سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :4

ٿورو اڳتي وڌياسون ته هڪ درياه جو ڪشاده گهارو نظر آيو. منهنجي خيال ۾ هيو ته هي درياه آهي. سياري جي ڪري باقي وڃي هن حالت ۾ هتي وهي رهيو آهي پر پوءِ معلوم ٿيو ته اهيو درياه جو گهارو هيو. اتان گهاري مان پار ٽپڻ ظالمانه ۽ نه فوجي حڪم جي انداز ۾ حڪم ڪيو ويو. اسان مظلوم ڀلا ڇا پئي ڪري سگهياسين. حڪم جي تعميل لاءِ تار ٿي گهڙي پياسون. پاڻي اُرهه جيترو هيو اهو پاڻي اسان لاءِ دوزخ جي عذاب مثل رت سڪائي ساڙي رهيو هو. ٻاهر نڪتاسون ته تڪڙي هلڻ لاءِ حڪم ڪيو ويو. زمين ايتري ته سخت جهڙو پٿر، پيرن جون آڱريون ڀڳل مُرا سڄيل، پير ڪنڊن سان چور، بس دل ۾ الله کي پڪاري رهيو هوس. ڪنهن سان سور سلجي؛ ايتري ۾ حضرت ڀٽائي جو هي بيت اوچتو ئي اوچتو دل ۾ اچي ويو:

”نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.“

دل کي وڏو آٿت ۽ ٽيڪ اچي ويئي. ڪنڊن ڪڍڻ لاءِ ٿورو بيهي رهيس ته پٺيءَ تي بندوق جي نالي رکي ڌڪو ڏيئي چيو ويو ”هلندي هلندي ڪنڊا ڪڍ، هي ڪنڊن ڪڍڻ جو وقت ناهي.“ دل ۾ آهه ڀرجي آئي ۽ دل جو دل ۾ ٿڌو ساهه کڻي هي الفاظ تصور ۾ اچي ويا.

”ههڙا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾“

هي اها سر زمين سنڌ آهي، جيڪا اسان اصلي رهواسين لاءِ ايترو تنگ آهي، ڇا هي اها سنڌ آهي جنهن کي جنت سنڌ ڪوٺيو ويو آهي؟ ڇا هي اها سنڌ آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ پير محمد راشد شاهه روزي ڌڻي ۽ ٻين بزرگن، سنڌين کي سڪ جون سرڪيون پياريون؟ پيار، محبت ۽ سچائي جا درس ڏنا هئا؟ ڇا هي اها سنڌ آهي، جنهن جي همدردي، نرم دلي، ايمانداري ۽ مهمانوازيءَ تي سنڌين کي ناز آهي؟ ڇا تاريخ دهرائي رهي آهي؟ ڇا اسان جي سنڌ ڌاڙيلن جي مناسبت سان مشهور آهي؟ ڏاهر جي ڌاڙيلن ته ٻاهرين ملڪ جي مسافرن کي اغوا ڪري قيد و بند ڪيو هو. پر موجوده ڌاڙيلن جي به عجيب ذهنيت ۽ ترقي آهي! ڏاهر وارن ڌاڙيلن جي زماني کان ڌاڙيلن جيڪي ڌاڙن ۾ تدريجي منزلون، لٺ، لوڙهه، ڪهاڙيءَ کان ڪلاشن ڪوف، مائوذر ۽ دستي بمن تائين طئي ڪيون آهن، سي صرف پنهنجي گهر جي ڀاتين کي استعمال ڪرڻ خاطر! ها خير، ممڪن آهي ته هي انهن جو ٽريننگ ڪورس هجي! اسان سان جيڪي ڳالهائن پيا، تن جا ڀي عجيب منطقي نُڪتا هئا. ”ها سائين! ٻڌايو، ڇا حال آهي؟ آرام آهي نه، يا ظلم!“ مون وراڻيو حقيقت صاف ظاهر آهي هڪ ڌاڙيل منهنجي جواب ۾ وراڻيو، ”تنهن جي معنيٰ توهان ايترا ته ظالم آهيو، جنهن جي پاداش ۾ خدا اوهان کي هي سزا ڏيئي رهيو. مون وراڻيو ته الله تعاليٰ پنهنجن بندن کي آزمائيندو آهي. ڌاڙيل وراڻي ڏٺي ته: ”پوءِ هي توهان جي لاءِ آزمائش آهي؟“ مون جواب ۾ چيو ”انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي.“

انهيءَ سخت زمين جو وارو پورو ٿيو ته اچي گهاٽي جهنگ ۾ پهتاسون. هيڏانهن سج ڀي ريکان ڪڍڻ شروع ڪيون. وري به باهه جو مچ ٻاريائون. انهيءَ تي وري، لڱ لٽا سيڪڻ لڳاسون. هڪ ڌاڙيل مون کي مخاطب ٿي چيو ”ڇا ٿو سمجهين؟“ آءٌ وراڻيو ”ته اوهان جيترا نوجوان مون وٽ پڙهندا آهن، رات جو چوري ڌاڙو، ڦريون وري صبح جو اسڪول ۾ اچي حاضر ٿيندا آهن. ڌاڙيل هڪ ٻئي نوجوان ڌاڙيل ڏانهن اشارو ڪري چيو ”ڇا هي توهان وٽ پڙهيو آهي؟“ مون جواب ۾ چيو ”جيڪڏهن مون وٽ نه پڙهيو آهي، منهنجي دوست وٽ پڙهيو هوندو.“ اُتي، ڪپڙا، قميص، چادر وغيره لاهي باهه تي سيڪيون پيا. مون پنهنجو جئڪيٽ لاهي سُڪائڻ لاءِ سيڪي گرم ڪري رهيو هوس. هڪ ڌاڙيل جنهن کي معمولي ۽ ڦاٽل جئڪيٽ هيو، تنهن چيو ”اچ هي جئيڪٽ پاڻ مٽايون“ مون هن کي مزاحيه انداز ۾ چيو، ”يار! اُتر لڳندءِ“ هن وراڻيو ته اتر ڀي ڀريندس پر سودو ضرور ٿيندو. آءٌ سمجهي ويس ته هو مون کان انهيءَ نموني جئڪيٽ جي گهُر ڪري رهيو هو. مون هن کي چيو ”يار جئڪيٽ منهنجي حوالي ڪيو ۽ منهنجو جئڪيٽ هن پائڻ شروع ڪيو. پر منهنجي باڊي ۽ ڌاڙيل جي باڊيءَ ۾ فرق هو. هُن زور مس ڪري پاتو، آءٌ هن جو ڍلو ۽ ڪشادو پهريو.

آءٌ جو هنن سان بي خطر آزاد نموني سان ڳالهائي رهيو هوس ته هڪ ٻئي ڌاڙيل پنهنجي ساٿين کي چيو، ”هن کي ته ڪو اثر ئي ڪونه ٿيو آهي.“ آءٌ هن کي جواب ڏنو ته اثر وري ڇا جو ٿئي؟ انسان کي وڌ ۾ وڌ خطرو موت جو هوندو آهي. مون کي يقين آهي ته موت جو وقت مقرر آهي. انهيءَ تي مون قرآن شريف جي آيت پڙهي.

”فاذاجاءِ اجلهم لايستاخرون ساعته و لايستقدمون.“

”جڏهن اجل جو وقت ايندو ته نه گهڙي اڳي ايندو نه پوءِ.“ موت کان ڪو به ماڻهون پاڻ کي لڪائي نٿو سگهي. اگر ڪوئي لڪائڻ گهري تڏهن به موت ايندو، پوءِ توڙي پاڻ کي لوهن ڪوٽن ۾ بند ڇونه ڪري.

”يدرڪهم الموت ولو کانوا في بروج مشيده.“

توهان جي هٿ ۾ موت ته ڪونهي، پر جيڪڏهن توهان کي جديد هٿيارن تي ناز آهي ته اسان کي به ائٽم بم آهن: ايتري ۾ هڪ ڌاڙيل اٿيو ۽ تلاش وٺڻ شروع ڪيائين، مون هن کي چيو، ”اوهان ائٽم بم جو مطلب نه سمجهيو. اهو ائٽم بم ته ڇا پر ان کان به وڌيڪ هٿيار آهي. اهو آهي ”قرآن“ اتي سڀني ڌاڙيلن اقرار ڪيو ۽ سڀ توبهه توبهه ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته بيشڪ اها حقيقت آهي. آءٌ قرآن شريف جون چند آيتون تلاوت ڪيون.

”ولنبونکم بشيءِ من الخوف والجوع و نقص من الاموال والا نفس والثموات، وبشر الصابرين الذين اذا اصابتهم مصيبت قالو انالله واناليه راجعون. اولائڪ عليهم صلوات من ربهم ورحمته اولائڪ هم المهتدون“

آءٌ هنن کي ترجمو ڪري ٻڌايو. ”۽ ضرور اسان توهان کي آزمائينداسون توڙي خوف ۽ بک سان ۽ مالن ۾ نقصان وجهڻ سان، جانين سان ۽ ميون (آفتن ذريعي) پوءِ خوشخبري انهن ثابت قدم رهڻ وارن کي ڏي. جڏهن انهن جي مٿان ڪائي مصيبت اچي ٿي پوي ته چون ٿا ته تحقيق اسان الله تعاليٰ جا آهيون ۽ بيشڪ اسان هن ڏانهن ئي موٽڻ وارا آهيون. اهي اُهي سڀئي آهن، جن تي برڪتون رحمتون آهن، سندن پروردگار کان ۽ اهي ئي سڌي واٽ وارا آهن.“

آءٌ جو بار بار هر ڳالهه تي قرآن شريف جي آيت پيش ڪري رهيو هوس ته انهن مان هڪ ڌاڙيل مون کان پڇيو، ”ڇا تون حافظ آهين؟“ مون جواب ۾ چيو ته آءٌ حافظ نه آهيان، بلڪ عالم آهيان. قرآن شريف سان دلچسپي آهي ۽ قرآن شريف جو ترجمه ايندو آهي، نه صرف عالم آهيان بلڪ قرآن شريف جو ڪاتب پڻ آهيان تنهن تي هو خاموش ٿي ويا. آءٌ مذڪوره آمين جي تشريح ڪندي تبصرو ڪيو ته هي اسان جي لاءِ آزمائش آهي اوهان اسان کي وڌ ۾ وڌ موت ڏيئي سگهو ٿا. پر جهنم ته نٿا ڏيئي سگهو. الله تعاليٰ جي مرضي آهي ته پنهنجن بندن کي ڪڏهن باهه جي آڙاهه مان گهرائي ته ڪنهن کي مڇين جي پيٽن مان گهرائي، ڪنهن کي تلوارن جي ڌارن مان گهرائي ته ڪنهن کي مرن ۽ گدڙن جي پيٽن مان گهرائي. هو مالڪ آهي سندس مرضي آهي. جيڪڏهن اسان کي ڪلاشن جي منهن مان گهرايائين ته وڏي ڳالهه آهي؟ ۽ اها ئي هڪ بهترين بلڪ ڪامياب زندگي آهي. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي.

”ولا تقولو المن تقتل في سبيل الله امواتا بل احياءُ ولاکن لاتشعرون.“

(جيڪي الله تعاليٰ جي راهه ۾ قتل ٿيا، انهن کي مئل نه چئو، بلڪ اهي زنده آهن پر توهان کي ان زندگي جي حقيقت جو شعور ڪونهي.)

يا! اسان ته پوءِ هونداسين اماس شهيدن ۽ مظلومن سان گڏ پر توهان ته ٻڌايو ته ”اوهان ڪنهن سان گڏ هوندا.“ انهن مان هڪڙي ڌاڙيل رواجي انداز ۾ چيو، ”اسان ته يار مري وينداسين.“

هي آهي مختصر هڪ رات جو صورتحال ۽ تاثرات، جيڪي سائين جن جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا. باقي رهيل 29 ڏينهن ۽ راتين جي ڪار گذاري ۽ احساسات سي سيني ۾ سانڍيل آهن. حياتي باقي آهي روبرو سلبا. الله تعاليٰ جي رضا تي راضي رهي، همت ۽ جذبي سان مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. اهڙين مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. اهڙين مصيبتن جي عالم ۾ دل کي اطمينان ڏاڍو هيو. انسان کي وڌ ۾ وڌ موت جو وقت مقرر ٿيل آهي نه گهڙي پوءِ نه اڳي اچي سگهي ٿو. البت انسان لاءِ تڪليفون مقرر آهن. ڪاميابي انهيءَ ۾ آهي، ته مصيبتن کي صبر ۽ استقامت سان منهن ڏجي. آءٌ شايد گهڻي ڊيگهه ۾ پئجي ويو آهيان ۽ حد ٽپي ويو آهيان.

سائين منهنجا! مون کي پورو احساس آهي ته اوهان بيحد مصروف آهيو. اوهان جو ڪافي قيمتي وقت ضايع ڪيو اٿم. شايد اوهان کي هي منهنجو افسانو نه پر حقيقت پڙهڻ جو موقعه نه ئي پر هي دل جي غبار لاهڻ خاطر اوهان کي زحمت ڏيئي رهيو آهيان. اوهان جي موٽ منهنجي لاءِ ڀٽڪيل راهيءَ جيان روشنيءَ جو مينار ثابت ٿيندي.

- مهيسر امان الله

محترم سومار الله بچايو شيخ

جيلاني پبليڪيشن، بدين (1965 – 3 – 31)

محترم قبله ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: عرض ته ميوزم ۾ ڪِرهِيِي ڀانڊاري، مرکان، ۽ روپاڙيءَ جو احوال ڏسي ۽ ٻڌي جيڪا سرهائي ٿي، تنهن جو احسان ۽ ٿورو ڪيئن مڃيان! اهڙا اکر وٽم ڪونه آهن، لازمي آهي ته شاهه جي آيت جو سهارو وٺان ته:

ٿورن تي ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،

ٿر ۾ واري ٿورڙي، تينهان گهڻيرا.

روبرو شڪريه بجا آڻڻ جو وقت ڪونه هو، تنهنڪري، هن حقير ڪاغذن کان ڪم ورتو. اُميد ته آڏا ڦڏا اکر مبارڪ طور قبول ڪندا.

هي دوست (عبدالحڪيم منڌرو) ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي ڀرسان رهندڙ آهي، پاڻ سان اڏ پاسي جي آثار قديمه جي هر وٽ حاصل ڪرائڻ ۾ وڏي هٿي ڏيندو. پاڻ خود به سهڻو شاعر ۽ ملوڪ ماڻهو آهي. سندس سهڻا خيال سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙا آهن. وٽس ڪرهيي ڀانڊاريءَ ته جيون ٻه سهڻيون جنڊيون پڻ آهن. جي اميد ته جلد توهان کي ميوزم لاءِ ملنديون.

برسات پوي ته، آءٌ ۽ محترم عبدالحڪيم انهن پڊن تي پهري پونداسون، آسرو آهي ته جڃ ٿي ويندي.

منهنجي طرفان مرکان جي پڊ، ڪرهيي ڀانڊاري ۽ روپا ماڙيءَ کي آثار قديم لاءِ رکڻ لاءِ وري به مبارڪ باد قبول ڪندا.

- سومار الله بچايو شيخ

محترم اعجاز علي شاهه

ڪليڪٽر ڪسٽم، ڪوئٽه (1972 – 8 – 18)

پيارا سائين،

السلام عليڪم: اوهان جو خط مليو. اهو پڙهي خوشي ٿي ته اوهان ڪوئٽه جو پروگرام ٺاهيو آهي. مگر افسوس آهي ته مون کي آئنده هفتي مڪران وڃڻو آهي ۽ مان 5 سيپٽمبر تائين ڪوئٽه موٽي ايندس. توهان ضرور ڪوئٽه ۾ رهجو ۽ جلدي نه واپس هليا وڃجو جيئن توهان سان ملاقات ٿي سگهي.

مان وچ ۾ حيدرآباد آيو هئس پر توهان اسلام آباد ويل هئا ان ڪري ملاقات ڪانه ٿي سگهي. منهنجو گهر حاضر آهي. منهنجو ننڍو ڀاءُ شجاع منهنجي غير حاضري دوران به اتي رهندو. گهر غريباڻو آهي پر جيڪڏهن اوهان کي پسند اچي ته مان پنهنجي عزت افزائي سمجهندس.

- اعجاز علي

محترم اياز محمود پنهور

يونيورسٽي آف ڪراچي ( 1987 – 7 – 26)

محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب،

بعد سلام اميد آهي ته مزاج بخيريت هوندا آمين. احوال عرض ڪجن ٿا ته ڪافي عرصي کان اوهان سان ملاقات ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو پر ڪجهه مصروفيتن سبب اوهان سان ملاقات ڪانه ٿي سگهي آهي، سنڌ سنڌين ۽ سنڌو لاءِ اوهان جي تحقيق ڪافي آهي ۽ اوهان ڪافي جدوجهد به ڪئي آهي ۽ ڪافي دشوار حالات مان گذري هن اسٽيج تي پهتا آهيو. ان ڪري مون ناچيز جي طرفان هي عرض آهي ته اوهان پنهنجي جدوجهد مان حاصل ڪاميابي مان اسان کي آگاه ڪندا ۽ پنهنجا قيمتي تجربه به لکي موڪليندا ته جيئن اسين ان تي عمل ڪريون ۽ ساڳين حالات مان گذرڻ وقت اوهان جا تجربه يا نصيحتون ياد ڪري رهنمائي حاصل ڪري سگهون. مون کي اميد آهي ته اوهان هن گذارش کي ضرور قبول ڪندا ۽ پنهنجن قيمتي تجربن يا مشاهدن واري زندگي مان اسان کي به مستفيض ڪندا ته آءٌ ٿورائتو رهندس.

ٻيو عرض ته سنڌ ۾ رهندڙ نسل يا ذاتيون ڪافي آهن، ان مان نشاندهي ڪندا ته ڪهڙا نسل يا ذاتيون مقامي سنڌ جون اصل آباد هيون ۽ ڪهڙيون ٻاهريون آيون ۽ ڪهڙن مقصدن خاطر آيون ۽ اهي ذاتيون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن مشهور ذاتن جي تاريخ يا شجره اوهان وٽ موجود آهن ته ان متعلق به ڪجهه ڄاڻ ڏيندا ته آءٌ اوهان جو ٿورائتو رهندس مهرباني ڪري هي فارم به پُر ڪري ڏيندا.

- اياز محمود پنهور

اسلام ڪوٽ هاءِ اسڪول طرفان سپاسنامو

(1973 – 9 – 20 )

بخدمت عالمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

ويڄن ويٺي ئي، دوس پيهي در آئيو،

صحت جي سرير ۾، ڪل ڪڙين پيئي،

پيڙ پري ويئي، اچڻ سان عجيب جي (شاهه)

اڄ اسين ٿاريلا پاڻ کي بختاور ۽ وڏ ڀاڳي سمجهون ٿا جن جي اگلي اڱڻ تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو فخر سنڌ قدم رنجه فرمائي رونق بخشي آهي. هن ٿر جي ڏورانهين ۽ اڻانگي سفر جي سٽ سهڻ ڪو معمولي مفاصلو ڪونهي. ڪئين ڪوڏانهن ڪهي ايندا آهن پر نئين ڪوٽ کان اڳتي جو نظارو ڏسي پوين پيرن ٿيندا آهن. ڪي ته ماڳهين ٿر کي سنڌ کان ڪٽيل ۽ ڪريل سمجهي ايڏانهن واڳ به نه واريندا آهن. الائجي ڇو پيا ائين ڪن نه ته حقيقت ۾ سنڌ ٿر جي ۽ ٿر سنڌ جو آهي. جي سنڌ جو سهاڳ سنڌوندي جي ڪري آهي ته سندس ست کي وري مارئي زندهه رکيو آهي تنهنڪري جي شاهه صاحب جن فرمايو آهي ”حيف تنهي کي هوءِ، جن وطن وساريو پنهنجو“ ته اسين ٿاريلا وري ائين چوڻ جا مستحق آهيون ته ”حيف پنهنجن کي هوءِ، جن ملڪ وساريو مارئي جو.“

بلوچ صاحب جا اسان ٿرين تي قرب چئبا جو هڪ نه ٻي سال ڏوٿيئڙن کي منهن ڏيکارڻ ايندا آهن. سندن احسان لک احسان ڊاڪٽر صاحب جن جي ذات کان سنڌ جو ٻار ٻچو توڙي وڏو واقف آهي. هن صاحب ڄڻ ته پنهنجي زندگي، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. اسانجو ادب ۽ اتهاس جو قديمن کان ڪنن ۽ ڪٽجي چڪو هو تنهنکي اجري اڇو ڪيو اٿس. اسانجي اديب ۽ شاعر ليکڪ ۽ افسانه نگار جن کي اسان ورهين کان وساري ڇڏيو هو ۽ زندهه دفنائي ڇڏيو هو، تنهنکي اوها جند ڏيئي سر فهرست آندو.

سنڌي لغات لاءِ قلم کڻڻ سندس جرئت مندانه قدم آهي، سنڌي ٻولي جي اٿاهه ساگر ۾ سندس انهيءَ ٽٻي ڪئين موتين جا جهول ڀري آندا آهن ۽ ڪئين آڻيندي. آمين بقول بلوچ صاحب، خود اها سندس سنڌ ۽ سنڌي زبان ڏانهن فرض ادائي آهي پر اسان ته ائين چونداسين ته اها سندن فرض ادائي آهي ته اسان تي احسانمندي به سندن اهي خدمتون ۽ مهربانيون ادب جي تاريخ جي سونهري لفظن ۾ لکيون وينديون ڇو جو بلوچ صاحب ئي اسانجي بيداري جو باني آهي. صاحب موصوف جي راتوڪي رهاڻ ۽ قرب واري ڪچهري اسان تي اونهو اثر ڪيو آهي. اسين به ڪرموڙي جاڳيا آهيون ۽ بلوچ صاحب اڳيان عهد ڪريون ٿا ته پنهنجي وت آهر سنڌي زبان جي خدمت ڪرڻ ۾ وسئون نه گهٽائينداسين. اسان جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن لاءِ به اها دعا پنون ٿا ته الله تبارڪ کيس اڃا به گهڻي توفيق عطا فرمائي جيئن عموماً سڄي عام خاطر ۽ خصوصاً سنڌي ٻولي جي ادب ۽ اتهاس جي مڪمل حصول خاطر پنهنجي جنگ جاري رکن.

آخر ۾ اسان اميد ڪريون ٿا ته استاد صاحب ڊاڪٽر بلوچ جن اسان کي بطور جهونن شاگردن جي هميشه سندن ۽ سندن محبوبه ”سنڌي ٻولي“ جي خدمت ڪرڻ خاطر همٿائيندا ۽ هدايت ڪندا رهندا. اسين کين يقين ڏياريون ٿا ته سندن هر حڪم جي بروقت بجاوري ڪئي ويندي. آمين.

- هيڊ ماسٽر اسلام ڪوٽ هاءِ اسڪول

محترم انعام الله شيخ

سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو (2004 – 3 – 8)

جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: بعد از سلامن جي عرض ٿو ڪجي ته ڪجهه ڏهاڙا اڳ مون اوهان جي رهائشگاهه تي حاضري ڏني هئي، جنهن ۾ بورڊ ۽ ان جي ڪتابن جي حوالي سان اوهان ڪجهه مفيد مشورا ڏنا هئا. انهن مشورن جي روشنيءَ ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ بابت پڻ اوهان جي سهڪار جي گهرج آهي. منهنجي گذارش آهي ته ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ اوهان پنهنجي اتم ڪهاڻيءَ جو سلسلو شروع ڪرڻ فرمايو، جيڪو اسان قسطوار شايع ڪنداسين، اهي قسطون جڏهن هڪ ڀرپور ڪتاب جيتريون ڇپجي وينديون ته ڪوشش ڪري ان کي مڪمل ڪتابي صورت ۾ بورڊ طرفان ڇپرايو ويندو.

مون کي پڪ آهي ته اوهان جي اهڙي تعاون جي نتيجي ۾ نه رڳو سنڌ کي هڪ عظيم دانشور ۽ محقق جي زندگيءَ کان واقفيت حاصل ٿيندي، پر گڏوگڏ  ويهين صديءَ جي علمي، ادبي، تحقيقي، سماجي ۽ فڪري ماحول جي ڀرپور عڪاسي پڻ ممڪن ٿيندي. اوهان انهيءَ حقيقت کان مڪمل طرح واقف هوندا ته غير معمولي صلاحيتن جي صاحبن جو آتم ڪٿائون، هڪ نسل يا دور نه پر ڪئين صدين تائين قومن جي لاءِ رهبر روشني بڻجي وينديون آهن ۽ منجهانئن قومون پنهنجون ترجيحون اخذ ڪنديون آهن. جيئن ته اوهان پڻ هن ديس جا عاشق، عالم ۽ خدمتگار آهيو، تنهنڪري اوهان جي زندگيءَ جو تفصيل سڄي قوم لاءِ فخر لائق ورثو پڻ بڻجي ويندو.

اميد ته هن ڏس ۾ مناسب اڳڀرائيءَ لاءِ ڪوششون وٺندا. انهيءَ حوالي سان اسان لائق ڪا خدمت يا تعاون جي ضرورت محسوس ڪريو ته بي ڌڙڪ حڪم ڏيندا. اسين ڪوشش ڪنداسون ته اوهان جي سهولت ۽ آسانيءَ لاءِ ممڪن حد تائين پنهنجا وسيلا ۽ مهارت مهيا ڪري سگهون. اميد ته توهان هر طرح بخيريت آهيو.

- انعام الله شيخ

محترم آفتاب ابڙو

سنڌ اطلاعات کاتو، ڪراچي (28 جون 1987)

محترم ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: اوهانجي املهه تصنيف ”سنڌي سينگار شاعري“ کي نظر مان ڪڍيم. اوهانجي تصنيف ڏيکاري ٿي ته هڪ انوکو موضوع آهي ۽ جنهن تحقيقي نموني، هر بيت جي تهه ۾ ويا آهيو، سو ثابت ڪري ٿو ته اوهان واقعي سينگار شاعريءَ کي بخوبي سمجهيو آهي.

مطلب ته اوهانجو هر ڪتاب، انهيءَ ڪڙي جو نظر اچي ٿو. اهو ئي قوي دليل آهي، جو اوهانجي سنڌي سينگار شاعري جو ڪوبه مد مقابل ڪتاب نظر نٿو اچي. لوڪ ادب جي قيمتي مواد کي اصلوڪن انگن اکرن ۾ ڏيکارڻ، ڪا سٿري ۽ سولي ڳالهه نه آهي. هي اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو اٿو، جنهن تي ايندڙ نسل به ناز ڪندا. مطلب ته ان ڏس ۾ اوهان کان سواءِ ٻيو ڪونهي، سڃ لڳي پئي آهي. جيڪڏهن هي موضوع اسانجي مرهيات اديبن کي آسان لڳي ها ته ضرور قلم کڻن ها. آفرين بلڪ صد آفرين هجي، جو اوهان اڪيلي سر لوڪ ادب جي وسيع ميدان کي سر ڪيو آهي.

لوڪ ادب ۾ دلچسپي وٺڻ سان، اوهان سنڌي لغت ۾ سڀني کان اڳڀرا آهيو. تنهن کانسواءِ سنڌ جي تاريخ ۽ شاهه لطيف بابت اوهانجو ڪم، اسان لاءِ نهايت قيمتي سرمايو آهي.

اوهان جامع سنڌي لغات تي ڪم ڪرڻ لاءِ ارشاد فرمايو هو، اوهانجو حڪم برچشم، ان باري ۾ گذارش آهي. پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز آخري مرحلي ۾ آهي، جنهن جوڳو ڌيان لهڻو. هڪ اشاعتي اداري جي فرمائش تي ڪيپٽن اسٽئڪ واري ”سنڌي – انگريزي“ ڊڪشنري (1852) تي ڪم ڪري رهيو آهيان. يعني ديوناگري لفظن کي سنڌي لفظن ۾ آڻي رهيو آهيان....

-آفتاب ابڙو

.....2.....

* مورخ 2004 – 2 – 25

محترم سائين بلوچ صاحب،

السلام عليڪم، اميد ته خيريت سان هوندا. گذارش ته اسان جو ادارو: سنڌ اطلاعات کاتو پبليڪيشن سيڪشن ميڊم مهتاب اڪبر راشدي سميت، اوهان جو انتهائي شڪر گذار آهي، جو اوهان وقت به وقت اسان سان قلمي سهڪار ڪري رسالي پيغام جي مقبوليت ۾ اضافو ڪيو ٿا. اميد ته اهڙي سهائتا جاري رکندا.

اوهان طرفان موڪليل مضمون ”انساني ذهن جي ارتقا“ اسان شايع ڪيون پيا. مانواري خدابخش سومري جي جيڪڏهن ايڊريس ملي وڃي ته کيس خط لکي سندس فوٽو گهرايون.......

- آفتاب ابڙو

محترم استاد مخدوم امير احمد

(1943ع)

برخوردار مسٽر نبي بخش سلامت باشند،

السلام علڪيم و رحمته و برڪاته، هن طرف الله تعاليٰ، جي فضل ۽ ڪرم سان بلڪل خيريت آهي اميد ته توهان به خوش خرم آهيو. اگرچه توهان کي بار بار تڪليف ڏيڻ مان تمام غير مناسب ٿو سمجهان مگر افسوس جو پاڻ کي روڪي نه ٿو سگهان مجبوراً توهان کي تڪليف ڏيڻي ٿي پوي ڇا لاءِ ته توهان جي ٿوري تڪليف وٺڻ ڪري مان گهڻي تڪليف کان بچي ٿو پوان. مونکي قوي اميد آهي ته توهان کي هن تڪليف وٺڻ ڪري رنج هرگز نه ٿيندو هوندو. الحمد الله جو توهان جهڙو منهنجو دوست خير خواهه ڪراچيءَ ۾ موجود آهي. جنهن ڪري مان گهڻي جاکوڙ ڪرڻ کان سلامت رهي سگهيو آهيان. هينئر مهرباني ڪري ڪمشنر صاحب جي آفيس مان جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد خبر وٺي موڪليندا ته اسانجي ڪيس جا ڪاغذ ڪليڪٽر جي آفيس مان اچي ويا آهن يا نه؟ ٻيو ته مون ٻڌو آهي ته نيٽو اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب ٻه آهن هڪ مسٽر محمد بخش ۽ ٻيو مسٽر ڌرمداس. اسانجو ڪم ٻنهي مان ڪهڙي صاحب سان لاڳو آهي.

توهانجو ڪتاب علامه عبدالله يوسف علي جي ترجمه وارو قرآن شريف جو پاڻ مون خانصاحب مسٽر فاروقي هٿان موڪليو آهي، جيڪڏهن نه مليو هجيو ته صاحب موصوف کان وٺندا. تذڪره مونکي مليو آهي جنهن لاءِ مان شڪر گذار آهيان مگر افسوس جو پڙهڻ لاءِ وقت تمام ٿورو آهي.

مولانا محمد علي صاحب جي لئبرري لاءِ مون ٻه ڪتاب رکيا آهن، جڏهن ڪراچيءَ آيس ته کڻي ايندس. اميد ته مان توهان جي جواب ملڻ کان پوءِ تمام جلد ڪراچيءَ ايندس، جنهن لاءِ توهان کي اڳواٽ اطلاع ڪندس. جواب مهرباني ڪري تمام جلد موڪليندا، هيءَ ڪاغذ توهان کي سومر ڏينهن ملندو اميد ته انهيءَ ئي ڏينهن اچي احوال لکندا جئن اڱاري ڏينهن مونکي ملي وڃي نه ته به اربع ڏينهن ته جواب ضرور ملي وڃي. سلام سڀني سنگتين کي ڏيندا.               - امير احمد

.....2.....

* نوابشاهه (1944 – 1 – 19)

الولدالعزيز السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته. هن طرف بفضل خدا پاڪ بالڪل خيريت اميد ايڏانهن به خيريت هوندي. مطلب ته تنهنجو خط جنهن جي تاريخ ياد نه اٿم سو پهتو هو جنهن کي اٽڪل 3 مهينا ٿيندا. ٿوري عرصه اندر خِياري وارن پيرن وٽ وڃي بياض واحدي مان سنڌ بابت ڏنل فتويٰ هٿ ڪيم. پيرن وٽ بياض واحدي مڪمل ڪونه آهي مگر انهيءَ جو اختصار آهي تڏهن به سنڌ جي خراجي هجڻ بابت فتويٰ ملي وئي. وري ٻيو هڪ پيرسن مولوي صاحب جنهن وٽ پڻ اڳوڻي زمانه جي قلمي ڪتابن جو ذخيرو چڱو موجود رهندو آهي، انهيءَ وٽ وڃي معلوم ڪيم جنهن وٽان بياض واحدي جو ڪو زياده ٽڪرو سنڌ بابت هٿ آيو، مگر انهيءَ مسئله ۾ مخدوم عبدالواحد جو ماخذ آهي مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو ڪتاب رافع الفريه جو خاص سنڌ جي ڍل بابت لکيل آهي ۽ چون ٿا ته پير صاحب جهنڊن واري جي ڪتب خانه ۾ موجود آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org