سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :7

 

2. ميوي جو بيت *

واهه عجائب باغ بنائي، آگي ڪيو اظهار ڏِسو،
پورهيو منهنجو صاب وڌو، هي ڪرم ڪري ڪلتار ڏِسو،
رَنگا رَنگي وِرک ورهايم، گـُـل ڦـُـل جا گلزار ڏِسو،
سـُـرخ، سفيد، رَنگي، گل زنگي، موتيو مزيدار ڏِسو،
گل عقيق، ته گل گلابي، ست گـُـلو سينگار ڏِسو،
گينڊو، گل هزاري، سورج، شرماٻوٽي ڌار ڏِسو،
ناز ڪيو آ نازبو، بيٺو چنبيلي چمڪار ڏِسو،
اَنب، انجير، ترنج، ڦارُوها، ليمان، توت، ليار ڏِسو،
سهڻا صوف، ته ٻير به صوفي، ڏاڙُهن جا ڪي ڏار ڏِسو،
سنگتڙا، نارنگيون، مالٽا، طرحين طرحين تيار ڏِسو،
ڊاک، کجيون، زيتون، پپيها، ناسپاتي نروار ڏِسو،
ڪيلي جون به قطارون قائم، چوقبلو چوڌار ڏِسو،
اَنبن جا به نمونا نالا، ڪريان شعر شمار ڏِسو،
آمي، انجير، انگور، اَڪسيري، آپوسي اِسرار ڏِسو،
بيد، بادام، ٻسانگو، ٻيجو، بادشاهه بند بهار ڏِسو،
طنبو، طوبيٰ، تحفو، توشو، ٽپڪو، ٽمنهن، ٽـِـڏار ڏِسو،
ٺپو، ٺيڪ، پتاشو، پستو، ڦارُوهو ڦردار ڏِسو،
جاڙو، جهنڊو، جهـُـٽلو، جهمٽ، جهوڙي جو جنسار ڏِسو،
ڄمون، چيريل، چپو، چندن، چنبيلي چوٽيار ڏِسو،
ڇـُـڳو، ڇٽ، ڇـُـڳير، ڇـِـهه گوشو، حبشي هي هڪوار ڏِسو،
خيمو، خـُـرمو، خاص خوراڪي، دُنبو ذات ڍليار ڏِسو،
رَتن، رَنگ، رَتول، رَنگينو، ريڀڙ ڀي رَمدار ڏِسو،
زَردو تي زَردالو ۽ پڻ زَنگي زينتدار ڏِسو،
سرد، سفيدو، سـُـپڪ، سنهڙو، سونهري مينگار ڏِسو،
شيدي تي شمشاد، صنوبر، اَنب، عـُـناب، آنار ڏِسو،
قيصر پڻ قنڌاري ڪيلو، ڪابولي ڪسيار ڏِسو،
ڪـَـٽوري، ڪـَـشميري، ڪـُـٻڙو، کـُـهنبو کٽڻهار ڏِسو،
کـَـرپٽ، کارڪ، گنبو، گدرو، گيلي جا گلزار ڏِسو،
گوشو، گهاٽ، گنبذ، گلدَستو، ڳانڌوهي ڳردار ڏِسو،
ڳمـُـون، ڳنڍِر، لڏوُن، لنبو، لال پٽو رَنگدار ڏِسو،
مـُـربو مرڪز، مکڻ، مصري، ميسو، منگهه ملار ڏِسو،
مرجان، متيرو، مـَـنڊو، ماکي، مالپڙو موچار ڏِسو،
نـَـر موتي، ناريل نشابر نڪري سو نروار ڏِسو،
وَنگو، واهه وزير وِلائتي، هزاري هربار ڏِسو،
تيرهن سؤ چوونجاهه سـَـنه ۾، ڪيم اهو سنسار ڏِسو،
لطف ”لغاري“ ساڻ ڪيا رَب هادي لک هزار ڏِسو،
سؤ بار شڪر ڪيا ”شيرمحمد“ چئي، ڪلمون ڪوڏ قرار ڏِسو،

 

 

نارنانءُ (عورت، ڪامڻ)

1. نارنانءُ (عورتن جا نالا): آمي، آمنت، ايمڻا، آسي، اميرزادي، اُميدي، امينا، آسودي، آسيت، البيلي، اِڀوڙي، آيل، انوَري، اصغري، اُتمان، بيبي، بلقيس، بانو، بختي، بيبلَ، بديعل، بچان، بوبان، بچي، بوبنان، بنسان، بندياڻي، بيگم، ٻائي، ٻانهي، ٻانهياري، ٻوڙي، ٻاگهي، ٻـُـڍي، ٻائل، ٻوکي، ڀاندي، ڀاڳان، ڀوري، ڀئوندي، ڀاڄائي، ڀاڳي، ڀان، ڀرائي، ڀورَ، ڀاڻو، تالر، تڪڙي، تتي، توائي، تاري، تارُو، توڏان، ٿـُـلهي، ٿرڙي، ٿڪي، ٿاٻر، ٿائري، ٿاريلي، ٽـِـلان، ٽانوري، ٽنڊيلي، ٽڪڻ، ٽلڻ، ٺاڪران، پڃان، پڄان، پريت، پٺاڻي، پالهي، پورهيت، پدمڻي، پاڳاري، پنڻي، پريما، پرچندي، پري، پياري، پاران، پوڙهي، پانڌياڻي، جندو، جعده، جوائي، جاڙي، جيئان، جيئندي، جنت، جادل، جيئري، جمڪي، جيوڻي، جيجل، جيجي، جـُـڙي، جنون، جاڙيتي، جني، جيئڻ، جيڏي، جيڏل، ڄامان، ڄيٺل، ڄيٺي، ڄيٺياڻي، جهوني، چري، چاڳان، چـَـتري، چوڙيلي، چڱي، ڇاڱل، ڇـَـتان، ڇوري، ڇـُـٽي، حليمان، حاجاڻي، حاجران، حور، حرمت، حسنا، حوا، حـُـميران، حڪيمان، حنيفان، حسن بيگم، حـُـمي حياتان، حاڪمي، خيري، خوشحالي، خديجـﮧ*، دادلي، دائي، دريا خاتون، دانهياڻي، دُوري، ڏوڪري، ڏسڻي، ڏُهيلي، ڏاهي، ڏيپلان، ڌاڻو، ڌڃاڻي، ڌنل، ڌارين، ڍولي، ڍائي، راڄي، رحمت، رقيـﮧ، رئيسياڻي، رُسڻي، رامي، راستي، رحيما، روچي، رفعت، زليخان، زينت، زيبو، زيندو، زرينا، زينل، سورٺ، سڄڻ، سيتان، سڀل، سمل، سانوري، سونان، سگهڙ،سياڻي، سڀاڳي، سبحان خاتون، سرهي، سڪينا، سوڍي، سوني، سمي، سائڻ، سهڻي، سسئي، ساران، سفوران، سـُـکان، سجني، سهتي، ساماڻي، سـَـتي، سومري، سانولي، سلکڻي، سنگهار، سهاڳڻ، ساهيڙي، سومل، سانگياڻي، سردار، سليمت، سنڀوڙي، سـُـکي، سڀائي، سدوري، صابل، صالحان، صغران، صحت، صاحبان، صاحبزادي، طوطل، عزت، عاجزان، فاطمـﮧ، فهميده، ڦاپو، ڦاپي، قائمان، ڪرامت، ڪاري، ڪذبانو، ڪذو، ڪنوار، ڪريمان، ڪامڻ، کنڊٻائي، گندري، گوري، گونگي، گوهرجان، گاڏيلي، ڳؤري، لالي، لالان، لـُـهاري، ليليٰ، لـُـڏڻ، لاڏلي، لاڏان، ليلان، ممل، مرادي، مکڻا، مکڻ، ماڱل، مهرجان، مهري، ملوڪان، محبت، موڏان، مـِـري، مريم، مروبت، مومل، موري، موکي، متي، مارئي، ماٺيڻي، مڪلي، مالڪياڻي، مڱي، مـِـٺان، نينگري، نصيبان، نماڻي، نيامت، نموئي، نوران، نـِـدوري، ناتر، ننڍي، نمري، وريتي، واصل، واندي، ويراڳڻ، وسائي، وريتي، وسندي، ولهي، واتوري، هير، هوندي، همشيراه، هيڻي، هيمان، هسندي، هيڪل.

2. عورت جا: مڪر، ڳيچ، نازَ، نخرا، ساٺ سوڻ، سينگار، سهما، طعنا، رُسڻَ، پار، جهيڙا، تالَ، کيٽا.

3. عورت جو: سهاڳ، ڏهاڳ، ناز، نخرو، تال، لچڪو، صهرو، ڪابينو، مهر، سيلُ، حسن، لکيو، سينگار، جوڀن، جلوو، تجلو، مڙس، وارث، پيهڻ پچائڻ، ڪتڻ، گهر ڪرڻ، جورو، پڙو، برقعو، گج، چولو، گهگهو، ناچ.

4. عورت جون: دغائون، ٺڳيون، لانئون، چوٽيون، مـُـنڊيون، مينڍيون، ساهيڙيون، سرتيون، تاڙيون، گنديون، پوتيون، چـُـنيون، ڇاتيون.

5. عورت جي: ٿڃ، سـِـڪ، دل، پوڄا، پـِـٽَ، بهادري.

6. نارنانءُ جا بيت:

(1)

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب سبحان،
قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪان،
آدم جي اظهار لئي، حـَـوا ڀي حيران،
ڳڻي ڳڻبا ڪيترا اُنهن جا نالا ۽ نيشان،
سائڻ ستڙي، سرتان، سومري، مرادي منجهان،
مومل، سومل، سهڄان، ڀـِـرائي، ڀاڳان، ڀان،
ميوَل، ڪيوَل، ڪوڙي، مـِـٺـِـي وڏي مان،
جيئري، جيئندي، جني، جيان، هير ڪري حيران،
سون، سفوران، حوران، حوري، ڳؤري، خاني، خان،
خيري، جانل، جنت، جونئري، جاڳـُـل، جاءِ مڪان،
آسيت، اِيسل، اَمل، نـِـمل، ڀاڳي، ڀانا، چڱيءَ جا جولان،
صحبان، سياڻي، سمـُـل، ساران، سوڍي، سلي، بيبل ڪر بيان،
بيگم، بکي، بختي، بديعل، ملڪان وڏي مان،
ڀـَـري، ڀوري، ڀـِـتل، ڀرمي، سورٺ جا سامان،
گولي، ٻانهي، گوري، ساري، پردل پرڀي ڪان،
جميعت، جادُلو، رحمت، رحيمان، آمنت امان،
ڪونري، ڪونئروُ، ڪمـُـل، ليلهان، لالي پروس پشيمان،
پت پاري سموري جعفران، ۽ جميعت جا جولان،
زليخان، زريخان، زينبزادي، مارُل سا مهمان،
شهرو، شيرين، شرمون، سمجهوُ، ڏس شاهـُـل جا شان،
اَنسان، منسان، کيان، خاتون، ستهان، سائڻ ڪان،
حـُـمل، حوَل، حاتي، هاسوران، سؤ رنگ رتان،
ڇـُـتل، ڇـُـٽي، ڪـُـندن، ڪرمي، ڌرمي رک ڌيان،
دَرهه، دادلي، دَري، دِينا، ليلان لامڪان،
ريوي، راڄي، ناتر، نازي، جانان بيگم ۽ جان،
مـَـنڊي، ڪاڻي، ڪوجهي، ڏيوي، نماڻي، نڌر کي نيشان،
کـِـلڻ، کنڊُل، صاف، سدوري، سهتي، رڻي ريب رکيان،
مـِـري، آمون، ڌيان، ڌڃاڻي، صحت، سگهڙ، سوهان،
عـُـمري، عالمي، عيلمان، ٻي جا ختيجان خان،
لالهر، لالان، تيجل، ڄيٺل، ڄامان، حاڪمزادي، جمنا ڪر جولان.
گولي، گندري، نوري، نماڻي، مينگهي ڪر ملار،
طوطي، امين، مکڻ، ستوڪ، پونچ، پارسان، سليمت، سنگهار،
حيمـُـل، حنيفان، هسنت، راستي، ايمڻا ٿي اظهار،
مينهڻ، منان، موران، قسمت، ورائي، عظيمان وينجهار،
نغار، نڀوڙي، ناهي، ڪؤڙي، پسي ڪر پوڪار،
الهرکي، عيد، اوڀائي، نازُل آهي نماڻي نار،
عين الحق، عقيلان، عربي، البيلي آندل ٿي اظهار،
ارمان، اُڪي، اُمري، عملي، اتم، آسودي، عدن ٿي انڪار،
آشان، اُمت، عزت، آمنت، ارڏي، عائشه، اُم سلمـہ اظهار،
بالو، مينا، بکان، بولي، برڪت، بيبي بصري، بلقيسا باغ بهار،
بدَرل، بانوَري، بختاوَر، بڪاولي، بانو، بوبنا، بچي، بختار،
ڀنڀو، بالي، بوندي، تـُـرسان، طولان، تڳـُـل، تصوير، تـُـمن ڪر تنوار،
سـُـرهي، سهاڳڻ، سنڀل، سڪينا، ساران، سمي، سگهڙ، سسئي،
                                          صحت سنڀار،
سانوڻ،سانولي، ستابي، سنڀوڙي، صورت، صابل، سورٺ، صحتي سار،
سڪيلڌي، صالحان، سامت، سهڻي، صفائي، ساران، سدوري، ڪر سينگار،
جانـُـل، جانا، جوائي، جادو، جـِـندو، جوري، جڳـُـل، جمنا ڪر جنسار،
جديت، جهـُـڙي، جمني، جيوي، جيوڻي، جوڳڻ، جمالان ڪار،
سمجهي، سليمت، سبياڻي، صدو، سڀاڳي، سـُـکان سار،
سهتي، سليمان، سـُـکي، صابن، سموري، ستوڪ، سنگهار،
ڪلي، ڪؤڙي، قائمان، مـَـلي، مـُـولي، مـَـمـُـل ڏِس مهناز موچار،
حڪمت، حڪيمان، حريفان، حاتي، حاجاڻي، هيڪي، حسنت،
                                 حڪومت، حميران نار،
هوندي، حيلمان،هاجل، حياتان، حرمت، حنيفان، هير، هدايتڪار،
هاجران، حسينان، هاني، حاجاڻي، حمون، هول، هنسي هار،
خاتون، ختيجان، خانل، خيري، ختيجل، خوبي، خوشي ڪار،
خيران، کٽڻ، کٿوري، ديوي، دادي، داني ڪر ديدار،
زُهران، زُليخان، زرينان، زيبل، زبيده، زرني ذوق ڏيکار،
روپي، ماريوي، رامي، روچي، رُچڻ، رازُل ڌار،
رِندو، راستي، راملي، راوَڙي، راحت، رضائي ڪار،
رنڙ، ربتي، رتني، راڄي، رامڪلي، ريشمان رس نار،
شانو، شيرڻي، شريف، شيرو، شم، شمي، شمس النهار،
گوهر، گلابي، گندري، گـُـجري، غلامي، گلستان گلزار،
گوهر جان، گـُـنگي، گنجي، گونئري، گـُـلي، غريب گڏ گذار،
ڦـَـتـُـل، ڦـَـتي، ڦاپو، ڦولي، فاطمـ*، ڪشني، ڪريمي ڪار،
قسمت، ڪملا، ڪؤڙي، ڪـُـندن، ڪندني، ڪونري، ڪرڪي هار،
ڪيوي، ڪرمي، ڪنولي، ڪـُـنڌي، قيصري، ڪالي ڪر ڌار،
ڪوڏڻ، ڪنواري، ڪلالڻ،ڪجلي، ڪوجهي، ڪملي،ڪامڻي ڪلتار،
لهرِ، لاڏڪي، لال، لطيفان، لڇمي، ليلان لڳي لار،
لکي، لالي، ليلهان، لڌي، لونچي، ڪڃري، ڪسبياڻي ڪار،
مـَـدن، ميهران، مـِـٺڻ، موتل، محنت، منو، ميٽوڙي، ماڻو، مبارڪ يار،
مالهي، مـِـڻي، مـَـڱ، موران، موکي، منهين، مينگهي ڪر ملار،
مهربي، مهناز، ملوڪان، مريم، حـُـرمت، حاني، عدن ٿي اظهار،
ڀنڀو، بينا، باني، بچائي، برڪت، بکان، بچل بار،
بو بنا باغ بهار، لاهه لـُـکون سڀ ”لعلڻ“ چئي.

لاهه لکون تون ”لعلڻ“ چئي، توکي اُمت جو آڌار چوان،
ڌوُتي، ڌاڻو، ڌني، ڌڃاڻي، پهاڄ، پٺاڻي، پار چوان،
پـُـني، پارُل، پـِـرڀي پروس، پدمڻي پسي ڪر پوڪار چوان،
پـُـلس، پريت، پارسان، پلڪي، پونچ، پـُـڄان، پهريدار چوان،
پـُـونجي، پناهه خاتون، پريت، پتپار چوان،
وَسوَ، وسائي، وَسندي، وَڏُل، وصيت، واڇان، والهان وار چوان،
وينگس، وزيران، نظيران، نازي، نازُل اهڙي نار چوان،
نوابي، نصيبان، ناتر، نوازي، نوران، نيامت نروار چوان،
ٻـُـڍي، ٻائي، ٻالڪ، ٻاتي، ٻوڙي، ٻيٽي، ٻڙڪي ٻار چوان،
ٻاگهـُـل، ٻالي، تلوڪان، تـُـلسي، تريناڪ طلاق ترار چوان،
مـَـئي مـُـهاڻي، مياڻي، ڍولي، ڊائي، شمشاد، شميم شمار چوان،
گـُـل بڪاولي، تيميه، جؤنري، جوڳياڻي، حاجياڻي هار چوان،
بدرُل، بهار، بانوري، بلقيسـہ، رضائي، رنڙ، صفائي سنڀار چوان،
ڀونري، ڀرائي، ڀائـُـل، ڀاڳان، تالـِـر، طلاق، تنوار چوان،
گـَـنگـُـل، گنجي، روُنجهي، راملي، رضائي، صفائي سنڀار چوان،
لطف ڪجان تون ”لعلڻ“ تي، ڪلمون ڪوڏ قرار چوان.

 

(2)

صفت ڪريان سبحان جي، جنهن جوڙيو جڳ جبار،
رکيائين شوق شريعت سان، ڪيائين محمد کي مختار،
چارئي يار رسول جا، جن سر ڏنا نروار،
تنهن کان پوءِ هن بيت جي ڪيان ٿو پچار:
ڳجهارت نالو نار جو هوندو بيشمار،
مارئي ڪنهن ملائي، جا هئي مارن کان ڌار،
دادلي پنهنجي دل ۾ ناتر هت نروار،
جيجان جهانگين لاءِ جهنگ جهونگاري جهار،
قابو ٿي وڃي ڪوٽ ۾، هت بيڏوهي بيزار،
جبل جهاڳيا سسئي، ٿي پڇي پنهل جا پار،
زليخا يوسف لاءِ ٿي رني زارو زار،
ليلان خاطر لوڀ جي نه ڇڏيو هٿان هار،
پوءِ چنيسر به چـِـت کنيو، ڪونروءَ ناهه ميار،
مومل خاطر راڻي جي، کاڌو ڏاگهه چڙهي ڏهڪار،
هير خاطر رانجهي جي ڪياهنر هزار،
سهڻي خاطر ميهر جي وڃي ڪـُـن ڏٺا ڪڙڪار،
مجنون خاطر ليليٰ جي کنيا برَن جا بار،
مرزي خاطر صاحبان جي سڀ ڇڏيا سينگار،
سيفل لاءِ بديعل جي، جهليا ديون جا دهڪار،
چڪوو خاطر چڪوي جي، جنهن سفر ڪيا هزار،
چڪور خاطر چنڊ جي، ڪنڌ جهليو هن پار،
فرهاد خاطر شيرين جي، ڪيا ڏونگر ۾ ڏار،
تيئن مارن لاءِ مارئي، وڏا ڪيا ويچار،
سـُـرتان سـُـرت رکي ڪري ڳل وهايا ڳار،
هٿ کڻي مٺل کان، تنهن سور پسيا سنسار،
عائشـﮧ مغرب وقت کي، ٿي سوال ڪري ڏاتار،
هوا لڳي ٿي ملير جي، ٻي وڻي نٿي وڻڪار،
ٿڌي هير ملير جي، ٻي گلابي گلنار،
عمر! مان سائڻ سوڍي ناهيان، نه سورٺ سخندار،
نه پارسڻ، پٺاڻي آهيان، نه ختيجان منجهه خمار،
نه تاجان تاج مٿي تي، نه حڪيمان حڪمدار،
پڄن مرادان، اُميدان من جون، صحت ڏي ستار،
زحمت ڀلي رحمت واري، آهيان آسودي عيبدار،
ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مان، ڪو عمر ڪر آچار،
خاني تنهنجي قائمان، حاصل هجي هروار،
دنيا دولت دريا جان، شل وڌي ٿئي واپار!
عمر! سومري نه آهيان، مان ويچاري پهنوار،
جيڏيون منهنجون ملير ۾، ٿيون ڦاران پائن ڦار،
بيبل، جادل، فاطمه، هت رت روئن ٿيون زار،
جي سچي سليمي ڳالهڙي، آ کلڻ مون بيڪار،
سرتيون هن سورن ۾، مان مرڪي محلان ست ماڙ،
سوني سڪ سانگن جي، ڪپي ڪيي تڪ چار،
آهيان شرم حياءَ سان، مان بختاوَر نار،
رحيمان راضي ٿي، ڪريمان ڪردگار،
ڪو خط اچي خيري، مانَ سيئي لهن سار،
مهران ٿيون ملير تي، حاجران مڙيون هزار،
جيڏيون سرتيون جيوڻيون، مارن ملان هيڪار،
ميهن مانڊاڻا ڪيا، ملوڪان منٺار،
وٺي بوند بر تي، ٿيڙا بر باغ بهار،
عنائتان ٿيون آگي جون، ناتر تي نروار،
عرشئون ڪرشئون اچڻ لڳيون، سرتيون سڀ سنسار،
مان به سکي ٿيان سانگين سان، موڪل ڏي مختيار،
الهڏني آ توکي عدالت جي آڌار،
سڀائي ڳالهه سڃاڻي ڪري، تون عمر ڪر آچار،
تنهنجو بخت بلند آهي، سچو تون سردار،
ڇڏ ته اسلامي مذهب جي، وڃي ڪيان مان ڪار،
هت موري، سائڙي ڳاهڙو، ٿيو چهچٽو چوڌار،
اتي عمر ولاتي ڪم، دل نرم ڪئي هرنار،
ملي هئي سسئيءَ کي مبارڪ لک هزار،
خوش نهالان سرتيون ٿيون، ڏسي پنهنجا پهنوار،
بچي پيئي غمن کان، ڪئي بي غمي ڀوتار،
چٺي آئي قيد مان، ساران ڪيائين سار،
ڀائن ڀيڻ سکي ڪئي، ڪيائين عمر کان آر،
بيبي نه ٿي عمر جي، توڙي ڏنائين بيحد بار،
ڳوري آهيس اندر جي، سليائين سانگين کي سؤ وار،
سڄي راڄي ڪٺي ٿي، راڻي مٿان راهدار،
ارباب بندي جي جيڪا بڻي، ڪير ڀوڳي ٻيو يار،
ڪا دل موران نه مڙي، توڙي عمر ڏنا آزار،
ٿي پياري ڪوڙي ڪينڪي، توڙي ڪيائين ڪتن جي آچار،
محلان ماڙيون ڪين وڻيس، ڪيائين عمر کان آر،
ڪالڪان ڪل عجائب، ٿي گجر گلزار،
مـِـٺڻ منهن نه ڌوتو، آ کنڊُلَ منجهه خمار،
پري ڀاڳي هئي مارئي، نه سڃي هئي سنگهار،
رکي رکڻي کيت جي، نورڀري تنهن نار،
جاڳيو جوش جمالان، نٻري ٿي ناڪار،
بس نه آئي بصران کي، رهيس مارن جي ته پچار،
عمر چيس آزيءَ سان، آ ويٺي صاحب خاتون آچار،
ڄامل مهانگو توکي ڪري، ڪو خريد واپار،
ڇڏ کمئا مٺا ڌوران، کلڻ جي ته پچار،
گلان گل گلاب جي، کڙا ڪيا خمار،
جواب ڏيئي چيائين عمر کي، ته سڻ تون سردار:
نه آهيان سياڻي صفوران، ڀورڙي مان ڀوتار،
جڏهن لطيفان لطف ڪيو، ٿي عينل تي اعتبار،
شريفان اشراف عمر ٿيو، ٻئي سولي ڪئي ستار،
جيئري موٽي مارئي، اچي وسندي ڏٺائين وڻڪار،
نازان ناز ڇڏي ڪري، ڪئي هيڻائي اختيار،
صاحبان سولي هئي، کڻي ڏات ڪئي ڏاتار،
ڪوڏان نڪتي ڪوٽن مان، الله ڪٽيا آزار،
پروزان سڪي سانگين لا”، حنيفان ڪيائين هزار،
هدايت ڪئي هادي، سڄڻ تي سردار،
الله ورائي واڳڙي، ملي مارن سان هڪوار،
اچي سامت عمر کي، مانَ سانگين کي سؤ وار،
الله جوڙي جاءِ جنت ۾، ويٺس ٿهر ٿي ٿڌڪار،
الله جيوائي جڳ ۾، سهڻي سان سينگار،
الله بخشي عزت مارئي جي، موليٰ ڌڻي موچار،
ڏاهي ڏک ڏسي ڪري، نصرت نفرت ڪئي نروار،
حاجن کي هاج هئي، جنهن جي اچي سڀ ڏٺائين سنوار،
سهجان سوکڙيون ورتيون، جيڏين کان هت جار،
سکي ستابي قيد پئي، ڳري ٿي وڃي ڳار،
مليس مارن سان موٽي  متاري، قيدن ۾ ڪنڊا ڪيئي ڪلتار،
ڏک ڏٺائين ڏاڍا، جهڙي تهڙي سار،
زيبران زرني زد ڪئي، زينب زيبدار،
ٿي حاجياڻي جوڳياڻي جهانگين لا”، رني زارو زار،
نمئي نماڻي قيد ۾، توڙي عمر ٿيو قهار،
عزيزان وڇڙي اتفاق سان، پر سولي ڪئي ستار،
رحيم ڏني هيس روح ۾، پيڪن جي ته پچار،
ڪين ڏني هيس قوت، مردن کان موچار،
رب العالمين راضي ٿيو، ستاري ڪئي ستار،
راضل رائي منجهه راضي رهي، جيڪا جوڙي رب جبار،
ڊائي اچي مارئي، ڪيس غم قهار،
ڏهاڳڻ اچي سهاڳڻ ٿي، ويس غم غبار،
جند وڏي حياتان، تارؤن عمر تار،
سونهن به هيس سوائي، منهن ۾ موچار،
عجمان ڀري آزي ڪئي، نوڙي پري هئي پيڪار،
 چڱي ساعت سومرا، ٻـُـڍي عمر دراز،
سعدان پيران ڪٺو ڪري، اچي واڌايون ڏنيون وار،
حوران به حيرت ۾، هئي پرين منجهه پچار،
هئي گهر ڌياڻي جن مارن جي، اچي بسمل ٿي بسيار،
الله ڏنس فتحان، ٿي سران سؤ ڀنڊار،
جيوڻي هئي جڳ ۾، ته ڇا ڪيس عمر جي آزار،
درياهن دڙ لائي، ٿي پاڻيءَ جي پرڪار،
ڪنڌ تي ڪني جا، ريج ٿيا نه هن پار،
نوران نـُـور نهوڙي، ڳوڙها هاري زارون زار،
مڃيائين ڳالهه عمر جي ڪڏهن نه هڪوار،
ڏنائين باس پيراڻي، جڏهن الله بچائي نار،
لکي لکان مون ڪيترا، عمر جا آزار،
عضوي عمل آهي، بيغم روز بهار،
ڄائي ڄامڻي جا ٿي اچي، اتي چمن ڏٺائين چوڌار،
امينا امينت ڪئي، موڪل ڏني مختيار،
چڱي هلت حاڪمن جي، صاحب ٿيو سچار،
سرتيون آئيون پري پري کان، واڌايون ڏيڻ وار،
ڪري ڪوهه ڪشالا، حيلا ڪيائون هزار،
آئيون جيڏيون ولايتن جون، کؤن ڪابل ۽ قنڌار،
ڪي هرات کان هليون، ڪي گجرات مٿان گلزار،
ڪي ڍٽ کان ڍرڪي پيون، ڪي هيون بلخ بخار،
ڪي ڪڇ ۽ ڀڄ کان، ڪي بيلجمان بازار،
ڪي برما کي بعد ڪري، ڪي اوڙيسا اعتبار،
ڪي برمنگهام کان گاج ڪري، ڪي ترڪي طرحدار،
ڪي اٽلي کان آئيون، ڪي جپان مٿي جهلڪار،
ڪي اسپين کان اچن ٿيون، ڪي امريڪن انڌار،
ڪي هندستان کان هل ڪري، ڪي پاڪستان پچار،
ڪي شام کان شروع ٿيون، ڪي روم مٿان رهدار،
ڪي مشرق، ڪي مغرب کان، ڪي ليل ڪي نهار،
ڪي مڪو پييون ملهائين، ڪي مديني مٿان ملهار،
ڪي وندر کان ويس ڪري، ڪي ڪن تارون تار،
ڪي جنبي وييون جيسلمير تي، ڪي مارواڙ ڏي مهار،
ڪي بهرانچ کان بسم ٿي، ڪي انگلنڊ جي آڌار،
ڪي گرهوڙ کان غماز ڪري، گڙن مٿي گرنار،
ڪي ڪاهي آئيون ڪيچ کان، ڪي گس پڇن گرنار،
ڪن پشين کان پنڌ ڪري، ڪئي پڇم کان پلڪار،
ڪي ڪهي آئيون ڪين کان، ڪي چين مڙن چوڌار،
ڪي رستو وٺي روس جو، ڪي استنبول تيار،
ڪي يڪي آيون يونان کان، رنگ رنگ باغ بهار،
ڪي نور حضرت کان، ڪي بنگالي بسيار،
ڪي اُپنگ کان آس ڪري، ڪي غزنوي گلزار،
ڪي ملتان کان مرڪي هليون، ڪي جوڌپور جهدار،
ڪي گنگا کان گوڙ ڪري ويجهيون ٿيون ولهار،
ڪي سورت کان سرڪي آئيون، ڪي سينگاپور سينگار،
ڪي ڪوهه قاف قلات کان، ڪي ڪربلا قطار،
ڪي مصر کان مٿو ڌوئي، ڪي بغداد مٿي بهار،
ڪي يمن کان يڪتا ٿي، ڪي يورپ ڪن پسار،
سڀني اچي سٿو ڪيو، ملهير ۾ مقدار،
رڇ ڏٺائون پيڪن جا، شيشا شرفگار،
گهگهيون گلاس منڻا، ٿيلها ڇڪن ٻار،
ڪوپ ساسريون نه وڻن، وڻن کليون ۽ سندار،
وٽيون، وٽا، ڪٽورا، ٿالهن جا ٿڌڪار،
دليون، دلا، گهڙيون، گهڙا، مٽن جا چٽڪار،
ڪـُـپا، ڪوزا، پاٽيون، ڏولن جا ڏهڪار،
پاٽيون، ڪـُـنا، ڪيترا، ٻيا دانگين جا دهڪار،
جنڊ، چڪيون، اُکريون، مهرين جي ته مدار،
تنؤريون ۽ تڏا ڏسان، ڇڄن جا ڇمڪار،
ٽوپا، ٽويا، پڻڪيون، درين جا ديدار،
گڏون ڪنجها تسر، وٽن جي وڻڪار،
ڍڪڻ مارنگ مارن جا، دلا ڪن ڌڌڪار،
چونريون، ڇٻيون، پنڊيون، ٿوٻيءَ جا ٿڌڪار،
تنور جهاگر توا، ٻيون بالٽيون بسيار،
جيئن مارئي ملي مارن سان، تيئن ميل مون کي يار،
منجهه صاحب جي سرڪار، اگهيو عرض”علي شير“ جو.

 

ناڻو

1. ناڻي جا: آنا، آڌيا، رپيا، رَند، ٽـَـڪا، نوٽَ.

2. ناڻي جو: آنو، پيسو، ٽڪو، رپيو، آڌيو، آڌيلو، ريزو، ريجو، رند، مٽُ، حوض، ٻڌو، ڇنوري، سچو، ڪوڙو، نورو.

3. ناڻي جون: تـَـجرون، همياڻيون، دمڙيون، پايون، پائليون، ڪوڏيون، مهرون، گنيون، کڏون.

4. ناڻي جي: پائي، پائلي، ٻياني، آنڪ، مهر، گني، ٻـِـٽڪي، چؤٽڪي، ڪوڏي، ٽجوڙي، کيڪ، ديڳ، ڳوٿري، واسڻي، زڪواهِ، خيرات، هـُـنڍي، کٽ.

نرنانءُ (مرد)

1. نرنانءَ (مردن جا نالا): ابراهيم، اعرابي، اَرمڪ، اَرجڻ، اُميدعلي، آمون، آمن، امير، الله ڏنو، اولادي، آئل، الياس، الله بخش، الهداد، اَڏيو، آڏت، آچو، اُڏيرو، اصغر، اسماعيل، اسرافيل، اعتبار، اِيسب، آسو، استاد، اسير، آغو، آگو، اَجو، ازر، اَبو، اَبابڪر، اَبن، ابراهيم، اَبوجهل، اِبريو،ابليس، اَنب، اُبتو، ابڙو، احمد، احسان، اَملهه، اِدريس، آدم، اوڀايو، اڪ، اسم، آري، اُميدو، ادا، آيو، اوٺي، اَکلو، اگلو، اگهاڙو، اوينگ، اڱارو، اُوچو، اوچل، اُتريو، اُتم، آخوند، آچار، اورنگ، اويس قرني، ايوب، انعام، آفتاب، افسر، امدادعلي، امين، البيلو، اُمتي، آسودو، الهورايو، اميرزادو، اسحاق. بوعلي، بخاري، بادشاه پير، بزرگ، بني هاشم، بلاول، بانگو، بهشتي، بٺارو، بابو، برهمڻ، باري، باقر، بقاري، بچو، باريو، بيگ، بنگل، بهادر، بخشڻ، بشير، بچل، بابر، بادل، بنو، بلندو، باغ، بهار، بهرام، بانڪو، بندو، بيراڳي، بخشو، بخت، بصر، بڇڙو، بقادار، بيبو، باغائي، بهاول، بلوچ، بديعل، بيدل، بيغم، بدنام، بنسي، بولو، بيگن، باگو، بوتو، بخش، بوقلمون. ٻالو، ٻاروچو، ٻڍو، ٻروچ، ٻانڀڻ، ٻـُـچي، ٻٻر، ٻيڙو، ٻاٻيهو، ٻـُـرڙو، ٻير، ٻڪرار، ٻانهو، ٻيجل، ٻاڪڙ، ٻولـُـو، ٻيلي، ٻاجهريو، ٻانگو، ٻيلو، ٻوڙو، ٻاون وير. ڀيرو، ڀڳڙو، ڀاڳـُـو، ڀاوندو، ڀليو، ڀرُو، ڀرمو، ڀارو، ڀوت، ڀـُـورو، ڀليڏنو، ڀولو، ڀاوَن، ڀنڀو، ڀـَـلو، ڀـِـريو، ڀمرو، ڀونگر. تيجو، تـُـرسيو،تماچي، تڪيو، تيمور، تولو، توڪل، تاجو، تجمل، تونگر، تارو، تـُـلسي، تانار، تانسين، تمر، تازو، تـِـرو، تلوڪ، توڏل. ٽوپڻ، ٽيڪم، ٽـِـلو، ٽـَـهلو، ٽيئـُـون، ٽهلرام، ٽيڪـُـو، ٽلڻ، ٽپالي، ٽڪيو، ٽيپو، ٽـِـڪو. ٺاڪـُـو، ٺارُو، ٺڪريو، ٺهيو، ٺينگـُـو، ٺريو. ٿهيم، ٿانيڪو، ٿانئـُـون، ٿڌو. پيرو، پهلوان، پهلومل، پانڌي، پينگهر، پنگريو، پـَـرمو، پنهون، پـِـٿورو، پـِـنيل، پٺاڻ، پوڙهو، پسند، پت ڀريو، پتاشو، پارس، پناهه علي، پوپٽ، پرکيو، پيرون، پيارو، پـِـنڻو، پـِـنيو، پريتم، پـَـليو، پـِـرڀيو، پرتو، پڙهيو، پارُو، پيرل، پڌرو، پهلراج، پادشاهه، پـَـڪو، پريم، پـَـنجـُـو، پيروز، پـَـدومل، پدم. جليل، جلال، جبريل، جمشيد، جانعالم، جرار، جکريو، جـُـڙيو، جوڻيجو، جاني جمعون، جئندو، جهـُـلڻ، جيئرو، جابر، جيتو، جـُـمڙو، جڳپال جـَـلـُـو، جانڻ، جيئو، جواهر، جـَـتو، جـِـندو، جـَـتُ، جڳمال، جبار، جهان، جوڌو، جـَـسـُـو، جيڻ، جمجا سلطان، جانو، جاڙو، جبل، جانب، جاڳڻ، جعفر، جمال، جبروت. ڄام خان، ڄيٺو، ڄام تماچي. جهوڙو، جهنڊو، جهونجهار. چندُو، چـُـهڙو، چاڳلو، چيتن، چڱو، چوچڪ، چارڻ ،چينو، چاندي، چنڊ، چاڪر، چنيسر، چچ، چڻو، چوٽو، چنو، چندن، چڀڙ. ڇـُـٽو، ڇورو، ڇـَـتو. حبيب، حاڪم، حڪيم، حاجي، حمير، حاصل، حسن، حسين، حـُـسنو، حنيف، حليم، حيدر، حافظ، حيات، حمزو، حاتم، حضوربخش، حمايت علي، حشريو، حـَـسڻ، حامد. خاوند ڏنو، خليفو، خادم، خدابخش، خانو، خميسو، خاڪو، خوشحال، خواجه خضر، خان محمد، خـُـوبو، خوبچند، خـُـدو، خيرو، خالق، خليل. دادُو، دائم، دولهه، درياخان، دستگير، دودو، ديوان، دلير، دائود، دوست، دلبر، دوسو، دابود، داناءُ، دوس محمد، داد، درگاهي، داس، دلورا”. ڌؤنرو، ڌمالي، ڌرمون، ڌَنو، ڌڻي بخش، ڌرمداس. ڏيئـُـو، ڏيال، ڏيسرام، ڏِتو، ڏاهر، ڏاتار ڏنو، ڏيئلداس، ڏنو، ڏيو، ڏهيسر، ڏهراج، ڏونگر، ڏاهو، ڏاتو. ڊينگو. ڍولڻ، ڍوليو، ڍول. ذاڪر، ذڪريو. ربو، رحيمڏنو، رحمان، رمضان، رجب، رئيس، ربڏنو، رحيم، رامو، رتو، ريڌو، راوڻ، راضي، راڻو، رستم، رکيو، راکو، رمون، راڄو، رام، راجا، رسول، روشن، رانجهو، راوَل، رهندو، را”، راٺوڙ، راوَت، رشيد، رفيق، راشد، روچو، رکيل رسيو، رضا، روپچند، روپ بسنت. زوراور، زوار، زمان، زاهد. سامي، سيجـُـو، سـُـکيو، سانوڻ، ساماڻو، سنگهار، سفر، سومر، سانگي، سعيد، سڄڻ، سچار، سچـُـو، سورهيه، ساهـُـو، سلطان، ستابو، سپتيو، سالڪ، سومرو، سمن، ساڌُو، ساهڙ، سوڍو، سورج، سليمان، سردار، سهراب، سرهو،سالار، ستار، سوجهر، سکڻو، سڀاڳو، سڪڻو، سڪندر، سرفراز، سيفل، سڪليڌو، سيتل، سٻاجهو، سونهارو، سلام، سومار، سـُـهندو، سونو، سلامت، سانول، سائينداد، سـِـجـُـو، سـِـلـُـو، سنڀالو، سـَـرکيو، ساجن، سوڌو، سبحان، سڀاڳو، سخي، سروَر، سنهون، سـَـتو، سوائي. شمس، شهباز، شاهه، شيرو، شفيع، شاهن، شاهوڪار، شامون، شيام، شمعون، شانُ، شفو، شهداد، شادي، شهمير، شرفو، شهزادو، شاڪر، شوڪت، شداد، شرف الدين، شاهه پنجو، شمر. صادق، صالح،محبت، صديق، مخير، صاحب، ملاح، صابو، صوف، صابر، صمد، صوبو. ضامن. ضمير. طالب، طاهر، طيب، طوطومل، طفيل. ظاهر شاهه، ظهور، ظفر، ظهير. عباس، عاشق، عيسن، عارب، عارُو، عمران، عرض محمد، عارف، عثمان، عرس، عمر، عظيم، عامل، عالم، علاوالدين، عليم، علي، عيسو، عاقل، عبدالله، عيسيٰ، عابد، عزيز، عنايت، عزرائيل. غفور، غازي، غلام، غريب. فائق، فقيرو، فهميدو، فنائي، فيضو، فقيرمحمد، فتح، فريد، فخرو. ڦوڳُ، ڦـُـل، ڦوٽو، ڦيرُو. قادربخش، قربان، قائم، قنبر، قدوس، قطب، قلندر، قابل، قبول، قيصر، قادو، قاسم، قيس، قادن، قمر. ڪارو، ڪامل، ڪـَـمون، ڪانڀو، ڪرڙ، ڪمال، ڪانڊيرو، ڪوڏُو، ڪيسرو، ڪرم، ڪريم بخش، ڪيوَل، ڪـَـڪـُـو، ڪرمون، ڪـَـلـُـو، ڪنڊو، ڪرارو، ڪوڙو، ڪشنو، ڪرمڻ، ڪوڏڻ، ڪبير. کمون، کنڊُو، کٻڙ، کـِـلندو، کيمون، کيمچند. گودڙ، گاگو، گوپال، گيان، گـُـلڻ، گـُـهرام، گانڌي، گنپت، گامون، گلاب، گولو، گـُـلو، گاجي، گاهي، گل، گوهر. ڳاهو، ڳهڻو، ڳاڙهو. گهـَـنو، گهـُـريو، گهنشام، گهـلـُـو، گهنوَر. لاکو، لهري، لالو، لطيف، لطف، لالُ، ليار، لائق، لالڻ، لوط، لوڌي، لقمان، لکانو، ليمون، لڌو، لکي، لوڪچند، لجپت، لونگ، لکمڻ، لهڻو. محمد، مصطفيٰ، مالڪ، منان، ممون، ميهار، مڱڻ، منگهڻ، مٺو، مولابخش، مستان، ملنگ، مراد، مارو، مريد، مـَـتو، ماڪوڙو، مـَـٽر، مسافر، موسو، مولو، مستانو، مانجهي، مصري، مجنون، منصور، معذور، مکڻ، معشوق، ميرڻ، مورڙو، محرم، مرتضيٰ، مـَـتـُـو، موتي، مومن، ميرل، مور، موٽڻ، ماهڙ، ملوڪ، مدد، ميوو، موٽـُـو، مٽيو، ماڻڪ، مسو، محب، مينهون، مبارڪ، موهن، محبوب، ميڪائيل، مقيم، موسيٰ، محبت، مڱيو، منگهو، موچارو، متارو، موريو، محسن، محمود، مينهن وسايو، مهراڻ، مـَـمن، مالهو، ماڪن، مينڌرو، منظور، منٺار. نورو، نظر، ناٿو، نورنبي، نهال، نذر، نماڻو، نصيبو، نامور، نواب، نانگو، نوري، نصرالله، نندو، نارُو، نظير، نانڪ، ننگر، نجف، نورنگ، نياز، نمرو، نصير، نـَـٿـُـو، نيڻو، نالي چڱو، نيڪ محمد، نندلال، نيڪو، نيامون. واحدبخش، وريام، ويرو، وِڪيو، وڪرماجيت، وسايو، واحدُو، وسنت، وزير، وَرند، وڳڻ، واسـُـو، وشنو، ويڌل، وسريو، وَريل، واڌُو، وَرُو، ويرسي، وقار، ولي، وارث، وَنهيون، وَلو، وساڻ. همايون، هوت، هيبت، هوتو، هوندو، همير، هاڪارو، هنومان، هيمون، هوتچند، هيرو، هارون، هابيل، هاشم، هيمن، هزاري، هـَـنڊل، هوشـُـو. يارو، يعقوب، يونس، يوسف، ياسين، يزيد، يامين، يحييٰ.

1. مرد جا: لوڏامان، ڪارناما، ڪم، سڄڻ، دشمن، وڙهڻ، ويري، پورهيا، وعدا، ٻول، مقابلا.

2. مرد جو: لٽڪو، ڪڙڪو، دڙڪو، عقل، محابو، لحاظ، پٽڪو، زور، شهپر، اخلاق، ڌيان، تڏو، مان شان.

3. مرد جون: فـَـلڪون، مهلون، رهاڻيون، سخائون.

4. مرد جي: مهل، محبت، مڙسي، هيبت، ياري، ڪچهري، ماني، اوطاق، ڪمائي.

6. نرنانءُ (مرد) جا بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جو پاڪ ڌڻي پرور،
آدم بندا بي بقا تون طالب توبـﮧ ڪر،
خالق، مالڪ، مـُـرسل، موليٰ، حامي ٻيو حيدر،
حـَـسن، حـُـسين، حبيب، حاڪم، عالم آجو ڪر،
احمد، محمد، علي آيو، تون شافي شفا ڪر،
رحمــٰــن، رحيم، رازق، راضي، تون قادر ڪرم ڪر،
رَب، رسول، رانجهن، رِيڌو، راجا، رانول ٿر،
سردار، سونهارو، سهڻو، سارو، نبي بخش، نظر،
سروَر، سخي، ثابت، سوڍو، صاحب پاڻ سڌر،
پاڪ ڌڻي پروَر، ٻـُـڌجان ٻول ”ٻروچ“ جا.

ساراهيان سچو ڌڻي، خدا خاص آهي اڪبر،
اِيسر، الهداد، عادل، عيسن، آيو، آمون، اڀوڙو، آذر،
الهرکيو،اوٺي،انب،انيرا ِّ،آديسي،اُداسي،عطر،اجمل اصغر،
عشاق، آري، عاشق، عـَـدلـُـو، عباس، علي، اڪبر،
ارباب، عارف، عيسو، الاهي، عاصم،اسماعيل،آڌُوتي، عمر،
افروز، آذر، اَويس، علڻ، آڍو ٿيو آنوَر،
اوڍر، اُوڌپ، اَڏيو، آڏِت، ابراهيم، اُميدو، آچر،
عزرائيل، اميدن ڀريو، آسن، ابليس، عرس، اوڍر،
ابوبڪر، اسرافيل،ادريس،عالي،عارب،الله ڏنو، عثمان،اَجر،
آلو، آبيل، عابد،اڪو،آندل،عاقل، اَمين، عيدو، گهـُـرَ،
عبدالرؤف، آمرنو، اَسد، عامل، ايوب، اُڏيرو، عاصي ٿر،
امير، آگينو، آفتاب، اڳرو، اڪرم، ابڙو، اشرف، الياس پر،
عزت، آچر، عليم، عمرو، عزرائيل، اڱاريو، اول سو اوڍر،
الله بخش، اُڪاسيو، اعتبار، عزيز، اسحاق، علـُـو سو گـُـهرَ،
عظيم، آلو، عيدو، عاصي، افلاطون، اُگو، اويس قرني، ابو،
                                           عزرائيل، آذر،
پاڪ ڌڻي پروَر، ڏجان پاند پناهه جو.

بلاول، بادشاهه، بلند، بانڪو،بادل،برڪت،بشير،بـُـولا ڪر بهار،
بابو، بهارو، بخش، بلوچي، بختو، بيڪس، بـُـخاري، يار،
بنگل، بهاول، بازبهادر، برجو، بابل، باقر يار،
بيڪس، بهرام، بکو، برادي، بـِـلندو، بالو، بالم، بيوس بار،
بچو، بردو، بادو، بنو، بودا، بـُـردهه، بالاچ، بـِـلـُـو، بردار،
بيگو، بگو، ڀنڀو، بجر، بصر، باريچو، بنشو، بهار،
بهرام، بري، بهرير، بـُـلو، بـُـرفت، بيدل، منجهه بازار،
بهادر، برهمڻ، ڀوپو، اَمسر، مـُـکي، رام، رحمعلي يار،
بدر، بکر، باري لاهئين بار، لاهه لـُـکون سڀ “لعلڻ” جون.

بخش، بخاري، بلوچ، بختو، بلند، بيگ، بحر،
ڀـُـنڀ، ڀونرو، ڀائو، ڀـَـٽا، ڀلو، ڀروَسو ڪر،
بخت نصر، باري، بردو، بهار، بروو ۽ بدر،
تـَـنـُـو، تماچي، تارو، طيب، طوطو، تولو ٻيو طاهر،
تان توڪلي، تاجو، طارق تمي، تسيو تونگر،
تابوت، تلسي، تـُـرسي، توڏو، تيرٿ، تقي، تجلو ٻيو تمر،
تلسي، تبريز، تان، توڪلي، تاجو، طارق توبـہ ڪر،
تمي، تسينو، تبريز، تورپيو، طعنو، تـُـنڪو، تاڻو، تـَـمر.

ساراهيان سچو ڌڻي، جو پاڪ ڌڻي پروَر،
سبب، ثابت، صفر، صالح، سورهه، سائو ٿيو سڪندر،
سيوو، صادق، ثعلب، سعدُو، سامن، صحت، سامري سـَـڀـَـر،
ساڌُو، صاحب، سلام، صابـُـو، سافو، صابر ٻيو سـُـومر،
سـُـرهو، سنگت، سنگهار، شرخي، ساجن، سوڍو، سام، سفر،
سانگي، سـِـڪـُـو، سيرُو، ساٿي، سهڻو، ثمـُـود، سنجر،
سانوڻ، صوبو، سلطان، سبحاني، سونو، سڪايل، سڌر،
ساڌو، سيفل، ستار، سڀاڳو، سهجو، سنڀـُـو، سجاول، سامت ڏر،
سليمان، ساماڻو، سعدُل، سـُـهليو، سالار، سڪارو ٿر،
سـِـيتل، سـِـڪـُـو، سمن، سهتو، سـُـرکي، سدرو، سروَر،
ساهڙ، سڳو، سالڪ، سندو، صوبدار سونهارا وَر،
سهراب، سوالي، صادق، سـُـکـُـو، سورج، سج اُڀر،
صديق، سيباڻو، صلاح، سـُـرخي، سهاڳ، صوبو ٿر،
سـَـپـَـڙ، سخي، صوف، سناسي، سامي، سڪايل ساٿر،
ساقي، سارنگ، سونو، سڳو، سڳورو، صابن ور،
سومرو، سوائي، صالح، سالـُـو، ساند، سنديلو، سکر،
صدر، صابڙو، سپاهي، ستابو، صاحب سوجهرو ڪر،
سـَـچـُـو، سعيدو، سڌُو، صغير، سو صوفي سير سکر،
پاڪ ڌڻي پرور، لاهه لکون تون ”لعلڻ“ چئي.

ساراهيان سچو ڌڻي، جو رازق ٿيو رهبر،
جيئرو، جيئندو، جوسب، جاڙو، جاني ٻيو جعفر،
جبل، جـُـڙيو، جاهد، جمعون، جوڳي، جبير جهنور،
جنگو، جلال، جاڳڻ، جتيم، جـِـندو، جيتو سو جابر،
جيوَت، جيو، جوان، جادو، جوڌو، جرار، جانو، جاڳر،
جـِـندو، جالوط، جـُـبير، جابر، جيسن، جهانگير، جوهر،
جلوو، جمال، جڳت، جڳـُـو، جاجڪ، جوتو، جناح جاتر،
جت، جـُـنيد، جابـُـو، جيهو، جانب، جري جـَـشـَـنڪر،
جمجما، جوکيو، جليل، جارج، جادين، جاتي، جوڙو ٿر،
جالوط، جوهر، جانڻ، جـَـتو، جويو، جاڙو سو جعفر،
جاڳڻ، جونگو، جابو، جـِـندو، جبرائيل، جـُـنيد، جوهر،
جمشيد، جبار، جليل، جـُـڙيو، جـُـنگ، جيلاني جـَـبر،
پاڪ ڌڻي پروَر، ڏي تون پاند پناهه جو.

حاڪم، هيسب، هيبت، هرداس، هيمن، هاشم، حاجي،
                             حاصل، هاسو، هادي ڪر،
حاڪو، حمل، هوتو، حارث، حبيب، هرمل، هنسراج، هاڙهي وَر،
هارُوت، حسو، هريل، هرٻو، حاتم،حوران، حضوري ڪر،
هـُـود،هـَـنود،هـِـير،هنـُـومان، هـَـنڊل، هوش تون هاشم ڪر،
گـُـلڻ،غازي،گامون، گوهر، گنگـُـو، گوگو ٻيو گهـَـنور،
گـَـنبو، گـِـرڌاري، غفـُـور، گاهي، گولو، گـُـر، گوسائين، گوندر،
گـُـل،گـُـلاب،گينڊو، گڊو، گجر،گابر،گوڙُو، گيان، گبـَـر،
گـَـنـُـو، گيهي، گيلو، گجڻ،گـُـهرام،گدائي،گـُـلشن،گـِـدُو، گـُـر،
گاجي، گـُـلـُـو، غريب، گاروڙي، غلام، گـُـلشير سو گوهر،
گاگن، گندرو، گاجڻ، گوپال، گنـُـو، گـُـرنو، گوبند، گـُـر،
گلزار، گاهي، گنج بخش، گولاڙو، گجـُـو، گلناز، گورَنر،
پاڪ ڌڻي پروَر، ڏي تون پاند پناهه جو.

لعلڻ، ليکو، لشڪري، لهري، لالڻ خان، لوڌي ڇڏ لـَـهر،
لونگ، لطيفي، لکـُـو، ليکـُـو، لاکو، لـُـڌڙو، لوڪس لـُـر،
لقمان، لڪياري، لڌو، ليلو، لهڻو، لائق لطف ڪر،
لکمير، لکانو، لکي، لنگهو، ليمون، لوڀي لـَـر اُڏر،
لاڙي، لات، منات، لانڊر، لڪياري، لـَـڪدر،
لال شهباز، لقمان، لـُـقو، لاڏلو، لوڏِڪ لوڏ نه ڪر،
لطيف، لهري، لغڙي، لـُـٽرُ، لـَـڙڪي، ملان مـَـر،
لـڇمڻ، لڌو، ليلو، لاڏڪو، ٻيو لهواڻي لوهر،
حڪيم، حڪومت، حڪمت، هوندو، هامانَ، هريهـَـر،
هارون، هـَـرجـِـي، هارُوت، حريف، حسيب، حميد حياتي ڪر،
حاسد، هيمون، هوٿي، هالا هٽي هوڏ نه ڪر،
هـَـسـُـو، حاجي، هاسو، هنڊل، حفيظ، هـِـمت ڪيئي جا حـُـر،
هاشم، ڪاڪو، حاتم، حارث، هدايت هاشمي ڪر،
هرداس، حمالي، حافظ، هيرو، هوت، هنومان حشر،
پاڪ ڌڻي پروَر، ڏي تون پاند پناهه جو.

 

کٻڙ، خميسو، کـِـيو، خانو، خوشي، خليل، خاوند ڪر،
کـَـٽو، کٽڻ، کيڙو، خاڪو، کـِـلڻ، خيرو، خاطي، خوبو گهر،
خـُـدُو، خانڻ، کـُـسرو، خوجو، کيمو، خداداد ٻيو خضر،
کيت، کهڙو، خاشو، خالق، خاڪي، خـُـدُو کپت ڪر،
خورشيد، خليفو، خليل، خادم، کمون، کٿوريو، کاپرُ،
دُورو، دولت، دولهه، دستگير، دوسو دايو، ٿيو دِلبرَ،
درياخان، دَرُو، دائريو، دودو، دوست، دائم دولهه در،
درگاهي، دقيانوس، دليل، دالو، دُلو، دِنياري داور،
دِينو، دادلو، درس، دريانو، ديدار دوُراني داتا در،
دلير، دائود، دلبر، دَلورا”، دلاوَر، دِلو، دارا درک سڌر،
ظهور، ظالم، زنگي، زمان شاهه، ذاڪر، ذوق،ذوالقرنين ظاهر،
زربخت، زوالي، ظاهر، زُبير، ضعيف، ذڪر، زبرزاري ڪر،
پاڪ ڌڻي پروَر، ڏي تون پاند پناهه جو.

راڻا، رقيب، راضي، رانول، روزي ڏي رهبر،
رتو، راوي، راهب، ريلو، رِيڌو، راوت، رنجيت، را ِّ کنگهر،
رام، رَبنو، رزاق، رازق، راڪاس، آدمخور اَپر،
رمضان، روچو، رمزُو، ريجهو، رانجهو، راڌو، ريوو ٿر،
رانجهن، رُونجهو، رئيس، رامون، رهندو، راڄو گهر،
روحل، رِندو، راهـُـو، رُوپو، راضي رَسول ڪر،
رُڪڻ، رشيد، روشن، راحت، ريلـُـو، راءِ ڏياچ، رب رحيم ڪيا رَنگ اپر،
رفاق، رُستم، رفيق، ريالي، رَتنو، راڄڙ ٿر،
شراف، شيرخان، شاهو، شمس الدين، شهپال، شهيد، شڪر،
شونقو، شاهن، شمس، شهبازي، شهڪ، شڪور، شـِـمر،
شنڀو، شهداد، شهيد، شملو، شيرُو، شرم شيطاني شر،
شمعون، شيخ، شراف، شيروان، شربت، شڪاري، شڪر،
شهپال، شرابي، شيش، شنگور، شادي، شافي شفا ڪر،
شاڪر، شڪيم، شيخ، شندو، شادمان، شفيع شتابي ڪر،
شهلي، شوم، شاهنشاهه، شهمير، شهداد،شبير، شام شهر،
شڪر شاهي، شيراز، شڪور، شبگير، شتروان ۽ شـِـمر،
شاهن، شهڪ، شربت، شمس تبريز ۽ شڪر،
پاڪ ڌڻي پروَر، ڏي تون پاند پناهه جو.

فيروز، فنائي، فولاد، فضل، فتح، فاروق، فقير فدائي ڪر،
فاضل، فارس، فرِيد، فوجو، فرعون، قادر ڪر مـِـهر،
قطب، قهار، ڪامل، ڪانڀـُـو، ڪنڊو، قرار قمر،
قائم، ڪؤڙو، ڪيهر، ڪـِـلـُـو، ڪالـُـو، ڪيو قارون ڪفر،
ڪمال، قـُـبـُـو، ڪوڏُو، قابل، ڪمن، ڪارُو، ڪيسـُـو ۽ قهر،
ڪان بجان، ڪـَـڪـُـو، قاضي، ڪرمون، قاسم ٻيو قيصر،
ڪريم بخش، قادُو، قنڌاري، قيدو، قربان علي، ڪـُـونڌر،
ڪـِـرپال، ڪوهيارو، ڪيچي، ڪرم، ڪوٽـُـو، قيمت گهـُـر،
ڪونڊو، قبول، ڪاتب، ڪسب، قـُـباد، ڪلاچي قمبر،
ڪلتار، ڪسيرو، ڪمن، قلندر، ڪاپڙي، ڪرم ڪر،
قابيل، ڪـُـندو، ڪوڙو، قادرنو، ڪرڙ، قيدُو ڪر،
قليچ، قلبي، ڪشنو، ڪاتيار، ڪنعان، قريشي، ڪسمبر،
پاڪ ڌڻي پروَر، ڏي تون پاند پناهه جو.

مرچو، ميرو، منگهن، مطلب،موٽو، مرزو، محبت ڪر ملار،
ميهار، ماڌُو، مستي، مـَـڪـُـو، ماڪوڙو، ميلهو، منٺار،
مـَـسـُـو، منگر، ماهي، مـُـلڪ، مسافر، مڱيو ٿيو مدار،
ممـُـون، مينهل، مڱر، منگهر، مينگهو، ملعون، موهن مار،
محرم، مدد، مدن، ماڪـُـو، مانجهي، مـُـوسو، محسن يار،
مبارڪ، موتي، مدڪر، مهرو، مالهي مـُـهڙ پار،
مـَـتو، متارو، مـِـلڻ، مـَـتـُـو، مـَـتل، ميوو، موذي ٿي نه مدار،
مارُو، منگل، مـَـلڪ، مـَـيلڪ، محبوب، مٽر، ماکي يار،
ماڻو، مـُـراد، ملاح، موندر، مـُـولجي، منسو، موالي ڌار،
مسڪين، مدني، منگتو، مـُـولو، منظور، مجاور يار،
ممتاز، مقيم، ماندو، مجنون، مخدوم مناسب ڪار،
مينهون، مينڌرو، ماڪو، ميران، منشي، ميرل ڀار،
ماڻڪ، مـَـچندو، محمود، محراب، مـِـٺو، محب، مـَـدار،
مکي، موکي، ملاح، ماکو، مظهر، محرم، منٺار،
ماويو، مصري، ملـُـوڪ، مصر، مڻيو ماهيءَ جو موچار،
ميرحسن، ماٺيڻو، مقصود، مـِـلائـُـو، مسو، مومن پار،
مکڻ، مور، موسيٰ، مهاديو، محراب، مـَـنـُـو، مولجي مار،
محسن، مانجهي، مڱڻو، معافي، ميراڻي مهندار،
مارُو، موتي، مـَـتل، منگل، مالڪ آ مهندار،
مجنون، معروف، مورڙو، متارو مـُـنڪر منشي مار،
ميرخان، ملوَندي، موڀي، يحييٰ، ذڪريا يار،
مرحب، موذي، ماڪن، ماڇي، ماسلو، مظهر، ميران، مزار،
ماٺيڻو، مانگر، محتاج، مهاولي، مرِيد، متارو ملار،
صاحب رب ستار، ٻڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي.

نوح، نظارو، نصوحو، نرمل، نوري، نظر ساڻ نهار،
نيڀو، نٿو، نائون، نـِـدو، نظام، نورالدين نماڻو پار،
نـِـدو، نهرو، ناٿو، نومڙيو، نيامون، نادر ٿيو نروار،
نورنگ، نانگو، نارو، نظير، نڀو، ناٿن، نوَل، نوراني ڪار،
نصير، نازو، نواز، نارو، ناظر، نوتو، ٻيو ننگر نوڪر يار،
ناظم، نڀائو، نيڪو، نـَـبو، نصيبو، نوح نبي نروار،
نواب، نورو، نڪير، نيڻو، ننگر، نادر، نـِـڪو ڌار،
ناڪس، نـِـم، نماڻو، نمرو، نونارِي، نوَل، نصر بخت نهار،
نوشيروان، نور، ناٿو ڪار، ٻڌجان ٻول “ٻروچ” چئي.

وَلر، وڏل، ويڻو، وسايو، وسيلو وينجهار،
وارث، والي، ولڻ، واليو، ويرُو، وَرُو، ولر واڌو وار،
وريام، واٽـُـو، وليو، واصل، وينگس، وليداد، وسڻ يار،
ورنو، واپاري، وسيلو، وڻيو، ورند، واحد سو وينجهار،
وڳر، وِڪيو، ويڙهو، ورتو، بيربل، بنگو، وزير وار،
وِيرڻ، ورثو، وسندو، واسطو، وَڌيا، ڪر ويچار،
والـُـو، وڇائت، وليداد، وَهريو، وسيلو ولهار،
وڪيل، واندو، وريند، وسيو، ولو ٿيو وينجهار،
يارُو، ياقي، يعقوب، يوسف، يامين، يزيدن يار،
ٻٻرُ، ٻيلو ٻانهون، ٻاجهي، ٻاجهه ڪر ٻاٻيهل ٻاڪار،
ٻروچ، ٻيڙو، ٻاراچ، ٻاچو، ٻڍو، ٻالو، ٻالڪ ٻار،
ڳورو، ڳهڻو، ڳهلو، ٻاراچ، ٻاچو، ٻاجهي، ٻاٻيهو ٻار،
ڀاڳو، ڀيرُو، ڀـَـٽ، ڀرڪيو، ڀونر، ڀٽائي، ڀرمون ڀار،
ڀنگر، ڀونگر، ڀرمون، ڀيرو، ڀلنو ڀاڪار،
ڀلو، ڀارُو، ڀائي خان، ڀولرو، ڀروَسو، ڀڙُ ڀتار،
ڀانَ، ڀلارو، ڀاڳيو، ڀوڙ، پليو، پارس پار،
ڀورو، ڀڳت، ڀڳوان، ڀلينو، ڀاڳو، ڀرُو ڇڏ ڀـُـلڪار،
پدموُن،
پارُو،  پيرو، پناهه، پريتم، پيسـُـو ڪرپوڪار،
پلنگر، پـُـرسـُـو، پيسـُـو، پانڌي، پـُـرڌن، پنجـُـو، پرڀـُـو، پار،
پروَس، پڃيل، پهلوان، پيارو، پمن، پريل، پاهڙ، پار،
پروَل، پنهون، پـَـلي، پليو، پٿورو، پر، پاڳارو پار،
پرتو، پارکو، پڌرو، پارس، شاهه پنجو به شمار،
پورن راءِ، پٺاڻ، پياسي، پسند، پهلاج، پيروز، پرڪار،
پونجو، پارس، پيرُون، پانهو، پوهو پڪوڙو يار،
پوپٽ، پتاشو، پنگريو، پٽولي، پوربي، پروَر پار اُڪار،
صاحب رب ستار، ٻـُـڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي.

ڏنـُـو، ڏيوو، ڏاندُو، ڏاڙهون، ڏانور، ڏاتـُـو، ڏِتل ڏار،
ٿوهر، ٿڌو، ٿانوَر، ٿـَـم، ڏاسن، ڏوڏو، ڏاندو ڏار،
ڏمڻ، ڏاڙهون، ڏيال، ڏهراجِ، ڏُونگر، ڏيوو، ڏتل هار،
ڏوٿي، ڏيرو، ڏيئـُـو، ڏيو، ڏياچ، ڏامون سر ڏاتار،
ٺاڪـُـو، ٺارو، ٽيڪـُـو، ٽالهو، ٽنڊڻ، ٽـِـلـُـر، ٽوپڻ، ٽهل ڌار،
ٽونئر، ٽڪيو، پاپرو، ڳنڀير، ڳاهو ڪار،
ڳؤرو، ڳهيلو، ڳوڌو، ڳهڻو، ڳچلو، ڳاڱيو، ڳنڍڻ هار،
ڄام، ڄاريڪو، ڄٽ، ڄموٽي، ڄاڃي سڀ ڄمار،
چوئٿ، چئگو، چيلو، چندن، چنو، چاڪي، چوهڙ چار،
چڱيل، چڻو، چاچڪ، چـُـوچڪ، چڀڙ، چاڪر، چوڪيدار،
چاڪ، چاري، چينچل، چانڊُو، چوڌري، چيزل چوڌار،
چاڪر، چغدو، چـِـينـُـو، چاري، چانگو، ڍولڻ، ڍلـُـو ڍار،
ڌَسـُـو، ڌرمـُـون، ڌيرڻ، ڌوٻي، ڌمالي، ڌڱاڻو ڌڪار،
ڇاڱو، ڇـَـتن، ڇـُـٽو، ڇـَـتو، ڇلگري، ڇورو، ڇڪن هار،
گمٽ، گهلـُـو، گهـُـريو، گهـُـربو، گهاتـُـو، گهوٽاڻو، گهليار،
فيض، فنائي، فاروق، فضليو، فرهاد، فقيرو ۽ فڪار،
ڦري، ڦوڳ، ڦـُـلپوٽو، ڦتن، ڦرسو، چنيسر، چوڌار،
صاحب رَب ستار، لاهي لـُـکون، سڀ ”لعلڻ“ چئي.

 

ننڊ

1. ننڊ جو: خواب، سجاڳ، آرام، سهڻو، آلوٽ، گهوگهرو، پاسو، سپنو، مئو، ڇرڪ، ڪانهيلو، اچڻ، ڦٽڻ، جهوٽو.

2. ننڊ جي: پنڪي، ڳهر، آئي، ڪاڻي، اکپوري، سجاڳي، اوجهراڻي، اوٻاسي.

واڄو (واڄٽ)

1. واڄو (واڄي جا نالا): دهل، شرناءِ، قرناءِ، ڌڪڙ، کنجري، يڪتارو، ڪماچ، سرندو، سارنگي، ستار، طنبور، بگل، بين، مـُـتو، پڪواز، هارمونو، ڍولڪ، ڍيٻڪي، دِلو، بئنڊ، جهانجهر، توتارو، مــُـرلي، نڙ، ڪاني، بانسري، نغارو، پاوا، گهڙو، گهاگهر، کڙتالون، ٽليون، ڇيرون، گنهگهريا، مغرمان.

2. واڄي جا: ڏونڪا، ڏانڊيا، واڄٽ.

3. واڄي جو: ڏونڪو، تارُ، رسُ، گــُـر، سرگم، پڙهو، ڏانڊيو، ڌڪ، ٽـِـڪو، پهلــُـو، نؤ، مڙهيو، ڦاٽو، لاٿو، چاڙهيو، اٽو.

4. واڄي جون: ذِيلون، تانون، چوٽون، وڄتون.

5. واڄي جي: دَمَ، ذِيل، تانَ، مـُـرڪ، لئي، کڻت، ڇڏڻي، چوٽ.

واڻيو

1. واڻيو (واڻين جا نالا): ڀائي، وڻجارو، مهتو، وڇائت، هندو، دڪاندار، سيٺ، مودي.

2. واڻئي جو: وکر، هٽ، دڪان، ڏيڻ وٺڻ، رام.

3. واڻئي جي: وَهي، بندي، هٽي، ڪپت سپت.

واهه

1. واهه (واهن جا نالا): نصير، سرفراز، گهلو، ساڱرو، بگهياڙ، کيسانو، ڪلري، ڀونڦاڙ، مولچند، الله کئي، ڳاهورو، گوني.

2. واهه جا: ڪپَ، ترا، بند، گهيڙ، ڀـَـڏا، ڪپرَ، پاسا، گز، وهڪرا.

3. واهه جو: سنڌو، ڳنڍو، ڪپ، رستو، ترو، ڀڏو، دڙو، لٽ، ريٽ، کڏو، گهيڙ، پاڻي، پاسو، وهڪرو، لاهو، چاڙهه، هرلو، مـُـنهن، ڇاڻو، لهڻ، ڦٽو، فصل، روءُ.

4. واهه جون: کاٽيون، ماپون، سيرون، لاهيون، چاڙهيون، پوکون، ٻنيون، موڪون، آباديون، چرخيون، ٻوڏون، اُٿلون، کڏون، ڇوليون، لهرون، سوڪون، ڪـَـرون، ڀلا ڀلايون.

5. واهه جي: پوڇڙي، کاٽي، ماپ، پوک، سـُـڌسماءُ، چاڙهي، ليٽڻ، گپ، مٽي، کڏ، ڀـِـڪَ، ڀيڙ، اُڀڪپري، ڊيگهه، اونهائي، ڪنڌي، کنڌي، ونجهي، بندي.

6. واهه جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، پاڪ ڌڻي پرور،
مکي سندي ملڪ جي، ٻڌجانءِ خان خبر،
مرون انهيءَ ماڳ تي، ڪندا هئا هل حشر،
بگهڙ انهيءَ برن ۾، ڪيو وتندا هئا ولر،
مرندا هئا ماڻهوءَ جي ماهه لئي، ور وڙي هڻندا هئا ور،
قادر جي قدرت جي، ڪنهن کي ناهي خبر،
پاڻ لکيو ٿو پوريون ڪري، صاحب رب سڌر،
لکئي منجهان هڪ لـِـک نٿو لاهي، تـِـل تنهن مان تـِـر،
جنهن اُتران ٿي واهڙ آندو، ’نارو‘ سوئي نـَـر،
جنهن مان ڪيئن واهه وهي ويا، نالي نيشانبر،
جاني وهي ٿو ’جمڙائو‘، جنهن بسيار وسايا بر،
’اڪرو‘ وهيو ٿي ’اُڌڪ‘ واهه، ڪڙڪا ڪن ڪپر،
’سائو‘ ۽ ’سنهڙو‘ وهيا، ڏيو ڀٽن پاسي ڀر،
واڪا ڪيو ’واڍڪي‘ وهي، ’بگهياڙي‘ برابر،
’ڇتڙي‘ ۽ ’ڇنڊڻ‘ وهيون ٿي، وٽ هنيو سي ور،
بيشڪ وهيو ٿي ’بان‘، موڙهي انهيءَ موهر،
جنهن پاڻي کڻي پٽن تي، جام وهايا جر.
ڪميون، ڪڇون، لڌڙا، واڳون، سيڙهيون، سيسر،
ٻلهڙيون، ٻوڙيون، واسينگن ويڙهيون، ٻيا سوين منجهه سر،
مڇي انهي موهر ۾، ٻي حال هلي ٿي جر،
گندڻ، گوجون، پلا، پوپريون، يا ڇيلرين جا ڇڇر،
ڄارو، ڄرڪا، مارک، مـُـڪر، ٻيا رڙا گهمن ٿا ريٽن تي،
                                سنها سينگارين جا سر،
ڏاهي مڇي ڏهرن ۾، ٻيا ڏنڀرا ۽ ڏيڏر،
ٿيلهه جنهن جون ٿيلهيون، موراکيون موهر،
سوين آهن سهڻيون، ٻيا گانگٽ سي گوهر.
چوقبلي چوڌاري، ٻي پکين جي پوڪر،
بدڪون بيحد بيشمار، پئڻون ڪن پچر،
چيهون، چٽوڙا، ڪيترا، ٻيون ٽوليون ڊگوشن جون ڪرڪيو
                                 ڪونجون کڻن ڪر،
ٻگها، ٻوڻيون ٻيٽن تي، ڪيو وتن ولر،
ڪڪڙيون، ڪانئيلا ڪيترا، ٻيا آڙين جا اڙگر،
سوين سانهيون، نيلون نهايون، ڍڪڻيون، ڊيلون، پوڪارن پنهنجي پر،
منگهه، ملنگ، متاهه، ٻيا گهگهه پکي گوهر،
نازڪ نيرڳيون، ٻيون هنجهرون ساڻ هنر،
رانديون رتنبا، دولاري مٿي در،
ٻيا به ڍنڍ جا پکي آهن ڪيترا،تن کي ڪانهي خان خبر.
هاڻي سـُـڪَ جا پکي ٿو ڳڻيان، سي دانهه ٻڌ دلبر،
هزارين آهن هنجهه، ٻيا گرڙ پکي گوهر،
ٻوڙيون، ٻٻر ٻيلاٽين ۾، ٻيا روڏا سي رهبر،
ٽـُـوها، ٽوٻا، ٽاليون، ٻيا بـُـربلين جا ولر،
ڪـُـرا، زُرا، ٻـُـرا، پلڪ پکي سي پهر،
ڪٻريون، ڪڻڇيون،ڪـُـرتون، ڪارڙا، ڪوهيس، ڪاٺوڙا،
                                        ٻيا ڀؤنر يا ڀيڻي ڀر،
ڳجهون، ڳيرا، ڳڱا، ڳاڙهه ڳلا، پيا پرين سي پاريهر،
توريون، تلوريون، تاڙا، طالب سي تتر،
وهيا واريون، جهرڪيون جهاريون، ٽيٽهر ٽاريون، ٻيون ڦوسيون
                                                 منجهه فڪر،
ميٽا، مور، ملاليون، ٻيا لکين لغڙ ۽ بديهل باز بحر،
سرڻيون، سانباها، سوراخ، هيڙها ساڻ هنر،
چيها، چمڙا، چوکا چڪور، ٻيا ڇاپاڪا منجهه ڇپر،
هڪڙا چڪرا چڙين جا، ٻيا ٻهڳڻ ٻاٽيهر،
چنڊ چڪور، ڪوئليون، باشا برابر،
طوطا، چتون، ٻيون مينائون انهيءَ موهر،
سـُـڪ جا پکي ڪيترا، ٻي ڪانهي خان خبر.
هاڻي ڍنڍ جا گاهه ٿو ڳڻيان، سي دانهه سڻ دلبر،
وطن ۾ وسون ٿي، گاهن جا گودر،
پن، پاپڙو، پٻڻ، ناڙو، ٻي آهي ڇٻر،
چلڙ، چيهو،چانهڪو،ڪارا ڪانهن، ٻيا سهڻا ساوا سر،
ٻـُـڪن، ٻيڪهه ٻيٽن تي، ڀـَـن هنيا ڀـَـتر،
ڪيهه، ڪلورو، ڪڪڙو، ٻي ساوڙي منجهه سڌر،
ٻرٽ، ٻرڙو، سارنگ سهڻو، ٻيو مونو منجهه موهر،
ٽونر هنيا آهن ٽوپ، ٻي ڳاڙهه ڳني جهلي آ ڳر،
نيرڳ، ننڌا ڪيترا، ماڇاوا انهيءَ موهر،
ڍنڍ جا گاهه ڪيترا، جن جي آ خاوند خاص خبر.
هاڻ سـُـڪ جا گاهه ٿو ڳڻيان، تن جي ٻڌ خان خبر،
مالڪ کڻي مينهن وسايا، ڀٽن پاسي ڀر،
ڦٽا ڊڀ، ڊامڻ،ڊاسوڙين ۾، ڪري ڪارا ڪونڌ ڪڪر،
ڀرٽ، ڀچٽي، مـُـرٽ، مانڌاڻو، مارک، مريڙو ٻي لوڻڪ ۽ للر،
کـِـهه، کمو ِّ، ڳم، ڳنڍير، سـَـٽي سير ڪري پئي آهي، ڪـُـوري
                                             پن جهلي پاندر،
ڌُڪڻي ڌنارکٿوري، ڌاڃورو، لکين آهي لـَـنب، ڏِنوهين سان ڏڏر،
ڪتڻ، ڪوتڪ، ڪوهيارو، ڪانگڙو، جهنجهڻ جال جوهر،
ٻوهه، ٻوڙو، بکرو ٻلاٽين ۾، واهو سو ويراڳي ويتر،
کيهه، کٿوري، کوڙ، منڍيري انهيءَ موهر،
کاٽونبا، نانگلي ۽ ڪورڙ موري هنيا سي واڇوٽي ور،
اڃا به سـُـڪ جا گاهه آهن ڪيترا، اٿم ڪانه خبر.
سانگي ويٺا آهن سانگ تي، ڏيئي ڀٽن پاسي ڀر،
سانگين کڻي سهڻا اڏيا، گهوٽن پنهنجا گهر،
مارن کڻي مـَـنـَـهن اڏيا،ڇانيا سي ڇپر،
هڪڙي هوءَ جي هٻڪار، ٻي کرڪين جي کيڪر،
هڪڙا ڇرڻاٽ هئا ڇيرن، ٻيا سرلا وڄن سانڀر،
مچي مال متارا ٿيا، ڦرها ٿيا سي ڦر،
ڀٽاريون اچن ٿيون پاڻي تي، ڪنڍيون کنيون ڪر،
تن کي ٻيجڙ ڏُهن پيئون، ٻه گهمرا ٻيهر،
رکيو ساڙها سينڌن تي، هلن ڪونجيليون کنيو ڪر،
جن کي ٻيڙا ٻانهيون ٻانهن ۾، بولا ۽ بينسر،
سڌيون آهن سهڻيون، سڌا سندن سر،
هلن کلن ٽلن ملن، ويچاريون ڪن ولر،
سکيون گهمن ساڙيهه ۾، ساري سڀ عمر،
آزي ٻڌج ”عرس“ جي، پاڪ ڌڻي پرور،
جو ڪيون اٿم ڪيتريون، ڪچايون ڪهڄر،
معاف ڪجانءِ مون کي، توبهه تنهنجي در،
”جمالي“ آهيان ذات جو، گهوڙيءَ واريءَ تي، مکيءَ ۾ گهر،
اها ٿئي خان خبر، مکي سندي ملڪ جي.

 

واءُ

1. واءُ: گرم، سرد، طوفان، ٿڌو، ڪوسو، اُتر، ڏکڻ، پورب، تکو، ڍرو.

2. واءُ جو: سڻائو، واچوڙو، اُڏايو، پوريو، چـُـريو، ڌوڙيو، سٽڪو، ڪڙڪو، سيءُ، جهولو، لڳو، کليو، بنديو، منگهه، جهول، اُبتو، ڪـُـنرو.

3. واءُ جي: سڻائي، هير، ٿڌڪار، واچ، جهڪ، لـُـڪ، جهڙپ، سردي، گرمي، ڪنڊ، گهـُـٽ.

وکـــر

1. وکر (وکرن جا نالا): شراب، ڪمرڪس، کار، ڪـِـنڙو، پاهه، مس، ڪوپرو، سرمو، صابڻ، مائو، ڪتيلو، تماڪ، ساٿر، ڌاڻا، هرتال، چوتال، سنکيو، ڪيسر، ڪنبيرو، جاڻ، ڪڻ، سـُـتي، منڍيري، آڏيري، ڳڙ، سرهاڻ، سوپاري، کٿوري، سانٽوڙي، ڪنڊڙي، چڀڙي.

2. وکر جا: ڪسيرا، ٿـَـها، ٿـَـٻا، باردانا، ڍڳا، پـُـڙيڪا، دُڪا، آنا، پات، پوٺيا، ڏنا، ورتا، اگهه پاڙ، ٿيلها، ٻورا، ٻوجها.

3. وکر جو: وِڪرو، سودو، واپار، هوڪو، سيرُ، پاءُ، مڻ، پوٺيو، چيتو، پات، ڍڳو، کارو، ٿالهه، توريو، دُڪو، تولو، ٻـَـڌو، ڇـُـڙيو، ريزڪي، وڻج، وِهائيو، دٻو، دوڪان، هٽ.

4. وکر جون: دمڙيون، ڳوڻيون، تورُون، تـَـؤنريون، ڪوڏيون، چيپون، دٻيون.

5. وکر جي: گهورَ، ڏيتي ليتي، اوڌر پاڌر، روڪڙ، رهت، رکت، تور تڪ، ٽـِـڪـِـري، کوٽ، ماڻي، ٽـِـپري، اُٽل، رُونگ، هار ويرَ، پـُـڙي، پـِـنڊي، پـُـوري، هڪ هـَـٽي، ڪـَـس، اُپت.

6. وکر جا بيت*

(1)

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
آهوٻير، آنوَرا، اُٺڪچور، اِنجڻيون، آرا، آر چوان،
آلوبخارا، اِندرجو، اِلسي، آفيم، آچار چوان،
آهـُـر، آلوچمڙو، آکڙوٽ، اَنجير، اَنار چوان،
ايريال، اَڇڙو، انگور، اَڪلوئي، ايريو، آريٺا، آر چوان،
اِسپنگر، اَولاسار، اَمل، بکڙو، بيضو بار چوان،
برف، بصر، بادام، بڪم، بهمڻ، بوتل، بيهي ڌار چوان،
بسڪوٽ، بـِـهه، بنفشو، طالب، توشو تار چوان،
تالمڪاڙو، تـَـسر، توتيو، تيل، تماڪ، تاڪيو، تندتار چوان،
تپاشير، تلونگڙي، تخم حيات، تخم ريحاڻ، ترڪاري توار چوان،
صوف، سـِـهـِـنو، سـُـرو، سـُـرهو، سنگجراح، سنا، سڀ سار چوان،
سـُـرخي، سوپاري سنکيو، ساٿر، سون سڳا، سـُـٽ ڌار چوان،
صحتڪندرُو، ساڪـُـڙ، صندل، سنڌاڻو آچار چوان،
سـُـتي، سـِـپي، سمنڊ ڦيڻ، سالارو، صابڻ، ڪـُـل سنڀار چوان،
سينڌو، سونچر، سيڙهي، سورجاڻ، سينڌر يار سنگهار چوان،
سـَـنڍ، سڳداسي، سـُـٽ، سفيدو، هـَـرمرو، هـُـرٻو هوشيار چوان،
هيڊ، هيراڪس، هرتال، هريڙ، حلوو، هـِـڱ سندا انبار چوان،
جاڻ، جليبي، جرڦـُـل، جيرو، جـُـلاب، جوهر، جوکار چوان،
جعفر، جيسـُـو، دال، دارُون، رڱ، رَتي، ريوَڙي رسيار چوان،
رَڇ، ريوَند، زَنگي، زَهر، زَنگال، زَري، کنڊ، کار چوان،
کارڪ، خوشبوءِ، کٽمٺڙي، کوپرو، خسخاس، خـُـمار چوان،
کيرو، کٿوري، کهنبڙو، کاڄو، کؤنر، کسي، چوڙسي چوڌار چوان،
چڻا، چوبچيني، چانورَ، چونرا، چاڪليٽ، چندَن چوڌار چوان،
چـُـورو، چاٽو، چاس، چيرولي، چـَـرس، چيمڪ چوڌار چوان،
چيراتو، چـِـڪنو، چٽي، ٽـِـڪ، ٽـِـڦـُـلو، اِنجڻيون، عاقل قرهو ڪار چوان،
عطر، اَبرق، شنگرف، شربت، شاهترو، شراب شمار چوان،
ڪـَـهـُـو، ڪيوڙو، ڪگور، ڪـِـنڙو، قيطـُـون، ڪتيلو ڪار چوان،
ڪتل، ڪيسر، ڪوڪڙ، ڪيسـُـو، ڪوهر، ڪبابچيني ڪل يار چوان،
ڪوڏيون، ڪچريون، ڪوپرو، ڪنيرو سار چوان،
ڪيڪ، ڪمند، ڪانڦـُـل، ڪاغذ، ڪريلو، ڪمال، ڪاسني ڪار چوان،
قلميشورو، قلعي، ڪشميرو، ڪمرڪس،ڪورڙڪار چوان،
ڪوڪين، ڪـِـرمچي، ڪيسر،ڪنگڻي، ڪانگڙو، قند ڪلار چوان،
ليلافر، لونگ، لوڻ، لڏُون، لهو، لاک، ليار چوان،
ماکي، مـُـساڳ، مصري، ميندي، موري، ميٽ، مـِـرچون مار چوان،
مـُـشڪ، موصلي،مهميرو،مرجان، مليرو، مصالحو منٺار چوان،
مـَـس، موٺ، مـُـڱ،مٽر، معجون، مـَـڪـُـو، مـِـسي، ميٿي مار چوان،
مٽيڪٿ، ميسو، مانهن، ماچيس، مـُـهـُـري، مڪئي، مـُـنڍيري ڌار چوان،
مکڻي، مانڌاڻي، مکري، موتي، ماڻڪ، موتي مڻيادار چوان،
مـُـستي، مـِـٺائي، نيزا، ناپو، نـَـقـُـل، نمڪ، نازبو نار چوان،
نرگس،نموري، ناريل،نوشادر، نيلوفر، نـِـبات، نارنگي نارچوان،
نڪڇڪڻي، نرڳنڍو، نانختائي، ناس، نظارو نروار چوان،
واوڙَنگَ، واوَل، وَرق، وارنش، وڏف، واڱڻ وار چوان،
پيهـُـون، پڪوڙو، پـِـپري، پاپڙ، پـَـنير، پتاشو پار چوان،
پپيتو، پاٺو، پـَـٽُ، پنو، پلاهجيري، پـِـتو، ٻـُـڪي ٻار چوان،
ٻـُـورو، ٻهيڙا، ٻيڙو، ٻـِـج، ٻيرچـُـو، ٻـُـڙو سو ٻهڪار چوان،
لاڻي، لوڻڪ، پارو، پشم، ڦٽڪي، ڦڪي، ياقوتي، يار چوان،
ڦريون، ڦوٽو، ڦودنو، ڦل، ڦاروو، گل گلابي، گلنار چوان،
گوگڙو، گدرو، گوبي، گازبان، گجر، گدامري گلزار چوان،
گلقند، گوري، گجي، گندرف، گيهر، گيهي، گـُـگر گار چوان،
گندڪ، گوماندر، گيدوڙو، گانجو، گهـُـٻيت، گهوٽو گهار چوان،
ڳڙ،ڳاني، ڳنڍو، زنگال، زوفي، زَري، شاهترو شمار چوان،
ٽـِـڦلو، ٽـِـڪي، ڇوهارو، ڇپري، ڦيڻ، ڦڪي، عشبو آر چوان،
ڀڳڙا، ڀيلاوڙو، ڀنگ، ڀـُـرٽ، ڀتر، ڀـَـچـُـٽي ڀـُـلڪار چوان،
ڀنگرو، ڀـَـتو، پٽپيرون، پستو، پـُـست، پريو، پن پار چوان،
سيماب، ثعلب، سونف، سنڀالو، ستاوڙ، سرمون ڌار چوان،
سهاڳو، سنگتڙو، سنکيو، ساپا، ستگلو، سهنوار چوان،
خطمي، خبازي، چٽڪ، چنبيلي، ڌوپ، ايلاچي ڌار چوان،
ريوندچيني، ربسـُـوس، رتنجوت، رسڪپور اظهار چوان،
زهر ڪـُـچلو، زُمرُد،
زهر مورو، تـُـرنج، تماڪي تار چوان،
زنگالا، زَرني، زَري، زهر، زعفران، زُوفا، زنبق، زنگار چوان،
سون، سهاڳو، سونف، سرهو، سيمابي، سهنوار چوان،
لطف ڪجانءِ تون ”لعلڻ“ تي، صاحب رب ستار چوان.

 

(2)

ڪـِـڪا! وڃي ڪوڏ مان، وٺي اچ وکر،
کنڊ، ڳڙ، نبات، مصري، پتاشا، جوهر،
ڪتل، ڪشمش، کارڪون، چونرا، مڱ، مٽر،
کجور، ڀڳڙا، ريوڙيون، ماکي ۽ گيهر،
مرچ، مصالحو، مريون، دالچيني، جافر،
ڪڻڪ، ڪتيلو، ڪـِـنڙو، اڇڙو، اسپنگر،
لونگ، جيرو ۽ وڏف، سونف، صنوبر،
هيڊ، هريڙ، کار، گـُـلي، سائي ٿوم، بصر،
واوڙنگ، ٿنڀ ٿوڻيون، سوپاريون، سـِـنڌر،
يونان، پرسان، گاوزبان، جرڦل، نوشادر،
پان، پنير، ميٽ، تيل، کٿوري خوشتر،
لوڊ، رسوَلُ، چوَڙ، ميندي، دال، گـُـگر،
گيهه، کاڄا، کوپرو، ڊاک، چڻا، چانور،
گدنا، گلقند، گدامري، ميڻ، مڃٺ، مر،
بسڪوٽ، ڏاڙهون، سـَـنا، ڪانڦل ۽ ڪيسر،
اٽنگڙي، ثعلب، موصلي، تالبخانو، تـِـر،
صندل، ساڳ، مصطڪي، لوبان، لونڊر،
هرتال، هيراڪس، هرمڙو، اولاسار، عطر،
هڱ، هرٻو، گوگڙو، نيزا، نيلوفر،
تلسي، بادام، پستا، جاڻ، توتيو، تر،
گدرف، جيرو، ڇاڇرو، املداس، عنبر،
آيا سڀ وکر، هيج منجهاران هٽ جا.

پر اڃان وکر هٽ جو، وسري ويم واپار،
تماڪ، باڪس، ٻيڙيون، ڀوري ناس بهار،
سـُـرهاڻ، سهاڳو، سـُـنڍ، پـَـريو، شنگرف شاندار،
ڦوٽا، ڦودنو، سـُـٽ، پشم، ليسوڙا، ليار،
ايريو، عناب، اِلسي، زرشڪ، زنگار،
ڌُوپ، زراوند، پان پاڙ، سنڀالو سينگار،
ڳوڻ، مـُـهرو، ڪاسني، بنفشو بسيار،
مـُـستي، شراب، شورو، ڪـَـڻ، جـَـوَ ۽ انار،
کؤنر، ڏوڏي، صابڻ، سـُـتي، ٻاجهري، جوار،
سرمون، سوئيرو، ڪجل، جيري، جدوار،
چٽڪ، چرياتو، ترنج، گل سهاڳ، سـَـمُالفار،
زهر ڪچلو، ڪـُـچريون، ڪوڪين ۽ آچار،
”اميدعلي“ سنڀار، وکر پنهنجي وجود ۾.

 

(3)

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب ستار،
منڍ مڙين جو  مصطفيٰ، جو تـِـک لنگهائيندو تار،
ڏاتار تنهنجي ڏيهه ۾، ڪامل چڱي ڪار،
سانگان سڀڪوئي سـُـکيو، گهوٽ! گهرئين ئي گهار،
نظر ڪري نهار، بيهي منجهه بازار،
ته ڳڙ،ڳانا،ڳيهون،مکڻ، ميوو، ميها، مصري، جهجهي جال جوار،
چؤنرو، چڻو، چيڻو، چيڻوٺي، مڱ موچاري ڪار،
ڪوڪڙ، ڪنگڻي، ڪاڻڪي، مٺي مانهه ملهار،
جوَ، جيرو، جاڻ، نم، نير، پنير، ناپو، نانگلي، ناريهر نهار،
کونجا،کارڪ،کنڊ، ڪرمچي، ڪپور، ڪچري، ڪوپرو پريان جي پار،
لونگ، لباتي، جعفر، جرڦل، نت نباتن نهار،
سينڌر، سرمون، صابڻ، ساڪڻ، سرهو، سـُـنڍ، سوپاري سار،
الوچمڙو، الوبخارا، ڪمال پٽ، توتيو، تـُـوت تنوار،
چوئو، چندن، چاشني، چنبيلي، فرق ڦـُـللين نهار،
ريجو، ريوڙي، رسوَل، روپاهه روڳا ڪريو ڪمائي ڪار،
ٽـِـنجَ، ٻهيڙا، آنورا، هريڙ، ميٽ موچاري ڪار،
عاقر قرهو، ليمان، انب، ايلاچي، مر موچاري ڌار،
مهلو، ميٿي، مڃٺ، ميندي، سوئا، پالڪ، چوڪو سڀ سنڀار،
پپر، پيرون، ڦودنو، ڦڪي، ڏاڙهون چڱي ڏار،
آهوٻير، اهريو، امل، ايريو، انجڻي، سنا، سؤنف، سنيار،
سنبل، سرخو، بهمن، بکرو، ڪتل، ڪيس نهار،
مغز، موصلي، تـُـهي، تالبخالو، ڦڪي، ڦوڳ ڦلهار،
ڪمرڪس، ڪوتڪ، ڪنڙو، بادامي، ڀڳڙو، ڪيسوڦل قرار،
مٽي ڪٿ، ڪتيلو، ڪاسني، ڪافور، ٻانهين ٻورو ڌار،
گگر، گوماندر، هريڙ، هرٻو، هرمرو، ساٿر، سيڻ سنڀار،
اُٺڪچور، ڳوڻ، گاؤزبان، صحتڪندرو، مربو ماڳ موچار،
ڌوپ واس، لوبان، نوشادر، ڪتيلي ڪا سنڀار،
ولڌاتورو، شاهـُـترو، زهر مهرو، جمال گهوٽو، ڪرياتو منجهن خميرو خمار،
عطر، عنبر،املداس،چاٽو، يعقوتي، خاڪو،تون جوهر جوڙ جنسار،
مشڪ، مائو، موتي، مرجان، تون سهسين ڏس سينگار،
گـِـدو، کلڦوڙ، کانڊ، ٻيو گندرف، مهمائي منهن موچار،
چانهه، چموٽي، قلمي شورو، شنگرف، باڪس باهه بسيار،
مٺائي، مـُـستي، ماکي، مصري، موڪ مليدو، خوراڪ خوب خرار،
توشو، ٽڪي، لڏون، جليبي، ريوڙي، رس بسيار،
پڪوڙو پچار، چاش چپن، پيڙو، بونديون باغ بهار،
مربا، ميسو، گيهر، ڪچوريون، گانٺيا، پٽاٽا بار،
ريال، رتنجوت،گوگرو،گاسليٽ،گلقند، وڃي ڏس بيهي داڻا بازار،
موڙ، ٻيڙو، ڪـَـٿو، چانهيو، سيلي سچو سالار،
ڊاک، ڊامڻ، آنورا، ڪجل ڪوڏ قرار،
گردل، کلڦوڙ، ڇانڇرو، هرتال حال هزار،
مهلب، مساڳ، چنڻ، چورو، چوبچيني، چوَڙ، ٻٽيهو، سهانجو، سارسنڀار،
ناس، نيلوفر، نارنگي، ڦيڻ، ڏونگهين ڪڍيا ڏار،
ٿوم سري سائي، ڪيسر، ڦٽڪي، ٽڪي ڪاڄ سنڀار،
هڱ، هيراڪس، پـُـست، پواڙي، هـُـشبو حال هشيار،
ٽـِـنجڪاٺي، پريم ڏنڊي، عاقل قرهو، چؤجلابي چوڌار،
واوڙنگ، واپنبا، سورجاڻ، اُستو خدوس آتار،
روغن تلخ، تـُـهي، طالبخانو، محمودو موچار،
ڪاري جيري، گل بنفشو، ڏوڏي، ريول رس، ڏس عنابن آچار،
مستگيرومي، مٺي ڪاٺي، جئوکار جونجهار،
گجر، گاجرو، گوساٽو ۽ چوکا چندن هار،
سوڍا، پڙي، ٿاڌل، ڪڪڙو، برف، نموريون نهار،
ترسي، السي، کاڄا، ليپ، لپري، ڏس اسپنگر جا آر،
سوپاريون، ڊاک، ڀڳڙا، بوهي مڱ، گدامڙي گينوار،
صندل،سفيدو،ڪيسر،مٺي ڪاٺي، مس، مـِـسي، چوَڙ ڏس چوڌار،
گلاب پاڻي، قرمچي ڪاشڪ، مـُـوڙي مزيدار،
نبات، زعفران، بيضا، اطريفل، تپاشير، سنا، سرنهپتو سنڀار،
زهر، زنگ، زرني، ٻيرچو، ايلسي وڻج واپار،
دارونءَ پـَـٽُ، ٻاٽلي شراب آهي، وزن جو ويچار،
چرش، چنڊول، آفيم، گانجو، ڀنگ جوڳ، نشو نام نڪار،
گجر، بصر، موري، مرچ، ڌاڻا، دالچيني، وڏف، ڦوٽا، هيڊ مصالحو موچار،
لوڻ لاهوري، مٺائي، پتاشو، اسپنگر، سوڍا، صندل، کار،
”حاميد“ انهيءَ احوال جو، تون واري ڪر ويچار،
ته ڳڻي ڳڻندين ڪيترا، آهن لکين لک هزار،
پوءِ ڪلمون جن قرار، هوندا سي ايمان سان.

 

ول

1. وَل (ولين جا نالا): ڪانئل پيرون، هير، وڻ ويڙهي، بي پاڙي، چنبلي، ناڙو، گولاڙو.

2. وَل جو: وٽ، وڪڙ، تندو، رس، گـُـل، ويڙهو، چڙهڻ، سـُـڪڻ، تنبو، ڪدو، پن، ميهو، پـِـتو، ونگو، گدرو، چڀڙ، ڪرٽ، ٿڏو، پاڻي، ڇانهون، هنداڻو.

3. وَل جي: مـُـرلي، ڳراهٽي، چوٽي، تند، ڇانهين، توري، ميخ، تـُـنبي، پاڙ.

ولايت

1. ولايت (ولايتن جا نالا): عربستان، آفريڪا، عراق، عرش عظيم، چين، روم، شام، ڪيچ، هرات، ارم، اورنگ آباد، مروبات، آخرون، بهشت، يونان، مصر، ڪربلا، قدوس، بيت المقدس، طوس.

وڻ

1. وڻ (وڻن جا نالا): جهـِـلَ، سـِـڻُ، آمون، اَڪ، تانور، هيرڻ، سرهل، سرنهه، لاڻو، ٻاوري، ڪنڊي، سوپاري، ڪيسن، ٻائر، ڄمون، ڪامون، ميندي، ڪنڊو، لئو، آسري لئو، رسوَل، نيٽ، ساتار، تار، ساڏور، کٽي، مورو، راڙهو، ڪيتڪي، توت، ڄار، ڪينجهو، جارو، ورهو، نم، ڪهيرو، سـُـکمرد، مروئو، ليار، بيد، ڪنوارٻوٽي.

2. وڻ جا: موڙَ، کپَ، پورَ، گوشا، مورَ، ڏندڻ، ڏار، پيرون، سڱر، مـُـچا، پاڇا، پاڇولا، پنَ، ڪيسَ، وَڍَ، ٽارَ، گوشَ، ڏونرا، پڪا، ڏيلها، پلڙا، چـَـها، ککڙا، دڌڙا، ميوا، ڀالا، ڇـَـها.

3. وڻ جو: سـُـڪو، موريو، اُڀريو، ڦـُـٽو، لاهه، پور، ڇوڏو، ٽار، آڪارو، پڪو، ڪچو، کؤنر، ٻـُـور، مور، ٿـُـڙ، پـِـتو، ڪنڊو، گـُـل، ڦـُـل، ٻج، ڳڀُ، جهونو، ٽار، جوهو، جهڳٽو، سڱر، پلڙو، کـَـپو، لـَـهـُـه، وڍيو، مـُـڇو، لـَـڪُ، ڏنگو، سڌو، پن، ميوو، ڍلياري، جاڙو. ڪپيو، سيلهه، ٻيلهه، چاڙهـُـو، چـَـهو، لڪڻ، ڏندڻ، چابڪ، چوٽ، ڍنگهر، ٿڏو، ٻيجو، سائو، رس، گوش، اسريو، ڇانولو.

4. وڻ جون: چوٽيون، ڪامون، سوپاريون، پاڙون، لامون، ٽاريون، ڇانئون.

5. وڻ جي: لاڻي، پــُـسي، مـَـڪُ، سوپاري، ڇڙهي، ٽاري، اک، نموري، ڪـِـٺ، ڇانوَ، جهولَ، جهلَ، پاڙ، ڇانڀَ، ٽـِـڪي، لامَ، مـُـکري، ٻاٽي، لاک، ٻوري، کـَـل، ٽام، ڏاري، چاٽي، هـُـڙي، جـُـوهي، تلهڙ.

6. وڻ جا بيت *

(1)

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
اکروٽ، انب، انجير، املداس، اڪ، انار چوان،
آسري، ايريال، آلوچمڙو، آڏيري، آگر ڌار چوان،
اِسڪاٽلي، اَنگور، اَڪڙي، اِڪڙ، آنورا، عـُـشبو ڌار چوان،
بيد، بانس، بهڻ، بکڙو، بادام، بازي، بڙ ڌار چوان،
تـُـرنج، توت، تالمڪاڙو، طوبيٰ، تـِـر تماشو ڌار چوان،
سهنوار، سجاتو، سورج، سنبل، سکمرد، سنڀالو ڌار چوان،
ساڳ، سوپاري، سڻي، سالارو، صوف، سـِـرنهه ڌار چوان،
سوسن، سـُـرهو، ساٿر، سـُـئانجڙو، سنگتڙو، ڌار چوان،
جمال، جرڦل، جـُـنگ جعفر، هـِـڱ، هيرڻ ڌار چوان،
کارڙ، کٻڙکٽو، کٽونبڙو، کارڪ، کجي، کاڄو ڌار چوان،
خـُـبازي، کهنبڙو، کـِـپ، کسي، کٽڻ کـُـليو ڌار چوان،
دُنبو درخت، ديوي، ديال، داڳيو، زيتون، زنگي اسرار چوان،
گوگڙو، گدامري، گوبي، گدُڙي، گونٽو، گلابي ڌار چوان،
ڦاڙهه، ڦارُوهو، ڦوٽو، ڦودنو، ڦوڳ ڦولاريو ڌار چوان،
گرز، گولاڙو، ڪـَـهـُـو، ڪنڊو، ڪـِـرڙ، ڪنڊي ڌار چوان،
ڪامـُـون، ڪمال پٽ، ڪينڪ، ڪنوِلي ڌار چوان،
ڪـُـڙلو، ڪپو، قنداري، ڪشمش، ڪابولي ڌار چوان،
لئي، لاڻو، لاسڙ، لـَـسو، ليسوڙو، لـَـيو، لـَـهـُـو ڌار چوان،
لونگ، ليار، لـُـلر، لالي، ليمون، لوهيڙو ڌار چوان،
ڪيس، ڪالر، ڪوڙو، ڪنگور، ڪنڙو، ڪيلو ڌار چوان،
موئٽ، منجهاندڙو، مالٽو، مٺڙي نارنگي، ناريل ڌار چوان،
نم، نازبو، نيٽ، نـِـشان، نرگس، ناڙو ڌار چوان،
مشڪه، موتيو، موسمي، مانجهلي، نيزا سي نروار چوان،
ونئڻ، ووڻاٺي، واڱڻ، وڻ ويڙهي، ٻائر ٻٽون ڌار چوان،
ٻـُـهڙ، ٻير، ٻٻر، ٻٽالو، ٻـُـوهه، ٻـُـوٻـَـٽ، ٻاٽلي ڌار چوان،
پپر، پان، پڪو، پراڻو، ڀينڊي، ڀڳو ڌار چوان،
پنير، پالر، ڪپوئي، ڪالر، نـُـنبو، ٻانڌڙ ڌار چوان،
ڄار، ڄڱر، ڄمون، چڪون، چنبيلي، چندن ڌار چوان،
چـِـيل، چوَڙ، چپو، چڪي، پيڻ، پوري ڌار چوان،
ٿوهر، ٿلهو، ٿـُـڙ، ٿڏو، ساڳ، سنڌو سينگار چوان،
اِڪڙ، ايريال، ڏاڙهون، ڏونگهي، سجاتو، سهنوار چوان،
هريڙ، هرٻو، کٽڻ، خيرو، ڪونڀٽ، ڪالر، بڙ بهار چوان،
لطف ڪجانءِ تون ”لعلڻ“ چئي، صاحب رب ستار چوان.

 

(2)

تنهنجا ميوا مون کي ڪين وڻن، ادا ڙي عمر!
جيئن تو وٽ نم، ناريل، نازبو، ٻيا سهڻا صنوبر،
تيئن اسان وٽ ڪانڊيرا، ڪنڊا، ڪرڙ ٿين ٻير، ٻٻر،
جيئن تو وٽ ڪتل، کارڪون، ڪشمش، دارچيني، جافر،
تيئن اسان وٽ سـِـڻ، سـِـرنهن، ساڏور ٿئي، لئي، لاڻو، ٿوهر،
تو وٽ چانهن، چنڻ، چوبچيني، پـُـست، انگور، اگر،
اسان وٽ گرهو، گيدوڙي، گوار، ٿئي آڏيري اپر،
تو وٽ موتيا، گل گلاب جا، ڪن چٽائي چوڌر،
اسان وٽ مرچ، ڌاڻا، واڱڻ ٿين، ڪن ڌاتورا ڌمچر،
املداس ”اميدعلي“ چوي، تو وٽ آمان ٿين اَپر،
اسان وٽ سکمرد، سئانجڙو، سـِـنجي ساڳ سڌر،
تو وٽ سورج، سـُـنبل سونهن، ٿين بادامين بحر،
اسان وٽ بڙ، بـُـوهڙ، بهڻ ٿئي، ساوا هيرڻ، سر،
تو وٽ صندل، سوپاري، صوف ٿين، ليمان، لوڻڪ، لير،
اسان وٽ ڄار، ڄمون، اڪ ٿين، ٻـُـوهه، سـِـڻي، ٻونگر،
تو وٽ ڦـَـريون، ڦوٽا، ڦاروا، ڊاک، زيتون زبر،
اسان وٽ ڪامون، ڪـَـهـُـو، ڪونڀٽ ٿين، ڳاڱيون ۽ ٿوهر،
تو وٽ سونف، سيتاڦل، ڪاسني، آبنوس، اسپنگر،
اسان وٽ ڪاريلا، ڪويٽ، ٿين، ساوا ونئڻ سـَـٻـَـر،
تون وٽ پان، پاڙهون، شيشم ٿئي، چـِـيل، ديالي دَر،
اسان وٽ کـِـپ، کٻڙ ۽ مانجهلي، ٻي ميندي ٿئي مـَـڃر،
تو وٽ زنگي گل، زردالو، جرڦل، عناب ٿين اَپر،
اسان وٽ رتاروڻ، ڊاماهو ٿئي، جيرو ۽ ساٿر،
تو وٽ ڪهي ڪانو، ڪيتڪي، جاءِ، ورهه مورو ٻاهر،
اسان وٽ پيرون ٿين پٽن تي، آڪارا سـِـڱر،
تو وٽ ترنج، توريز ٿين، ڪانهل، عڪس اگر،
ڪري ڇاڻو ٻوهه ٻونگر، اسان وٽ اڀي ساوڪ سالاري سندي.

 

(3)

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
اَنار، اَهليو، اَنبڙي، اَڪارو، اوٽ، اولو ڌار چوان،
اَکڙوٽ، اَنگور، اُڀو، اوڌ، آنورا، آگر ڌار چوان،
بوکڙ، بـُـکڙو، بند، بارو، بادام، توتر، تلهڙ ڌار چوان،
سـِـڱري، ساٽو، ساڪـُـڙ، سونگڙي، سوئي، صفائي ڌار چوان،
ساک، سـَـري، ساڙ، سڪو، جوهي، جاڙا، جرڦل ڌار چوان،
هـُـڙهي، هريڙ، کٽو، کارڪ، کارُڙ سا کـُـت يار چوان،
روڙ، رَچائي، گلڙا، گوماندر، گز، گوز، گوشا ڌار چوان،
ڦوٽو، ڦاروهو، ڦـُـول، ڦريون، ڦـُـلاريو، ڦر ڌار چوان،
ڪوڪڙ، ڪچو، ڪپيو، ڪير، ڪيرايو، ڪاتر ڌار چوان،
ڪـَـتـَـل، ڪنڊي، لاڙ، لامون، ليڙون، لـُـڱ ڌار چوان،
لاڪـُـڙ، لئي، لوٺ، لڙيو، مـُـچ، ميندي، مـُـنڍ ڌار چوان،
نيشان، نارنگي، ويڙهه، ولر، وَڍيو ڌار چوان،
ٻيلو، ٻچو، ٻور، ٻاٽي، ٻيلهه، ٻوڪيو ڌار چوان،
ٻـُـهڙ، ٻـِـسانگ، ٻيجو، ٻوڙا، پلڙا، پاپڙ ڌار چوان،
پاڙ، پاسو، پالـُـر، پور، پورو، پـَـن ڌار چوان،
ڀڳو، ڀور، ڀـِـلاوڙا، ڀاڪر، ڀـَـلا، ٺوڙها، ٺپ ڌار چوان،
ٽاڪـُـڙ، ٽاري، ٽـُـڪيو، ٽـُـٽو، ڍَنگر ڍار چوان،
ڄار، ڄارو، ڄڱر، ڄمون، جهـُـمٽا، جهـُـوڙا، جهنگل ڌار چوان،
موڙ، موئٽ، منگهه، مورو، مـَـڃـَـر، ماکي ڌار چوان،
ڇوڏا، ڇاڻو، چـَـڪي، چـَـلها، ڇـُـڳا، ڇانولا ڌار چوان،
گهاٽا، گهيرا، گهـُـمرا، گهٽيون، ٻانڌُڙ، ٻيجا ڌار چوان،
ڇـَـهه، ڇولو، پاڇو، پکڙيل، پـِـتو، تـُـنبو تار چوان،
کـَـپا، کؤنر، کوڙو، کاڌل، ڇوڏي، ڏوڏي ڏار چوان،
اوڌ، آڏيري، ڇرهو، ڇـُـهاٽ، ڇـُـوهارو ڌار چوان،
اوٽ، اولو، گؤنچ، گيدُوڙو، ڪٺ، ڪار، قطار چوان،
ميوات، ميندي، مـُـکري، مهلو، ڇانگيو، ڇـَـمـَـڪ ڌار چوان،
پاڙ، پـُـسي، پيرُون، پـَـڪو، ڏؤنرو، ڏيلهو ڌار چوان،
ڇـِـنگا، ڇـُـلنگي، ڇانگيو، ڇـَـلـَـر، ٽارو، ٽاري، ٽار چوان،
چوٽـِـي، چـَـنبيل، کٽو، کارو، گـُـل، گـُـڏي، گـُـلزار چوان،
لطف ڪجانءِ تون ”لعلڻ“ چئي، صاحب رب ستار چوان.

 

وهانءُ

1. وهانءَ جا: ڳيچ، ڳاچ، ڳيا، ڳيت، گل ڦل، موڙ، ويس، وڳا، رُسامان، مورا، کهنبا، ڏانڊيا، گولا، ڇنا، مـَـنـَـهن، مارڪا، ڳائڻا، ڏونڪا، باجا، ڇمڪا، دهل، ڄاڃي، سانگ، چؤنسا.

2. وهانءَ جو: نڪاح، شغل، گهوٽ، ڀـَـت، پهت، پوئو، سوڻ، ساٺ، مـَـنهـُـن، ڇنو، اکيو، ڳانو، سهرو، جاڳو، پلؤ، ڏانوَڻ، ريٽو، اَنهيرَ، ڏينهن، موڙو، ناچ، مارڪو، ٿانر، اُوندَر، ڏيج، پلاند، رواج، سڏ، موقعو، ڄاڃي، ڪوٺو، پـِـڙو، سرگس، ڦڏو، پرچاءُ، ميڙ، ويلو، سيڌو سامان.

3. وهانءَ جون: لانئون، ٻـِـٽون، گهورون، ڇيرون، بينون، ڳائڻيون، نينڍون، مبارڪون، واڌايون، دعوتون، گهڙيون، بجليون، ڪوٺون.

4. وهانءَ جي: آس، اُميد، خوشي، ويڏي، ڪنوار، ڄڃ، ميندي، ٻـِـٽَ، ڪوٺاري، گهورَ، نينڍ، دعوت، ساگهر، ڪوٺ، مبارڪ، واڌائي، گهڙي، نيکيٽي، رسائي، وهائي، ٻـُـڪي، ڍڪڻي، ڏونگهي، کارڪ، کٽ، سيج، لونگي، اجرڪ، لانءَ، ماني، نـُـک، ديڳ، چرَ، بٺي.

هـــاري

1. هاريءَ جو: هر، هارپو، وارو، ٻنو، قرض، ليکو، جوڙو، سانئر، ڦار، ٻج، ميڙو، چونڊو.

2. هاريءَ جي: ٻني، پوک، ڪوڏر، ڪهاڙي، هلر، جوڳَ، ونگار، کاٽي، اڳومت، ساڻِ، اوڙ، سيڄائي.

هــٿ

1. هٿ جو: ڌڪو، ٺونشو، هنيو، ڏنو، سخي، ڇـُـوٽ، اشارو، ٺونگو، کٻو، سڄو، ميرو، چنبو، چـُـرون، ٻـُـڪ.

2. هٿ جي: ڇڪَ، تـِـري، آڱر، مـُـڪ، چيچ، ٻاچ، وچين، ليڪَ، لپ، چپٽي، تاڙي، هنئي، چپيٽ، چماٽ.

هٿيار

1. هٿيار (هٿيارن جا نالا): تير، ڪمان، گز، بندوق، تمنچو، گولي، ڪاتي، ڇري، ڪهاڙو، ڪهاڙي، ترار، توب، سـِـپر، ڍال، ڀالو، بڻڇي، ساڌار، خنجر، ڪٽاري، ٻاڻ، ڪمند، مصري، کهيڙو، نيزو، لٺ، لوڙهه، لڪڻ، نيٽ، بيد، چهبڪ، گرز، ڪان، بان، تير، کنو، شيخَ، دونالي، گهوٻاٽو، بانٺو.

2. هٿيار جو: ڇيرو، مياڻ، مٺيو، ڪهڻ، هنيو، قربان، تکو، مٺو، ڪٽيو، ڪڙڪو، مڻڪو، سر.

3. هٿيار جي: ڪوٺي، ڌار، مـُـٺِ، نوڪَ، تکي، وهي، لڳي.

هــٽ

1. هٽ جو: ڏورو، وکر، در، کليو، پوريو، آسڻ، دِڪو، دَخل، اگر، نوڪر، ڀائيوار، مهاڳو، مـُـهاڙي، گراهڪ.

2. هٽ جي: مٺائي، آوت، ٻـُـڪي، اوڌر، گراهڪي.

هـــڏو

1. هڏي جو: سنڌ، سنڌو، ڏند، ڍارو، چوڙو، ڀڳ، سڄو، وڌڻ.

2. هڏي جي: نري، ڪيپراٽي، ڍڪڻي، ڀيڏي، مـِـک، وِهه.

هرلو

1. هرلي جو: چڪر، ڦيرو، ميدان، ويساهون، ٻـَـڌو، ڇـُـڙيو، وهيو، ڀانڊو، پاڙڇ، پـِـڙ، اوڀارو، لهوارو، پڙاڏو، تڏو، ٻـُـندُ، مڪڙو، مـُـهرو، ارو، ڪنڌاٽ.

2. هرلي جي: جوڳ، سرائي، نيسر، ڳاڌي، نـِـڪَ، چڪر، اَڏَ، ارڻي، لاٽ، ڪاڃڻ، ڦرهي، ونگ، مالهه، ڪـِـنگري، لوٽي، ٻـُـندي، لٺ.

هڪل

1. هڪل (هڪل جا لفظ): کر، اڙي، او، اي، ها ها، هلا، هـُـون هـُـون، کلا ٿئي.

2. هڪل جو: سڏ، ڪڙڪو، دهمان، دڙڪو، واڪو، ڪـُـوڪريو، آواز، هوٻو، هـُـلاچو.

3. هڪل جي: رَڙِ، ڪوڪُ، ڪئي، تـِـکي، ٻـُـڌي، سـُـئي، ٿي، پري، ويجهي.

هلڻ

1. هلڻ جو: سعيو، ارادو، پهه، ڍلو، تڪڙو، موڳو، ڇوهو، تـِـکو، ڍرو، سهڻو، سٺو، پير، رند.

2. هلڻ جي: تياري، سنبت، وک، گام، ٽور، لوڏ، ٻانهن، رمز، چال، جهڙ، کـُـڙي، ڊوڙ، ڀڄ، فلڪ.

هندو

1. هندو: مصر، عامل، ديوان، برهمڻ، ويشنو، ٻـُـڌ، سک، واڻيو، ڀيل، مينگهواڙ، ڪولهي، باگڙي، ڪوچڙو، سنياسي، جوڳي، پنڊت، گوسائين، مرهٽو، راجپوت، مارواڙي، ماڙيچو، سوچي، موچي، ڀنگي،

2. هندوءَ جو (هندڪو): رام، ليکو، حساب، واپار، هٽ، شوالو، ٽڪاڻو، جڻيو، گـَـڏون، مندر، ڌرم، ڪريا ڪرم، اَکو، مارڳ، چونڪو، انگوڇو، لانگوٽو، انگرکو، پنٿ.

3. هندوءَ جي (هندڪي): وَهي، بندِي، هـَـٽي، مڙهي، ڪـُـٽيا، پوٿي، پوڄا، جاد، چوٽي، ڌوتي، پڳڙي.

هنڌ

1. هنڌ جو: وهاڻو، ويڙهيو، وڇايو، گاديلو، ٽوال، ڇنڊيو، ڦوڪيو، ميرو، سبيو، سيج بند.

2. هنڌ جي: کٽ، ڇـَـپـَـر کٽ، چادر، طول، پٿراڻي، رَلي، سوَڙ، مهاري، ڇـَـهـَـه، رضائي، ڪپهه، فراسي، صفائي، اڇائي.

---------


*  چيل شيرمحمد لغاريءَ جو. شيرمحمد خان ولد غلام شاهه لغاري بلوچ، ڳوٺ غلام شاهه لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ سنه 1298هه/1880ع ڌاري ڄائو. سنڌيءَ جا ڇهه درجا ۽ فارسيءَ ۾ ڪريما، پندنامـ*، گلستان ۽ بوستان ڪتاب پڙهيائين. عمر جا 35 سال پنهنجي ڳوٺ غلام شاهه ۾ رهيو، پر پوءِ ٻوڏ جي ڪري اباڻو ڳوٺ ڇڏي، ڳوٺ گل محمد لغاري تعلقي شهدارپور ۾ وڃي رهيو. جتي سنه 1365هه/1945ع ۾ وفات ڪيائين. ننڍي هوندي کان شعر شاعريءَ جو شوقين هو. سندس ڪلام قديم طرز جو آهي. وفات کان پوءِ سندس گهڻو ڪلام ضايع ٿي ويو آهي. هن بيت ۾ ميوي کان سواءِ گلن ۽ ٻين وڻن جا نالا به آيل آهن.

(1)  چيل لعلڻ خان لغاري جو. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه، ص.

 

(2)  چيل علي شير جو. هن بيت ۾ نارنانءَ کان سواءِ ‘ولائت’ ۽ ‘رڇ’ به آيل آهي. هيءَ روايت اُتر (تعلقي ميرپورماٿيلي) مان محمد عالم ‘شور’ خانپوريءَ کان ملي.

*  چيل لعلڻ خان لغاري جو. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه، ص.

*  چيل عرس جمالي جو. هن بيت ۾ پکين ۽ گاهن جا نالا به آيل آهن.

(1)  چيل لعلڻ خان لغاريءَ جو. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه، ص ؟

(2)  چيل اميدعلي لغاري جو. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه، ص. 00.

(3)  چيل حاجي حاميد خاصخصليءَ جو. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه،، ص. ؟

(1)  چيل لعلڻ خان لغاري جو. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه، ص. ؟.

(2)  چيل اميد علي لغاري جو. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه ص. ؟.

(3)  چيل لعلڻ خان لغاري جو. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه ص..

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org