سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :5

راڳ (سُر)

1. راڳ (راڳ جا نالا): ڪلياڻ، يمن، ڀڀاس، سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، کنڀات، سارنگ، ڪيڏارو، آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني، سورٺ، بيراڳ هندي، بروو، راڻو، کاهوڙي، رامڪلي، رپ، ليلان چنيسر، بلاول، ڏهر، ڪاپائتي، پرڀاتي، گهاتو، شينهن ڪيڏارو، آسا، ڪاموڏ، مارئي، ڍول مارو، ڌناسري، ڀاڳيسري، پورب، ڪاريهل، بسنت، پيلو، ڀيروي، ڀيم پلاس، ڪلنگڙو، پهاڙي، سرگم، ڪانرو، همير ڪلياڻ، شام ڪلياڻ، ديپڪ، گجري، رکب، گنڌار، پنچم، ٽوڙي، ڪماچ، ڪونسيو، جوڳ، تلنگ، پوريا، لوڙائو، ڳانهون، وهاڳ، جهنگلو، مانجهه، ملهار، مالڪوس، هنڊول، مينگهه، راسوڙو، ڏهيو، ڪجلو.

2. راڳ جو: ٻاروچو، رَسُ، شوق، خيال، ميٺاڄُ.

3. راڳ جي: وڄت، زاري، لئي، رهاڻ، ڪچهري.

رَانــد

1. راند (راندين جا نالا): ارچڪ مرچڪ، ڪنگر ڪلوٽي، ڦرڦرسونٽو، سائي سڪي، چيچ مڪڙو، گل گلوٽي، جهوجهوماٽي، ٻلي پيرڙو، دٻلي ڇمڪائي ڏي، گلي ڏڪر، شطرنج، پيسڪوٽ، نوَن، چؤپڻ، نوَٽڻ، ٽٽڻ، چنر، وانجهي، وڏڪٻل.

2. راند جا: هـُـلَ، هوٻا، هنگاما، ڌُتپا، واڪا، کينهوڙا، راڳ، روپ، ٻيلهاڙا، کيٽا، انگلَ، خللَ، وارا، رُسڻ، پرچڻ، بدَ رنگ، حڪم، ڪندروُ، هوڪرا، ست ڏڪر، گــِـلَ، بلورَ، لغڙَ، پيچَ، ڪاٽا، ٿلهه پٽ، اوجاڳا، ساها، نچايا، ٽـِـڪا، يڪا، ستا، پاسا، ٽپ، جـُـڳ، ڍارا، جوڙا، وڳوڻا، بگيڙا، کليا.

3. راند جو: هـُـلُ، ڌَڪُ، لـُـڙُ، سامان، ڏهرُ، کيل، ڍارو، ڏارو، پتو، خللُ، رُسڻُ، پرچڻُ، ٽپُ، ڪـُـڏُ، ڏَڙهو، وَنجهه، ڪندرُو، درياءُ، ڪڙاڪوٽ، يڪٽ، يڪو، سچُ، اُڪو، مئڻُ، چڌو، ٺيڙهو، لغڙ، مانجهو، سڳو، منڊوماڪوڙو، ساهه، وارو، واڪ، شوق، پاسو، وانگي، شيطان، دسيو، ناچ، کاپڻ، کامائڻ، ليڪو، رس، جيارڻ، ڌوڙي.

4. راند جون: جوٽون، هڪلون، بازيون، ارڏايون، ملهون، ڪسرتون، پتيون، تاڪيون، دريون، ٻاريون، ٽاپون، ڳرهاٽڙيون، ريلون، پڪيون، ڪچيون، ڦيريون.

5. راند جي: لـِـڪ، رَڙ، چٽ بازي، ڊوڙ، ڊُڪَ، ڀيچ، ٽولي، ڌُرِ، ڪيڪ، ڪوڪ، دانهن، اڙي، وڇوٽي، آر، آگ، ٽل، اٽڪل، ورزش، نون ڪشتي، هوڙهي،
سيڙهه، ناگيل ڦوسيل، ڊٺي، ڦٽائي، ڌاڙي، ڪسرت، تاس،
ڪچي پڪي، ليٽ ڪبوتر، ننڍَ وَڏَ، ٻيلهه، اِگهه، ٻـِـگهه، ٽـِـگهه، سئي، لئن، مون، نار، آر، وئي، پهريل، ٻيجهيل، ٽيجهيل، چوٿيل، اُلي، چـُـلي، بليس، دوناتينا، ڪوڙان سچان، آنٽي، گولي، ڄمڙائي، ميڙسيڙ، ڏور،گـُـڏي، ريل، ڪـَـني، اُس ڇانوَ، لـِـڪ ڇـِـپَ، کيرکيروٽي، من مناري جهار، ڏاڪچمي، ڪٻڊي، پڙي، جهٽي، گهٽ، لڪائي، ڏاهپ، ٺڳي، پاهڻي، ساري، بازي، دَهلي، نولي، آڳٺ، گـِـڏِ، گـُـڏي، پـَـڪ، نچائي، دولابازي، ڊوڙي، ٽيال، پير ٻڌي، هٿ ڇڙي، ٻٽڻ.

6. راند جو بيت *

ساراهه سچي تنهن صاحب کي، جنهن رانجهن رنگ رلايو هو،
اِڪي، اُڇل، اوٽ، اَڙوهو، عارف بازي اٽڪايو هو،
اَندريون، انگ، آگ اچي ٿي، اَٺَ، اُلاڻو آيو هو،
اَڻ، اُٿل، اَٽڪل، اَڙي، اَڳياڙي، اَهليو، آر، مچايو هو،
اُبت سبت، اوڍَر، اٽڪ، اڙيو، آجو يار اَجايو هو،
اوڙو، آڳهه، آڏ، اَويڙو، اوچتو اُرهه لايو هو،
بيک، بازي، بند، بلوري، بڪ، بيڪار بنايو هو،
بـُـل، بس، بکيڙو، بيٺو، بيهه، بانوَر ڪنڌ ڪپايو هو،
تؤ، تکو، تڪڙو، تال، طرز، تـِـري تڪ، تماشو لايو هو،
تار، تند، تـُـڙپُ، تيرِهيو، تاڙي، اَٺي انگ اَڙايو هو،
سڏ، سنگت، ساري، سرسي، شطرَنج سانگ بنايو هو،
ستي، سوائي، سندرو، سوڀَ، سٽون، سوگهو سايو هو،
جـُـوا، جوڙ، جـُـڳ، جوٽي، جانٺو جوش چلايو هو،
حڪم، هـُـل، حشر، هلپ، هوڙهه، حـَـد، هيس هٽايو هو،
هوڏَ، همراهه، هاڙهي، هوش، هڪل، هارَ هٽايو هو،
هاڙي، هنر، همت، هوڪو، کولي کين کٽايو هو،
کوڙي، کينهوڙو، خار،کاڌي،کانتو،کٽڪو، کوٽ ڪمايو هو،
کيٽو،کٽڪو،کس، کوڙا،کانتل،دَسيو، دَنگ دَٻايو هو،
دُولالي، دوڙي، دُور، دَهلي، رنڊي، روڪ رَهايو هو،
رَئي، روُمڙ، رَڙيون، رَسيو، رَتو رَنگ رَچايو هو،
رونق، زَري، هـِـند، زَبرو، شولو شوق جاڳايو هو،
گـِـڏِ، گولي، گـِـلي، گاڏو، گهل، گوڙ، گـُـڏي، گاڏو ڳايو هو،
گوهي، گوتو، ڦـَـٽ، ڦيرو، ڦهڪو، ڦيري، ڦٿڪايو هو،
ڦند، ڦوڪو، ڦـُـٽي، ڦٿڪيو، ڦاٿو، ڦـِـرڪو يار ڦاسايو هو،
ڪنگڻي، قابو، ڪـُـٽَ، ڪوڙي، ڪـُـڏ، ڪوڏي، يار ڪرايو هو،
لـِـڪ لڪوٽي، لانگهو، ليو، لـُـڙ، لڪيو، ليڪو، لار لکايو هو،
ليٽڻ، لڙڪيو، لهپ، لٽو، لوگهو، لاٽون لايو هو،
ميڙ، مـُـني، مهل، مٿڙي، متو، مڙهي، مچ ملايو هو،
ميڙهي، موڙي، مستي، ماري، مـِـرچو ماڳ مٽايو هو،
موٽ، مونجهارو، مارُو، مڪڙو، راڻي رَس رَهايو هو،
لوڏو، لوهه، لڌو، لهرو، لامارو، لحظي لعل کٽايو هو،
ناچ، نولي، ناز، نارو، نوٽڻ، نڪو، ناٽ نمايو هو،
ونجهوَٽي، وَڪڙ، وارو، وَرتو، وَنجهه وَرايو هو،
واٽو، ويڻي، وَلر، واڪيو، وِچين، وَنگ ملايو هو،
يڪي،ياري، ٻڌي، ٻهاري، ٻـُـوڪي، ٻـُـڪ ٻولايو هو،
ٻاهريون، بارهو، ٻـِـٽ، ٻلهاڙو، ٻـِـڪي، ٻـَـک، ٻنگَ ٻڌايو هو،
پهتو، پڪڙيو، پينگهه، پنجي، بوٺو، پڪي، پٽي، پڙپـُـلايو هو،
پل، ڍَڪ، پڃري، پور، پڇاڙي، پتو، پلؤ، پان پڪايو هو،
پوڪار، پاسو، پڌري، ڀڄي، ڀڳو، ڀريو، ڀل ڀلايو هو،
ٺريو، ٺـُـلهه، ٺاهه، ڊُڪ، ڊوڙ، ڊاهه، ڍارو، ڍَنگ هلايو هو،
ڍڳي، ڍِڪ، ڍَرو، ڍاريو، ڌوڙيو، ڌڪ ڌَڪايو هو،
چـَـڪ، چنبو، چوٽي، چنبڙيو، چـَـڪـَـر لايو هو،
چونڪ، چيلو، چوپڻ، چرخو، چارو، يار چلايو هو،
چٽي، چوڪي، چلڻ، چڙهي، چيڪل، چنهر چايو هو،
ٽـِـڪي ٽپو، ٽـِـڪ، ٽاهيو، ٽيڪو، ٽـِـلو، ڪشتي، ڪپت ڪاهيو هو،
ڏَڪر، ڏَؤنڪو، ڏائي، ڏَڙهو، ڏنڊ، ڏَهي ڏايو هو،
گـِـڏ، گوڙ، متو، موڙ، ڇن، ڇوڙ، ڇـَـڪو يار ڇڪايو هو،
ڇـِـيهو، ڇـُـٽو، ڇينڀ، ڇڇر، ڇهي، چيڪلي يار چـَـلايو هو،
ڀرڪيو، ڀيرو، ٿڪو، ٿيلهو، ڇـَـڪي يار ڇڪايو هو،
ڳوٽي، ڳارو، ڳنڍي، ڳلي، گهوڙي گهـَـٽ گهمايو هو،
ڏَهلي، ڏَهي، ڏؤنڪو، ڏوري، ڏاوَڻ ڏايو هو،
ڪرڪيٽ، ڪاهيو، مئچ موچاري، فـُـٽ بال يار ڦاسايو هو،
گهيرو، گهمرو، گهوڙي، گهاٽو، ڪوَل يار گهمايو هو،
”لعلڻ“ لکين ٿورا تنهن جا، جنهن رنگي رنگ رَلايو هو.

 

رَڇ

1. رَڇ (رڇن جا نالا): شيشو، پرڻ، اُکري، ڍڪڻ، گهڙي، دلي، مٽ، تاسري، بدنو، لوٽو، دلو، گهگهي، گڏون، گهڙو، ديڳڙو، ڪونڊو، بوتل، طس، موريو، ڪـُـنو، تسري، دٻو، دکي، لاٽ، چؤنري، چـَـرون، ڪونار، ڪونڊي، چـِـمني، بتي، گلاس، وٽو، تئو، ڪوپ، ساسر، دانگي، ڪـِـٽلي، جمني، ڇـَـل، ڪـَـري، حقو، چلم، ڪرمنڊل، ڪـِـستو، ڪـُـپڙي، ٽڀو، ٻهڳڻ، داٻلو، ڪرنڦل، ڪونرو، چلمچي، ٿالهه، ٿالهيون، ڍاڪون، پيالو، ڪٽورو، بالٽي، پاٽ، ننگهه، طباق، ديڳ، ٿالهه، وٽ، ڏيو، تغاري، در (ڪاٺ جا وٽا)، وٽي، چروڙي، ڪاسي، هيل، اکلي، برتن.

2. رڇ جو: تـَـرو، ڀڳو، ڏوهائو.

3. رڇ جي: ڪـَـسَ.

رِڍَ

1. (رِڍَن جا نالا): سسي، گهيٽي.

رسو

1. رسي جو: وَٽُ، ڇيڙو، پاسو، ويچوو، واجهه، پيچ، وَڪڙُ.

2. رسي جي: سيل، واڏَڻ، نوڙي، ڇـِـڪَ، ڪـَـشڻ.

رنگ

1. رنگ (رنگن جا نالا): بڪم، ڪيس، رومان، ڦـِـڪو، رَتو، مڃٺ، چهرو، رتي، ڦيٽڙ، ڦـِـٽو، ڳوڙهو، گهاٽو، ڪچو، پڪو، سائو، سوسنو، سرمائي، ڳاڙهو، گلابي، پيازي، ڪرمچي، ناسي، ڀورو، ڪبوتري، سليٽي، لياري، پيلو، زردو، هيڊو، ڪارو، اَڇو، آسماني، نيرو، موڱي، خاڪي، گـُـلي، پـِـڪ، چـَـٽ، گلالي، پوپٽي، چتونءَ کنڀ، واڱڻائي، ڪيسري، فيروزي، نارنگي، گهرو، ڪاڪريزي.

2. رنگ جو: ٽـِـڪو، دُٻو، دُٻڪو، داغ.

ساز

1. ساز (ساز جا قسم): ستار، بگل، نڙ، شرناءِ، مـُـرلي.

سُٽَ

1. سـُـٽَ جا: جوٽا، چمرَ، ڦـُـندا، سڳا، ڪپڙا، جالنگ، بخيا، پانچا وٽيا، بند، ويڙها، ٻنڌ، ٽنگڙا، واجهه، ٻورا، ٻيڙا.

2. سـُـٽَ جو: تنگُ، جهاٻو، جهوڙو، ٽؤنر، اڳٺ، رسو، نقطو، ڳانو، ڦوڙو، پيٽو، اوب توب، بخيو، ڀرت، سيبو، ٽوپو، ڪنڊڙو، ٽانڪو، ٻاڙييو، جالنگ، رَڇُ، ڀـَـنُ، وَٽُ، مکراڻو، مـُـنڌو، جڻيو، رِيل، ڪپڙو، ڦـُـندڻ، پـَـتو، مـُـهرو، وجهه، بند، ڏورو، ويڙهو، ٻنڌ، ٻورو، ڳوٽو، ڪوڪ.

3. سـُـٽَ جون: پوڻيون، اولهون، ڏهيون، مهارون، گهـُـنڊيون، سڳيون، ڄاريون، چوٽيون، ڳـِـٽيون، ڳوٽيون، سيليون، واڳون، ٻوريون، پٽهاڙون، پيڙهيون، ويڙهيون.

4. سـُـٽَ جي: ويڙهي، ڏوري، سڳي، تاڃي، اُميري، ڳنڍ، کيل، اوٽي، ڄار، سـُـبي، گهنڊي، موڙ، انڌاري، ڦاهي، ڦاسي، سـِـرڪڻ، واڏَڻ، نواڙ، چندي، ڪـُـڙهي، مهارَ،  رَکڙي، گولي، تارَ، تند، رسي، وٽ، ٻوري، کاهي، ڪهي، لوئي، ٽـُـٽي.

سج

1. سج جو: ڪاڙهو، پاڇو.

2. سج جي: تپت، گرمي، اُس، پوڇاڙي، منجهند، اڳ، اڳين.

سڏ

1. سڏ جو: هو، او، هوهو، هيڏي، ها، نه، هائو.

2. سڏ جي: ريهه، چيهه، هڪل، رَڙِ.

سِڪ

1. سِڪ جو: ڀاڪر، پيار، سڏ، فراق.

2. سِڪ جي: ڳراٽي، چـُـمي.

سُمهڻ

1. سُمهڻ جو: کٽولو، هنڌ، وهاڻو.

2. سُمهڻ جي: منجي، اَوکي، ڏُکي، سوَڙ، پٿراڻي.

سنج (ساز)

1. سنج (سنجن جا نالا): پاکڙو، ٿڙهو، تلُ، گادي، هـَـنو، جهـُـل، سيلهي، آٿر، اڪـُـنر، گاشو، رڪيب، ڳاني، پٽهڙ.

2. سنج (اُٺن) جو بيت *

خان ڪڍي خيريت سان، ڪاهي هليا قطار،
گاديون، آٿر، گورَن جا، کڻي آيا کلڪار،
پلڻَ، پاکڙا پـُـٺن تي، سماج رَکن سلڪارَ،
نڪَ، ناڪيليون، نختا، هئي مـُـڇي، محبت مهار،
دليلون تن دِلبرن کي، اندر ڪن آزار،
چمرَ، چڻڪ چانگن کي، چابڪ جي چونگارَ،
پـُـڇنڊَ تن پيارَن جا، گوهرَ گوُندَن جي گلزار،
نيڪ والاَ نڪَ ۾، سونا وِجهن سينگارَ،
ڪشا، تنگ، ڪيچين ڀريا، خانن رکي خارَ،
ڳانا سونهن ڳچيءَ ۾، سهليون سڻ ستارَ،
گهنگهرا، ٽـَـليون گوڏن ۾، ڇيرن ڪئي ڇمڪارَ،
گاشا تن تي گهوٽن وڌا، جهـُـلَ، جاما جـُـلفيدارَ،
ڪـَـشڻا ڪڍي ڪنواٽ ڪيائون، تازي تيغ تيار،
مڙهي موتي محبوب سين، دُوال وجهن دلدارَ،
رکي پير رڪيبن ۾، خان چڙهيا خوشيارَ،
 بـُـغدِي اُٿيا بوريون ڏيئي، ڍاٽي ڪري ڍِلڪارَ،
”باغ محمد“ ڏاڍي بدن کي، تازن وڻي تنوارَ،
مهاري هليا منزل ڪڍي، عجب آڻي اوڳارَ،
سنجهي نڪتا سـُـڃ ڪري، ڀنڀور جي بازارَ،
چرڪاءُ ٻڌي چانگهن جو، سسئي ٿي نه سارَ،
پڙهي ڪلمي پـَـچار، اُٿي سا اَسورَ جي.

 

سڻڀ

1. سڻڀ جون: نـِـچوئيون، لوٽيون، ٽپريون.

2. سڻڀ جي: چڪنائي، لوٽي.

سوداگر

1. سوداگر (سوداگرن جا قسم): ڌڻي، واپاري، وڻجارو.

2. سوداگر جو: سودو، واپار، وڻج، سـَـٽو، ڀاڳ.

3. سوداگر جي: ساعت، قسمت، مهل.

سودو

1. سودو (سودي جا قسم): سـَـٽيو، مٽيو، واريو، ڪيو، موٽايو.

سونهن

1. سونهن جا: جلوا، تجلا، سهڻا، چاڳ.

2. سونهن جو: جوڀن، جلوو، حـُـسن، ديد، تجلو، جهرڪو، گهنڊ، هار، سينگار، ناز، مـَـرڪڻ، مـُـرڪڻ، فخر، سهڻو، ڀورل.

3. سونهن جون: گهورون، تصويرون، مـُـرڪون، مورتون.

4. سونهن جي: سهڻي، تصوير، تعريف، مورت، مـُـرڪ، وَهي، نزاڪت.

سيد

1. سيد جو: دين، ڌاڳو، پاراتو، معجزو.

2. سيد جي: پـِـٽ، دعا، ذات.

سيءُ

1. سيءَ جو: پارو، ساڙو، ٻاريو.

2. سيءَ جو: سردي، ٿڌ، ڏڪڻي، اوڍڻي.

شاهوڪار

1. شاهوڪار جو: رعب، ٺٺ، عيش.

2. شاهوڪار جي: کوٽ، سچائي، يادگيري، هائوڪار، نه.

شهر

1. شهر (شهرن جا نالا): ڪڪراڙو، ڀـُـڄ، پورب، پڇم، لکپت، ملير، گجرات، واڳڙ، وِڳهه، وَنگي، وَلاسو، مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو، نارو ڍورو، ٻهڊمي، ڪڍڻ، سيراڻيون، لنواري، رڻ، رحمڪي بازار، مانڌر، نندو شهر، ٽنڊوباگو،ننگرپارڪر، ڪرناٽڪ، ڪلڪتو، اجمير، مياڻي، مهدپور، مدڪي، مالوا، مدراس، پونو، پاليهه، پٿرا، پشاور، پالهڻپور، سچارا، سن، سجاول، سيکارا، سيکاٽ، جاتي، ميرپوربٺورو، جهوناڳڙهه، مڪلي، ٺٽو، جده، مينا، عرفات، مڪـ، مدينــﮧ، عدن، بغداد، ملتان، ميرٺ، مرادآباد، ڪابل، قنڌار، اُجين، اوڙيسا، الور، آگرهه، ابوحسن، اورنگ آباد، اَرني، آسام، الهه آباد، اٽڪ، اُونچل، اُلڪو، منهوڙو، ميهڙ، ملبار، ميسور، شورو، جيپور، جلال آباد، جاوا، جيمس آباد، يمن، ڊاڪا، فيروزپور، فتحپور، لڪي، لاڙڪاڻو، لاهور، لکنو، لاکاٽ، پلاسي، چتور، ننگر، بوبڪ، بلڙي، ڀڳو ٺوڙهو، مانجهند، نصرپور، نوابشاهه، نيرون ڪوٽ، ناگپور، غور، گنبٽ، بصرو، دوفان، راڻيپور، رڙي، رتن، راڌڻ، رامپور، بدين، پرولشاري، تلهار، پلهه، ماتلي، ٽنڊومحمد خان، کٿڙ، هوسڙي، حيدرآباد، ڏيٿڪي، الهڏنو ساند، پليجاڻي، اڏيرولعل، هالا، ڀٽ شاهه، سڪرنڊ، ٽنڊو آدم، شهدادپور، لنڊو، ڪوٽڙي، جهمپير، منگهوپير، داٻيجي، رڻپٽاڻي، ڊرگ روڊ، ڪراچي، فيض آباد، گانگهرا، بهاولپور،، ڀنڀور، ٿٻيٽ، خانڳڙهه، ڪلاچ، قهري، ڪيٽي بندر، ڪوئٽيا، ملوڪپور، ميرواهه گورچاڻي، جمڙائو،  جهڏو گدام، جنگشاهي، شادي پلي، سمچي، سمرقند، سکر، ڏيڙاڻ، ياسين، دمشق، خراسان، خدا آباد، راول گڍ، طور، تاتار، زنده پير، ڪاشي، دکن، اسلام ڪوٽ، نبيسر، دادو، جوهي، ديرو غازي خان، ٺل، برهمڻ آباد، پٽيالا، چنبڙ، ٽنڊوالهيار، شاهه يقيق، ڳڙهي، جهوڪ، ڄام شورو، گهليون، گهوٽاڻا، لهور، ملاڪاتيار، ٽکڙ، گدوبندر، مٽياريون، سيوهڻ، تاجپور، شاهپور، هالا پراڻا، خانوٺ، کنڊو، ميرپورخاص، روهڙي، سرحد، دولهه لعل، رنگون، ڇوڙ، شڪارپور، حيدرآباد دکن، ڪرتارپور، نوشهرو، خيرپور،ٿيرٿ، راڌڻپور، جيڪب آباد، سلطان شاهه، امرتسر، دولتپور، مورو، ٺارو شاهه، بڪار، کاهڙ، ڪنڊيارو، هالاڻي، لقاپور، سيري، ٽوري، ساندڪي، ٻيراني، فتح باغ، جوڻ، بدين، ڪرناڻيون، ڪڙيو گهنور، ڪاڪڙيجي، ڪاٺٻانڀڻ، ڍنڍي، ڍٽ،گرنار، کاکڙ، ڪولهاپور، مولارڙي، ميهڙ، نغار، منگر، ڦرڪارا، گلاب لغاري، بمبئي، ماباڻا، ملو حسن، ميون ڪريم، گهوڙا ٻاري، رپ، وِڍ، بٺورو، هنگلاج، جهوڪ، جهالار، جهرڪ، مياڻي، پانچي، دڦري، چرخ، مڇهري، ٽنڊو غلام حيدر، دٻهڙو،حاجي سانوڻ،ٺري، گڏهه پوٺو، گونگاڏاهه، ڪاڪ، ڪلوئي، ڪامارو شريف، بلغار، ڊگڙي، کڏهڙو، سماواتي، نصيرخان مدواڻي، هاليجاڻي، نظرپور، وسي ملوڪ شاهه، ملهڻ، بيگپور، نانگو شاهه، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو قيصر، بنگال، راڄو نظاماڻي، باقر خان، خيرو بوزدار، ٻاگهلي، ڪامروپ ديس، جيسلمير، اگهاماڻو، اڌڙي، گهلپور، لکڻ، ڦٽو، سينڊي، سرهاري، احمدآباد، جاجهڪ، ساڻيهه، ڪوٽ ڏيجي، آراضي، امن، ماڏو، گـُـڏيجي پـَـٽُ، ڀريجي، عاقل، لـُـڪ، گهوٽڪي، سارڻ، سامارو، وٽيجي، ساريجي،خداداد، سوراهي، جهلي، پٽيجي، اگهاماڻي، ڪوپر، بيراهه، انيراءُ، جهنگ سيال، جيلان، چرچل،اٿيڪا، ڀانڊو، ڊَڪَ، ڇـَـني، ڇنو، اُڪ، ڪائي، موندر، ٽنڊومستي، بکر، ڪڍڻ، حضورَ، ماڙي، ونهيرو، گڙڪي، استنبول، اُڀ، ونگي، تڪيو، جيسر، چڪ، ڍانگار، گرنار، چري، اوچل، اروڙ، غزني، پاري ننگر.

2. شهر جا: در، رستا، لنگهه، دُڪان، هٽَ، وڻج، واپار، منگهه.

3. شهر جو: پاڙو، ويڙهو، دنگ، ڪس، ڏَس، پتو، محلو.

4. شهر جون: لاهيون، چاڙهيون، ڇتيون، ڀتيون، ڀيڻيون، گهٽيون، ڪوٺيون.

5. شهر جي: ڇـِـني، ڀيڻي، ڇاپ (شاپ)، ايراضي، هـَـٽي، ڀـِـت، گهٽي، بازار، ماڙي، حويلي، دَهلي.

6. شهر جا بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار چوان،
اچي اُوچل ڪوٽ تي، ٿيا حال مٿي حيران،
جاجڪ جهوناڳڙهه تي، تند وڄائي تان،
گاروڙي گرنار ۾، تخت وڏا طولان،
حسن حسين حمايت ميڏي، ڪربلا ميدان،
هـُـنن هنڌ حضور ۾، حورون ٿيون حيران،
اڀو، لـَـمو، آسرو، ڦٽو، عشق پچائي مجنون ٿيو ملڪان،
مـَـڪو ۽ ملتان، ملڪ مدينو تن جو.

مـُـلڪ مدينو تن جو، ڪابل، قنڌار ۽ ڪشمير،
جـِـدي، بصري، جيسلمير کان، هليا حاجي، حج حمير،
بهشت بنائي بازرُون، آهي صاحب پاڻ سڌير،
مشرق، مغرب، عرفات تي، نيلون، پسجن نير،
محمد ڄام امير، لاهه لکون تون ”لعلڻ“ چئي.

لاهه لکون سڀ لعلڻ تؤن، صاحب رب سبحان،
ايران، عراق، امبراس، دهلي، دکن، پورب پڇم، ڪڇ، ڀڄ، مٿي ڪستان،
لنڊن، ڪلڪتو، بمبئي،ڪوڪن، ڪشمور، سوي، ڍاڍر، سهواڻ،
سري، سکر، بکر، ٿر، بر، بحر، لڪي، ڏونگر، ٽڪر، جبل،
                                        برپٽ، بيابان،
چين سر زمين اوڙڪ، ڇاڇرو ڇيهه نڌان،
راضي رب رحمان، لاهه لکون تون ”لعلڻ“ چئي برهه وڏي بازار لڳي،
اَبڙو واهه، ولايت مٿي، چمن گهڻي چوڌار لڳي،
ٻاهڙ مير بنگالو، مصر گهڻي موچار لڳي،
شملا، شام، تمام آرام گهڻو، ظلمات زَبر اظهار لڳي،
لبريز، تبريز، شيراز، ڪرمان، تبت، سورت جا سردار لڳي،
چين، ڪوچين، ماچين، چين، جنگالو، جاوا، جندجرار لڳي،
لطف ڪجــــان تون ”لعلڻ“ تـــي، جو تنهنجي تند تنوار لڳي.


ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن پيدا ڪيا ڪل پير،
ميرپور، ماٿيلو، مناهجا، مندر، ماڙي گڏ ملير،
معراج، مانڪي، مانجهند، گهنڊتر، مٺياڻي، ميهڙ، مقصودو مير،
گهلو، گهوٽاڻا،گهوٽڪي، گهنڊتڙ، گهاڙي، گهوڙا ٻاري گهير،
سکپور، سـَـن، ساوڙي، ساڪرو، سکر، سيکاٽ سڌير،
ڪياماڙي، ڪراچي، ڪوٽڙي، ڪنب، ڪاليج، ڪير،
ڀـِـٽ، ڀاڻوجا، ڀاڳناڙي، ڀاناڻو، ڀاڻوٺ، ڀٽاپور، ڀرڪيو پير،
عمرڪوٽ، آگرو، عربستان، عامري، عليپور امير،
افرنگ، اُڏيرو، آگرو، پنو عاقل، آبڙي اڪسير،
اَڪڙي، اُٻاوڙو، اجمير، عربستان، اِستنبول، انير،
ٻاهڙ مير، بڙودو، ٻاوري، ٻانو، لسٻيلو، لکمير،
لنڊن، لاڙڪاڻو، لاکاٽ، لڪياري، لاهوت، لوٽ فقير،
بر، بيابان، بٺورو، بيلجم، بابل، بندر، باگو، بلوچستان بهير،
سـُـئي، قنڌار، ساڏور، ساڱرو، فارموسا، سڊني، سڌير،
ساجنا، سمير، فقير، ٻڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي.

سـِـلون، سامارو، سنا سرا چاسن، ساوڙي دنگ،
سلم، سيوَل، سريان، سمرقند، سينگاپور ست رنگ،
سالارو، ستپڙي، سڪرنڊ، سموسٽو، سدا واهه، سارنگ،
سانگهڙ، ساڏوُر، سنجهورو، ساڏوڻي سؤ رنگ،
سرنديپ، سڳارو، سيوهڻ، سيٺارجا، سروڙي، سيوستان سنگ،
سـُـهليو، سمونڊ، سکپور، سيکاٽ، صدر، سرهاري سڀ رنگ،
ساڪرو، سيوستان، سفرنگ، لاهه لکون سڀ ”لعلڻ“ چئي.

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب سبحان،
لقمان، لياري، لاهوت، لقاپور، لودريا، لاکڙو لسان،
خانپور، خراسان، ختنگ، کاهي، کرڙو، خيبر ٿيو خفقان،
دَم دلوراءِ، ديرو، دلور، دادو، جنگشاهي جان،
ڪلڪتو، ڪاٺڙي، پاڪستان، ڪرقائم هادي پاڻ هٿن سان،
کيرٿر، کاهڙ، کٽياڻ، خواجا اجمير، کاڻ،کري، کنڊو کرڪان،
اِصفهان،اَڪڙي، اِٽلي، احمدآباد، عدن، دڙي سا دوران،
انگلنڊ، انڊيا،اِستنبول، پنوعاقل، اڀ آسمان،
اگهاماڻي، اُٻاوڙو، اوڙڪ آمري، اول اڳرو مان،
بورنيو، بڙودو، باڪو، برما، بهار، بهاولپور، بنارس بان،
بيڪانير، بدايون، باطوم، باڊهه، برما، بولاخان ٿاڻو ٿان،
بکرو، بيگماجي، بصرو، بـُـلغار، بدين، بوبڪ ٿيو بستان،
بـَـٺو، بهاولپور، باگو، بابـُـل، بنارس، بدر ٿيو باران،
صاحب تون سلطان، ٻڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي.

طـُـور، تبريز، تـَـلو تڙ، تلهار، تاش، تـُـرڪي تارهن تان،
هالا، حيدرآباد، هاڪڙو، هالاڻي،  هوسڙي لاکاٽي لـِـسان،
کاڻوٽ، کروڙِي، کورواهه، کنڀات، گنگا آهي گيان،
جوهي، جبروت، جوڌپور، جکرا، جاتي جاڙي ڪان،
جيڪب آباد، جيلجي، جيمس، جنگالو، جاوا، جيهوپير جوان،
هاڙهو، هرمز، هانگ ڪانگ، هنگلاج، اُچ، تاجپور حيران،
خيرپور، خيوا، خارطوم، خراسان، خيبر ٻيو خاقان،
دمشق، دائر، دالڙيو، دولتپور، دالي، داڄل دان،
دلودارُو، دلوراءِ، داڙو، دهلي، دَم، دَڀرو دان،
دنگ، دادواهي، ديرو، دکن، ڌامرکي، ڌامراهه ڌيان،
رَشيا، رُوم، راڄنپور، روپاهه، رڙي، راوي ڪيان،
راڌڻ، ريمس، رتوديرو، روپي،رگبي، رنگپور، روهڙي رتان،
راڻيپور، رنگون، راولپنڊي، روهه، رتنا، رڪڻ ڪان،
روجهاڻ، ريوند، راهو، رياست، ارم ڪوٽ، ايران،
شـَـملو، شام، شاهپور، شڪاگو، شهدادڪوٽ شان،
شورواهه، شيراڻي، شيراز، شاديپلي، شعبان،
غازي گهاٽ، غزني، غار، غرق، غنچو، گدوبندر گيان،
صاحب تون سلطان، ٻڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي.

ٻڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي، تون پاڪ ڌڻي پرور،
قنبر، ڪنگري، ڪنڊيارو، قسطنطنيـہ، ڪانگ ڪسر،
ڪامارو، ڪين، قلات، ڪلياري، ڪيٽي، ڪرمان، قيصر،
ڪولمبو، ڪاشي، ڪاشڳڙي، ڪاڪ، ڪنڊياري، ڪوهه ڪاف ڪثر،
ڪنب ليما، ڪنڊڙي، ڪيان،ڪٽهڙو، ڪوئٽيا،ڪاڇوڪڇي ڪر،
لانڍي، لقاپور، لنڊو، لکنو، لسٻيلو، لودريا، لانڊر،
لاکاٽ، لنڪا، لياري، لڙهي، لڪي، لعل سڌر،
لعلوڪوٽ، لبريز، لکپت، لاکڙو، ليلاپور، ليانر،
لقمان، لاهور، لـِـهور، لاکاروڊ، ڪراچي، ڪانڃر،
پاڪ ڌڻي پرور، ڏي تون پاند پناهه جو.

ڏي تون پاند پناهه جو، ڪر صاحب رب سڌر،
منگهو، مسرج، مـِـستي، منهوڙو، مشرق،مغرب آهي مير مشر،
مقصودو، مدينو، ملدسي، مڪو، ملتان، مصر،
محرابپور، مستي، ماڇڪي، مناهجا، ماسڪو، متهلو، ماڃر،
لاهه لکون سڀ ”لعلڻ“ چئي، پاڪ ڀلارا پير،
کيرٿر، کرولي، کنڊُو، کيسانو، کاهي، ڪشمير،
کورواهه، کڏڙو، کٿو، کماڻ، کرڙو، مشقط مير،
کڏهر، کاڻوٺ، کارو کاهڙ، کٽياڻ کٿوري کير،
کـَـري، خواجه اجمير، کنڀاٽ، خيرپور، کپرو، خيبر ۽ جهمپير،
پـَـڊ، پنجاب، پليجا، پلهه، پورب، پاتڻي، پهاڙي پنير،
گجرات، گسري، گروڙ، گنگا، گرنار، گملٽ، گل نير،
گهلپور، گرائي، غزني، گنجو، ڏونگر، گچيرو گوڏير،
گنگو، ٿر، گاهياڻي، گاجراه، گوني، گوگهاروگلستان، گاج گل مير،
گلاب، گيپاٽ، گودڙيو، گلبرگ بشير،
موٽ محمد مير، لاهه لکون سڀ ”لعلڻ“ چئي.

قمبر، ڪلڪ، ڪميجا، ڪڙُونڊي ڀنڀور ۾ بشير،
تخت هزارو، تـُـوران، تـُـهران، طورسينا، تڙ تلاهي تير،
هلاڻي، ڀيلاڻي، هـُـوسڙي، هٽڙي هير،
پريتم آباد، پٿورو، پهاڙي، پڪو پسايا پير،
پلهه، پاٽ، پونو، پاپوڙا، پاٽايون پن چير،
آئرلئنڊ، اِنگلنڊ، فرانس، برطانيه، اسپين، پينگهارو پير،
پٽ، پشاور، امرتسر، سري نگر، سملا، پانڊيچري،
چمن، چڪچوٽي، چنبڙ،انڊوچائنا، ٿٻيٽ، لاسا، مدراسي مير،
صاحب پاڻ سڌير، لاهه لکون سڀ ”لعلڻ“ چئي.

چئينچل، چرولي، چٽگانگ، چمن، چائنا، چناهه،
چمڙو، ڇانڊڻ، ڇاوڻي، ڇوريار، پنجاب پناهه،
ڍٽ، ڍينگو، ڊڀڙو، ڊورد، ٺوڙڪي، ٺارو شاهه،
نوپور، نوشهرو، نقر، نصيرآباد، نجومي ناهه،
گهنڊٿر،گهاڙي،گهلو،گهوٽاڻا،گهوٽڪي،گهارو،ارم ڪوٽ، اوڙاهه،
ڀاڳناڙي، ڀڙو، ڀاناڻي، ڀڳو ٽوڙهو، ڀاڇي ڀرڪيو شاهه،
ٺٽو، ٺارو شاهه، ٺل، ڏوڻ، ڏيٿڪي، ڏيپلو، ڏاهه،
ڏوڪري، ناروي، سئيڊن، ڪرسچئنا، سائبيريا، اُرگا آهه،
ڏيئي تون پير پناهه، لاهه لکون سڀ “لعلڻ” چئي.

لاهه لکون سڀ “لعلڻ” چئي، صاحب رب ستار،
آفريڪا، آمريڪا، ڪوريا، سيول، ارڪوٽسڪ اظهار،
منگوليا، منچوريا، مڪڊن، ماهي، ٽوڪيو، پانڊيچري پار،
بئنگڪاڪ، برما، دمشق، ريول، بغداد، بـَـڪرسيٽ بهار،
اٽلي، روم، آسٽريليا، اَلبينيا، اٿينس اظهار،
بڊاپيسٽ، بروسيلس، بيلجم، لزبن سوفايا کي سار،
برلن، ولنا، ڊبلن، پئرس، پولنڊ، هالنڊ، گهم هيڪار،
ناروي، نانگپور، گاروي، گرينوچ، ڊربي، ڊومن ڌار،
ڪرائڊن، ڪاونيٽري، ليڊس، ونڊسر، برسٽل بازار،
اومسڪ، ٽومسڪ، اردن، افغانستان، سائگان، برار،
ڪولمبو، ڪوريا، ڪاڪيزيا، ڪنتون، ڪاشڳڙهه، قنڌار،
سـِـريا، سريننگر، سمرنا، مشهد، طـُـوس ۽ تاتار،
ميسور، ميسوپوٽيما، مدراس، مراد آباد، بنارس ٻئي ڌار،
جيپور، جوڌپور، مـُـوصل، مالوا، منيلا، اوساڪا، هردوار،
ڪوبي، ڪيوٽو، پاٽنا، پئلسٽائين، بـُـخارا، بـَـلخ، بـُـلغار،
فرانس، فلسطين، ريول، ماسڪو ۽ ملبار،
ڪريفيلڊ، ڪمنٽز، نئنٽر، ليانز، للي، ماهي، يانم يار،
مارسيلز، ميـُـونچ، ڪئلي، هئور، وينس، سوفايا سار،
بلگيريا، بيلگريڊ، بيل، بـَـرن، نيپلس، اِٽلي جو آڌار،
رومُ، رومانيا، ريڊنگ، ليڊس، گيمبيا ٿيو گلزار،
ڪرم ڪري ڪلتار، لاهه لکون سڀ ”لعلڻ“ چئي.

 

(3)

ولايتون  ساري ملڪ ۾ آهن سوين سربسر،
پر هتي لکان ٿو ٿورڙيون، ڪجهه مذڪور مختصر:
سملا، بنگال، سورت، ڪشمور، ڪولاپور،
دهلي، دکن، بمبئي، جاوا، جهوناڳڙ،
برٽش، بڙدو (پڇم) پونـُـو، پالڻپور،
گـُـوا، اجمير، گجرات، گهاڻيرا، سقيم سينگاپور،
ڪڇ ڀـُـنڄ، ڪوئٽيا، ڪلڪتو، ڪوچين، ڪانپور،
ملتان، مڪو، مدينو، عربستان انور،
بدر، جدو، ڪربلا، عرفات ۽ خيبر،
جنيند، جنجيرا، ناڀا، لنڊڻ، لقاپور،
استنبول، امريڪا، پالهي، پشاور،
ڀوپال، ڀڙوچ، ميرٺ، آسام، امرتسر،
ٽانڪ، ڄمون،سانوَ، تنواري، سيروهي، سوندر،
پاٽيو، پوڪرڻ، پالڪر، جالور، جوڌپور،
راجپوتانا، رامپور، ناسڪ ۽ نيڙ،
ڪينانوڙ، ڪوچبهار، لکپت، لائلپور،
روس، رنگون، اِٽلي، انگلينڊ، اڌيپور،
مارواڙ، ماهي، مروڙا، واڳڙ، روم، مصر،
پاٽنا، پڇم، پشاور، شام شراونپور،
هنگلاج، هوڙا، آگره، سانگهڙ، ستاور،
ايلور، فرانس، هبلي، ماڙ، منيپور،
سيڪم، سلون، بيلجم، نينيتال، ناگپور،
ديسا، دارجيلنگ، يانم، بيجاپور،
نيمڪ، ٽرچناپولي، جاڻور، جيپور،
اوٽاڪمند، المورا، والهوٽ، واڳڙ،
برما، بهار، اوڙيسا، سيالڪوٽ، صدر،
رتناگري، الهه آباد، مدراس، ماڻڪپور،
بيڪانير، بنارس، ڪاشي، ڌارواڙ ۽ ٿر،
گـُـوا، ڊمن، ڊبـُـو، ايشياکنڊ اتر،
انبال، افريڪا، پنج محل، بيلگام، بهاولپور،
اجمير، ابـُـو، احمدننگر، خوش رياست خيرپور،
ڪابول، قنڌار، ڪولاپور، راڌڻ، رائپور،
افغانستان، نيپال، بئنگلور، برار برابر،
سي سڀئي سراسر، پر ولايتون نه پوريون ٿيون.

پر اڃان به ولايتن جا، ٿا ماڻهو ڪن بيان،
ڪاٺياواڙ، ڪانيرا، برٽش، بلوچستان،
چندرننگر، پانڊيچري، پنجاب ۽ ڀوتان،
ڪشمير ڪي ڪوفو، اورنگ، مايزدان،
لاهور، چين، بصرو، کيرا، خراسان،
مٺڻ ڪوٽ، ميسور، مرزانپور، ملتان،
وونڪٽ، ترڪستان، جبلپور، جپان،
شولاپور، هرات، هئورا، احمد آباد، ايران،
سنبل، ۽ سيرام پور، نظام، باگرجستان،
تاشقند، سمرقند، يمن ۽ يونان،
ارم، عدن، جمشيدپور، جيسور، اصفهان،
يورپ، حبش، راولپنڊي، لکنؤ ۽ لابان،
ڪوڪن، فرات، دجله، تاتار ۽ توران،
بلخ، بخارا، عراق، قاف، داگستان،
ساڏور، سمگان، جرمنين جو جهان،
”اميد علي“ منجهه پاڪستان، قصا ڪندو ڪيترا.

 

عرضُ

1. عرض جو: حال، مـُـدو، سوال.

2. عرض جي: صدا، منٿ، ميڙ.

عشق

1. عشق جو: وڇوڙو، فراق، ميلاپ، وصل، صدمو، ڌَڪُ.

2. عشق جي: سڪ، جدائي، محبت، گڏجاڻي، چوٽَ.

عضوو

1. عضوو (عضون جا نالا): کٻو، سڄو، ڇپر، ڳل، ڳچي، چـُـرُون، ڪلي، نرو، ٿڻ، کـُـڙي، ڪـَـڇ، تـِـري، اکيون، ڌڙ، هينئون، چشم، گـَـلو، ڏونرو، زبان، ڳــريو، پـِـني، تارُون، سرِي، ڍاڪ، مـُـنهن، بازُو، مرَهي، پير، هٿ، تن، پاسو، مٿو، پاپڙي، ڪلهو، مـُـريو.

2. عضوي جا: ڀاڪر، ڏولها، پاسا، ڏونرا، سلام، اشارا، وارَ، سورنهن سينگار.

3. عضوي جو: هٿ، پير، مـُـنهن، نڪ، ڀاڪر، ننهن، پاسو، چميو، ڏونرو، سنڌ، ناٽڪو، جسم، ساهه، پـِـتو، هـَـڏُ، ماس، گلو، کاڌو، پيتو، هاضمو، چـَـم، واريو، اُڇلايو، هنيو، ڌڪ، سڻيو، سمجهيو، سهي ڪيو، ڳالهايو، چکيو، عيب، عقل، ڌيان، لـُـٽڪو، لـِـيو، لياڪو، لب، قلب، مـُـکڙو، لـَـٽڪو، چٽڪو، سينگار، ادب حيا، لوڀ، موهه، ڪام ڪروڌ، شرم، ڀرم، وَهم، چرون، ٻـُـڪ، آرس، گوگهرو، دگران، دوران، پهلوان، ديد، پوريل، پٽيل، تارو، ڇپر، تـُـنرو، سرمون، ڪجل، ڀنجر، ڏوڏو، اٿيل، اهنڪار.

4. عضوي جي: لت، مڪ، هنج، نـَـس، نار، هلت، چلت، لوڇ پوڇ، لـُـڪي، شڪل، شباهت، پيشاني، صورت، مورت، لـِـڇَ، نـِـڇَ، لـڄ ليهه، طمع، هٻڇ، هـِـڪي، هڏڪي اُٻاسي، کل، خوشي، ماچ، ٿولهه، اڀرائي، سڀرائي، سورهيائي، جانٺائي، همت، ماڻڪي، وَٽ، ڇنڀ، پنبڻي.

5. عضوي جون: ڪليون، چـُـرون، حرڪتون.

6. عضوي جا بيت·

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
آڱر، آڱوٺا، اُرَهه، اکيون اَبـُـرو، اوجهري، آنڊا ڌار چوان،
آرس، عين، اُبتو، اُکري، اَنگڙائي، اَسو ڌار چوان،
بـَـدن، بـُـڪي، بيني، بازو، بـُـت، بوتو، بار چوان،
بغل، بـُـبو، بوسو، بـَـڊي، ڀـَـڀر، بـُـجو سو بيڪار چوان،
ٻاچو، ٻيٽا، ٻنڊڻ، ٻيڙو، ٻوٿ، ٻچا، ٻانهون، ٻنڌي، ٻـُـڪ يار چوان،
پڃرا، پـُـٺا، پـِـستا، پني پـِـرهه، پيشاني، پاپڙي، پردو پار چوان،
پـَـٻ، پير، پاسريون، پـِـتو، پيٽ، پـِـنڊو، پلتار چوان،
ڀاڪر، ڀونڊو، پنبڻ، پڙپي، چيتو، چرٻي ڌار چوان،
تـَـري، تـِـلي، تـَـنو، تـُـنرو، تارو، تـُـنبو، تارون ڌار چوان،
ٺونٺ، ٺونگا، ٺوڙهه، ٺنڀي، ٽوٽڻ، ٽپڻ، ٽيڙا، ٽنگ ڌار چوان،
ٿـَـڻ، ٿـُـئا، ٿـُـڏا، ٿنڀا، ٽـِـڪ، چونڪ، چشم چوڌار چوان،
ڦوٽو، ڦڻي، ڦـُـلو، ڦوڪي، ڦڦڙ، ڦيهي، ڦر ڌار چوان،
گرانٺ، گـَـلو، گردن، گوڏا، گنجا، روڏا، وار، گينوار چوان،
گوش گوشني، ههوهنجهي، دُڏ، دوڏا، ريڙها رمزدار چوان،
ڳل،ڳراٽي، ڳـِـٽا، ڳوڙها، ٻيو ڳاٽا، گيسي، گار چوان،
ڳچي، ڳڀيرڻ، ڳـِـڍڙي، ڳرو، ڳوڪو، چـَـپ، چنبا، چـُـڪ ڌار چوان،
کين،کاڏي، کولي، کـُـچ، کـُـڙي، کينڀڙاٽي، کـَـل، کيسا، کـُـر ڌار چوان،
کاڏي، کٻو، کـُـڙي، کيسا، تون کول آڙي اظهار چوان،
دل، دماغ، دست، دُنڙ، دَڙها، دَڦوڙا، ديد،ويکا ديدار چوان،
ڌڙ، ڌِڱ، ڏائو، ڏؤنرا، ڏيڏر، ڏوڏو، ڏاٺون ڌار چوان،
ڏُڪا، ڏوراٺي، ڏاڙهي، ڏندڙا، ڏُڪا، ڏار آڌار چوان،
ڍڍرِي، ڊُول، ڍاڪون، ڍاري،ڇـِـڪي،ڇونٽي،ڇوڙا يار چوان،
ڍاڪون، ڍونگري، ڌِڱ، ڌڙڪي، ساهه، سندو سينگار چوان،
جيءُ، جـُـسو، جند، جان، جگر، جيرو، جمال، جوٽا جنسار چوان،
جوهه، جوٽڻين، جذبو، جوڙي، حـُـسن، همت ڌار چوان،
ڄاڙي، ڄنگهون، ڄڀ، ڄيراٽي، کـِـل، کٻو، ٻـُـڪ ڌار چوان،
چيلهه، چونڪ، چـُـرون، چهنڊي، چـَـپٽي، چـَـڪ، چنبا، چـُـڪ ڌار چوان،
ڇـِـڪي، ڇپ، ته ٻنڌي، ٻراڙي، ڇالي، ڇتڙا، ڌار چوان،
روهه، رڳون، رت، ران، رلائي، رمز رقيبي، رخسار چوان،
زنخ، زور، زباني، زلف، زيرا، زيرانڊي، جيرا يار چوان،
مٿو، مغز، مونا، مـِـٽون، مرهي، ماڻڪي، مڪ مهار چوان،
مـُـٺيون،مـُـنڍي،مـُـريو،مثانو، مڻڪو، مـُـڇون، مچ ڌار چوان،
ناسون، نڪ، ته نريون، ناڙي، ٻيو نرگهٽ، ناڙو، نار چوان،
نظر، نـَـرو، ننهن، نهائين، نـِـڙي، نـَـلو، نـُـور نراڙ چوان،
لوهو لکيو لب، ته لوڻا، لوندڙي، لاشو سو لاچار چوان،
لوڙهه، لـُـڪي، لپون، لتون، لڙڪا، لـِـڱ لڪدار چوان،
لينگهو، لپاٽ، مور مقعد، معدو، مـِـٺيون، مـُـنهن ڌار چوان،
قلم، قلب، ڪـَـڇون، ڪـُـلها، ڪـَـن، ڪاپار چوان،
ڪنڌ، ڪرايون، ڪوڙا، ڪاڪڙا، ڪاڪل ڪيس قرار چوان،
ڪمر، ڪنڊو، کوپري، ڪڙهه، ڪڏو، قدم ڪار چوان،
سـِـري سـِـسو، سينو ساهي، سانگهڙي، سـَـٿر ڌار چوان،
سائو، سبتو، سڄو، سينڌ، سنڌو، سنڌ سارِ چوان،
شدت، شوق، شهد، جـُـڳائي، شولو، بشيهر، ڪارا وار چوان،
هينئون، هوش حيا، هٿ سارو، حلق اُتي هڪوار چوان،
هوڙهه، هڙٻاٺي، حشمت، هوڏ، هـَـڏي، هوشيار چوان،
لطف ڪجان تون ”لعلڻ“ چئي، ڪلمون قلب قرار چوان.

 

(2)

صفت ڪجي سبحان جي، ذوق منجهان ظاهر،
آگي اپايا آدمي، ماڻهو، جن، بشر،
ڏنئين عضوا انهن کي ثابت سراسر،
مـُـنهن، مٿو ۽ اکيون، بيني برابر،
پنبڻ، ونيون، ماڻڪيون، ڀـِـروُن ۽ ڇپر،
نڪ، نراڙ، ناس، ڪن، ڏند ڏنا ڏاتر،
کانڀٽ، پاسو، ڍڪڻي، پـُـٺي، چيلهه، سٿر،
ڪياڙي، ڪنڌ، ڪيپراٺي،هينئون،جوٽ،جگر،
ڪڇ، ڪرائي، ڪاڪڙو، جيرا، بڪيون،ڦڦڙ،
ٺونٺ، آڱوٺو، نـَـري، ٻانهن وڏو ٻر،
گوڏو، مـُـونـُـو، مـُـريو، هٿ، پير، آڱر،
لوڻا، مغز، تارون، ڇاتي، اُرهه اَپر،
ٻاچ، وِچين ۽ شاهدڻ، چيچ چڱي چوڌر،
اِهي سهڻا سراسر، عضوا ڏنئين انسان کي.

عضوا ڏنا انسان کي، رب ڌڻي رحمان،
ٽنگ، ٽگهٽ، پاپڙي، وات، چـَـپَ، زبان،
ڄنگهه، ڪنڊو، ڪرنگهو، بـُـڪ، تري ۽ ران،
ڄاڙي، ڪوڙي، پـِـنـِـي، مڻڪو، دل دوران،
ڏوڏي، ڏاٺ، ڏونرا، آنڊو، اک عيان،
نـُـنـَـهن، نـِـڙي ۽ وار، نـَـرو، مرهي، واڇ، لـِـسان،
کاڏي، ڀيڏي، کـُـڙي، رُخ، ڍانڪون ۽ ران،
دُن، تـَـري، هـَـنج، ڳـُـريـُـون، پـَـڳ پائون، مـِـٽ، ڪان،
ٿڻ، ڪلهو، لوندڙي، ڪاڪڙو، سنڌان،
ڀڀ، ڀانڊو، چـُـتڙ، ڳـِـل، سسي، ڌڙ، اِند ران،
آهي بدن جو بيان، پر”اميدعلي“ ٿو عضوا چئي.

 

عــلـم

1. علم جا: عهدا، عهدَ، اکر، ڦيڻا، ڦـُـلَ، تعويذ، ورقَ، مـُـلان، مولوي، حافظ، اُستاد، حرف، پنا، فالناما، جملا.

2. علم جو: خط، پيشُ، نقطو، مطلب، قرآنُ، پنو، ٽپڻو، فالنامون، ڪاتب، معلم، آخوند، علامه، جملو، ڪلام، قلم، الف، لکيو، فاتح.

3. علم جون: آڻيون، سـِـٽون، زيرون، زَبرون، معنائون، جنتريون، شدون، مدون، جزمون، پڄاڻيون، قرئتون، نوڪريون، صحيحون.

4. علم جي: الف بي، ياسين، آڻي، سٽَ، اُبت، سبت، زير، زبر، صورتخطي، جزم، شد، معنيٰ، مراد، حديث، لکپڙهه، ڪتابت، ابجد، جنتري، دعا، ڪـِـلڪ، مس، سياهي.

عيبدار

1. عيب (وڏوُن): چري، مستاني، ڪاڻي، نـَـڪ لٿي، چريو، ڪاڻو، انڌو.

فقير

1. فقير (فقيرن جا قسم): سامي، سـَـتو، سنياسي، ڀـَـٽ، پينو، بکاري، جاجڪ، جوڳي، ڪاپڙي، آڌوتي، مست، ديوانو، پوربي، صوفي، نانگو، لـُـنگ بند، ملنگ، مجذوب، عليل، نقيب، غوث، قطب، ابدال، ويراڳي، ميانوال، لاطمع، لاهوتي، سيلاني، ڀنڊ، جنائي، سرندائي، نانگائي، نيڪ، چڱو، سـُـٿرو، چارڻ، مڱڻو، منگتو، تارڪ، گاروڙي، ڀڀوت.

2. فقير جا (فقيراڻا، فاقيرا): سانگا، ميڙ، ڪستا، ڏنڊا، ڪونڊا، نشا، اُلٽ، ڦنڌ، ڦيرا، چاليها، چوتا، ڏها.

3. فقير جو (فقيراڻو، فاقيرو): نانگ، آلاپ، ڪستو، ترس، حال، دين، فراق، ڦوڙائو، جهولڻ، ذڪر، لباس، ويسُ، لوڀ، حلقو، ميلو، ڪونرو، ڪونڊو، ڏنڊو.

4. فقير جون (فقيراڻيون): دعائون، پـِـٽون، جهوليون، ڪمايون، گودڙيون.

5. فقير جي (فقيراڻي، فاقيري): لالـچ، حقيقت، جڙي، جهولي، مـُـرلي، عاشقي، تار، دُعا، پـِـٽَ، جٽا، ساڃهه، ڪمائي، لات، تنوارَ، آسيسا، گدائي، گودڙي.

6. فقير جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
آڌوتي آرام، آديسي، انگي، اَلفي، ايم، اڌوبند ايرام چوان،
آر، اشارو، امانت، آزي، ادب، آسڻ، عشق، اعتبار چوان،
آهه، اُداس، اَجهو، اڱڻ، آس، اَثر، ايرادو، اقرار چوان،
بيک، بـِـکيا، بازي، بـَـحر، بدنامي، بک، بيراڳي، بهار چوان،
بسترو، برتن، باس، طلب، تار، تماشو، تلڪ، تنوار چوان،
طمع، تانگهه، تعظيم، طرز، تعل، تعويذ، ترڪو، تنبو ڌار چوان،
توڪل، تڪيو، طور، طرح، توبهه، تـَـسيو، توجهه ڌار چوان،
طارِق، تسبيح، تـُـرهو، طمع، صحبت، سانگ، سارسنڀار چوان،
سچ، صفائي، سگهه، سونهارو، سـَـخي، سرور، سفر ڌار چوان،
سـِـڪ، ستابو، سـُـور، صبر، ستيا، سڪ، صدقو، سڌ يار چوان،
سوال، صدا، سـَـير، سامي، ستـُـر، سـِـير، سنياسي، سنگت يار چوان،
ثواب، سڳو، صدمو، سک، سرير، شيوا، سندرو ڌار چوان،
سحر، صدق، سوُءِ، سوز، سومار، سجاڳي ڌار چوان،
جٽ، جوش، جاڳو، جلوو، جاڳهه، جاموت جوڳي، جڻيو ڌار چوان،
جڳ، جڳت، جوڙ، جلالـَـت، جواب، جوڳ، جرار چوان،
حال، حقيقت، هيٺاهين، حليمت، حد، حسن ڌار چوان،
هنڌ، حادثو، هوش، هڪل، هوڪو، هاڪ، اسرار آڌار چوان،
خيال، خـُـمار، خـُـلق، خنبيرو، خيرات، خاڪي، خصلت يار چوان،
کيڏ، خوشي، خوف، خطرو، حجاب، هوشياري ڌار چوان،
دِين، دُعا، ديرو، دک، دِيوانو، ڌاتو، دلاسو، درد، ديدار چوان،
بودِلو، بهار، جاڳر، جادو، ذوقُ، زيارت ڌار چوان،
ذِڪر، زور، زاري، روئڻ، راحت، رولڙو ڌار چوان،
رمز، ريجهه، رس، ريهو، رنج، رَنگ رُخسار چوان،
راز، روپ، رِهاڻ، راتاهو، شـُـڪر، شوق شمار چوان،
شان، شرم، شرف، شيڪو، شور، شولو، شڪار چوان،
غير، غلطي، گمان، غوطو، غرق، غماض، غرقي ڌار چوان،
فـِـراق، فـِـڪر، فنائي، فند، فاقيو، فهم، فيض آڌار چوان،
قلب، قياس، ڪرامت، ڪانڍو، ڪشالو، قرب ڌار چوان،
ڪـُـنڍا، ڪنپٽ ڪاپڙي، ڪروڌي، ڪستا، ڪڻيا ڌار چوان،
 ڪـِـرت، ڪمائي، ڪنچير، قلابا، ڪڙيون،ڪچڪول قرار چوان،
ڪنوتيا، ڪفني، ڪلام، قول، ڪچائي ڌار چوان،
لـُـنگ، لنگوٽو، لولهٽ، لاهوتي، لنگهو، لڪ ڌار چوان،
ليئو، لقب، ڪنڍي، ڪـُـڙتي، ڪاني، ڪنٺو ڌار چوان،
لـَـب، لالچ، لوڀ، ليئو، لياقت، مرڪ، مجهلو ڌار چوان،
مـَـنڊ، مـُـرلي، مرڪ، منتر، ماڳ، ملنگ، مڪر، مڙهي ڌار چوان،
مڻيا، مڪان، ماتم، منزل، مامَ، مستي، منوتي ڌار چوان،
مـُـهر، موج، مـِـهر، محبت، مجلس، مرم، ملحظو ڌار چوان،
مـِـگهه، مونجهارو، ملاقات، ميلو، مڻڪو، مڻيادار چوان،
ناز، نرمي، ناچ، ناتو، نينهن، نظارو، نظر ڌار چوان،
نوڙت، نانگو، ناٽ، نياءُ، نـَـد، نجومي، نروار چوان،
مست، مـِـکر، مئخانو، مجاوَر، مونجهه، مـُـرلي ڌار چوان،
يقين، يار، ٻيائي، ٻاري، ٻانهپ، ٻٽاڪ، ٻولي ڌار چوان،
پلئو، پوتي، پـِـٽَ، پاراتو، پور، ويساهه، وعدو، وقوف ڌار چوان،
ٺاهه ٺوهه، ٺڳي، ٺاپـُـر، ڀلو، ڀلائي، ڀيرو، ڀـَـٽ، ڀان ڌار چوان،
ٽـُـڪر، ٽول، ٽولاڪو، ٽولو، ٽڪاڻو، فـَـقـَـر ڌار چوان،
 ٿان، ٿڪ، ٿورو، ڦيڻو، ڦيرو، ڦٽيو ڌار چوان،
گام، گوندر، گيڙو، گوڏ، گاروڙي ڌار چوان،
ڳارو، ڳـَـلي، ڳـُـڻ، ڳـُـوڙهو، ڳڻتي، ڳانو، ڳـَـپل ڌار چوان،
خيال، خوشي، کـَـٿي، کپارو، کـُـٽڪو، گـُـڏون سو گلزار چوان،
ڏاج، ڏَٽو، ڏورڻ، ڏات، ڏک، ڏولائو، ڌاڳو ڌار چوان،
 ڏَت، ڏان، ڏاکڙو، ڏس، ٽڳو، ٽپڙ ڌار چوان،
ڍَنگ، ڇـَـند، ڇاهر، ڇاپ، ڇنڊو، ڦيڻو، ڪـُـندري ڪار چوان،
جهٽ، جهڪور، جهوري، جهڄڻ، جهنڊي، جهلڪار چوان،
سـَـتـُـر، قبر، گهور، گهمڻ، هـَـٺ، حسد، هـُـدو ڌار چوان،
تـَـرڪ، طمع، ترس، تسبيح، تـَـڏي، مـَـڏي، مـُـصلو ڌار چوان،
فنا ٿي ويا فڪرن ۾ ”لعلڻ“ لک هزار چوان.

 

ڪاٺ (ڪاٺي)

1. ڪاٺ (ڪاٺين جا نالا): لـَـئو، ديال، بانس، آلو، نهرو، سـُـڪو، هلڪو، ڏِنگو، ڦـِـڏو، ڪـِـني ڪاٺي، مٺي ڪاٺي، ڪاڻي، ڀوڻي، هلڪي، پيڻُ، بڪم، وڏو، ننڍو، پورو، ڇوٽو، ڊگهو، پوچو، جاڏو، تاڏو، ڪنڊو، سنئون، سڌو، ڀڳل، ٽٽل، نيٽ، ڳرو، رتول، ڪاري، سـُـرهي، سچي، آڏي.

2. ڪاٺ جا: لـَـڙها، ڏَڪَ، ڇوڏا، مـُـٺيا، هٿيا، اوپرا، دروازا، ڏورڻا، پينگها، منَ، ڏَلها، نيزا، ٻيلنگهه، ڏنڊا، جاڏا، تاڏا، تاڙا، داسا، پاڳا، هندورا، نهيرا، رانديڪا.

3. ڪاٺ جو: لاهه، لوهيڙو، منو، ڳـُـجهه، ڏورڻو، راهو، (شڪارين جو) ٻيلنگهه، پينگهو، هرُ، ترُ، نال، نار، دَرُ، بـُـنڊ، پائڻو، لڙهو، مارو، ڏَڪُ، ڏولائو، نهليو، وٽيو، سٽيو، ڪجائو، جنڊو، هنو، پاکڙو، منڍ، ورو، آسڻ، ٽويو، هٿيو، نـَـڙ، ڇوڏو، کنيو، ڪارب، ڪرهو، هندورو، مٿو، سنڌ، ڳن، گوشو، صندل، اولو، کـَـپو، مـُـن، ڪتبُ، نيزو، گهاڻو، ڦوڙائو، ڦوڙاٽ، کوهو، رُول، ماچيس، مـُـهرو، ميڙ، قلم، پائو، کٽولو، چهبڪ، ور، وٽوهڙ، اوپرو، ٿارُ، ڏَلهو، آرٽُ، چؤنڪ، مڪڙو، سوراخ، ڪانُ، داسو، ٿنڀ، مـُـٺيو، لاٽون، پورُ، ڪٻٽ، چونپل، لڪڻ، ڏنڊو، بانٺو، گهوٻاٽو، سؤنٽو، ويلڻ، چڪرو، مهلڙو، ڦـُـل، چپو، سـُـکان، ٻورو، چيرُ، ڪنڊو، پتڻ، جهاز، غوراب، خومچو، وڍيو، ڇليو، رَندو، چـَـڪ، چـَـڪر، ڀانڊو، اَرو، اوڀارو، پاڻڇو، نهور، ڏَڪر، مـَـل، ڏوڏو، ڏانڊيو، ٻيانو، منگهو، داٻُ، داٻڙو، ڪنڌاٽ، سينور، چيچڙو، واڻو، ڪيرو، ڪـِـلو، چرخو، ڪـُـهڙ، ڏنداهر، اوبرو، مڇوو، ٽـُـڪو، ڏگر، اڱر، ڪوئيلو، ٻريو، ڀريو، سـُـريو، دونهون، ڦـَـر، مـُـچ، مـَـچ، تختو، اڙو، چاڪ، گولو، چورسو، دُهل، هارمونو، مـُـتو، باجو، ڌُڪڙ، سـُـرندو، يڪتارو، طنبورو، سـَـلُ، ڪانو، اَنبيو، خانو، ڍڪ، نهيرو، ڪانگ، سنهور، بـُـرنج، ڌڪ، ٺڪاءُ، ڏندڻ، گـُـل، وڌيو، سـُـونگو، ڀرڻو، جـِـهرڻو، بـُـل، اِسم، سونگارو، سـَـردرو، ترو، طاق، رانديڪو، آڏاڻو، پڃرو، ڪاٺُ (سزا لاءِ) دروازو، وانگي، ٺهڪڻ، ويساهون، جهلڻ، ٻيلهڻ، ٻـُـند، رحل.

4. ڪاٺ جون: ٻاريون، ڀڳيون، ٻنڌيون، تڙيون، ٻيانيون، ٻسانگيون، تاڪيون، اَڏيون، مـُـهريون، چاڙهيون، ڪامون، ڦرڻيون، ريلون، ميڙيون، ايرڙيون، ناڪيليون، مانڌاڻيون، پٽيون، ٻانهون، وڍيون، پڇڙيون، ٽـُـڪيون، کـُـتون، کٽون، اِيسون، پاٽيون، ٽنگون، ٻيڙيون، اِٽيون، بينون، اَرڙيون، چاکڙيون.

5. ڪاٺ جي: وَنگ، تڙِ، ڀوڻ، وانگي، ٻـُـندِي، ساري، ٻاري، پاٽي، لڳي، ايرڻي، ڀڳي، ڇانگي، ٻسانگي، کـِـڙڪي، تاڪي، واتوري، پٽي، ڏوري، ڪام، موري، ٻياني، آما، پاهوڙي، وري، بيراڳڻ، اَڏي، اُٿڙي، ڀوڻي، صندوق، ڪـُـرسي، چاڙهي، ڇيت، گهـُـنڊي، تسبي، مـُـني، اوڙاڪي، جهل، ٻانهي، ڀونري، ڪـَـلا، منڌي، کـُـتِ، ڇوٽي، ٿولهي، چـَـتي، ارڙي، تري، بگد، ڦـِـرڻي، منجي، اِيسَ، ڇڙهي، سـُـلفي، دَٻي، ڳجهه، مـُـرلي، اندرين، ڦڻي، چوٿائي، ڇٽي، ڪڙهه، مارَ، لارَ، مـُـهري، کٽ، چـُـوڙ، سرائي، ٽنگ، چوپڻي، منجڻ، صندلي، ميز، گاڏي، پيتي، پانيل، ڇپر، لـَـٺ، مستر، ڏُڱري، مورڻي، مونڱري، اُکري، سڱي، ٻيڙي، ڊونڊي، چانئٺ، ريپ، گونيا، تـَـکڙ، سوهڻ، ڦرهي، نيسر، بـُـنڊي، اِٽي، گـِـلي، ٿوڻي، ڪاڃڻ، ڳاڌي، ڪمانَ، ڳني، ڪنواٺي، ڏانداري، پانجاري، ٺـَـپڻي، ڇـَـڙ، گو”، ڳٽي، ڀونري، ڌڪراٽي، اُبت، پاڙ، ٿاڦ، لڏ، پڻڪي، شرنا”، بينَ، پڪواز، ڍولڪ، کنجري، ڍيٻڪي، سارنگي، مياڻ، ساهمي، ڪاتر، آنچي، ٿڳڙ، رس، مـُـنهن رَکي، کڙهي، ٽوڙهي، ليٽڻ، دٻلي، ڏَني، چاکڙي، گلاسداني، ڪـَـپي، ساڙي، ٻاري، آرسي، الماري، ميخ، ڏوئي، مـُـني.

6. ڪاٺ (ڪاٺي) جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار،
قادر پنهنجي قدرت سان هي سٽاڻيو سنسار،
ماڻهو، مرون، جيت، جناوَر، وڻ ٽاريون ۽ وار،
وَڍَ ٽـُـڪ، واڍا، ڪـُـنڀر، ڪاسبي ٻيا لاکيڻا ته لوهار،
ڪاٺين سندا ڪيترا ڏس نالا ٿيا نروار،
ڇڙهي، ڇمڪي، ڇانڀ، هئي، لڙهه لڳي جا لار،
لڙهي، لڪڙي، لوڙهو، لاٽيون، (لـَـڙها) لک هزار،
ڳـِـٽـِـي، ڳـَـني، منڌي، مڪڙي، مـُـنهن رکي موچار،
کاڻي، کوٽي، ڇوٽي، ڇوڏي، ٻيڙي سا ٻيهار،
لوٺي، لنبي، ڏِنگي، ڏوڙي، چچري، چپر، گهڙي، گهوڙي ملهار،
ٻـُـنڌي، سوٺل، ناوڻي، هٿيو، ڌاري ڪر نه ڌار،
ڏگري، ڏوئي، ٿـُـلهي، ٿنڀري، سڌي، سئين، سرهي سارا،
سنهي، پتلي، هلڪي، هيڻي، گنبي، گولي،گـِـلي، گاڏي، تاڏي جا تڪرار،
ڳوري، ڳجهڙي، تاڪي، تاڙي، ڪـُـمر، ڪائي، چوڪي، چاڙي ڌار،
مـُـهري، مـُـني، نالي، ناڙي، مگهي، جڏي، ڇينڀا، ڇـَـمڪ، پائڻو پار،
ڀڳل، ڀاڙي، ٻياني، ٻاري، سوٽي، ساري، اَڏي تي اظهار،
ڏونڪي، ڏاڪي، ٿڏي، بـُـنڊي، هڙٻن، هاري، منجڻ، منجي،
                                              موڙي ماٺي ڌار،
ڪـِـني، ڪاري،دُهري،ڌُڪي،ڦرهي،ڦاڙي،چيري،چنبي،چوٽي،
                                                 چوپڻ، يار،
جوٽڻي، جاڙي،ٽـُـڪر، ٽوٽا، ٽـِـڪي، ٽٽي، ڀانگها، ميڙهه، بار،
ڪپي، ڪوري، ڏاهن ڏاري، ٺاهي، ٺوڪي، مـُـڇي، ماري، وڍي،
کـُـپي، کاري، ڏوري، ڏَنڊي، ڏَنڊ، ڳنڍين ڳاري ڪار،
گـَـز،گـُـرز،سهڻي،ساري،کٽولا،منجا،کٽ،کارا،کتا،چوڙ،چڙه چوڌار،
ڪـُـهڙ،مانيون،ڪئنچي،ڪهڙي،سائي،سڪي،آلي، آڊوکي،
                                                اهڙي يار،
اُبتي، سبتي، آڏن جهڙي، بانٺا، ڌُڪا، ڀونڻ نه ڀيڙي،
                            ترتان تالو، تاڪن تهڙي تار،
صاحب رب ستار، لاهه لکون تون، “لعلڻ” چئي.
مـُـتا، مـُـنا،  سيرُون، سالم، بين، بيراڳڻ، بنسري بالم، مـُـهرا،
                                                  مڪڙا ڌار،
ٻيلنگهه، ٻيانا، واسم ويساهان، ارڙيون عالم، نوڪ نڪيلي،
                     نڪا، ڪـِـلا، ڪيرا، لـُـڏڻا، لکَ هزار،
ڦرها، ڦوٽي، ڦاڪون، ڪچي، پڪي، پوري، سـُـر، سهاڳ، سوالڻ،
                                         گوني، گوڏي يار،
گوري، بج، بينچ، بيني، صندوق، صندل، ميز، ته موري ڌار،
ڪٻٽ، ڪاٺڪا، پاٽيون، پڃر، ڪر ها ڪاهيون ڌار،
چانئٺ، چوٿايون، ڪامون، ڪيڻيون، چوڳا،چاري،ٽارا، ماڙا ڪار،
ٿيلهيون، ارٽيون، آري، چڪر، چيچڙا، چراغ چـِـٽ، ڀانڊا، هـُـرلا،
                                                نار ٿيا نروار،
صاحب رب ستار لاهه لکون سڀ ”لعلڻ“ چئي.
پيتيون، پڃرا، سـِـڙهه، سنوان، نـَـڙي رهندي نيهن، پنهون کي هٿڙا
                                        هاڻ ٻڌي مان پير نوان،
کوها، ٿنڀا، تـِـرتڪا، ٻيا نيزا ڪيا سي نينهن نوان،
بهلڪ،جهلڻ،ٻورا،ٻانهون،چپڙا چوري، ڪلمون محمد من چوان،
وَرو، وڻاٺي، انگڙو، ڍانگي، وَنگ، وجهي، مان ننگ چوان،
نٿڙي، بـُـولا، نينهن وڃائي، دَر، پنهون جي دانهن چوان،
پلنگ، پينگها، هاڻ، هندورا، منگهن هيرا، نانگ چوان،
وَر وڃايم، گهر ويهي، هرُ، هرِهه مان سانگ چوان،
اوڳڙي آيم ننڊ الاهي، ڇو ڏوهي ڪيچن آ پڻ ماڻ چوان،
ڪارب، رِحلن روُءِ منجهائي، مارا قسمت ڪاڻ چوان،
ڀونري، ڀـِـرڻي، ڍيري ڦيري، وٽوهڙ، لاٽون، وات چوان،
پير پهوڙي، ڦيڻا کرڪڻَ، ٽويا ٽوُرا، وات وَراسي تات چوان،
دَٻلي، دوڳي، ڏور ڏنداري، وِنگي، وِينڊي، ٺنگڙي ٺاٺ چوان،
سنگهر، سـِـڌو، سوڌو، سهڻو، ڀانڊا، ٺهڪڻ، ڀات چوان،
هـُـرلا، هلڪا، تير تريا، چوڏول، چنبيلي، چـَـڪ چوان،
بوکر بنڊڙا، بيد بڇايا، نينهن لڳايس نيٽ چوان،
چهبڪُ، ڦرهي، ائٽ، اسم، ٻائڙ ٻٽا سي نار چوان،
سڱي، ساڙي، ايسون، پهاڄ پانجاري، سيخَ سنبوهي سـُـرخ چوان،
ليٽڻ، ليهون، لامون، پاڳا، پاوا، رول گول، رنگي، چوراس چوان،
ٻيڙا، جهاز، آڳٻوٽ الاهي، پريا نهور سي ڪـِـٺ ڪاٺ چوان،
لـَـٺ، ڀاروني، ڪاڃڻ، ڪهڙي، اوبرا، اوڀارا ته چوان،
ڪهڄر، جانڀا، کارا، کاڌل، ٽاڪڙ، ڪاري، ڇينڀن جا ته چوان،
چوني، چيڪل، کڙڪي، کوڙي، داٻلا، داٻڙا ته چوان،
جانڀا، جنڊي، ڪاف ڪوڏارا، سينڱ به سهڻي، نئين پراڻي ناٿ چوان،
هنڀا، ڏڦوٽي، ڏنگ ڏلها، ڊگهي ٿوڻي، ڪجاوا، ڪـُـرسي ڪا ته چوان،
ڳٽ ڪنواٺي، ڏولي، ڪائي، پاکڙا، بگهڙات چوان،
ڏَڪر، پڙاٺي، نيسر، پاڙڇا، ڀيم ڀري، ڪستي، ڪوڙي، ڪا ته چوان،
بولا، ٻانهين، پـَـڪا پائڻا، اگهي، سگهي، سـُـرلي، سرائي، سلي سا ته چوان،
گاڏا، گهاڻا، ائٽ، انگاسي، پـَـسـَـر، روُڙي، دُرمچي نم ته چوان،
ڇـِـن، ڇيڪو، اورڙو، انگها، ڪـُـڪرا، پتلا،گنجس، واءَ وهاڻي وات چوان،
ڪاف، ڪنڌاٽي، ڌڱ، ڌرا، سنڌَ، ٻچا، نپ، ڏوڙا، ٻيڻا، چٻانڙي،
                                     نڙانڊي، نار چوان،
ٻـُـنجا، ٻيانا، هـَـنا، ڀـِـرڻا، ڪوچ، سليپر، ويلڻ، ٻگي، ڇاٽ ڦوٽي
                                              ڇا ته چوان،
تختي، ڄانگهي، ٽانگي، نڌر، نماڻي، ويڻا، گوشا، بانس، برهه
                                           جي کيڙ چوان،
چونتي، وَٽي، وَنجهه، ولائي، لائين، ڀلي، لات چوان،
ڪولي، ڪنئري، ڪومٽ، ڪـُـٻي، چـِـٻي، چٻڙ، چات چوان،
اکيون، انگهون، اَڻائي، سڻائي، چـَـپ، اِٽي، پربت چوان،
اَولي، سوَلي، سخت به سهنجي، ڳيل، کپاسي، کڙتال چوان،
اَرا، ڪانا، تافا، ڪتڻاٺي، رول، گول، رنگي، چوراس چوان،
بهڻ، لوهيڙا، ساڳ، ديالي، سوري، سچي، سهنوريامي چيل، چوان،
ڏوڙا تخت ڏيارين موليٰ، ڪم ڪرين تون سائين سولا،  ڪلمون،

محمد من چوان،
ڪـِـلي، ڪرائي، ڪڻا، ڪاري، تسبي، تلهڙ تات چوان،
دُهل، ڌُڪڙ، ڍولڪ، سـُـرندو، سارنگي، شيشم، لوهيڙا لات چوان،
تکڙ، پٽيلا، ڳوٽي، ڳاڌي، ڍِينگر، ڍارا، ڍات چوان،
ٿـُـڙ، مـُـچ، مـُـنڍ، مور، ٽاري، ٽلو، ساڱهه، سانگ سڻائو ساٿ چوان،
هنڀا، ٽياسي، بـُـوءِ بهاري، ٻوٽي، ڪياڙي ٻانڊ چوان،
گورباسي، گهوٻا، گهاڙ ڪري، ڏاڪ، اڱر انصاف چوان،
رباب، سنبوهي، ڇـِـپ، ڪـُـنداڪي، ڇاٻري، اُکري، ڇا ته چوان،
سـُـلفي، ڪاتر، مياڻ، گهوٻاٽا، پهوڙا، پتلا، پٽ ويڙها پرڀات چوان،
سردرو، داسا، کوٽا، پوراپـُـنا، ڊينڍي ٺنگڙي، ٺات چوان،
دراز، ڇـَـٽي، جوٽا، اڪيلا، پارپائي، پڃڻ، بتيلا بات چوان،
پـُـٺ، پاليس، پانڪ، ڇـِـڪا، ڇانگهي، سئاٽيڻ، خط خلاصا خان چوان،
گوءِ، گـُـري، ڦرسا، ڦرڻي، وِينگس وَرڻي وات چوان،
سرکنڊ، ساٽو، ڇيت، نڇيت، نکيت، ڇڄهري، لڪڻ سندي لات چوان،
لاڪـُـڙ، لوڙهه، لاکي، لائون، علمُ، آفت، تـُـرهي واري تات چوان،
آر، اَنگاس، ڦڻي، ڦڻوٽو، ڦرئي، ڏُڱري، ڪستي ڏات چوان،
ڍڪڻ، ڍٻري، ٻيڙي، ٻلهڻ، ٻانگوسري سا ته چوان،
ڪانو، ڪوڙڪي، ويڻو، وڪ، وَڍي، ويچاري، ڪاٽو اتي ڪات چوان،
بونبو، باري، لاسڙ، لاري، ننگ، نيشاني ناٿ چوان،
پروَس، پرڀي، پـَـلڪ، پان، پهلو، هاڪي، دَنبورو هات چوان،
چاڪ، چوپائي، نهور، ناڙي، ٽـِـنب، ٽپائي، جهلڪي، جهنڊو جهات چوان،
چندن، چونڪ، پوڙي، پڃري، چڪر، چنبلي، چاڙي چات چوان،
ڏاڪڻ، ڏونڪو، کوٽي، کٻوٽي، پين ڀلي پرڀات چوان،
منگهو، مـُـني، مور، موسالي، بگهڙ، بيراڳي، بور، بادامي بات چوان،
ٻيڙا، جهاز، آڳٻوٽ، الاهي، پريا، نهور، سي ڪـِـٺ ڪاٺ چوان،
سوري، سچي، آڏ، اُماڙي، گرز، گلولي، ٻانڊ، ٻلاسي ٻان چوان،
ڪانٽو، ڪنگي، قلمي، ڪٽهڙو، لـِـکي ويلڻ، لـِـکوان چوان،
ڪانو، ڪنداڪي، ڌُڪي، دنگي، ماهيچو مستان چوان،
ڌمڪ، ڌري، چرخو، چوني، چنبلي، چڙهه، چندن چوغان چوان،
چرخي، چاڙهي، ڇاڙهي ڇيت، نکيتون، ڇانه چوان،
آر، اَڏاڻي، اسي، جهنڊو، جهوني، پروسي، پان چوان،
لطف ڪجان تون ”لعلڻ“ چئي، مان ڪلمون برزبان چوان.

 

ڪاريگر

1. ڪاريگر (ڪاريگرن جا قسم): ڪاريگر، سهڻو، سچيت، ڄاڻو، اُستو.

2. ڪاريگر جا: شاگرد، اوزار، چـِـٽ گل، دُکڻ، ٿانو، اَهتي، پهتي، ڍوئڻا، رڪب، وهنوار.

3. ڪاريگر جو: فن، چـِـٽ، ڪم، هنر، ڇاپو، رنگ، نالو، کـُـنڀ.

4. ڪاريگر جون: ڪلون، آٽون، اَٽڪلون، گهاريون، تاريخون، ڏهاڙيون، آويون، کوريون، بٺيون، سنداڻون، اڏيون، ڀانيون، مانيون.

5. ڪاريگر جي: ڪـَـل، ڪلاچي، ٺهي، آٽ، آوي، سنداڻ، اڏي، ڀاني، رڌي، پڪي، سنوارت، سيبي، جنڊي.

ڪاسبي

1. ڪاسبي (ڪاسبين جا نالا): ڪنڀار، موچي، لوهار، واڍو، سونارو، حجام، کٽي، وگهامل، ڪاشيگر، بزگر، دٻگر، چوڙگر، ڌوٻي.

2. ڪاسبيءَ جا: وائڪا، اوزار، کـُـورا.

3. ڪاسبيءَ جو: ڪـُـن، اوزار، کـُـورو، هـَـٽ، دوڪان، رندو.

4. ڪاسبيءَ جون: کوريون، روهيون، ڀانيون.

5. ڪاسبيءَ جي: کوري، ڪرت، روهي، ڀاني، مار، مٿڪي، کوٽي.

ڪاغذ

1. ڪاغذ جو: حال، اکر، لکيو، ڪتاب، پـَـنو، ليکو، حساب.

2. ڪاغذ جي: وهي، بندي.

ڪانو

1. ڪانو (ڪانن جا قسم): سنهو، ڊگهو، ٿلهو، ننڍو، مـِـٺو، ڦڪو، ڪڙو، تـُـري، ڪانگڙ، سائو، سڪو.

2. ڪاني جو: رَسُ، مٺاڻ، سنگ، ڳنڍو، قلم.

3. ڪاني جي: رَس، بيهڪ، ڊيگهه، نوڪ، چهنب.

ڪتاب

1. ڪتاب (ڪتابن جا نالا): گلستان، بياض، رسالو، قرآن، توريت، انجيل، زَبور.

2. ڪتاب جو: ورق، پنو، اکر، مهاڳ، ديباچو، لکيو، پڙهيو.

3. ڪتاب جي: ڇپائي، ٻولي، پڙهڻي، جهلڻي.

ڪتو

1. ڪتي جا قسم: پلنگ، ٽيپو، جاندر، وينڍو، ڪهاڙو، مٽر، موتي، ٻهڙو، هيرو، راڱو.

2. ڪتي جا: ڀؤنڪاٽ، لـُـٽڪا، ڪـَـن، چـَـڪَ.

3. ڪتي جو: پـُـونگڙو، جهٽ، ڀؤنڪڻ، رنگ.

4. ڪتي جون: اونائيون، چـَـٺيون، ڀونڪون.

5. ڪتي جي: لـَـڪر، چـُـهٽي، ڀؤنڪ، ڊوڙ، لـَـڪ لـَـڪ، اونائي، چـَـٺِ، نـُـوس.

ڪـَـٽڪُ

1. ڪٽڪ جو: آواز، گوڙ، شور، تعداد، گهيرو، ڀـُـڻڪو.

2. ڪٽڪ جي: ڪاهه، هلان، ويڙهه، چـَـڙهي، جـُـلهه، رئي.

ڪپڙو (ڪپڙ)

1. ڪپڙو (ڪپڙن جا نالا): هرک، پڻيو، بافتو، ڪپڙ، کاڌي، کڌر، ريٽو، ڏوريو، چيڪ، وائلو، ڌماچ،  ماهوت، ڪشميرو، قناويز، سٽين، پاپلين، ٽوئل، صوف، گيگم، موٺڙو، سوسي، گربي، چيرو، تارڪشي، ڪيمخاب، سنهون، ٿلهو، ململ، سـِـلڪ، زين، ٻگهه، شبنم، ريشم، پـَـٽُ، بوسڪي، تسر، چڪنو، مليڇو، ڇيٽ، الپاڪ، ڪيسريو، ڪورو، ڌوتل، اُبتو، سبتو، لباتو، جهونو، لـَـسو، ڳاڙهو، ٻٽو، جگرناٿي، جارجٽ، برفي، رٻڙي، هرمچو.

2. ڪپڙي جا: هٿ، کهنبا، پلاند، ڀڳونئا، صافا، ڪـُـٽڪا، شان، گوشا، ٿانَ، لـَـٽڪا، روا، وڳا، تـُـن، گزَ، برَ، جورابَ.

3. ڪپڙي جو: ملير، پڙو، گج، ٽوال، رومال، کٿو، چادر، چولو، پهراڻ، ڪوٽ، گهاگهرو، گهگهو، وهاڻو، ٻانڌڻو، ٻانڌيو، انگرکو، ٿانُ، تاڪيو، چرڻو، پاجامون، پوتڙو، مرينو، کيس، اڳٺ، ڪڇو، واسڪوٽ، مفلر، ڪسابو، بوڇڻ، پٽڪو، رَئو، فراڪ، پيشواز، پيشگير، پيٽي ڪوٽ، صافو، انگوڇو، ڇاپو، پـُـٺيو، ڪوريو، چوسؤ، گـُـڏو، هٿُ، وَرُ، برُ، ننگ، سرُ، گونگهٽ، تنگ، برقعو، ڪوٺو، ڦڙڪو، تـُـن، ڪنجرو، ڌوپُ، ڀرت، ڪنڊڙو، ٻاڙو، گهنج، ٿـَـهو، سـَـٿو، ڏرُ، ابداڻو، گـَـلو، پان، ڪالر، چهڪَ، کيسو، گيندو، ٻيڙو، بالو، نرماد، ڍَڪُ، پوش، طنبو، ٽئونر، پور، اجريو، اوجر، کنڀُ، بجڪو، تنجڻ، ڪڙو، لڪ، ڦاٽو، چيريو، اڊيڙيو، پائو، پاتو، نئون، پراڻو، سفيد، اوڇڻ، اوڍڻ، ڪن، لـُـنگ، مولبند، ڀـَـن، ٻـَـڌُ، ڳنڍُ، ڪـَـلف، تـُـنڪو، ٽنگ، چاڪ، ڇـِـتـُـر، ٻـُـڪل، پلاند.

4. ڪپڙي جون: ٻوڪيون، رضايون، ڳوٿريون، ڏريون، جوڙيون، ٻوڪانيون، پٽيون، اوٽيون، سبيون، چوليون، پيٽيون، وٽيون، ڪنيون، زريون، لونگيون، تسرون، ڌوتيون، لانگون، ڪناريون.

5. ڪپڙي جي: اوٽي، اَندي، ڪني، وِهٽَ، ڪـُـرڪَ، دامن، پليٽ، ربين، ڏوري، ٻـُـڏي، رتي، چاري، کوڙَ، ليڙَ، ڪورَ، پٽي، ٽـِـڪ، ڦلڙي، ليڪ، استري، گـُـلي، کـُـلي، جهلي، ٽـِـڦـُـلي، اڳڙي، ڪهي، انڌاري، اُبت سبت، ڏهي، رضائي، لانگ، ٻچي، ابيڇڻي، چادري، ڪانجهي، ڳوٿري، چوپڻ، کوٽي، رَلي، منهن رکي، ڪانچَ، مڇرداني، جوڙي، شالَ، مهاري، صدري، زري، ڏَري، گندي، ليڙ، ٻيڻي، ڳنڍ، ڪڇ، ڪوٿري، ٻانڌڻي، ڪاري، سائي، هڙ، ڇـِـتري، تند، لوئي، سوَڙ، ڌڙڪي، ڇـُـهـَـه، لنگي، فراسي، بوندي، پيٽي، چـُـني، بوڇڻي، پوتي، گندي، گنجي، چاندني، پٿراڻي، طولَ، ڳٺڙي، گئونڪي، سٿڻ، سلوار، گوڏ، کٿي، ٻچانگي، ٽوپي، اَجرڪ، لاوِڻي، چادر، ٻـُـٽ، ڪـَـئون، ڇـُـرَ، ٻاڙي.

6. ڪپڙي جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ستار چوان،
اوٽي، اوڇڻ، علي باغ، آسماني استري ڌار چوان،
اَلفي، اَنگي، اِنڊا، اَنگرکو، اَڪارو، انگوڇو ڌار چوان،
اَجرڪ، اُجرو، آلو، اَڳڙي، اِيرام، انڌاري ڌار چوان،
اَڳٺ، اوڍِيو، انڊلٺ، اَندرين، اَطلس، اگهه، اکياڙي ڌار چوان،
اَڌوبند، اوڙو، اُبتو، اُڻيو، اَڀرو، اَڇو، اُبداڻو ڌار چوان،
بوڇڻ، بافتو، بيرقَ، بوندي، بجاج، برقعو ڌار چوان،
بـُـگ، بري، بکڙو، بور بوسڪي، بخمل ڌار چوان،
بالو، بـُـشڪو، بالي، بانٺو، بر ڌار چوان،
تاڪيو، تـَـڻو، تـَـنو، تـَـنگ، تـَـسر، تـُـرهو، تـِـرڇو، طنبو ڌار چوان،
تـَـل، طوق، تـُـرو، تازو، تاڃي، طـُـول، توبرو ڌار چوان،
تند، طوُئي، تار ترِيزون، تختو، تهه، تاج، تصويرون ڌار چوان،
توڪل تـُـرهو، سندرو سالهو، سـِـلڪ، سلار، سالر ڌار چوان،
سوٽيو، صافي، سڀرو، سهڻو، سگهو، صابڻ ڌار چوان،
سال، سبتو، صافو، سٺو، سڳو، سـُـٿڻ، سيبو ڌار چوان،
سادو، ساڙهي، سيتل، سڪو، سائو، سوڙهه، صدري ڌار چوان،
صوف، سرمائي، سڙيو، سهانگو، ستار سبائي ڌار چوان،
سينهون، سـِـراڻو، سنهون، سالم، سيج سڌار چوان،
جڏو، جوڙي، جوٽو، جوراب، جورو، جـُـبو جمني ڌار چوان،
هـِـرک،حاشو، هلڪو، هيڻو، هٿ، حـُـلواڻ، طـَـنبوُ تار چوان،
هـَـڙَ هـَـڙهـِـي، هنڍايو، هـَـنڌ، هلايو هار چوان،
کيسو، کفني، کيس، کٿو، کرڙي، کاهي، ڪفن، کهنبو ڌار چوان،
زيرگادي، زبرو، زِين، رَئو، وَرتو، رَڱيو ڌار چوان،
رِيڙ، رَضائي، روُمال، رَٻڙي، ريٽو ڌار چوان،
رَلي، رَلڪو، ربينَ، ريشم شبلم سا سلوار چوان،
گهاگهر، گهگهرو، گندي، گلابي، گيڙوُ، گربي ڌار چوان،
گلگوُن، گزي، گنجي، گـُـڏي، گهرو، گج، گيگم ڌار چوان،
گـِـلم، غاليچو، گـُـلي، غـِـلاف غازي، ڦاٽل، ڦـِـٽو ڌار چوان،
ڦورو، ڦلڪاري، ڦـُـلڙي، ڦـُـلي، ڦـِـڪو ڌار چوان،
ڪـُـلو، ڪـُـڙتي، ڪارو، ڪمبل، ڪـِـناري، ڪفن ڌار چوان،
ڪمر، قـُـلابو، ڪانڀ، ڪترِيو، ڪنڊِڙيو ڌار چوان،
ڪـَـف، ڪلنگي، ڪپتان، قلمي، ڪورَ، ڪڇري ڌار چوان،
ڪيمخاب، ڪالر، ڪنجرو، ڪانبو، ڪـَـلف، ڪـُـنڍي ڌار چوان،
ڪانچ، ڪپـَـڙ، لوَن، ليڙون، لباتو، لـُـنگي ڌار چوان،
ليڙَ، لٽو،لنگ،لنگوٽو، لاوڻ،لسو، لائون ڌارچون،
لاڪ، لـُـڳڙ، ليڙا، ليلم، لـِـهه، لوئي، لانگ، لـِـتو، لڙيو ڌار چوان،
لاٺڙيو، لير، لوِيرُون، منڻ، موڙ، ملهاٽو ڌار چوان،
ميرو، ململ، ملير، منگهٽ، محمودي، منجهلو ڌار چوان،
مـُـصلو، مهارو، منڌيو، موئو، موٺـِـڙو، مـَـٺو ڌار چوان،
ننگ، نـَـڙو، نرڳ، نپوڙيو، ناسي، نائو، نئون، نهوار چوان،
نقاب، ناڙي، نيرو، وَهٽ، وڳو، وَٽ، وائلو ڌار چوان،
ور، وَجهه، وَڙ، وڏو، واسني، وَٽ ڌار چوان،
وال، وَٽڙو، وِيڻو، وِهاڻو، ٻيو يڪتاري ڌار چوان،
ٻـِـٽ، ٻانڌڻو، ٻـَـڌڻو، ٻچي، ٻـُـڪل، ٻوڪي ڌار چوان،
ٻـَـڌ،ٻيڙو، پلؤ، پوتي، پڳ، پهراڻ، پوتيو، پٽڪو ڌار چوان،
پاڪ، پليد، پـَـٽ، پالڪي، پٽي، پـَـڙ، پيٽي ڌار چوان،
پال، پـُـرزو، پـُـٺي، پاسو، پتلون، پوپٽي، پانچو ڌار چوان،
پيٽو، پائڻ، پوش، پاسري، پـُـسيو، پراڻو، پشم ڌار چوان،
پيشگير، پيٽو، پاپلين، پردو، پلؤ، پاند، پٿراڻي ڌار چوان،
پـَـڪو، پيچ، پاليس، پٽي، پٽڪو، پوشاڪ پاتي ڌار چوان،
ڀرت، ڀلو، ڀڳوو، ڀينڊي، ڀري، ٽوپ، ٽاڪو ڌار چوان،
ٽـِـڪ، ٽـُـڪ، ٽئونر، ٽـُـڪرو، ٽوپو، ٽوپي، ٽـَـڳو، ٽـِـڪو ڌار چوان،
ڏوريو، ڏَڪو، ڏوري، ڏَري، ڏور، ڏَهي، ڏاج ڏنو ڌار چوان،
ٿانُ، ٿڳڙي، ٿڦيو، ٿـُـلهو، ٿيلهو، ڌاڳو، ڌُڪو ڌار چوان،
ڍَڪ، ڍلو، ور وڇاڻو، چڪنو، چـَـتي ڌار چوان،
چوتو، چادر، چولو، چــڍي، چوپڻ، چيرو ڌار چوان،
چهـَـڪ، چاڪ، چـَـندي، چـَـهرو، چـَـڪرو، چـُـوڙي، چـُـوڻ چوڌار چوان،
ڇـُـر، ڇتر، ڇوَ، ڇاپو، ڳلو، ڳاٽي، ڳوڙهو، ڳارو، ڳرو ڌار چوان،
ڳنڍ، ڳـِـڙکي، ڳانو، چيڪ، چونڙي، ڄاري، ڄار انڌار چوان،
جهـِـمي، جهالر، جهنڊو، جهونو، جهلي، ڌار چوان،
جهار جهٽي، جهـُـل، جهوڙو، جهولي، جپاني ڌار چوان،
جهـُـنڊ، جهلڪو، ڪـُـنج، ڪـِـناري، گهنڊُ، گهـُـنڊي ڌار چوان،
ٽپڙ، ٽـُـوال، ٽـَـپـُـر، گـِـرهه، گودڙي، گنجي سا گلزار چوان،
لطف ڪجان تون ”لعلڻ“ چئي، صاحب رب ستار چوان.

 

ڪپهه

1. ڪپهه جو: پهو، ڦـُـونڌو، ٽؤنر، ڏينو، هنڌ.

2. ڪپهه جي: تورَ، تند، ڳٺڙي، برڪي.

ڪُڙمي

1. ڪڙمي جو (ڪڙمڪو): پـِـڙ، پير، ٻج، حال، هر، واهڙ، ڪڍ، لاهه.

2. ڪڙمي جي (ڪڙمڪي): واهر، ڍل، مٿڪي، مار، هلر، ٻني، ڪوڏر، ڪهاڙي، مهل، مند، پوک، جهار، واهپ.

ڪک

1. ڪک (ڪکن جا نالا): وينجهل، سر، ڪانهن، آلا، سـُـڪا، تنهور.

2. ڪک جا: ٽنگڙا، تـُـرها، اوڏيا، مـُـچا، ٻـُـهارا، پکا، ٽـُـوئا، تڏا، سـِـڻ، ڇـِـڪا، ڇـَـها، چونرا.

3. ڪک جو: تڏو، جهوپڙو، ٻهارو، آکيرو، مـَـنـَـهـُـن، پيهو، پيڙهو، چونرو، پکو، ڇـَـنو، تـُـرهو، مـَـڏُ، ڇـِـڪو، مـُـچو، وِڃڻو، ڇـَـپـُـر، جهڳو، ڇٻو، کارو.

4. ڪک جون: ڏريون، دٻڪيون، پترون، نـُـکون، ڇتريون، تيليون، لانڍيون، تـَـڏيون، ڇـَـٻيون.

ڪک جي: ڏري، ڇٻڙي، ڇٻي، کاري، دٻڪي، نـُـک، تونري، ڏَلهي، ڇتري، مـَـنَ، پـَـتر، پلڻ، ڏٻلي، پيشَ،لانڍي، کـُـڏي، ڇـِـت، ڌائي، مـُـئي، ٻهاري، تيلي، تـَـڏي، ڇيتِ، چهنب، نوڪَ.

ڪـَـمي

1. ڪمي (ڪمين جا نالا): ڪاسبي، ڪهارو، نفر، نوڪر، ٻيلي، ٻانهون، گولو، بجير.

ڪـُـن

1. ڪن (ڪنن جا قسم): اونهون، ويڪرو، موڪرو، تانگهو، تار.

2. ڪن جو: ڪنارو، ترو، وچ، گهيرو.

3. ڪن جي: گهير، ويڪر، موڪر، اونهائي.

ڪنڊو

1. ڪنڊي جو: وڻ، ٿـُـڙ، پـُـور، ڏار، ٽار، ٽڪ، سڱر، ٻـُـور، پن.

2. ڪنڊي جي: ٽاري، سڱري، لام، ٽام ڇانوَ.

ڪـُـنو

1. ڪني جو: ٻوڙ، رڌو، ترو، ڍَڪُ، ڍڪڻ، ڪارو، ليهه، پاسو، ڪـَـنو.

2. ڪني جي: ڪاراٺ، رڌي، ڪک، ڪاراڻ.

ڪوڙ

1. ڪوڙ جو: بهانو، مڪر، فريب، دولاب.

2. ڪوڙجي: دغا، ٺڳي، ڪپت.

ڪوهه قاف

1. ڪوهه قاف جو: راڪاس، ديوُ، ديهه، جـِـنُ.

2. ڪوهه قاف جي: پري، چوٽي، ديوي.

کاڄ

1. کاڄ (کاڄ جا قسم): مکڻ، لڏون، چورمون، ڪوپرو، پـَـت، ڊاکون، ٻـُـور، ٻوڙ، چانهه، وهـُـه، چرٻي، وِکُ، ڇوهارا، ڪتل، وِسناڻ، پڪو، ڪچو، کيرو، طعام، ڳـُـنڌڻ، آچار، صوف، پيهون، پاپڙ، پيڙا، ڀت، مٺائي، ٻوٽيون، تڙون، جليبيون، ٽـِـڪيون، ريوِڙيون، موڻيون، سانڌاڻو، تـِـرَ، مصري، مهي، ماني، روٽ، روٽلو، ميوو، حلوو، مـُـستي، ڳـُـڙ، ڪباب، قورمون، پلاهه، چاشني، چنگالي، کيرڻي، کارو، کٽو، ڦـِـڪو، ڪڙو، ڪـُـٽي، ناريل، پلو، مڇي، آني، ڪڙهي، ملائي، ٿـَـرِ، پساهه، دم پخت، تلوڻا، ليٽي، ڄمون، ڀـُـڳو، سـَـتـُـو، شربت، پوريون، ڀوڳاڙو، پڪوان، اوبارو، فالودو، ڪچوريون، ڪوفتا، يخني، زردو، ستربينيون، پلنگ ٽوڙ، ڀڳڙا، کاڄا، پيٽارو، کيري، مربو، چٽڻي، عرق، شراب، مالپڙا، کيرپـُـڙا، تـِـر بوڙيندا، ڳـُـڙداڻي، اکروٽ، مغزات، بادام، پـِـستا، نيزا، ڪشمش، بوهي چڻا، دال، ڀاڄي، ڪمند، ڪريلو، نباتون، توشا، ٿاڌل، ميسوپاڪ، کجيون، کجور، بصر، ٿوم، دَمَ، گيهر، وَڙو، نختي، مائو، توت، نارنگي، ناسپاتي، چڪون، چڀڙ، گدرو، ڇانهين، انب، انجير، ليمون، سيتاڦل، گجر، موري، وَنگو، پالڪ، مريڙو، هـَـڪم، لوجريون، تازو، پارُوٿو.

2. کاڄ جو: سواد، مزو، ٿانءُ، برتن، گرهه، لـُـقمو، مصالحو، طباخ.

3. کاڄ جي: مهل، شيءَ، رَڌ، ڦيلهي، ٿالهه.

کٽ

1. کٽ جو: هنڌ، وهاڻو، رَلڪو، پائو، اوپرو، ٺوڪڻ، واڻڻ، ڇـِـڪڻ، پـَـهڻ، مـُـنو.

2. کٽ جي: تانگهه، واڏڻ، اِيسَ، ڇـِـڪي، تنگ، ڇني، واڻي.

کٽي

1. کٽيءَ جو: رنگ، ڪـُـن، ڌوپ، ننگ، ڪساڻو، ساڪـُـڙ، ڦـَـرهو.

2. کٽيءَ جي: ڇـُـرَ، رَتي، ٻنڌي، ڀينڊي، ڇاڇول، گـِـسي، ڪـَـٽَ، ڦـُـلي، کڙ، مـَـنڻ، کوڙَ.

گـــار

1. گار (گار جا قسم): تـَـنوار، ڪـُـوار، رَنَ، حرامزادي، حرامخور، مڇلي.


*  چيل لعلڻ خان لغاري جو، سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه، ص

*  چيل باغ محمد جوکيي جو، “ نئين زندگي” فيبروري 1951ع تان ورتل.

*  چيل لعلڻ خان لغاري. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص

(3)  اميد علي پٽ ولي محمد لغاري، ويٺل ڳوٺ جادو لغاري تعلقو ٽنڊوالهيار. سنه 1910ع/1328هه ۾ ڄائو. سنڌي ست درجا پڙهيل آهي. سندس ٽيهه اکريون، مولود ۽ ڪافيون مشهور آهن.

·  چيل لعلڻ خان نصابي جو، سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص؟

(2)  چيل اميد علي خان لغاري جو، سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص

*  چيل لعلڻ خان لغاري جو، سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص

*  چيل لعڻ خان لغاريءَ جو، سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه ص.

*  چيل لعلڻ خان لغاري جو، سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org