ته هڪ ڏينهن اچي خدمت ۾ حاضر ٿيندس.

مير مبارڪ خان ۽ نظاماڻي جا سلام قبول ڪندا. محمد راول صاحب سان جيڪر ملاقات ٿئي ته منهنجا سلام پيش ڪندا. مهرباني. وڌيڪ ڪم ڪار هجي ته بنده حاضر آهي.

- محمد يوسف ڏاهري

محترم قاضي محمد هاشم

روهڙي (1990-9-25)

جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب

السلام عليڪم و رحمت الله، عرض ته اوهان صاحب موصوف کان سمورا ڪاغذات سوانح، بياض آخوند فيض محمد وغيره بذريعي رجسٽرڊ پارسل موصول ٿيا. مهرباني.

آخوند فيض محمد مرحوم جي احوال زندگي بابت ڇپايل ڪتابچه جون ڪاپيون به بوڪ پوسٽ ذريعي عنايت ٿيون، جزا کم الله، خدا وند ڪريم اوهان صاحبن کي برڪت عطا فرمائي. آمين.

مون کي از حد خوشي ۽ مسرت محسوس ٿي آهي جو اوهان صاحب گهڻي محنت ۽ تحقيق بعد آخوند صاحب جي زندگي جو احوال ترتيبوار سهڻي نموني ۾ ’مهراڻ‘ رساله ۾ شايع ڪريو آهي. مضمون قابل قدر آهي، آخوند صاحب مرحوم جي زندگي جي هر شعبه ۽ پهلوءَ کي چٽيءَ طرح روشني وڌي وئي آهي. سندس شاعريءَ بابت تجزيه ڪيو ويو آهي. سندس شعر، غزلن بابت نمايان اپٽار ڪئي وئي آهي. شاعري ۾ آخوند فيض محمد کي قابل قدر حيثيت سان ياد ڪيو ويو آهي.

قاضي محمد مراد صاحب ( آخوند فيض محمد جو ڏوهٽو) تحرير شده مضمون کان ڪافي متاثر ٿيو ۽ اوهان صاحبن کي دعائون پئي ڪيائين. سندس دلي تمنا هئي ته سندس حياتيءَ ۾ سندس ناني سائين مرحوم جي سوانح حيات، اشعار ۽ اقدار بابت مضمون ڪنهن رساله ۾ شايع ٿئي ۽ اهو مضمون هو خود مطالع ڪري آخر اها سند دل جي آس، الله تعاليٰ جي فضل سان پوري ٿي.

- قاضي محمد هاشم

محترم ماستر محمد پنهل

تعلقو سيوهڻ، ڪرمپور (1964-9-21)

جناب محترم المقام ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم: جي واضح رهي ته ڪيتري عرصه کان اوهان صاحبن جي علم جي شهرت ۽ نيڪنامي ٻڌندو رهان ٿو. ان ڪري هيءَ نياز نامو بنا ڪنهن تعارف جي اوهان صاحبن جي خدمت ۾ ارسال ڪيان ٿو جو اميد ته شرف قبوليت جو لهندو.

هن نياز نامه ڏسڻ شرط بنده نحيف سان خط و ڪتابت جو سلسله قائم ڪرڻ رکندا ته اوهان صاحبن جو نهايت تا دم زندگي مرهون منت شڪر گذار رهندس.

حضور اعليٰ، منهنجي نياز نامه موڪلڻ جو سبب هي آهي ته اوهان جهڙيءَ سنڌ جي مايه ناز هستيءَ وٽان علم و ادب بابت ڪجهه مزيد ماهيت حاصل ڪيان ۽ جي مهمات درپيش اٿم تن جي عقده ڪشائي ڪرايان. لمصداق هن چوڻي جي ته ”پڇڻا نه منجهڻا“ تنهن کانسواءِ جوينده پابنده جي اصول مطابق جيڪي طلب سوالات اٿم تن جو پوريءَ ريت اصح ترين نموذج صحيح حل حاصل ڪيان ۽ بهره مند ٿيان. راجا کي ڪيل عرض رايگان نه ويندو.

بنده احقر جو سنڌي ادب سان بي تحاشا اتساهه ۽ پريم آهي. مدت مديد کان دل ۾ اها مدعا رهندي هئي ته اوهان صاحبن سان خط و ڪتابت ڪريان ليڪن ”ومن جدوجد“ جي معنيٰ مطابق منهنجي خط و ڪتابت جو سهارو ۽ واحد وسيلو اسان جي وطن مالوفه جو متوطن قيمت مل آسي منگلاڻي بڻيو جنهن سان منهنجو ڪهنه پريم ۽ پيار آهي، جنهن صاحب سان ڳالهه ڪيم ته ڊاڪٽر صاحبن جن سان ڪيئن لکپڙه جو سلسلو رکان. موصوف في الفور هيءَ جواب باصواب عطا ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب جي ائڊريس مون وٽ آهي. ان ڪري شانتي نه آيم ۽ وينتي ڪئي مانس ته ائڊريس ڏيو. ان ڪري موقعه مناسب سمجهي ۽ وقت کي غنيمت ڄاڻي هي چند الفاط هن قرطاس ابيض تي مرقوم ڪيم جي اڄ اوهان صاحبن جي مهدا حاضر آهن.

عاليجاهه! بنده جنهن ڳوٺ ۾ رهي ٿو قيمت مل صاحب به اتي آهي ۽ فارغ الباليءَ وقت ساڻس وديارٿيءَ جي حيثيت ۾ سنسڪرت ۽ هنديءَ ٻوليءَ بابت اکرن جي معنيٰ پڇندو ڳڇندو آهي ۽ وسيع واقفيت پراپت ڪندو آهي.

مون مسڪين جو سنڌي ٻوليءَ ۾ مرتب ٿيل پستڪن سان جن ۾ ساهتيه، پرچار، فسلفه ۽ حڪمت وغيره جا لولو پر آهن تن جو گهرو مطالع ڪندو رهان ٿو. علاوه ازين هيءُ به آرزو اٿم ته آءُ پنهنجي مطالعات خواه علم ۾ مزيد معلومات ٻولين جي ڄاڻ جو وسيع دائرو حاصل ڪيان، ان ڪري مون محنت ڪري قدري فارسي ٻوليءَ جو چڱو اڀياس حاصل ڪيو آهي، ۽سنڌيءَ سونهاري پنهنجي لسان الامهات (ام لسان) سان نينهن اٿم، تنهن کانسواءِ عربيءَ ٻوليءَ ۽ اردوءَ ۾ پڻ چڱو محاوره رکندڙ آهيان. ازانسواءِ هندي ۽ سنسڪرت ۽ انگريزيءَ جي واقفيت حاصل ڪندو رهان ٿو. جو اميد اٿم ته قليل عرصه ۾ هنن پوين ٽن ٻولين جي مها ساگر جيتري نماءُ نمودار ڪيو بيٺيون آهن، تن ۾ پڻ بيحد ۽ بيشمار معلومات حاصل ڪري وٺندس.

احوال صاحبا! اڃا به گهڻو هو جو اوهان صاحب جي آڏو پيش ڪريان ها ليڪن طوالت جي خوف سببان مسدود ڪيو وڃي ٿو ته مبادا اوهان جهڙن علم جي يم العميق ۽ گهواره علم ادب جي بيزاري ۽ وقت جو باعث بنجي ۽ اوهان صاحبن جي اڳيان متان مدهوشيءَ جي مايه ميسر ٿئي.ان ڪري ديگر احوال ٻئي دفعه جواب ملڻ شرط فوراً پيش دانايان ڪيو ويندو.

وقت تنگ قلم بند، ٿورو لکيو گهڻو ڄاڻندا، هن نياز نامه ڏسڻ شرط احوال جي عنايت ڪندا ته احسان مند رهندس.

- محمد پنهل

محترم حڪيم سيد پير محمد شاهه

لکي غلام شاهه (11 نومبر 1972)

عزيز محترم و مڪرم جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم و رحمته الله و برڪاته، احوال عرض ته توهان کان رخصت ٿي لواري شريف پهتس، رات اتي گذري صبح جو اتان روانه ٿي شام گهر پهچي ويس، مگر رستي ۾ اوهان جي مهربانين خوش خلقي ۽ فياضي جي تعريف ٿيندي رهي يا دعا ڪند رهياسون ته خدا تعاليٰ هن ههڙي سوڙهي بي وفا دور ۾ اوهان جهڙي همدرد انسانن کي سلامت رکي ۽ هر مقصد ۾ ڪامياب ڪري. آمين.

2.      توهان مهرباني ڪري ڏنل دوا بابت احوال ضرور ڏيندا.

3.      هي پرزه آڻيندڙ ڳوٺ ۾ ماستر صاحب آهي، هن جي جيڪڏهن، امداد پڄي سگهي اها عنايت ڪندا.

4.      مسٽر احمد شيخ کي به آرڊر موڪلڻ فرمائيندا ته هتان کيس رليف ڪرايو وڃي.

- پير محمد شاهه

.........2..........

• مورخ 9 ڊسمبر 1972ع

محترم و مڪرم جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته. اوهان جو محبت ڀريو خط مليو ڏاڍي خوشي ٿي. وڏي مهرباني جو هي مسڪين ايڏين مهربانين جي لائق ئي نه آهي. مڪرم هميشه لائق ڪرڻ ۾ تورتڪ نه ڪندا آهن، مان ته هر وقت دعاگو آهيان ته هتي سڀ خير آهي.

1.      ته دوائون طبيعت مطابق عرض آهن. اوچتو هڪ دوست ميان غلام رسول صاحب ڄام شوري وڃي رهيو هو، ان هٿان عرض رکان ٿو ترتيب استعمال ڪرڻ جي پڻ هيٺ عرض آهي.

2.      ماستر بشير احمد شيخ لاءِ ٻئي مڪرم صاحب جي معرفت ۽ ڪوشش ڪيل هئي، اوهان جي همدردي ۽ فياضي ايڏو ته ڪم ڪيو جو بلڪل تيار ٿيل کي اوچتو سنڌ سيڪريٽري صاحب وٽان ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولس جو آرڊر اچي نڪتو آهي ۽ آرڊر جيڪب آباد ضلع جو اٿس. کيس ڪالهه ڪراچي سندس سرٽيفڪٽ ۽ ڪاغذات ڏيڻ لاءِ موڪليو اٿم، اميد ته سومر ڏينهن جيڪب آباد چارج وٺندو.

هي سڀ توهان جي سچائي جي همدردي جا تاثرات آهن. مون کيس تاڪيد ڪيو آهي ته ڪراچيءَ کان واپس ڇنڇر يا آچر تي توهان جو سلام ضرور ڪري.

- پير محمد شاهه
..........3..........

• مورخ پهرين اپريل 1973ع، لکي غلام شاهه سکر

جناب محترم قبله جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

وعليڪم السلام و رحمة الله و برڪاته،

اوهان جي گرامي نامون موصول ٿيو. ڏاڍي دل کي خوشي حاصل ٿي. عرض ڪندس ته مان 20 تاريخ شام جو گهر واري سميت حيدرآباد کان ٽنڊي ڄام عزيزن وٽ پهتس ۽ موٽر تي هوس جو 21 کان وٺي حيدرآباد سول اسپتال ۽ ڄام شوري اسپتال ۾ ڊاڪٽر مورياڻي ۽ ڊاڪٽر صديقي جي مشوره موجب گهرجي بيماري جي چيڪنگ ڪرائي سون.

مان 27 تاريخ خدمت ۾ زيارت ڪرڻ آيس مگر اوهان ڪنهن طرف ويل هئا مان ڪو پرزو توهان جي ملازمن کي ڏيئي ويس جو شايد توهان وٽ ڪونه پهتو. ان کان اڳ به هڪ دفعي آيو هوس جو سڌو جاءِ تي پهتس، خبر ملي ته توهان ڪونه آهيو تڏهن به آفيس ۾ پرزو عرض رکي ويو هوس. سڪ ملاقات جي ڏاڍي رهي ٿي ۽ اميد ته 14 يا 15 جي اندر اندر حيدرآباد ايندس ته ضرور زيارت کان مشرف ٿيندس.

اميد ته موزون شيون طبيعت جي سڌارڻ لاءِ به يا ڪنهن دوست هٿان عرض رکندس يا ته پاڻ خدمت ۾ پيش ڪندس. پهرين دفعي اچڻ سان هڪ ڪتاب به عرض رکي ويو هوس. خير – وڌيڪ خير و گذارش ڪندس.

- پير محمد شاهه

........4...........

جناب عالي محترم ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاته، واضح باد ته توهان جو لکيل محبت ڀريو خط مليو، وڏي مهرباني،مان اوچتو 25 تاريخ حيدرآباد پهتس، 26 صبح جو اوهان جي زيارت لاءِ جاءِ تي آيس، مگر اتفاق ملاقات نه ٿي. هڪ ڪتاب دل وڻندڙ آفيس ۾ نذرانه طور ڏيئي واپس آيس. شام جو ڪراچي پهتس ٻئي ڏينهن واپس ڳوٺ پهتس. وقت خير جو گذري ٿو، دوائون پارسل ڪيل هيون انهن جو احوال ڪونه مليو. براه ڪرم اهڙو احوال ڏيندا ته انهن دوائن ڇا ڪيو! هن وقت طبيعت ڇا ٿي گهري ته وري خدمت ڪريان. شامل ڪاغذات هڪ دوست جا آهن، انهن کي فراغت سان ڏسي ان بعد خاص مدد ڪندا ته نهايت شڪر گذار رهندس ۽ گواره ڪري سگهو ته مون کي به اهڙو احوال ڏيندا ته هن غريب جو ڇا ٿيندو.

- پير محمد شاهه

......5.......

 •حال ٽنڊو جان محمد ، ضلعو، ٿرپاڪر(1974-10-2)

جناب قبله محترم بلوچ صاحب،

سلام لازمي، عرض ته هي ٻيو دفعو آهي جو ملاقات کانسواءِ واپس ٿو وڃان، خير حياتي باقي آهي ته ملاقات ٿيندي.

عرض تازو ته اسان کي 27- رمضان المبارڪ رات جو قرآن پاڪ جو ختم ڪڍائڻو آهي، ان ۾ محفل مولود خواني بعد، ٻيڙي فقير ڪنڀار جي ضرورت آهي، جو محفل ٻڌائي ان لاءِ کيس سفارش ڪندا، مگر اسان کي به اطلاع ملي ته فقير صاحب اسان وٽ اچڻ قبول ڪيو آهي. آءُ هن وقت ٽنڊو جان محمد ۾ آهيان هي ڪم تمام ضروري آهي ۽ آسرو اوهان جو آهي.

 -پير محمد شاهه

محترم محمد بچل ملاح

مداحي فقير، مڇي مارڪيٽ خيرپور ناٿن شاهه، ضلع دادو

پڙهي بسم الله کي شروع خط ڪيان ٿو،
مان واقف توهان جو مٺا محب ٿيان ٿو،
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ بهادر،
تنهنجي سڀ سڻائي ڪندو شال قادر،
بخدمت ۾ اعلي درجي سهڻا جناب،
خدا توتي رحمت ڪري بي حساب،
ٻڌم نام تنهنجو ته مشهور ملڪين،
پري ۽ پرانهون گهڻون دور ملڪين،
اوشاڪن جو عاشق ۽ پروانو آهين،

سگهڙ شاعرن لاءِ ديوانو آهين،

ٻڌي خاص تعريف تنهنجي تکي،

تڏهن نياز واري مون چٽڪي لکي،

توهان جي ملاقات ٿيندي ڪڏهن،

سا ساعت صدوري ته ايندي ڪڏهن،

پنهنجي حال کان هاڻي واقف ڪيان ٿو،

سمورو حوالو توهان کي ڏيان ٿو،

اصل ملڪ منهنجو آ منڇر مياڻي،

۽ تعلقه آ سيوهڻ سڄڻ سو سڃاڻي،

ضلع دادو منهنجو آ دلبر دلارا،

سڻج حال سارو سڄڻ تون سوڀارا،

عمر منهنجي آهي ته اٺٽيهه ورهيه،

شاعريءَ کي گذريا ته اڻويهه ورهيه،

سمجهان ٿو ته هاڻي ڏهون سال آ،

ڇڏيم مياڻي منڇر اهو حال آ،

خيرپور ناٿن شاهه رهان ٿو ته هاڻي،

ڏهون سال آ جو ڇڏي مون مياڻي،

مداحي محمد مٺي جو مان آهيان،

ملاح بچل هي اسم ٿو سڏايان،

آهيان ذات جو مان مٺا ميربحر،

ننڍي کان سڏايان سيد جو ثناگر،

آهيان شاعرن ۾ ته شاعر نڪو،

رڳو نام مدنيءَ جي ۾ آهيان لڪو،

خطا ڪا به ٿي وئي ته معافي ڪجو،

پوري سمجهه ناهي ڍڪڻ پوءِ ٿجو،

قافئه رديف جو ته ناهيان پڪو،

بحر ۽ وزن ۾ مان بلڪل جهڪو،

آهيان مان مهاڻو مهاڻن جي ليکي،

پر سڃاڻي ٿو سڀڪو محمد جي صدقي،

اوهان جون اميدون پڄائي خدا،

جايون شال جنت ۾ ٿيندوَ عطا،

اهو خيال دل تي سدا ياد آهي،

ريڊيو اسٽيشن جا حيدرآباد آهي،

اچان مان به جيڪر ته ايڏانهن ڪاهي،

پڙهان شعر ريڊئي تي دل ساڻ ٺاهي،

غزلن مولودن جا منهن جا مٺا،

تيرهن ڀاڱان ڇپجي ٿيا ڪل ڪٺا،

چوڏهون ڀاڱو هاڻي ڪيئون تيار ٿا،

لکئون نياز نامون تو ڏي يار ٿيا،

اوهان جي وسيلي اتي ڄاڻ ٿيندي،

ڪچهري فتح خان سان هاڻ ٿيندي،

مٺا نياز نامي جو جلدي جواب،

ملاح بچل، کي ڏيو من شتاب،

اسان جو اوهان ڏي انتظار آهي،

متان محب مٺڙا ڇڏيو دل لاهي،

محمد بچل آ توهان جو غلام،

پڙهي پاڪ ڪلمون ڏيان سو سلام.

 -محمد بچل ملاح

محترم مولوي محمد صادق

راڻيپور، ضلعو خيرپور (1955-9-14)

خان صاحب مڪرمي ڊاڪٽر صاحب سلمه،

السلام عليڪم: عرصي دراز کان صاحب جن فراموش ڪري ڇڏيو. واضح هجي ته مرحوم لطف علي شاعر جو مولد ممڪن بهادرپور آهي جو اسٽيشن ادم صحابه ۽ رحيم يار خان کان اٽڪل ڏهاڪو ڪلو ميٽر سفر تي واقعي آهي، پر جيئن صاحب جن لکيو آهي سندن قبر ماؤ (مئو) ۾ آهي جو هڪ تاريخي جهونو شهر آهي ۽ جتي بلند قلعه جوڙايل هئو جو شهيد ٿي چڪو آهي ۽ ڪوٽ سمابهه جي اسٽيشن کان اثناءَ سفر ريل ۾ ڏسجڻ ۾ اچي ٿو اولهه طرف کان. صاحب جن سيف الملوڪ جي تصحيح جي ڪم لاءِ مون کي حڪم ڪيو هو ان بابت ڪهڙو دارو مدار ڪيو ويو آهي؟

علامه غلام رسول صاحب مهر سان منهنجي عرصه کان خط و ڪتابت رهي آهي، خصوصاً جڏهن هو ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ جي تدوين ۽ تاليف ۾ منهمڪ هو. عاجز راقم به نسبتاً ڪلهوڙو (عباسي) آهي ۽ مون وٽ جيڪو مواد ان لاءِ موجود هو کيس وقت بوقت سندن ارشاد بمطابق لکندو رهيس ۽ انهي سلسله ۾ مون پنهنجو شجره نسب به سندن خدمت ۾ عرض رکيو هو ۽ پاڻ ڪيترا دفعه لکيو هوائون ته عاجز راقم جي شجره نسب ۽ موڪليل مواد کي بطور يادگار انهيءَ تاريخ ۾ مناسب مواقع تي داخل فرمايو اٿن. سموري خط و ڪتابت موجود آهي. جيئن ته تازو هڪ خط ۾ تحرير فرمايو اٿس ته سندس مسوده تاريخ کي ڊاڪٽر صاحب نبي بخش خان مطالعه ڪندا، ان بابت تصحيح ۽ ترميم جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي ۽ جلد طباعت ٿيندي، براه نوازش مون کي لکڻ فرمائيندا ته علامه صاحب موصوف جن منهنجي شجره نسب ۽ ٻئي مواد ۽ معلومات بابت انهيءَ تاريخ جي مسوده ۾ ڪٿي ذڪر ڪيو آهي يا نه؟ هان ته ڪهڙو؟


*  مولوي صاحب سان راقم جون رهاڻيون ٿيون، سندس لکيل نبي صلعم جي سوانح وارو ڪتاب مسودي جي صورت ۾ هو. مون خدمت خاطر ڪافي محنت سان ان کي سوڌي سنواري مڪمل ڪيو،جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وارن منهنجي حوالي کان سواءِ شايع ڪيو ۽ دير سان شايع ڪيو. نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org