سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :26

قربان علي قربان

محترم استاد قادر بخش ميمڻ

ميمڻ محله سيتا روڊ، دادو (2003-2-10)

لائق صد احترام ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت و برڪاته، سائين منهنجا اخبارن جي حوالي سان اها معلومات ملي ته وس وارن واسطيدارن صاحبان شاهه لطيف ايوارڊ جو اوهان جي حق ۾ فيصلو صادر فرمايو آهي، جنهن جي اسان کي به دلي خوشي نصيب ٿي آهي. اسان جون الفتون عقيدتون اوهان صاحبن سان آهن، اوهان جون مثالي محنتون ۽ محبتون آهن.

منهنجا سائين! اسان جي طرفان عيدالاضحيٰ جون ۽ ايوارڊ ملڻ جون لک لک مبارڪون.

- استاد قادر بخش ميمڻ

محترم ڪيهر خان لغاري

ڳوٺ پليو خان لغاري (1971-12-29)

برادرم پيارا ڀاءُ ڊاڪٽر نبي بخش صاحب،

السلام عليڪم جي عرض ته هت سڀ خير آهي. اوهان صاحبن ڏانهن به ڌڻي تعاليٰ جي درگاهه الاهي مان دعا گهرندڙ آهيان. آمين.جناب اعليٰ، عرض ته گرلس اسڪول تاريخ 22-10-1971ع تي کليو آهي مگر اڃا تائين ماسترياڻيءَ جو پگهار ڪونه  ڀريو اٿن سو اوهان صاحبن کي عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري هن خط پڙهڻ شرط صاحبياڻيءَ کي فون ڪندا ۽ کيس تاڪيد ڪندا ته پگهار ڀري ته اوهان صاحبن جو احسانمند رهندس.*

سائين هن ۾ سستي نه ڪندا، وڌيڪ رحم جي نظر ڪندا. اميد ته خوش خورم هوندا. اسان اوهان کي هر وقت دعا ڪري رهيا آهيون ٻيو سائين استاد ويچارا مورين تي پيا آهن. اوهان انهن لاءِ ڪو بلو ڪندا. ڊائريڪٽر صاحب کي چوندا. استادن کي ڏاڍي تڪليف آهي.

- فقير ڪيهر خان لغاري

محترم سيد گل محمد شاهه

شهدادڪوٽ ضلع لاڙڪاڻو(1990-12-7)

عزت مآب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم: اميد ته خيرت سان هوندا.

سائين، اوهان جي خدمت ۾ جڏهن کان وٺي خط جي ذريعي رابطو شروع ٿيو آهي، تڏهن کان وٺي اوهان سان محبت ۾ نهايت اضافو ٿيو آهي.

        هن خط ۾ اوهان جي خدمت ۾ هڪ خوشخبري رکڻي آهي, اها هيءَ ته، سنڌي حروف لهجي مطابق 52 اکرن تي مشتمل هڪ نعتيه ديوان 17 نومبر 1990 تي لکي پورو ڪيو اٿم. ڪجهه اهل علم حضرات جو خيال آهي ته سنڌي 52 اکرن تي مشتمل نعتيه ڪلام جو ديوان، پهريون ڪم آهي. اوهان کان رهنمائي حاصل ڪرڻي آهي ته ڇا واقعي هي پهريون ڪم آهي. ان کان علاوه انهيءَ ديوان جو مختصر يا مفصل مقدمو به جيڪڏهن اوهان لکو ته اهڙو احسان ڪڏهن به وساري نه سگهندس. پورو مواد فوٽو اسٽيٽ ڪري موڪلي سگهان ٿو. اميد آهي ته اوهان خط جي ذريعي آگاهه ڪري منهنجي خوشين ۾ اضافو ڪندا ته مان اوهان جو هميشه احسان مند رهندس.

- سيد گل محمد شاهه

محترم نواب گل محمد خان

ڪوٽ لاشاري (1972-6-9)

برادرم محترم عالي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم و بعد: اوهان جو خط مليو ۽ اکرين رپيا پنج سئو پهتا. توهان جي عنايت جي مهرباني ۽ اسان انهيءَ مٺائي ۾ خوش آهيون. ٻئي ڪنهن به هنڌ قلمي ذخيرا ڏيڻ نٿو چاهيان ڇو جو توهان منهنجا عزيزن وانگر مٽ آهيو ۽ پراڻا دوست به ٿيو. هن وقت توهان جيڪي پئسا موڪليا انهن مان گهر جو خرچ ۽ اناج  وغيره ورتو سون ۽ باقي بچت پئسا بابا سائين علاج لاءِ دادو اسپتال ۾ داخلا لاءِ کڻي ويو آهي، ۽ اسپتال ۾ بابا سائين داخل ٿيل آهي. توهان پکين جي ڪتابن جي باري ۾ لکيو آهي ۽ اميد آهي ته بابا سائين چيو آهي ته مان علاج ڪرائڻ بعد مان پاڻ ٻه ڪتاب کڻي توهان سان ملي ويندس. ٻيو ته بابا سائين اميد ساري وري به هن ماڻهو جي هٿان ٻه قلمي قرآن شريف موڪلن ٿا هي قرآن شريف اندر ڪوٽ جي مائي صاحبن جي پڙهڻ جا هئا پر غريبي حال جي ڪري وري به هن ماڻهو جي هٿان موڪلجن ٿا ۽ مائي صاحبن جو چوڻ آهي ته اسان جي غريبي کي ڏسي اسان ڏي چڱي مٺائي موڪليندا جو اسان جي ڪوٽ ۾ پاڻيءَ جي تنگي آهي. انهيءَ مٺائي مان ڪوٽ ۾ نلڪو لڳرائينداسين. بابا سائين جي چوڻ سان توهان ڏي هن ماڻهوءَ جي هٿان قلمي قرآن شريف ۽ خط لکي موڪليون ٿا، مهرباني.

- نواب گل محمد خان

محترم گل محمد ڪنڀار

ڪاري موري حيدرآباد، مؤرخ 17 جنوري 1977ع

بخدمت جناب محترم قبله سائين نبي بخش خان صاحب،

السلام عليڪم گهڻن نيازن ادبن بعد عرض ته قبله سائين اوهان صاحبن جو وڏيون همدرديون جيڪي هن ناچيز سان ڏک واري موقعي تي اوهان ڪيون. سائين، چوويهن پهر لاءِ به اوهان صاحبن کي تمام ياد ڪيو ويو پر پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اوهان صاحب واپس هليا ويا. دلي آرزو اها هئي ته ماني (چاليهي) جي تاريخ به اوهان صاحبن جي صلاح سان مقرر ڪجي ها قبلا سائين والد مرحوم جي ماني ( چاليهي) جي تاريخ فيبروري 1977ع مطابق 1397هه 16 آچر رات ڀائرن مقرر ڪئي آهي، هن خادم کي اميد آهي ته اوهان صاحب هي پنهنجو موقعو ڄاڻي ضرور شريڪ ٿيندا.*

ڇاڪاڻ ته اوهان صاحبن جو هجڻ تمام ضروري آهي، جيئن پهاڪو آهي ته هڪ رانجهو لکان دا مٽ. اوهان صاحبن جي اچڻ سان ائين سمجهندس ته اسان وٽ ڪل ڀائر ۽ دوست آيا. اوهان صاحبن جي صلاح مشوري جي به سخت ضرورت آهي مگر ٿوري پري ( اسلام آباد) ٿي پيا آهيو، هن ناچيز جو پهچڻ مشڪل آهي. اچڻ جي عنايت ڪندا.

- خادم گل محمد ۽ صابر علي

محترم گل محمد شيخ

24اپريل 1946ع

برادرم عزيز نبي بخش،

بعد از اسلام عليڪم عرض ته توهان جو نوازش نامو گهڻن ڏينهن کان پهتل آهي پر جواب پيش رکڻ ۾ فقط انڪري دير ٿي جو امتحان بلڪل نزديڪ ۽ ڪتابن کان سواءِ ٻي ڪم تي دل ئي نٿي لڳي ۽ وقت به نٿي مليو. هاڻ الله الله ڪري گذريل خميس تي امتحان خير جو پورو ڪري آيا آهيون ۽ وڃي ڪجهه پيٽ ۾ ساهه پيو آهي. امتحان ۾ بفضل باري تعاليٰ چڱو ڪيو آهي ۽ اميد ته ڪاميابي حاصل ٿيندي. انشاءَ الله.

گڏهه ڀٽاري جي ته ڪابه خبر ئي ڪانهي، روز ان طرف ڪن آهي ته ڪڏهن ٿو محترم (مولابخش) سانگي وٽان ڪو اهڙو نياپو اچي. هتي اسان ته ان لاءِ اڳ ۾ ئي ڪافي بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. پروپاگننڊا کي کڻي پڪڙيون اٿئون جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته گهڻن جي دلين ۾ ان ڪارگر پر بدنام جانور جي ديدار جو اشتياق آهي. هتي به ٿورن ڏينهن کان گرمي وڌندي رهي ٿي. ان طرف (علي ڳڙهه) ته سخت گرمي هوندي ۽ ان سان گڏ وري مڇرن جي ڀون ڀون. توهان به شايد جون ڌاري ڪراچي واپس ايندا ۽ پنهنجو به اتي ملڻ ٿيندو. سرمي جي يادگيري لاءِ توهان جو شڪريه.*

اها شيشي اڃا مولابخش وٽ آهي جا هاڻ آئون کڻي ايندس يا ان کان گهرائي وٺندس. مهرباني. سلام ساري سنگت جا رسن.      

- خاڪسار، گل محمد

...........2..........

 خط مؤرخ 5 مئي 1968ع، ڊيپٽي ڪمشنر ضلعو ٺٽو،

ادا سائين،

اسلام عليڪم عرض ته گهڻن ڏينهن کان پوءِ اوهان جي اڌ ملاقات (خط ذريعي) نصيب ٿي، واقعي ورهين جا وڇوڙا لحظي ۾ لهي ويا. اميد دل کي سرهائي بخشي ته هاڻي جلد روبرو ملاقات ٿيندي ۽ ويهي چار چونڪ ڳالهين جا ڪري دل کي وندرائبو. اوهان سچ لکيو آهي ته دل ۾ اهي ساڳيا پيار ۽ محبت جا جذبا آهن پر ڪجهه زماني جي گردش ۽ ڪجهه پنهنجن خفن کان فرصت ئي نٿي ملي جو کڻي ڪاغذ ۽ قلم رستي ئي ٻه چار ڳالهيون ڪجن. حيدرآباد جي قيام جي دوران به ڏاڍو عجب ۽ حسرت ٿيندي هئي ته ايترو وقت نٿو ملي سگهي جو رڳو کڻي فون تي گهڙين کن لاءِ روح رهاڻ ڪجي. فون تي به تڏهن ڳالهائڻ ۽ خوش خير عافيت جو موقعو وٺبو هو جڏهن ڪنهن ڪم جي ڳالهه ڪرڻي پوندي هئي. نه رڳو اهڙو حال پنهنجو ٿي ڏٺم پر سڀني سان اهائي ويڌن پي محسوس ڪيم. خبر ناهي ته ڪهڙي ڪوريئڙي جي ڄار ۾ سڀ ڦاسي ويا آهيون. الله جا لک احسان آهن جو هن گنهگار کي صبر نصيب ٿيو ۽ وري هتي سهولت واري جاءِ به ملي. اهي سڀ اوهان دوستن جون دعائون آهن. اوهان کي موقعي جو انتظار آهي، اسان کي وري اوهان جو انتظار آهي ته ڪڏهن ٿا اسان جي اڱڻين اچو.

 

- نياز مند، گل محمد

محترم لال سنگهه اجواڻي

مهيم، ممبئي، 1963-7-8ع

دوست مهربان سدائين خوش هجو،

اڄ اوهان جو پارسل مليو، جنهن ۾ ٻه ڪتاب سوکڙي طور موڪليا اٿو. هڪ شاهه عنايت جو ڪلام ٻيو سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ. پويون ڪتاب اڳيئي منهنجو ڏٺل آهي، انهيءَ جي جواب ۾ هڪ ڪتاب ڪنهن نوجوان جو لکيل به پڙهيو اٿم.

اوهان کي جيڪا لگن آهي، سنڌي ادب جي شيوا ڪرڻ جي، تنهن لاءِ جيتري به مبارڪ ڏجيوَ سان ٿوري آهي. مون کي به فخر آهي ته ٽيهه سال اڳ اوهان جهڙي وفادر شاگرد سان ميلو ٿيو.*

شاگرد اوهين به استاد کان اڳ ۾ قدم وڌائندو ويندو ۽ اوهان جهڙي رفتار سان وڌي رهيا آهيو سا تحسين جوڳي آهي. اوهان جي سوکڙيءَ لاءِ تههِ دل شڪر گذار آهيان. ٻيو ڇا چوان؟

 

- بندهه، لال سنگهه اجواڻي

محترم لطف الله بدوي

شڪارپور (1958-10-20)

محترم مڪرم،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، ڪيترن ڏينهن کان خيال هو ته اوهان کي پنهنجي متعلق ڪجهه عرض ڪريان، پر انديشو پئي ٿيم ته شايد منهنجو عرض گران نه گذري. پر اوهان جي علم نوازي ۽ ادب دوستي همت ڏياري اٿم ته پنهنجي ڪيفيت اوهان کي گوشگذار ڪريان. مان 4 جولاءِ تي رٽائر ٿي پنهنجي گهر ۾ مقيم آهيان. الحمدالله انساني حيات پنهنجي منزلن تان نهايت خاموشي سان گذرندي رهندي آهي. هڪ پاڙهڻ واري جي زندگي جون گهرجون نهايت ساديون ٿين ٿيون، نه اڳ عيش جي حياتي گذاري هيم، نه وري هاڻي گذارڻ ٿو گهران. مگر مسلسل چئن مهينن کان، عسرت تڪليف دِهه ٿي پئي آهي. خبر نه آهي ته پينشن ڪڏهن ملي. انڪري مجبوري، هن ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو آهي ته توهان ڏي رجوع ٿيان. يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾، جيڪڏهن مون کي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ته مان پنهنجي پورهئي سان جيڪر فراغي حاصل ڪريان. مگر هي منهنجي منزل، اوهان جي مهرباني ۽ ڪرم نوازي بغير ملي ئي نه سگهندي.

        ڪجهه عرصو اڳ، محترمه حسام الدين شاهه کي مون عرض ڪيو هو ته اوهان کي منهنجي عرض بابت آگاهه ڪري. مون کي خبر نه آهي ته هُن مونتي اها مهرباني ڪئي آهي يا نه؟

        بهرحال، مان پنهنجي حاجت روائي لاءِ اوهان کي لکڻ ئي بهتر سمجهيو آهي ۽ هن اميد سان ته اوهان جي قدر داني ۽ علم نوازي اوهان کي متاثر ڪري ته منهنجي خدمتن کي قبول ڪريو، ڇو ته  هي سڀ خدا ڪارڻ آهي ۽ لايضيع الله في الدارين  اجرالمحسنين جي فرمودي موجب، اوهان من ڪرم فرمائي جي ڪارنامي سبب پنهنجي آرزوئن ۽ تمنائن ۾ زياده شگفته ۽ شاداب بڻجي وڃو. مون کي اها ته دعويٰ نه آهي ته اوهان جي علمي ڪارنامن ۽ ادبي ڪاوشن ۾ مان رفيق ڪار رهي سگهان، مگر مقلد ڪار رهي سگهندس. منهنجي ڪوشش اها رهندي ته مان پنهنجي محنت لاءِ اوهان کان تحسين حاصل ڪندو رهان، مون کي اوهان جي ذات حميده ۾ اميد آهي ته منهنجو عرض رايگان نه ويندو.

 -لطف الله بدوي

.......2.......

 مورخ 20 مئي 1964ع، شڪارپور

بخدمت مخدوم مڪرم من،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، هن کان اڳ لفافو عرض رکي چُڪو آهين، مگر ان جو جواب نه مليو آهي. جنهن جو انتظار اٿم. اميد ته خدا جي فضل سان خوش ۽ خورم هوندا. تازو شيخ اياز جو ڪتاب ’ڪاڪڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ کي پڙهيم، جنهن ۾ اوهان لاءِ ڪي گستاخا نه لفظ لکي ويو آهي، سندس ديوانگي، سندس بيوقوفي سان گڏ روز افزون ٿيندي ٿي وڃي. افسوس جو سندس ساٿين جي بيوقوفي جهڙي ساراهه کيس هن منزل تي پهچائڻ جي مجرم آهي.

مون کي اڃا تائين يونيورسٽي کان ڊسمبر 63ع جو معاوضو نه مليو آهي. اميد ته جواب کان ياد ڪندا. والسلام.

- لطف الله بدوي

محترم خاڪسار لعل بن يوسف

سالار شهر حيدرآباد (12 جون 1946)

جناب محترم بلوچ نبي بخش خان،

السلام عليڪم و رحمت الله، عرض ته هت سڀ خير آهي خداوند و الجلال توهان ڏي به خير ڪيو هوندو، ديگر حال ته توهان جي خدمت ۾ محترم علي محمد خان کي موڪلي رهيو آهيان، محترم مذڪور منهنجو عزيز آهي هن سال مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو اٿس، هن جو خيال آهي ته هو اين. اي ڊي ڪاليج ۾ داخل ٿئي، هي هڪ هوئڻ هار ڇوڪر آهي، توهان جو فرض آهي ته توهان هن جي هر ڪا جائز مدد ڪريو هن کي پهرين صرف لاجنگ بورڊنگ جو انتظام عمده نموني ڪري ڏيندا، خرچ هي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

- لعل بن يوسف

محترم لڇمڻ خوبچنداڻي

ڊيڪن ڪاليج پونا، انڊيا (1958-12-13)

پريه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب،

هتي پوني ۾ مسٽر هري دلگير وٽان اوهان جي واقفيت مليم ۽ معلوم ٿيو ته اوهين اتي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا جي ڪم ۾ ڪافي دلچسپي وٺي رهيا آهيو. ان ڏس ۾ اوهان سان ضروري صلاح مصلحت ڪرڻ جي خواهش اٿم. اميد ته تڪليف وٺي ان ڪاريه بابت گهربل احوال مٿين ائڊريس تي موڪلڻ جي مهرباني ڪندا.

مان هتي راڪفيلر فائونڊيشن جي Language Project جي سايع (سايه) هيٺ ڊيڪن ڪاليج ريسرچ انسٽيٽيوٽ پوني ۾ Modern Descriptive Linguistic Scince جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا ڪرڻ لاءِ ٽرينگ وٺي رهيو آهيا، ۽ هتي مشهور آمريڪن ڀاشا وگياني....... ڊاڪٽر فيئر بئنڪنس جي هدايت هيٺ پونا يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪرڻ لاءِ Descriptive Analysis of Standerd Colloqual SINDHوشيه تي کوجنا ڪري رهيو آهيان. ايندڙ سال جولاءِ مهيني ۾ مان پنهنجي ريسرچ انسٽيٽيوٽ طرفان ان وشيه بابت ٻن سالن جي وڌيڪ ٽريننگ حاصل ڪرڻ جي مقصد سان آمريڪا وڃي رهيو آهيان.

 Ph.D in linguiticsجي وشيه موجب پڙهيل ڳڙهيل سنڌين جي عام ڳالهه ٻولهه ۾ ڪتب ايندڙ سنڌي ٻولي (Spoken language) وچولي اڀ پاشا (Vicholi Dialect) جو لنگئسٽڪ سٽڪ گرامر لکڻ جي ويچار اٿم. اميد ته خط جو جواب جلدي ڏيندا.

 

- لڇمڻ خوبچنداڻي

محترم حاجي محمد عالم خاصخيلي

ڪريانه مرچنٽ سرهاري (3 آگسٽ 1977)

بخدمت عاليشان جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

بعد السلام عليڪم جي عرض ته بنده طرف سڀ خيرت آهي اميد ته ايڏانهن به الله تبارڪ تعاليٰ جي مهرباني سان سڀ خير هوندو. سائين جن جا ٻه خط مليا، پڙهي احوال کان واقف ٿياسون. سائين توهان سڪن جي باري ۾ پڇيو آهي ته سڪن جو خاص خيال رکندا. انهيءَ جي لاءِ هي عرض ته جيڪي سڪا ۽ زيور هئا سي مون سائين جي آڏو اچي حاضر ڪيا ۽ باقي صرف چار داڻا مون پاڻ وٽ رکيا آهن. اهي هڪ فيروز شاهه ۽ هڪ محمد شاهه باقي ٻه آهن، جن جا اکر شايد هندي ۾ آهن. اهي تحفه طور مون پاڻ وٽ رکيا آهن. جيڪڏهن انهن جي ضرورت پوي ته مان خوش ٿي کلي سائين جن جي قدمن ۾ اچي اهي حاضر ڪندس ۽ جيڪي مڻيا مون توهان کي ڏنا هئا انهن جي باري ۾ سائين جن مون کي ڪين ٻڌايو ته اهي ڪهڙي ڪم ۾ اڳي ايندا هئا. سڪن جي لاءِ سائين جن کي عرض ته ان ساڳئي ٻني ۾ همراهه هر ڪاهي رهيا آهن اميد ته وڌيڪ سڪا اتان هٿ ايندا. ڇو جو ٺڪراٺ گهڻو نڪري ٿو باقي هڪ مٽ مون وٽ رکيل آهي اهو به سائين جن کي ڏيکاريو هوسون.

- حاجي محمد عالم خاصخيلي

.........2..........

خط مؤرخ 10 فيبروري 1974ع

بخدمت جناب بلوچ صاحب سدا سلامت خوش هجو

اسلام عليڪم: اميد ته باري تعاليٰ جي رحم و ڪرم سان خيريت سان هوندا.

مطلب ته اسان کي نهايت گهڻي خوشي ٿي. جو توهان کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي. اسين ننڍڙا ۽ اڀرڙا دوست توهان جي لاءِ هميشه دعاگو آهيون، توهان کي لک لک مبارڪو هجن.

اسين انهي خوشي جي موقعي تي توهان سائين جن لاءِ سنڌ جي پراڻي تهذيب جا چند سوکڙيون پيش ڪنداسون اسان کي توهان سان ديدار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. توهان جو دعاگو

- حاجي محمد عالم خاصخيلي

محترم حڪيم مولوي محمد معاذ

نواب شاهه، خط مؤرخ 8 جنوري 1946ع

محترم اسلام عليڪم

خط لکيو اٿم ته اميد ته مليو هوندو. جان محمد خان ڳوٺ روانو ٿي ويو، هن کي خيال هو ته موٽر لاري هجي، پر اسان جي حالت جي خبر اٿوَ، مون هن کي هڪ سئو رپيا ڏنا آهن هن کي چيم ته ٽانگو ملي ته ڪندا، هن به چيو ته ٽانگو ڪندس. ڏهه رپيا روزانو جي حساب سان ٽانگ ڪيو اٿس. ان لاءِ عرض آهي ته فقط ٻه ڏينهن لاءِ اوهان اچي ڪم سنڀالي ويندا ته مهرباني ۽ جان محمد خان کي به چوندا ته آئون غريب آهيان ان آهر خرچ ڪرائي. پر اوهان جو اچڻ ضروري آهي.*

- معاذ

......2.......

• مؤرخ41-7-24نوابشاهه

 محترم اسلام عليڪم

اوهان جو لفافو اڳ ۾ 19 جولاءِ مليو ۽ 19 جولاءِ تي پير صاحب هت هو. اوهان جي درخواست 41-7-22 جي پهتي. اڄ ڪاغذ نوشهري پير صاحب  وٽ ويندا. اسڪالرشپ ضرور منظور ٿيندي. پير صاحب کي پاڻ گهڻو خيال هو. مون کي پاڻ چيائين ته تار ڪر ته پاڻ ئي درخواست موڪلي ڏي جيڪڏهن يونيورسٽي بند آهي. پر خير اوهان دلجاءِ ڪندا. ڪم ٿي ويندو. طبيه ڪاليج ۾ اوهان حڪيم عبدالطيف صاحب وائيس پرنسپال سان ملي دريافت ڪندا ته ڪيترو ڪورس آهي. مون حڪيم عبدالمعيد صاحب پرنسپال تڪيل الطب ڪاليج لکنؤ کي لکيو هو ته انور لاءِ حڪيم عبدالطيف صاحب کي سفارش ڪري. شايد هنن صاحب به چيو هوندو، منهنجي نالي به کيس چوندا ته تڪميل الطب جو سند يافته آهيان، کانئس صلاح پڇندا ته ڪيترو خرچ آهي ۽ قوائد ڪاپي هجي ته موڪليندا. – معاذ

..........3.........

• خط مؤرخ 8- آڪٽوبر 1934ع

مڪرمي اسلام عليڪم گرامي نامه مليو ياد آوريءَ لاءِ شڪريه هت به عيد 2- آڪٽوبر ڇنڇر ڏينهن ٿي آهي، اوهان جي همت تي مون کي خوشي ٿي آهي. الله تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندو. سنڌ عربن جي ماتحت ان جو مواد جڏهن ( علي ڳڙهه مان)هت اچو ته پوءِ پير صاحب جهنڊهه واري کي ڪتبخانه ۾ ڏسنداسون. تاريخ خطيب بغدادي ۾ ڏسجو. ان جو نسخو طبع ٿي ويو آهي پير صاحب جي ڪتب خانه ۾ پروفيسر کرنکو جو فوٽو بلاڪ نسخه ۾ مصر ۾ طبع ٿيل ٻئي موجود آهن.

- معاذ

.........4..........

• مؤرخ 22 آڪٽوبر 1943ع، نوابشاهه

مڪرمي اسلام عليڪم خط پهتو ياد آوري لاءِ شڪريه

انور طبيه ڪاليج لاهور ۾ ٻئي سال ۾ پڙهندو آهي، مگر هن وقت هت آهي. 2 طبيه ڪاليج لاهور ۾ طبيه ڪاليج دهلي چڱا آهن. دهلي ۾ هڪ ڪاليج جامع طبيه آهي ان جي تعليم ٻه سال آهي باقي ٻين سڀني ۾ لاهور ۾ 3 سال، دهلي ۾ 4 سال، علڳڙهه سڀني کان بهتر آهي. پر عرصه تعليم زياده آهي، لاهور جي تعليم به چڱي آهي. خرچ ماهوار پنجاهه رپيا ايندو. پر جيڪڏهن شاگرد ميٽرڪ پاس هوندو ته هٿ پير هڻندو ته خانگي وقتن ۾ روزگار به ڪري سگهندو. اوهان چڱي صلاح ڏني آهي ڇو ته سنڌ ۾ طبي ايڪٽ پاس ٿي چڪو آهي جلد عمل ۾ ايندو. ان جون ٻه ميٽنگون ٿي چڪيون آهن. جيڪڏهن سنڌي طب پڙهيل هوندا ته آئينده هو پاڻ لاءِ روزگار چڱو حاصل ڪري سگهندا ۽ طب جي خدمت به ڪري سگهندا.

- معاذ

محترم مختيار قاضي

سنڌي شاگرد تنظيم، ڪراچي يونيورسٽي (10 جون 1969ع)

جناب محترم ڊاڪٽر صاحب،

سنڌي ادبي سوسائيٽي ڪراچي يونيورسٽي طرفان حسب المعمول هن سال به هڪ ادبي ۽ علمي ميگزين شايع ڪيو وڃي رهيو آهي ڏيڍ سئو صفحن تي مشتمل هي ميگزين سنڌي ۽ انگريزي ۾ هوندو. اسان جي انتهائي ڪوشش آهي ته ميگزين جو ادبي معيا اعليٰ ترين هجي ۽ هن ۾ بهترين مقالا، مضمون، ڪهاڻيون، بيت ۽ شعر هجن، ان ڏس ۾ اوهان کي عرض آهي ته پنهنجو تازو ترين مقالو يا مضمون موڪلي اسان کي شڪريه ادا ڪرڻ جو موقعو ڏيندا.*

- مختار قاضي

محترم محمد رحيم مهر

ايڊيٽر الفقراءَ، سانگهڙ (31 آگسٽ 1968)

بخدمت عالي جاه ڊاڪٽر نبي بخش صاحب سلامت

اسلام عليڪم: احوال خيريت، عرض ته اسان پنهنجي عقيدت ۽ دلي محبت سبب حضرت قبله مرشدنا پير سائين علي گوهر شاهه المعروف اصغر بادشاهه جي ڪلام جو ڏينهن مورخه 68-9-2 تي شهر سانگهڙ ۾ ملهائي رهيا آهيون جيئن ته انهيءَ مجلس ۾ سائين جن جو هئڻ ضروري سمجهون ٿا براءِ ڪرم سرداري ڪري ان موقعي تي اچڻ فرمائيندا ۽ مجلس کي پنهنجي اعليٰ عقل ادب ۽ فيض سان سرفراز ڪندا ته جماعت اوهان جو دعاگو رهندي. اميد ته هي دعوت نامو درجه قبوليت حاصل ڪندو. پروگرام وقت رات 8 بجي رکيل آهي. پر اوهان اڳ ۾ ايندا ته باعث خوشي جو ٿيندو اميد ته آمد جو اطلاع ڏيندا.*

-  محمد رحيم مهر

محترم مفتي محمد رحيم صاحب

مهتمم جامعه راشديه، درگاهه پاڳارا

مخدومي استاد مڪرم سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب

اسلام عليڪم

عاگو ٿي عافيت طلبي ۽ التماس دعا سان گڏ مودبانه گذارش ته محترم عبدالرحمان هٿان ڪتاب ”پيارن جا پيغام“ پهتو، اوهان اسان جهڙن ڪجهه به نه لائقن کي علم ۽ پيار جي عزت سان سرفراز فرمائي ڪرم ڪيو. ڪريم ائين ئي ڪندا آهن. مان ڪهڙن عنايتن جو شڪر ادا ڪيان! رهاڻ هيرن کاڻ، گوشه بلوچ، حر تحريڪ، پيارن جا پيغام پهتا، اوهان عبدالجبار صاحب جي تصنيف ” ڊاڪٽر بلوچ“ دستخط ڪري موڪليو.

”پيارن جا پيغام“ ۾ اوهان جي خطن واري حصي ۾ علمي دنيا جي هڪ عظيم ڪهاڻي آهي. ’انزالو الناس عليٰ منازهم‘ جو انداز، عالمن سان گڏ، فولاد فقير ۽ علي گوهر فقير به ماشاءَ الله اوهان جا گرويدا ۽ مخاطب آهن.

منهنجا سائين! اوهان جي علمي شخصيت تي علم وارو ئي لکي، راقم ته ٻه جملا به صحيح نه لکي سگهندو آهي. عالم ته پنهنجي علمي خدمات سان تا قيامت زندهه آهن ۽ زنده رهندا. انتهائي تشڪر سان.

- محمد رحيم

محترم استاد محمد بخش سومرو ۽ خادم حسين عباسي

خانقاهه فقير محمد يوسف، شهر اڳڙا (25 جنوري 1976ع)

بخدمت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سدا سلامت

اسلام عليڪم: اوهان جو رجسٽرڊ پارسل پهتو، اسان ڏاڍا خوش ٿياسون ۽ آئندهه به اهڙي عنايت جو اوسيئڙو رهندو.

سائين منهنجا اسان جيڪو (يوسف فقير جي ڪلام جو) متن تيار ڪري رهيا آهين، ان ۾ اسان مختلف پڙهڻيون ڏئي رهيا آهيون ۽ نسخن جي ليکڪن جا پڻ مخفف نالا ڏنا آهن.

اسان ڄاڻون ٿا ته سرڪاري نوڪري اوهان کان پنهنجو وقت طلب ڪري رهي آهي تنهن هوندي به آس اٿئون ته اوهان ڪجهه نه ڪجهه وقت بچائي اسان کي رهيل مواد پنهنجي ڪتابن ۽ نوٽ بڪن تان اتاري ڏيندا اهڙي عنايت کان اسان اوهان جا نهايت شڪر گذار رهنداسون.

اسان جو خيال ۽ ڪوشش اها آهي ته جيئن فقير صاحب جو ڪلام وقت سر سموهي سيڙهي اشاعت هيٺ آڻيون. سائين جن سدا سرها هوندا.

- محمد بخش سومرو ۽ خادم حسين عباسي

محترم محمد صديق ميمڻ

ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد (6جون 1938)

محبيم ميان نبي بخش صاحب

توهان جو خط پهتو، خوشي جي ڳالهه آهي جو اوهين سنڌي ادب سان ايتري دلچسپي ڏيکاريو ٿا نه ته منهنجو آزمودهه آهي ته ڪن جزوي دوستن کان سواءِ ٻيا سڀ بي پرواهه آهن.

توهان جي خيالن سان آئون بلڪل متفق آهيان، پر موجودهه حالتن کي به منهن ڏيڻو آهي. خالص علم ادب جا ڪتاب ٿورن ميمبرن کي پسند اچن ٿا نه ته گهڻي گهر مذهبي ڪتابن جي آهي. تنهن ڪري هر هڪ اڌ علم ادب تي ڪتاب شايع ڪجي ٿو. خاص ننڍن ٻارن ۽ زالن لاءِ لکيل آهن، ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ ڪوبه لٽريچر ڪونهي جهونا ابوالحسن جي سنڌي وارا ڪتاب هن وقت پڙهڻ ۾ نه اچن تنهنڪري موجودهه ڇاپي ۾ شايع ڪرائجن ٿا.

ادبي تاريخ ۾ جيڪي ڪتاب ڄاڻايل آهن تن مان گهڻا ليٿو ۾ ڇپيل آهن ۽ ملي سگهن ٿا. توهان جي اها صلاح آهي ته انهن کي موجودهه ڇاپي ۾ آڻجي. سمجهو ته بازار ۾ اهي هلندا؟

مهرباني ڪري اوهي به پنهنجي ڪا تصنيف هن غريب انجمن کي بخش ڪندا ۽ تنهن کان سواءِ حلقي ۾ هن کي مشتهر ڪندا.

- محمد صديق

محترم محمد صالح ميمڻ

سپروائيزر پرائمري ايجوڪيشن، سيوهڻ

استاد محترم بلوچ صاحب الله سائين خوش رکيوَ. آمين

 بعد قدم بوسيءَ جي عرض ته اڄ اوهان جي ڪيل تقرير جيڪا اوهان سنڌ يونيورسٽي شاگرد سنگت جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ ڪئي، اخبار ۾ ڏٺم.

سائين منهنجا اخبارن ۾ اوهان جي تقرير جو هوبهو لفظ به لفظ ڏنو ويو آهي. ڪافي زمانو ٿي ويو آهي جو اوهان کي روبرو ٻڌڻ جو موقعو نه مليو آهي، بهرحال گهڙي کن لاءِ تصور ۾ اوهان کي سامهون سمجهيم ۽ ائين محسوس ڪري رهيو هوس ته ڄڻ اوهان روبرو تقرير ڪري رهيا آهيو، سچ ته ڏاڍو محو ٿي ويس، ڇو ته اوهان جي تقرير هميشه وانگر ساده ۽ محبت ڀريل هئي. پڙهندي پڙهندي هڪ هنڌ ائين سمجهو ته دل کي ڄڻ ڌڪ لڳو!! اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. جڏهن اوهان جي هي چيل لفظ نظر کان گذريا ته:

”جڏهن مري وينداسين، تڏهن محسوس ڪندؤ“ سائين منهنجا سنڌ ۾ اڳ ئي قحط الرجال لڳو پيو آهي ۽ چڱن جي چونڊ ٿيندي رهي ٿي. اسان جا مهربان سائين اسان نه رڳو اوهان کي هڪ استاد مگر هڪ شفيق رهبر، سنڌي ثقافت ۽ ادب جو سينگاريندڙ، ايڪڙ ايندڙ، محقق ۽ علم و ادب جو هڪ روشن مينار سمجهون ٿا، جنهن جي تجليات کان اميد ته سنڌ جا ڪيترائي نوجوان علم جي روشني حاصل ڪندا رهندا.

سائين منهنجا انهن لفظن سچ ته تمام گهڻو غم ڏنو. آئينده اهڙا لفظ اگر نه چوڻ پسند فرمايو ته اوهان جي اسان معتقدين تي خاص مهرباني ٿيندي.


* ڳو‎ٺ جعفر خان لغاري ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ اسڪول کولائڻ ( خاص طرح نياڻين جا اسڪول) ۾ ڪيهر خان منهنجو سڄڻ ۽ ساٿي هو. مون کي سندس ڳڻ ڳالهيون اڄ تائين ياد آهن. نبي بخش

*  ٻيڙو فقير سڄاڻ سگهڙ ۽ سالن جو ساٿي هو، بيماري ۾ وفات وقت تائين به حيدرآباد آيس ۽ خدمت ڪيم ۽ ماني تي به آيس- نبي بخش

*  پڪين ڇالين (Trachoma) جي علاج لاءِ وڏي حڪيم فقير حاجي ڄام لغاري سرمو ٺاهيو هو جنهن جي آڌار تي آءُ انٽر کان ايم اي تائين پڙهي سگهيس. دوست محترم شيخ گل محمد ۽ ٻين کي وڏو فائدو ٿيو. آخري علاج منهنجو نيويارڪ ۾ سلفا ڊرگ ذريعي ٿيو- نبي بخش

*  1936ع ۾ جڏهن آءُ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ پهريون سال پڙهڻ ويس تڏهن پروفيسر اجواڻي صاحب اتي انگريزي جو پروفيسر هو ۽ انگريزي پڙهائيندو هو. انگريزي تيز تکي ڳالهائيندو هو، جيڪا مون کي ايترو سمجهه ۾ ڪانه ايندي ئي، پر سندس قابليت جي هاڪ هئي.... سنه 1963ع ۾ کيس ياد ڪندي ڏانهس ٻه ڪتاب موڪليم. بني بخش

* حڪيم صاحب چونڊن ۾ بيٺو هو ۽ مدد گهريائين- نبي بخش

* جواب ڏنو ويو ۽ مضمون”سنڌ جا سورهيه، حرن جا انگريزن سان مقابلا“ ( مشتمل بربيات شادمان مري شاعر) موڪليو ويو. نبي بخش

* * محفل ”جماعت جي راڳ“ جي سڄي رات هلي، فقيرن جي ڇهن ٻارين راڳ ڪيو. مرحوم محمد حيات جوڻيجو ۽ ٻيا گهڻا فقير هن محفل ۾ شريڪا ٿيا. مون کي پهريون ڀيرو جماعت جي راڳ، جي ماهيت معلوم ٿي.- نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org