سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :10

 

باب ٽيون

سرائتيون ڳجهارتون: ٻاهريان عشقيـﮧ قصا

بانڪو شاهه بهرام

(205)

نرنانءَ ڪتابن جو، ذات ڏين مون،
نرنانءَ مٿي ڀـُـون، ٻيا نالا ذات ٿيا.

 

نرنان= محسن. ڪتابن جو= مذڪور. ذات=

معلم<معلومت. نرنان= ڀـِـريو. نالو= دانـَـ*.

ذات= دوڙيا<ڊوڙيا.

مـُـحسن، هن مذڪور جي، معلومت ڏين مون،
ڀـِـريو مٿي ڀـُـون، ٻيا به دانهه ڊوڙيا.
 

 

(206)

ولايت کان نرنانءُ آيو، جنهن اچي مـُـئي جا ۽ گهوڙن جا ڏنا.

ولايت= چين. نرنان= بهرام. مـُـئي جا= پار.

گهوڙن جا= چٽا.

چين کــــــان بهرام آيــــــو، جنهن اچــــــي پــــــــــــار چٽا ڏنا.

(207)

ان نـــــالـــــي نـــــرنــــانءَ، ڍاريـــــــــو رڇ ولايت ۾.

نالو=بانڪو+ نرنان= شاهه بهرام. رڇ=

چونرِي. ولايت= چين.

اِن بانڪي شاهه بهرام، ڍارِي چونرِي چينَ ۾.

(208)

نرنانءُ مرون جيءَ ۾ ويو، اُتي ڪامڻ سان ڏُڌ جو ٿيو.

نرنان= شاهه بهرام. مرونءَ جي= چين<چين.

ڪامڻ= گل اندام. ڏڌ جو=گڏَڻ<گڏيو.

شاهه بهرام چين ويو، اُتي گل اندام سان گڏيو.

(209)

رڇ، اِها کاڄ جي اٿئي، نرنانءَ جي مرض جي.

رڇ=ٻهڳڻ. کاڄ جي=ٻاڦ. نرنان= ويرم ديوَ.

مرض جي=وات (ٻـِـراڙي).

ٻهڳڻ، اها ٻاڦ اٿئي، وِيرم ديوَ جي وات جي.

(210)

نــــالـــــي نــــــرنــــانءَ کــــي ڏيهه ۾ لــــــــڌائون.

نالو=بانڪو+ نرنان=بهرام. ڏيهه=مصر.

بانڪـــــي بهـــرام کــــــي، مصر ۾ لـــــڌائون.

تاج الملوڪ

(211)

نرنانءُ توڪل ڪري، ڪاهي پيو مڇيءَ جيءَ ۾.

نرنان=تاج الملوڪ. توڪل= الله توهار.

مڇيءَ جي= ڍنڍ.

تاج الملوڪ الله توهار ڪري، ڪاهي پيو ڍنڍ ۾.

ممتاز دمساز

(212)

جڏهن نارنان اَن جي ٿي، تڏهن نرنانءُ تي پنهنجو پيو.

نارنان=مهاسندر. اَن جي=کري. نرنان=ممتاز.

پنهنجو=ڪشالو.

جڏهن مهاسندر کري ٿي، ممتاز کي ڪشالو پيو.

(213)

نالو نالي کي پنهنجو نه ڏئي ها، ته ڇو مـِـرون ٿئي ها؟

نالو=ممتاز. نالو= دمساز. پنهنجو=علم.

مرون=باندر.

ممتاز، دمساز کي علم نه ڏئي ها، ته ڇو باندر ٿئي ها؟

(214)

ســـــــاز وڄــــــي، نـــــرنـــــانءُ جاڳي، نارنانءَ ڪاٿي؟

ساز=پـِـرتنگ. نرنان=ممتاز. نارنان=ماهه طلعت.

پـِـرتنگ وڄــــــي، ممتاز جــــــاڳي، ماهه طلعت ڪاٿي؟

ليليٰ مجنون

(215)

ذات ننڊ جي ۾ نالو، نرنانءَ ٻولي نالو ٿيو.

 

ذات=ڪيسَ <قيس. ننڊ جو=سهڻو(=خواب)

نالو=لڌو. نارنان= ليليٰ. ٻولي=ڏسي.

نالو= مست.

قيس سهڻو لڌو، ليليٰ ڏسي مست ٿيو.

 

(216)

مجنون فقير ٿيو، لڳس ليليٰ جي ذات.

فقير= مست. ذات=لغاري<لغار.

مجنون مست ٿيو، لڳس ليليٰ جي لغارَ.

(217)

نرنانءُ پنهنجي ڪاٺ جي کان، جر وڻ جي ڪري، عضوي کان ٻولي ٿيو.

نرنان= مجنون. پنهنجي=ماءُ. ڪاٺ جو=در<

مادر. جر جي= موڪ+وڻ=لاڻي<موڪلاڻي.

عضوو=تن<وطن. ٻولي=دُور

مجنون مـــــــادَر کـــــان موڪـــلاڻي ڪـــــــري، وطــــــن کـــــــان دُور ٿيو.

(218)

وکر مال جو ڪري، اِجهو نرنانءُ آيو!

 

وکر= ڪاٿو<ڪاٿئون. مال جو=پنڌ. نرنان=قيس.

ڪاٿئون پنڌ ڪري، اِجهو قيس آيو!

 

(219)

وکــــــر ڪــــري آيو هــو، هـُـو ڪاريگر، ڙي عورت!

وکر=ڪوپرو<ڪو+پرو. ڪاريگر=سـُـچيت.

عورت= ليليٰ.

ڪـــــو پـَـرو ڪري آيو هو، هـُـو سـُـچيت، ڙي ليليٰ!

(220)

ٽي نرنانءُ ٿي، ٽي ڏينهن، ڪاٺ جي ۾ جر جو ٿيو،
نارنانءَ آئي، جنهن ٻولي ڪئي، تڏهن نرنانءُ ڪاٺي جيءَ مان نالو ٿيو.

 

ٽي نرنان= محب، مجنون، مست. ڪاٺ جو=

هـُـرلو. جـِـر جو=وَهيو. نارنان= ليليٰ. ٻولي=

بـَـس. نرنان=مجنون. ڪاٺي جي=ڳاڌي.

نالو= ڇـُـٽو.

محب مجنون مست ٿي، ٽي ڏينهن هرلي ۾ وهيو،
ليليٰ آئي، جنهن بس ڪئي، تڏهن مجنون ڳاڌيءَ مان ڇـُـٽو.

 

(221)

نرنانءَ عضوو مرون جو چميو، چيائونس ته اي نرنانءَ تو ڇا ڪيو؟
چئي: هيءُ مرون نارنانءَ جي مٽيءَ جي ۾ ٻولي ٻولڻ ويندو هو.

 

نرنان= مجنون. عضوو= پير. مرون= ڪـُـتو.

نرنان= مجنون. نارنان= ليليٰ. مٽيءَ جي=

حويلي. ٻولي ٻولڻ= ڪڏهن ڪڏهن.

مجني پير ڪـُـتي جو چميو، چيائونس ته مجنا تو ڇا ڪيو؟
چئي: هيءُ ڪتو ليليٰ جي حويليءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ويندو هو.

 

(222)

نرنانءَ منهنجي نرنانءَ کي، نرنانءُ چوين ڪيئن،
ڄيري وڻ واڻئي جو، تنهن کي گاهه جون هڻين ڪيئن!

 

نرنان= محب. نرنان= مجنون. نرنان= چريو.

ڄيري جو= ڪـُـل< عاقل. وڻ جو= پورُ.

واڻئي جو=اکر<اکرين. گاهه جون=ڪامون.

محب منهنجي مجني کي، تون چريو چوين ڪيئن،
عاقل پوري اکرين، تنهن کي ڪامون هڻين ڪيئن!

 

(223)

پنهنجو ته ڪونهي، مال جو چئين ته ڏيان!

پنهنجو=رت. مال جو= ماس.

رت ته ڪـــونــهي، مــــــــاس چئين ته ڏيان”!

(224)

جيئن نرنانءُ فقير ٿيو، تيئن نارنانءَ کي به ذات هئي.

نرنان= مجنون. فقير=داس<اُداسي. نارنان=

ليليٰ. ذات= پيسڪ<به+ سـِـڪ.

جيئن مجنون اُداسي ٿيو، تيئن ليليٰ کي به سڪَ هئي.

(225)

نالي جو لڪائي ڏنئون، وکر ويچاري کي.

نالو=لوڪو<لوڪئون. وکر=وِهه.

لوڪئون لڪائي، ڏنئون وِهه ويچاري کي.

(226)

وکر پنهنجو ذات ٿيو، اڃان پيو چم جي ڪري.

وکر=وِهه. پنهنجو=پيءُ<پـِـي. ذات=خشڪ<

خوش. چم جي = گهـِـرڪڻ<گهرَ+ڪرڻ.

وِهه پـــــي خــــــوش ٿيو، اڃان پيو گهرَ ڪري.

(227)

توڙي اوزار هجي، ته به آءٌ راند جي وڃان.

اوزار=وِهڪرو (سونارڪو اوزار، جنهن سان

ٽپو لڳي) <وِهه+ڪڙو. راند جو=پينگهوڙو<

پي+ گهڙو.

توڙي وِهه ڪــــــــڙو هجي، ته به آءٌ پــــــــي گهڙو وڃان.

(228)

شهر ۾ نرنانءَ نالو ٿيو،
جنهن وکر ۾ ماڻهو ذات ٿين، تنهن مان هن مال جو ڪيو.

 

شهر= مصر. نرنان=مجنون. نالو= مست.

وکر= زهر. ذات=مري. مال جو= ڍؤ.

مصر ۾ مجنون مست ٿيو،
جنهن زهر ۾ ماڻهو مري وڃن، تنهن مان هن ڍؤ ڪيو.

 

(229)

مٺيون پيتم جن سان، ڪڙو تن پيان،
تهان پوءِ ٿيان، نالو تنهن نارنانءَ جو.

 

مـِـٺيون= مصريون. ڪڙو= زهر. نالو=

مجنون. نارنان= ليليٰ.

مصريون پيتم جن سان، زهر تن پيان،
تـِـهان پوءِ ٿيان، مجنون تنهن ليليٰ جو.

 

(230)

اي ميان نرنانءُ! مـُـلڪ بيٺو سڏ،
آءٌ نارنانءَ پوک جي ٿي اَچان.

 

نرنان= مجنون. مـُـلڪ= اُڀو. سڏ=هو<هـُـج.

نارنان= وَسندي<وَسَ. پوک جي= چـَـري.

اي ميان مجنا! اُڀـــــو بيٺو هـُـج، آءٌ وَسَ چري ٿي اچان.

(231)

وَهٽَ ٻوليءَ لاءِ نرنانءَ سـُـڪي حاڪيماڻو ٿي پيو.

وهٽَ ٻولي= لئي لئي<ليليٰ. نرنان= مجنون.

حاڪيماڻو= ڪاٺ.

لــــــــيـــلـــيٰ لاءِ مجنون سـُـڪي ڪــــــاٺ ٿــــــي پيو.

(232)

نــــرنــــان ڪـــــــــاٺ ٿيو، پوک جن جهيڙا ڪيا.

نرنان=مجنون. ڪاٺ= بـُـنڊ. پوک جن=

وَلهين. جهيڙو=ويڙهه.

مجنــــــون بـُـنڊ ٿيــــــــو، ولــــــــهين ويڙهه ڪيا.

(233)

ڏس نالو نرنانءَ جو، جو شهر ئون وِيڙو آهي.
پرجي شهر ئون ويڙو آهي، ته به ڪپڙي جي ۾ بيٺو آهي.

 

نالو= مستي. نرنان= مجنون. شهر= هالا<

هالئون<حالئون. ڪپڙي جو= برُ.

ڏس مستي مجني جي، جو حالئون وِيڙو آهه،
پر جي حالئون وِيڙو آهي، ته به بر ۾ بيٺو آهه.

 

(234)

نالو چڙهيو نالي تي، تنهن کان پيو نار نالو گهري!

نالو=نـِـندو(وَل). نالو=مجنون. نار نالو=ليليٰ.

نندو چڙهيو مجني تي، تنهن کان پيو ليليٰ گهري!

(235)

نالو چڙهيو نالن تي، وڻ جن اچي مـِـرونءَ جو ڪيو،
تڏهن هن تي مرد نالي اچي عيب جو ڌريو،
۽ نالي ذات اچي محنت جو هنيو،
تڏهن نرنانءَ کڻي نار نار ڪيو.

 

نالو= نندو. نالا= مير ۽ مجنون. وڻ جن= وَلين.
مرونءَ جو=ويڙهه. مرد نالي= شهباز.
عيب=کيرو
<آکيرو. نالو=مير. ذات=دايو.
محنت جو= ڪهاڙو. نرنان= مجنون.
نارنار= ليليٰ ليليٰ.

نندو چڙهيو مير مجني تي، وَلين اچي ويڙهه ڪيو،
تڏهن هن تي شهباز اچي آکيرو ڪيو،
مير دائي اچي ڪهاڙو هنيو،
تڏهن مجني کڻي
ليليٰ ليليٰ ڪيو.

 

(236)

پکي نرنان مٿان وڃي ڌڪ جو ڪيو.

 

پکي=شهباز. نرنان= مجنون. ڌڪ جو=

کيرو<آکيرو.

شهباز، مجني مٿان وڃي آکيرو ڪيو.

 

(237)

نالي ذات لوهه جو هنيو، پر نرنانءَ پوک جي به ڪانه ڪئي.

نالو= باغائي. ذات= بٺارو. لوهه جو= ڪهاڙو.

نرنان= مجنون. پوک جي= ڪورڙ<ڪا+رَڙ.

باغائي بٺاري ڪهاڙو هنيو، پر مجني ڪا رَڙ به ڪانه ڪئي.

(238)

لڳو ڪـُـتو ڪاٺ کي، نرنان ڪئي، راڳ جي.

 

ڪـُـتو=ڪهاڙو(نالو ڪـُـتي جو). ڪاٺ= بـُـنڊ.

نرنان= مجنون. راڳ جي= لئي<ليليٰ.

لڳو ڪهاڙو بـُـنڊ ۾، مجني ڪئي، ‘ليليٰ’!

 

(239)

نالي نرنان ڇڏيئي مٿي ته ڏِس!

 

نالو=جتو<جتي. نرنان= مجنون. مٿي=اُتي.

جتي مجنون ڇڏيئي، اُتي ته ڏس.

 

(240)

نارنانءَ چيو ته نرنانءَ، مال ڏيکار، نه ته نرنان جي ٿي ماري.

نارنان= ليليٰ. نرنان=مجنون. مال=مينهن<

مـُـنهن. نرنان=سڪندر<سـِـڪَ+اندر.

ليليٰ چيو ته ‘مجنا’ منهن ڏيکار، نه ته سڪ اندر جي ٿي ماري.

(241)

نرنانءَ ذات پنهنجيءَ کي، حاڪم جي ڪئي،
پر نارنانءَ نرنانءُ تان عضوي جي نه کنئي.

 

نرنان= قمــــــر. ذات=قاضي. پنهنجي=ڌيءَ.

حاڪم جي=نصيحت. نارنان=ليليٰ. نرنان=

مجنون. عضوي جي=دل.

قمر قاضي ڌيءَ کي نصيحت ڪئي،
پر ليليٰ مجني تان دل ئي نه کنئي.

 

(242)

جر جي لڳي نارنانءَ کي، تڏهن نرنانءُ لاءِ گهرَ جي ٿي.

جرَ جي= لهر. نارنان=ليليٰ. نرنان= مجنون.

گهرَ جي= چـَـري.

لهر لڳي ليليٰ کــــي، تــــڏهـــن مجني لاءِ چرِي ٿي.

شيرين فرهاد

(243)

ٻولي پنهنجو، هليو کڻي نالو نرنانءُ ڏي.

ٻولي= وٺي. پنهنجو=قول. نالو= ٽيڪم.

نرنان= جبل.

وٺي قول، هليو کڻي ٽيڪم جبل ڏي.

(244)

ڪري پنهنجي نرنانءُ جي، ذات ڏانهن ڪـُـتي،
نالي ڳاريو کاڄ جو، ٿوريون ڪندي گاهه کي.

 

پنهنجي=آس. نرنان= الله. ذات=هـِـلايو<هليو.

ڪـُـتو= جبل (نالو ڪتي جو). نالو= مرد.

کاڄ جو= ماهه. ٿوريون= پـِـٿون. گاهه=پٿر.

ڪري آس الله جي، هليو ڏانهن جبل،
مرد ڳاريو ماهه، پـِـٿون ڪندي پٿر کي.

 

(245)

تنهن نالي کي پنهنجي، جو ٻار جو ڪين رِڇ کان.

نالو=فرهاد. پنهنجي=شاباس. ٻار جو=ڏڪڻ<

ڏڪيو. رَڇ=ڏونگهو<ڏونگر.

تنهن فرهاد کي شاباس، جو ڏڪيو ڪين ڏونگر کان.

(246)

مال ڪپڙي جا وير، نالي تنهن نار لاءِ.

مال جا=ٽڪر. ڪپڙي جا=ٽانڪا<

ٽاڪيا. نالو=فرهاد. نار=شيرين.

ٽڪر ٽاڪيا وير، فرهاد تنهن شيرين لا”.

(247)

عاشق نرنانءُ ڪاٺ جو، کاڄ جي پنهنجي ۾.

نرنان=ڏونگر. ڪاٺ جو= ڏاريو. کاڄ جو=

شيرين. پنهنجو=شوق.

عاشق ڏونگر ڏاريو، شيرين جي شوق ۾.

(248)

نارنانءَ شهر جي مان نڪري نرنانءَ ڏي ٿي ويئي.

نارنان= شيرين. شهر جي=سرحد. نرنان=فرهاد.

شيرين سرحد مان نڪري، فرهاد ڏي ٿي ويئي.

(249)

ڳالهه پنهنجي نار کي، پکيءَ جي مٿان نرنانءَ جي.

ڳالهه= سچي. پنهنجي=سـِـڪ. نار=شيرين.

پکيءَ جو=ڦٿڪو<ڦٿڪي. نرنان=فرهاد.

سچي سڪ شيرين کي، ڦٿڪي مٿان فرهاد جي.

(250)

مرض جو ڪيائون پنهنجو، فقير جو آچار ڪري هليا.

مرض جو=صدقو. پنهنجو=ساهه. فقير جو=نينهن.

آچار=نبيرو.

صـــــدقـــــو ڪيائــــــون ســـــاهـــــه، نينهن نبيري هليا.

مل محمود ۽ مهرنگار

(251)

ولايــت مــان نــرنـــــانءُ آيو، جنهن شهر ٻاهران حاڪم جو ڪيو.

ولايت= مڪو. نرنان=مل محمود. شهر=

نيرون ڪوٽ. حاڪم جو=شڪار.

مڪي مان مل محمود آيو، جنهن نيرون ڪوٽ ٻاهران شڪار ڪيو.

(252)

مال جون ڏسي، پنهنجو ڪيائين نرنانءُ تي.

مال جون=ڌاريون<ڌاريو. پنهنجو=

دهمان. نرنان=مل محمود.

ڌاريو ڏسي، دهمان ڪيائين مل محمود تي.

(253)

ڳـَـهه جي لڳي نار کي، جڏهن ڏٺائين جبل جي نرنانءُ ۾.

ڳهه جي= لـَـنءُ. نار=مهرنگار. جبل جي=

موميائي<منهن مهانءِ. نرنان=مل محمود.

لـَـنءُ لڳي مهرنگار کي، جڏهن ڏٺائين منهن مهانءِ مل محمود کي.

(254)

پکي وڃ پر جـُـوءِ، جنهن هنڌ نالا هونِ،
وڃي چئو نالي روبروءِ، ته ڪا شيءِ پنهنجو ڪاٺ تي ڪڏهن ڪين رکيوءِ.

 

پکي= ڪاهو. پرجـُـوءِ= ڪهي. نالا=مل+ محمود.

نالو=مل محمود. شيءِ=نگار. پنهنجو=پاسو.

ڪاٺ جو=پلنگ.

ڪاها! وڃ ڪهي، جنهن هنڌ مل محمود هوءِ،
وڃي چئو مل محمود کي روبروءِ،
ته نگار پاسو پلنگ تي ڪڏهن ڪين رکيوءِ.

 

(255)

ونءُ نالا وَنءُ نرنانءُ، وڃي نرنانءُ کي چئجو،
ته هيءَ جا نارنالي تنهنجي لاءِ تڙ تي بيٺي، سا ڪپڙي جو نه ڌري.

 

نالا=رتو ۽ راڌو. نرنان=مرد. نرنان=مل محمود. نارنالي=

مهرنگار. ڪپڙي جو= پاسو.

ونءُ رتا ۽ راڌا مرد، وڃي مل محمود کي چئجو،
ته هيءَ جا مهرنگار تنهنجي لاءِ تڙ تي بيٺي، سا پاسو نه ڌري.

 

(256)

نار سـُـٽ جو پنهنجي، ڪپڙي جي سان نرنانءُ کي.

نار=نگار. سـُـٽ جو= نيو. پنهنجو=گهر. ڪپڙي

جو= برقعو. نرنان= مل محمود.

نگار نيو گهر ۾ برقعي سان مل محمود کي.

(257)

نالو وڌائون جر جي ۾، تڏهن نارنالي جو پنهنجو ۽ شهر ٿيو.

نالو=خان. جر جو= کوهه. نار= مهرنگار. پنهنجو=

سـُـک. شهر= ڦـِـٽو.

خـــــان وڌائــــــــون کوهه ۾، تڏهن مهرنگار جــــــو ســـــک ڦٽو.

(258)

علم جي ڪئي مرد جي جڏهن عضوو ڏنائين مرونءَ جي ۾.

علم جي= زير. مرد جو= زور. عضو= چنبو.

مرونءَ جو= چنبو.

زيــــر ڪـــــئــــي زور، تــــــڏهــــــن چنبو ڏنائين چنبي ۾.

(259)

عيب ڏسي عضوو، چورجو تنهن نرنانءُ کي.

عيب= انڌو. عضوو=هٿ. چور جو=

پڪڙيو. نرنان=بهادر.

آنڌي ڏسي هٿ، پڪڙيو تنهن بهادر کي.

سيف الملوڪ

(260)

پکي آيو ڪاٺ جو کنيئين، نرنانءَ نالو ٿيو.

پکي= گرڙ. ڪاٺ جو=ڀانڊو. نرنان=

سيفل. نالو=جو (سب<جو+سبب.

گرڙ آيو ڀانڊو کينئين، سيفل سبب ٿيو.)

(261)

هندڪو ڪاسبڪي تي، زحمت پيو کائي.

هندڪو=ساڌ<سعد. ڪاسبڪو=بٺو<

بـَـٺُ. زحمت=ڦـُـلا (اکين جا).

ســــــعـــــد بـَـــــــٺَ تــــــي، ڦلا پيو کائي.

(262)

جر جون جر جي تي آيون هيون جڏهن،
پنهنجيون پنهنجون نرنان ليکي لڳيون هيون تڏهن،
هاڻي شهر ڪاريگر شهر ۾ ايندين جڏهن،
پنهنجو نالي جو ٿيندو تڏهن.

 

جر جون= اُپڇرُون (اُپڇرَ=ڇـَـرَ جو تانگهو

پاسو) <اَپڇرائون. جر جو=تلاءُ. پنهنجيون=

دلڙيون. نرنان= سيف الملوڪ. ليکي جو=

گڏيو<گڏيون. ڪاريگر شهر= روغان.

ناڻي جو= ميڙائو.

اَپڇرائون تلاءَ تي آيون هيون جڏهن،
پنهنجون دلڙيون سيفل گڏيون هيون تڏهن،
هاڻي شهر روغان ۾ ايندين جڏهن،
پنهنجو ميڙائو ٿيندو تڏهن.

 

(263)

جڏهن جر جرن تي اچين، تڏهن ڌڻ مال جون پسين،
نرنائن کان مٽي، جڏهن شهر وڃين، نارنان ملئي تڏهين.

 

جر جرن= تڙن، تلائن. ڌڻ مال جو=پڇڙوُن<

اپڇرائون. نرنائن=ديوَن. شهر=روغان.

نارنان= بديعل.

جڏهن تڙن، تلائن تي اچين، تڏهن اَپڇرائون پسين،
ديون کان مٽي جڏهن روغان وڃين، بديعل ملئي تڏهين.

 

(264)

نالو چوي نرنان کي، ڪا نار نالي هئي نرنانءَ ۾.

نالو=سيفل. نرنان=سعد. نارنالي= بديع الجمال.

نرنان=باغ.

سيفل چوي سعيد کي ته ’ڪا بديعل هئي باغ ۾.‘

(265)

نرنانءَ تيڏي باغ ۾، اِڪ نرنانءُ آيا،
ڪامڻي وس ڪري، مال جيئن سـُـور ويا.

 

نارنان= بديعل. نرنان=سوالي. ڪامڻي=چوڙيلي.

وَس=چـِـت. مال جي=سانڊِ (ڏاچي) <سانڍي.

بديعل تيڏي باغ ۾ اِڪ سوالي آيا،
چوڙيلي چـِـت ڪري، سانڍي سـُـور ويا.

 

(266)

ذات چڱي، نــــالــــي مدي، ڪپڙ جن سان گڏي.

ذات چڱي= پري. مدي=بدي<بديعل.

ڪپڙجن= ديون.

پــــري نـــــالـــــي بديعل، ديـــــوَن ســــــان گڏي.

(267)

هنن مـُـلڪ جن ۽ ذاتين کان، نارنانءَ ڄيري جي ڀلي.

مـُـلڪ جن=ديهن<ديون. ذاتين= پرين.

نارنان=بديعل. ڄيري جي=جوت.

هنن ديون ۽ پرين کــــــــان، بديعل جي جوت ڀلي.

(268)

هن ذات ۽ ذاتين کان، نارنانءَ ڄيري جي ڪثر.

ذات= چنڊ. ذاتين=تيورا<تارن. نارنان=

بديعل. ڄيري جي= جوت.

هن چنڊ ۽ تارن کان بديعل جـــــوت ڪثر.

(269)

اي نــــــار نـــــــرنـــــانءُ! شهـــــر تنهنجي شهر تي.

نار=بديعل+نرنان=جمال<بديع الجمال.

شهر=دِلي. شهر=ڪڇ.

اي بديع الجمال! دِلــــــــي تنهنجيءَ ڪڇ تي.

ڪامسين ۽ ڪامروپ

(270)

نرنانءُ پنهنجيءَ نارنانءَ لاءِ، ڪاسبڪي ٻولي ڪئي.

نرنان=ڪامسين. نارنان=ڪامروپ. ڪاسبڪي=

کـَـٽ. ٻولي=اُونڌي.

ڪامسين پنهنجيءَ ڪامروپ لا”، کٽ اُونڌي ڪئي.

هير رانجهو

(271)

واءَ جو ڪم ڪاٺن سان، نــــــالــــي مـِـٽي ڙي.

واءُ=هير. ڪم=لـُـڏڻ<لـُـڏي. ڪاٺن=

هندورن. نالو=رانجهو. مٽي=واري.

هيرلـُـڏي هـــــنـــدورن ۾، رانجهوءَ واري ڙي.

(272)

واءُ ڌڻ جن منجهه هئي، نرنانءُ ٿي ٻولي ڪئي.

واءُ=هير. ڌڻ جن=پينگهن. نرنان=رانجهو.

ٻولي=والار.

هير پينگهن منجهه هئي، رانجهو ٿي والار ڪئي.

(273)

وکردا انگين وچ پيا نانءُ سڏائيندا ها.

وکردا=رانجهن. انگ=هزار<هـِـزارو.

نان=خانـُـو<خان.

رانجهن هزاري وچ پيا خان سڏائيندا ها.

(274)

واه وو نـــــرنــــانءُ! مــــــال دي ڪـــــاٺـــــي دا نانءُ.

نرنان=رانجهو. مال دي= ڇوڙي<ڇوڙيئي.

ڪاٺي دا=تختا<تخت. نان=هزاري<هزارو.

واه وو رانجها! ڇــــوڙيـــئـــي تــــــــخـــــت هــــــزارا.

(275)

نرنانءَ حاڪيماڻي ڪئي، نار نالي ڪاڻ.

نرنان=رانجهو. حاڪيماڻي= چڙهائي.

نار=هير. نالو=سيال.

رانجهن چڙهائي ڪئي، هير سيالڻ ڪاڻ.

(276)

نــــرنـــــانءَ! نـــــارنـــــانءُ جهنگ جو.

نرنان=الله سائين. نارنان=هير.

جهنگ جو=لاهه<لاءُ<ملاءِ.

الله ســـــــائـــــيــــن! هـــــيـــــر مـــــلاءِ.

(277)

نـــــار کي نـــــرنــــــانءَ ولايـــــت ۾ گــــــڏيـــــو.

نار=هير. نرنان=رانجهو. ولايت=باغ.

هـــــيـــــر کـــــــي رانــــجهو بــــاغ ۾ گــــــڏيــــو.

(278)

نرنانءُ ڀـِـت زمين جي، پنهنجيون! نــــالــــــو ذات آ.

نرنان=رانجهن. ڀـِـت جي=بنا.زمين جي=رُڃَ.

پنهنجيون=جيڏيون. نالو=جهنگلي<جهنگ.

ذات=سيال.

رانجهن بــــــــنــــا رُڃَ، جيڏيون! جهنگ ســـيال آ.

(279)

اي ذات نرنانءَ! حاڪيماڻا نه ڪر،
آءُ عضوي نه نارنانءَ ڪاٺ جي.

 

ذات=قاضي. نرنان=صاحب. حاڪيماڻا=قصا.

عضوو=هـِـڪي<هڪ. نارنان=مجيدي<مڃيندي.

ڪاٺ جي=سنئين.

اي قاضي صاحب! قصا نه ڪر، آءٌ هڪ به نه مڃيندي سنئين.

(280)

ذات جا تارين ڪـُـهسين، ته نرنانءُ ميڏي ڪاٺ وچون وڻ دي نه ويسين.

ذات= قاضي. تارا=ڪتيون<ڪاتئين. نرنان=ماهي.

ڪاٺ دي=منِ. وڻ دي=مول (مـُـور).

قاضي! چا ڪاتئين نال ڪهسين، ته به ماهي ميڏي من وچون مول نه ويسين.

(281)

نــــانءُ مــــرون، تـَـيـــن ڪــيــها رب دا ڪـــِــيتا!

نان= ڪيدُو. مرون= ڪـُـتو. رب دا=قهر.

ڪـَـيــدوُ ڪـُـتا! تـَـيـــن ڪيـــها قـــهـــــر ڪــِــيتا!

(282)

عورت مرض وڃئي، ڪيون نانءُ ڪيتا هئي ذاتيان ڪـُـون!

عورت= هير. مرض=اُڀ ساهي<ساهه. نانءُ=

ڪالـُـو<ڪالا. ذاتيان=سيالان.

هير! ساهه وڃيئي، ڪيـُون ڪالا ڪيتا هئي سياليان ڪون!

(283)

ذات والا مــــــــال دا، تيـــــــڪون نـــــــــه هــــنـــدوُ؟

ذات=کيڙا. مال دا=سـِـک<سـَـڱ. هندو=

واڻيا<وڻيا.

کـــــيـــــڙي والا سـَـــــڱ، تــــيـــــڪـــون نــــه وڻــــيـــا؟

(284)

نـــالــــو مَ نــــالـــي، نــــرنـــــانءُ رڇ ۾.

نالو=کيڙو. نالو=مومن<مون+من.

نرنان=رانجهن. رَڇُ=دِلو<دِل.

کــــيـــڙو مَ مــــون مـــــن، رانـــــجهن دِل ۾.

(285)

کاڄ ڪون وڻ دي گهتان، ميڪون ڏڌ دي ملي.

کاڄ=کيڻيون<کيڙو. وڻ دي=کؤنر<

کـُـوهر<کوهه. ڏُڌ دي=مهي<ماهي.

کيڙي ڪون کوهه گهتان، ميڪون ماهي ملي.

(286)

اي نالا ذاتيون آڇ نه مـُـئيءَ کي، ڪپڙي جا آڇين ڇو نه ميان؟

نالو= چوچڪ. ذات=کيڙا. ڪپڙي جا=

چاڪَ <چاڪر.

اي چوچڪ! کيڙا آڇ نه مئيءَ کي، چاڪر آڇين ڇو نه ميان؟

(287)

جيت نه ٿيوين ها، رڇ کپندا هئا نرنانءُ ميڏا.

جيت=ماڪوڙي<ماءُ+ڪُ+وڙي. رَڇ=

ڍِڪڻ. نرنان=ايوب<عيب.

ماءُ ڪوَڙي نه ٿيوين ها، ڍڪڻ کپندا هئا عيب ميڏا.

(288)

اول تـــه جــــــنــــڊ جي، ذات هٿيارَ آهـــــــن پوءِ.

جنڊ جي=رانجهه<رانجهو. ذات=کيڙا.

هٿيار=کنو<کنا.

اول ته رانجهــــو، کـــيـــڙا کــــنـــا آهــــن پوءِ.

(289)

نر نالي ڪپڙي جو ڪيو، پر نار نالي ته نه.

نرنالو=چوچڪ. ڪپڙي جو=چاڪ<چاڪر.

نارنالي=لالي<حلالي.

چوچڪ چاڪر بيهاريو، پر حلالي ته نه.

(290)

نالي مين نون ڪاٺي ماري، مٽي مٽي عورت نه.

نالو=رانجهو. ڪاٺي=ڇمڪ. مٽي مٽي=

چيڪي چيڪي<چڪي چڪي. عورت=ڇـُـٽي.

رانجهي مين نون ڇمڪ ماري، چڪي چڪي ڇـُـٽي نه.

(291)

آڻـــي وکـــــــــر ڏي، تـــــوکــــي فقير! ڳـــهه ڏيان.

وکر=رانجهن. فقير=جوڳي. ڳهه=ڪنڍلَ.

آڻـــــي رانجهن ڏي، تـــوکـــي جوڳي! ڪنڍَل ڏيان.

(292)

هڏڙي ساميءَ من ۾، جو اچيو ڪاٺ جي پني.

هڏڙي=مڻ<ڪامڻ. ڪاٺ جي=ڏوئي<اوڏوئي.

ڪامڻ ساميءَ من ۾، جو اچيو اوڏوئي پني.

(293)

آيس آس رکي ڪري، تنهنجي نالي تي،
توکي شل نرنالو ملي! مون کي ميوي جو ڏي.

 

نالو=اڱڻ. نرنالو=مراد. ميوي جو=رَسڻ<ترسڻ.

آيس آس رکي ڪري، تنهنجي اڱڻ تي،
توکي شل مراد ملي، مون کي ترسڻ ڏي.

 

(294)

تيڪون ملي آپڻي، ميڪون نانءُ ملاءِ.

اپڻي=مراد. نان=رانجهو.

تيڪون ملي مراد، ميڪون رانجهو ملاءِ * .

(295)

وڻ نالو تون، لاهه عضوي جي حاڪيماڻي.

وڻ=ليار<مل+يار. نالو= ماهي. عضوو=

هينئون. حاڪيماڻي=ڊائي<ماندائي.

مل يار ماهي تون! لاهه هينئين جي ماندائي.

(296)

ذات ميڏا ڳهه، مين سودي دي ۽ راند دِي هان تيڏي.

ذات=عامل<آءٌ+ مل. ڳهه=والي.

سودي دي= ٻولي. راند دِي= ٻڌِي.

آءُ مــــــل ميڏا والـــــي! مين ٻوليـــن ٻــڌي هــــــان تيڏي.

(297)

هين ته نــــــــرنـــــــانءُ، پر مــــــــــرض نــــــانءُ ڪيتوئي.

نرنان=شهزادو. مرض=عشق. نان=فقيرو<فقير.

هين تــــــــه شهزادا، پـــــــر عــــــشـــــق فقير ڪيتوئي.

(298)

نرنانءَ! تيڏي ڪــــــــاٺ، نــــــارنــــــانءَ ڪــــاٺي ٿي.

نرنان=رانجهو. ڪاٺ=ڪان<ڪاڻ. نارنان=

هير. ڪاٺي=بيراڳڻ.

رانجهــــــو! تـــــيــــڏي ڪاڻ، هـــــيـــــر بيــــراڳــــڻ ٿي.

(299)

اي ميان نــــرنـــانءَ! شهر وسئي، مين ڪاٺي ٿي هان.

نرنان=رانجهو. شهر=جهوڪ. ڪاٺي=بيراڳڻ.

اي ميان رانجها! جهوڪ وسئي، مين بيراڳڻ ٿي هان.

(300)

آءُ جيت وارا، ڪڍ ڪپڙي جي، ٻه- ٽي وات جون ڏي.

جيت=سـَـپ<سپيرا. ڪپڙي جي=رَلي<مـُـرلي.

وات جون=ڦوڪون.

آءٌ سپيرا ڪــــــڍ مــــــرلــــي، ٻــه- ٽــــــــي ڦوڪون ڏي.

(301)

ذات تــــيـــڏي فـــقـــيري دي، ذات نـــرنــــانءُ.

ذات=جوڳي. فقير دي=منڊ. ذات=سيالڻ.

نرنان=موسيٰ<مسائي.

جـــــــوڳـــــي، تيڏي، مـــَــنــــــڊ، سيالــــڻ مـُـسائي.

(302)

مال جي ٻـُـڌي، ڪاٺ ٿي پئي، جر جي وکر ڪاڻ.

مال جي=ڦوڪ. ڪاٺ=بيراڳڻ. جرجي=هير.

وکر=رانجهن.

ڦـُـوڪ ٻـُـڌي بيراڳڻ ٿي پئي، هير رانجهن ڪاڻ.

(303)

جيت نه کاڌي هون، مين فقير ڪا بنايا هي.

جيت=نانگ. فقيرڪا= بيکُ.

نانگ نه کاڌي هـُـون، مين بيکُ بنايا هي.

(304)

گهوڙي جي زمين جيءَ ۾ نرنانءُ بيٺو نار گهري.

گهوڙي جي=اَنڌاري. زمين جي=قبر.

نرنان= رانجهو. نار=هير.

اَنــــــڌاري قــــبــــر ۾، رانجهـــو بيٺو هير گهـُـري.

بلند بخاري

(305)

نــــــــالــــــــي ذات لاءِ وڻ ٿـــي ويـــــٺـــــي آهيان.

نالو=بلند. ذات=بخاري. وڻ=ڪيسن<

ڪي+سنه.

بلند بـــــــخــــاريءَ لاءِ ڪـــــي سنه ويٺي آهيان.

روپ بسنت

(306)

اٿي نار پير جو ڪر، ڪي هندو آيئي ڙي!

نار=گوري. پرجو=ويس. هندو=روپ، بسنت

اٿــــي گـــــوري ويس ڪـــــــر، روپ بسنت آيئي ڙي!

بروو ۽ باني

(307)

ولايــــت ۾ نــــــرنـــــــــانءَ ٿــــــــي پنهنجي ڪئي.

ولايت=باني. نرنان=بروو. پنهنجي=اُلٽي.

بـــــانـــــــيءَ ۾ بــــــروي ٿــــــي اُلــــــٽـــــي ڪــئي.

چاندو ۽ گنگراج

(308)

انهيءَ وڻ ۾ نــــرنـــــانءُ آهــــــي، سو راند جوئي نه.

وڻ= ڪيتڪي. نرنان=ڀؤنر. راند جو=کـُـليو.

انهيءَ ڪيتڪيءَ ۾ ڀؤنــــر آهي، سو کـُـليو ئي نه.

انسا بنسا

(309)

اُڏر پــــــکــــــي لهه ولايت، جتي ٻــــــــولــــي ڙي.

پکي=آتاهه. ولايت=ستارا. ٻولي=بنسو.

اُڏر آتاهه، وڃ ســــــــتــــارا، جــــتـــــي بنسو ڙي.

(310)

نارنانءَ چوي ٿي نرنانءَ کي، ته چئو پنهنجي نرنانءُ کي، ته ولايت مان وڻ آڻي ڏي.

نارنان= اَنسا. نرنان= بنسا. نرنان=گروڪاس. ولايت=تيمور. وڻ= توريت.

اَنسا چوي ٿي بنسا کي، ته چئو پنهنجي گروڪاس کي، ته تيمور مان توريت آڻي ڏي.

(311)

ولايتئون پـــــــکـــــي آيو، جنهن اچي ٻولي ڪئي.

ولايت=بنات. پکي=بنسو. ٻولي=بيروني.

بناتئون بنسو آئيو، جنهن اچـــي بيروني ڪئي.

-------


 

باب چوٿون

سرائتيون ڳجهارتون: موکي متارا

(312)

آءُ نارنانءَ، ڀر ڳهه، اجهي نــــــــالا آيــــــا.

نارنان=موکي. ڳهه=ڪيوٽي<وَٽي.

نالا=متارا.

آءُ موکي، ڀر وَٽي، اِجهي مــــتــــــــارا آيا.

(313)

ٻه نالا آئيا، تن آب بلا جون ڪيون،
ذات اٿئون پتڻ واري، مقام جي وڍي ڏيون.

 

ٻه نالا=موکي. متارا. آب جون=واهيون<وايون.

بلا=پيئڻ. ذات=مڏَئي<مڏي. پتڻ جو=

ڪان<ڪا نه ڪا. مقام جي= سر (نالي لکيل).

موکي! متارا آئيا، تن پيئڻ جون وايون ڪيون،
مـَـڏي اٿئون ڪانه ڪا سـِـر وڍي ڏِيون.

 

(314)

نــــارنــــانءَ! نـــالــــن کـــــي، ذات جـــي ته ڏي.

نارنانءَ= موکي. نالا= متارا. ذات=

سـَـرڪي<سـُـرڪي.

مــــوکــــي! مــــتــــارن کـــــــي سـُـرڪي ته ڏي.

(315)

عـــــــلـــــم جي زحمت جيت، ڏٺئي، ته کــــــڻــــي ذات ڪر.

علم جي=شرع<شرا+ زحمت=بمي (ڦوڪيل) <

ب+ ۾. جيت=سپ. ذات= دَٻڪر<دٻ+ڪر.

شـــــــراب ۾ ســــــپ ڏٺئي، ته کڻي دٻ (مـــــــاٺ) ڪر.

(316)

اولت علم جي ۾ ڏٺو هئي، تڏهن ٻولي ڪرين ها.

اَولٿ=سپني<سپ+ني. علم جي=شرع<

شراب. ٻولي=وَم (ماٺ).

سپُ ني شراب ۾ ڏٺو هئي، تڏهن وَم (ماٺ) ڪرين ها.

(317)

اهي نـــــــالا نــــــــرنـــــانءَ، رڇ ائٽ جي وڃي ذات ٿيا.

نالا=متارا. نرنان= ملوڪ. رڇ=وٽي. اَئٽ

جي=ڪاڻ. ذات=مويا<مئا.

اهي مــــــتـــــارا ملوڪ، وٽــــــيءَ ڪـــــاڻ وڃي مـُـئا.

(318)

ڳــهـــــــــه جـــــــو ســـــــٽ جــــــــــيءَ ۾ ذات ڙي.

ڳهه جو=سـُـپڙو<سـَـپڙو. سٽ جو=مٽاءُ<

مٽُ. ذات=مسرق<مَ+سـُـرڪ.

ســـــــــپـــــــڙو  مـــــٽ   ۾،  مَ  سـُــــــرڪ  ڙي.

(319)

سودي مان سودي جو ڪري، ڳهه جون ڀريائون،
گاهه جي نه پئي فقيرن کي، جڏهن نالو ڏنائون.

 

سودو=سٽو، سودي جو=وَٽو. ڳهه جون=

ڪيوٽيون<ڪي+وٽيون. گاهه=ڪلَ. نالو=

آدم<دم.

سـَـٽي مان وَٽو ڪري، ڪي وٽيون ڀريائون،
ڪل نه پئي فقيرن کي، جڏهن دم ڏنائون.

 

(320)

نرنانءَ ٿا رڇ بلا ڪن، چون ته پتڻ وارو اسان کي ڪونهي،

پوءِ به مقامن جي ڏينداسون.

نرنان=متارا. رَڇ=بتيون. بلا=پيئڻ. پتڻ

وارو=آهو (آسرو). مقامن جي=سـِـر. (نالي

لکيل سـِـر).

متارا ٿا بيتون پين، چون ته آهو اسان کي ڪونهي،

پوءِ به سـِـرَ ڏينداسون.

(321)

آيا مال جي ڪري، ڏٺئون ته جر جي، پر پوءِ نر نالائي جر جي.

مال جي=آسَ. جر جي=ڪينَ. (سمنڊ جو نالو)

نرنالا=وَرِيا. جر جي=ڪين. (سمنڊ جو نالو).

آيــــــا آس ڪـــــــري، ڏٺئون ته ڪين، پر پوءِ وريا ئي ڪين.

----------


 

باب پنجون

سرائتيون ڳجهارتون: مري ۽ مڱ ٿر

(322)

نـــــــــارنــــــانءَ مرد مارايو، ڪيائين ڪکن منجهه.

نارنان=مري. مرد=مـُـڱ ٿر. ڪک=آڙا

(گاهه جا) <اڙانگن.

مــــــــري، مـــــــڱ ٿـــــــر مارايو، اڙانگن منجهه اَچي.

 

-------


* هير پنهنجي نڻان ”سهتي“ کي چئي ٿي ته، توکي مراد ملي، مون کي رانجهو ملاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org