سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :10

– حسام الدين

محترم حبيب الله شاهه

سيد پبليڪيشن نوابشاهه (1970 – 2 – 18)

محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم:نيڪ روشن هجي ته بنده ”اسلاميات“ عنوان تي ٻه ٽي ڪتاب بعنوان تاريخ بنو اميه، تاريخ بنو عباس، سرور ڪائنات حصه اول، سرور ڪائنات حصه دوم، پنهنجي مادري زبان ۾ شايع ڪرايا آهن. اوهان صاحبن جي نيڪ ملاحظه لاءِ هر ڪاپي عرض  رکان ٿو جيئن ته يونيورسٽي ۾ مختلف ڪورسن تي مذڪوره ڪتاب پڙهي سگهن ٿا ان لاءِ گذارش آهي ته اوهان صاحب، ڪتابن تي اجمالي نظر فرمائي، پنهنجن نيڪ خيالن کان آگاهه ڪرڻ فرمائيندا، جيئن همت افزائي ٿئي ۽ وڌيڪ اسلاميات ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪري سگهان. اميد آهي ته اسان جي ضرور رهبريءَ رهنمائيءَ ڪري زندهه دليءَ ۽ ادب نوازيءَ جو ثبوت ڏيڻ فرمائيندا.

- حبيب الله شاهه

محترم حاجي خان

طبله نواز، ڪوئٽه

بخدمت ۾ جناب عالي، ڊاڪٽر نبي بخش خان،

بعد سلامن جي عرض ته مان حاجي خان طبله نواز ڪوئٽه ريڊيو اسٽيشن ۾ طبله جو ڪم ڪندو آهيان، عرض ته ارباب خان جو چوڻ آهي ته صاحب کي عرض ڪندا ته سيوهڻ شريف لعل سائين جي ورسيءَ ۾ گهرائيندا ته شڪر گذار رهنداسين. مهرباني ڪري لعل سائين جي ورسيءَ ۾ ارباب خان ۽ مون حاجي خان طبله نواز کي ضرور بُڪ ڪندا ته لک مهربانيون اوهان ضرور اسان کي ڪوئٽه مان گهرائي وٺندا. ڪاظمي صاحب ريجنل ڊائريڪٽر صاحب کي فون ڪندا يا خط لکندا ٿورو لکيو گهڻو ڄاڻيندا. ارباب خان قوال جيڪو ڀٽ شاهه تي گهرايو اڳين سال جيڪب آباد ۾ جيڪو اوهان سائين سچل سرمست جي ورسيءَ ۾ ٻڌرايو. هاڻي ارباب خان ڪوئٽه آهي. هن خط ڏسڻ سان ڪوشش ڪندا. اوهان سان ليکو نه آهي جيئن اوهان ڪيو ته منظور آهي پر ورسيءَ ۾ ضرور اسان غريبن کي شريڪ ڪندا ته لک مهربانيون اوهان جون.

- حاجي خان

محترم حڪيم سيد حاڪم علي شاهه

لکي غلام شاهه

محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: مزاج شريف، خيريت طرفين نيڪ مطلوب. چونڪ رهيل صاحبن جي حالات بابت اسان اصل شجره تان فقط پنهنجي شاخ جو بيان اختصار طور ان ڪتاب تي آندو هيو، جنهن جو مشاهدو اوهان ڪيو هو. اوهان جي خواهش جي تعميل ۾ سيد عبدالاول کان بيان ٿو ڪجي.

سيد عبدالاول جو فرزند سيد عبدالغني ان کي پنج فرزند هئا؛ اول سيد محمد شجاع دوم سيد پير محمد سيوم سيد عبدالاول چهارم سيد محمد وفا پنجم سيد محمد فاضل. اوهانجو گهربل ذڪر نمبر چوٿين سيد محمد وفا صاحب جي اولاد جو آهي.

سيد محمد وفا بن سيد عبدالغني، سيد محمد فاضل بن سيد محمد احسان ساڪن قلعه بکر جي اولاد مان سيد حاجي لڪلوي جي دختر نيڪ اختر مسات ڪزبانو حباله نڪاح ۾ آندي ان مان پنج فرزند تولد ٿيا.

اول غلام مصطفيٰ دوم سيد غلام مهتديٰ. سيوم سيد غلام مجتبيٰ چهارم سيد غلام منتقيٰ پنجم سيد غلام مزڪيٰ.

ليڪن انهن مان ڪنهن جو به نسب باقي نه رهيو. غالبا انهن صاحبن جي زماني ۾ اسانجي خاندان جو لواري شريف جي بزرگن سان اعتقادي توسل ٿيو آهي.

اوهان صاحبن جي استفسار گهربل جو تفصيل مختصر اهو آهي. جيڪڏهن حياتي وفا ڪئي ته ڪنهن دفعي ڄام شوري اچڻ تي اوهان جي ملاقات جو شرف حاصل ڪيو ويندو.

- حڪيم سيد حاڪم علي شاهه

محترم حزب اللھ آءِ سومرو

خيرپورميرس (20 ڊسمبر 2002ع)

محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت اللھ، اللھ سائين اوھان جو سايو جاري وساري رکي. آمين.

تاج جويي صاحب خط لکيو ھو ته ”ڊاڪٽر بلوچ ھڪ مثالي عالم“ (حصه اول ۽ ٻيو) جي حوالي سان هڪ رهاڻ ٿي رهي آهي، سچ پڇو ته دل خوش ٿي پر وڌيڪ خوشي تڏهن ٿي جڏهن مقالي لکڻ جي دعوت ڏني وئي. پر هن مهل تائين ٻئي ڪتاب وعدي مطابق نه موڪلي سگهيو آهي. ان ۾ اها اميد آهي ته موڪلي ڏي.

پيارا سائين، اوهان جي ٻاريل مشعل، اسان وسامڻ نه ڏينداسين ۽ جاري رکنداسين اوهان جي مشن ۽ فڪر کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اوهان جي شفقت مون لاءِ باعث تسلي آهي. ڪجهه دوستن جي ڪوشش آهي ته منهنجي تاريخي / تنقيدي مضمونن /مقالن تي مشتمل ڪتاب شايع ٿئي. ان سلسلي ۾ مواد ڪمپوزنگ تي ويل آهي. جيڪڏهن ٿي سگهي ته منهنجين لکڻين تي جيڪي اوهان جي خدمت مان مختلف وقتن تي گذرنديون رهن ٿيون تن بابت تاثراتي نوٽ لکڻ فرمائيندا. آءٌ ان کي ”مهاڳ“ طور ڪتاب ۾ شامل ڪندس.

- حزب الله آءِ سومرو

محترم حيدر سنڌي

پاڪستان سٽيڊيز، قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد (1974 – 9 – 27)

منهنجا شفيق ۽ ڪرمن ڀريا سائين! شال وڏي عمر ماڻيو!

السلام عليڪم: اڄ توهان جو جوابي لفافو مليو جنهن ۾ آسرو گهٽ هو، ڇو ته آءٌ ان وڙ لائق نه هوس. منهنجا سائين توهان هيترڙي پنهنجي ٽڪري تي ڪافي سوال پڇي ورتا جن هڪدم جواب ڏيڻ نه پئي ڏنو، ڇاڪاڻ ته ڪيترن جو واسطو يونيورسٽيءَ سان هو تنهن ڪري لاڳاپيدارن سان صلاح ڪرڻي هئي. پر پوءِ ياد آيم ته جنهن صورت ۾ ترجمي جو ڪم هڪ قومي بار سمجهي ڪلهي تي کنيو اٿم ۽ شخصي حيثيت سان توهان ڏي خط لکيو هوم جنهن لاءِ توهان پنهنجي طرفان قرب ڪري اجازت به ڏئي ڇڏي آهي، باقي مسئلو ٿيو ڇپائيءَ جو، سو اهو ته ثانوي حيثيت ۾ آهي. جنهن به ڇاپيو تنهن سان بنا روڪ ٽوڪ ڳالهيون ٿينديون. ان لاءِ توهان کان ئي مشورو وٺبو ڇو ته توهان جهڙن ٻاجهارن جي مشوري کان سواءِ ڪم اوجهڙ اوس ڪربو.

باقي توهان جي اجازت ملڻ بعد مونکي جيڪا من جي مونجهه هئي سا هلڪي ٿي پئي آهي، جيڪڏهن معاملو ٺهندو نه ڏٺم ته ڇپائيءَ جو بار به توهان جي حوالي ڪيو ويندو. وڌيڪ توهان خود امين ٿجو. ترجمي جي تصحيح لاءِ به پنهنجي چيئرمين کي منت ڪئي اٿم.

اميد ڪئي اٿم ته آئيندي پڻ رهنمائيءَ ڪندا رهندا. آخر ۾ وري دعا آهي ته شال ڌڻي سائين توهان کي مزيد قومي ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏئي. آمين. توهانجو.

- حيدر سنڌي

محترم خادم حسين عباسي

اڳڙا، تعلقه گمبٽ ضلع خيرپورميرس (1976 – 7 – 28)

ادا سائين ڊاڪٽر نبي بخش صاحب، رب پاڪ اوهان کي زنده رکي. السلام عليڪم ورحمة الله و برڪاته، تقريبا اٺ سال ٿيندا جو اسان جون نگاهون رساله نانڪ يوسف جي ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ آتيون آهن. معلوم نه آهي ته سائين جن ان ڏس ۾ ايتري دير ڇو ڪرڻ فرمائي آهي. ائين برابر آهي ته ڪم ڪٺن آهي، ليڪن وقت جي لحاظ کان اميدون نااميدون ٿينديون وڃن ٿيون. الحمد الله جو هڪ رساله ۾ يعني، ”علمي آئيني“* ۾ فقير صاحب جو ڪجهه مختصر احوال ڏنو ويو آهي، پر پيارا سائين اهو احوال دل جي آس کي پورو نٿو ڪري. اميد ته هن نسبت اسان جي دل کي سکي ڏيڻ لاءِ رساله جي ترتيب ۽ اشاعت جو به پروگرام عمل ۾ آندل هجيوَ. ان کان واقفيت عنايت فرمائيندا. وڌيڪ وري به عرض آهي ته اگر اوهان ان ڪم کي نه کنيو آهي، ته اسان جي امانت اسان کي واپس ٿئي ڇو ته جيڪڏهن رساله نه ڇپيو ته اسان جي دل جي تسڪين ته اسان وٽ موجود هوندي.                                 - خادم حسين عباسي

....2....

* خط مورخ آگسٽ 1976ع

سنڌيءَ جا سپورنج ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

و عليڪم السلام: اوهان خط جي وراڻي جلد ڏني. توهان جا لکه لائق منهنجا سائين آءٌ فقير صاحب جو ڪلام سهيڙي رهيو آهيان ۽ ان لاءِ مون وٽ هيٺيان نسخا موجود آهن.

1. شڪارپور وارو نسخا جيڪو مرهيات هادي بخش فقير جو لکيل آهي. جنهن تان فقير خدا بخش نقل ڪيو هو.

2. ماستر درگاهي چنه جو نسخه جيڪو 1936ع ۾ درازن جي درگاهه تي مختلف فقيرن کان ٻڌي لکيو هيائين. ان ۾ 539 ڪافيون لکيل آهن.

3. مرحوم محمد موسيٰ سومري جو قلمي بياض جيڪو 1898ع ۾ لکيائين ۽ جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شاعرن جون 2000 ڪافيون موجود آهن، انهيءَ کانسواءِ هڪ مرثين جو قلمي نسخه جنهن ۾ مختلف شاعرن جا مرثيا لکيل آهن. جنهن ۾ فقير نانڪ يوسف جا 3 مرثيا پڻ لکيل آهن جيڪو 1898ع ۾ پڻ لکي پورو ڪيائين.

4 . حاجي عبدالرحمٰن تنيو جو لکيل نسخه جيڪو مرحوم خدابخش فقير جي نسخه تان 1950ع ۾ نقل ڪيل آهي.

5 . مختلف فقيرن کان پڻ ڪافيون ٻڌي نقل ڪيون اٿم، ڪي ڪافيون سڀني نسخن ۾ ساڳيون آهن.

اوهان مهرباني ڪري مرحوم خدابخش فقير وارو لکيل نسخو واپس ڪندا ته جيئن سمورا نسخا ڀيٽي هڪڙو متن تيار ڪجي.

فقير صاحب جي سوانح لاءِ هيٺيان ماخذ موجود آهن.

مرحوم ماستر محمد موسيٰ سومرو جو اصل لکيل 1998ع وارو نسخه جيڪو عبدالله فقير بروهي کان ٻڌي لکيائين.

حاجي عبدالرحمان تنيي جو نسخه جيڪو 1950ع ۾ وڏي عمر وارن ماڻهن کان پڇي لکيائين.

ماستر محمد بخش وارو نسخه جيڪو ماستر محمد موسيٰ واري نسخه تان هليو جيڪو اوهان واپس ڪيو.

اوهان جو لکيل علمي آئينو.

جون 1939ع ۾ سرڳواسي ڪلياڻ آڏواڻي سنڌو رسالي ۾ فقير نانڪ يوسف تي مضمون لکيو.

تذڪره لطفي جلد 3 لطف الله بدوي شڪارپوري.

مضمون نئين زندگي عبدالعلي فتح علي قلباڻي.

مضمون نئين زندگي ماستر رسول بخش ٽالپر

جوتيون جواهرن جون، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

رساله سچل سرمست مرزا علي قلي بيگ

سچل جو سرائڪي رسالو مولوي محمد صادق راڻيپوري

سچل جو رسالو نماڻو فقير هندستان ۾ ڇپيو.

مودبانه گذارش آهي ته اوهان وٽ فقير نانڪ يوسف جو جيڪو مواد هجي ته نوازش فرمائي ڏيندا.

- خادم حسين عباسي

محترم ڊاڪٽر خداداد چانڊيو

خيرپورناٿن شاهه (1961 – 11 – 30)

محبوبِ دلم گرامي عزيزم عالي جناب مسٽر بلوچ صاحب،

بعد صد السلام عليڪم ورحمة و برکاته، اقدام بوسي ۽ شوق ملاقات فرحت آثار جي معروض راءِ عالي اينکه ورهيه گذري ويا آهن مگر بنده کي حضرت جن جي ملاقات جو شرف حاصل ڪونه ٿيو آهي. اهو زمانه جهوناڳڙهه وارو ۽ هي زمانه پيري تباهيءَ وارو! انهيءَ درميان ڪو هڪ دفعه اوچتو ڪراچيءَ ويندي ملاقات چند لحظن لاءِ ٿي هئي. اميد ته ياد هوندي.

پيارا ادا اوهان صاحبن جون خبرون پيون جيئن جو وڏن ماڻهن جون ڳالهيون با بانگ بلند هلنديون رهن ٿيون، مگر اسان مسڪينن جو آواز ۽ حال بلڪل پنهان ۽ پوشيده بي وقار جي حالت ۾ پيرن هيٺ رهندو آهي. تنهنڪري اوهان صاحب اسان جي حال ۽ چال کان بلڪل ناواقف آهيو. اسان مسڪيني حال ۾ پنهنجي ماحول اندر پيا تڳون. الحمدالله، انهيءَ ۾ الله پاڪ جو راز مضمر آهي، ۽ ائين تان دل ضرور شاهدي ڏئي ٿي ته توهان جڏهين فارغ از خيالات بلند کان ٿي ننڍپڻ ۽ پڙهڻ وارو زمانه ياد ڪندا هوندئو ته انهيءَ وقت ضرور هڪ سيڪنڊ لاءِ هن ناچيز کي به ضرور ياد ڪندا هوندا. دل چئي رهي آهي ۽ اوهان صاحبن کي عجب هوندو ته ڪير آهي. ادا جان آءٌ اهو آهيان جو صالح بورچيءَ سان گڏجي حيدرآباد دکهن ڏانهن جهوناڳڙهه مان فرار ڪري ويو هوس. خداداد چانڊيه ڪئبن وارو ياد هوندو. بهرحال هينئر نقشه آڏو اچي ويو هوندو. ادا جان هن زندگيءَ ۾ باغم والم پيا گذاريون ۽ اڳين حياتي تي صاف ۽ پاڪ ياد ڪري ڳوڙها ٿا ڳاڙيون. اسان کي جئن رب موزون سمجهو اتي ۽ انهيءَ جاءِ ۽ انهيءَ ڪم تي بيهاريو ۽ اوهان صاحبن کي جتي رب العزت چاهيو اتي ۽ انهيءَ جاءِ تي انهيءَ ڪم کي سرانجام ڪري رهيا آهيون. الحمدالله عليٰ ڪل حال. اوهان صاحب ڪي سال اڳ هن طرف تشريف فرما هيو. ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر نون صاحب ھيو ۽ آخوند شفيع محمد صاحب کي چوڻ ڪيو ھيو ته خداداد چانڊيه ڏي هلون. مگر مسٽر شفيع محمد صاحب نٽائي ويو ته واٽ جيپ جي نه آهي، اها خبر آخوند صاحب مون سان ڪئي هئي. جيڪڏهن واقعي هن مسڪين جي خس خانه تي تشريف آوريءَ سان سرفراز ڪريو ها ته ضرور هن عاجز جي دل نهايت بهار ٿئي ها. بهرحال جي حياتي بقا ڪئي ۽ زمانه جفانه ڪئي ته ضَرور اوهان شفيق هن عاجز کي نوازيندو. مون کي ڏاڍو شوق زيارت جو ٿيندو آهي مگر بي وس بي زاد آهيان. نٿو اچي سگهان. اوهان صاحبن کي ته آسان آهي جيڪڏهن ڪرم نوازي ڪريو ”شاهان چه عجب گر به نوازند گدارا“ اميد ته خوش خورم هوندا ۽ قلب سليم سان حياتي بسر ڪري رهيا هوندئو ۽ دعا آهي ته شال هميشه شاد ۽ آباد هوندئو – آمين ثم آمين.

- ڊاڪٽر خداداد چانڊيو

محترم خ. ق. سومرو

گورنمينٽ مڊل اسڪول، ڊٻ ميهر شاهه (1979 – 5 – 1)

سائين بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: عرض هي آهي ته مان توهان سان وعدو ٿو ڪريان ته ٻيو ڪوبه مقالو توهان ڏانهن ڪونه موڪليندس، ڇو ته مان توهان کي ڪافي تڪليف ڏني آهي، مهرباني ڪري مونکي معاف ڪندا.

سائين هي مقاله، انساني ذهن جي ارتقا جي نالي سان توهان جي خدمت ۾ پيش ٿو ڪريان. تهذيب و تمدن جي موضوعن تي توهان وڏي حيثيت ٿا رکو. اميد ته منهنجي رهنمائي ڪندئو. ڏهن منٽن جي قرباني لاءِ توهان جو ٿورائتو رهندس. توهان يقين ڪيو ته هي آخري تڪليف آهي جا مان توهان کي ڏيان ٿو.*                                 – خ. ق سومرو

.....2.....

* مورخ لاڙڪاڻه 15 مئي 1981ع ·

سائين بلوچ صاحب،

رسول عربي جو گلابي نور توهان جي ڳلن تي مهڪندو رهي، دنيا جي ان وڏي ۾ وڏي عقلمند انسان جون رحمتون اوهان تي رسنديون رهن، آمين!

سائين لاڙڪاڻه مان پڪار ڪئي اٿم، اميد ته مون تي احسان ضرور ڪندءُ ڇو ته ٻي ڪابه واه ڪونه اٿم. هڪ پاڪ سوال کڻي توهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آهيان. مڃان ٿو ته توهان جو وقت قيمتي آهي، پر ڏهن منٽن جي قربان سان قرآن شريف جي ڪا عظمت دنيا تي آشڪار ٿي پوي ته ان کان وڌيڪ خير جو ڪم ٻيو ڪوبه ڪونهي.

هڪ مقالو ڪائنات ڪيئن ٺهي؟ قرآن حڪيم جو جواب لکيو اٿم. پنهنجي نوراني تنقيد کان آگاهه ڪيو ته توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي. مونکي قوي اميد آهي ته توهان جهڙن عالمن وٽان خالي ڪونه موٽبو. آءٌ توهان کي يقين ٿو ڏيان ته توهان جا ڏهه منٽ رائيگان ڪونه ويندا بلڪ توهانکي روحاني خوشي نصيب ٿيندي.            – خ. ق

محترم خدابخش چانڊيو ”مجاهد“

سامارو

مشفق لکان ڪه شفيق لکان ڪه مهربان لکان

حيران آهيان ڪه تنهنجي خط ۾ ڇا لکان.

-

چارڻ لڱون پنڌ گهڻون ڪين چوٽاڻي چئيج

اتي آءٌ نه اچڻو هتي هلائج

ڪو جو ڏان ڏيج، جو پوڄارو پور ٿئي.

-

موڪليان مرڪز کي سامهون مهل ڪا منٺار خط،

دوست تنهنجي دوستي جو دوبدو ديدار خط.

تون طياري تارپيڊو تير کان وڃ تيز ٿي،

تار سان تاريون مٽي وڃ تيئن منهنجو تار خط.

وا سوا ٻيو ڪير وٺندو ڪير وٺندو واسوا،

واءُ خدا جي واسطي تون منهنجو وارئي وار خط.

بند بلبل کي ڪري جيئن باغبان بادام تي،

برگ گل کان باگل بر بام تي بيدار خط.

وڃ کڻي هي خط خلاصو ڊاڪٽر وٽ ڊوڙ سان،

هي نبي بخش آهه تنهنجو نازني نروار خط.

وڃ مجاهد جي کڻي تون معذرت ۽ ماجرا،

من ملڪ ارض و سماء وهنوار سان ڪو وار خط.

آءٌ اڻ پڙهيو آهيان نه ته جلد خط پهچائجن ها. اسان تي با صداقت صاف تنهنجا سونا نجش نشان آهن. توهان منهنجي همٿ افزائي ڪئي، تنهن کان پوءِ مون يوم آزاديءَ تي ضلعي کان پهريون نمبر کنيو آهي. توهان صاحبن جي تار ملي. سال تائين پگهار ملندو آ. اوهان جي مهرباني – وڌيڪ خير.

- خدا بخش

محترم حڪيم دين محمد اڪرم ٻوڙائي

ڪوٽڙي (2003 – 5 – 30)

قابل احترام جناب حضرت قبله ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم: طرفين خيريت مطلوب آمين ثم آمين. دير لاءِ نهايت شرمنده ۽ معذرت خواه آهيان.

اوهان جي زيارت جو ڏاڍو شوق هو ته حميد صاحب (ميمڻ، سنڌي) وٽ ايندا مگر زيارت نه ٿي. توهان جيڪي ڪجهه منهنجي ڪتاب تي لکيو آهي، انهيءَ لاءِ آءٌ پنهنجي زندگي جي بيحد خوشي جي اظهار کانسواءِ ڇا ڪري سگهان ٿو.

خداوند تعاليٰ اوهانکي پنهنجي آل اولاد سان خوش رکي وڏي عمر عطا فرمائي آمين. شربت ٻه شيشا تحفه طور حضور جن جي سنت سمجهي قبول ڪندا هي شربت مشڪ ۽ عنبري آهي منهنجو مرشد سيد عبدالحفيظ شاهه اعليٰ حضرت احمد رضا بريلوي جن جو ڏوهٽو آهي، اهو ٺهرائيندو آهي. هر سال ٻه شيشا مونکي عنايت ڪيائون، اهي خدمت ۾ عرض رکيم اهي ڏينهن ۾ ٻه دفعا واپرائي سگهجن ٿا.

– حڪيم دين محمد

محترم مولانا دين محمد اديب

فيروز شاهي (16 – اپريل 1964ع)

بخدمت مخدومي جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته، خيريت سان سفر با ظفر تان واپسيءَ جي مبارڪ.

ڪليات اديب فارسي يونيورسٽي پريس ۾ ڇپي رهي آهي. اڌ کن ڪمپوز ٿي ويئي آهي. 32 صفحا مٿيئن تي ڇپجي ويا آهن. براه ڪرم ڇپيل فارم پريس تان گهرائي مطالع ڪرڻ فرمائيندا. آرزو اٿم ته ڪتاب بابت چند ڪلمه دعائيه لکي ڏيندا ته خوشي ٿينديم، خدا تعاليٰ اوهانجي فيض ۾ روزانو برڪت وجهي – آمين نياز مند

- دين محمد

محترم دادا سنڌي

گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپورماٿيلو (1984 – 1 – 25)

بخدمت جناب ڊاڪٽر صاحب،

تسليم و آباد! اوهان صاحبن سان ملاقات جو شرف ساري زندگي ۾ ياد رهندو. اوهان جهڙا مخلص، بي لوث ۽ اديبن جا همدرد ۽ هڏ ڏوکي ليکڪ هن سنسار ۾ مشڪل ملندا. اوهان جنهن خلوص ۽ پيار سان منهنجي همت افزائي ۽ حوصله افزائي ڪئي، ان لاءِ مان مشڪور رهندس، اوهان جي متوڪلانه طبع ۽ بصيرت افروز گفتگو جو قائل آهيان.

ٻيو ته آءٌ جنهن لغاري دوست جو اوهان کي عرض ڪيو هو ۽ سندس پروموش لاءِ اوهان صاحبن کي درخواست ڏني هئي، مهرباني فرمائي، ان لاءِ ڪجهه رحم جي نظر ڪندا ۽ سندس پروموشن لاءِ چوندا.

ٽيو ته آءٌ جن ڪتابن لاءِ اوهان صاحبن کي عرض ڪيو هو. جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ اڌ عنايت ڪندا ته وڏي مهرباني ٿيندي.

ڪجهه ڪتاب هي آهن:

عربي لٽريچر ۾ قديم هندستان.

هندستان، عهد رسالت ۾.

هندستان عهد خلافت راشده ۾. مولانا اطهر مبارڪپوري

هندستان ۾ عربي حڪومت.

سائين وڏا، آءٌ اوهان جو نهايت مشڪور رهندس، جيڪڏهن اوهان تڪليف وٺي، اهي ڪتاب عنايت ڪندا.

سائين، استاد ڪريم بخش لغاري جي پروموشن لاءِ وري به عرض ڪندس.

- دادا سنڌي

محترم در محمد پٺاڻ

گورنمينٽ هاءِ اسڪول جنگشاهي (1973 – 6 – 14)

بخدمت فيض الدرجت قبله سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب،

السلام عليڪمِ سائين هڪ سال بعد وري سائين جن جي خدمت اقدس ۾ هن خط جي وسيلي پيش ٿي رهيو آهيان. اميد ته اڃان به وڌيڪ نظر ڪرم سان مستفيض ٿيندس. سائين، مان ڪير آهيان؟ تنهنجو جواب چند الفاظ ۾ پيش ڪريان ٿو.

مدت دراز کان سائين جن جي علم و فضيلت، عنايتن ۽ نوازش، فيض ۽ ڪرم جو پياسي، شايد منهنجو شمار انهن بدنصيب مسافرن ۾ ٿي سگهي ٿو. جن کي پنهنجي منزل جي ته ڄاڻ هجي پر هو ڪٺن راه کان بي خبر هجن. ساڳي ئي نموني هن ناچيز ته پنهنجي منزل ڄاڻي ورتي آهي ۽ اها آهي سائين جن جي عظيم شخصيت جيڪا منهنجي يقين مطابق مون لاءِ مجازي پي کان وٺي ويندي ادبي مرشد جي حيثيت رکي ٿي. انهيءَ منزل کي ڪيئن ماڻيان؟ سا سڌ نه ٿي پئيم. ڇو ته ان عظيم عالم اڳيان آءٌ ڪيئن اچان جڏهن ته مان پاڻ جاهل آهيان. ان سست آدمي کي ڇا مجال جو ان مجسمه محنت اڳيان اچي جنهن اکين کي اوجاڳا ڏئي، راتين جون ننڊون ڦٽائي پنهنجي ادبي ڪاوشن سان سنڌي ادب جي وسيع زمين کي سيراب ڪيو.

سائين، مان پياسي آهيان اوهان جي شفقت جو، اداسي آهيان اوهان جي فيض لاءِ، مون کي هڪ مجازي پي، محبوب رهنما، ۽ عظيم شخص جي دامن گهرجي. مون کي يقين آهي ته مان اوهان جي در تان ڪڏهن به خالي نه ويندس ۽ منهنجو شمار انهن خوش نصيب فردن ۾ ٿيڻ لڳندو جيڪي سائين جن جي نظر ڪرم ۽ فيض جي رنگ مان رنگجي ريٽا ٿيا هوندا...

- در محمد پٺاڻ

محترم در محمد خان اُڍو

محمدپور، ضلع جيڪب آباد (1 – آگسٽ 1962ع)

بخدمت تشريف ڪرم فرمائي ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

عرض ته گنداوا وارن ٽڪرن ۾ صاحب ٽڪري ۾ ديڳ جو اوهان ذڪر فرمايو هيو. نيڪ محمد خان کان احوال معلوم ٿيو ته بروهي ٻڌايو ته ائين برابر آهي.

هينئر عرض آهي ته حياتي باقي، رهي گرميون گهٽ ٿين، اوهانکي به واندڪائي ڪا ٿئي، اهو سفر ضرور ڪبو. ڏکيو ڪونه آهي. خير مان تلاش ۾ آهيان ته هي آدمي نيڪ محمد وٽ رستو ڏسي اچي. مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي جو اسان جي سنگت به سموري ساڻ هجي.

- در محمد اڍو

....2....

ڪرم فرمائي من،

هن کان اڳ نياز نامو عرض رکي ويو آهي، اميد ته گذارش هيٺ آيو هوندو. ڪالهه هڪ آدمي وڌيڪ هي به احوال ڪيو ته هڪ مري زميندار ٻڌايو ته انهيءَ قسم جون اهڙيون ديڳيون هڪ نه پر ٻه آهن، انهيءَ کان سوائي هو چوي ٿو ته صاحب نجاتي پٿر آهي، انهيءَ تي ڪي اکر لکيل آهن. جي پڙهڻ ۾ نٿا اچن، اهي ڳالهيون ڪيتري قدر سچيون آهن، انهيءَ جي جانچ ڪئي وڃي ٿي. جيڪو آدمي پهريون موڪليو ويو آهي، سو ڪونه آيو آهي، بهرحال مونکي اهڙو موقعو مليو آهي جو اوهان جو ديدار حاصل ڪندس، جئن جئن احوال معلوم ٿيو عرض ڪندس. الحمدالله خيريت آهي، اميد ته ڀائي صاحب خوش و خورم هوندو.

عثمان فقير جي به جانچ ڪئي وئي آهي، اهو ڪم پورو ٿيندو، اهي ڪم (ستار والله) سيد محمد خان جي حوالي آهن، انهيءَ جا نياز عرض آهن سندس چوڻ آهي ته اوهان کي بنده ايرادن ۾ ستار مدد ڪندو. آمين اميد ته اوهان خوش خورم هوندو.

- در محمد اُڍو

محترم دين محمد چارڻ

شهر دادو (مورخ 22 نومبر 1957)

معزز جناب ڊاڪٽر صاحب،

بعد السلام عليڪم جي عرض ته نوازشنامه ٻئي مليا، نهايت مهرباني. ڪتاب به ميان صدرالدين جي مداح وارو مليو مگر مان اوهان وٽان حيدرآباد کان اچڻ بعد بيمار ٿي پيو هوس، انفلوئنزا جي بيماري تمام تڪليف سان ٿي هئي. ڪتاب ۽ خط مونکي ان بيماري ۾ مليو جنهنڪري احوال ڏئي ڪونه سگهيس، هن وقت الحمدالله خوش آهيان. ميان صدرالدين جي مداح مهراڻ جي نمبر ۾ برابر ڇپي آهي، اسان اهو نمبر هتان جي ايجنٽ کان ورتو آهي، ۽ ايڊيٽر صاحب اسان ڏي ڪونه موڪليو آهي. تنهنڪري هاڻي اسان کي درڪار ڪانه آهي، ۽ ٻيو ته منهنجي ڀاءُ مولوي محمد سهراب مونکي ٻڌايو ته اسان جي والد مرحوم جي مداحن ۽ مولودن جي ڪتابن ۾ ميان صدرالدين جي مداح ڇپيل آهي جا شڪارپور جي ڀوڪرداس جي ڇپايل آهي، منهنجو خيال هو ته ان کي به ڀيٽي ڏسان مگر اهو ڪتاب به اڃان في الحال ڪونه لڌو، اميد ته جي لڌو ۽ ڪو وڌيڪ ان ۾ مصرعه هوندو ته لکي موڪليندس. تازو احوال ته اوهان صاحبن لکيو هو ته شجري جا پويان پنا جدا ڪريان ان لاءِ اسان جو خيال هو ته جدا ٿيڻ سان اسان کان وري گم ٿي ويندا. جئن ته اهو شجرو به ڪو اڳين جو حصو آهي، مگر جلد ۾ ٿيڻ سان ڪجهه نه ڪجهه بچو آهي. ان ڪري جي اوهان جدا نه ڪيا آهن ته جتي 4 سال کن گذريا آهن اتي اهي ڏينهن به گذري ويندا. اوهين جي 5 – 6 مھينن ۾ ڪم لاھي سگھوس ته اوھان وٽ ھجي ۽ جي ان عرصي ۾ اميد نه هجي ۽ اوهان جدا به ڪرائي ڇڏيا آهن ته ماشاالله پوءِ پوين صفن کي وري کڻي جلد ٻڌبو، جئن اوهان کي مناسب نظر ۾ اچي ائين ڪندا.

- دين محمد چارڻ

محترم داد محمد خادم بروهي

ڦول باغ محله جيڪب آباد (1989 – 9 – 1)

مانوارا سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: عرض ته اوهان جو محبت ڀريو خط (89 – 8 - 23) مليو وڏي مهرباني جو جواب سان گڏ پنهنجن قيمتي مشورن سان نوازيو اٿو. اوهان جي مشورن موجب مون سبي جي آسپاس وارن پٺاڻن جهڙوڪ خجڪ ۽ پڻي قومن جي سنڌي ٻولي تي به مختصر ڪم ڪري آيو آهيان. خجڪي ۽ پڻڪي به سبي جي وڏي يعني فراڪي محاوري جا ننڍا محاورا آهن، جڏهن ته سيلاچين جي علائقي تلي ۾ خشڪي ٻولي به فراڪي ۽ کيتراڻي محاورن جي ننڍي محاوري جي حيثيت رکي ٿو.


*  1976 – 1975ع ۾، جڏھن آءٌ وائيس چانسلر رھيس، تڏھن ”سنڌ الاجي“ جي ترقيءَ تي خاص توجهه رهيو: ٻه رسالا جاري ڪيا ويا هڪ انگريزيءَ ۾ ٻيو سنڌي ۾ ”علمي آئينو“ جنهن ۾ منهنجو نانڪ يوسف بابت لکيل تفصيلي مضمون ڇپيو. (جنهن ڏانهن اشارو ڏنل).

*  سندس موڪليل مضمون مغز ۽ معنيٰ وارا ھئا. مون انھن کي شايع ڪرايو. ھڪ ماھوار رسالي ”پيغام“  (ڪراچي) کي ڏنو ۽ ٻيو سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ کي ڏنو. نبي بخش.

· ڊاڪٽر بلوچ  جو نوٽ: خط لکيو ويو ته پنھنجي مضمونن جو مجموعو تاليف ڪري موڪلي ته ھجره پروگرام ھيٺ ڇپايو وڃي. نبي بخش. اسلام آباد 1981 – 7 – 21.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org