سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :11

 

باب ڇهون

سرائتيون ڳجهارتون: ڦـُـل وَڌُوو ۽ ڀورِي

(323)

نـــــرنـــــانءَ ڪــــامڻ ڪــــــاڻ پــــــوک جــــــي ٿي پيو.

نرنان=ڦل وڌوو. ڪامڻ=ڀوري. پوک جي=

ڦولر<ڦولارجي.

ڦــــــل وڌوو ڀــــــــوريءَ ڪـــــــاڻ ڦــــــولارجـــــي پيو.

(324)

ڪاٺيءَ جي پائي ڪاٺ جي ۾، ڪاٺ به کنيائون،
اوڏا آيا شهر کي، نارنانءَ پڇيائون.

 

ڪاٺيءَ جي=منڌي. ڪاٺ جي=من. ڪاٺي=

من. شهر=اُونچل. نارنان=ڀوري.

منڌي پائي من ۾، من به کنيائون،
اوڏا آيا اُونچل کي، ڀوري پڇيائون.

 

(325)

پکي ٻولي ڪن،ڪـــــــو جو نـــــرنــــانءُ آئيو.

پکي=تاڙا. ٻوليءَ=تنوار. نرنان=جوڳي.

تـــــــاڙا تنوارين، ڪـــــو جــو حـّـــــوڳــــــي آئيو.

هندڪار ۾ هياس، ته ڪاٺ جي وڳي ڙي،
جان ذات ٿياس، ته نرنانءُ پيو ان جي گهـُـري.

 

هندڪار=رام<آرام. ڪاٺ جي=مـُـرلي. ذات=

جوڳي<جاڳان. نرنان=بابو. اَن جي=بکيا.

آرام ۾ هياس ته مرلي وڳي ڙي،
جان جاڳان ته بابـُـو پيو بکيا گهـُـري.

 

(327)

هو جو نالو آئيو، تنهن کي سـُـٽ جا ڏي.

نالو=بابو. سـُـٽ جا=بخيا<بکيا.

هو جو بابو آئيو، تنهن کي بـِـکيا ڏي.

(328)

مـَـــــــدنــــي ڌَن ڪـــــــي ڏي نــــــرنـــــانءُ کي.

مدني=ڀري. ڌَن ڪي=ڪيوٽي<ڪا+

وَٽي. نرنان=فقير.

ڀـــــــري ڪـــــا وَٽـــــــي ڏي فــــــقــــــيــــر کي.

(329)

ڇــڏ جر جا، وٺ سـُـٽ جا، ڪپڙي جو چئين ته ڪپڙي جو ڏيئن.

جر جا=گهمرا. سـُـٽ جا=بخيا<بـِـکيا. ڪپڙي

جو=جامون<جو+مون. ڪپڙي جو=چؤسو<

چئين+ سو.

ڇـــــــڏ گـُـهمرا، وٺ بـِـکيـــا، جـــــو مـــــون چئين تــــــه ســـــو ڏيئين.

(330)

ذاتيون! ذات مَ ڏي، ته ڪنهن ڪوڙ تي پکي ڏسان.

ذاتيون=دايا<دائي. ذات=دائيداڻا<داڻا.

ڪوڙ=بهانو. پکي=ڀورِي.

دائي! داڻا مَ ڏي، ته ڪنهن بهاني ڀورِي ڏسان.

(331)

ڏئـــــــي ته شاهوڪاري ڏئـــــــــي، نه ته ذات نه ڏي.

شاهوڪاري=توراڻي<تو+راڻي. ذات=

دائيداڻا<دائي+داڻا.

ڏئـــي ته تو راڻي ڏئـــــي، نه ته دائي! داڻا نه ڏي.

(332)

چـــَــم جــــــا فــــــقـــــيــــــــر! هـــــــيءُ ڪــــاٺَ جو اٿئي.

چم جا=بڪمَ <بڪ+مَ. ڪاٺ جو=سوڳارو

(شڪنجو) <ڳارو. (ان جي لپ).

بـَــــــڪُ مَ فـــــقـــــيــــــر! هـــــــيءُ ڳــــــارو اٿـــــئـــــي.

(333)

توڙ ڪاٺ ٻڌين، ته به نرنانءُ ريجهي ڪينڪي.

ڪاٺ=وٽوهڙ<وٽو+هڙَ. نرنان= سامي.

توڙي وٽو هڙَ ٻڌين، ته به سامي ريجهي ڪينڪي.

(334)

هــــــــوءَ پيئي نــــــالا ڏئـــــــي، ته به نـــــالـــــو نالي ڪين ميان!

نالا=سونو ۽ ڳهڻو. نالو=سامي. نالو=سـُـرتو(سرچيو)

هوءَ پيئي ســــونــــو ڳهڻو ڏئي، ته به سامي سرتو ڪين ميان!

(335)

جيئن ذات ٻولي ڪنس، تيئن رسو پاڻي جي وڃي.

ذات=دايون. ٻولي=دوُر. رَسو=مرکَ <

مرڪَ <مرڪيو. پاڻيءَ جو= منجهه.

جيئن دايون دور ڪنسِ، تيئن مرڪيو منجهه وڃي.

(336)

نارنانءَ! بيٺو ڪاٺ جي تي، ان جي نٿو وٺي،
اُٿي نارنانءَ، تون ٻوليءَ جا ڪرينس.

 

نارنان=درسياڻي<دُرس. ڪاٺ جو=در، ان

جي=بـِـکيا. نارنان=ڌڃاڻي. ٻولي جا=

سرچائڻ<سرچائينس.

دُرس بيٺو در تي، بـِـکيا نٿو وٺي،
اُٿي ڌڃاڻي، تون سرچائينس.

 

(337)

رڇ ڪـــاٺ ٿــــــيـــــــو، کــــــــاڄ جـــــــــي جنگ جو!

رڇ=برتن. ڪاٺ=بيراڳڻ. کاڄ جي=ڀوري

(ڪـُـٽي، چـُـوري). جنگ جو=ڀڳو.

قـّــــــرتـــــــــن بــــــيــــــراڳـــــڻ جـــــو ڀورِي تو ڀڳو!

(338)

رڇ ڪــــــري پيو جيئڏ تـــــــــي، عضوو پکي توتي.

رَڇ=برتن. جيئڏ=پوپٽ<پـَـٽ. عضوو=

پاپڙي<پاپ+ڙي. پکي=ڀورِي.

برتن ڪـِـري پيو پـَـٽ تي، پاپُ ڙي ڀوري! توتي.

(339)

آءُ فقير! وڻ ڪپڙي جي، تــــوکــــي مـــــال جـــــي ڏيان.

فقير=سامي. وڻ=جهـِـل<جهـَـل، ڪپڙي جي=

جهولي. مال جي=ڏِهاڙي.

آءُ سامي! جـــهـَـل جهولي، قـِـــــوکــــــي ڏهــــاڙي ڏيان.

(340)

لوهه جي ان جا ڪري، منهنجي پنهنجي مرض جيئن ڪيئي.

لوهه جي=ساهمي<سامي. ان جا=اسم، پنهنجي=

دل. مرض جو=کسي.

ســـــامــــــي! اســـــــم ڪــــــري، منهنجـــــي دل کسيئــــــــي.

(341)
ذات عــــــضـــــون ســــــان پنهنجي گهــــــوڙو جــــــو به!

ذات=سامي. عضون=چشمن. گهوڙو=کسي.

ســـــــامــــــــي چشــــــــمــــــن ســـــــان دل کسيئـــــــي به!

(342)

ڪــــــاٺ جيئن جوڳي آئيا، ڳهه جــــــــي به ٻوٽي تـــــن.

ڪاٺ جو=آڙو<اڙي! جوڳي=اداسي. ڳهه جي=

لئون. ٻوٽي= لاڻي<لائي.

اڙي! اُداســـــــي آئــــيـــا، لئون به لائـــــــي تـــــــــــن.

(343)

ڪپڙي مــــــال پوک جي اَٿئي، تڏهن ڪا رڇ ترس.

ڪپڙي جي=بوند. مال جي=بري<برهه. پوک

جي=لائي. رَڇ=گهوڙي.

بوند بـِـرهه جي لائي اٿئي، تڏهن ڪا گهڙي تـَـرس.

(344)

ڏس ڪاٺيءَ جي جنهن کي زمين جي ڪيڏي!
راند اَن جي منهنجو، ڪکن جو هو ته وڃي.

 

ڪاٺيءَ جي=ساهمي<سامي. زمين جي=ڪلا.

راند جي=ٻڌي<ٻڌيو. اَن جو=جيءُ. ڪکن

جو=ڇـِـڪو<ڇڪيو.

ڏس سامي جنهن کي ڪلا ڪيڏي!
ٻڌيو جيءُ منهنجو، ڇـِـڪيو هو ته وڃي.

 

(345)

اي ذات عورت! پنهنجو لايو، وري پنهنجون ڪرين.

ذات=غافل. عورت= گولي. پنهنجو=نينهن.

پنهنجون=ننڊون.

اي غافل گولي! نينهن لايو، وري ننڊون ڪرين.

(346)

مــــــڇــــي آءٌ ٿياس، نه ته مڇيون ٻيون ئــــــي گهڻيون.

مڇي=مشڪي<شڪي. مڇي=گولي<گوليون.

شــــــڪــــي آءٌ ٿياس، نه ته گوليـــون ٻيون ئي گهڻيون.

(347)

اُٿي نار! ٻولي ڪر، پنهنجي وَڻن جا کي ڪپڙ جا لڳا.

نار=دائي. ٻولي=ڌيان. وڻن جا=موريا<

مورن. ڪپڙ جا=گـَـز.

اُٿــــــي دائـــــي! ڌيان ڪــــر، پنهنجي مورن کي گـَـز لڳا.

(348)

پکي هن شهر ۾ اچي راند جي پيئي،
نرنانءَ هو ڪونڪو، جو ٻولي ڪري.

 

پکي=ڀوري. شهر=ڦـِـٽو. راند جي=دوکيبازي.

نرنان=ساڌُو. ٻولي=سچي.

ڀوري هن ڦـِـٽي ۾، اچي دوکيبازي پيئي،
ساڌو هو ڪونڪو، جو سچي ڪري.
 

---------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org