سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :1

ڳجهارتون

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

 

مهاڳ

سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سن 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ اُن جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، انهيءَ موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين، سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي لغت آفيس سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.

پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ لاءِ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر نوع بابت نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي.

هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ عام مقبول ۽ مروج آهن، تن کي لوڪ ادب جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن. مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ لوڪ ادب جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينـہ ’فوڪ لور‘ (Folk Lore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگيءَ اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو يا ’معياري ادب‘ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهوئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البت جو ڪجهه مواد گڏ ٿي سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اُميد ته آئنده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

’لوڪ ادب تجويز‘ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سن 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ ۽ صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇاپڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.

مجموعي طور سان هيءُ ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو تيرهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد ڊسمبر 1958ع تائين گڏ ٿيو، سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، اپريل 1961ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو، ۽ نومبر 1961ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري، پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني وئي.

ڪتاب جي ڇپائي ڪافي وقت ورتو، پر ان هوندي به 1965ع جي آخر ڌاري ان کي شايع ڪرڻ جو انتظام ڪيل هو، مگر بدقسمتيءَ سان لوڪ ادب تجويز کي شايع ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پئجي وئي ۽ هن ڪتاب جي اشاعت پڻ روڪجي وئي. 25- اپريل 1968ع تي سنڌي ادبي بورڊ جي صدر جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب (تمغـہ  پاڪستان) جي سفارش تي سنڌي ادبي بورڊ وري لوڪ ادب تجويز کي پايـہ تڪميل تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اها ذميواري بنده کي سونپي.

جون 1968ع کان ڪم شروع ڪيو ويو پر چئن مهينن بعد وري بورڊ طرفان ڪم بند ڪرڻ جو اطلاع مليو. وري 18- جون 1969ع تي بورڊ لوڪ ادب تجويز کي عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جناب مخدوم صاحب جن کان خط پهتو ته دوباره ڪم شروع ڪيو وڃي. مخدوم صاحب جن جي ذاتي دلچسپي شامل حال نه رهي ها ته ’لوڪ ادب تجويز‘ هن مرحلي تي نامڪمل رهجي وڃي ها.

باوجود انهن تڪليفن جي جيڪي هڪ مخلص ڪارڪن کي پهچن ٿيون، ۽ جيڪي راقم کي پڻ لوڪ ادب جي خدمت ڪندي سهڻيون پيون آهن، بنده هي ڳرو بار ٽيون ڀيرو پنهنجن ضعيف ڪلهن تي کنيو آهي، انهيءَ لاءِ ته سنڌي لوڪ ادب جي قيمتي سرمايي کي جيترو ٿي سگهي اوترو سهيڙي ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي ۽ رٿيل پروگرام موجب لوڪ ادب جي چاليهن جلدن کي پورو ڪجي.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد بچل ۽ محترم محمد يوسف شيخ هن ڪتاب جي مواد کي اُتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوبار صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، سگهڙ ٻيڙي فقير ڪنڀر هن ڪتاب جي مواد ڀيٽڻ ۾ خاص مدد ڪئي ۽ محترم محمد اسماعيل شيخ ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي ۽ ڪتاب جي مسودي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاءَ، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

سنڌ يونيورسٽي،                                             

خادم العلم

حيدرآباد سنڌ                                    نبي بخش

22- جولاءِ 1969ع

 

ام للانسان ماتمنيٰ  الاخرهِ والاوليٰ

مقدمو

’ڳجهارت، سنڌ ’پرولي جو هڪ قسم آهي. لوڪ ادب سلسلي جي ’ڪتاب ٻارهين جي مقدمي ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته ’پروليءَ جي فن کي سنڌ وارن پنهنجي ذوق ۽ ذهانت سان ڪمال تي پهچايو آهي. سنڌ ۾ پرولين جي پهه پچار ڪنهن آڳاٽي سمي کان شروع ٿي ۽ جيئن وقت گذرندو ويو تيئن نوَن خيالن ۽ نـُـڪتن جي اضافي سان پروليءَ جا نـِـت نوان قسم نمودار ٿيا، جن کي موجوده اصطلاحن ۾ پروليون، ڏٺون، معمائون، ڳجهارتون وغيره سڏيو وڃي ٿو. انهن مڙني قسمن مان ڳجهارت فني ۽ معنوي لحاظ سان نهايت ڳوڙهي ۽ معياري آهي، جنهن جو جنسي مثال دنيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ يا قوم جي ٻوليءَ ۾ ملڻ مشڪل آهي.

معنوي لحاظ سان ڳجهارت جيتوڻيڪ هڪ قسم جي پرولي آهي، مگر سٽاءَ جي لحاظ سان پرولي ۽ ڳجهارت ۾ فرق آهي: پروليءَ جو بنياد تشبيهه ۽ استعاري تي آهي، ۽ ڳجهارت جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي. فطرت جو مطالعو، ماحول جي ڄاڻ، شين جي واقفيت ۽ نـُـڪتن جي پروڙ پروليءَ جي پس منظر جا خاص اسباب آهن، مگر ڳجهارت جي پرک پروڙ لاءِ زندگيءَ جي مختلف شعبن، سماجي رسمن رواجن، عام قصن ڪهاڻين ۽ خاص داستانن جي تلميحي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جو علم، سنڌي لغات جي گوناگون لفظن ۽ محاورن جي واقفيت، ۽ انسانن جي باهمي رشتي جي مختلف مرحلن تي رٿن ۽ ارادن، خوشين ۽ ميارن، ڏکن ۽ ڏوراپن جي ڄاڻ پڻ ضروري آهي. پرولي کي پروڙڻ لاءِ ذهن جي تيزي ڪافي آهي، مگر ڳجهارت کي ڳولڻ لاءِ ذهني تيزي سان گڏ سوچ ۽ دانائي جي ضرورت آهي. پروليءَ وانگر ڳجهارت جي ڏي- وٺ محض هلڪي ريجهه رهاڻ ۽ وندر ورونهه ناهي، بلڪ ادب ۽ ثقافت، لغت ۽ حڪمت (دانائي) جي ڳوڙهي رهاڻ آهي. انهيءَ ڪري ئي ڪن سالڪن جيتوڻيڪ هڪ مخصوص معنيٰ ۾ پرولي کي راز سان تشبيهه ڏني آهي. (”ڀڃ پرولي ان جي، ڏنگي ڏور ڏيڻ“ - ڇتو فقير سانگي)، مگر عام مروج معنيٰ ۾ سنڌ جي سالڪن ۽ سگهڙن جي نظر ۾ پرولي زياده عام فهم آهي، ان جي برعڪس ’ڳجهارت‘ هڪ ڳوڙهو فن آهي جو هنر، ڏهسنامي، ڏور، دُراهي ۽ سينگار جي صف ۾ شامل آهي ۽ جنهن جي وهڃائڻ ۽ ورجائڻ لاءِ خاص ڄاڻ ۽ دانائي درڪار آهي. انهيءَ لحاظ سان سالڪ فقير الله ڏني ماڇي سندس هيٺئين بيت ۾ ’ڳجهارت‘ کي خاص فنن جي صف ۾ شمار ڪيو آهي:

ڳـَـهي ’ڳجهارت‘ کي ڪي ڳوليندڙ ڳولين
’هنر‘ جي حساب جو خزانو کولين
’ڏهسنامي‘ ’ڏور‘ کي فلڪ سان ڦولين
’دُراهي‘ کي دل سان، الله ڏنا! اولين
معنيٰ جا من جي عاقل اُکولين
ڪي وير وَڙولينِ، ’سينگار‘ کي سوچ سان.

 

لفظ ڳجهارت جي معنيٰ

لفظ ’ڳجهارت‘ جي اصليت بابت جداجدا رايا آهن: ڪن جي خيال ۾ هيءُ لفظ ’ڳجهو اَرٿ (لڪل معنيٰ) مان نڪتل آهي، ۽ ڪن جي راءِ ۾ ڳجهارت جو لفظ هندي ’ٻجهارت‘ يا ’بجهول‘ مان سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو. هنديءَ ۾ لفظ ’يجهارت‘ موجود آهي، ۽ ان جي معنيٰ آهي ’حساب ڪتاب صاف ڪرڻ‘، البته ’بجهـَـوُل‘ جي معنيٰ ’پرولي ڀڃڻ‘ آهي. پر جيئن ته سنڌي ٻولي ’هندي‘ کان زياده قديم آهي، انهيءَ ڪري قوي گمان سان چئي سگهجي ٿو ته ’بجهارت‘ سنڌي جو پنهنجو لفظ آهي جو ’ٻوجهه‘ يا ’ٻجهڻ‘ مان ’سمجهڻ‘ ۽ پروڙڻ جي معنيٰ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج ٿيو، ۽ بالاخر ڳـُـجهه، راز يا ’مام‘ (پروڙڻ) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. ڀٽائي صاحب توڙي  ٻين شاعرن پڻ لفظ ’ٻجهارت‘ انهيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي:

ٻولي ٻجهارت، جوڳيان سندي ذات جي
ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو، هلڻ ۾ حيرت
عجب عبارت، پـَـهه پروڙڻ ان جو.

 

(شاهه جو رسالو: سـُـر رامڪلي)

وائنٽا وِلات جا، ڪي جي ٻڌائون
ٻولي ٻجهارت جي ٻهڳڻ ٻوليائون
اولن سين لائون، لهي گهاتو گهڙيا.

 

                (رسالو غلام محمد خانـﮧ زئي: سـُـرگهاتو)

لفظ ’ٻجهارت‘ جڏهن ڳـُـجهه، راز يا مام جي معنيٰ ۾ سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو ته غالباً عوام ۾ پڻ ’ڳجهه‘ لفظ مان، ’ٻجهارت‘ سان ٺهڪندڙ لفظ، ’ڳجهارت‘ عام مشهور ٿيو.

ڳجهارت جي فن جي ابتدا

چئي نٿو سگهجي ته موجوده سٽاءَ  واري ’ڳجهارت‘ ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آئي، مگر غالباً ان جي ابتدا مخفي سنيهي يا پيغام سان ٿي، جنهن جا ٻه پهلو هئا:

پهريون ته محبت جي راهه ۾ ڳجهارت نينهن جي نياپن، مجازي رازن، ڏکن ۽ ڏوراپن جي ادا ڪرڻ جو خاص ذريعو بني. انهيءَ لحاظ سان هن فن جي تاريخ به هڪ حد تائين محبت ۽ مجاز جي تاريخ سان وابسته آهي، جا ڪافي جهوني پراڻي آهي. سنڌ جي رومانن ۽ افسانن جي عروج وارو دؤر سومرن جو آهي جنهنڪري هن فن جي تاريخ جي ابتدا جو دؤر پڻ اهوئي سمجهڻ گهرجي.

ٻيو ته ڳجهارت ذريعي اهي مخفي پيغام ۽ نياپا پڻ ادا ڪيا ويا جن جو تعلق سماجي يا سياسي معاملن سان هو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌ جي درٻارن ۾ ’فن ڳجهارت‘ اهوئي مقصد ادا ڪيو جو اڄڪلهه جا ”مخفي ڪوڊس“ (Codes) ۽ ملٽري جا ”ڪوڊ ورڊ“ (Code Words) ادا ڪن ٿا.[1]

مخفي پيغام کانسواءِ، ظاهري پيغام سان گڏ مقصد جي وضاحت خاطر ڪا شيءِ موڪلڻ، يا ظاهري پيغام بدران مام طور ڪا شيءِ موڪلڻ جنهن جي اهڃاڻ مان آڏي ڌر دانائيءَ سان مطلب پروڙي- اهو سلسلو ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ پڻ آڳاٽي وقت کان وٺي رائج رهيو. مثال طور سنڌ جي تاريخي دؤر ۾ ٺٽي جي حاڪم مير زا محمد باقي پنهنجي التجا سان گڏ، وڌيڪ وضاحت خاطر، اڪبر بادشاهه ڏانهن ’ناپو‘، ’بـِـهه‘ وغيره پڻ ڏياري موڪليا: يعني ته هتي جي ماڻهن جو گذر غريباڻو آهي، ۽ سنڌ فتح ڪرڻ سان بادشاهه کي ڇا حاصل ٿيندو! ٽالپوري عهد جو مثال آهي ته روهڙيءَ جو مير جان الله شاهه رضوي (فارسي زبان جو شاعر ۽ درويش) جهوڪ جي عارف شاهه عنايت شهيد جو مريد ۽ هر سال جهوڪ شريف جي زيارت لاءِ ايندو هو. شاهه فضل الله قلندر جي سجاده نشيني واري دؤر ۾ هڪ سال پيريءَ سببان پهچي نه سگهيو. بزرگ  ڏانهنس سوکڙيون ڏياري موڪليون جن ۾ هڪ ڪشتي به شامل هئي. مير جان الله شاهه مام پروڙي چيو ته: ’ابا، حڪم آيو آهي ته ٻيڙيءَ ذريعي پڻ اچو.‘

سنڌ ۾ انهيءَ سلسلي کي اڃا به وڌيڪ ڳوڙهو بنايو ويو ۽ ڪنهن هڪ شيءِ جي بدران هڪ کان وڌيڪ شيون ڳنڍ ٻڌي موڪليون ويون، جيئن پيغام جا هڪ کان وڌيڪ پهلو روشن ٿي سگهن. اهو سلسلو اڪثر مجازي پيغامن خاطر عوام ۾ رائج ٿيو. ان کي ’ڳنڍ‘ يا ’موڙي‘ سڏيو ويو، جو ويندي موجوده دؤر تائين رائج آهي. پر جيئن ته شيون موڪلڻ يا انهن جي مطلب کي وهڃائڻ آسان نه هو، انهيءَ ڪري وقت گذرڻ سان راز ۽ رمز خاطر معنوي سٽاءَ وارين پروليون پيغامن طور رائج ٿيون[2].

ان بعد جڏهن سنڌي ٻولي ۾ بيان جي وسعت پيدا ٿي ته سالڪن ۽ سگهڙن کي سنڌي لفظن جي انوکي سٽاءَ ۽ معنوي مناسبت متوجهه ڪيو، ۽ ساڳئي صوت يا صورت (آواز ۽ صورتخطي) مگر مختلف معنيٰ وارن لفظن جو پن ۽ پردي خاطر گفتگو ۾ استعمال شروع ٿيو جو ’ڳجهارتن‘ جي سٽاءَ لاءِ هڪ محرڪ ذريعو بنيو، اهڙيءَ طرح بالاخر سگهڙن رٿيل مقصد واري جملي کي ”تجنيس لفظي“ جو لباس ڍڪائي، ’تلميح‘ (ڪنهن ڳالهه جي اشاري يا اهڃاڻ) خاطر استعمال ڪري، ’فن ڳجهارت‘ جو بنياد وڌو جيئن ته (پرولي واري خيالي مام بدران) ’ڳجهارت‘ جو بنياد ’لفظي سٽاءَ‘ تي ٻڌو ويو ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻن لاءِ اها سٽاءَ نسبتاً آسان هئي، انهيءَ ڪري ڳجهارت جي رهاڻ جيئن پوءِ تيئن ترقي ڪئي.

تاريخي لحاظ سان چئي سگهجي ٿو ته سومرن جي دؤر ۾ موجوده سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي وسعت پيدا ٿي ۽ قصن ۽ داستانن جي شروعات ٿي. ٻوليءَ جي لساني ۽ لغوي سرمايي جي اضافي سان غالباً انهيءَ دؤر ۾ ئي ‘ڳجهارت’ جي فن جي شروعات ٿي. دودي- چنيسر جي قصي ۽ سومرن جي دؤر جي ٻين واقعن بابت ڳجهارتون اڃا تائين رائج آهن[3]. مگر جيئن ته هن فن متعلق ڪو آڳاٽو لکيل رڪارڊ موجود ڪونهي، انهيءَ ڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته ڪو فلاڻي يا فلاڻي ڳجهارت انهيءَ دؤر جي سـِـٽيل آهي. البت سمن جي دؤر جي واقعات متعلق ڪن ڳجهارتن جي اندروني شهادت مان گمان نڪري ٿو ته غالباً اهي انهيءَ دؤر جون سٽيل آهن. مثلاً هيٺين ڳجهارتن جو مقصد ۽ مفهوم انهيءَ گمان جي تائيد ڪري ٿو:

ڏيڻي:  نالا اي نرنان! نــالـــن نـان ڦٽا ڪيا،

ڀڃڻي: سما اي سلطان! باغن ڦل ڦٽا ڪيا.

ڄام لاکي قول ڪيو هو ته جيڪو منهنجي پيءُ ڦل جي مرڻ جي خبر ٻڌائيندو تنهن منحوس کي مارائي ڇڏيندس. پوءِ هڪ سگهڙ چارڻ وڃي کيس سهڻي رمز سان هن ڳجهارت ذريعي اها خبر ٻڌائي.

خوش قسمتيءَ سان اسان کي هڪ اهڙي ڳجهارت معلوم ٿي آهي جا ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي مشهور سمي بادشاهه ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي ڏينهن جي آهي. ٺٽي جي آسپاس جي ڪا معزز عورت پنهنجي رسوخ واري مرد (يا ڪو مرد پنهنجي ڪنهن رسوخ واري ساٿي) ڏانهن ٿي مخفي طرح هيٺين ڳجهارت ذريعي پيغام موڪلي ٿي ته:

ڏيڻي: انهن ذاتين سين، پنهنجو وهٽ جيئن نه وڻ جيئن

اهـــــي ذاتــــيــــون اڳيئـي ڪـــک جــــا ڪـــن

چــــئــــو نــــرنــــانءَ کــــي ته گــــاهه جـــو ڏئينِ

چــــوي ذاتــــيـــن کــــي ته ولات ســـــي وڃن.

(ذاتيون = رنون. وهٽ جيئن = هنو، وڻ جيئن =، پن   پنو،

ذاتيون = رنون، ڪک جا = تـُـوتـَـڙ،

نرنانء ِّ = ڄام نندو، گاهه = ڀونگرو < ڀونگڙو،

ذاتيون = رنون، ولات = سال)

مراد:   انهن رنن سان پنهنجو هـَـنـُـو نڪي پـَـنـُـو

                اهــــــي رنون اڳــيـــئـــي تــــوتـــڙ ڪــــــن[4].

                چئو ڄام نندي کي ته پٽي ڀونگڙو ڏئين،

                ۽ چــــــوي رنــــن کــــي ته ســـال سي وڃن.

ڳجهارت جي هن مراد ۾ ”منهنجو نڪي هنو نڪي پنو“ توڙي ”توتڙ ڪن“ ٻئي سنڌي جا جهونا محاورا آهن. ڄام نندي مان مراد يقيني ڄام نظام الدين آهي. ’سال سي وڃن‘ يعني ٺٽي جي پسگردائي ڇڏي وڃي جهرڪن کان به اُتر طرف ’سال‘ واري ايراضي ۾ رهن. ”سال“ واري اراضي جهرڪن ۽ نئن بارڻ جي وچ تي درياءَ لڳ آهي. اهي سڀ اهڃاڻ جـَـتائين ٿا ته اها ڳجهارت تاريخي آهي. ڄام نندي جو عهد (868-914هه) پندرهين صدي عيسوي جي پوئين نصف سان تعلق رکي ٿو، جنهن جي بناءُ تي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته غالباً پندرهين صدي عيسوي ۾ سنڌي ڳجهارت جو فن ڪمال تي پهچي چڪو هو. انهيءَ نڪتہِّ نظر کان پڻ هن فن جي شروعات سومرن جي دؤر ۾ قرين قياس معلوم ٿئي ٿي.

بهرحال سمن جي دؤر کان وٺي هن فن ۾ وڏي وسعت پيدا ٿي، ۽ فن قصه- خواني جي رواج سان سنڌ جا مشهور قصا ۽ داستان (مثلاً سسئي- پنهون، عمر- مارئي، مومل - راڻو، ليلان- چنيسر، نوري- ڄام تماچي، ڦل وڌوو ۽ ڀوري، بوبنا- جراڙ، مري- مڱٿر، راءِ ڏياچ-  سورٺ، مورڙو وغيره) ڳجهارتن جا مکيه موضوع بنيا. عربي ۽ فارسي تعليم جي رواج سان نبين بابت روايتون ۽ ٻيون ٻاهريون حڪايتون (ليليٰ- مجنون، بانڪو شاهه بهرام، سيف الملوڪ وغيره) ٻيا قديم قصا ۽ تاريخي واقعا ويندي بخت نصر ۽ بني اسرائيل جي جنگ و جدل جي واقعن تائين ڳجهارتن جا موضوع بنيا. مثلاً ڳجهارت آهي ته:

نرنانءَ ذاتين کي مسجد ۾ قرآن جو ڪيو

(نرنانءَ = بخت نصر، ذاتيون = بني اسرائيل،

مسجد = بيت المقدس، قرآن جو (لفظ) مثقال ذرة (يعني ذرا ذرا)

مراد:  ’بخت نصر بني اسرائيل کي بيت المقدس ۾ مثقال ڪيو.‘

مغلن جي تسلط کان پوءِ جڏهن سنڌ ۾ وري سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان جي حڪومت قائم ٿي ته سنڌي ٻوليءَ  جي علم ادب توڙي ٻئي هر مقامي فن وڏي ترقي ڪئي. غالباً هن دؤر ۾ ڳجهارت جو  فن پنهنجي اوج کي پهتو. جيئن ته ’ڳجهارتن‘  ۾ ڳجهارتن ٺاهيندڙن سگهڙن جا نالا موجود نه آهن، انهيءَ ڪري انهن جو زمان ۽ مڪان متعين ڪرڻ مشڪل آهي. مگر ‘ڳجهارت’ جي ٻئي ساٿي فن يعني ’هنر‘ ۾ شاعرن جا نالا موجود آهن. ’هنر‘ جي فن کي ڪلهوڙن جي دؤر جي وڏي سالڪ ۽ سگهڙ جلال کٽي اوج تي پهچايو. جيئن ته ’ڳجهارت‘ توڙي ’هنر‘ جو بنياد ’تجنيس لفظي‘ تي آهي ۽ ’هنر‘ ۽ ’ڳجهارت‘ ٻئي سگهڙن جي رهاڻ جا لازم ملزوم جز آهن، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ’هنر‘ سان گڏ ’ڳجهارت‘ جو فن پڻ سٽاءَ جي سهڻائي توڙي معنيٰ جي نزاڪت جي لحاظ سان ڪلهوڙن جي دور ۾ ترقي ڪري اوج کي پهتو. ان وقت کان وٺي ڳجهارتن جو ذوق شوق اڄ تائين قائم آهي، ۽ ان ۾ نت نوان اضافا ٿيندا  رهن ٿا. اڳين سالڪن جون جوڙيل ڳجهارتون سٽاءُ توڙي معنيٰ جي سهڻائي ۾ لاجواب آهن، مگر  ڀڃڻ ۾ نسبتاً آسان آهن. هن وقت سگهڙن جا ذهن تيز آهن ۽ سندن توجهه پڻ ڳجهارتن کي وڌيڪ ڏکيو ڪري لڪائڻ طرف آهي. انهيءَ ڪري موجوده دور جي سٽيل ڳجهارتن ۾ لـِـڪ گهڻي آهي ۽ ڀڃڻ ۾ ڏکيون آهن، مگر سهڻائي ۽ نزاڪت ۾ اڳين سگهڙن ۽ سالڪن جون ڳجهارتون ڪثر آهن.

 

ڳجهارت جي بنيادي يا لفظي سٽاءَ

’ڳجهارت‘ ڪنايـہ مطلب ادا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي،  ۽ انهيءَ لحاظ سان ڳجهارت جي سٽاءَ جا ٻه بنيادي پهلو آهن: (الف) مقصد واري ڳالهه  ۽ (ب) پـَـن پردي سان ان جي ادائگي. عام اصطلاح ۾، پـَـن ۽ پردي واري طرز ادا کي ئي ’ڳجهارت‘ چيو وڃي ٿو، حالانڪ حقيقت ۾ اهو ڳجهارت جو محض هڪ پهلو يعني ’ڳجهارت جي ڏيڻي‘ آهي. ٻيو اهم پهلو آهي، ’مقصد واري ڳالهه جو اظهار‘ يا ’ڳجهارت جي ڀڃڻي‘. ’ڏيڻي‘ ۽ ’ڀڃڻي‘ جي سٽاءَ کي سمجهڻ لاءِ اول هيٺين مثالن تي غور ڪرڻ گهرجي:

’ڳجهارت‘ کي سٽڻ وقت ’مقصد واري ڳالهه‘ کي اول ذهن نشين ڪرڻو آهي، ۽ پوءِ ان کي ڍڪ ۽ پردي سان ادا ڪرڻ بابت سوچڻو آهي. مثلاً، اسان جو مقصد ڪنهن دوست يا عزيز کي چوڻو آهي ته پيارا! سـُـکيو هوندين. هن جملي ۾ ’پيارا‘ ۽ ’سکيو‘ ٻوليءَ جي لحاظ سان خاص اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته هرهڪ جون ٻه معنائون آهن: پيارو معنيٰ پيار وارو ۽ پڻ پيارو مرد ماڻهو جو نالو (نرنانءَ =  نر جو نالو) آهي. اهڙيءَ طرح ’سکيو‘ معنيٰ ’خوش‘ ۽ پڻ سکيو مرد ماڻهو جو نالو (نرنانءَ) آهي. هاڻي مقصد واري هن جملي ”پيارا! سکيو هوندين“ کي ڳجهارت جي فن موجب جڏهن لـِـڪ ۽ پردي سان ادا ڪنداسون ته چونداسون ”نرنانءَ! نرنان هوندين“. اها ٿي ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ (پيارا! سکيو هوندين ان جي ڀڃڻي).

هن ڏيڻي ۾ ’نرنان‘ ’نرنان‘ ٻئي پردي ۽ ڍڪ وارا خاص لفظ آهن جن کي ڳجهارت جي اصطلاح ۾ ’پاوا‘، ’بندَ‘ يا ’ٺـَـپَ‘ چئبو. انهيءَ لحاظ سان اسان چونداسون ته هن ڳجهارت ۾ ٻه پاوا آهن، جن ۾ مردن جا نالا (نرنان) مخفي آهن. ڳجهارت ڀڃڻ لاءِ ڳولو (ڳوليندڙ) مردن جا نالا وٺندو. عام سمجهه وارو ڳولو محض ’نرنان‘ واري ’پائي‘ کي ڌيان ۾ رکي مردن جا نالا وٺندو ويندو، پر سمجهو ۽ سگهڙ ڳولو ڳجهارت جي ڏيڻي جي سٽاءَ جي لحاظ سان اصل مقصد کي خيال ۾ رکندو، يعني ته سوچيندو ته ’ڏيڻي‘ جو رخ هيئن آهي ته: ”اي فلاڻا هيئن هوندين“، انهيءَ لحاظ  سان هو مردن جا اهي نالا وٺندو جي اصل مقصد مطابق هجن، ۽ چوندو ته، ’سائو ستابو هوندين، خوش خورم هوندين، چڱو ڀلو هوندين‘ (ستابو، خوش محمد، خورم، چڱو ۽ ڀلو مڙيئي مردن جا نالا آهن). انهن نالن وٺڻ سان ڳجهارت ڪانه ڀڳي، پر جي چيائين ته ’سکيو هوندين‘ ته ڳجهارت ڀڳي. ڳجهارت جي ڪچهري جي قانون موجب ڪوبه هڪ پائو ڀڳو ته ڄڻ سڄي ڳجهارت ڀڳي.

مٿئين مثال مان هيٺيان پهلو واضح ٿين ٿا: اول ته ڳجهارت جي سٽاءَ ۾ ’مقصد واري ڳالهه‘ کي خاص اهميت آهي. ڳجهارت سٽڻ يا ٺاهڻ، توڙي ڳجهارت ڀڃڻ يا ڳولڻ ۾، ’مقصد واري ڳالهه‘ مرڪزي حيثيت رکي ٿي. ٻيو ته ڳجهارت جي ڏيڻي ’پاون‘ تي ٻڌل آهي، يعني ته ڏيڻي واري سٽاءَ ڄڻ هڪ اڏاوت آهي جا ’پاون‘ يا ٿنڀن تي بيٺل آهي. ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ ڄڻ ڳجهارت جي ’لفظي سٽاءَ‘ آهي، جنهن ۾ ’پائي‘ ۽ ان ۾ سمايل ’صنعت تجنيس‘ کي وڏو دخل آهي، ڳجهارت جي ڀڃڻي ڄڻ ڳجهارت جي ’معنوي سٽاءَ‘ آهي جنهن جو تعلق ’مقصد واري ڳالهه‘سان آهي. مقصد واري ڳالهه ڏانهن اشارو يا ان جو اهڃاڻ، يعني ’تلميح‘، ڳجهارت جي ’معنوي سٽاءَ‘ جي جان آهي. مطلب ته ڳجهارت جي اڏاوت ۽ مقصد جي لحاظ سان، ’تجنيس‘ ۽ ’تلميح‘ ڳجهارت جي جندجان آهن. هيٺ اسان پهريائين ڳجهارت جي اڏاوت يعني ’لفظي سٽاءَ‘ تي روشني وجهون ٿا جنهن ۾ ’صنعت تجنيس‘ ۽’ ائي جي بيهڪ ۽ بناوت‘ خاص اهميت رکن ٿا.

ڳجهارت جي سٽاءَ ۾ تجنيس جي اهميت

ڳجهارت جي لفظي سٽاءَ ۾ ’پائو‘ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. ’پائو‘ هڪ پردي وارو لفظ آهي، جو ظاهري طور فقط هڪ معنيٰ ظاهر ڪري ٿو. مٿئين مثال ۾ هرهڪ ’پائي‘ مان ان جي ظاهري مراد ’مرد جو نالو‘ آهي. مگر اصلي مقصد جي لحاظ سان هرهڪ پائي ۾ ’مرد جي نالي‘واري لفظ جي ’ٻي معنيٰ‘ پڻ آهي. انهيءَ لحاظ سان ’پائي‘ وارو لفظ ’ذو معنيٰ‘ آهي، يعني ته ٻه معنائون رکي ٿو. علمي اصطلاح ۾ اهڙي صورت کي ’تجنيس لفظي‘ چئجي ٿو. هاڻي واضح ٿيو ته ڳجهارت جي ڏيڻي جي سٽاءَ ’پاون‘ تي ٻڌل آهي ۽ ’پائي‘ جو بنياد اڪثر ’تجنيس لفظي‘ تي آهي. لفظي سٽاءَ جي لحاظ سان ’تجنيس‘ جا هيٺيان قسم ڳجهارت جي پاون جو بنياد بنجن ٿا:

(الف) تجنيس تام: مٿئين مثال ۾ پائي جي هرهڪ لفظ ’پيارا‘ توڙي ’سکيو‘ جون ٻه مختلف معنائون آهن، اهڙو لفظ جنهن جي صورتخطي ۽ اُچار ساڳيو مگر معنائون مختلف هجن ان کي علمي اصطلاح ۾ ’تنجيس تام‘ چئجي ٿو. انهيءَ لحاظ سان مٿئين مثال وارن پاون ۾ ’تجنيس تام‘ سمايل آهي.

(ب) تجنيس زائد: ٻن هم صورت ۽ هم آواز لفظن مان هڪ جي شروع ۾ اکر زائد هجي، جيئن ته ’زار‘ ۽ ’آزار‘.

(ج) تجنيس مرتب: ساڳي صورتخطي وارن لفظن مان هڪ  مرڪب ۽ ٻيو منفرد لفظ، جيئن ته ’ساهـَـڙَ‘ (اها هڙ) ۽ ’ساهڙُ‘، (مرد جو نالو).

(د) تجنيس مضارع: ٻن لفظن جو ساڳيو آواز مگر صورتخطي ۽ معنيٰ مختلف، جيئن ته ’لال‘ ۽ ’لعل‘.

(هه) تجنيس ناقص: ٻن لفظن ۾ اڻپوري هڪجهڙائي، جيئن ته ’ڪـَـنُ‘ ۽ ’ڪـُـنَ‘.

(و) تجنيس لاحق: هم وزن لفظن جي پهرئين اکرن جي تبديل، جيئن ته ’ٻار‘ ۽ ’هار‘[5].

(ز) بعضي ڪن پاوَن جي سٽاءَ ۾ ’تجنيس مـُـطرب‘ وارو اصول (پوين حرفن ۾ تبديل) پڻ سگهڙن جائز سمجهيو آهي جيئن ته ’دوربين‘ ۽ ’دور بيهه‘[6].

اهڙي طرح ڳجهارت ۾ ’پائي‘ جي ڀڃڻي واري اصلي لفظ ۽ ڳالهه جي مقصد واري اصولي لفظ ۾ مٿين ’تجنيسن‘ مطابق فرق جائز آهي. ڳجهارتن جي ڪافي وڏي حـصي ۾ ’پاون‘ جو بنياد ’تجنيس لفظي‘ تي آهي، حالانڪ ڪن ’پاون‘ جو بنياد محض پائي واري اهڃاڻ ۽ مقصد واري لفظ جي معنوي مناسبت تي هوندو آهي.

مٿئين وضاحت ذرا علمي ۽ پيچيده آهي، مگر اها ان حقيقت تي پڻ شاهد آهي ته فن ڳجهارت علمي نقطــﮧ نظر سان پڻ ڪافي ڳوڙهو ۽ معنيٰ خيز آهي. هيٺ اسان عام فهم لفظن ۾ ’پائي‘ جي جداجدا صورتن ۽ سٽائن ۽ ڳجهارت ۾ ’پائي‘ جي بيهڪ ۽ بناوت تي روشني وجهون ٿا.

ڳجهارت جي سٽاءَ ۾ ”پائي“ جي بيهڪ

مٿي چئي آيا آهيون ته ’پائو‘، ’بند‘ ۽ ’ٺپُ‘ ٽيئي ساڳي ڳالهه آهن. گرامر جي لحاظ سان، ڳجهارتن جا ’پاوا‘ جداجدا قسمن جا ٿيندا آهن، جيئن ته: اسم خاص (مردن ۽ عورتن جا نالا)، اسم عام (پکي، مڇيون، جيت وغيره)، اضافي (جو، جي، جون)، صفاتي (ٿلهو، موچارو) ضميري (پنهنجي، پنهنجن، تنهنجي، تنهنجن)، يا عددي (هڪ، ٻه، ٽي وغيره). ازانسواءِ ڪي منفرد لفظ، فعلي صيغا وغيره ’ٻولي‘ جي مجموعي ’پائي‘ هيٺ اچي وڃن ٿا. ٿلهي ليکي اسين چونداسون ته مکيه ’پاوا‘ ٽن قسمن جا آهن: (1) خاص اسم ۽ نالا، (2) عام اسم يا نالا، ۽ (3) نالن جون اضافي وصفون. خاص اسمن ۾ مردن، عورتن، شهرن، ولايتن وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا جي ڳجهارت جي ’پاون‘ جي صورت ۾ ’نرنانءُ‘، ’نارنانءُ‘، ’نالو‘، ’شهر‘، ’ولايت‘ سڏبا. عام اسمن يا نالن ۾ مرن، مڇين، جيتن، پکين وغيره ساهوارن، ۽ گاهن، پوکن، وکرن ۽ ٻي هر جنس جا نالا اچي وڃن ٿا. ڳجهارت ۾ انهن جا ’پاوا‘ هر جنس جي مجموعي نالي جي صورت ۾ بيهندا جيئن ته ’پکي‘، ’مڇي‘، ’پوک‘ وغيره. ٽئين قسم جي اضافي وصفن، وارا پاوا، ’جو‘، ’جي‘، ’جا‘، وغيره اضافي حرفن سان نروار ٿين ٿا، جيئن ته ’وڻ جو‘، ’جنڊ جي‘، ’اُڀ جا‘، ’جر جون‘ وغيره. ڳجهارتن ۾ اڪثر انهيءَ ٽن قسمن، يعني خاص اسمن، عام جنسن ۽ اضافي وصفن وارا ’پاوا‘ استعمال ٿين ٿا. انهن جي ڀيٽ ۾ عددن، صفتن ۽ ضميرن وارا ’پاوا‘ قدري انوکا ۽ ٿورين ڳجهارتن ۾ آيل آهن. جيئن ته:

پائو عددي (سـُـر سسئي):

ڏيڻي: اٺ، نو، يارهن، تيرهن، ٽيهه، ٻٽيهه ذاتيون ڇڏيو ته نالو ملي.

(8+9+11+30+32=103 سؤٽي < سؤٽيون، ذاتيون = وڳڻ، نالو = پنهون).

ڀڃڻي: سؤٽيون وڳڻ ڇڏيو ته پنهون ملي.

        (يعني ته اي سهيليون اوهين مون سان بحث ڇڏيو ته آءٌ وڃان ۽ مون کي پنهون ملي).

پائو صفاتي (سـُـر سسئي):

ڏيڻي: وڏن منجهه ننڍي، آءٌ ننڍن جا وڏا ڏسان.

 (وڏن = ڪافن (جبلن)، ننڍي = ڪـَـهي، ننڍن = گؤنئرن، وڏا = گس)

ڀڃڻي: ڪافن منجهه ڪهي، آءٌ گونئـَـرن جا گس ڏسان.

پائو ضميري (سـُـرمارئي):

ڏيڻي: ادا ڙي عمر! جڏهن هيس تنهنجن ۾، تڏهن ٿي مون کي پنهنجن ماريو.

        (تنهنجن = اوطاقن < اوتاڪن < تاڪن = درن ۽ بندن، پنهنجن = اوجاڳن).

ڀڃڻي: ادا ڙي عمر! جڏهن هيس تاڪن ۾ تڏهن ٿي مون کي اوجاڳن ماريو.

پائو ‘ٻولي’.

هيءَ هڪ مجموعي پائو آهي. ’ٻولي‘ معنيٰ ته ٻولي جو ڪوبه لفظ جيئن ته جيتر، تيتر، اگر، مگر، جڏهن، ڪڏهن، هاڻي، هان، هون وغيره. يعني ته اهڙو لفظ جو ٻئي ڪنهن پائي هيٺ نه اچي، ته ’ٻولي‘ جي پائي سان ادا ٿيندو. البت ڳجهارت جي سهڻائي انهيءَ ۾ آهي ته ’ٻولي‘ جو پائو سهڻو ڪري بيهارجي، ائين نه ٿئي جو ڏکيو ۽ انوکو لفظ اجايو ڪري آڻجي. ’ٻولي‘ جي پاون جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

سـُـر سسئي:

ڏيڻي: ٻولي پنهل اچي، ٻولي ڪريان ڪيئن.

(ٻولي = جيتر يا جاسين، ٻولي = تيتر يا تاسين).

ڀڃڻي: جيتر پنهل اچي، تيتر ڪريان ڪيئن.

ڏيڻي: ٻولي تان نه ڪندياس، ٻولي هوت پنهونءَ سان.

(ٻولي = اگر، ٻولي = مگر).

ڀڃڻي: اگر تان نه ڪندياس، مگر هوت پنهونءَ سان.

(سسئي ٿي چوي ته: هوت پنهون سان ’اگر‘، ’مگر‘ چئي بهانا ڪانه ڪنديس).

پائو لفظي.

اهڙن عام مروج پاون کان سواءِ، فقط ڪي ’لفظ‘ يا ’لفظي سٽائون’ پڻ ’پاون‘ طور استعمال ٿين ٿا، جن کي اسين ’لفظي پائو‘ ڪوٺيون ته مناسب ٿيندو، مثلاً:

سـُـر سسئي:

ڏيڻي: ونءَ پکي مون کاڄ جا ڏٺا.

(ونءَ = لهه، پکي = للو، (هنجهه) <للا، کاڄ جا = لوڙهه).

ڀڃڻي: لهه لـَـلا، مون لوڙهه ڏٺا.

سسئي جو لوڙهه (قبر) ڏسي پنهون پنهنجي ڀاءُ لـَـلي کي ٿو چوي ته: للا! لهه، جو مون لوڙهه ڏٺو آهي. هن ڳجهارت جو پهريون پائو ’ونءَ‘ آهي يعني ’وڃ‘. هلڻ، چلڻ، لهڻ، چڙهڻ، ڊوڙڻ وغيره سڀ ’وڃڻ‘ جي معنيٰ ۾ آهن، انهيءَ ڪري ’ونءَ‘ جي مناسبت سان ٻيو هم معنيٰ لفظ ’لهه‘ ڀڃڻي طور آيو آهي.

ڏيڻي: ڏڪار پاروٿو مون، پيءُ- مـُـئو اوهين.

        (ڏڪار= قحط < ڪهه+ ته، پاروٿو = باسي، پيءُ- مـُـئو = ڇورو< ڇو+رئو).

ڀڃڻي: ڪـَـهـَـه ته باسي مون، ڇو رئو اوهين.

هن ڳجهارت  ۾ ڏڪار ۽ پاروٿو ٻئي اڪيلا لفظ آهن، ۽ ’پيءُ- مئو‘ لفظي سٽاءَ (صفاتي) آهي، ۽ اهي ٽيئي ’پاوا‘ بنيا آهن. هيٺين ڳجهارت ۾ جملي پاوا لفظي سٽاءَ وارا آهن ۽ صفاتي معنيٰ ۾ آيل آهن. هيءَ ڳجهارت ’سـُـرن ۾ ناهي مگر ڪنهن ‘مهل تي چيل آهي:

ڏيڻي: ڪُ ماڻهو ڪُ وڻ چڙهيا، ڪُ پوک ۾ ڪُ ڌڻ لڙيا.

(ڪُ ماڻهو= مهاڻا، ڪُ وڻ= اڪ، ڪُ پوک= نانگلي، ڪُ ڌڻ= گڏهه).

ڀڃڻي: مهاڻا اڪين چڙهيا، نانگلي ۾ گڏهه لڙيا.

پائو ۽ ٻين ٻولين جا لفظ،

ڳجهارت ۾  ’پاون‘ جي بنياد ۽ مراد يعني ’ڏيڻي‘ ۽ ’ڀڃڻي‘ وارا الفاظ اڪثر سنڌي ٻوليءَ جائي هوندا آهن. مگر سگهڙن ڳجهارت تي ڪک رکڻ، يعني لڪائڻ خاطر بعضي سرائڪي، اردو، فارسي ۽ ويندي انگريزي لفظن کي پڻ پاون جو بنياد بنايو آهي. ذومعنيٰ هجڻ سببان ’ڀڃڻي‘ ۾ اهڙن لفظن جي مراد اڪثر سنڌي مفهوم مطابق ٿيندي آهي. مثلا= ’اردو‘، ’پاون‘ جي سٽاءَ سان هيٺيون ڳجهارتون ٻڌل آهن، جي آڳاٽي وقت کان ڪچهرين ۾ هلندڙ آهن.

مومل راڻو.

ڏيڻي: ٽـِـنگي شوم ڪي، شهر مؤن مال جي.

(ٽنگي (ڇوڪري)= لڙڪي، شوم= راجا نند، ڪي= جي، شهر= ماٿيلو، مال جي= تڙي< مال کي تڙڻ).

ڀڃڻي: لڙڪي راجانند جي ماٿيلي مؤن تڙي.

موکي ۽ متارا:

ڏيڻي: مـَـدني ڌَنِ ڪي ڏي نرنانءَ کي.

(مـَـد= رس< مدني = رسيل يا ڀريل، ڌَن ڪي (ناڻي جي)= ڪيوَٽي (سوني)= ڪي+وٽي، نرنان= متارو (ماڻهو جو نالو)< نرناون= متارن).

ڀڃڻي: ڀـَـرڪي وٽي ڏي متارن کي.

ليلان چنيسر:

هيءَ ڳجهارت ’اردو‘ ۾ ٻڌل آهي:

ڏيڻي: وَن ڪي ڌن ڪي ڦـِـر کيتي ڪي ڪيون؟

(ون ڪي(= وڻ ڪي< وڻ جو نالو)=سـُـکمرد، ڌن ڪي (= ناڻي جي)= مـَـٽا. کيتي ڪي(= کيتي جي ’روتِ‘)= روتي).

ڀڃڻي: سک مرد مٽا ڦر روتي ڪيون؟

اهڙيءَ طرح سرائڪي زبان ۾ ڳجهارتون ٻڌل آهن، مثلا= مارئي جي سـُـر جي ڳجهارت آهي ته:

ڏيڻي: مئن نه تيڏي ذات، تون لوهه دي ڪر.

(ذات= جو (يا)، لوهه دي= چاٻي).

ڀڃڻي: مئن نه تيڏي جويان، تون چا ٻي ڪر.

هيٺين ڳجهارتن ۾ ڪن ’پاون‘ جون ڀڃڻيون انگريزي لفظن مطابق آهن. مثلا=:

سهڻي.

ڏيڻي:  رَڇ ٿو چئي ته نالن ماري سهڻي.

(رڇ يعني ٿان ِّ = جگ (Jug) < جڳ، نالو = ويرُو، نالن= وِيرن).

ڀڃڻي: جڳ ٿو چئي ته وِيرن ماري سهڻي.

مارئي:

ڏيڻي: عمر سومرا! ڪـِـني ڪاٺيءَ ۾.

(ڪـِـني=گلا، ڪاٺي= پينسل (Pencil) < پئي+نسل).

ڀڃڻي:عمر سومرا! گـِـلاپئي نسل ۾.

مومل راڻو[7]،

ڏيڻي: مومل به ڪاٺي، پر کاڄ جو ڪيني مينڌرا.

(ڪائي= هاڪي (راند جي (Hockey < ها”+ڪي، کاڄ جو= ناشتو (نيرن) < ناس+تو).

ڀڃڻي: مومل به هاءِ ڪي، پر ناس تو ڪئي مينڌرا.

(مومل به هاءِ ڪي يعني گهڻا ماريا، پر تو کيس ماريو)

مٿئين ڳجهارت ۾ هڪڙي پائي جي ڀڃڻي انگريزي لفظ ۾ ته ٻئي جي فارسي لفظ ۾ آهي. اها ڳجهارت اسان جي روبرو هڪ ڪچهريءَ ۾ لعلڻ خان لغاري کي ٻيڙي ڪنڀر ڏني. لعلڻ خان لغاري ذات ذات جي ڪاٺي ڳولي هڪ بيت ۾ بند ڪئي هئي، انهيءَ ڪري کانئس لڪائڻ خاطر سگهڙ ٻيڙي ڳجهارت ۾ ڪاٺي جو ’پائو‘ انگريزي ۾ رکيو. بهرحال ’پائي‘ جو صحيح اصول اهو آهي ته ڀل پائي جو اصلي لفظ ڪهڙي به ٻولي جو هجي مگر اُهو اهڙو ذومعنيٰ هجي جو ڀڃڻي ۾ ان جي مراد سنڌي ٻولي موجب پوري بيهي، جيئن ته مٿين ڳجهارتن ۾ ’جگ‘، جي مراد ’جڳ‘، ’هاڪي‘ جي مراد ’هاءِ ڪي‘ بيٺي. ڪن ڪچهرين ۾ هيٺين ڳجهارت خوش طبعي طور پيش ٿي مگر ان ۾ ’پاون‘ جو بنياد توڙي مراد ٻئي انگريزي لفظن مطابق آهن، انهيءَ ڪري اصول موجب اها صحيح ناهي:

ڏيڻي: مومل هڏ ليکو هئي، پر لڳي ليکو راڻي کي.

(ليکو=وَن (one) = هڪ، ليکو= ٽـُـو ((two = ٻه).

ڀڃڻي: مومل هڏ ’ون‘ هئي، پر لڳي ’ٽـُـو‘ راڻي کي.

پائي ۾ تجنيس لفظي جون رعايتون

پائي وارو  لفظ هميشه ذومعنيٰ هوندو آهي: يعني ته هڪ ان جي اصلي يا بنيادي معنيٰ ۽ ٻي ان جي ’مراد‘ واري معنيٰ هوندي آهي. ڪنهن ’پائي‘ جي ’بنياد‘ توڙي ’مراد‘ وارو لفظ بالڪل ساڳيو ٿي سگهي ٿو. جيئن ته ليلان چنيسر جي هيٺين ڳجهارت جي مراد ۾ پاون وارا الفاظ ’جواب‘، ’سوال‘ ۽ ’نفعو‘ بنا ڪنهن تبديل جي هوبهو ساڳيا بيٺا آهن (تجنيس تام).

ڏيڻي: ٻولي اٿئي ليلان، هاڻي ويٺي ٻولي ڪر، پنهنجو ٿيندئي ڪونه.

(ٻولي= جواب، ٻولي= سوال، پنهنجو = نفعو).

ڀڃڻي: جواب اٿئي ليلان، هاڻي ويٺي سوال ڪر، نفعو ٿيندئي ڪونه.

مگر اڪثر پاون ۾ ’بنياد‘ ۽ ’مراد‘ وارن لفظن ۾، ’تجنيس لفظي‘ جي رعايت ملحوظ هوندي آهي. اسان مٿي چئي آيا آهيون ته ڳجهارتن جي پاون ۾ ’تجنيس لفظي‘جون مڙيئي صورتون ملن ٿيون. هيٺ اسان انهيءَ نـُـڪتي کي ورجائڻ خاطر ’پاون‘ جي بنيادي لفظن ۽ انهن جي مرادن جي مختلف صورتن کي مثالن ذريعي نروار ڪريون ٿا.

عام طور پائي جو ’بنيادي‘ لفظ ’مراد‘ ۾ پڻ ساڳي صورت ۾ بيهي ٿو مگر ذومعنيٰ هجڻ سببان نئين معنيٰ ڏيکاري ٿو. اها ’تجنيس تام‘ جي صورت آهي، مگر ’پائي‘ جي بنيادي لفظن ۾ ’مراد‘ خاطر سگهڙن ڪي ڦيريون گهيريون جائز قرار ڏنيون آهن، جي علمي لحاظ سان مختلف تجنيسن جي دائري ۾ اچن ٿيون. مثلاً:

1. پائي واري لفظ ۾ زير، زبر، پيش يا ا، و، ۽ ي وغيره جي ڦيرگهير سان مراد ڪرڻ (تجنيس ناقص).

پاون جي بنيادي لفظن ۾ ’مراد‘ خاطر هيءَ ڦيرگهير عام آهي: مثلا= عمر مارئي جي سر مان ڳجهارت آهي ته:

ڏيڻي: ادا عمر! سڻڀ ان جون ڪري، نرنانءِ ٿيو ڪونه ڪو.

(سڻڀ ۽ ان جي= چـُـوري، سڻڀ ۽ ان جون= چـُـوريون< چوريون (بنا پيش)، نرنان ِّ = ونهيون).

ڀڃڻي: ادا عمر! چوريون ڪري، ونهيون ٿيو ڪونه ڪو.

ڏيڻي: نارنان نالن کي ذات ته ڏي (موکي ۽ متارا).

(نارنان=موکي، نالو=متارو، نالن=متارن، ذات= سـَـرڪي< سـُـرڪي).

ڀڃڻي: موکي متارن کي سـُـرڪي ته ڏي

2. پائي واري بنيادي لفظ جو مراد ۾ ڀڄي ٻه لفظ ٿيڻ.

ڏيڻي: نالو اٿيئي منگتا، هاڻي ذات ڪر. (سـُـر سورٺ).

(نالو=آڍو< آ+ڍو، ذات=مزاري=مَ+زارِي).

ڀڃڻي: آ ڍؤ اٿئي منگتا، مَ زاري ڪر.

ڏيڻي: ڪاٺ پائيندياس، وڻ جا ڪنديس ڪينڪي. (مارئي)

(ڪاٺ=نهيرو< 1. نه+2. هيرو، وڻ جا=چير).

ڀڃڻي: نه هيرو پائيندياس، چيرا ڪنديس ڪينڪي.

3. ٻه پاوا ملائي مراد وارو لفظ ٺاهڻ

ڏيڻي: ليلان انهيءَ وڻئون تندئون چم جو وڃيئي. (ليلان چنيسر).

(وڻ=اڪ، تند=لئون< اڪ+لئون< عقلئون، چم جو=مڙهه).

ڀڃڻي: ليلان انهيءَ عقلؤن، مڙهه وڃيئي.

4. ٻن پاون مان هڪ جو اکر ٻئي سان ملائي ’مراد‘ ڪرڻ،

ڏيڻي: اٿي نالي ڪاٺي متان نالي هوت اچيئي. (سسئي)

(نالو= ڪالو، ڪاٺي= چڪر< ڪالو+ چڪر< ڪا+ لوچ+ ڪر، نالو= نظر).

ڀڃڻي: اٿي ڪا لوچ ڪر متان نظر هوت اچيئي.

ڏيڻي: هي نرنالي پاڻي جون آيون، تن اچي ذاتيون ڏنيون انـِـي کي آئون، گهـُـمي ويٺي. (ليلان چنيسر).

(نرنالي=نصير، پاڻي جون=نيون< نصير+نيون< نه سي ر+نيون< نه سي رنون، ذاتيون=پڙهيار< پڙهي هار، گهمي=ور ڏيئي).

ڀڃڻي: هي نه سي رنون آيون، تن اچي پڙهي هار ڏنو اني کي آءٌ، ور ڏيئي ويٺي.

5. پائي واري لفظ جو ’ڏيڻي‘ ۾ ڀر واري لفظ سان ملي ’مراد‘ بنجڻ.

ڏيڻي: مال جي ويا اٿم جيڏيون، آءٌ پنهنجي ڏيندي سان. (سسئي)

(مال جو= اوهه اوهه (= هـُـو)، پنهنجي= ’نـِـڇ‘، مڇ+ ڏيندي< نه+ ڇڏيندي).

ڀڃڻي: اوهه ڙِي ويا اٿم جيڏيون، آءٌ نه ڇڏيندي سان.

ڏيڻي: ڏي رَڇ سومرا، مون کي نالو ته نه (مارئي).

(رڇ= حقو، ڏي+حقو< ڏيهه+ڪو، نالو=وِيسريو< وسريو.

ڀڃڻي: ڏيهه ڪو سومرا، مون کي وسريو ته نه.

6. پائي واري بنيادي لفظ ۾ ’مراد‘ خاطر ڪن حرفن جو بدلجڻ

ڏيڻي: مون توکي چيو ته اها ذات نالو نه ڪر. (ليلان چنيسر)

(ذات= درزي< درجي< در+جي، نالو= محرم).

ڀڃڻي: مون توکي چيو ته اها در جي محرم نه ڪر.

(چنيسر ٿو ليلان کي چوي ته مون توکي چيو هو ته اها ڪؤنرو در جي محرم نه ڪر).

ڏيڻي: لوهه جي ليلان، اڃا ٿي مال جا ڪرين.

(لوهه جي=دوربين< دوربيهه (تجنيس مطرب)، مال جا= آسرا).

ڀڃڻي: دوربيهه ليلان، اڃان ٿي آسرا ڪرين.

7. پائي واري بنيادي لفظ ۾ هڪ يا ٻن (بعضي ٽن) حرفن جو وڌائڻ (تجنيس زائد)

سر سسئي مان هيٺين ڳجهارت آهي ته:

ڏيڻي: ڪپڙو ڏيرن من ۾، ڪپڙو ڪنهن نه چيون.

                   3                                 2

ڪپڙو ٻري مون اندر، ڪپڙو ڏيهه سندونِ.

              3                4

(ڪپڙو= چـُـني<       1. ڪ+ چني< ڪـَـچُ+ ني.

                        2. س+ چني< سـَـچُ+ ني.

                        3. م+ چني< مچُ+ ني.

                        4. ڪ ي+ چني< ڪيچُ+ ني).

ڀڃڻي: ڪچُ ني ڏيرن من ۾، سچُ ني ڪنهن نه چيون.

  مچُ نــي ٻري مـــون اندر، ڪيچ ني ڏيهه سندونِ.

8. پائي واري بنيادي لفظ مان هڪ يا ٻه حرف ڪيرائڻ

ليلان چنيسر جي سر مان ڳجهارت آهي ته:

ڏيڻي: ذات ڀلايس جيڏيــــون، کـــاڄ خــــدا خلقيا.

سرتين نه سمجهائيو، سٽ جي کي هٿ لاءِ.

(ذات= لوهار< هار، کاڄ= ڇوهارا< ڇوهار، سٽ جي=مـُـهار< مَ+هار).

ڀڃڻي: هار ڀلايس جيڏيون، ڇو هــــار خدا خلقيا

  سرتين نه سمجهائيو، مَ هار کي هٿ لاءِ.

مراد (ڀڃڻي) خاطر ’پاون‘ ۾ مٿيون سڀ تبديليون جائز آهن، بشرطيڪ سهڻي سٽاءَ سان بيهارجن. اهي ڳجهارتون جن ۾ مراد خاطر ’پائي‘ واري بنيادي لفظ ۾ حد کان وڌيڪ ڀڃ ڊاهه ڪرڻي پوي، سي ڳجهارت جي اصول موجب صحيح نه چئبيون. علمي لحاظ سان اصول هيئن ٿيندو ته پاون جي بنيادي لفظن ۾ فقط اها تبديل جائز آهي جا ڪنهن نه ڪنهن ’تجنيس‘ مطابق هجي.

ڳجهارتن جي فني ۽ معنوي سٽا   ِّ

ڳجهارت جي ’لفظي سٽاءَ‘ ان جو بنيادي قالب يا سانچو آهي، ۽ لازمي آهي ته هر ڳجهارت انهيءَ سانچي ۾ سموهيل هجي. پر هن فن جي ماهر سگهڙن، ڳجهارتن کي محض انهيءَ بنيادي سانچي ۾ سموهڻ تي اڪتفا نه ڪئي آهي، مگر پنهنجي هنرمنديءَ سان ان کي وڌيڪ سهڻو ڪري سينگاريو آهي. انهيءَ سهڻائي ۽ سينگار کي اسان ڳجهارت جي ’فني سٽاءَ‘ چئون ٿا. جنهن جا مکيه پهلو آهن: هڪ ان جي هيئت ۽ صورت ۾ جدت، ۽ ٻيو ان جي مراد ۽ معنيٰ ۾ نزاڪت.

1. هيئت ۾ فني اضافو

جيڪڏهن ڪنهن ڳجهارت ۾ فقط هڪ ’پائو‘ آهي: ته به سٽاءَ ۽ صورت ۾ ’ڳجهارت‘ پوري چئبي. مثلا= سسئي جي سر مان هڪ ڳجهارت آهي ته:

ڏيڻي: مون سان اها هلي، جيڪا هلي واڻڪي ڪري.

(واڻڪي= چوٽي).

ڀڃڻي: مون سان اها هلي، جيڪا هلي چوٽي ڪري.

غالبا= ڳجهارت جي شروعات ئي هڪ ’پائي‘ سان ٿي پر پوءِ جيئن ڳجهارت جو شوق وڌيو ته  سگهڙن هڪ کان وڌيڪ پاوا رکيا. اهڙيءَ طرح ٻن يا ٽن پاون واريون ڳجهارتون عام ٿي ويون، پر سگهڙن اڃا به وک وڌائي، ستن، اٺن يا اڃا به وڌيڪ پاون واريون ڳجهارتون جوڙي ڳجهارت جي سٽاءَ ۾ فني اضافو ڪيو. ويتر وڌيڪ نزاڪت پيدا ڪرڻ خاطر هر جاءِ ساڳيو پائو استعمال ڪيائون، جيئن ته:

1. ڏيڻي: ڪــــکـــين ويــــــــاڙي جيڏيـــون، ڪکين وينديسان،

     ڪکين سنديون ڳالهڙيون، وڃي ڪکين چونديسان. (سسئي)

     (ڪکين= تڏي< تڏو ڪکن جو).

ڀڃڻي: تڏي ويــا ڙي جـــيـــڏيــــــون، تـــــڏي ويديسانِ،

  تڏي سنديون ڳالهڙيون، وڃي تڏي چونديسان.

2. ڏيڻي: ڪاٺي هلي، ڪاٺي چلي، ڪاٺي ڪڍي پار،

     ڪاٺــــي هلندي ڪيچ ڏي، ڪاٺي ڪـُـٽي ٻار. (سسئي)

    (ڪاٺي= ڪام).

ڀڃڻي: ڪا مَ هلي، ڪا مَ چلي، ڪا مَ ڪڍي پار،

  ڪا مَ هلندي ڪــــيـــچ ڏي، ڪا مَ ڪـُـٽي ٻار.

هنن ڳجهارتن ۾ نه صرف پائي جي نزاڪت آهي، مگر انهن ۾ نظم ۽ قافيو پڻ آهي. دانا ِّ سگهڙن ڳجهارتن جي هيئت ۽ صورت ۾ اڃا به وڌيڪ نزاڪت پيدا ڪرڻ خاطر ان کي باقاعدي بيتن جي قالب ۾ سموهيو، مثلا=:

ليلان چنيسر جي سر جي ڳجهارت آهي ته:

3. ڏيڻي: مـــــٽـــيءَ جــــو ڳهه تنهنجـــــو، ڄيـــري توئي ساڻ،

     جنهن سان مون ٻانڌاڻ، سو ڏينم مڇي ڪانڌ ڙي!

(مٽيءَ جو= کامو< کامي، ڳهه= هار، ڄيري= سڙي، مڇي= پلو)

ڀڃڻي: کـــــامــــي هـــــار تنهنجو، ســــڙي تــــوئــــي ساڻ،

  جنهن سان مون ٻانڌاڻ، سو ڏينم پلئه ڪانڌ ڙي!

مارئي جي سر جي ڳجهارت آهي ته:

4. ڏيڻي: ذات ســـاريم ســـومــــرا، جــــي ذاتيين هــــوِ،

      ته پاسي مارن لوءِ، وڃي ذات لاهيان سومرا.

(ذات= جانجهڻ< جا+ جهڻ، ذات= سامٽيا، ذاتيين< سامٽيين< سا+ ماٽيين، ذات= پيسڪ< پي+ سـِـڪ).

ڀڃڻي: جا جهڻ سـاريـــم ســـومـــرا، جي سا مايٽين هوءِ،

  ته پاسي مارن لوءِ، وڃي پي سڪ لاهيان سومرا.

مومل راڻي جي سر جي ڳجهارت:

5. ڏيڻي: پنڌ ذاتين جا پڌرا، جتي پوک پکيءَ جا پونِ، هن به نالا کوڙيا، بيٺا نالا رُونِ.

      جي عضوي عورت پونِ، تن جو نرنانء ِّ ئي نه ٿي.

      (پنڌ=گام، ذاتيون= گـُـجر، پوک جا= لـَـڙڻ (لڙي پوڻ) < لڙيو، پکي= باشا، نالو= کيمو، نالا= کيما، نالو=راوت، عضوو= منهن، عورت= مومل، نرنانءِس= موٽڻ).

ڀڃڻي: گــــام گجر جــــا پـــڌرا، جتي لڙيو باشاه پـُـون

هن به خيما کوڙيا، بيٺا راوت رُون

جي منهن مومل جي پون، تن جو موٽڻ مس ٿئي.

6. ڏيڻي:      اديون ڙي! انهن ذاتين جو مون سان اڳي نالو هو،
                ڪري ٻوليون پاڻ ۾، هن ئي نالو نيو
                سڌ نه پييم سرتيون ته مون سان وڻ ٿيو
                پوک پنان ٿي پانهنجي، مون کي ذاتيون ڇو نه ڏيو
                اهڙو ڪونه ٿيو، جنهن ڪئي ڳهه جي ٻن نرناون کي.
                                                (سسئي)

(ذاتين= جتن، نالو= وَڻو< وِڻو (وير)، ٻوليون= پارسيون، نالو- هوت، وڻ = هيرڻ< هي+رِڻ، پوک= چانور< چان (چوان)+ وَرُ، ذاتيون= ڏيرا، ڳهه جي= نٿ< منٿ، ٻه نرنان (ٻه نالا)= خان ۽ پنهون)

ڀڃڻي: اديون ڙي! انهن جتن جو مون سان اڳي وِڻو هو
        ڪري پارسيون پاڻ ۾، هـُـن ئي هوت نيو
        سڌ نه پييم سرتيون ته مون سان هي رڻ ٿيو
        چان: وَر پنان ٿي پانهنجو، مون کي ڏيرا! ڇو نه ڏيو
        اهڙو ڪونه ٿيو، جنهن ڪئي منٿ خان پنهونءَ کي.

 

محبت ۽ مجاز. جي سلسلي جي ڳجهارت آهي ته:

7. ڏيڻي: ڪاٺ ڪاٺي جون ڳالهڙيون،

     هڪڙيون پکين ٻيون مائٽن، ڪجن نه مال جن

      اسان ۽ پرين، کڻي شهر ڦٽو ڪيو.

(ڪاٺ جي= ڳجهه، ڪاٺ جو=در< اندر، پکين= طوطن< تو+ تـَـن، مائٽن= مامن< مان+ مـَـن، مال جون= ٻيڪون، مال جن= ٻيڪن< ٻئي+ ڪـَـنِ، شهر= گڏيجي< گڏي+ جيءُ)

ڀڃڻي: ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون،

  هڪڙيون تو تن ٻيون مان من، ڪجن نه ٻئي ڪن

  اسان ۽ پرين، گڏي جيءَ ڦٽو ڪيو.

هن آخري ڳجهارت جي مراد نه صرف ’بيت‘ جي صورت ۾ آهي پر ڄڻ سنڌي بيت ۾ صنعتِ مستزاد جو پيوند هنيو ويو آهي جو نهايت ئي پيارو پيو لڳي. ان کان، مطلب ۽ معنيٰ پڻ دلپذير آهي.

2. ’مراد‘ ۾ معنوي نزاڪت

سڄاڻ سگهڙن، ڳجهارت جي مراد ۽ معنيٰ واري مضمون جي مدنظر، ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘س توڙي ’ڀڃڻي‘ ۾ نوان نڪات پيدا ڪيا. نه فقط سسئي، مارئي، مومل راڻو وغيره داستانن جي هرپهلو تي ڳجهارتون ٻڌائون، مگر هر هڪ داستان ۾ ڳالهه جي سلسلي کي ڳجهارتن جي سلسلي سان روشن ڪيائون. يعني ته سسئي ۽ سندس سهيلين، عمر ۽ مارئي، يا مومل ۽ راڻي جي پاڻ ۾ گفتگو ۽ سوالن- جوابن وغيره کي ڳجهارتن جي سلسلي سان ادا ڪيائون، مثلاً  سهيليون ٿيون سسئي کان پڇن ته ادي ڙي متان.

چم ڪپڙي جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا؟
کاڄ حاڪم جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا؟
ولايت پنهنجي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا؟
يعني ته

ڳلي تو نه جهلي، تڏهن توکان هوت ويا؟
رس رهاڻ تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا؟
ڪيچ تياري تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا؟

 

تڏهن سسئي جواب ڏنو ته:

اديون ڙي! علم ذات جا مون ڪيا، پر نالا ڪين
مون کي ٻار جي ڇڏي، حاڪم جي هوت ويا.

 

(علم جا = قـُـل (قل هو الله پڙهڻ) < ڪـُـل، ذات جا= جت< جتن (حيلا)، نالو= سرتو، نالا= سرتا، ٻار جي= سـُـتي، حاڪم جي= چڙهي)

يعني ته:

اديون ڙي! ڪـُـل جتن مون ڪيا، پر سرتا ڪين،

مـــــون کـــي سـُـتـــي ڇـــڏي، چـــڙهـــي هــــوت ويا.

سگهڙن جڏهن مختلف قسم ۽ داستانن بابت ڳجهارتون سٽيون، ته کين ڳالهين ۾ هڪجهڙايون نظر آيون،  ۽ انهيءَ خيال کي ڳجهارت ذريعي ادا ڪيائون. مثلاً سهڻي، سسئي، ليلان ۽ سورٺ چئني بابت هڪ نڪتو ذهن ۾ رکي هيٺين ڳجهارت ’لفظي سٽاءَ‘ جي بدران ’معنوي انداز‘ ۾ رٿيائون ته:

ڏيڻي: هڪڙي ڳهه چار مـُـٺيون.

(هڪڙو ڳهه = هار<  مي + هار = ميهار، مُ+ هار= مـُـهار، مڱڻ+ هار= مڱڻهار، چار= 1. سهڻي 2. سسئي 3. ليلان 4. سورٺ).

ڀڃڻي: سهڻي تان ميهار مٺي، سسئي تان مـُـهار مٺي،

                    ســــورٺ مڱڻهار مٺي، ليـلان لـــکـي هـار مٺي.

يا وري سهڻي، بوبنا، ليلان، نوري، مومل ۽ سسئي جي ڪردارن کي ذهن ۾ رکي ساڳئي نوع تي ڳجهارتون سٽيائون ته:

نارنان نرنانءَ لاءِ پاڻي جيئن پيئي= سهڻي ساهڙ لاءِ اوڙاهين پيئي
نارنان نرنانءَ لاءِ ڀـُـون ِّ جي ٿي پيئي= بوبنا جراڙ لاءِ چري ٿي پيئي
نارنان نرنانءَ لاءِ ڳهه ٿي پيئي= ليلان چنيسر لاءِ ڪڙي ٿي پيئي
نارنان نرنانءَ لاءِ نالن ۾ پيئي= سسئي پنهون لاءِ پهاڙن ۾ پيئي
نارنان نرنانءَ لاءِ ذات ٿي پيئي= مومل راڻي لاءِ سنياسي ٿي پيئي
نارنان نرنانءُ لاءِ خيراتن ۾ پيئي= نوري ڄام تماچي لاءِ نيازن ۾ پيئي.

 

3. ست سـُـري ڳجهارت.

مٿيون ڳجهارتون ساڳئي نوع تي آهن، مگر هرهڪ ڳجهارت جدا بيٺل آهي ۽ جدا داستان بابت آهي. سگهڙن وڌيڪ معنوي نزاڪت پيدا ڪرڻ خاطر اڳتي وک وڌائي. ۽ ’بيت‘ جي صورت ۾ ڳجهارت سـِـٽي، ان ساڳي ڳجهارت جي جداجدا سٽن ۾ جداجدا سرن جا اهڃاڻ آندائون. مثلاً:

پنهنجيءَ ۾ نرنانءَ جي هميشـه هوندياس
شهر جن مال جو نه مون کي، نالي آءٌ ويندياس
ٻولي ڳهه هنياس، تڏهن ويم نرنان وکر جو.

 

(پنهنجي= سڪ، نرنان= ساهڙ ڄام، شهر جا= محل، شهر جن= محلين، مال جو= پورڻ< پور، نالو= وتڻ< وطن، ٻولي=هائي، ڳهه= هار، نرنان= سکيو< سک، وکر= سهاڳو).

يعني ته:

سڪ ۾ ساهڙ ڄام جي هميشه هوندياس
محلين پور نه مون کي وطن آءٌ ويندياس
هائي هار هنياس، تڏهن ويم سک سهاڳ جو.

 

هت پهرئين سٽ ۾ سهڻي،ٻيءَ ۾ مارئي ۽ ٽينءَ سٽ ۾ ليلان جي زباني سندن پنهنجن مدعائن جو اظهار ڪيل آهي. ساڳي ڳجهارت ۾ جيڪڏهن ٻن کان وڌيڪ سرن جا اهڃاڻ سمايل هجن ته اهڙي ڳجهارت کي مجموعي طور ”ست سـُـري“ سڏجي ٿو. هيٺين ڳجهارت ۾ پورن ستن سرن جا اهڃاڻ سمايل آهن، پر ڪو سگهڙ ڪنهن ڳجهارت ۾ اڃان به وڌيڪ سرن جا اهڃاڻ ڏيئي سگهي ٿو:

اديون ٻن نالن جي نرنان آءٌ هياس
نالي بنا شهر ۾ منهنجو روح نه اچي راس
اَن جون رڇن ۾ واءُ- ئون واڍيندياس
نرنان نالي تڪيي، گهرجي ٿي ٻهندياس
جيڪر نالو مون سندو، ملڪ مڙيئي ڏيندياس
هي جي نالو پانهنجو، وري ليکي جو نه ڪندياس
پنهنجي پئي ويندياس، گاهه مڇي نرنانءَ ڏي.

 

(ٻه نالا= هوت ۽ بلوچ، نرنان=نواب< نباب< نه باب (=نه جوڙ جيس)، نالو= راڻو، شهر= ڪاڪ، ان جون=مانڌاڻيون (مانڌاڻي جو ان، رڇن= ماٽين، واءَ= ڇوهو، واءَ-ئون= ڇوهئون، واڍيندياس (واڍڻ= واڍ يا رسو وجهڻ)= ڇڪيندياس، نرنان= ڄام، نالي= تماچي، گهر جي= ٻانهي، نالو=بچو< بچي، سندو=ڌڻي، ملڪ= ڏيهه، نالو= بخشو< بخشي، وري= ٻيهر، ليکي جو=ٻيو، پنهنجي= تـَـري (هٿ جي)، گاهه= نڙ، مڇي= سـُـڻي، نرنان= ميهار).

هن ڳجهارت جي ستن سٽن مان سلسليوار هرهڪ ۾ سسئي، مومل، مارئي، نوري، سورٺ، ليلان ۽ سهڻي جي زباني هن طرح سمايل آهي ته:

        سسئي:        اديون هوت بلوچ جي نه باب آءٌ هياس
        مومل:  راڻي بنا ڪاڪ ۾ منهنجو روح نه اچي راس
        مارئي: مانڌاڻيون ماٽين ۾ ڇوهئون ڇڪيندياس
        نوري:  ڄام تماچي تڪيي ٻانهي ٿي ٻهندياس
        سورٺ: جيڪر بچي مون ڌڻي، ڏيهه مڙوئي ڏيندياس
        ليلان:  هيءُ جي بخشي ڏوهه مون، ٻيهر ٻيو نه ڪندياس
        سهڻي: تري پئي ويندياس، نڙ سڻي ميهار ڏي.

 

هن ڪتاب جي باب سترهين هيٺ هن قسم جون ڪي ‘ست سريون’ ڳجهارتون ڏنيون ويون آهن.

4. ڳجهارت دُراهو.

ست- سري ڳجهارت ’ساڳئي بيت‘ جي قالب ۾ سٽيل هوندي آهي، مگر هرهڪ سر يا داستان جو ذڪر جداجدا سٽن ۾ سمايل هوندو آهي. سڄاڻ سگهڙن پنهنجي هنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ انهيءَ معيار کان به اڃان اڳتي قدم وڌايو، ۽ ڳجهارتون اهڙي ته نزاڪت سان سٽيائون جو ساڳئي سٽ مان ٻن بالڪل جدا سرن جي مراد ۽ معنيٰ حاصل ٿئي. اهڙو بيت يا ڳجهارت جنهن جي ‘مراد’ معلوم ڪرڻ لاءِ ’ٻه رايا‘ يا ’ٻه راهون‘ هجن تنهن کي ’دُراهو‘8 چئجي ٿو. ’دُراهو بيت‘ جوڙڻ پڻ وڏي ڏاهپ آهي، مگر دُراهي ڳجهارت سـِـٽڻ به وڏي ڳالهه آهي. هيٺين ڳجهارت ’دُراهي‘ مثال آهي:

عورت ويئي، نالو ڪيائين، نرنانءُ ٿي

هن ڳجهارت جي ’پاون‘ مان هرهڪ جون ٻه معنائون آهن: ’ڪنولان‘ جي مراد هڪ ڪنولان راڻي، ٻيو ڪنولان= قولان يعني قول کان يا وعدي کان. ’مدگر‘ جي مراد هڪ ’مدگر‘ نالو وزير جو، ٻيو مدگر=مد+گهر< مدو+گهر، ’پورن‘ جي مراد هڪ ’پورن‘ نالو راجا جو، ٻيو پورن=پو+رن< پوءِ+ رن.

پاون جي پهرين مرادن مان ”ڪنولان راڻي ۽ پورن راجا“ جي قصي جو اهڃاڻ ملي ٿو، جنهن موجب ڪنولان راڻي، مدگر وزير سان کري ۽ اها خبر پورن راجا جي ڪنين پئي. (پورن خبر ٿي).

”ڪنولان ويئي، مدگر ڪيائين، پورن ٿي“

پاون جي پوين مرادن ۾، ”ليلان ۽ چنيسر“ جي قصي جو اهڃاڻ سمايل آهي، جنهن موجب ليلان ٽيئي قول ڀڳا (قولن کان ويئي)، ۽ پنهنجو گهر مدو ڪيائين، جنهن تي چنيسر تڙايس، سهاڳ ويس ۽ پوءِ رن ٿي:

”قولان ويئي، مدو گهر ڪيائين، پوءِ رن ٿي.“

اهڙيءَ طرح ڳجهارت جي مراد ۾ ٻه معنائون سٽڻ، معنوي نزاڪت جو هڪ معياري مثال آهي.

5. ڏيڻي واري سٽاءَ ۾ معنوي نزاڪت

ڀانئجي ٿو ته پهريائين سگهڙن ڳجهارت جي ڀڃڻي يا مراد ۾ نوان نڪات پيدا ڪيا، ڇاڪاڻ ته ڀڃڻي يا مراد ئي ڳجهارت جو مرڪزي مضمون هو، جنهن ڏانهن پهريائين سندن ڌيان ۽ توجهه رهيو. مگر پوءِ جيئن هن فن ترقي ڪئي ته سگهڙن ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ واري سٽاءِ ۾ پڻ معنوي نزاڪتون پيدا ڪيون. عموماً ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ بذات خود بي معنيٰ آهي: مثلاً ”عورتان ويئي، نالو ڪيائين،نرنانءِ ٿي“ بذات خود بي معنيٰ جملو آهي. ڳجهارت جي ارتقائي دؤر ۾ هڪ وڏي عرصي تائين ڳجهارتن جون ’ڏيڻيون‘ رسمي طور، ’پاون‘ تي مشتمل ۽ بي معنيٰ رهيون، ڇاڪاڻ جو ’ڏيڻي‘ محض هڪ کوپو، کپ يا مياڻ آهي جنهن جي سونهن ڏانهن سگهڙن جو ايترو توجهه نه رهيو. اڄ تائين اڪثر ڳجهارتون پنهنجي بنيادي سٽاءَ موجب ’ڏيڻي‘ ۾ بي معنيٰ آهن. مگر سگهڙن جي ڪچهرين ۾ جيئن ئي هن فن ڏانهن وڌيڪ توجهه ٿيو ته اهو محسوس ڪيائون ته ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ مبهم ۽ ڍڪيل ئي صحيح، مگر سٽاءَ ۾ سهڻي سوڌي هجي. جيئن ئي ’ڏيڻي جي سٽاءَ‘ تي توجهه ڏنائون ته ’ڏيڻي‘ کي نه فقط معنيٰ خيز بنايائون. مگر ان ۾ معنوي نزاڪتون پيدا ڪيائون جن مان ٻه اسان کي نمايان طور نظر اچن ٿيون. هڪ ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ کي ظريفانه انداز ۾ سٽڻ، ۽ ٻيو ته مضمون جي خلاف الٽي معنيٰ پيدا ڪرڻ.

’ڏيڻي‘ ۾ ظريفانه انداز خوش طبعي خاطر سگهڙن ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ کي مزاحيه انداز ۾ سٽي ان کي معنيٰ خيز بنايو. مثلاً هڪ ’موقعي‘ جي ڳجهارت آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ فقير اچي در تي خيرات لاءِ تڪڙ ۽ تاڪيد ڪئي. مائي کيس سگهو سارو ڏسي چيو ته:

”ڇو ٿو ساڳ کائين، لسي نٿو کائين، ڪهڙي مڇي لڳي اٿئي!“

(ساڳ= پـِـني، لسي=کٽي، مڇي= حـُـوت< تاهوت= تڪڙ).

يعني ته

”ڇو ٿو پني کائين، کٽي نٿو کائين، ڪهڙي تاهوت لڳي اٿئي!“

هن ڳجهارت ۾ ’ڏيڻي‘ نه فقط معنيٰ خيز آهي مگر ظريفانه انداز ۾ سٽيل آهي. ’ڏيڻي‘ ۾ انهيءَ معنوي نزاڪت جا مثال سسئي، سهڻي ۽ مومل جي هيٺين ڳجهارتن ۾ ملن ٿا.

سسئي

1. ڏيڻي: لوهه کؤن اڳي رڍ ڪاٺ ۾.

(لوهه= سانڀر (چڙو لوهه جو)، رڍ= سسي< سسئي،

               ڪاٺ= صندوق).

   ڀڃڻي: سانڀر کؤن اڳي سسئي صندوق ۾.

2. ڏيڻي: مسخري ڪري اديون اوٺارن جي.

(مسخري= نقل (نقل يا اهل ڪرڻ) < نه+ڪـَـل،

                 ڪـِـرِي= پيئي).

ڀڃڻي: نه ڪل پيئي اديون اوٺارن جي.

سهڻي

ڏيڻي: ٿلهي موچاري جهرڪي.

     (ٿلهي= وهه (چوٻي)، يعني درياءَ جو وَهه يا وهڪرو، موچاري=

             سهڻي، جهرڪي= ٻوڙي.

ڀڃڻي:  وهه سهڻي ٻوڙي.

مومل

ڏيڻي: راڻا! تون ٽو ڪاٺيون ڪرين، منهنجو به اٿئي ڪاٺ.

            (ڪاٺيون= ڀڳيون، ڪاٺ= لاهه< الله).

ڏيڻي ۾ اُلٽي معنيٰ: سسئي جي سر ۾ سٽيل هيٺين ڳجهارتن جي ’ڏيڻي‘ ۾ عجب معنوي نزاڪت سٽيل آهي، جو ظاهر ۾ ’ڏيڻي‘ وارو مفهوم مراد واري مضمون جي مخالف نظر اچي ٿو.

1. ڏيڻي: پنهون نار نالي، سسئي نرنان پڇي.

               (پنهون ’نار نالي‘ ڪونه هو، مگر ’ڏيڻي‘ ۾ الٽي رمز رکيل آهي).

 نار نالي= جيوائي< جي+وائي، نرنان=پيروز< پئي+روز).

ڀڃڻي:    پنهونءَ جي وائي، سسئي پئي روز پڇي.

2. ڏيڻي: ويهڻ- هنڌ ٿيوس، تڏهن پٽي ڄام پنهونءَ کي.

      (حقيقت ۾ سسئي نڪا ويٺي، نڪو پنهون کي پٽيائين.)

                ويهڻ- هنڌ (ويهڻ جي جا”)= کٽولو< کٽو+لوڪ، پـِـٽي=

                اوساري< او+ ساري.

ڀڃڻي: کٽو لوڪ ٿيوس، تڏهن اوساري ڄام پنهونءَ کي.

3. ڏيڻي: پنهل باهه ڏيانءِ، نالي نه ڏسانءِ.

               (سسئي ائين ڪانه چوندي، پر ’ڏيڻي‘ ۾ اُلٽي رمز رکيل آهي).

  باهه= آس، باهه ڏيانءِ= آس ڏيانءِ= آ+سڏيانءِ، نالو= پريو،        نالي = پريي< پري).

ڀڃڻي:    پنهل آ سڏيانءِ، پري نه ڏسانءِ.

4. ڏيڻي: پنهل آءٌ تنهنجي لاءِ ماء متان ڀائين ذات.

                (ماء ِّ= آئي، ذات= نائي (حجم) نه+ آئي).

ڀڃڻي:    پنهل آءٌ تنهنجي لاءِ آئي، متان ڀائين نه آئي.

’ڏيڻي‘ ۽ ’ڀڃڻي‘ هم معنيٰ

ڪن ڳجهارتن جي ’ڏيڻي‘ ۾ ڪن ’پاون‘ جي بيهڪ اسان کي معنيٰ خيز ۽ مراد واري مضمون مطابق نظر آئي. مثلا=:

ڏيڻي: پنهون پورهيو هئي ته شهر نه ڇڏين ها.

مشهور آهي ته پنهون ڀنڀور ۾ بالاخر پورهيت ٿي کٽيءَ جو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. جڏهن پورهيت ٿي ڀنڀور ۾ ويٺو هو  ته پوءِ انهيءَ شهر کي نه ڇڏي ها. انهيءَ لحاظ سان ’ڏيڻي‘ معنيٰ خيز ۽ اصل مضمون مطابق آهي. هن ڳجهارت ۾ ’شهر‘ وارو پائو جيتوڻيڪ قدري ڍڪ ۽ پردي جو اهڃاڻ ڏئي ٿو، مگر ’پورهيو‘ اهڙو ’پائو‘ آهي جنهن جو مضمون سسئي پنهون جي داستان جي اصل اهڃاڻ مطابق آهي:

(پورهيو= لائي، شهر= ڇني).

ڀڃڻي: پنهون لائي هيئي، ته ڇني نه ڇڏين ها.

مراد واري هن مفهوم ۾ البته ڪچائي آهي، ڇاڪاڻ جو پنهون پاڻ پريت ڪانه ڇني هئي جو کيس ڏوراپو ڏجي. بهرحال هن توڙي ٻين ڳجهارتن جي ڪن ’پاون‘ مان اسان کي اهو نڪتو ذهين نشين ٿئي ٿو ته ’ڏيڻي‘ نه فقط معنيٰ خيز ٿي سگهي ٿي، مگر خود مراد واري مضمون جو مفهوم ادا ڪري سگهي ٿي، ايتريقدر جو مقصد ۽ معنيٰ جي لحاظ سان ‘ڏيڻي’ ۽ ‘ڀڃڻي’ ۾ ڪو فرق ئي نه ٿئي. ڳجهارت جي اهڙي سٽاءَ ‘فن’ جي لحاظ سان ڪماليت جو درجو رکي سگهي ٿي. انهيءَ نڪتي جي تصديق ۽ وضاحت خاطر بنده راقم پاڻ هي ڳجهارت ’سورٺ جي سر‘ ۾ سـِـٽي ته:

”ٻيجل جو نالو، راءِ کي ساز جي ميٺاج ماريو“

يعني ته  عام خيال موجب راءِ ڏياچ کي ٻيجل ماريو، پر حقيقت ۾ راءِ کي ساز جي ميٺاج ماريو. هي ڳجهارت جي ڏيڻي آهي، مگر ان ۾ ڪا لڪ ڪانهي، يعني ته ڪي به مبهم ‘پاوا’ ڪين آهن، ’ڏيڻي‘ خود ڀڃڻي وانگر معنيٰ خيز ۽ سر سورٺ جي مضمون مطابق آهي. پر جو اسان ’نالو‘، ’ساز جي‘ ۽ ’ميٺاج‘ ٽنهي کي پاوا تسليم ڪري انهن جي مراد ڪريون ته هن طرح ٿيندي:

(نالو= موسو< موسو (=بهانو)، ساز جو= سڳو

              (سرندي جو)، ميٺاج = ساءُ).

يعني:

”ٻيجل جو موسو، راءِ کي سڳي جي ساءِ ماريو.“

ڳجهارت جي ڪچهريءَ جا قانون:

سنه 1958ع ۾ جڏهن اسان ڳجهارت جي ڪچهرين ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ته معلوم ٿيو ته سگهڙن وٽ ’ڳجهارت‘ جهڙو ڳوڙهو ۽ اعليٰ فن موجود هو، مگر ڳجهارت جي ڪچهري ڪنهن سهڻي رٿ ۽ اصولن موجب ڪانه ٿي هلي. ڏٺوسون ته ڪچهريءَ ۾ جيڪي سگهڙ گڏ ويجها ويٺل هوندا هئا، تن پاڻ ۾ ڳجهارت جي ڏي وٺ ٿي ڪئي، ۽ فقط کين ويجهو ويٺل ڏهن- پندرهن ماڻهن ئي سندن آواز ٿي ٻڌو. ٻيو ته گهڻو ڪري سندن خيال ان طرف هو ته ڏکي ڳجهارت ڏجي، جيئن آڏو ڳولي ڀڃي نه سگهي. ٽيون ته ڳجهارت جو سر رکي ڪونه ٿي ڏنائون، جنهنڪري ڳوليندڙ به بنان ڪنهن گس جي ڄڻ جهرجهنگ پئي ووڙيو. ڀلا ڳجهارت جي ڏِس جوئي پتو ڪونه هو ته ڳولن به نشان ڪري ڌڪ ڪين ٿي هنيا، پر رخ وٺي ٿي هليا، ۽ اتفاق سان وڃي ٿي ڪنهن ’پائي‘ جي مٿان پيا. نابينا لاءِ به سهاري واسطي لٺ هوندي آهي، مگر ڳولن کي اکيون ٻوٽي بنان لٺ جي ڏونگر ڏورڻو ٿي پيو. ڏيڻ وارو ڳجهارت ڏيئي ڄـُـڪ هڻي ٿم ڪري ويهي ٿي رهيو، ۽ ڳوليندڙن پوءِ سندس چوڌاري وٺي ٿي هنبس لاتو. سندن هاءِ هوءِ سببان سڻندڙن کي گفتا سمجهه ۾ نٿي آيا ۽ ڪچهري ٻاڙي ٿي ٿي پئي.

انهن سببن ڪري ڳجهارت هڪ وڻندڙ رهاڻ جي بدران گورک- ڌنڌو بنجي وئي، فقط هڪ ڳجهارت کي ڳولڻ ۾ ئي ايڏي ڊيگهه ٿيندي هئي  جو ٻن- ٽن ڳجهارتن کان پوءِ ماڻهو ڪڪ ٿي اُٿندا هئا. انهيءَ ڪري ئي ڪچهريءَ ۾ ’ڳجهارت‘ جي ڀيٽ ۾ بيتن ۽ ڏورن جي رهاڻ وڌيڪ مقبول پئي، ۽ ڳجهارت جي رهاڻ فقط ڏيندڙن ۽ وٺندڙن تائين محدود رهجي وئي.

ڪن سڄاڻ سگهڙن البت آڳاٽي وقت کان محسوس ڪيو ته ڳجهارت جي رهاڻ تڌهن وڌندي جڏهن ڏيندڙ ڳجهارت کي سولو ڪري ڏئي ۽ ڳولو اها ڀڃي سگهي. انهيءَ ڪري ئي ڀري ڪچهريءَ ۾ ’هڪ- ٺپي‘ يا ’ٻه- ٺپي‘ (فقط هڪ يا ٻن پاون واري) ڳجهارت کي ڏيڻ پسند نه ڪيائون: مقصد هو ته ڏيندڙ ڳجهارت ڏئي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽن پاون واري ڏئي جيئن ڀڃڻ جو امڪان وڌي. ٻئي طرف ڳوليندڙ کي اها سهولت ڏنائون ته جي ڳجهارت (جي ڪنهن به پائي) کي چاليهين پتي واءُ لڳو ته ڳجهارت ڀڳي. بس قانون اهي ٻه هئا، ۽ فقط انهيءَ لاءِ هئا ته ڳجهارت ڪنهن طرح ڀڄي ۽ محفل مـچي. ٻئي لحاظ سان، انهن پائبندين ۾ ڪا خاص خوبي ڪانه هئي. اسان ’ٻه- ٺپيون‘ بلڪ ’هڪ-ٺپيون‘ به ڪي سهڻيون ڳجهارتون ٻڌيون جن کي ڪچهريءَ ۾ نه ڏيڻ لاءِ ڪوبه سبب نٿي نظر آيو. ٻئي طرف ’چاليهين پتي واءُ لڳڻ‘ واري اصول موجب ڳجهارت جي ڳول جو پورو انصاف نٿي ٿيو. پر ڳجهارت جو فن اڳئي ڳوڙهو هو ۽ ان جو ميدان وڏو وسيع هو: ويتر سر نه رکي ڏيڻ سان واٽون ويهه ٿي ٿيون ۽ ڳولي لاءِ صحيح گس وٺڻ ئي مشڪل ٿي ٿي پيو. انهيءَ ڪري اهي ٻه پائبنديون لڳائي سگهڙن هن مشڪل کي ڪم از ڪم قدري آسان ڪيو.

اسان هن باري ۾ سنڌ جي سڀني ڀاڱن جي سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سڀني قبول ڪيو ته ڳجهارت جي ڪچهري وڌي نٿي جو ڏکي ٿي پئي آهي، ۽ ضروري آهي ته انهيءَ ڪچهريءَ جا قانون مقرر ڪري ان کي سهڻو ڪري سينگارجي. انهيءَ مقصد خاطر سگهڙن جي صلاح سان اسان ڳجهارت جي ڪچهري جا ڪي قاعدا ۽ قانون مقرر ڪيا، جي آهستي آهستي سڀني قبول ڪيا. جي ڪا مشڪل پيش آئي ته فقط هي ته شروع ۾ ڳجهارت جي سگهڙن جو اهو خيال هو ته جي ‘سر رکي ڏبو ته ڳجهارت ڀڄي پوندي’. انهيءَ خيال کي درست ڪرڻ لاءِ اسان ڪچهرين لاءِ اهڙيون ڳجهارتون چونڊيون يا پاڻ جوڙيون جي هر لحاظ سان سوليون ۽ سهڻيون هيون، انهن جو سر به ظاهر هو، مگر اهڙي ته هنرمنديءَ سان پاون تي پـَـن رکيل هو جو سـُـر رکي ڏيڻ سان ته خير، پر ڳالهه جي وڌيڪ ٽاڻن ۽ اهڃاڻن ڏيڻ سان به اهي ائين تڪڙو ڪين ٿي ڀڳيون. مثلاً اسان مومل- راڻي جي سر مان هيٺين ڳجهارت سـِـٽي ’ڏيڻي‘ ۾ سر ظاهر ڪري، نشان چاڙهي ڏني ته، مومل ٿي راڻي کي چوي ته:

”راڻا! تو ڪاٺي مون نه ڪاٺي“

هي سهڻي ۽ سوڌي ڳجهارت ڪيترن ئي ڪچهرين ۾ بيٺي ۽ نه ڀڳي، حالانڪ ’سر‘ ظاهر آهي، ۽ ’ٽاڻو‘ به ظاهر آهي. مراد هن طرح آهي ته ’ڪاٺي‘ ”سـَـري“ (ڏاند- گاڏي جي) معلوم ۽ مشهور آهي، يعني ته:

”راڻا! تو سـَـري، مون نه سـَـري.“

بهرحال گذريل ڏهن سالن کن جي انهن ڪوششن سان، هن وقت سنڌ جا مڙيئي مشهور سگهڙ ۽ ڄاڻون ڳجهارت جي ڪچهري جي اصولن کي سمجهن ٿا، ۽ انهن تي هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جنهنڪري ’ڳجهارت جي ڪچهري‘ جا اڳي ٻـُـٽي پئي هئي سا وڌي آهي ۽ وڌيڪ وڻندڙ ٿي آهي. هن موقعي تي اسان انهن اصولن کي چٽو ڪري لکون ٿا.

(1) ڳجهارت جي رهاڻ کي ڀريءَ ڪچهريءَ لاءِ سينگارجي:

ٻن - چئن سگهڙن  جو وچ ۾ يا ڪنڊ پاسي ويهي هڪٻئي کي ڳجهارتون ڏيڻ وٺڻ سندن پنهنجي واسطي ٺيڪ آهي، پر ڪچهريءَ جي لحاظ کان اها ڄڻ گونگي رهاڻ آهي. ڀري ڪچهريءَ ۾ ضروري آهي ته ڳجهارت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ سگهڙ، هڪ طرفان سڄي ڪچهري ڳجهارت جي ڏيڻي کي سمجهي، وٺندڙ ڳجهارت کي آهستي پر وڏي سڏ ڳولي، جيئن سڄي ڪچهري سندس ڌڪ سڻي، جي ڳجهارت ڀڄي ته ڏيندڙ يڪدم وڏي سڏ ’واه واه‘ ڪري ۽ اڳتي وڌي ڳوليندڙ کي هٿ ڏئي، ڏارو ڏئي يا ڀاڪر پائي جيئن سڄي ڪچهري ڏسي. مطلب ته ڳجهارت جي رهاڻ کي ڀري ڪچهري لاءِ سينگارجي جو ڪنڊ پاسي واري رهاڻ گونگي ٻوڙي آهي.

(2) ڳجهارت جي ڪچهري ۾ ٻـُـڌندڙن جو چاهه وڌائجي:

ڳجهارت ڏيندڙ توڙي وٺندڙ ائين سمجهن ۽ محسوس ڪن ته ’اسان ٻڌندڙن جي آڏو پنهنجو فن پيش ڪري رهيا آهيون.‘ جي رڳو بيهي پاڻ ۾ نـَـڪا ڏنائون ته اِها رهاڻ نه، پر سندن پنهنجي ڇڪتاڻ چئجي، جنهن سببان ڪچهري ٻاڙي ٿي پوندي. ٻڌندڙن ۾ ڪچهريءَ لاءِ چاهه تڏهن وڌندو جڏهن هڪ ڳجهارت پئي ڀڄندي ته ٻي پئي ڏبي، ۽ ٺڪ ٺڪ لڳي ايندي. اهو خيال ئي موران غلط آهي ته اهڙي ڳجهارت ڏجي جو ڪو ڀڃي نه سگهي، اهڙي رٿ سببان ڪچهري کـُـلڻ جي بدران ٻـُـٽجي ويندي.

(3) ڳجهارت جي ڪچهري کي زيب وٺائڻ ۽ ان جي معيار قائم رکڻ لاءِ هڪ امين مقرر ڪجي:

ڳجهارت  جي ڪچهري شروع ڪرڻ کان اڳ، حصو وٺندڙ سگهڙ پاڻ کي ٻن ٽولن ۾ وراهين، جيئن واري سان هڪٻئي کي ڳجهارتون ڏين ۽ ڳولين. پنهنجي وچ ۾ هڪ اهڙي سگهڙ کي ’امين‘ ڪري بيهارين جو ڳجهارت جي ڪچهريءَ کان بلڪل پوريءَ طرح واقف هجي. امين سڀ کان اول ٻنهي طرف جي سگهڙن جي واقفيت ڪرائي، ٻنهي طرفان واري سان ڳجهارتون ڏياري، ڏنل ڳجهارت کي وهڃائي ورجائي ۽ ڪچهريءَ کي مچائي زيب وٺائي، باوجود چڱي ڳول جي ڳجهارت  نه ڀڄي ۽ بيهي وڃي ته کولائي سال ڪرائي، ڏيڻي ۽ ڀڃڻي ۾ ڪو اختلاف ٿئي ته فيصلو ڏيئي، فوراً ڪچهريءَ کي اڳتي وڌائي. اهڙي حالت ۾ سگهڙ فيصلو امين تي ڇڏين، ۽ جو به فيصلو ٿئي سو فوراً قبول ڪري ڪچهريءَ کي مچائي بيٺا هجن. ڀري ڪچهريءَ ۾ ڪـِـرڪـِـر ڪرڻ سگهڙپائي جي شان ۽ ڪچهريءَ جي اصول جي خلاف آهي.

(4) واري سان هرهڪ سگهڙ ڳجهارت ڳولي:

هڪ طرفان ڳجهارت ملي ته ٻئي طرفان واري سان هرهڪ سگهڙ ڳجهارت ڳولي، جيئن هرهڪ ڳوليندڙ جا ڌڪ سڄي ڪچهري سڻي سمجهي واه واه ڪري ۽ هرهڪ سگهڙ جي لياقت ۽ قابليت جو انصاف ٿئي. جڏهن ڪا ڳجهارت ڳوليندڙن مان هرهڪ جا ڌڪ جهلي وڃي، تڏهن جي امين مناسب سمجهي ته سڀني کي گڏجي ڳولڻ جي صلاح ڏئي، پر امين جي صلاح کان سواءِ، جي ڳوليندڙ اُٻهرا ٿي ساڳئي وقت ڳجهارت کي ڳوليندا ته هڪ ته سندن گوڙ سببان ٻڌندڙن کي ڪچهري سمجهه ۾ نه ايندي ۽ ٻيو ته خود ڳولن مان هرهڪ جي لياقت پڌري نه ٿيندي.

(5) ڏيندڙ ڳجهارت کي سهڻو ڪري ڏئي، ۽ ’سر‘ جو نالو نروار ڪري ڏئي:

ڳجهارت ’پرائو ڳـجهه‘ آهي ۽ ڳولڻ ڏکيو آهي. سگهڙ جعفر ڏيرو چوندو هو ته ’ڳجهارت چري مبارڪي آهي‘، يعني ته مبارڪ ملڻ سان سرهائي ٿيندي آهي، پر ڳجهارت ملڻ سان حالي ته ڳوليندڙ سگهڙ مونجهاري ۾ اچي ويندو. انهيءَ ڪري ڏيندڙ لاءِ لازمي آهي ته ڳجهارت کي سهڻو ڪري ڏئي. ڳجهارت جي ڪچهريءَ ۾ پهرين وڏي جوابداري سڀني کان وڌيڪ ڳجهارت ڏيندڙ تي آهي. انهيءَ جوابداري کي پوري ڪرڻ لاءِ هن کي هيٺيون ڳالهيون خيال ۾ رکڻ گهرجن:

* ڏيندڙ کي ڳجهارت جي ڏيڻي توڙي ڀڃڻي ٻئي حرف بحرف چٽيءَ طرح ياد هجن. ڪچهريءَ ۾ ڳجهارت ڏيڻ کان اڳ هو ’ڏيڻي‘ توڙي ’ڀڃڻي‘ کي پنهنجي وجود ۾ ويچاري وهڃائي خاطري ڪري. ائين نه ٿئي جو ڳوليندڙ جڏهن ڳجهارت کي ڳولي ڳولي مٿو هڻي ڪڪ ٿي ڏيندڙ کي چون ته ’ادا سڄي ڪر‘ تڏهن چوي ته ’ڀڃڻي مون کي به نٿي اچي‘ يا ’ڀڃڻي مون کي وسري وئي آهي.‘

* ’ڏيڻي‘ بالڪل ’ڀڃڻي‘ مطابق هجي: يعني ’ڏيڻي‘ ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاءَ هوبهو ’ڀڃڻي‘ واري بيهڪ ۽ سٽاءَ موجب هجن، اهڙيءَ طرح جو پائو پائي سان ملي، حرف حرف سان ملي ۽ لفظ لفظ سان ملي. ڳجهارت ڏيڻ کان اڳ ۾ ڏيندڙ کي گهرجي ته ڳجهارت جي ’ڀڃڻي‘ کي خيال ۾ رکي ’ڏيڻي‘ کي ويچاري ڏسي ته برابر بيهڪ ۾ پوري آهي. ڪا گهٽ وڌائي هجي ته سگهڙ ’ڏيڻي‘ کي سوڌي سنواري پوءِ ڳجهارت کي ڪچهريءَ ۾ پيش ڪري.

* ’ڏيڻي‘ ۾ ڳجهارت جو سر ظاهر نه هجي ته ’سر‘ جو نالو رکي ڏجي. عام خيال آهي ته سر کڻي ڏبو ته ڳجهارت يڪدم ڀڄي پوندي، پر ائين نه آهي: ڳجهارت جو فن ايڏو ته ڳوڙهو آهي جو سر ڏيڻ ساڻ ته خير، پر ڳالهه جي ٽاڻن ڏيڻ سان به ڳجهارت وڏي داناءَ ڳولي کان لڪي سگهي ٿي. پر جي سـُـر رکڻ سان ڳجهارت ڀڄي ته ڀل ڀڄي: هڪ ڀڄندي ٻي ڏبي، ۽ ڪچهري پاڻ مچندي. پهاڪو مشهور آهي ته ”رسو ڀڄي ور تي، ڳجهارت ڀڄي سر تي.“ ’سر‘ جي ڄاڻ کانسواءِ ڳجهارت ائين آهي جيئن ’جر ۾ گـَـڏون‘ پوءِ جڏهن لڀي. هڪ سگهڙ چيو ته: بنا سر جي ڳجهارت ڏيڻ ۽ ڳولڻ، ڄڻ مرون ڪتي واري ويڙهه ڪرڻي آهي: ’هڪ ٿم ۾ ٺنڀي هنيو ويٺو هوندو، ٻيا پيا چوڌاري باهيندا‘.

’سـُـر‘ يا ’سرائتي ڳجهارت‘ جي معنيٰ کي سمجهڻ ضروري آهي. سگهڙن کان سواءِ ٻيا جيڪي هن فن کان واقف نه آهن، تن کي ’پرولي‘ ۽ ’ڳجهارت‘ ۾ جو فرق آهي سو صحيح طور معلوم نه آهي، انهيءَ ڪري عام طرح سان ٻين پرولين جي ڀيٽ ۾ خاص طور ڳجهارت کي ئي ”سرائتي ڳجهارت“ ڪري سڏين. پر سگهڙ جڏهن چوندا ته ’ادا، ڳجهارت سرائتي ڏي، بي سـُـري نه ڏي‘، ته ان جو مکيه مطلب اهو آهي ته: ’ادا ڳجهارت سهڻي ۽ سوڌي ڏي: اهڙي نه ڏي جنهن جي ڏيڻي يا ڀڃڻي ۾ ڪا خامي هجي‘. ڪچهريءَ جي لحاظ سان ’سر‘ جي هڪ خاص معنيٰ آهي، ۽ ڳجهارتون مجموعي طور سان هيٺين ’سرن‘ ۾ ورڇيل آهن:

(الف) مٿين سرن واريون يا حقاني: جن ۾ نبين، اصحابن، امامن، ولين، فقيرن ۽ درويشن بابت، يا نصيحت ۽ هدايت طور چيل ڳجهارتون ڳڻجن ٿيون.

(ب) خاص رهاڻ جا سر: (1) سر سسئي، (2) سر مارئي، (3) سر سهڻي، (4) سر مومل- راڻو، (5) سر ليلان- چنيسر، (6) سر راءِ ڏياچ، (7) سر مورڙو، (8) سر نوري، (9) سر موکي متارا، (10) سر ڦل وڌوئو - ڀوري، (11) سر بوبنا جراڙ، (12) سر همون دولهه دريا خان، (13) سر ليليٰ- مجنون.

(ج) سر ’ٻاهر‘: يعني ته اهي ڳجهارتون جي (الف) ۽ (ب) هيٺ ڄاڻايل سرن کان ٻاهر هجن. يعني ته جيڪي ‘حقاني’ يا سنڌ جي مشهور قصن وارين ڳجهارتن کان ٻاهر آهن.

(د) سر بادشاهي: سڪندر بادشاهه، دودي چنيسر، ٻين حاڪمن ۽ بادشاهن وغيره بابت جملي تاريخي ڳجهارتون.

(هه) سر مجازي: عشق ۽ محبت جي پيغامن، ڏکن ڏوراپن ۽ ٻي پهه پچار واريون ڳجهارتون.

(و) سر سنگيت: پاڻ ۾ اُٿندي ويهندي ڪنهن موقعي ۽ مهل تي ڪن سگهڙن يا سنگتين جون چيل ڳجهارتون.

مٿي (ب) هيٺ ڄاڻايل ’تيرهن سر‘ ڳجهارتن جي ڪچهري جا خاص سر آهن. ڀري ڪچهريءَ ۾ اڪثر اهي ڳجهارتون ڏبيون جي انهن سرن مان آهن، ۽ جڏهن به ڪا ڳجهارت ڏبي ته ’سر رکي ڏبو‘: يعني ته چٽو ڪري چئبو ته سر سسئي، سر مارئي يا سر سهڻي وغيره مان آهي. ڀري ڪچهريءَ کان ٻاهر واري رهاڻ ۾ ڀل ٻين سرن مان به ڳجهارتون ڏجن، پر هرهڪ ڳجهارت بابت چٽو ڪري چئبو ته ’مٿين سرن‘  ۾ آهي يا ’حقاني‘ آهي، يا چئبو ’سر ٻاهر‘، ’سر بادشاهي‘، ’سر مجاز ۽ محبت‘´يا ’سر سنگت‘. مطلب ته هر حالت ۾ سر رکي ڏبو.

(6) جيڪڏهن ڳجهارت ڪافي ڌڪ جهلي وڃي ته ڏيندڙ کي گهرجي ته ڳولي کي ’ٽاڻو ڏئي‘، ۽ ڳجهارت جيئن  چئي ٿي تيئن لهجي سان چئي ٻڌائي، يعني ته ڀڃڻي واري خيال مطابق ‘ڏيڻي’ کي ادا ڪري. ’ٽاڻو ڏيڻ‘ معنيٰ اهڃاڻ ڏيڻ ته ڪير ٿو چوي يا ڪهڙي موقعي جي ڳجهارت آهي. مثلاً ڳجهارت آهي ته:

ٻولي اٿئي ليلان، ڀل پئي ٻولي ڪر، پنهنجو ٿيندءِ ڪونه.

’ڏيڻي‘  مان ئي ظاهر آهي ته هي ڳجهارت ’ليلان چنيسر‘ جي سر مان آهي. ڏيڻي به سوڌي ۽ سهڻي آهي، پر ڪاريگر اهڙا ڪک رکيا اٿس جو تڪڙو ڪانه ڀڄندي9 . ظاهر آهي ته ڪو ماڻهو ليلان کي ٿو چوي، پر اِهو معلوم ناهي ته ڪير ٿو چويس: ڪونئرو ٿي چويس، سرتيون سهيليون ٿيون چونس، يا خود چنيسر ٿو چويس؟ جيڪڏهن ڳجهارت ڪافي ڌڪ جهلي وڃي ته پوءِ ڳولي کي همٿائڻ لاءِ ٽاڻو ڏبو ته: ادا چنيسر ٿو ليلان کي چوي11 ،

هيٺين ڳجهارت اسان پاڻ جوڙي ۽ ڪچهرين ۾ ڏني، پر گهڻو ڪري بيهي وئي ۽ ڀڳي ڪانه:

راڻي مال جي، ڏسي وکر ڪاٺيءَ تي.

هي ڳجهارت اهڙي نموني سان سٽيل آهي جو ڳوليندڙ اڪثر ائين سوچيندو ته هي ڳجهارت انهيءَ موقعي جي آهي، جڏهن راڻي مومل کي کٽ تي ٻئي ڪنهن سان ستل ڏٺو. ڪو ڳولو انهيءَ لحاظ سان ڳولي ۽ ڳجهارت ڪافي ڌڪ جهلي بيهي وڃي ته پوءِ ٽاڻو ڏبو ته: ’ادا! هي ڳجهارت کٽ واري جاءِ تي نه آهي، مومل کان راڻو رسي ويو، جنهن تي مومل گهڻيون ڪي منٿون ڪيون جي نه مڃيائين. هي ڳجهارت ان کان پوءِ جي آهي.‘ انهيءَ ٽاڻي ڏيڻ سان ڳولو وڌيڪ سولا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻندو. هيءَ ڳجهارت ان موقعي جي آهي جڏهن مومل ويس بدلائي راڻي وٽ آئي ۽ ويهي پاڻ ۾ چوپڻ راند ڪيائون- ڍارو هڻندي، مومل جي ٻانهن تان ڪپڙو کڄي ويو ۽ راڻي لسڻ ڏسي سڃاتو ته هي مومل آهي (مال جي= سڃاتي، وکر= لسڻ (ٿوم)، ڪاٺي= ٻانهين< ٻانهن)- يعني:

’راڻي سڃاتي، ڏسي لسڻ ٻانهن تي.‘

’ٽاڻون ڏيڻ‘ ڄڻ ڳولي کي همتائڻو آهي، ۽ ڪچهريءَ جي قاعدي موجب اهو همتائڻ ضروري آهي. بنيادي اصول اهو آهي ته  ڏيندڙ ڳجهارت کي سهڻو ڪري ڏي ۽ ضرورت پوي ته ڳولي کي ٽاڻو ڏيئي همتائي ڏيڻ ۾ سهڻي ڳجهارت اها آهي جا نظاري چڙهي نشان ٿي بيهي، جيئن ڳولو حرص مان ڌڪ هڻيس. اڳ سگهڙ ’هڪ ٺپي‘ (هڪ ’پائي‘ واري) ڳجهارت کي قبول ڪين ڪندا هئا، ۽ هن وقت پڻ ڪچهريءَ ۾ ‘هڪ ٺپي’ ڳجهارت جو رواج گهٽ آهي. اسان ڪن سگهڙن کي ائين چوندو ٻڌو ته: ’ٻه- ٺپي يا ٻه- پائي ڳجهارت ليلان ۽ مارئي جي اصل ئي نپٽي آهي‘، يعني ڳولڻ ۾ ڏکي آهي. ائين برابر آهي، پر سڄو مدار ڳجهارت جي رخ ۽ بيهڪ تي آهي: ٻٽيل ڳجهارت ٽن پاون واري به ڳولڻ ۾ ڏکي آهي، پر جي هڪ پائي واري ڳجهارت سهڻي ۽ سوڌي هجي ته پوءِ ان جي ڏيڻ يا ڳولڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي. مثلاً هيٺين ڳجهارت ’هڪ پائي‘ واري آهي پر بلڪل سهڻي آهي ۽ ڪچهريءَ ۾ ڏجي ته عيب ڪونهي:

ڏيڻي: اديون! مون سان اها هلي، جيڪا واڻڪي ڪري.

(سسئي)

ڀڃڻي: اديون! مون سان اها هلي، جيڪا چوٽي ڪري.

ان جي برعڪس ’ٻٽيل ڳجهارت‘ ڏيڻ مناسب ناهي، پوءِ ڀل کڻي ان ۾ ٻن کان وڌيڪ پاوائي هجن. ’ٻٽيل ڳجهارت‘ اها آهي جنهن جو رخ ۽ رايو ظاهر نه هجي- مثلاً، ”ڪک، پکي، ڪاٺي ڙي.“ هن ڳجهارت جو سر کڻي رکي به ڏجي ته ‘سسئي’ جي سر مان آهي، مگر ان بعد به اهو معلوم نٿو ٿئي ته ڳجهارت جو رخ يا رايو ڪهڙو آهي. اهڙيون ڳجهارتون سگهڙ سندن خاص ڪچهرين ۾ ڏيئي ڀل پنهنجو ذهن ڀيٽين، پر ڀري ڪچهريءَ ۾ ڏيڻ مناسب نه آهن. هن ڳجهارت جي مراد هي آهي: ڪک = قلم (ڪانهن جو)، پکي= وهيو. ڪاٺي (لٺ)= لوڙهه ”قلم وهيو لوڙ ڙي.“

(7) ڳولو اول ڳجهارت جي رايي کي سمجهي ۽ پوءِ ملوڪت سان ڳولي: ڳجهارت جي ڳول فني لحاظ سان ذهانت ۽ هنرمندي جو بهترين مظاهرو آهي. ڳولڻ واري جي ملوڪت اها آهي جو اجايو جهنگ نه جهڙي پر گس وٺي هلي، رڳو رخ تي کڙن، ڀترن ۽ چاڙين جا وارا نه لائي، پر ڪا شيءِ ڏسي نشان چٽي. ڪانبو ٻڌي ڪک ڪهچر نه ميڙي پر جانچي گل چونڊي. مطلب ته ڳجهارت جو رايو ۽ لهه ڏسي، پاون جي لحاظ سان سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻي جيئن هرڪو ’واه واه‘ ڪري.

اڳ وارين ڪچهرين ۾ ڳجهارت جو سر ظاهر ڪري نه ڏيندا هئا، انهيءَ ڪري ڳولي کي اهو ته معلوم نٿي ٿيو ته نشان ڪٿي آهي، پر کيس اها به خبر ڪانه ٿي پيئي ته نشان ڪهڙي قبلي تي آهي: انهيءَ ڪري هو وٺي چوڌاري ڳوڙها وسائيندو هو ته من ڪو وڃي ڪٿي لڳي. ڀلا نه هئي نشان جي خبر،ته نه هو رخ معلوم، پوءِ جي ڪو ڳوڙهو اتفاق سان وڃي ٿي نشان جي ڀر پاسي سان ڪـِـريو ۽ نشان کي پورو واءُ ته نه پر جي ‘چاليهين پتي واءُ’ لڳو ته به چوندا هئا ته ‘ڳجهارت ڀڳي’، ظاهر آهي ته ڳجهارت جي اهڙي ڳول ۾ ڳولي جي پنهنجي سمجهه ۽ عقل کي گهٽ دخل رهي ٿو، البته جي وٽس کڙا، ڀتر، ڳوڙها گهڻا هجن ته ڀل پيو وسائي ته من ڪو اتفاق سان وڃي نشان کي لڳي، يا کڻي چئجي ته جيڪڏهن وٽس ٻوليءَ جي نالن ۽ لفظن جو وڏو لشڪر موجود آهي ته ڀل کڻي هر قبلي تي فوجون چاڙهي، جن مان ڪي نه ڪي فرد وڃي نشان جي مٿان پوندا.

ڳجهارتن جي نئين رس رهاڻ ۾ اول ’سر‘ ظاهر ڪري ٿو ڏجي انهيءَ لاءِ ته ڳولي کي گهٽ ۾ گهٽ ايتري خبر پوي ته نشان ڪهڙي ڏس تي آهي، ان بعد ٽاڻو ٿو ڏجي ته انهيءَ ڏس تي نشان ڪيتري فاصلي تي ڪيتري حد اندر آهي. انهن اهڃاڻن سان ڳولي کي ڏِس ۽ گس جو پتو پوي ٿو: پر پوءِ سڄو مدار سندس سمجهه ۽ دانائي تي آهي ته هو پوري تڪ تور ڪري نشان چٽي. پر اها ڳڻ به ڪا سولي نه آهي: ڳجهارت کي ملوڪت سان ڳولڻ ۾ وڏيءَ سمجهه ۽ سياڻپ کپي، جنهن لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن:

* ڳولو پهريائين پاڻ ۾ ڳجهارت ڳولڻ ۾ لياقت پيدا ڪري: اسان جي خيال ۾ انهيءَ لياقت پيدا ڪرڻ جا ٽي درجا آهن: پهريون ته مشهور سرن مان، هرهڪ سر مان کيس گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڳجهارتن جي ڏيڻي ۽ ڀڃڻي ياد هجي، جيئن ڳجهارت جي مختلف بيهڪن، پاون ۽ ڀڃڻين سان کيس پوري واقفيت پيدا ٿئي. ٻيو ته هو مشهور قصن ۽ داستانن (سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئي وغيره وغيره) جي ڳالهين جي سلسلي کان پاڻ کي پوريءَ طرح واقف ڪري، ڇو ته ڳجهارتون ڳالهين جي ٽاڻن ۽ اُهڃاڻن تي ٻڌل آهن، ڳجهارت ڳولڻ لاءِ ضروري آهي ته ڳالهين جا موقعا ۽ ٽاڻا ياد هجن، جيئن ڳولو سمجهي سگهي ته ڳجهارت ڪهڙي موقعي جي آهي، ڪير ٿو چوي، ڇا ٿو چوي، ڇو ٿو چوي ۽ ڪيئن ٿو چوي. ٽيون ته ’پاون‘ جي مناسبت سان سهڻن ڌڪن هڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ڳولي کي سنڌي ٻولي جي لفظن ۽ اصطلاحن، ۽ مختلف قسمن جي شين ۽ جنسن جي نالن سان ڪنهن حد تائين واقفيت هجي. اهڙيءَ واقفيت هر شخص جي پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربي جو نتيجو ٿي سگهي ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ سگهڙن لاءِ خالص سنڌي ٻولي، سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، ۽ پوکن، وڻن، پکين وغيره شين جو قدرتي ماحول اهڙيءَ ڄاڻ ۽ واقفيت لاءِ موجود آهي، البته لکيل پڙهيل طبقي لاءِ لکت ۾ اهڙو مواد موجود نه هو، پر هاڻي هن ڪتاب جي ’پهرئين ڀاڱي‘ ۾ اهڙي واقفيت لاءِ چڱو خاصو مواد موجود آهي.

* ڳولو اڳ ٻڌل ڳجهارت کي ڌڪ نه هڻي: ٻڌل ڳجهارت کي ڌڪ هڻڻ ڄڻ مئل شيءِ کي مارڻو آهي. محض سرخرو ٿيڻ خاطر ٻڌل ڳجهارت کي ڌڪ هڻڻ سگهڙپائي جي شان ۽ ڪچهري جي قانون جي خلاف آهي. ٻڌل ڳجهارت ملي ته ڳولو چوي ته: ’ادا ٻڌل آهي، يا مون وٽ اڳي آهي‘. البته ڪي ڳجهارتون ’ڏيڻي‘ ۾ هڪجهڙيون ٿين ٿيون، انهيءَ ڪري ڏيندڙ سگهڙ جي مناسب سمجهي ته بيشڪ ڳولي کان ثابتي جي طلب ڪري. اهڙي طلب تي پوءِ ڳولو ڀل ٻڌل ڳجهارت سڄي ڪري ٻڌائي.

* ڳجهارت تڏهن ڀڄي جڏهن ڳولو ڪنهن به ’پائي‘ وارو صحيح ۽ ثابت نالو کڻي: جڏهن سـُـر رکي ٿو ڏجي ته پوءِ ’چاليهين پتي واءَ‘ تي ڳجهارت ڪانه ڀڄندي. ضروري آهي ته ڳولو ڪنهن به پائي وارو صحيح ۽ ثابت نالو کڻي. ڪن سڄاڻ سگهڙن اهو اصول اڳ به تسليم ڪيو هو جو چيائون ته ”ڳجهارت پنهنجي پائي ڇٽندي“ يعني ڳجهارت ڀڄندي تڏهن جڏهن ’پائي‘ وارو لفظ پڌرو ٿيندو. مثلاً، پائي وارو لفظ ’ڍڳو‘ آهي ته ’ڏاند‘ چوڻ سان ڳجهارت ڪانه ڀڄندي، ۽ جي پائي وارو لفظ ’دلو‘ آهي ته ’گهـَـڙي‘ چوڻ سان ڳجهارت ڪانه ڀڄندي. چوندا آهن ته، ”هر ’پائي‘ پنهنجي مزوري پوري لهڻي.“ البته جيڪڏهن ڳولو هڪ پائو ڳوليندي، ڪنهن ٻئي پائي وارو پورو لفظ چئي ويو ته ڳجهارت ڀڄي پوندي. مثلاً ڪنهن ڳجهارت ۾ ڳهه ۽ ذات ٻه جدا پاوا آهن، ۽ ڳهه جي ڀڃڻي ’دستي‘ آهي، پوءِ جي ڳولو ڳوليندي ’دستي‘ چئي ويو ته به ڳجهارت ڀڄندي. اصول اهو آهي ته ڳولو پائي جو مراد وارو صحيح ۽ پورو لفظ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پڌرو ڪري چئي.

*ڳول جي ملوڪت انهيءَ ۾ آهي ته ڳولو ڳجهارت جو خيال ۽ رايو سمجهي، پوءِ پاون جي مناسب سان پورا ڌڪ هڻي: ڳجهارت  ڳولڻ آسان نه آهي: پرائو ڳجهه ڳولڻو آهي، جو ڪنهن به طرح ڳولجي ته جڳائي. پر سهڻائي انهيءَ ۾ آهي ته ڪنهن ڍنگ سان ڳولجي. سهڻائي ۽ دانائي جي لحاظ سان ڳول جا ٽي درجا آهن:

(1) سڀ کان سولي پرڄڻ ٻارناڻي درجي واري ڳول اها آهي جو فقط ’پاون‘ کي ڳولجي: يعني ته پائو ’ڳهه‘ جو هجي ته وٺي ڳهن جا نالا وٺجن، يا ’ذات‘ جو هجي ته وٺي ذاتيون بيان ڪجن. اهڙيءَ ڳول ۾ خيال ۽ فڪر جي ضرورت ناهي: ڳهن يا ذاتين جا گهڻا نالا ياد هوندا ته ’پاون‘ جي ڀڄڻ جو وڌيڪ امڪان ٿيندو. انهيءَ ڪري ڪن سگهڙن ڳهن، ذاتين، ڪاٺين، پکين، وکرن وغيره جنسن جي نالن کي بيتن ۾ منظوم ڪيو ته جيئن مختلف شين جي نالن جون کنڌيون سولائي سان ياد ٿي سگهن. جن کي بيت ياد هوندا سي ڳجهارت ڀڃڻ وقت وٺي ڳهن، ذاتين، پکين وغيره جنسن جي نالن جي کنڌي کڻندا ۽ بيت پڙهندا. جن ڳولن اهي کنڌيون ٺاهيون ۽ ياد ڪيون تن جي ذوق شوق ۽ يادگيري کي آفرين ڏيئي سگهجي ٿي، پر ڳجهارت ڳولڻ جو اهو طريقو هيٺين درجي وارو شروعاتي طريقو آهي، جو نون سيکڙاٽن کي ئي جڳائي ٿو. بنا سوچ سمجهه جي وٺي پاون جا نالا کڻڻ، ڳجهارت سان انصاف ڪرڻو ناهي، مگر ان تي زبردستيءَ سان فوج چاڙهڻي آهي. پوءِ جي اتفاق سان ڪو تير لڳو ته گهائجي پوندي نه ته گهڻو ڪري بچي پوندي.

(2) وچين درجي جي ڳول اها آهي جو ڳوليندڙ، ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ يا ’بيهڪ‘ کي خيال ۾ رکي پوءِ پاون کي انهيءَ لحاظ سان ڳولي.

(3) بالڪل مٿئين ۽ اعليٰ درجي واري سهڻي ڳول اها آهي، جو ڳولو ’ڏيڻي‘ کان نظر اڳتي وڌائي، مقصد ۽ مراد جي لحاظ سان ڳجهارت جو خيال يا رايو سمجهي ته ڪهڙي موقعي تي چيل آهي، ڪير ٿو چوي ۽ ڪيئن ٿو چوي! جيڪڏهن ڳولي دانائي سان ڳجهارت جو رايو هٿ ڪيو ته انهيءَ رايي کي موزون لفظن ۾ بيان ڪرڻ سان ڳجهارت کلي پوندي. سدا ملوڪ ڳولو اُهو چئبو جو ڳجهارت جي مقصد کي وهڃائيندي ڳالهه ۾ ڳجهارت کي ڀڃي ڇڏي، پر جي ڳالهه ۾ ڳجهارت نه ڀڄي ته قابليت ايها آهي جو ڳولو، ڳالهه جي لحاظ سان ’پاون‘ کي سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻي. سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ اهي آهن جن ۾ پاون (مثلاً ’ڳهه‘ يا ’ذات‘) جون ڀڃڻيون به اچي وڃن ۽ اهي ڀڃڻيون ڳجهارت جي رايي سان پڻ ڀچي بيهن. ڪچهرين ۾ اسان جيڪي سگهڙ ڏٺا آهن تن ۾ رمضان ٽالپر کي اها رمز ياد آهي جو بعضي ٽه- پائي ڳجهارت جي ٽنهي پاون کي سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻي ڄڻ سڄي ڀڃڻي ڏيندو ويندو.

ڳجهارتن جي ڪچهرين ۾ ويهڻ ۽ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ بعد اسان هن نتيجي تي پهتا آهيون ته معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان ڳجهارتون گهڻو ڪري ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون ’بياني‘ ۽ ٻيون ’معنوي‘. ’بياني‘ ڳجهارتون اهي آهن جن جي ڀڃڻي ۾ فقط ڳالهه جو ڪو بيان ٿيل هجي. ’معنوي‘ ڳجهارتون اهي آهن جن جي ڀڃڻي ۾ سهڻو خيال يا معنوي نڪتو سمايل هجي. ٻين لفظن ۾ جيڪر چئجي ته: هڪ ’ڳجهارت ڳالهه‘ ۽ ٻي ’ڳجهارت خيال‘ آهي. تجربي مان معلوم ٿئي ٿو ته ’بياني‘ ڳجهارتون ڀڃڻ ۾ وڌيڪ سوليون آهن، پر معنوي ڳجهارتون ڳولڻ ۾ البت مشڪل آهن. ’بياني‘ ڳجهارت جو مثال مارئي جي سر مان هي ڳجهارت آهي:

ڏيڻي: ڪک مٽيءَ تي نالو اَباڻن.

ڀڃڻي: پکو دڙي تي اَڏيو اَباڻن.

يعني ته مارن هيئن يا هيئن ڪيو: اهو هڪڙو بيان آهي، ۽ سجاڳ ڳولو ڪوشش ڪندو ته ڳجهارت کولي وجهندو. پر مارئي جي سر مان هيٺين ڳجهارت ’معنوي‘ آهي:

ادا عمر هـِـت نه مال جا، پر هـُـت مال جا.

جي ڳولو بيان طرف ويندو ته ائين ڀائيندو ته ڄڻ مارئي عمر کي ٿي چوي ته، هت عمرڪوٽ ۾ اهي شيون نه آهن پر هت مارن وٽ اهي شيون آهن. پر انهيءَ لحاظ سان ڳجهارت نه ڀڄندي ڇو ته ان ۾ ’بيان‘ جي بدران ڪا معنيٰ وار ڳالهه ڪيل آهي. مارئي عمر کي چوي ٿي ته:

”ادا عمر هـِـت نه مران، پر هـُـت مران“

(مال جا= مـَـرا< مران)

اهڙي طرح ٻين سرن ۾ به معنيٰ واريون ڳجهارتون وڏي سمجهه ۽ دانائي سان ڳولي سگهبيون.

(8) ڳجهارت ڀڄي ته، ڏيندڙ ڳجهارت کي سڄو يا سال ڪري: ڳجهارت جو ڪوبه هڪ پائو ڀڳو ته ڳجهارت ڀڳي. ان بعد ڳجهارت جي پوري ڀڃڻي يا وَراڻ پڌري ڪرڻ ضروري آهي، انهيءَ لاءِ ته سڄي سربستي ڳجهارت ڪچهريءَ جي ڪنين پوي، ۽ ڳولي کي پڻ اطمينان ٿئي ته ان کان اڳ سندس ڪنهن ٻئي ڌڪ سان ته ڳجهارت ڪانه ڀڳي! انهيءَ لاءِ ڳولي کي گهرجي ته ڏيندڙ کان طلب ڪري ته: ’ادا ڳجهارت سڄي ڪر‘ پڻ چوندا ته: ’ڳجهارت سال ڪر‘، يا ’ڳجهارت کول‘.

هن بعد اسان ڪچهرين ۾ ڳجهارتن جي ڏيندڙن ۽ ڳوليندڙن جي خاص گفتن ۽ خوش طبعين تي قدري روشني وجهون ٿا.

ڳجهارتن جا سگهڙ، سندن ڪچهريون ۽ تڪيا ڪلام ڳجهارتن جي ڪچهرين ۾ ڏي- وٺ ڪندي سگهڙ پاڻ ۾ ڪي گفتا ۽ ٻول ڪندا آهن. مثلاً ’ڳجهارت ڏيندڙ‘ ڳولي جو نالو وٺي چوندو ته: ’فلاڻا! اچئي ٿي ڳجهارت‘ يا رڳو چوندو ته ’اچئي ٿي‘. ڳولو ورائيندو ته: ’ادا ڀلي ڪري اچي‘. جيڪڏهن ڪنهن ڳولي وٽ اڳ ئي اها ڳجهارت هوندي ته چوندو ته: ’ادا آهي‘ يا ’ٻـُـڌل آهي‘. ڪي چوندا ته ’ادا جهلي پئي آهي، ٻي ڏي.‘ ڪچهريءَ جي قانون موجب ٻڌل ڳجهارت کي ڌڪ نه هڻبو. ڪنهن سگهڙ ڳجهارت پنهنجي سمجهه سان ڀڳي تڏهن به چيائونس ته: ‘ٻيلي تنهنجي ٻڌل آهي.’ جواب ڏنائين ته: ”ادا ڀلا جي ٻڌل آهي، ته به مون پنهنجي ٻاجهري کائي ٻڌي آهي.“

اهڙن ٻولن مان ڪي ڪچهريءَ لاءِ ضروري آهن، ۽ ڪي محض خوش طبعي طور ڪبا آهن. ڳولو جڏهن ڳجهارت کي ڳولي ۽ ڌڪ هڻي ته ڳجهارت ڏيندڙ لاءِ ضروري آهي ته کيس اهڃاڻي ڏئي ته ڳجهارت ڀڳي يا بيٺي، مئي يا اڃان جيئي  ۽ بچي. ڳجهارت نه ڀڄڻ واري حالت ۾، ڳولي جا ڌڪ ٻڌندي ڏيندڙ اهڃاڻي طور اڪثر چوندو ته: ”ادا، اڃا بچي.“ ڳچ جهڙا وڌيڪ ڌڪ لڳي ويا پر اڃا به ڳجهارت بيٺي ته چوندو، ”اڃا جيئي.“ پر جي ڳولا ٻولائي ڌڪ هڻندو ۽ ڀائيندو ته هاڻ ڀڄندي ته ڏيندڙ به انهيءَ لحاظ سان چوندو ته: ’اڃا بچندي‘. ڪي وري خوش طبعي طور چوندا ته ’اڃا چوندي‘، ’اڃا پڙهندي‘، ’اڃا ٻوليندي.‘ ڪي چوندا ته ’پنهنجو ٿي کائي‘. عليم فقير مڱريو11 چوندو هو ته ’پنڊ جو ٿي کائي.‘ عثمان ڪڇي جو پڻ اهو تڪيو ڪلام هو. ڪي وڌيڪ دعويٰ سان چوندا ته ’اڃا گيهه ٿي گهري‘، ’اڃا کير ٿي گهري‘. ڪي اڃا به اڳڀرو ٿي چوندا ته ’مڃي ته مار کائي‘. پر اهو گفتو ايڏو سهڻو نه آهي، ڇو ته ڏيندڙ جو ڪم آهي ته ڳولي کي همٿائي، ۽ نه ڪِ ان کي هيسائي.

ڪي ڳولا به خوش طبعي سان ڳول ڪندا ۽ چوندا ته ’ائين نٿي چوي، ته ڀلا ڇا ٿي چوي!‘ هڪ سگهڙ سرائڪي ۾ چوندو هو ته: ’آهدِي پئي اي، پر ڪيئه پئي اهدي اي؟‘ ڪي ڳولا ڳول ۾ وٺ پڪڙ ڪندا ۽ ابتا سبتا ڌڪ هڻي به پيا منڊل مچائيندا.

ڳجهارت ڀڄي ته ڏيندڙ کي گهرجي ته يڪدم اهڙي اهڃاڻي ڏئي. اڪثر ائين چوندا ته ’ادا وئي‘ يا ’فلاڻي ڌڪ ماري‘. پر سهڻائي انهيءَ ۾ آهي ته ڳولي جي قدرداني ڪجي ۽ کيس آفرين ڏيڻ لاءِ ”واه واه“ ڪجي: يعني ته وڏي سڏ ”واه واه“ چئجي، بلڪ وڌي اچي کيس ڏارو ڏجي. اسان پنهنجين ڪچهرين ۾ ”واه واه ڪرڻ“ ۽ ”هٿ ملائڻ“ کي ترجيح پئي ڏني آهي.

ڪي ڳوليندڙ به ڳجهارت ڀڄڻ وقت ناز انداز سان چوندا ته ’مري وئي‘، يا هڪل سان ’ها‘ ڪندا. سگهڙ گلڻ جلباڻي جي (هڪل واري) ’ها‘ ڪچهرين ۾ مشهور آهي. سگهڙ رمضان ٽالپر، ڳجهارت ڀڃندو ته اڪثر چوندو ته ’هل ٻانڊي گدام تي‘. (يعني ته ’اي ڪاٺي، تون به هل گدام تي‘. ڄڻ ته اها ڳجهارت به هڪ ڪاٺي هئي جا ٻين ڪاٺين وانگر گدام تي اُڇلي ڦٽي ڪيائين). اهو سگهڙ رمضان ٽالپر جو تڪيو ڪلام آهي.

ڳجهارت جون ڪچهريون سنڌ ۾ اُتر، لاڙ، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان توڙي سنڌ جي موجوده سرحد کان ٻاهر لس ٻيلي، ڪڇ، ناڙِي (ضلعو ڪڇي) ۽ چولستان ) بهالپور ۾ مدت کان وٺي سگهڙن جي رس رهاڻ ۽ وندر ورونهه جو ذريعو پئي رهيون آهن. پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، امير توڙي غريب انهن سگهڙن جي صف ۾ شامل پئي رهيا آهن. اڄ کان پنجاسي سال اڳ ڪوڙومل چندنمل کلناڻي ڳجهارتن جي ذوق بابت لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ گهڻن ماڻهن کي خصوصاً ٻهراڙي ۾ ڳجهارتن جو ڏاڍو شوق آهي، رڳو اڻ پڙهيل ۽ دهقاني ماڻهو نه، پر بعضي بعضي وڏا ماڻهو به ڳجهارتن سان اهڙيءَ طرح دل وندرائيندا آهن، جيئن چؤپڙ يا پتن جي راند سان“· اڳ ميلن ملاکڙن ۽ عيدن شادين جي موقعن تي سگهڙن جي عام رس رهاڻين کان سواءِ ڳوٺن ۾ چڱن مڙسن، رئيسن ۽ خانن جي اوطاقن، يا پيرن فقيرن جي درگاهن ۽ منزلن ماڳن تي موقعن سان ڪچهريون لڳنديون هيون، جن ۾ ڳجهارتن جي رس رهاڻ ٿيندي هئي. ڪچهرين جي انهن سرپرستن ۽ خاص طرح ڳجهارت جي ڪچهرين جي ڪوڏين مان اسان تعلقي عمرڪوٽ جي صوفي فقير جو مثال ڏيون ٿا، حالانڪ سنڌ جي ٻين خاندانن پڻ ڪچهريون قائم ڪري سگهڙپائي جي ذوق شوق کي وڌايو:

ضلعي ٿرپارڪر ۾ فقير صوفي محمد صادق رحه جي خانقاه جي سجاده نشين مان فقير ميان حاجي محمد صوفي عام سنڌي ڪچهرين جو سرواڻ ٿي گذريو آهي. کانئس اڳ سندس ڀاءُ فقير ميان علي بخش سگهڙ پائي جي ڪچهري ۽ رهاڻ جو بنياد وڌو. فقير علي بخش صوفي خاص طرح ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو. خود پاڻ وڏو ڳولو هو. رئيس مرحوم گل محمد خان لغاري (ويٺل ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو. ضلعو سانگهڙ) سنه 1945ع ۾ بنده  راقم کي ٻڌايو ته: آءٌ گڏ هوس جو جهوڪ شريف جو سجاده نشين صوفي صاحب عبدالستار (وڏو) ۽ فقير علي بخش سفر ۾ فلاڻي منزل تي اچي گڏ لٿا. فقير علي بخش جهوڪ وارن صاحبن جو مريد هو. صوفي صاحب عبدالستار چيو ته: فقير علي بخش! اسان ٻڌو آهي ته تون ڳجهارت ٽوڳولين، هاڻي اچئي ٿي اسانجي ڳجهارت، صوفي صاحب ڳجهارت ڏيئي بس ڪئي ته فقير علي بخش چيو ته: ’قبلا، ڀانيان ٿو ته هيئن ٿي چئي.‘ ڳجهارت ٽٽي وئي، جنهن تي صوفي صاحب چيو ته: ’فقير علي بخش! تون ڀلي ڳجهارت ڳول‘. رئيس گل محمد خان چيو ته: فقير صاحب خان مري (ويٺل لڳ ڀـِـڙي، تعلقو سنجهورو) هڪ سالڪ ۽ سگهڙ هو، نڙ جي بيتن ۽ ڳجهارتن جو ملوڪ هو. فقير علي بخش  سنجهوري تعلقي ۾ مريدن وٽ ايندو هو ته فقير صاحب خان هلي اچي ساڻس ڳجهارتن جي ڪچهري ڪندو هو، ڄراري، ٻيراني ۽ سنجهوري ۾ سندن ڪچهريون اسان کي ياد آهن. فقير علي بخش هميشـه سهڻا ڌڪ هڻي فقير صاحب خان جون ڳجهارتون پئي ڀڳيون: ڪانبو ٻڌي ڪونه ٿي ڳوليائين.

اهو دؤر سنه 1920ع کان اڳ وارو هو. 1920ع کان 1940ع واري دؤر ۾ ڳجهارتن جا ڳولا ۽ ڄاڻو جيڪي حضرت شاهه عبداللطيف جي ميلي تي آيا ۽ پنهنجن ڪچهرين ذريعي مشهور ٿيا، تن سڀني ۾ سرس ۽ سوايو ۽ ڳجهارت جو وڏو ڄاڻو اوباهيو ماڇي (پاڙو سيماراڻي، سنائي) هو. تعلقي شهدادپور ۾، ’سئي ڪندر‘ لڳ ڏکڻ اوڀر طرف حاجي سنجر جوڻيجي جي ڳوٺ ۾ ويٺل هو ۽ سنه 1945ع ڌاري 75 ورهين جي عمر ۾ اتي وفات ڪيائين. ڳجهارت توڙي ڏور جي ڪچهريءَ جو اباهيو وڏو ملوڪ هو. سندس گفتي ۽ رهاڻ ۾ وڏو لطف هو. ڳجهارت ملندي هيس ته اول ان تي غور ڪندو هو. ڳوڙهي ڳجهارت هوندي هئي ته ٻه يا ٽي دفعا ورائي چورائيندو هو ۽ پوءِ ويهي سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻندو هو. ڳجهارت مٿس ڪا ورلي بيهندي هئي. بعضي ڪا ڳجهارت سهڻن ڌڪن کان پوءِ به نه ڀڄندي هئي. ته ڏيندڙ کي چوندو هو ته: ’ادا، ڳجهارت کول، جو انهيءَ ۾ ضرور ڪا غلطي آهي.‘ کولڻ بعد ڳجهارت ۾ برابر خامي پڌري ٿي پوندي هئي.

ٿر، سـِـري، لاڙ توڙي ڪڇ، لس ۽ ناڙي ۾ ڳجهارتن جا سوين سگهڙ ٿي گذريا آهن، جن جا نالا به اڄ باقي ياد نه رهيا آهن. اسان گذريل پندرهن سالن واري عرصي ۾ مختلف ماڳن مڪانن تي ڪچهريون ڪيون آهن، ۽ جن سگهڙن جا اسان نالا ٻڌا يا جن کي اسان ڏٺو تن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو، انهيءَ لاءِ ته سندن نالا ياد رهن ۽ پڻ تصديق ٿئي ته ڳجهارت جون ڪچهريون موجوده دؤر ۾ اڃان تائين مقبول آهن.

ڪـــڇ:

* چڱو جت. ڪڇ جو مشهور شاعر، سگهڙ، سالڪ ۽ درويش هو، ۽ ڏيڍ سؤ ورهيه اڳ ٿي گذريو. ڳجهارتن جو شاعر هو. سلوڪ ۾ سندس ٻـَـڌل، هيٺين ڳجهارت اڄ تائين سگهڙن کي ياد آهي:

ڏيڻي: ڪک ٻولي جي ڪن اڀ ارٽ جون سي پسن

        ڪک = ڪل، ٻولي= مون، اڀ جي= حور،

         ارٽ جي= رون.

مراد: ڪلمون جي ڪهن، حورون سي پسن

* پڇم ۾ راهبجي سمون سگهڙ ۽ ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جو ملوڪ هو.

* عثمان نالي ڪڇي مهاجر سان ڪيٽي بندر ۾ اسان جي رهاڻ ٿي. ڳجهارتون وٽس گهڻيون هيون. ’پنڊ جو ٿي کائي‘ سندس تڪيو ڪلام هو. سگهڙ ٻيڙي ڪنڀار ۽ راقم سندس ڳجهارتون ڳوليون. وري وري پئي ٻيڙي کي للڪاريائين ته ’مٿي نه وڃ، ذرا هيٺ لهه، زمين تي اچ‘ (يعني اجايا ڌڪ نه هڻ).

ضلعو ٿرپارڪر:

*فقير علي بخش صوفي، ڳوٺ صوفي فقير تعلقو عمرڪوٽ، ڳجهارت ڳولڻ جو ملوڪ هو.

* منگو فقير وسائي پوٽو چانڊيو،ويٺل کاکڻهار رحم علي جو، تعلقو مـِـٺي، ڳجهارتن جو شاعر ۽ وڏو ملوڪ ڳوليندڙ هو. سنه 1948ع ڌاري 75 ورهيه جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سرندو وڄائيندو هو، ۽ ڳجهارت ملندي هئس ته سرندي تي ٽي گزيون هڻي ڳجهارت ڀڃي ڇڏيندو هو، پر جي ڳجهارت نه ڀڳي ۽ کيس وڃڻو پوندو هو ته وري موٽي ايندو هو ۽ ڳجهارت ڀڃي پوءِ ويندو هو. ڪنهن کيس هٿ جي ٺاهي ڏني ته ”ذات ڪاٺي ڇا ڪري“، نيٺ اها به ڀڳائين ته ”شيدي ڦڻي ڇا ڪري.“

* سائين بخش وسائي پوٽو، ويٺل کاکڻهار، به ڳجهارت جو چڱو ڄاڻو هو.

* حاصل فقير وسائي پوٽو ويٺل کاکڻهار، شيرو درس ويٺل وَڪڙيو، ۽ وريام موسي پوٽو، ٽيئي چڱا سگهڙ، جن سان سنه 1956ع ۾ مـِـٺي ۾ اسان جي پهرين ڪچهري ٿي.

* حاجي ٿيٻو، مارو ٿيٻو ۽ مارو جو پٽ، ٽيئي ويٺل ڪـَـرنور، تعلقي ڇاڇري جا. مارو ۽ سندس پٽ سان اسان جون ڪچهريون ٿيون. مارو ڳجهارت جو ڪانبڙيو ڳولو ملوڪ آهي.

* عبدالشڪور اوٺو ويٺل ڳوٺ ستي- ڏيرا تعلقو ڇاڇرو.

*مٺو چانڊيو ويٺل کرڇيلو، تعلقو سامارو، وڏو سدا ملوڪ سگهڙ هو جو 1954ع ڌاري گذاري ويو. کانئس پوءِ، اسان جي ڪچهري ڌڻي بخش چانڊيي سان 1957ع ڌاري ٿي.

* بهار شاهه ويٺل جهلوري، تعلقو ميرپورخاص جو، جنهن سان 1957ع ڌاري اسان جي ڪچهري ٿي.

* وريام نونداڻي وڏو سگهڙ ۽ هر ڪچهري مان واقف هو، 1958ع ۽ ان کان اڳ ساڻس اسان جون ڪچهريون ٿيون.

* محمد خان ڪپري، ويٺل ڳوٺ عبدالله خان ڪپري، تعلقو سامارو پير مرد عمر 75 سال. ساڻس 9، 10- تاريخ جنوري 1965ع تي اسان جي ڪچهري ٿي. کيس سهڻيون ڳجهارتون ياد آهن.

* ڪريمڏنو ملاح جنهن سان جنهڻ (تعلقو سامارو) ۾ رئيس مرحوم قادر دادخان بلوچ جي اوطاق تي اسان جي رهاڻ ٿي. ڳجهارتون وٽس گهڻيون هيون.

ضلعو حيدرآباد:

* رمضان واڍو، ويٺل پنجمورو، تعلقو هالا، وڏو داناءَ سگهڙ ۽ شاعر هو. هر فن ۾ طبع آزمائي ڪيائين ۽ ڳجهارتن تي پڻ ڪتاب لکيائين. ڳجهارتن جو پاڻ شاعر هو ۽ سندس ٺاهيل ڳجهارتون اڃان تائين ڪن سگهڙن کي ياد آهن، غالباً رمضان فقير ئي پهريون سگهڙ هو جنهن پنهنجو نالو پڻ ڳجهارت ۾ آندو(13) .

* نم لوهار ۽ گل لوهار ويٺل ڳوٺ وڏي اُڊوڙي (تعلقو ٽنڊوباگو) ڳجهارتن ڳولڻ ۾ نالي وارا سگهڙ هئا. نم لوهار هر فن موليٰ هو. ان وقت تاجو نون، ڏاتو پهنور، بدر سينهڙو ۽ نم لوهار چارئي وڏا سگهڙ هئا، ۽ تاجو نون سندن سرواڻ هو. اهو اندازاً 1880ع کان 1915ع وارو دؤر هو.

* الله ڏنو ماڇي ۽ جعفر اڱاريو ماڇي، ويٺل ’ملان ڪاتيارن‘ جا ڳجهارت جا وڏا قابل ڳولا هئا ۽ پنهنجي وقت ۾ ڳجهارت جي ڳول ۾ دنگ ڪري ويا. پاڪستان کان اڳ وفات ڪيائون.

*طاهر هاليپوٽو، ويٺل بيبيءَ وارو اوٽو، تعلقو ماتلي، الله ڏني ماڇي جو ساٿياري ۽ ڳجهارت جو وڏو ڳولو هو.

* صالح ٽارو (ذات جو) ويٺل ڳوٺ سيد مـَـتو، تعلقو گوني. ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جو ملوڪ هو. 1925ع ڌاري گذاريائين.

* چڱو ماڇي قبول پور (تعلقو گوني)، ڳجهارتن جو ملوڪ هو.

* بچوکور، جنهن سان 24- ڊسمبر 1951ع ۾ ٽنڊي قيصر ۾ اسان جي پهرين ڪچهري ٿي. هنر ۽ ڳجهارت ڳولڻ جو ملوڪ هو.

* حاميد خاصخيلي، ويٺل ملهڻ (عمر 65 ورهيه) هر فن موليٰ ۽ وڏو سگهڙ آهي. سن 1958 کان وٺي اسان جون ساڻس رهاڻيون ٿيون آهن. ڳجهارتن جو پاڻ شاعر ۽ اڻ ورڇ ڳوليندڙ آهي. سنڌائتا ڌڪ به هڻندو پر پنهنجا ٺاهيل بيت چئي به ڳجهارت ماريندو. اڃا به نه مئي ته وٺي قصي واري ڳالهه کڻندو. ٻيڙي فقير ڪنڀار ڳجهارت ڏنس: ڌڪ هڻي، بيت ڏيئي، آخر اچي ڳالهه ۾ پيو. ٻيڙي فقير چيس ته ڳجهارت ڳول. جواب ڏنائينس ته: ”تون ويٺو ڳالهه ٻڌ، پاڻهي ڀڄي پوندي.“ ڳجهارت ڳولڻ ۾ حاميد جي اها ’ڊگهي شنوائي‘ اسان کي هميشه ياد رهي آهي.

* قاضي الله ورايو نظاماڻي (عمر 55 سال) اصل ويٺل ڳوٺ سومرو نظاماڻي، ديهه جهالار، تعلقو بدين 1955ع کان وٺي ساڻس اسان جون ڪچهريون پئي ٿيون آهن. ڪنهن حد تائين حاميد سگهڙ جو شاگرد آهي، پر علم وارو، ذهين ۽ وڏي حافظي وارو آهي. ڳجهارت ڳولڻ جو ملوڪ آهي. سنڌائتا ۽ سهڻا ڌڪ هڻندو، ۽ ڪانبو ٻڌي به ڳوليندو.

* اڪ ماڇي (پاڙو مـَـرڪـَـٺ) ويٺل ڳوٺ سليمان ماڇي، پاڙو مزار شاهه اولياءُ لڳ قبول پور (تعلقو گوني) ڳجهارتن جو سهڻو ڳولو آهي. اسان جي 2- تاريخ مئي 1965ع تي ساڻس حيدرآباد ۾ ڪچهري ٿي.

* خليفو ربڏنو، جنهن 17، 18- ڊسمبر 1964ع تي شاهه قادري جي ميلي (بدين) تي اسان جي قائم ڪيل ڪچهريءَ ۾ بهرو ورتو.

* رمضان ٽالپر، ويٺل ٽنڊو سومرو، تعلقو ٽنڊوالهيار، ڳجهارت جي ڳول جو سدا ملوڪ آهي. ڪانبو ٻڌي ڪونه ڪاهيندو، پر پاون جي ڀڃڻي جي لحاظ سان سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻندو جا وڏي ملوڪت آهي. اڪثر ڪانب ڪڍي ويهندو، ۽ بنا ڪنهن گوڙ گهمسان جي آهستي آهستي ڌڪ هڻي پيو ڳجهارت وهڃائيندو. سندس ڳول جي ڪاريگري اها آهي جو بعضي ڳجهارت جي ٻن يا ٽن پاون کي ساڳئي وقت معنيٰ وارا ڌڪ هڻي ڳجهارت سڄي ڪندو ويندو. ڪنهن ڪنهن وقت اهڙا ته موزون ۽ سهڻا ڌڪ هڻندو جو چئجي ته جيڪر ڳجهارت وارا اصل ڌڪ ڇڏي سندس ڌڪ کڻجن.

* ٻيڙو فقير ڪنڀار، ويٺل اصل لقمان ڪؤنريجو تعلقو هالا، حال رهندڙ ڪاري موري، شهر حيدرآباد. ساڻس اسان جي 1953ع کان ڏيٺ ويٺ ٿي. ان وقت هو ’ڏور‘ جي ڪچهريءَ جو سگهڙ هو. اسان پوءِ کيس ڳجهارت، سينگار وغيره ڏانهن مائل ڪيو. ڳجهارتن ۾ ٻيڙي فقير ۽ اسان جي سالن کان وٺي ڏي- وٺ پئي رهي آهي، ۽ هينئر کيس پوريءَ طرح ذهن نشين ٿي ويو آهي ته اول ڳجهارت جو رخ ۽ رايو سمجهي پوءِ ڳجهارت ڳولجي ۽ سهڻي ڪري ڳولجي. ٻيڙي کي آزمائڻ ۽ سجاڳ ڪرڻ لاءِ وقت بوقت اسان پنهنجي ذاتي ڪچهرين ۾ مختلف سرن مان جداجدا نوع جون ڳجهارتون جوڙي پئي ڏنيون آهن. بعضي خوشطبعي ڪندي چوندا آهيون ته ٻيڙا توکي هاڻي ڳجهارت ۾ ٻڌون ٿا. هڪ ڀيري کيس هن طرح ڳجهارت ڏنيسون ته:

ٻــــيــڙي جــــي ٻـَـڌڻ لاءِ مـــون ڳـــنـــڍي ڳــــجهارت

هيءَ ڪؤنرو جي ڪهت، سالڪ سو صحيح ڪري:

ڏيڻي: ملڪ ماڳ ليلان، گاه گاه ڪري، ٿي پکي ڪرين.

ڀڃڻي: جهل جهل ليلان، ول ول ڪري، ٿي بل بل ڪرين.

ٻيڙي هي ڳجهارت ڀڳي. ٻيڙو پاڻ به ڳجهارتون جوڙي ٿو جيتوڻيڪ مٿس اڪثر ميار رکندا آهيون ته: ’ٻيلي اها ڳجهارت ڏهاڪن ۾ آهي. يعني ته سهڻائي ۾ سوَن جهڙي نه آهي.‘ ڳجهارت جي ڳول ۾ ٻيڙو فقير هن وقت سنڌ جي سڄاڻ ڳوليندڙن مان آهي.

*صالح احمداڻي، ويٺل ڳوٺ احمداڻي لغاري تعلقو ٽنڊوباگو، ڳجهارت جي ڪچهريءَ جي عاشقن مان آهي. وٽس ڳجهارتون گهڻيون آهن. ڪانبڙيو پر وڏو خفتي ڳولو آهي.

ضلعو ٺٽو:

* الله ڏنو رَٽو، ويٺل ’اُپلاڻن جو ڳوٺ‘ لڳ بهادي پور (تعلقو جاتي) ڳجهارتن جو وڏو شائق، شاعر ۽ ڳولو هو. سڄي عمر ڳجهارتن جي رهاڻ ۾ گذاريائين. ڳجهارتون جوڙيائين ۽ ڳجهارتن ڀڃڻ لاءِ مڇين، پکين وغيره جنسن جي نالن تي سهڻا بيت ٻڌائين، جي اسان کي سندس راوي دُوري اوٺي ٻڌايا14 . الله ڏنو 1950ع ڌاري گذاري ويو.

* پوپٽ خاصخيلي، عنايت خاصخيلي، جـُـڙُو شاهه سيد ٽيئي ننگر جا، ۽ پيروز مرگو (بلوچ) کاري جو (يعني تعلقو ميرپورساڪرو) چارئي ڳجهارت جي ڪچهريءَ جا سدا ملوڪ هئا. سگهڙ الله بخش پالاري چيو ته منهنجون ساڻن ڪچهريون ٿيون.

* الله بخش پالاري ويٺل ڪوهستان تعلقو ٺٽو. وڏو دانا ِّ سگهڙ، هر ڪچهريءَ جو قابل ۽ ڳجهارتن جو ملوڪ، جنهن سان سنه 1959ع کان وٺي اسان جون وڏيري ڪرن شوري جي ڳوٺ، مياڻي جي ٻيلي (تعلقو حيدرآباد) ۽ ٻين ماڳن تي ڪچهريون ٿيون.

*ڪنڊو جتوئي، ويٺل ڳوٺ شيرمحمد جتوئي (جهوڪ کان اُتر، تعلقو ميرپور بٺورو) جنهن 15- فيبروري 1965ع تي ميرپور بٺوري ۾ اسان جي قائم ڪيل ڪچهريءَ ۾ بهرو ورتو.

* پنيلڌو ماڇي ويٺل لڳ سونڊا، جنهن سان 1- آگسٽ 1962ع تي مڪلي (ٺٽو) تي اسان جي ڪچهري ٿي.

* علڻ فقير ٻٻر، ويٺل سال (تعلقو ٺٽو) ڳجهارتن جو شاعر جنهن سان 7- ڊسمبر 1962ع تي نئن بارڻ واري بنگلي تي اسان جي رهاڻ ٿي. سندس پنهنجيون جوڙيل ڳجهارتون نهايت سهڻيون، جيڪي ڏيندو ويو ۽ هرهڪ جي آخر ۾ پئي چيائين ته: ”علڻ فقير چئي.“

* خدا بخش ميربحر، ويٺل لڳ ميرپور بٺورو. ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جي سگهڙن مان آهي.

لس ٻيلو:

اسماعيل شاهه لس جو، ڳجهارت جو وڏو ملوڪ ڳولو هو ۽ سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻي ڳجهارت ماريندو هو.

* ڪنڊو چنو، لس جو، جنهن سان اسان جي سنه 1962ع ۾ ڪچهري ٿي. هن وقت هو ڪراچي ۾ ’پـِـڙي‘ تي رهندڙ آهي. وٽس گهڻيون ڳجهارتون آهن ۽ ڪانبڙيو ڳولو ملوڪ آهي. ٻيڙي فقير ڪنڀار سان ڳجهارتن جي ڏي- وٺ ۾ چڱو مقابلو ڪيائين.


[1]  هن سلسلي ۾ مخدوم محمدزمان طالب المولي جي هيءَ راءِ قابل قدر آهي:  سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڳجهارت جنهن اول ايجاد ڪئي آهي، انهيءَ مخفي پيغام ڏيڻ جو هڪ نمونو ايجاد ڪيو هجي ته عجب نه آهي. مثال طور جنگ ۾ جيئن ڪي خاص اشارات هوندا آهن جو دور دراز فاصلي تان انهن جي ذريعي هڪٻئي کي چئي سمجهائي سگهجي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو معلوم نه ڪري سگهي. (سنڌي سلوڪ ۾ ڳجهارت، رسالو نئين زندگي، ماهه اپريل 1951ع).

[2]  ڏسو لوڪ ادب سلسلي جي ٻارهين ڪتاب پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول جو مقدمو، ص ص 4-5

[3]   ڏسو متن، ص ص 280-288

[4]  توتڙ = ڪوڙا بهتان ۽ جهيڙا.

[5]  ڳجهارت جي بنيادي پائي ۾ هوبهو تجنيس لاحق جي بدران اڪثر آڏو ڪي حرف گڏبا يا حذف ٿيندا آهن.

[6]  ’تجنيس مطرب ٻن مفرد لفظن جي پوين حرفن ۾ تبديل کي چئجي ٿو، جيئن ته خار ۽ خام. مگر ڳجهارت جي پائي ۾ اڪثر مرڪب لفظن ۾ انهيءَ تبديلي جا مثال ملن ٿا.

[7]  ڏسو ص ص.

8  دو= ٻه+ راهو= راهن وارو، يعني ٻن راهن يا رستن وارو. ڪن جي خيال ۾ دُرائو يا دُراپو يعني ٻن راين وارو.

9  هي ڳجهارت اسان ڀري ڪچهري ۾ ڏني، ٻين سان گڏ سگهڙ ٻيڙي ڪنڀار سهڻي ڪري ڳولي پر ڀڳي ڪانه ۽ بيهي وئي.

11  هي ڳجهارت ڪتاب ۾ موجود آهي (نمبر 1184) جتي ان جي مراد ڏسو.

11  سندن نالا هيٺ ايندا.

·  ديپاچو ”سنڌي ڳجهارتون“ قيصريه پريس حيدرآباد، 1901ع.

(13) ڏسو سندس نالي واري ڳجهارت ص ؟.

14  ڏسو مڇين بابت سندس بيت، صفحو ؟.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org