سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :2

هن کان اڳ قلم ڌڻين جي ڊائريڪٽريءَ تي ٻڌل ”سنڌ“ جي رٿيل خاص نمبر جي لاءِ اوهان کان طئه ٿيل فارم تي گهربل معلومات گهرائي ويئي هئي جيڪا اڃان سوڌو ڪل ئي مانوارا ليکڪ ناهن موڪلي سگهيا. اُهو فارم جيڪڏهن اڃا تائين اوهان ناهي ڀري سگهيو ته جلدي ڀري موڪليندا ۽ پڻ تر جي واقف ليکڪن کي به اسان جي آڌار تي ساڳي گذارش ڪندا ڇاڪاڻ ته هن قومي ڪم جي پوئواريءَ جو ذمو اسان ۽ اوهان تي هڪ جيترو ٿو بيهي. ”سنڌ“ جي رٿيل انهيءَ خاص نمبر کان اڳ ”سنڌ“ جي ڇهين پرچي کي فوري طور تي ڇپائيءَ لاءِ پريس ۾ موڪلڻو آهي.

اوهان کي گذارش آهي ته پنهنجي نئين اڻ ڇپيل تخليق هيٺ ڏنل ائڊريس تي اڄ ئي موڪلي ڏيندا جيئن اوهان جي تخليق رسالي جي زينت بڻجي سگهي. سهڪار جي لاءِ ٿورائتو رهندس.

- انور جوکيو

محترم ماستر ايوب فقير شر بلوچ

پوسٽ آفيس ٺري ميرواهه (1961 – 5 – 20)

بخدمت فيض درجت سنڌي ادب جا پاسبان نبي بخش خان بلوچ،

بعد از قدم بوسيءَ جي عرض ته جنهن وقت فدويءَ کي معلوم ٿيو ته، سنڌي لوڪ ادب جي سلسله جي اسڪيم تحت پهريون پهريون ڪتاب ”مداحون ۽ مناجاتون“ ڇپجي تيار ٿي ويو آهي. تڏهن وڏي هيج سان سنڌي ادبي بورڊ جي بوڪ اسٽال کي ڪتاب جي وي پي ارسال ڪرڻ جو عرض نامون لکي موڪليو ويو. آخر انتظار جون گهڙيون پوريون ٿيون، جو ڪتاب چند ڏينهن اندر پهچي ويو. ڪتاب ڏسڻ بعد جا خوشي حاصل ٿي، تنهنجو بيان جيڪڏهن مختصر لکجي، تڏهن به چڱو خاصو ڪتاب ٺهي پوي.

ڪتاب ڏسڻ سان اسان تي جا حالت طاري ٿي سا هي هئي، جو اسين يڪدم باري تعاليٰ جي درگاهه ڏانهن سر بسجود ٿياسون، ”ته يا خداوندا ته اسانجي ههڙي سنڌي ادب جي معمار کي تون عمر خضري عطا فرماءِ ته جيئن سنڌي ادب لاءِ سندس نيڪ ارادا آهن، تن کي جيئن پايه تڪميل تي رسائي ۽ تا دم زندگي سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي. آمين ثم آمين.

توهان هي ڪتاب تيار ڪري جو سنڌي ادب تي احسان ڪيو آهي. تنهن لاءِ توهان جو احسان لاهي نٿو سگهجي، تنهن لاءِ اسين توهان جا نهايت ٿورائتا آهيون ۽ هن نيڪ قدم کڻڻ ڪري توهان کي مبارڪ باد عرض ڪريان ٿو.

هن ڪتاب جي شروعات وغيره جو ڪوبه پتو نه هيو ته ڪو ڇاپي هيٺ اچڻ وارو آهي، يا سندس مسودو تيار ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن پرو پوي ها ته فدوي ڪي چند مداحون به خدمت ۾ عرض رکي ها. ڇو ته؟ جنهن وقت فدويءَ کي ”لوڪ ادب“ جي اسڪيم جي منظور ٿيڻ جي خبر پيئي. تڏهن از خود ”لوڪ ادب“ جي سهيڙڻ لاءِ ڪوشش ورتي ڪي چند ٻيا دوست به انهيءَ ڪم ۾ چتايم، جي به مونسان هن ڪم ۾ تعاون ڪري چڱو پاڻ ملهائي رهيا آهن. اهو مواد به اميد ته سائين جن جي فرمان تي عرض رکيو ويندو.

هي توهان جو پهريون ”لوڪ ادب“ جي سلسلي وارو ڪتاب مختصر طرح نظر مان ڪڍيو اٿم. جيڪي مداحون ۽ مناجاتون اسان جي پٽ جون هيون. اهي به خاص طرح سان نظر مان ڪڍيون اٿم. جن مان:

1 – قائم فقير جي مداح ڇپيل دراصل حضرت پير سائين سردار شاهه مردان شاهه اول ڪوٽ ڌڻي پاڳاره پير جي شان ۾ آهي، جا کيس قائم فقير ”تليءَ“واري دعوت تي تيار ڪري ٻڌائي هئي. جا توهان هت حضرت علي عليہ السلام جي شان ۾ ڪري لکي آهي، هت توهان هن مداح جون 10 مصراعون ڏنيون آهن، در حقيقت هن ۾ 13 مصراعون آهن جي خود ”ديوان غلام حيدر فقير شر رحه“ مطبوعه منگي پريس خيرپورميرس ۾ به ڏنل آهن. هي رسالو جناب ٻڍل فقير شر بلوچ سجاده نشين غلام حيدر فقير رحه ڇپرائي تيار ڪيو آهي. انهيءَ ئي مداح جي تتبع تي بعد ۾ عمر بخش فقير مداح تيار ڪري پير سائين بادشاهه پاڳاري کي ٻڌائي وڏا انعام اڪرام حاصل ڪيا هئا.

2 – ته جيڪا مينگهو فقير شر ڏانهن منسوب ڪئي آهي، سا در حقيقت فقير سائين غلام حيدر رحه جي چيل آهي. جنهن جون توهان هت 7 مصرائون ڏنيون آهن. دراصل هن جون 12 مصراعون آهن. باقي مداح 2 به جناب فقير صاحب ٻڍل فقير جي چوڻ موجب فقير صاحب مراد علي رحه شر بلوچ جي آهي. هنن لاءِ جيڪڏهن فرمان ٿئي ته واضع طور تي لکي عرض رکيون وڃ. هونءَ به لازمي ائين آهي ته ڪتاب صحيح نموني سان تيار ڪري عوام آڏو پيش ڪيو وڃي. صحيح صحيح ان ۾ پڙهڻيون رکيون وڃن. جيڪڏهن پهرين ايڊيشن ۾ اصلاح آڻي شايع ڪرڻ سان ان ڪتاب جي اڳئين کان زياده مقبوليت حاصل ڪري سگهجي ٿي. اميد ته هن ناچيز جي صلاح سائين جن کي چڱي لڳندي.

هن ڪتاب جي ايندڙ ايڊيشن ۾ جيڪڏهن ڪن مداحن ۽ مناجاتن جو سائين جي اضافو ڪرائين ته بنده کي به پڻ فرمان ڪندا ته جيئن ڪه وڏيري علي بخش خان شر بلوچ ۽ غلام حسين فقير شر جون مداحون جي ٻن ڏينهن جي ڪوشش سان پير مسافر جي قبي مان آئون ڊسمبر 1958ع ۾ اتاري آيو هوس. جن تي لکڻ جي تاريخ نه آهي باقي صرف 1327 هه آهي ۽ ڪي ٻيون مداحون ۽ مناجاتون به اميد ته عرض رکيون وينديون، جي هن ڏس ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هونديون.

از انسواءِ سائين جن فدويءَ کي معلوم ڪرڻ فرمائيندا ته سائين جن هن وقت سنڌي لوڪ ادب جي سلسلي جو ڪهڙو ڪتاب تيار ڪرڻ فرمائي رهيا آهيو ته ان موجب سندس مواد وسعت آهر عرض رکيو وڃي.

”سنڌي لوڪ ادب“ جي ذخيره ڪٺي ڪرڻ لاءِ جيڪي به هدايتون هجن ته بنده به ان موجب تعميل ڪري. ”جيئن هڪ عورت پنهنجي طاقت آهر هيرن جواهرن پاران سٽ جي پاندي کڻي به اچي حضرت يوسف عليه السلام جي خريدارن ۾ نالو شمار ڪرايو هيو. تيئن بنده سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙن جي نالن ۾ شمار ۾ من آخري نمبر ۾ پنهنجو نالو شمار ڪرائي.

آخر ۾ بنده جي گذارش آهي ته جيڪڏهن بنده کان ڪي به گستاخيءَ جا لفظ لکجي ويا هجن يا ڪا ٻي سهو پيئي هجي ته عفو کان ڪم وٺي معاف فرمائيندا ته نهايت ممنون و مشڪور رهندس.

تازو عرض ته هن ڪتاب ۾ هڪ هيءَ خاص ڪمي نظر اچي ٿي سا آهي. ”حضور پاڪ جي اسم مبارڪ يا ڪلمه پاڪ جي آخر ۾ صلي الله عليه وسلم“ جو نه هئڻ جا وڏيءَ ڪمي آهي. اميد ته ايندڙ ايڊيشن ۾ اصلاح فرمائي ويندي.

بنده آخر ۾ پنهنجي مڪمل ايڊريس عرض رکي ٿو، جنهن موجب سائين جن جو هر هڪ ارسال ڪيل فرمان از خود ملندو رهندو. جنهن جي پهچڻ شرط بنده تعميل ڪندو رهندو.

- ماستر محمد ايوب

محترم ڊاڪٽر محمد اسلم سنديلو

(1990 – 2 – 25)

محترم سائين،

السلام عليڪم: اوهان جن جذبات جو ذڪر پنهنجي موڪليل تعزيت واري خط ۾ ڪيو آهي. تنهن لاءِ هي سوڳوار خاندان نهايت ٿورائتو آهي.

سائين، بابا ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هڪ اديب، مفڪر، منتظم، محبت ۽ محنت واري لائق استاد سان گڏ، هڪ شفيق ۽ عظيم پيءُ هو. جنهن جي سٻاجهي ۽ ٻاجهه واري طبيعت ۾ هڪ مڪمل ڪائنات سمايل هئي. وچولي طبقه سان تعلق رکندي، پنهنجي هڙان وڙان ڏئي ڪري هن قحطه الرجال واري دور ۾ جيڪا بابا جن ادب جي شيوا ڪئي، تنهن جو جمود جڳن تائين هن جهان ۾ رهندو. اهو نقصان صرف اسان جو نه، پر پوري سنڌي قوم ۽ ادب جو آهي. جيڪا خلا بابا جن جي اوچتو وڇوڙي تي ٿي آهي. منهنجي خيال ۾، ان کي پُر ڪرڻ لاءِ تاريخ کي وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

ڪجهه ذاتي ۽ ادبي مونجهارن بابت، ڪنهن ٻئي خط ۾ تفصيل سان گذارش ڪندس، اميد ته مايوس نه ڪندا.

- اسلم سنديلو

محترم احمد بخش سولنگي

پوسٽ آفيس جعفر خان لغاري (1976 – 9 – 3)

بخدمت شريف عاليجناب قبله ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: سائين منهنجا! نهايت افسوس سان روشن ٿو ڪريان ته باني عمارت پرائمري اسڪول جناب حاجي مصري فقير اڄ تاريخ 7 رمضان المبارڪ جمع تقريبن 2 بجه ڏينهن جو هن فاني دنيا کي الوداع چئي دارالبقا ڏانهن روانو ٿي ويو. اِنالله وانا اليہ راجعون. هائو منهنجا سائين هي دنيا فاني آهي، بقا صرف الله رب العالمين کي آهي. مگر ڪي انسان پوين لاءِ يادون ۽ نشان ڇڏي وڃن ٿا. اهي مرده نه چئبا.

حاجي مصري فقير مرحوم جون ابتدائي اسڪول لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وسرڻ جون ڪونه آهن. مرحوم پنهنجي معمولي ملڪيت جو به ڪجهه حصو گروي رکي اسڪول لاءِ روم ٺهرائي. ان بعد به اسڪول جي ترقي لاءِ پنهنجي هڙان ۽ وڙان ڪوشش ڪندو رهيو. هر ٻاهرين ماستر سان تعاون ڪيائين. آءٌ ته سندس نهايت ئي ممنون ۽ مشڪور آهيان. مرحوم جو مون سان ته خاص انس هو ۽ سندس ڪيل مهربانيون ۽ احسان ڪڏهن به ڪونه وسرندا. اڄ هو اسان وٽ ڪونه آهي پر سندس ڀلا ڪم هميشه ياد رهندا.

آءٌ مرحوم لاءِ درگاهه انهيءَ ۾ دست به دعا آهيان ته خداوند ڪريم کيس پنهنجي فضل و ڪرم سان بخشي ۽ نيڪن وارو درجو نصيب ڪري. آمين.*                   - ماستر احمد بخش سولنگي

.....2.....

مورخ 22 آڪٽوبر 1973ع، ڳوٺ جعفر خان لغاري

بخدمت ڪرم فرمائي عاليجناب قبله ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: اميد ته خداوند تعاليٰ جي رحم و ڪرم سان بخيريت هوندا.

سائين منهنجا! هاڻ هڪ عرض ڪري رهيو آهيان جو عرضدار کي به رنجيده ڪري ٿو. مگر الله تعاليٰ جي قانون مطابق هر شي فنا ٿيڻي آهي، بقا صرف سندس ئي پاڪ ذات کي آهي.

قدرت جنهن کي جتي ڪري گهڙيون رهائي، عاجز بندو پنهنجي اختيار ۾ نه آهي.

مونکي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪافي عرصو گذريو آهي، جو تمام سهڻي نموني گذريو ويو آهي، مگر هاڻ اجازت سان الوداع چوندس.

جناب عالي! بنده کي پوري ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهوءَ ڏانهن ڪابه شڪوه شڪايت ڪانه آهي. مون تي هر هڪ ماڻهوءَ جا ٿورا ۽ احسان آهن. آءٌ سندس نهايت ئي شڪر گذار آهيان. هاڻ شايد پنهنجي ڳوٺ جو داڻو پاڻي مون لاءِ ختم ٿيڻ وارو آهي.

ڪافي عرصه کان اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته 25 سال سروس وارن اڪثر ملازمن کي رٽائر ڪرايو ويندو. مونکي نوڪري ۾ 25 سالن کان وڌيڪ وقت گذريو آهي. سو گهڻو ڪري اهڙو آرڊر جلد ٿي ويندو. ٻي صورت ۾ از خود اهڙي درخواست ڏني ويندي ۽ بعد صورت پنهنجي ڳوٺ کي قريب قريب خيرباد چيو ويندو.

گهڻو وقت اڳي مون پنهنجي ڊاڪٽر صاحب کي اهڙو عرض ڪري ڇڏيو آهي. ان موجب ۽ سندس والد محترم ۽ سندس ٻئي پوري خاندان جو دلي طرح ممنون ۽ مشڪور آهيان. جن جا اڻ ڳڻيا احسان آهن.*

- ماستر احمد بخش

محترم حاجي اميد علي لغاري

پوسٽ ميرپور پراڻي وايه ميرپورخاص

محترم عزيز رئيس نبي بخش خان بلوچ،

عاليجناب مون ڪي ڪتاب خدمت ۾ اڳ موڪليا آهن، ان سان گڏ خط. ڪتاب موڪلڻ جو مقصد اهو هو ته مونکي سائين جن وٽان ڪجهه علم حاصل ٿيندو. قديم زماني کان لغاري قوم مان تمام ٿورڙا علم جا ڊاڪٽر ۽ عالم ٿيا آهن، انهن پنهنجن کي علم نه پهچايو. اڄ ڪلهه جيترو به افسوس بلوچ قوم جو ڪجي اهو بلڪل ٿورو آهي. منهنجي عمر اڄ 70 ورهيه آهي. سموري زندگي علم ڏيارڻ ۾ گذاري آهي. هن عرصي ۾ ضرور ڪي پنهنجي قوم جا علم پڙهيا مگر مونکي ياد ئي ڪونه ٿو پوي ته اسانجي سرمايه دار بلوچن کان علمي مدد ملي هجي. اوهان ۾ نه رڳو منهنجون اميدون هونديو مگر لغاري قوم کي اميدن سان گڏ فخر به آهي. ڏوراپا ته تڏهن وڌيڪ عرض رکندس، جڏهن سائين جن خط ذريعي زيارت ڪرائيندا. حاصل مقصد هي آهي ته آئون ڪتاب لکڻ ۾ مشغول آهيان تازو محفل مستانه خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو. براءِ نوازش ان بابت تبصرو ڪرڻ فرمائين جيڪڏهين غلطيون آهن ته به درست ٿي ملنديون ته آئون شڪر گذار رهندس.

2. منهنجو ڀاڻيجو محمد حيات لغاري اسانجي مڊل اسڪول ميرپور پراڻي ۾ هيڊ ماستر آهي جنهنکي بي. ايڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي هو اوهان جي اداري ۾ داخل ٿيندو. موجوده حالتن موجب غريبن کي ڪابه اسڪالر شپ ملي ڪانه ٿي، هن بابت باادب عرض آهي ته منهنجي ڀاڻيجي کي توهان پنهنجو حقيقي عزيز ڄاڻي مدد ڪرڻ فرمائيندا.*

- حاجي اميد علي لغاري

محترم احمد علي خان پتافي

ڳوٺ سردار فتح علي خان پتافي (1970 – 6 – 6)

بخدمت عالي شان جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم ورحمته الله و برڪاته، مزاج شريف، طرفين خيريت مطلوب. مودبانه عرض ته، بردارم محمد ذيشان خان حاضر خدمت ٿي روبرو گذارش ڪندو. اميد ته اوهان تڪليف وٺي سندس مدد فرمائيندا ته نهايت احسانمد رهندس.

سردار غلام محمد خان صاحب (مهر) طرفان اسلام مطالع فرمائيندا. والده صاحب طرفان مودبانه اسلام عرض. شيخ اسماعيل ۽ ممتاز صاحب جي خدمت ۾ اسلام عرض.

- احمد علي پتافي

محترم اسد الله ڀٽو

تنظيم نظر و فڪر سنڌ، سکر (1988 – 3 – 28)

واجب الاحترام سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: ادب سان عرض ته لاهور ۾ خود انحصاري واري ميڙي جي موقعي تي اوهانکي ڏسي اکيون آسوده ٿيون. ”ڪل پاڪستان يوم باب الاسلام ڪانفرنس“ ۽ مضمونن جو ميلو 26 تاريخ اپريل 1988ع ۾ قرب ڪري اچڻ لاءِ عرض ڪيو هيم. اوهانجو اچڻ اسان لاءِ صدبار حوصله افزائي ۽ عزت جو باعث بڻبو آهي، اوهان جي ڪمي ائين محسوس ٿيندي آهي جئن ته اصل محفل جو مير ته آيو ئي نه آهي. سادن سودن لفظن ۾ اهو منهنجي اندر جو آواز آهي. اوهان کي اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاءِ نماڻو عرض آهي.

- اسدالله

محترم اي. ڪي. اختر

ويجهو ايمسرداس ڊسپينسري، ٽنڊو محمد خان (1968 – 9 – 7)

بخدمت فيض درجت فيض سان جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم ورحمته الله و برڪاتہ، طرفين خيريت مطلوب!

با ادب استدعا آهي ته حضور جن جي حڪم موجب سنڌي ابوالحسن ۾ ڇاپي رسالي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي کي اڳين ۽ پوين پيجن تان اتاري واپس ڪرڻ لاءِ عرض رکي آئيو هوس.

اميد ته حضور جن مذڪوره ڪم پورو ڪرائي ڇڏڻ فرمايو هوندو. اگر دل تان ياد ڪافي ڪمن سبب لهي ويل هجي، ته نوازش روءِ ڪم جو پورائو ڪرائي ڇڏڻ فرمائيندا، جيئن بنده هفته کن اندر در حضور حاضر ٿي پرائي امانت کڻي اچي واپس ڌڻين جي حواله ڪري!

روبرو بنده پنهنجي شعر ڇپائڻ لاءِ مدد لاءِ عرض ڪيو هو! حضور جن فرمائيو هو ته ڪجهه ترسو! انشاء الله جلد ئي ڪا تدبير سوچي، اوهانجو ڪلام ڇپائڻ لاءِ کنيو ويندو!

رکان اميد ته اُن لاءِ پڻ ضرور ڪا ڳڻ ڳوت ڪيئي وئي هوندي!

اڻ سونهي اڻ ڄاڻ ۽ اڪيلي اُٿياس،

پُٺي پيس پرين جي، جُہ! نيهيءَ نينهن نياس!

اختر اڪنڊ عجيب ۾، ڀيرا ڏئي ڀٽڪياس،

جڏهين وسئون وياس، تڏهين پهتم پاڻهين.

-

جڏهين سرجياس تڏهن نه تڙڪو تن ڏٺو،

وٽي نه پياريائون وه جي، جڏهن آءٌ ڄائياس،

اختر! پُکي پياس، سامائجي، سورن جي.

-

سورن کي شاباس جن پُڄائيس پيچري،

اختر آري ڄام جي اجهي آءُ آئياس،

ٿانئيڪي ٿياس، پهچي آءٌ پنهل کي.

هن خادم لائق ڪار خدمت هجي ته پنهنجو خاص خادم ڄاڻي احوال جي عنايت فرمائيندا.                                        - اختر

محترم اياز حسين قادري

لاڙڪاڻه ( 1965 – 7 – 21 )

محترمي و مڪرمي اديب العصر جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم: اوهان جي وڏي نوازش جو اوهان هن بنده کي ياد فرمايو آهي. آءٌ اوهان جو نهايت شڪر گذار آهيان جو اوهان هر وقت مون تي مهربان رهيا آهيو.

مونکي ياد آهي ته ٺٽي ۽ دادو جي ڪاليجن ۾ چڱي جاءِ وٺي ڏيڻ لاءِ اوهان ڪيتري نه ڪوشش ڪئي هئي. افسوس منهنجي ڀاڳ ڀلو نه ڪيو. سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ايتري خدمت ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجو ڪو قدر نه ٿيو. پويان چڙهي ويا ته مان اتي جو اتي رهجي ويس. شايد منهنجو ڏوهه اهو هئو جو آءٌ سنڌي هوس يا سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ هوس.

جي سونارن لڏيو، ته تون پڻ لڏج سون

قدر ڪندي ڪو نه، گڏيندءِ گڏون سين. (شاهه)

سائين، انهيءَ ايس. ايم ڪاليج مان ٻن سالن جي موڪل ورتي اٿم. ارادو اٿم ته هت رهي پوندس واپس نه ورندس. وري به اوهان جي مهرباني جو منتظر آهيان.

سائين، هت پنهنجي وس آهر ادبي چراغ روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ادبي سنگت (جيڪا صحتمند ادب جي علمبردار آهي) قائم ڪئي اٿسي ان جي سهاري جلد سنڌي لئبريري کولڻ وارا آهيون. الحقيقت (هفتيوار) اخبار شروع ڪئي اٿم ۽ ماهوار ادبي رسالي لاءِ ڊڪليئريشن ڏنو اٿم. اميد ته اهو به جلد اوهان جي هٿن ۾ پهچي ويندو. اميد ته اوهان جي مهرباني هر وقت اسان سان رهندي ۽ اسانکي هر وقت پنهنجو ساٿي سمجهندا.

- اياز قادري

...2 ....

* مورخ 25 آگسٽ 1968ع، 6 ڌڻي رام بلڊنگ، آرام باغ روڊ ڪراچي

محترمي و مڪرمي اديب العصر جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم: اميد ته خوش و خورم هوندا. گهڻن ڏينهن کان شوق اٿم ته ”سنڌي پهاڪا“ ڪٺا ڪريان ۽ ”Anthology of Sindhi“ تيار ڪيان. سنڌي پهاڪن جو اٽڪل پنج هزار کن ذخيرو ڪٺو ڪيو اٿم، پر انکي وڌائي ڏهن هزارن تائين پهچائڻ جو خيال اٿم مهرباني ڪري انهن ٻنهي ڪمن ۾ منهنجي رهنمائي ڪندا ڇاڪاڻ ته اوهان انهيءَ ميدان جا شهسوار آهيو.

- اياز قادري

....3 ....

* مورخ ......... لاڙڪاڻه

محترمه و مڪرم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: منهنجي پاران سنڌي لئنگويج اٿارٽي قائم ٿيڻ ۽ ان تي اوهان جي چيئرمين مقرر ٿيڻ تي دلي مبارڪ قبول ڪندا. اوهان جهڙي لائق ۽ داناء ماڻهوءَ کي اٿارٽي جو چيئرمين مقرر موجوده حڪومت جس کٽيو آهي ۽ سنڌ تي احسان ڪيو آهي. پڪ آهي ته اوهان جي نظرداري هيٺ اٿارٽي جي رٿا جامع هوندي ۽ اٿارٽي سٺو ڪم ڪندي.

- اياز حسين قادري

محترم احمد خان لانگاهه

لاڙڪاڻه ( 28 فيبروري 1943ع)

برادرم عزيز ميان نبي بخش صاحب،

السلام عليڪم: اوهان جو گرامي نامه پهتو. شڪريه. خط ۾ جي لاتعداد دلچسپيون، دل آويز احوال ۽ سبق آموز نڪتا سمايل آهن سي بلا مبالغه لائق ستائش ۽ باعث تفريح آهن. اميد ته آئنده به اهڙي مفصل احوال جي عنايت ڪندا رهندا.

براءِ ڪرم ”ريڊيِنس“ (اخبار) جي مئنيجر کي منهنجي نالي تي به ڪاپين جي موڪلڻ لاءِ چوندا. ايندڙ اشاعت کان موڪلڻ شروع ڪري لاڙڪاڻه لکڻ ۾ ريڊينس وارا غلطي ٿا ڪن اها کانئن درست ڪرائيندا.

اوهان کي اميد ته معلوم ٿيو هوندو ته علي ڳڙهه جي ايل. ايل. بي وارن تان ٽريننگ جي چٽي سنڌ بار ڪائونسل لاٿي آهي. اوهان پنهنجي ادبي ذوق ڏانهن اشارو ڪندي مونکان هڪ واعده جي تڪميل طلب ڪئي آه. ادا سائين حقيقت اها آهي ته روز بروز طبيعت شعر کان متنفر ٿيندي ٿي وڃي جئن جئن شعر جي حقيقت جي پروڙ ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو تئن تئن ان لاءِ حقارت به وڌندي پئي وڃي. نفرت لاءِ جي ممڪن اسباب ٿي سگهن ٿا سي اوهان مونکان بهتر ڄاڻو ٿا. تنهنڪري انهن کي قلمبند ڪرڻ فضول آهي.

دل چاهي ٿي ته اوهان به پنهنجي دلچسپي جيترو ٿي سگهي بتدريج گهٽائيندا رهو. ائين برابر آه ته طبع آزمائي ۽ ادبي تحقيق (نظم جي) ٻه مختلف چيزون آهن مگر ڇتي ڪتي جي چڪ کان سندس گگ وڌيڪ خطرناڪ ٿيندي آهي. شعر چوڻ ۽ شعر سان تعلق رکڻ ڪم و بيش ساڳيا نتائج پيدا ڪري سگهن ٿا.

خاص طرح دور حاضر ۾ هت مهلڪ مرض کان جيتري ڪناره ڪشي ڪجي اوتري بهتر ڇو ته هيءَ اهو موذي مرض آهي جو انسان جي عملي قوت کي ڪالعدم ڪري ٿو ڇڏي. مبالغه آميزي ۽ شهرت پسندي، تعطل ۽ جمود، بيڪاري ۽ بي حسي، ڪامچوري ۽ ياوه گوئي هن مرض جا مخصوص جراثيم آهن.

ازراه بخشش معاف ڪندا، ممڪن آهن مان ڪنهن حد تائين غلط هجان ۽ خواه مخواه اوهان جي جذبات کي ٺيس لڳي. مونکي اوهان جي احساسات لاءِ احترام آهي. هندن جي سنڌي ادب (خاص طرح نظم) جي معيار ۽ مسلمانن جي بي تعلقي ۽ نااهليت کي ڏسندي دل کامي ٿي جنهنڪري هميشه کان اوهان کي همٿائيندو رهندو آهيان ته ڀل اوهان پنهنجي ذوق کي وڌائيندا رهو مگر ساڳي وقت ائين ڪرڻ خطري کان خالي ٿي نه ٿو سگهي ڇو ته نظم جي تحقيق ۽ تدوين اوهان جي عملي قوت کي الائي ڪهڙو اثر پيدا ڪري.

خداي عزوجل اوهان کي قوم ۽ ملت جي رهبري لاءِ اوهان جي موجوده صحيح تخيل ۽ استعداد ۾ اڃا به زياده اضافو ڪري.*

احمد خان لانگاهه

.....2 .....

* مورخ 18 – جون 1941ع گوزه، ضلعو دادو

مشفقم عزيزم پيارا نبي بخش خان،

السلام عليڪم جي عرض ته مونکي نهايت افسوس سان اظهار ڪرڻو ٿو پوي، مون اوهان کي بروقت اوهان جي خط جو جواب نه ڏئي سخت انتظار ۾ وڌو. ليڪن ادا سائين ان لاءِ منهنجو گهڻو قصور ڪونه آهي. اسان جي (علي ڳڙهه) يونيورسٽي سڳوري اسان جي امتحان جي نتيجي جي تاريخ مقرر ڪانه ڪئي آهي. تنهنڪري 1 تاريخ کان روزانو انتظار ڪرڻو پيو ته اڄ يا سڀان ڄاڻ نتيجو نڪتو مگر اڄ تائين ڪابه خبر ڪانه پئي آهي. ههڙي قسم جي مسلسل تشويش نهايت تنگ ڪري رکيو آهي، بلڪ هڪ قسم جي سزا اچي ويئي آهي. اها اسان جي يونيورسٽي جي ڀلائي آهي. گذريل سال اڳئين مهيني ۾ نتيجو نڪتو هو. اسان جو تار لاءِ علي ڳڙهه ۾ بندوبست ٿيل آهي جنهنڪري دوباره تار ڪري پڇڻ به فضول سمجهيو وڃي ٿو. مون خيال ڪيو هو ته اڳو پوءِ نتيجو نڪري ته اوهان کي اهڙي نموني ۾ خط لکيو وڃي. اميد ته منهنجي تفصير کي عفو پروري کان ڪم وٺندي معاف فرمائيندا.

ادا سائين، يونيورسٽي 15 جولاءِ تي کلندي. هتان ڏهين، يارهين تاريخ ڌاري هلڻو پوندو. اجمير رستي هلڻ لاءِ فيصلو ٿيل آهي. ڪنسيشن لاءِ به ڪوشش ٿيل آهي، اوهان جي ڪنسيشن جو انتظام به ٿي سگهندو، تنهنڪري انشاء الله ائين ٿيندو ته اوهان اسان سان حيدرآباد ۾ اچي ملندا جتان گڏجي هلڻ ٿيندو. شروعاتي خرچ هن طرح ٿيندو. 30 روپيه ڪاشن في، 38 روپيه پهرئين مهيني جي في، 15 روپيه داخله في، ٻيو هتان علي ڳڙهه جو ڪرايو. ان کانسواءِ فرنيچر تي به ڪافي خرچ اچي ويندو. يعني اندازا ڏيڍ سو روپيه کڻي هلڻ ضروري آهن. مان گذريل سال سو کن روپيه ساڻ کڻي ويو هوس تڏهن به گهڻي تڪليف آئي هئي تنهنڪري ڪم ازم ڪم سوا سو روپيه هجڻ ضروري آهن.

خرچ ماهيانو ايم اي ايل ايل بي ڪورس وارن جو 38 اٺٽيهه روپيه مقرر آهي. ان ۾ سمورو خرچ يعني ماني ۽ في وغيره اچي ٿو وڃي. علي ڳڙهه ۾ ڪلب سسٽم ڪانه آهي، مگر بورڊنگ سسٽم آهي ان ڪري مانيءَ جو خرچ به مقرر آهي جو يارهن روپيه آهي اهو خرچ سر سيد هال ۾ ٿو اچي مگر ٻيو آفتاب هال آهي، جنهن ۾ ماهيانو خرچ 32 روپيه آهي، مگر ان ۾ جاءِ مشڪل سان ملي سگهي، تنهنڪري اوهان کي ائين سمجهڻ گهرجي ته خرچ اٺٽيهه روپيه ڪرڻو آهي. ان کانسواءِ ناشتي جو خرچ به پنج ڇهه روپيه اچي ٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته مانيءَ جا وقت ٻين ڪاليجن وانگر نه آهن تنهنڪري ناشتي جي خرچ کان ڪنهن به صورت ۾ پاڻ بچائي نٿو سگهجي. ٻيو آهي جيب خرچ، سراسري خرچ ڪفايت شعاري سان ڇهن سون جي اندر اچي ويندو، تنهن  ۾ ريلوي جا ڪرايه، امتحانن جون فيون جي هرهڪ ويهه روپيه آهن يعني ٽوٽل 40 روپيه، اچي ويندا. منهنجو ۽ شفيع محمد جو خرچ ڪفايت هوندي به ستن ۽ اٺن سون جي وچ ۾ اچي ويو، مگر ان ۾ سڀ ڪڇ اچي ويو جيڪا يونيورسٽي مان مدد ملي يا ٻين ذريعن مان مونکي يونيورسٽي مان 15 روپين (ماهيانو) جي ڪنسيشن ملي هئي، باقي ٻين طرحن مان پورائو ڪرڻو پيو.

يونيورسٽي ۾ مدد نهايت تڪليف سان ملي سگهي ٿي، زياده ۾ زياده مدد 10 روپيه ملي سگهي ٿي مگر ان جي حاصل ڪرڻ ۾ انتهائي ذلت پيش اچي ٿي. اسڪالرشپ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪٿان به ملي ٿي ته ان کي يونيورسٽي مان پائي به ڪانه ملندي آهي.

اوهان لوڪلبورڊ اسڪالر شپ لاءِ ڪوشش ڪيو جيڪڏهن اوهان ٽيهن روپين واري اسڪالر شپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته اوهان کي انشاء الله علي ڳڙهه ۾ گهڻي تڪليف پيش نه ايندي.

علي ڳڙهه جي خرچ کي ڇڏيندي اتان جي زندگيءَ تي اچجي. علي ڳڙهه شهر نهايت غليظ ۽ بي ڊولو آهي. شهر ۾ وڃي ڪنهن جي تفريح حاصل ڪجي سوناشدني آهي انڪري زندگي گهڻو بي لطف ٿيو پوي. ازانسواءِ هاسٽل لائيف ۾ ميل جول ۽ سادگي ڪانهي مگر خرچ، اجائي ٺٺ ۽ ڏيکاء واري آهي، جنهن ڪري نون شاگردن لاءِ گهڻو ڪري زندگي تلخ ٿيو پوي. جهوناڳڙهه جي زندگي منهنجي خيال ۾ صد بار سٺي آهي جو اها Corporate آهي. هان هڪ طرح آهي جا علي ڳڙهه جي زندگي جو روح آهي، اها آهي يونيورسٽي جا Functions ڪيترا عاليشان موقعا وقت به بوقت پيا اچن. جنهن ۾ هندستان جا هر قسم جا مسلمان ليڊر وغيره ايندا آهن. ارمان جو مان اوهان جي اڳيان صحيح ۽ سمورو نقشو تحرير جي ذريعي پيش نٿو ڪري سگهان.

هڪ ڳالهه ٻڌائڻ اوهان کي ضروري ٿيندي، علي ڳڙهه مان جيڪي ايل ايل بي پاس ٿا ڪن تن کي بمبئي وارن جيان هڪ سال ٽريننگ وٺڻي آهي، يعني Compulosry هاڻي اوهان جي خواهش اوهان به پنهنجي اصلاح و اضلال کي بخوبي ڄاڻو ٿا. مگر منهن جو شخصي رايو اهو آهي ته ڪيترين خامين هوندي به علي ڳڙهه ڪراچي کان سو بار افضل آهي. ڪراچي جي زندگي اوهان گذاري آهي. علي ڳڙهه ۾ گهڻو ئي ڪڇ نئون ڏسندا (جنهن جو ٻين هنڌن ۾ هجڻ يا ان جو مشاهدو ڪرڻ ناممڪن آهي).

دعا ڪندا ته مان امتحان ۾ ڪامياب ٿيان. اميد ته اوهان به خداءِ عزوجل جي نوازش سان پاس ٿيندا. پاس ٿيڻ کان بعد مان هڪدم ڪراچي ايندس. اوهان مهرباني ڪري پنهنجي آئنده جو پروگرام (يعني بي اي رزلٽ کان بعد جو) هڪدم ورندڙ ٽپال ۾ موڪليندا يا خاطري نه هجي ته گوزه جي ائڊريس تي لکندا رهندا ته اهو مونکي جتي مان هوندس پاڻهي ملندو. ڪوشش ڪري حيدرآباد ۾ ملجي جيڪڏهن ٻئي هنڌ ملڻ نه ٿئي ته ملاقات ڪرڻ سان وڌيڪ تفصيل بيان ڪيا ويندا يا اوهان ٻاهر وڃو ته ڳوٺ اهڙي قسم جي هدايت ڪري ويندا جئن ڪوبه خط اچي ٿو ته اهو اوهان کي اوڏانهن موڪلي ڏين يعني ته انهيءَ جڳهه جي ائڊريس کي ڳوٺ ڏيئي وڃڻ ضروري ٿيندي.

اوهان مهرباني ڪري امتحان جي نتيجي ظاهر ٿيڻ سان ٻئي ڏينهن تي پرنسپال جهوناڳڙهه واري کان ڳوٺ جي ائڊريس تي هڪ سرٽيفڪيٽ گهرائيندا جنهن ۾ صرف اهو ڏيکاريل هجي ته اوهان بهاءُ الدين ڪاليج مان بي اي پاس ڪئي آهي. سرٽيفڪيٽ کانسواءِ علي ڳڙهه ۾ ائڊميشن نه ملندي جنهنڪري انتهائي دقت پيش ايندي.

افسوس جو مرڪزي حڪومت تحريڪ تي پائبندي وجهي مظلوم خاڪسارن جي دلسوزي ڪئي آهي. دل ۾ درد آهي ان کي اظهار ڪرڻ اجايو آهي ڇو ته مونکي خبر نه ٿي پوي ته ڇا لکان ۽ ڇا نه لکان. صد افسوس سلام حاجي جان محمد جا، بابا صاحب ۽ چاچا صاحب جا مطالع ڪندا.

-  احمد خان لانگاهه

محترم شيخ اياز

ڪوئينز روڊ، سکر (1963 – 10 – 27)

سٻاجها سائين، اوهانجا ٻئي خط پهتا. پوئين خط ۾ اوهانجو نظم ڏسي حيرت آئي. اوهان کي ته نه فقط ڏات آهي پر ڏانءُ به آهي. معلوم نه آهي ته اوهان شعر گوئي ڏانهن توجه ڇو نه ڪئي آهي! ”اُٿيون ڄڻ مسافر ورن جو وريتيون“ ۾ نه فقط تشبيهه جي ندرت آهي پر اُن ۾ ٻوليءَ جي اُها امرت رسُ به آهي جا ڪنهن پراڻي پياڪ کي ئي ڀاڳ ۾ ملي سگهي ٿي. اجازت ڏيو ته اهو نظم اشاعت لاءِ ڏيان.

اوهانجي صحبت منهنجي خوش نصيبي هئي. ان جي مختصر هوندي به مون اُن مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اوهان جي گرفت ۾ ڪنهن سنڌي لفظ جو روح ڏسي، مان حيرت ۾ رهجي ويو آهيان ۽ مون اُن لفظ کي ائين ڏٺو آهي جيئن ڪوئي پرڏيهي واٽهڙو ڪنهن ننگيءَ وينگس کي تلاءُ مان اوچتو نڪري، وارن کي ڇنڊڪو ڏيندو ڏسي.

ڊاڪٽر شمل ڏانهن پنهنجو گيت ۽ نظم اڄ موڪلي رهيو آهيان. منهنجي ڪلام جو ٻيو مجموعو ”ڪُلهي پاتم ڪينرو“ پريس ۾ آهي، اُن مان ڪجهه ڪلام نقل ڪيان ٿو.

- پرينءَ کي پهچاءِ، ڪانگا منهنجون ماڻڪيون،

جنهنجي سونهن سواءِ، ڏسان ته ڏوهي ٿيان.

- جهر مر منجهه جهانُ، کينءَ پسائي کوکلي،

ڪڏهن ڪاڻيارو نه هو، اڄ جهڙو انسان،

نه ڄاڻان، نادان، ڪڏهن سُمهندو سُک سان.* – شيخ اياز

محترم محمد ”آصف“ مصراڻي

پوسٽ ڪڪڙ، ضلع دادو (1965 – 5 – 2)

بخدمت فڪل رفعت ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

بعد از آداب تسليمات عرض ته سائينجن جو نوازشنامه درساعت سعيد واصل ٿيو. سندس ورود مسعود کان سرور حاصل ٿيو. يادگيري لاءِ شڪريه، حضرتا! اوهان جي ذات ستوده صفات تي اسان جيڪو به فخر ڪريون سو بجا آهي. اوهانکي ”مُحي الادب والثقافت“ سڏڻ بلڪل بجا آهي. اوهان جون علمي ۽ ادبي خدمات جلد اوهانکي، شمس العلماءِ جي خلعت فاخره ۽ لقب سان ملقب ڪرڻ واريون آهن. آءٌ ته اوهانکي شاهه عالي جاه جي الفاظ ۾ هن طرح دعائون ڪندو آهيان ته:

جکرا جيئن شال، تنهنجو مدو م سُڻان،

جيئن تون اچي ڪالهه، نالائق نوازيا.

ڪرم فرماء من! اوهان صاحبن نوازش نامي ۾ لکڻ فرمايو آهي ته ”خاص ڪتاب“ جي ضرورت هجي ته بلا حجاب لکندا. اهڙا خاص الفاظ لکي اوهان واقعي اپر احسان ڪيا آهن. انهن لاءِ منهنجو خاص عرض آهي ته اُهو هر هڪ ڪتاب، جنهن جو سموهيندڙ، سهڙيندڙ، ۽ سينگاريندڙ، اعلي حضرت، محي الادب والثقافت، شمس العلماء ڊاڪٽر بلوچ صاحب هجي، اهو ته خاص ڪتاب آهي.

تنهن کانسواءِ آءٌ ناچيز اوهان صاحبن جي هر تصنيف لطيف کي خاص شوق ۽ شغف سان پڙهندو آهيان. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيلاين جا ٻول، لاکو ڦلاڻي، گڏهه، حيدرآباد جي قديمي تاريخ (خطبه)، سنڌ جي تاريخ، خريد ڪري چُڪو آهيان. لوڪ ادب سلسله جي ڪتابن مان ٽيهه اکريون ڀاڱو ٻيو، معجزا ۽ ڳيچ موجود آهن باقي بي بضاعتي سبب خريد نٿو ڪري سگهان. تنهن ڪري مون لاءِ اوهان جا سڀئي سهيڙيل ڪتاب خاص الخاص ڪتاب آهن.


*  حاجي مصري لغاري جو ڊاڪٽر بلوچ سان خاص طرح انس هو. عزيز به هو. غريب هو پر دل جو سخي هو ڊاڪٽر بلوچ چيو ته: ”پرائمري اسڪول منظور ڪرايم پر جاءِ ڪانه پئي ملي جو اسڪول هلائجي. حاجي مصري جي جاءِ، جيڪا اصل ۾ سندس پيءَ جو ٺهرايل اوتارو (ڳوٺاڻو مسافرخانو) هو، سو ڏنائين ۽ اسان ان تي منهن اڏي اسڪول شروع ڪيو. پوءِ حاجي کي ٿوري مسواڙ ملڻ لڳي پر هن پنهنجي پڄندي آهر اسڪول ۽ استادن جي وڏي خدمت ڪئي.

*  استاد احمد بخش ماڇي، ٺاروشاهه جو، منهنجي محبت ۾، سنڌي اسڪول ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو. سندس محنت ۽ قابليت جي ڪري سندس شاگردن مان گهڻا اعليٰ تعليم پرائي عهدن تي پهتا. موڪلايائين ته آءٌ دلگير ٿيس. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڳچ وقت پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه ۾ رهيو ۽ پوءِ وري وڃي ڪنڊيارو وسايائين. مون پنهنجن فرزندن سان گڏجي وڃي ٻنهي ماڳن تي سندس ديدار ڪيو. نبي بخش

*  ”حاجي اميد علي پوءِ مڊل اسڪول مان هاءِ اسڪول ڪيو. غريب ۽ قلندر صفات هو. غريبن ڳوٺاڻن لاءِ علم ۽ تعليم سندس زندگيءَ جو سرمايو هو. مون ساڻس پنهنجي پڄندي آهر ٿوري مدد ڪئي پر هو گهڻي مدد جو لائق هو. سنڌ ۾ جن علم ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو ”حاجي اميد علي مرحوم جو نالو تن جي پهرين صف ۾ رهندو.- نبي بخش“

*  محترم لانگاهه هي خط فيبروري 1944ع ۾ لکيو. پاڻ ايل ايل بي پاس ڪري واپس سنڌ ويو هو ۽ شايد لاڙڪاڻي ۾ پريڪٽس شروع ڪئي هئائين. آءٌ شعر ڪونه چوندو هئس پر شايد ڪن چونڊ شعرن تي پنهنجي خط ۾ تبصرو ڪيم جو مونکي هدايت ڪيائين – نبي بخش

*  اڃان اڳتي ٻيا اٺ نو بيت. شايد 1955ع بعد مون شيخ سان ملڻ ۽ کيس مان ڏيڻ جو سوچيو. ايندڙ سالن ۾ محمد ابراهيم جويي هن کي پنهنجي تحريڪ جي نمائندي طور گهڻو وڌايو. سنڌ يونيورسٽي کي مرڪزي حڪومت کان امداد ملي ۽ مون شاهه جي رسالي جي اردو ترجمي ۽ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي لغت جي تياري جي رٿ ڏني ۽ علامه قاضي صاحب جن منظور ڪئي. ميان حسام الدين راشدي تجويز ڏني ته ترجمو شيخ اياز ڪري. مون ان لاءِ سندس واسطي ميدان تيار ڪيو، يعني رسالي جو متن تيار ڪيم ۽ پوءِ استاد محترم مخدوم امير احمد صاحب کي راضي ڪيم ته اردو نثر ۾ ترجمو ڪري. ائين تعلقات وڌيا. شيخ صاحب سکر اچڻ ۽ درياء جي سير جي دعوت ڏني. جيڪا مون قبول ڪئي ۽ مورو ڳائيندڙ طالب پالاري کي ساڻ ڪري سکر آيس. جويو صاحب به گڏجي هليو. هن محفل کانپوءِ شيخ صاحب جا سلام ايندا رهيا.

سيپٽمبر 1963ع ۾ آءٌ آمريڪا ويس ته خطو ڪتابت ٿي. مون شيخ صاحب جي شعر ۾ سنڌي ”اصطلاحي ٻولي“ بدران ”ڪتابي درسي ٻولي“ جو زور ڏٺو، ۽ ڪٿي ٻوليءَ جي مزاج کان سندس اڻ ڄاڻائي. کيس سکر ۾ اشارو ڏنم ته غور ڪونه ڪيائين جو ڀانيائين ته ڊاڪٽر بلوچ کي شعر جي ڪا خبر ڪانهي. انهيءَ ڪري ڏانهنس نيويارڪ مان لکيل خط ۾ هڪ نظم موڪليم، جنهن جو هن خط ۾ ذڪر ڪيائين – نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org