سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :3

 

مــتــن

ڳجهارتون- 1

ڀاڱو پهريون

ڳجهارتن جي ڀڃڻي

ڳجهارت جي ’پائي‘ ۾ لڪل نالي وٺڻ يا انهيءَ نالي کي واءُ لڳڻ سان ڳجهارت ڀڄي پوندي، تنهنڪري سگهڙ ۽ ڳولا، اڪثر نالن جون کنڌيون پاڻ وٽ ياد رکندا آهن. انهيءَ ترڪيب سان ڳجهارت وسئون وٽانئن بچي ڪانه سگهندي آهي، جيئن ته ڳجهارت جي ’ڳولَ‘ ڏکي آهي، تنهنڪري سگهڙن نه فقط جداجدا جنسن جي نالن ياد ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پر هنن انهن نالن کي آسانيءَ سان ياد ڪرڻ لاءِ بيت جوڙيا، ته ڳجهارت کي ڳولڻ ۾ سولائي ٿئي. هن ڀاڱي ۾ ڳجهارت جي مشهور ڄاڻن جي زباني قلمبند ڪيل نثر توڙي نظم جي کنڌين کي شامل ڪيو ويو آهي.

ڳجهارتن جا ’پاوا‘ ٻن قسمن جا آهن، (1) نالا يا اســم ۽ (2) نالن جو صفتون. نالن ۾ ماڻهن، ذاتين، ساهوارن، جيتن، پکين، گاهن، پوکن ۽ شهرن وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا، صفتن ۾ ”جا“، ”جو“، ”جون“، ۽ ”سجي“ اچي وڃن ٿا، مثلا= ”اُڀ جا“، ”گاهه جو“، ”جـَـر جون“ ۽ ”اک جي“. انهن پاون جي ڀڃڻيءَ جون کنڌيون پڻ انهيءَ سلسلي موجب ترتيب ڏيئي رکيون ويون آهن. ڀڃڻي يا ڳول جو ”بيت“ آخر ۾ ڏنو ويو آهي. اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ڪنهن به ’پائي‘ بابت چيل ”بيت“ ۾ انهيءَ پائي جا نالا توڙي صفتون اچي وڃن ٿيون. مثلا= ”اُڀ“ تي چيل بيت ۾ نه صرف ”اڀ“ جا نالا اچي وڃن ٿا، مگر اُڀ جون صفتون توڙي فضائي شيون شامل آهن.

آساني خاطر مـُـک پاوا، عنوان طور ’الف- بي‘ وار رکيا ويا آهن ته پڙهندڙ سولائيءَ سان ڪنهن به ’پائي‘ جي ڀڃڻي معلوم ڪري سگهي. شروعات ’الف‘ سان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اُڀ، اڌ سڌ، اک، اکر مکيه پاوا آهن، اهڙيءَ طرح ’بي‘ ۾ وري انهيءَ اکر سان شروع ٿيند ’مـُـک پاوا‘ ساڳيءَ ترتيب موجب ڏنا ويا آهن. ظاهر آهي ته هن ڀاڱي ۾ ڳجهارتن جا سڀئي ’پاوا‘ ۽ انهن جون ڀڃڻيون شامل نه آهن، صرف اهي ’مـُـک پاوا‘ ۽ انهن جون ڀڃڻيون سگهڙن وٽان وقت سر ملي سگهيون، سي شامل ڪيون ويون آهن.

 

----*----

اُڀ

1.اُڀ جا نالا: آسمان، آڪاس، عرش.

2. اُڀ جا: تارا، ٽيڙوُ، ستارا، لـُـڌا، گـِـرهه، ڏينهن،اُڀريا،  لٿا، لڙيا، ڪڪر، بادل، وسڪارا، طبقَ، اولا، ڳڙا، گولا، نکٽَ، ڇوها.

3. اُڀ جو: نکٽُ، عڪس، وِهائو، وڇون، ڀٽون، کوهه، ٽنگر، قطب، سج، چنڊ، زحل، مشتري، زهرو، منڊل، جهـُـڙ، وِڏرُ، اوهيرو، مينهن، وسڪارو، چمڪاٽ، ٺڪاءُ، ڌڪاءُ، ڪوهيرو، جهولو، طوفان، لـُـڙ، نيرو، ڀـِـنو وُٺو، ڏانگڙو، ميگهه، ملهارُ.

4. اُڀ جون: ڪتيون، راسيون، راتيون، پينگهون، ماڙيون، ڇاٽون، ڦڙيون، ملهارون، اوريڪون، هوائون، اُلهيون، هرڻ کڏيون، نوايون، ڀيڙيون، ڪڍَ رُون، منيون.

5. اُڀ جي: ڪـُـنڍي، کٽ، رُوس، وِڄ، اِنڊلٺ، برسات، بارش، بوند، گوڙِ، کنوڻ، بجلي، ڪارَ، جهڪ، ڀـِـني، اوريڪ، هوا، لـُـڪَ، لکَ، سردي، چـِـٽَ، گرمي، واچَ، ڪاراڻِ، لـَـس، ڪڪري، واڏَرِي، ماڪَ، پولارَ، تترکرڙي، ڳاڙهاڻ، ساوَڪ، وَس، صفائي، انڌوڪار.

6. اُڀ جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
سانوڻ، سورج، سهڻو سارنگ، ميرُون، ميگهه ملار چوان،
ڪڪر، ڪارَپ، قمر، چنڊ، چانڊوڪي، چهرو چار، چوان،
ٽيڙُو، مـُـنيون، مينهن، مـَـلارو، ڪتي، قطب، ڪاڙهو، ڪار چوان،
آگم، آڙنگ، اُڀريو، ڪنڍي، ڪڻي، حوت، دلو دلدار چوان،
لاٽ، لڙاٽ، نکٽ، نيرو، پيسرو، پارو، ماڪ، وُٺي مهندار چوان،
رَئي رَءُ، رنگ، روشنائي، جهولا، جهڪون ڌار چوان،
ڇنڊا، ڦڙا، ڇاٽون، ڇوها ڇروُن، جوزا، قوس قنڌار چوان،
جهڙ، ڦـُـڙ، جهالون، لس، لڌڙا، ڳڙا، ڳار چوڌار چوان،
برف، بجلي، بوند، بهاري، بادل، برسيو، انڊلٺ يار انڌار چوان،
اَيٿ اُڀريو، ڇوٽڪا، چاندني، سج اُتي سردار چوان،
تاءُ تکو تجلو تارو، برسات، رُوهي، بهار چوان،
عرش قرش، آسمان، اوهيرا، وِڇون، واٽ وسڪار چوان،
مڇلو، کٽ، کنوڻ، گل، گوڙيون، ڀـِـني، پينگهه ڀلار چوان،
بارش، بار، بحر جو چمڪو، ڀيڄ ڀلي ڀڻڪار چوان،
ڪاڙهو، ڪماڻيو، ڪهڪشان، جهمڪو، جهڙ ڦـُـڙ، جهلڪو ڌار چوان،
صاف صفائي، مينهن ملهائي، اُڀريو، لٿو آر چوان،
گاج گجگوڙ، اوٿر، اَنڌاري، ليڪون، لهريون، پيسرو پلتار چوان،
ٿاڌل، ٿڌڪارو، چمڪار، چنگارو، ڪاڙها ڪارونڀار چوان،
انڌوڪار آيو، وِڄ وسايو، ڇوهو سو ڇٽڪار چوان،
لطف ڪجانءِ تون ”لعڻ“ تي، صاحب رب ستار چوان.

 

اَڌ سڏ

1. او، اي، اڙي، اَئي، ڙي، هيٺ، ڦيٺ، ٻڙي.

اک

1. اک (اکيون): ڪاريون، ڪجليون، سهڻيون، چٽيون، ڪاڻيون، جڏيون، ٽيڏيون، شيريون، ڪـُـنڍيون، نماڻيون.

2. اک جا: اوجاڳا، اِشارا، ڦيرَ، تارا، پنبڻ، ڇپر، تـُـنرا، نهين وار.

3. اک جو: ڌُنڌ، ڦـُـلو، وَهڻ، اُٿڻ، سڄڻ، چٽو، ڌيان، اِشارو، نظر، شرم، آرام، اوجاڳو، ناز، تجلو، نخرو، پاڻي، پورڻ، پٽڻ، حياءُ، وسڻ، لڳڻ، ٻڏڻ.

4. اک جون: ماڻڪيون، گهورون، نظرون، پٽيون، پوريون.

5. اک جي: نظر، ڄائي، سوڄ، ننڊ، ماڻڪي، لـَـڄ، گهورَ، نگاهه، اُونگهه، ڇمڪ، اُٿي، رائي، آنڙي، لڳي، پوري، پٽي، پني، ڇالي، اُگهي، ٻوٽي، ڳاڙهي، ڪاري، پـِـچي.

اکــر

1. اکر (اکرن جا نالا): الف، بي، زي، لام، واو، ڙڙو، ممو.

2. اکر جا: نقطا، ٽٻڪا.

3. اکر جو: اَنگ، وَٽ، لکيو، پيشُ، حرف، باب، صحيح، غلط، ڪارو، وڏو، ننڍو، سنهو، ٿلهو.

4. اکر جون: اعرابون، صورتون، نشانيون.

5. اکر جي: اَڻي، زير، زبر، شد، مد، جزم.

اَن

1. اَن (انن جا نالا): ساريون، ڪڻڪ، چانور، ٻاجهر، جوئر، کلڻ، ڪاڻي، گرگلو، اَڇڙي، جاڙي، جوَ، ڀـُـرٽ، سائون، ڪرنگهه، مڪائي، مکڻي، چڻا، مٽر، مانهه، سارِ، مـُـڱ، ترَ، ڪـُـنڍي.

2. اَن جا: ڏوڌا، ڪاسا، ٽويا، ڪڏا، ڪوهرَ، سوئا، ڳارا، پڪوڙا، ٻيجا، داڻا، چـِـلا، ڀانڊا، کرا، گندا، ڦـُـلا، ڪوڪلا، ڪوٺلا، کيٽَ، ڀيليا، تـُـهه، پوکيا.

3. اَن جو: آڏارڻ، ڏوڌو، اگهه، مڻ، خرار، ٽويو، ڪاسو، ماپارو، جيءُ، ڀت، ڏارو، ڪڏو، آڀون، کرو، اَٽو، ميدو، ڳارو، ٻـُـڪ، چونڊو، لابارو، چـُـنو، وِرو، ابواب، ٻوهو، تهه، ڳڀُ، اَٽاڻ، بوسو، ڇاڻُ، سنگ، ڀاڱو، داڻو، ڪڻو، کيرو، کوڙ، ڍِڳُ، ڪانو، رَس، ٻوڙو، ٻورو، وِڪرو، چرون، ڌَڪ، ڏريو.

4. اَن جون: راهون، کاهيون، ملهون، ٻوريون، پليون، گنديون، سيون، پهڻيون، کوڙيون، مٺيون، ڀريون، ڌاڻيون، ڪرهيون، رکون، ٻڪيون، رَيون، ساريون.

5. اَن جي: وائـُـر، ڇڙَ، ڇنڊ، پاٽي، چوٿائي، رَک، ماني، کچڻي، ڀوري، ڪـُـٽي، تـُـهي، ٻـُـري، ٻـِـٽَ، تري، پـَـلي، گـُـندي، پلهه، لـَـپ، ڪنڍر، آڳر، ڪلڪائي، تاري، ڳاهي، هلر، پـُـڳر، ڀرپَ، ساڍي چال، سيرڪي، تورَ، ڏَري، توتڙ، ڪتر، ٻـُـڪي، واڌائي، دَز، ڪرهي، ڇاڻي، ڏَڌڙي، ڏڏري، بکيا، ڀيڙي، گهاڻي، ڪاسڪي، اَگهي، مـُـٺ، سٿي، ڍِڳي، کاهي، ٻوري.

6. اَن جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
اَن اُپاري، آوَت ٺاهي، تون ميڙ مـُـڱن جي ٻار چوان،
کيرو، کوڙي، کرو ٺاهي، ڪر ڪو رَڙ ڪڻا ڌار چوان،
راهه کؤن ريڙهي رک تون، ڪر مانهه، مٽر جي ڏار چوان،
ميو، ماڻ، مهري، مـُـکري، ڪر چنگي، چپٽي ڌار چوان،
چهنڊي، چـُـرون، چـُـوري، چانور، چڻو، چـِـلو، چـُـوريو يار چوان،
چاڻو، چاڻـِـي، چوکا، چنگالي، سنگ، صفائي، ڪر وائر جي وسڪار چوان،
ڪـَـڏا، ڪير، ڪنڊي، ڪاسو، ڌَڙو، تـُـوتڙ ڌار چوان،
پـَـل پـَلي پـُـڻ پاٽي، پيٺون ڪر پڪو، پلٿيڻ ڌار چوان،
اڇو آڀـُـون، آڏَر، اَٽو ڪر ڏارو، پليٿڻ ڌار چوان،
ڊڳڙ، بـُـسري، ٻـُـڪي، ٻـُـهاري، ڪر ٻـُـر ٻيجو ٻار چوان،
ڦـُـلو ڦـَـڪو، ڦرڙيو، ڪر ڍِڳي، ڦانڊي ڍار چوان،
ڦڪي، ڦوڳرَ، ڦـُـلو، ڦـَـڪو، پـِـڙي، پـَـٽي، ڪر ڇڙڇنڊ ڇاڻي ڌار چوان،
توتڙ، لپون، ليڙا ٺاهي ڪر ڀور، ڀانڊو ڀري تار چوان،
ڳـَـر، ڳڀو، ڳچ، ڀور، ڀـُـڳڙو، ڪر ڪـُـٽي اگهه اپار چوان،
چـُـوري، چوٿائي، چـِـلو، چـُـنو، ٻيجو، ٻـِـج، ٻـُـهار چوان،
سيرا، سـَـيون، چيڻا، چپٽي، ڪر ڪوهر، ڪهڻو ڌار چوان،
ناپو، نانگلي، ساريون، سڳداسي، ڪر ڌاڻا، چنگالي ڌار چوان،
ڇـَـٽون، ڇـَـلـَـر، ناڙي، نگر، ڪر ڪهڻو ڪڻڪي جوار چوان،
ڳاڙهي، اڇڙي، کـِـلڻ کوڙا، بکيا بازيگر ڌار چوان،
ڪٽي، ڪانهين، کيرو، خاشو، ماپ، مـَـيو، مـُـڱ، منڌاڻي، چونرا ڌار چوان،
اَڏ، اَوهاندا، اوڙو، اڇڙي، اُسري، ايڪڙ، اڌوڀر آڌار چوان،
آڌائون، انگور، اور، اُسري، اَهـُـر، آڳاٽي، آوَت، آلو ڌار چوان،
اَگهه آهلي، آڀون، اڳياڙِي، بند بيلاڪي، بـَـگ، بازيگر ڌار چوان،
بصر، بوکڙو، بـُـلرِ، بيهي، بـُـهه، باراني، بجر بوسي ڌار چوان،
تـِـر، توتڙ، تماڪ، توري، تـَـسر، تـَـسيو، تـُـنبي تار چوان،
تڪ، ترائي، توريو، تـُـري، تـُـوريون، تـُـهه، تيلا ڌار چوان،
سـُـڪي، سڙي، سهنور ساڻ سنڀالي، ساوَڪ، سـُـٿري ڌار چوان،
سائي، سائون، ساريون، سنگت، سوس، سنڌو، سـُـئا سار چوان،
سلو، سرنهه، سـِـڻي، سنڀالو، سهاڳ، سونگڙي، سير سڌار چوان،
سيهو سهيڙِي، جوهر جوئر جي، جانچي جاٽون ڌار چوان،
جريب، جاڙِي، هاري، هر، هڪلي، حصو، هنداڻو هار چوان،
کڙو، کـِـڙڪي، کيڙي، کرڙو، کيرو، کـِـلڻ، کئي، کنڀاڻي ڌار چوان،
کاڌ کڏوٽي، کـَـس، کار، کوڙو، کرو، کـُـتون، کرو ڌار چوان،
کوٽيا، کهنبڙي، کوڙِي، کنڌي، کـَـهـُـري، کاڄو ڌار چوان،
دَڙِي، داڻا، دَن، دَنگ، ديرو، ريج، رجائج ڌار چوان،
روت، رُوڻي، ريهڙ، رتي، رُلي، رَک، راهون ڌار چوان،
رنگ، ريڀڙي، رونبو، رسي، رچائي، ديکڻ ڌار چوان،
زيان، ضايع، ذوق، زَردو، زينت، ضابطو زردار چوان،
ڦرڙي ڦـُـٽي، ڦڪو، ڦرسو، ڦـُـلاڙي، ڦريون، ڦار چوان،
ڦوڳ، ڦولاريو، ڦندڻي، ڦاڪو، ڪيڻ، ڪـَـچي، ڪل ڪار چوان،
ڪاڻي، ڪريلو، ڪتي، ڪارَپ، ڪرنگ، ڪنگڻي، ڪـُـماڻي ڌار چوان،
ڪـَـرڙي، ڪـُـتر، ڪڻڪ، ڪهڻو، ڪانگڙو، ڪــڻا، ڪـُـهڙي ڌار چوان،
ڪانو، ڪـَـڪي، ڪسي، ڪانگڙِي، ڪـَـجهي، ڪـِـري، ڪـَـڏا ڌار چوان،
ڪـَـڙَٻ، ڪانهين، ڪانگڙ، ڪـُـرٽي، ڪورڙ، ڪاشني ڪار چوان،
ڪـُـڪَ، ڪـِـنار، ڪاسو، ڪـُـڙمي، گوگهم، گدرو، گلزار چوان،
ڪـِـرنگ، ڪڙيا، ڪـُـنڊي، ڪڪڙا، ڪڙيا، ڪاشني، ڪارچوان.
گـَـڏو، گـُـدام، گــجر، گـُـلڙا، گوبي، گـُـڏ، گاهه، گـُـري، ڪر گـُـوار چوان،
لاهي، لٿي، لوسڻ، لوڙهو، لـَـپو، لوڻڪ، لابارو لار چوان،
لوڙهه، لائين، لسي، ليٽون، لائي، لـُـڻي، لٽ ڌار چوان،
گڏي، گوگڙُو، مـُـهرِي، منڌاڻي، مور، مـُـکري، مانهن، مٽر، مڱ، ڌار چوان،
مـُـهڙ، مکڻي، مانجهر، موري، مـُـٺون، مـَـڏ، ميها ڌار چوان،
مند، مهلو، مـُـنڍي، مرلي، موڙ، ميندي، ميٿي، مرچون ڌار چوان،
مٺڙي، مرهي، مڪئي، مليرڙو، موٺ، ملهو، منهن ڌار چوان،
ميڙهه، منگهو، ماڃر، ميڙِي، ناڙو، نانگلي، نائڪو ڌار چوان،
ناڙِي، ناڀو، نسري، نهوَرَ، ناڙو، نـُـڪرو، نار چوان،
ننڍِي، نپائي، وَلهه، واڙِي، وَنگو، ويرو، سو وَئون ويچار چوان،
واڱڻ، واهي، وٽ، ورهائي، ونڊي، وارو ڌار چوان،
وڏي، وَلر، وَلار، وائڙو، وائر، وَڍَ، ووڻاٺي، وسڪار چوان،
ٻارا، ٻنا، ٻاري، ٻيلنگهه، ٻوڙا، ٻوچڙ، ٻيجو، ٻج ٻـُـهار چوان،
ٻورُ، ٻاجهري، ٻٽالو، ٻوڙو، ٻـُـڪي، ٻيلهه ٻاٽي ڌار چوان،
ٻهراري، ٻاٽي، پـَـن، پوٽا، پيهي، پٽهه، پپوري پار چوان،
پـَـڪي، پوک، پچائي، پونجها، پاڇاٽي، پالڪ، پـِـتا پار چوان،
پـَـڊ، پيتل، پاڙو، پـِـڙي، پٽي، پوٽو، پـِـتي، پلي، پــَـل ڌار چوان،
پڇور، پاڻي، پڳر، پکي، پياري، ڀوري، ڀري، ڀل ڌار چوان،
ڀينڊي، ڀاڪر، ڀيلي، ڀاڱو، ٺري، ٺيڙي، ٺوڙهي ڌار چوان،
ٺـَـپو، ٺاهي، ماڻ، ميو، ٽـُـڪون، ٽيڙي، ڍِڳي، ڍارا، ڌار چوان،
ڍهلي، ڍوري، ڍَڪي، ڍاڪو، سا ڍَهل ڌار چوان،
ڊَڀ، ڊٺي، ڊاهي، ڊاڳ، سڻي، سنڀالو، ڪانبو، ڪٽي ڌار چوان،
تـَـڪ، تور، کـَـس، کهنبڙي، ڪارَپ، ڪاڻي ڌار چوان،
چوپ، چوپو، چوٽڪ، چڀڙُ، چانور، چيڻو، چري، ڌار چوان،
چـَـڻو، چـُـنگي، چيٽ، چتي، ڳلچير، ڳنو، ڳر ڌار چوان،
ڳوڙها، ڳپل، ڳلي، ڳنڍو، ڪنڍي، ڪمائي ڌار چوان،
ڇاهان، ڇاڻو، ڇلي، ڇٽ، ڇـُـلنگي، بجر بار چوان،
ڳڀي، ڳني، کيٽ، کـَـرو، کڏوٽي، کري، ڏَري، کـُـت ڌار چوان،
گهاٽ، گهاٽي، گهٽي، گهمرو، گهيرو، کـُـڻ، کنڀاڻي يار چوان،
ساڙ، صفائي، ڍِڍا، ڍنگر، ڊاڳ، ڊَٺي، ڍِڳ ڌار چوان،
لطف ڪجانءِ تون ”لعلڻ“ چئي، ڪلمون قلب قرار چوان.

 

اوزار

1. اوزار (اوزارن جا نالا) پاڪي، ڪتر، ڪينچي، نڪچڻو، نهرڻ، مشين، واهولو، ڪارائي، رَندو، گونيا، رنبي، ماهيچو، پٽاس، سيراهي، ڪمان، ڪشو، هٿوڙو، برمون، ڪهاڙو، رَوات، ٽڪوري، ڪرٽ، اَنبوري، سنبو، سانسي، پنوسر، ڦيرڻي، سـُـئي، ليول، گرمٽ، مسطر، وڻنل.

باهه

1. باهه (باهه جا نالا) ڄيرو، آگ، آتش، آڙاهه.

2. باهه جا: اُڌمان، اڱر، آرڻ، سيرَڻ، اوگها، ٽانڊا، چلها، تجلا، ٽمڪا، اُهاوا، سڙيا، ٻريا، دونهان.

3. باهه جو: ٽانڊو، کامڻ، سڙيو، تئو، سيڪ، ٻڙڪو، ڀڙڪو، مچُ، ڀڀڙ، دونهون، سمون، اڱرَ، جاڳتو، ڪوئلو، ٻرڻ، ڌَڳڻ، دَونڪڻ، وسامڻ، ٻرڻ، پچڻ، وڪوڙڻ، وٺڻ، لڳڻ، مچڻ، کامڻ، جلڻ، پکڙڻ، ڦوڪڻ، ٽمڪڻ، رس، سڙڻ، تجلو، اوجيسُ، سوجهرو، اوجاس، چـُـلهو، ڪلُ.

4. باهه جون: اُماڙيون، ڏِياٽيون، دونهيون، ڄڀيون، سڙيون، رَکون، چمڪيون، ٽمڪيون، جليون، ٻـُـريون، ٽانڊيون، ڪاٺيون، ڀڙڪيون، ڀڀڪيون، چريون،چلهيون، تجليون، پڪلون، اُجهايون، کاميون، وِساميون، تيزيون.

5. باهه جي: لوساٽ، ڄرَ، لاٽ، ڄڀي، گرمي، چڻنگ، چوانتي، ڇار، ڇاري، ڪيري، رَکَ، ڦلهير، دُکي، جامڪي، ڌَنوَڻ، ڌمڻ، بـَـٺي، ٻالي، اُجهائي، دُونهي، ٽانڊي، ٽمڪي، ڦلهيار، سڙي، چـَـري، ڪاٺي، اُماڙي، ٻاري، سڙيل، پڪل.

6. باهه جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار چوان،
آڙهه، اُلا عشق اٿاريا، چؤانتي، چڻنگ لڳي چوڌار چوان،
آس، الانبو، آتش، آگ، اُڀري، ٻاري، ٻارڻ يار چوان،
ڀڀڙ، باهيون، ڀڙڪي، چاهيون، ٽهڪو، ڪيري ڪار چوان،
بجلي، تجلي، ٻارڻ، ٻڙڪو، چٽڪو، چٽڪي چوڌار چوان،
تؤ، تک، تپش، ٽانڊو، ٽهڪو، ڪوئلو، اڱر ڪار چوان،
دَري، دوزخ، ڍانڍ،داغ، دلين تي، ڏيو، چراغي ڏار چوان،
چٽڪي، چلهه، چري ٻيو چـِـخو، چاهه، لڳي چوڌار چوان،
چرخ، چمني، ڏايو، ڏاري، ٻنڀو، اُڀارو ٻار چوان،
سيڪ، سوجهرو، رمز روشنائي، ڄاٽي، ڄڀي ڄر، ڌار چوان،
شم، شور، شمع، ٻيوشاهي تجلو، تتي، ڪوسي ڪـِـر، ڌار چوان،
جهلو، جهڙڪو،گهمرو، گهيرو، جوش، جليو جنسار چوان،
ڪـُـهڙ، ڪوسو، ڀني، ڀيرو، ڏنڀ، ٺنڀ، ٺريو ڏهڪار چوان،
ساڙي، ساڙ، اُماڙ، اڀارو، اوڀر، لاٽون، لوهه لغار چوان،
اُهاءَ، آگم، شعاع، شاهي، ڦلي، ڦوڪ، ڦرڪڻي ڇار چوان،
کڏَ، کورو، کام، کوڙي، ٻيو دُونهن دُکي دلدار چوان،
اڱر، اماڙي، ڄاٽي، ڄيرو، مچ مچايا من تي ڌار چوان،
لطف ڪجانءِ تون ”لعلڻ“ چئي، ڪلمون قلب قرار چوان.

 

ٻــــار

1. ٻار (ٻار جا نالا) ڪـِـڪو، ڇوڪرو، ننڍڙو، لاڏلو، معصوم.

2. ٻار جو (ٻاراڻو): ڌُتو، ڌُتپو، اَنگل، آرو، لاڏُ،ڪوڏُ، هيجُ، روئڻ، رُسڻ، روسامو، رَهلو، چوٽيءَ ڌڪ.

3. ٻار جي (ٻاراڻي): ٻولي، پوتي، چـَـٽ، کينچل، ويهڪ، لوڏَ، وندر، وَهي، رَهلي.

ٻولي

1. ٻولي (لفظ ۽ ٻولين جا نالا) ماٺ، ڪر، لات، کل، خوشي، زاري، ڪڏهن ڪڏهن، والار، رڙ، ٻهڪ، منٿ، ها، اچو، وڃو، نه، ڀڻڪو، آواز، ڪـُـڻڪو، گيت، بيت، راڳ، رڳڙو، رهلو، ڊُسڪو، ڳالهايو، مٺي، گهوڙا، آزي، کري، سچي، گت، لاڙي، پوش، جواب، مرو، ڪئي، نيٺ، ويڳاڻي، مسڪيني، ٽـَـر، ڇني، دُور، سمجهائي، مت، ڪرو، ڇو، چڱي، بد، هاءِ، ڇـِـني، مرڳو، دوزخ، بهشت، پنڊ، مون، تون، آءٌ، اسين، ڪو، ناڪار، جيڏانهن، ڪوبه، نڪو، ڪيڏانهن، جٿ ڪٿ، لقب، مانُ، مهڻ، ستر، صبر، ساڃاهه، شاباس، آفرين، جس، بيشڪ، شايد، لاشڪ، آهين، ووءِ ووءِ، جيءُ، هـُـون هـُـون، وٺ پڪڙ، هاها، پشتو، انگريزي، ٻوڌي، چيني، اُردو، سنڌي، سرائڪي، عربي، شاستري، گرمکي، ڪلداني، يوناني، دکني، پهاڙي، بلوچي، مرهٽي، گجراتي، ڪاٺياواڙي، ڪڇي، لاڙي، اُترادي، ڍاٽي، ٿري، پنجابي، بنگالي، روسي، جرمني، ولائتي، جاپاني، هندستاني، هندي، ملتاني.

ٻيڙي

1. ٻيڙي (ٻيڙيءَ جا نالا): ڊونڊي، بتيلو، ڪنڊي، ٻيڙي.

2. ٻيڙيءَ جا: ڌِڪا، دِڪا، پورَ، لها، لوڏا، هاڪاريا، ڪنڊا، ناکئا، سونها، ملاحَ، مهاڻا، ميربحرَ، رَسا.

3. ٻيڙيءَ جو: سهاڳ، سانگهارو، ڳڙهه، سـِـڙهه، ونجهه، ناکئو، مهاڻو، ميربحر، هاڪاريو، سونهون، ڪنڊو، پور، ترڻ.

4. ٻيڙيءَ جون: مڏيون، سانگاهيون.

5. ٻيڙيءَ جي: سانگاهه، ڪاٺي.

6. ٻيڙيءَ جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
سرکنڊ، سر، سهاڳ، ساڙ، سير، سيما، قلمي، سا ڪنار چوان،
ڪشتي، ڪاهي، کوها، ٿنڀا، گهمرا، گهيرا، گهاڙ خمار چوان،
ٽپَ، نشان، تري، تانگهو، لڪڙ، لهوارِي، لار چوان،
ڇـِـڪ، ڇـُـٽي، ڇوهي، ڇاٻري، ڇنڊا، ڇلڪا ڌار چوان،
اُڇل، اُٿلي، آڳهه، پاڳهه، ڏگرِي، ڏوُنگي، ڊوُنڊي ڌار چوان،
تنبو، ترهو، تار، تري پئي، رَنڊ، روڪ، رواني، رَس ڌار چوان،
چپوُ، چونڪ، چلڻ، چانئڪا، چرخي، چڙهي ڌار چوان،
سنگهر، ميڙهه، صفائي، سگهائي، تڙ، طالبو تار چوان،
موڙ، ملاح، مرڪ، مهاڻا، لڪ، لانگها، لار چوان،
لوڏا، لمان، لهريون، لڪڙا، ليٽوُن، تختا، ڦرها ڌار چوان،
وَڪڙ، وَرَ، وَنجهه، ورائي، وَلو، وِيڻا، موسالي ڌار چوان،
جهل جهنڊا، جهاٽڪا، جهوڙا، ڦاٿل ڦيرا ڌار چوان،
لڙهي لهوارِي، آئي اوڀارِي، ٻلي ٿيلهو ٻار چوان،
ڌِڪا ڌوڻا، پاڇل، پتڻ، وَنجهه، منهڙو وار چوان،
پور، پيتل، بيرق، باري، ٻڌي، ٻاري، ڪنڌيءَ لڳ ڪنار چوان،
بحر، بتيلا، گـُـرزا، گوشا، گهلي، گتي گار چوان،
لطف ڪجان تون ”لعلڻ“ تي، صاحب رب ستار چوان.

 

ٻيلي

1. ٻيلي (ٻيلين جا نالا): نفر، نوڪر، ٻانهو، غلام، گولو، خادم، بجير، ڪمي، خذمتگار.

ڀـَـٽ

1. ڀٽ جو (ڀٽڪو): نقل، نظير، ناچ، گيت، سـُـر، راڳ، ڏوهيڙو، ڏوهو.

2. ڀٽ جي (ڀٽڪي): پر، ٻولي، پوشاڪ، ڳالهه، ڪهاڻي.

ڀـِـٽَ

1. ڀٽ جو: ڳاٽُ، پوڇانڊو، ڳارو، پاسو، لنگهه، لاهه، ٽونڪ.

2. ڀٽ جي: ڀرِ، چوٽي، واٽ.

ڀنگ

1. ڀنگ جو: ڏنڊو، ڪونڊو، صافو، نشو، ترو، خمار، گهوٽو، جوڳُ.

2. ڀنگ جي: چـُـڪي، سـُـرڪي، چپٽي، ڇاڻي، پيتي، گهوٽي.

تــاڃــي

1. تاڃي (تاڃيءَ جا قسم): ڇـِـڊي، گهاٽي، اوڄو.

تـــارو

1. تارو (تارن جا نالا): وهائو، ڀـَـٽون، قطب، ڪنڊو، ڪتيون، کوهه، کٽ، نکٽ، ساتيرو، ٽيڙُو، پڇر.

تــَــڙ

1. تڙ (تڙن جا نالا) ڦـِـٽو، ڳجهو، ڪيهي، ڏنگو، ڏنگ، سامارو، ڪارو، کارو، مٺو، ٻاڙو، ڪچو، پڪو.

2. تڙ جا: وارا، ڪوٺا، دِڪا، لوٽا، ڦيرا.

3. تڙ جو: وارو، ڪوٺو، ٺهو، ڊٺو، دِڪو، نارُ، ڪوس، اُڌمو، ڏڪ، رئو، رنڊو، تارُ، ڇن، لوٽو، ڦيرو، ٽپ، رسو، چڪُ، آنهن، گهيرو، گهرو، آرُ.

4. تڙ جون: چونڪيون، ڦرڻيون، ڀوڻيون، نڪرن، ورتون اوڙڪيون.

5. تڙ جي: رنڊ، ڳجهه، ويساهه، سارڻ، ڪـُـهڙ، ٺاهه، واري، ڏنگ، جاڪ، وَرت، چونڪي، ڀونري، چرخي، چڙهي، مـُـٺ، ڏوري، ڇـِـڪ، ڀـِـڪَ، نـِـڪ، پاڳَ، رٿ، نيسر، مالهه، چـِـڪ، ٻڌ، سرڪي، سر، روڻ، منجڻ، ڪرڪَ، اُونهه، وَٽَ.

ٿــر

1. ٿر جو: رِڻ، پنڌ، ٿري، ڪشالو، پيچرو.

2. ٿر جي: ڇٽي، ڪنڌي، ڪسَ، ڪنار، ڳنڍي، واري.

ٺڪر

1. ٺڪر جا: دلا، ڪونڊا، ڪونرا، نارا، نيسارا، گهڙا، لوٽا.

2. ٺڪر جو: نارو، نيسارو، ڪنگر، لوٽو، مٽ، دِلو، ڍَڪڻ، ڪونرو، طباق، ڪونڊو، حقو، طسُ، ڪـُـنو، گهڙو، ڏيو، ٽڀو.

3. ٺڪر جون: دليون، دانگيون، گهڙيون، پاٽيون، ڦيلهيون، ڇلون، ناديون، نـِـيلون.

4. ٺڪر جي: نيل، نيسر، دِلي، ماٽي، دانگي، گهڙي، پاٽ، ڦيلهي، گهاگهر، گهگهي، سـِـر، ڪوناري، اُکري، دَکي، جمني، سڻڪ، ٽوپي، جنڊي، ڳنر، پيالي، نادي، ڇل.

پاراتو

1. پاراتو: وڍيو، ٻريو، پٽيو، سڙيو، ڪـُـٺو، ماريو، مـُـئو.

پـَـٽُ (ريشم)

1. پٽ: ڳاڙهو، اڇو، اُچو، ريشم، ڪارو.

2. پٽ جا: تورڻ، دُڪا، ڀريا، سنهان، ٿلها، ڏورا، اوگار، واپار، دوڪان.

3. پٽ جو: سڳو، ڏورو، دُڪو، رنگ، سنهون، ٿلهو، ڀرت، چوڙڻ، هنڊائڻ، ڪپڙو، اوبرو، وَيٺڻ.

4. پٽ جون: تندون، هاڪون، ڏوريون، رسيون، ڏهيون، ڇڙيون، موڙڻيون، ڪوٺيون، بدڙيون.

5. پٽ جي: تند، ڏور، لونگي، تور، ڪسائي، پڪائي.

پـَـٽ

1. پـَـٽ (پٽ جا نالا): زمين، ڌرتي، ڀـُـون.

2. پـَـٽ جا: پنڌَ، ميدانَ، ملاکڙا، گذر.

3. پـَـٽ جو: وَسيو، رِڻ، پاسو، تلسر، پڌرو، ٺـُـل، طرف، ڀاڱو، گهارو، نمبر، ايڪڙ، جريبُ، ويسوو، ٻارو، رستو، دنگُ.

4. پـَـٽ جون: ڀيڻيون، لاهيون، چاڙهيون.

5. پـَـٽ جي: واري، نگاهه، زيل، ڍنڍ، ڍوري، هيٺاهين، مٿاهين، ڪڇِ، اَڏ، چونڪڙي، کيڙي، سمَ، اوڀڙ.

6. پـَـٽ جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
اَڻ، اُڇل، ايڪڙ، اوسارِي، اَڏ، اَوهاندو، اوچي ڌار چوان،
اَروڳو، آڙو، اُڀاري، بيل، بوڙينڊو، بند بهار چوان،
بـُـٺو، ڀنجهو، بنگلو، بار، بيحد، تـُـوڪ، تراهي تار چوان،
تـَـرتـَـڪ، تربت، تنوُر، تاڪي، طول، ترو، سڪي، سرنگهه سنڀار چوان،
سـُـڃ، صفائي، صـُـفو، سنڌو، سونهين سرسائي ڌار چوان،
سخت، سلامي، سڙڪ، سامي، سيري، جا”، جارو ڌار چوان،
جـَـڪ، جريب، جـَـد، هاري، هر، هيٺاهين ڌار چوان،
حـَـب، هاڙهو، کرڪ، کرڙو، کوهي، کاڌ، کاٽي ڌار چوان،
کـُـڏي، کهاڏو، کورو، کيل، کوهر، کاٽو، کيڙي ڌار چوان،
کوڙ، کوٻو، کڏو، کنڌي، کرو، کهري ڌار چوان،
کاڻِ، کپو، کڙو،دڙو، دِڪي، دور، ديوال ڌار چوان،
دَنگ، دَٻالـَـٽ،ديرو، دز، دڳ، دوفان، دڪو ڌار چوان،
جنبَ، جائي، زِنب، ذَرو، راهه، رستو، ريهڙ، ريتي ڌار چوان،
رَئي، رائو،ريج، ريٽ، روهه، رَٻڙي، روڙو، راڳو ڌار چوان،
ريڳڙو، راڦو، رَند، روُڻي، سامي، سوڙهي ڌار چوان،
شاهد، شڪي، گـُـڏي، گاڏو، گـِـسر، گيهل، گوز، گارو،ڌار چوان،
گـِـرڻ، گـَـپ، گـُـندي، گولو، گورا گل، گون، گهرو ڌار چوان،
ڪنڌِي، ڪنارو، ڪيرو، ڪڙيو، ڪسي، ڪوٽ، ڪنگرا ڌار چوان،
ڪپر، ڪوٺي، ڪٻو، ڪلر، ڪـِـن، ڪيڻ ڪيري ڌار چوان،
ڪوڀ، ڪڇي، ڪـُـنب، قالب، ڪوس، ڪربل ڌار چوان،
ڦوٽوُن، ڦوڙِي، ڦاٽ، ڦلهاريو، ڦـُـلي، ڦـُـٽي ڌار چوان،
لـَـٽ، ليٽ، لوڙهه، لـَـڪ، ليڪو، لـَـت، لپو، ليڙو ڌار چوان،
لـِـتڻ، ليپو، مارنگ، محلو، موڙي، مٿاهين، مارو ڌار چوان،
ماڙِي، مـُـنارا،مٽي، ميٽ، ميدان، نار، نيشان ڌار چوان،
وَرق، واهي، وَڪُ، ويرو، وَٽ، واٽ، وَر ڌار چوان،
وَڍِ، واڍڙ، وارِي، ويران، وسون، وَڻڪار چوان،
ٻيٽ، ٻوهارِي، ٻنو، ٻارو، ٻنجرو ٻاري ڌار چوان،
ٻڪي، ٻنڌ، ٻـُـهرَ، ٻوڏ، پڪي، پنڌ، پيچرو پٽ ڌار چوان،
پوسل، پستي، پيتل، پاڙو، پـِـڙي، پٽي، پنوڙو پار چوان،
پنڌ، پٽيون، پور، پؤڻِ، پٻَ، پلي، پوڙِي ڌار چوان،
ڀلي، ڀورَ، ڀتر، ڀاڏَ، ڀڳ، ڀـِـٽون، ڀيڙ، ڀڏو ڀـِـني ڌار چوان،
ڪڇ، وِرڇ، وَٽ، وسيو، رِڻ، رُڃ، ڌار چوان،
ٺـُـلهه، ٺاهه، ٺري، ٽاڪ، ٽـُـڪرو، ٽـُـڪ، ٽار ڌار چوان،
ٿر، ٿاڪ، ٿاڻا، ٿلها، ڏُوڻ، ڏَلهو، ڏار ڌار چوان،
ڏَري، ڏَرو، ڏاٻي، ڏاڍي، ڏور، ڏار ڌار چوان،
ڍِلي، ڍَڪ، ڍوري، ڍِڳ، ڍِڳي، ڊاسـُـڙ، ڊانءِ، ڊِٻ ڌار چوان،
چڪ، چوٽي، چڪڻ، چنبو، چاڙي، چلهه، چري، چارو ڌار چوان،
چوپو، چـَـتي، چيڪي، چپٽي، چرُون، چلها چوڌار چوان،
چڪي، چيري، کاٽي، کوٽي، ڇـِـنڀ، ڇاڻو، ڇار چوان،
ڇوري، ڇـِـن، ڇـَـن، ڇـِـت، ڇنڊو، ڇاري ڌار چوان،
کهاڏو، کڏو، کاٽي، کار، کري، واهه، واهڙ ڌار چوان،
ڌُوڙ، ڌُٻڻ، ڌَمڪ، ڍِڳ،ڍوري، ڍَڪ، ڍڳي ڌار چوان،
گهٽ، گهارو، گهيڙ، ڏوڻ، ڏَلهو، گهور، گهر ڌار چوان،
کامون، کوڙي، بـَـر، بيابان، بندر، آنهن، تلاءُ ڌار چوان،
لطف ڪرين تون ”لعلڻ“ تي، صاحب رب ستار چوان.

 

پساري

1. پساريءَ جو (پسارڪو): وکر، علاج، دڪان، هٽ.

2. پساريءَ جي (پسارڪي): پـُـڙي، ڦـَـڪي، سـُـتي، ٻـُـڪي، دوا.

پـکـي

1. پکي (پکين جا نالا): هڪ هڙيو، ٻيو ٻاٽيڀڙ، ٽي ٽٻڪڻ، چوٿون چتون، پنجون پاريهل، ڇهين ڇٻڪڻ، ستون سانهن، اٺون اوٺار، نائون، نغارون، ڏهون ڏاريو، يارهون روهل، ٻارهون ٻوهاڙ، تيرهون تتر، چوڏهون چاڪر، پنڌرهون پيڻ، سورهون سانباهو، سترهون سؤزنگ، اَرڙهون آڙي، اوڻيهون عقاب، ويهون وهيو1 . پاريٻو، طوطو، ٻوڙي، جهرڪي، ڇاپاڪو، هولو، ڪنائو، پارهيل، ڪاريهل، ڳيرو، تحمول، ڪانهل، پاپس، ڀورائي، هنجهه، گهگهه، چٻرو، پهوڙي، لائو، ڪانءُ، هـِـل، چـِـڙي، ڪانئرو، ڪهي، مقبول، چميڙ، چمڙو، پرمار، گل، پرديسي، ملڪ، ڪانگ، هيڙهو، شهباز، مور، مئنا، ڪونج، هـُـڙيو، عنقا، ميري، زُرو، ڀرو، گـُـرڙ، متاءُ، سيسر، ڪووس، سري، بانشو، اُڏڪ، ڀوري، مورڙو، آئيڙي، روڏو، جاپر، سيل، پرمت، ڳـِـجهه، سارس، ٻچڙو،وِڄلو، ٻٽير، ٽقيٌهر، پاريهر، سائنر، اوٺي، نيلگي، ڏانوَر.

2. پکي (پکين) جا: وَلر، ڀيرا، گهـُـمرا، ٽولا، آکيرا، چنبا، ماريا، کاڌا، ڦـَـٽيا، ڇـِـنا، پرَ، ڀڙڪا، اُڏڻا.

3. پکي جو: بدن، پرُ، کنڀ، ٺونگو، سـُـر، آوازُ، مٿو، گردن، سينو، پـِـتو، ڀانڊو، ڪوڙو، هينئون، زيرو، جيرو، ڦڦڙ، نڙگهٽ، پـُـڇ، مغز، پاڇو، لـِـڪيو، اُڏاڻو، آڪاس، ڇرڪيو، ڀڙڪو، گهمرو، مڪلوف، طعامو، بوتو، نشانو، گـَـز، تير، لانگهو، شڪار، ڀـَـڳو، ڌڪ، پيڻُ، ڳورانڀو، آهٽ، اڙاٻيڙ، آڳٽ.

4. پکي (پکين) جون: ڇانگون، ٽوليون، چهنبون، کنڀڙاٽيون، لاتيون، لوليون، ڪوڙڪيون، ڦـَـڙڪون.

5. پکي جي: ٻولي، ڪوَ، چين چين، چينگهار، ڀڻڪارَ، هي هو، چانگار، تنوار، ڪوڪ، رڙ، دانهن، سڪَ، لاتِ، وِٺِ، سيرَ، تڪبير، چوڳَ، ڄار، ڪمان، خطا، چـِـست، چـُـٽَ، سرڪڻ، چهنب، سسي، ڳچي، گـُـجي، ڪوڙي، ڇـَـٽي، ٽنگ، نري، گهـُـنڊي، ڪـُـٺي، پـُـٺي، چيلهه، ڪـُـهي.

6. پکين جا بيت

( 1 )

ساراهيان سچو ڌڻي، تون موليٰ مسلمان ڪجان،
ڪونج، ڪبوتر، ڪانو، کيانتا، ڪانگل جام سلام ڏجان،
بلبل، ڀورا، ڳيرا، چـَـتون، چمڙا، ٻـِـلا، ڄاڻ سڄاڻ ٿجان،
اُماهه، عقاب شتاب وڃي تون، پيڻ منهنجا پيغام ڏجان،
سـِـرڻ، سانباها، بانشا، بحري، لغڙ لوهون جام ڏجان،
ترمچ، طوطا، ميم مکالي، مينا، ڪٻر، لالي لک سلام ڏجان،
لطف ڪجان تون ”لعلڻ“ تي، داتا دِين ايمان ڏجان.
مقبول، متاهه، چانهن، چـِـٻون ۽ مينهڻ تاڙا ڪن ترڙاٽ اُتي،
موسا، ميٽا، جهنگ، ڇپاڪيون، ٻوڙي، ڪن ٻولاهيون ٻرڙاٽ اُتي،
ڦوسيون، ڦـِـديون، جهرڪ، لـِـڪون، روڏا ڪن ريهاٽ اُتي،
هنجهه، هماءِ، هزاري مور، بدڪ، ڊيلون، گرڙ ٻڌن گرڙاٽ اُتي،
ڪنولي، ڪڻڇي، ڪنگ، ڪبوتر، ڪرناهيون، ڪن ڪيناهيون ڪرڙاٽ اُتي،
چمڙا، چست چٽوڙ، چڪوري، چاهيون، چٻرا، ڪن چرڙاٽ اُتي،
هـُـدهـُـد، هيڙها، هڻاڊِي، ڪرڙ ڍِينگ، ٽٽيهر، ٽڪلا، وَهيا ڪن وَرڙاٽ اُتي،
ٻنگ، ٻٽيرا، تلهير، طوطا، تلوُر، تتر، ڀونتر يا ڪن ڀرڙاٽ اُتي،
شترمرغ، چنڊول، چڙي، چناهيون، اَڀرا، اُتڪا، سائن ٻڌا سرڙاٽ اُتي،
لاکي ڄاڃي، پرمار، پپيهل، پوپٽ، ڪينگري ڪيا ڪرڙاٽ اُتي،
موهن، مرگهه، متاهيون، موڏا، چـرغ، چڪوري چيها ڪن چرڙاٽ اُتي،
ڪڪڙ، ڪارڙا، ڪٽا، قليل، ڪمرا، ڳجهه ٻڌا ڳرڙاٽ اُتي،
ٻگهه، ٻگهڙا، ٽوٻا، ٽرڙا، ٽوڙ ٽوڪا، ڪن بوڙينڊا برڙاٽ اُتي،
لطف ڪجان تون ”لعلڻ“ چئي، ڪا دِين ڏيکارِين واٽ اُتي.
لڪو،لغڙ، لوهه لامارو، لاکي، ڪـُـرڪـُـٽ ڪن ڪرڙاٽ اُتي،
پتنگ، پاريهل، پاپسي،پڃرو، پروانا ڪن دُهلياري دُونهاٽ اُتي،
اَل اُڏايو، اُلو، آڙي، اَڇڙا، بشين، بحري، کڙهه جي کرڙاٽ اُتي،
قاز، ڪواز، قـُـمري، ڪوئل، ڪرڪو ڪن ڪرڙاٽ اُتي،
ڪاٺڪٽو، ڪهنگ، ڪانيرو، ڪرڙو، ڪٽو، ڪوئاماري ڪاٽ اُتي،
لاتيون، لنگو، ٺونگو ٺاهي ڪن دهلياري دڙٻاٽ اُتي،
دام، دُوالي، کنڀڙا، کٽياڻي، مينهڻ، مڪڙ، ڀؤنر، ڀنڀوري ڀاٽ اُتي،
ڦڙڪو، ڦيٽ، ڦيرو، ڦٿڪڻ، ڦاٿو، ٻـِـٽ ٻنگائي سڀرا ڪن سرڙاٽ اُتي،
اَصيل آنو، آر اُڏاريو، چوڳ چـُـڳڻ چرڙاٽ اُتي،
چهنب، چـُـوڻ، چنبو، چٽالي، ڪري گهگهه گرو گرڙاٽ اُتي،
لـِـڪو، لاوِرو، زرگڻ، زُرو، رَنهڪي، روهيلا، هـِـل ٻڌا هرڙاٽ اُتي،
ميرو، مينهن وَساڙو، منگهو، ميهر، گرو گوڙو، تامو چرڳڻ چاٽ اُتي،
کـُـڏي، کوڙي، جهڙپ، جهٽيو، باز، بحر آنيل عطائي آٽ اُتي،
اَجهو، آکيرو، جابلو، جيئرو، ڪـُـهي، قطارون، ڪن واهيرُو ورڙاٽ اُتي،
تنبڻ، تارُوئڙو، ماکي مـِـٺو، گـُـرگ، گاڏيرڻ، ابابيل ٻڌا اوراٽ اُتي،
لطف ڪري تون ”لعلڻ“ تي، ڪا دِين ڏيکارين واٽ اُتي.

 

( 2 )

بحري، باز، بشين، بانشا، ٻيا شـِـڪرا شينهن چون،
سـِـرڻ سنباهو، سوزنگ، سانهه، ٻيا چمڙا چاهه چون،
مور، متاهه، مرغ، موهن، ٻي ڪنگري ڪونج چون،
ڊيل، ڊِگوش، اوٺار، آڙي، ٻيا نوارا نون،
ڪـُـهنگَ، ڪوڙهل، ڪبوتر، ڪوئل ٻيا پاريهل پرن،
تـُـور، تلور، ڪنگ، ڪانئرا، ٻگها ڪين ٻجهن،
گـُـگهه گـِـرن، گڏها، گرڙ، ٻيا نردُول پاس نمن،
هنجهه، منگهه، پرمار، بنسو، هماءُ حضور هلن،
ڳجهه، ڳيرو، عقاب، ليهو ٻيا لغڙ لاپ هڻن،
ٻهاڙ، ٻاٻيهو، چاڪر، چڪور، پيا زوران زور سـُـڄن،
بدڪ ڀئونر، هنجهه، هـُـڙيو، ٻيا سيچاڻا سـُـڄن،
پيڻ، پيـَـڻ، چيهه، چيڪلو، ٻيون ٻولهايون ٻـُـرن،
ڇاڙهو، ڇاپاڪو، چـِـٻَ، چنڊول، ٻيا هدهد حال ونڊين،
کومون، کيانتو، نيرگي، ڏاڙهيو، ٻيا روهيل پاس رمن،
مقبول، دهلاري، ڇنڀو، ڇٻڪڻ، ٿا ڪيڻاٺي ڪان هڻن،
چـِـندو، چـَـتون، ميري، پٻوهڙي، ٿا پاريهر پڇن،
بوڙينڊو، بنسو، نيرو، ڌئوڻي، ٿا وِيرا واٽ وٺن،
آهنگريو، ٿورانڊو، سرمائي، ٻڏڻو، ٻيا مڱڻهار منجهن،
رُڻڪ، رتنبو، لوهاريو، ڦاڙهائو، ٻيا کنڀا ڪيرَ چون،
تارڻ، تينائي، جهلوري، ٽئايو، سينڌرو ٻيا کوٻائي خان چون،
سرخ، ساڳيلو، اُپنگ، اَبابيل، ٻيا سامون سال چون،
ٽاپرو،رامپري، سينسار، ڏوئل، ٻيا چپڪ چاڪ چلن،
ٽينڪ، غبارو، تيغونَ، سارڙي، ٻيا چٽوڙا چلن،
ٽوٻو، ٽيٽو، مينا، لـِـڪو، مـِـٺـُـو ماٺ نه ڪن،
طوطو، تتر، لائو، لـِـڪ، ٻيون ٿاريليون ٿرن،
ڪانگ، ڪٻر، ميٽو، ملهالو، ٻيون کٽياڻيون کلن،
هيڙهو، ليلهو، ٺوڙهو، روڏو، ٻيون ٽٽيهريون ٽهلن،
ڍانڍيڙو، ٻٽيرو، ٻاٽيڀڙ، ڀونترو، ٻيا گونهخور گڙن،
ڪـُـڪُ ڪٻهاڙي، ڪارڙو، ڪئامار، ٻيا محمودي مرڪن،
ڳيري، ڪـُـرڪٽ، ڪالڪڻڇي، بربل، ٿيون کوهين کيڏون ڪن،
جهرڪ، ڦوسڻي، اَڪ چوپڻي، تـُـرمچي، ٻيا وَهيا ولر ڪن،
ڪاٺڪٽو، ڪرناهه، ڪرڪنات، تربناڪ، ٻياڪينائي ڪنبن،
آر، ڀوري، بکو، بوري، ٻيا چيها چرڙاٽ ڪن،
تاڙو، تنبڻ، ڪاهو، قـُـمري، ٿا جگران قوُت چون،
ڇر، ڇنڀر، چهنب، چوڳو، لاکيڄاڃي لچڪن،
ملهه، طعامون، پڇر، پخالي، ٻارٺڳارڻيون ٺهڪن،
ٽلي، وير، ڏورو، ڀڙڪو، ڍولير ڍِڪون ڪن،
ٻگهه، ڊڪ، وِٺ، چنبو، ڀڙڪو، گاموئي گاجون ڪن،
ڪرڪو، اوسو، ڳچي، ڳاني، ڪاري باز ڪنبن،
رام ساريڙي، رائينا، رمييو رانديون ڪن،
ڪڪڙ ٻانگو، اصيل، ٽرڙو، ٿا گوڙو گام هلن،
جائو، کهنبو، پيلو، ڀؤنريو، ٿا ڦـُـلڦـُـليا ڦڙڪن،
هيرو، ڀـُـڏري، ماديو، گلوو، ٿا ريزا رواز ڪن،
شيخر، واير، پاپڙيل، چوٽير، ٿا دوڏر دام هڻن،
سري، چهنب، ڏاٻ، ٺونگو، ٿا کڙهيل ڪاري ڪوڏ هڻن،
بال، بغل، موڙ، مـِـسو، هو خاڪي خيال نه ڪن،
آنو، ٻچو، چلهو، چوز، ٿا چـِـڙي، چرڳ چون،
مهو، مڇر، مک، ڏنگ، ٿا سانوڻ منجهه سونهن،
ڏينڀو، چيلاٽو، ٻگئي، مڪڙ ٿا حڪم ساڻ هلن،
پر پتنگ، پوپٽ، پروانو، ٿا امير امام پڙهن،
روح، پساهه، ريح، دم، ٿا ڏاڍي زور وڃن،
”حاميد“ انهيءَ احوال جي، آهي سڌ نه سنگهارن،
جن مڃيو آهي محمد کي، سي دوزخ باهه ڇـُـٽن،
پوءِ جي ڪلمون پاڪ پڙهن، هوندا سي ايمان سان.

 

( 3 )

اول ساراهيان  رب ستار، محمد مير مٺو مختيار،
چوکا چڱا چارئي يار، پنجتن پاڪ جيءُ جيار،

 

مندون سال سنديون ٿيون چار،
سڀن کان بهتر آهه بهار.

 

وهواهه مند بهار جي آئي، سڀ هنڌ ٿيڙي ساوڪ سائي،
هرڪنهن مٿان لئي آئي، سڀڪو ٿيو جاءِ بجائي،

 

مرد، زالون، ٻيٽو، ٻار.

 

ڌڻي اسان تي ڪيو رحم، ڪونهي دل تي غم وهم،
ڪل تي قادر جو آ ڪرم، سڀڪو خوش آهه خورم،

 

هاري، ناري، ڌڻ، ڌڻار.

 

وڻندڙ راحت واريون راتيون، بلبل باغن ۾ ڪن باتيون،
ليلهن، لغڙن جون سڻ لاتيون، طوطن، تترن جون ٻڌ تاتيون،

 

تڙ تڙ تاڙا ڪن تنوار.

 

هرهنڌ ٿيڙو غوغا غلغل، باتيون  باغن ۾ ڪن بلبل،
گلشن اندر ٽڙيا گل گل، هنجهن، هيڙهن جا ٻڌ هـُـل هـُـل،

 

ڪونجون ڪريو وتن قطار.

 

ڊوڙون ڪن پيا ڊاغو، ڊوڏا، ولر ڪيو ڏس رمن روڏا،
واءُ ڏئي ٿو وڻن کي لوڏا، اچيو اچيو سي ٿين اوڏا،

 

جهم جهم جهومن ٽاريون ٽار.

 

هنس،هماءُ،هنجرون،هوڙيون،ٻاٽيڀڙ، ٻگها ۽ ٻوڙيون،
گهگهن، گرڙن جون سڻ گوڙيون، هرجنس هلي ٿيون جوڙيون،

 

چمڙن، چيهن جي چينگار.

 

مرگهه، موسڙا مرڪن مور، ڪبڪون، ڪٻرون ٽلن ٽور،
چـِـٻن جي چپ ٻيا چڪور، هر هر هنجهن لايو هور،

 

ڀـُـڻ ڀـُـڻ ڀوريءَ جا ڀڻڪار.

 

سرڻيون، سانباها، سرخاب، آڙيون، بدڪون، اُلو، عقاب،
تور، تلور جو تجلو تاب، ڪهڙي بات ڪجي هت باب،

 

سڻ تون جهرڪين جي جهونڪار.

 

شڪرن، شينهڻين شور وڏو، زُرن جو ڪل کان زور وڏو،
ڳيرن، هولن، هور وڏو، شترمرغ، اٺور وڏو،

 

باشا بحري بارو بار.

 

گوئڙ، ليها، ڪڪڙ، ڪانگ، چانهيون، چڪوا، چاڙو چانگ،
باز، ترمچي ڪن پيا رانگ، مينا، منگهه جي لڳي پئي لانگ،

 

قمريون، ڪڻڇيون ڪن قطار.

 

ڦـِـديون، ٽيٽهر ۽ ٻاٻيها، بدڪون، پاريهر ۽ پپيها،
ڦوسيون، ٽڪلا،چوپيون،چيها، هيڙها، بدڪون، ليلها ليها،

 

چمڪون، چنڊولن چوڌار.

 

قدرت جا سڀ آهن رنگ، هلي زمانو انهي ڍنگ،
جاٿي آباديءَ جا ڪل انگ، اتي رڙن ٿا ڪڏهن ڪنگ،

 

اهڙي ريت هلي سنسار.

 

دلبر دنيا اهڙيءَ چال، ڏينهن ٻٽي آهه اهڙي ڳالهه،
ڪڏهن خوشي ڪڏهن بدحال، ڪڏهن سيٺ، ڪڏهن ڪنگال،

 

سوچي ان ۾ گهوٽ تون گهار.

 

اهڙي اڙانگي آهي دنيا، ڪنهن سان ڪين نباهي دنيا،
هميشه الٽي ڪاهي دنيا، سڀ کي رڻ ۾ رلائي دنيا،

 

ڏيک دنيا جا ڏينهڙا چار.

 

ڪهڙو حال ادا! اُت ٿيندءِ کڻيو مار، کـَـپـُـر جت کيندَءِ
وجهيو وات پيا پٽيندَءِ ڏاڍو ڏنگن ساڻ ڏنگيندَءِس

ڪابه نه اتهين هلندي ڪار.

 

اهڙي اندر وقت آخير، مدد ڪندو اچي مرسل مير،
آهه وسيلو وارث وير، ڏيندو سيد ڄام سڌير،

 

ڇٽندا ڇيهن کان بدڪار.

 

”سنو“يال سان گهرجي گهارڻ، نفس امارو پنهنجو مارڻ،
وعدو ازل جو گهرجي پارڻ، ٻيڙي پراڻي گهرجي تارڻ،

 

پـُـرجي ڪلمي جي پچار.
لا اِلــہ اِلا الله محمد رسول الله.

 

( 4 )

پڙهه مرثيا مير حسين جا، تون غم منجهه گذار،
پکين ماتم ڪيو پير لاءِ واهيرا ڇڏي وڻڪار،
ڳيرن ڳوڙها ڳاڙيا، پاريهل ڪڍيا پار،
جهرڪيون پنهنجي جهوريءَ ۾، چـِـڙيون ڪن چونگار،
هيڙها هداسي حسين لاءِ تتر ڪن تنوار،
ڪانو، ڪبوتر، ڪٻريون، ڪڍيا پـِـٽَ پرمار،
سرڻيون، سانباها سڪ منجهئون، ڳجهڙين ڏنا ڳار،
لغڙن، باشن، لاتيون ڪيون، ليها ٿيا لاچار،
بازن، زُرن بس ڪئي، ڇڏيائون شوق شڪار،
مورن،ڊيلن ماتم ڪيو، پيا وَهيا منجهه ويچار،
تاڙن، طوطن طلب منجهؤن، ڪوئل ڪئي ڪوڪار،
چـِـٻن، چيهن چيچٽ ڪيا، ٻگهن ڪئي ٻاڪار،
رانئل، ڪنگ، آڙيون، اصلون پٽي ڪڍن پار،
ڪـُـڪ، چٽا، چڪور، چاهيون گهمن پيا چوڌار،
هئي هئي هما ِّ پکي هـُـئي، پسڻ جي پلتار،
عقاب پکي اَرمان ۾، ڪيو ڪوئامار،
ڪڪڙ، قاز، شترمرغ، ٻيا پکي ڀي ملهار،
بربليون بس نه ڪن، هئي ڀورين جي ڀلڪار،
چمڙا، چنڊول پکي، ڪوڪن ڪاٺڪٽار،
هنجهه، ڪبوتر حسين لاءِشرنو رتوبن زارو زار،
شڪرا، شهباز، گرڙ پکي، ۽ ٻيا اڪيچار،
تور، تلورون، تاريئڙا، شڪلا بيشمار،
روڏن، گهگهن رڙيون ڪيون، ٿيا بوڙينڊا بيقرار،
گوجلا غمن ۾ ٿيا، ڪنگن جهلي ڪنار،
ڪونجون ڪرڪن روهه تي، ڪري آيون قطار،
ماتم مير حسين جو، هرجاءِ ڪن حبدار،
عرش زمين اندوهه ۾، حورون ملڪ هزار،
حڪم حضرت حسين مڃيو، سيد نيزي سوار،
اڳيان راهب رت رنو، ڏيئي اوڇنگارون هروار،
”بدالرحيم“و عرض ڪري، واڳ مديني وار،
ڏج پناهه ”سهري“کي، نيئي مديني مار.

 

( 5 )

واکاڻيان تنهن واحد کي، جو موليٰ آهه مڙن،
ڪونهي ميعاد مخلوق جو، مٿي زمين زمن،
رڳو نشان ڪيم نالا، پيار منجهان پکين،
ته اَبوجهلي، اَبابيل،آڙي، اُڏڪ ٿا اُٿن،
بدڪ، بکر، باز، بهشتي، بي پري سان ڀچن،
بيوس، بازيگر، بوڙينڊو، باشو، بگو، بـُـگلو ٿا بيهن،
ٻٽيرا، ٻٻرلو، ٻوڙي، ٻگهه، ٻرهائي ٿا ٻوليون ڪن،
ٻوئڙ، ٻرهاڙو، ٻالڌتارو، ٻاجهه مان ٻيا ڪين ٻڌن،
پـَـٽ تتر، پيڻ، پاريهل، پرڀت، پيا سانَ پچن،
تتر، تـِـکا، تلور، تـِـڏ، تور، ترمچي، تيار ٿا ٿين،
ٽٽيهر، ٽاڪرُو، ٽيٽو، ٽرڪي، ٽڪلو ٽور نه ٽلن،
فيل، ڦيڻايون،ڦوسڻي، کوکراٽ، کٽياڻي، کنڀوٿا کلن،
گگهه، ڳيرو، ڳجهه ڳاڙهو هنج، ويجها ڪين وِهن،
زاغ، زِرو، ڊِگوش، ڍانڍيئڙو، ڍينگ، چڪورِ، چٻرو، چاهه سان چڳن،
چنڊول، چانهه، چـَـتون، چرچائي، چپڪ، چيڪون ڪن،
چٽوڙو، ڇاپاڪو، رتبو، رونهارو، رُٺا ڪين رهن،
مـُـلو، موسڙو، مرغابا، ميٽو، منگهه، مور، ماندان ڪين مرن،
موز پر، متاءُ، مـِـٺـُـو، ملهالو، مينا مينهڻ، آهي محبت منجهن،
نامبر،نيرڳي،لڪ،لاکي ڄاڃي،لوريون، لڙ سان لڙن،
لغڙ، ليٽڻ، لـِـڪا، لقلق، لاهين ڏي لهن،
سانهن، سـِـرڻ، سانباها، سرندائي، ٿا سيٽون سهن،
شيرازي، شڪرو، شاهين، شترمرغ، وهيا ڪين وهن،
هنجهر، هـُـد هـُـد، هيڙهو، هنجهه، هنس، هڏيخور، هڻيا ٿي هلن،
جهرڪي، جهڳڙ، ڪهنگ، ڪانءُ، ڪنگري، ڪئامار، ڪاوڙون ڪن،
ڪروانڪ، ڪـُـرڪٽ، ڪانئروکي ڪونج ڪين ڪهن،
ڪاٺڪٽا، ڪاڪاٽو،ڪوئل،قـُـمريون ڪاوڙسان ڪرڪن،
ڪبوتر، قاز، ڪڪڙ، ڪانڊا، ڪٻر، ڪوشش منجهه ڪڙهن،
ٻڌم جيڪي ٻين کان، سو سڻايان ٿو سڀن،
چمڙو چئجو چاهه سان، چڱا چـُـڪ نه ڪن،
ٻڌائجو ”ٻروچ“س کي، جيڪي ناهي منجهن،
”اڪبر“ کي اهي ٿا اچن، باقي ٻين جي خبر ٻين کي.

 

( 6 )

محبت وئي موڪلائي، تڏهن جهجهي ٿيڙي جنگ،
جت طوطن جي تنوار هئي، اتي متاهه گهمن منگهه،
جت مجلس هئي مورن جي، اتي ڪانئرا رڙن ڪنگ،
جت هنجهن جي هٻڪار هئي، اُت چيها وڄائن چنگ،
جت ڪڻڪ هئي ڪونجن جي،اتي ڪٻرون گهمن ڪهنگ،
سڀئي مٽيا رنگ، تڏهن ويو زمانو ضعيف ٿي.

 

ادا عمر! اسان جي ڏيهه ۾، پکي ٿين پالار،
سرڻ، سانباها، ڪارڙا، ڪٻرون ڪارونڀار،
ڪانگ، ڪوئل ۽ ڪاٺڪٽا، بدڪون بيشمار،
چـِـٻون، چيها، چٻرا، ٻي چتون ڪن چانگار،
چوزو، چڪلو، چمڙو، ٽٻڻو ۽ ٽٽيهار،
چڪور، چينائي، چـِـڙي، پاريهل پرمار،
تاڙو، تلور، ترمچي، تتر ڪن تنوار،
هـُـدهـُـد، هيڙهو، هڙيو، مـِـٺـُـو ۽ ملار،
ٻگهه، ٻرهاڙو، ٻاٻيهو، ٿا پوپٽ ڪن پاسار،
ققنس، ڪارونڀار، آهن ڏاريا پکي ڏيهه ۾.
آهن ڏاريا پکي ڏيهه ۾، هڪ هما ِّ ٻيا هنجهر،
لاکيڄاڃي لوڏ مان، ٿي کڻي ڪيڻاٺي ڪـَـر،
زاغ، زغن، زُرو، ليهو ۽ لغڙ،
ميري، ميٽو، موسڙو،سينچول، سموندر،
چانهه، چنڊول ۽ چٻرو، اُٺ پکي، ازگر،
لنگهو، ليلو، شڪرو، ٻوڙي، ٻاٽيڀڙ،
آنو، عقاب، آڙي، باشو باخبر،
ٽهڪ، ٽوٻو، ٽڏڪي، نـِـدو پکي نر،
چٽوڙو، پيڻ، پيهوڙي، ڪينهائي ڪٻر،
ڳـِـجهه مقبل ۽ چرنگ، مرگهه پکي ماهر،
برک، ٽپڪ ۽ ٽڪلو، دوم، ڌونري ڌمچر،
ٻـُـڏڻي، ٻهاڙ، وڄلو، ڏانهن پکي ڏونگر،
ڪانبو، بشين، ڳهڻو، ٿو هونگ ٻولي هر هر،
وهي، وهيو، دهلاري، پيڻ پکي ميهر،
بحري، باشو، بلبل، ڪـُـڪي ڪبوتر،
ڳيرو، ابابيل، سانهن پکي، پيدا ڪيا پرور،
اوٺو، آڪاس، ٺوڙهو، ڀونتريو، ڀـُـوڪر،
ڊيل، ڏوئيلو ۽ کنڀو، ٿـُـرانڊو، ٿوهر،
اڃا به سوين سراسر، پرور پکي پيدا ڪيا.

 

پکي پرور پيدا ڪيا،  روهيلو ۽ رينگ،
باز، ٻولاهي، نيلڳي، ٽيٽو ۽ ٽيڙينگ،
روڏو، رُهاڳي، رتونبو، ڍوليرو ۽ ڍينگ،
ڪيول، ڇپاڪ، ڍانڍي، گڏهه پکي، گوڙينگ،
کٽياڻي، جت، جهرڪي، هولو پکي هينگ،
ڀورو، ٻٽيرو، گرڙ پکي، چيهه، چغل ۽ چينگهه،
تور ۽ تولينگ، اڃا به قسم آهن ڪيترا.

 

پـَـنُ

1. پن جا: کـَـڙڪا، ڪريا، ڇڻيا.

2. پن جو: سائو، سڪو، ڇڻيو، ڇاڻو، پات، پوپو، کير، رس.

3. پن جي: تونري، پنڊي، ٻيڙي، ويڙهي، توتاڙي، ٻنڊي، چوٽي، رڌي.

پنڌ

1. پنڌ (پنڌ جا قسم): اڻانگو، اوڏو، پري، ڏکيو، ويجهو، نيڙو، سولو، اهنجو، گهڻو.

2. پنڌ جا: قافلا، پيچرا، گسَ، ڀليا، ڪيا، ميل ڪوهه.

3. پنڌ جو: ڪشالو، ٿـَـڪُ، اُڊڪو.

4. پنڌ جون: وکون، منزلون، واٽون، پـَـٽيون.

5. پنڌ جي: وڇوٽي، وٿي، ڇيٽي، پٽي، واٽَ، گام.

پنهنجو

1. پنهنجا: ٿاڻا، ٽڪاڻا، ٺڪاڻا، اوتارا، مائٽَ، عزيز، لنگهه، اوجاڳا، ڳل، ڳوڙها، ننهن، سڏَ، پرين، هٿ، پـُـٽَ، ٻيٽا، قريب، جانب، ڪينرا، عضوا، پيرَ، ڀيرا، قول، قرارَ، چاچا، ماما، ڪاڪا، نانا، ڏاڏا، پوٽا، سوٽَ، ماسات، پڦاٽ، ماروٽ، ڏهٽا، پڦڙ، ماسڙ، سالا، ڀيڻويا، ساهرا، نياڻا، نوڪر چاڪر، ٻانها، خادم، ڀائر، طعنا تنڪا، احوال، ٻچا.

2. پنهنجو: فڪر، پاڙو، ملڻ، آنڊو، ڪـَـرُ، لبُ، سـِـرُ، اَرواح، ڪرم، بخت، نصيب، وياءُ، اَباڻو، رَسُ، آرسُ، رستو، ڪشالو، جيءُ، حال، ماهه، ڪفن، پـِـتو، جهڄڻ، ويرُ، آبرو، رَتُ، پگهر، لاڳاپو، اولاد، ننگ، وعدو، خيال، محبوب، دَمُ، پساهه، ناٺي، سنڍُو، اِسم، جسم، سرير، عقل، ڌيان، ڀاڳُ، ڀرم، شرم، ذوق، شوق، عشق، ويراڳ، راز، ناز، چاڳَ، حڪم، اَدب، سلام، رُوئڻ، کلڻ، غم، تخم، ٻجُ، حق، ارادو، پيءُ ماءُ، آرام، حملو، سماءُ.

3. پنهنجون: اوڪاسون، مٺيون، نسون، اَرداسون، اکيون، ٻانهون، اوطاقون، لڄون، رهاڻيون، واٽون، ڀيڻون، سرتيون، ٻانهيون.

4. پنهنجي: سمجهه، موڪلاڻي، منٿ، تـِـري، ميڙ، رهاڻ، مجلس، وَهي، ڪاوڙ، نـِـڇَ، سيرب، قبر، ڪياڙي، جاءِ، صلاحَ، ناس، جان، دل، جهوري، سڌ، ڪـَـلَ، ساهي، ويهڪَ، لـِـڇَ، ريت، رسم، خوشي، فرحت، مٽي مائٽي، عزازت، ڳڻتي، ڪـَـلَ، پڇاڳاڇا، لـَـڄَ ليهه، لياقت، پـُـري، ناموس، ڳالهه ڳـَـت، گفتگو، نيت، مراد، وِڄا، ڌڄا، طاقت، قسمت، مروت، ماءُ.

5. پنهنجو، پنهنجي جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙي جوڙ جهان چوان،
آچار، اِنصاف، آواز، عدالت، اَڳرائي، عقيدو، عار چوان،
آرس، انگڙائي، اَرڏو، آرو، انگ، آنڌ، آڪڙ هار چوان،
اَدو، ابو، آئي، اَرمان، اُلڪو،اوسيڙو، آرام،عقل ڌار چوان،
اُڊو، اَجهو، عزت، آب، آبرو، احسان اندر جو ڌار چوان،
عذاب، عشق، آڌار، اَزل، اڱڻ، آزي سا اعتبار  چوان،
عيب، اَرمان، ارڪان، ايماني، انديشو، اُرهه ڌار چوان،
اَمان، آڪهه، اوڙو، آڙي، آسائش اندر آڌار چوان،
اکيون،آنڊا،اوجهري،عمل،بحث،بدن،بانور،بکيو ڌارچوان،
بابو، بقا،بدي،برائي،بدنامي،بوتو،باغ بهار چوان،
تخت، طومان، تعلي، تڪڙ، تڪبر، تنڪو، طعنو تار چوان،
توڙ، تڪيو،طلب،ترڪو،تن،طنبو، طرز تنوار چوان،
توبهه،طبل،تاب،ترس،تانگهه،تارو،تـِـري ڌار چوان،
تاج، طور، طرح، تماشو، تارون، تسلي ڌار چوان،
طبع،طبيعت،تـَـڏ،ترڪ، تسيو، توڪل، ترهو ڌار چوان،
سنگتي ساٿي، سنڌ،سينو،سير،سڃاڻ، سور، سندرو ڌار چوان،
ساهه، سوڀ، سچائي، سري، سانگو، صرفو ڌار چوان،
سڳر، سونهن، صلاح، صحبت، سـُـڌ، سينو، سـُـک ڌار چوان،
سام، ساعت، سـُـڌ، سڪ، سبيل، ثواب سينگار چوان،
صبر،ستيا،سوال،سيهو،سڪرات،سيراپ،سامي ڌار چوان،
سرسي، ثابتي،سجاڳي، ساڙ، سڙ، صفائي ڌار چوان،
سوٽ، صدقي، ساڙ، سنڀال، سبب سوائي ڌار چوان،
جوهه، جوڀن، جار، جواني، جند، جان، جيرو ڌار چوان،
جوٽ،جسم،جوُن،جگر،جاڳهه،جـَـتن،جاڳڻ،جواب ڌار چوان،
جڳ، جوڳ، جيءَ، جيئڻ، جلالت، جوش، جنسار چوان،
حال، هنج، هنيون، هول، حسد، حڪم حصو ڌار چوان،
هاڪ، هنبل، هوڏ، حيرت، هٺ، حيث، هستي ڌار چوان،
همت،حياتي،هوش،حـِـرص،هلڻ،حـُـسن،حيلو، هٺ ڌار چوان،
حالت، هٿ، هنڌ، حـُـب، هلاڻو،هوڙهه، حجت ڌار چوان،
هنر،حمايت،هوس،حرڪت، هام، هاسو ڌار چوان،
کٽيو،خوف،کـِـلڻ،خواري،کٽڪو،خواب،خصلت ڌار چوان،
کار، خوشي، کـِـڙڪ،خيال،خطرو،خـُـون، کاڏي ڌار چوان،
خـُـلق، خميرو،ڪفن،کـُـڙي،کـُـچ،کوٽ، کپارو ڌار چوان،
سانگ،سفر،دل،دِماغ،دڙڪو،دَهمان، دُور ديدار چوان،
دَرس،دَم،دِيد،دِلاسو،دنگ،دولاب،داغ،دَستا ڌار چوان،
دُن، داد، دَفن، دوست، دِلداري، دَرڪار چوان،
ظلم، زور، زبان،زنگ،ذوق،زَبردستي ڌار چوان،
ضد، زندگي، زاري، زوري، ذِڪر، ضابطو ڌار چوان،
زَهر، زيان، رِٿا، رُوح، رَمز، رَهلا، رتي ڌار چوان،
روز،رهاڻ،رس، رولڙو، رت، رهائي ڌار چوان،
ريجهه، رُخ، رايو، روڏ، رقيب، رَضا، رَنجڪي ڌار چوان،
سينڌپ، سڃاڻپ،ساهه،سوڀ،سـُـو،سندرو،سنگت ڌار چوان،
سـِـر،صفائي،سچائي،سورهيائي،صلاح،سڳر ڌار چوان،
سونهن،صحبت،سانگو،صرفو،سينو، سـُـرت سنڀار چوان،
سڱ،سام،سگهه،سياپو،سـَـنڌ،سرير،ساعت ڌار چوان،
سار،سنڀال،سوٽ،سـِـڪ،سبيل،ثواب،سـُـک،سينگار چوان،
سانگ،سفر،سداسهاڳ،سپت،سير،ستيا،صبر يار چوان،
سڪرات،سامي،سيراپ،سچ،ستابو،سـَـرسي ڌار چوان،
ساڙ، سڌ، سنڌو، سالي، ستر، سرسري، آڌار چوان،
شڪ،شبهه،شتابي،شور،شاباس،شان، شرم ڌار چوان،
شوق، شڪر،شادي،شعلو،شدت،شرط، شمار چوان،
غم، غور، غيرت، غوطو،غلطي، غرض،غليظي ڌار چوان،
گـِـلا،گنج،گذران،غريبي،گهنگهر،گناهه،غيبت ڌار چوان،
گلو،گادي،گوڏا،گردن،گسر،گام،گناهي ڌار چوان،
فخر،فهم،فضيلت،فقيري،فرمان،فڪر ڌار چوان،
ڦند،ڦوڙائو، ڦاٿو،ڦٿڪڻ،ڦيرو، ڦٽ، ڌار چوان،
قلم، ڪياڙي، ڪـِـلان،ڪاوڙ،ڪوڙ،ڪـُـپت، ڪار چوان،
ڪـُـڙم،ڪٽنب،قبيلو،قياس،قمر،ڪاڻ، ڪٽر ڌار چوان،
قلب،ڪهول،قبر، ڪشالو،قانون،قناعت ڌار چوان،
ڪنڌ،ڪاپار،ڪـَـن،ڪلها،ڪڇون،ڪلفت،قيِّ ڌار چوان،
ڪم، قول، قاعدو، قـُـرب،ڪلمون، ڪهه آڌار چوان،
قرار، ڪچائي، ڪاڍو، ڪـَـڍ، ڪرامت ڪار چوان،
لکيو، لوهه،لڳ،لاڳاپو،لوڀ،ليئو،لـَـب لالـچ ڌار چوان،
ڪيس ڪارا، زُلف زارا، زَنخ ڌار چوان،
لاشو، لوڙهه، لحاظ، لٽڪو، لـُـڙڪ لڱن تان لار چوان،
لولهٽ، لياڪو، لؤندڙي، لونڻا، لت، لڪدار چوان،
لـُـڪي، لئون لڳي، ليلهائڻ، لارو، سڄو، کٻو، کار چوان،
لوهو، لاچار، لـَـڄ، ليهه، لات، لپ، لپاٽي ڌار چوان،
مڏي، موڙي، مام، ملڪيت، مغر، مونجهارو ڌار چوان،
مستي، مونا، مٽ، مائٽ، ماتا، ملڻ، منٺار چوان،
منهن، رُخ، ماس، مٽون، مٺي محبت يار چوان،
مرم، ملاحظو، ماڳ،محبت، ملاقات، موڪلاڻي ڌار چوان،
ماسات، ماڻو، مبارڪ، مڙسي، مدي ڌار چوان،
مرضي، موج، ميٽ، مـِـکر، مانُ، مصلحت ڌار چوان،
مرڻ، موت، مردو، مذڪور، مراد، ميلو ڌار چوان،
 مڱ، مڏي، ماٺ، مـُـڇون، مهانڊو، معافي، ڌار چوان،
مرڪ، مرڪڻ، مذهب، مهر، ميس، محشر ڌار چوان،
ماڻڪي، مڻڪو، مرهي، منگهو، لولهٽ، لڇڻ ڌار چوان،
ننگ، ناموس، ناتو، نظر،نظارو، نينهن، نشو نروار چوان،
نڪ، ناس، ناڙو، نهائين، نيپاج، نڪاحي نار چوان،
نور، ننڊون، نفرت، نڙي، نڙگهٽ، نانو، نروار چوان،
نصيب، نوڙت، نڪتو، ناز، نياز، نرمي، نـَـنهن ڌار چوان،
نهائين، ناڙِي، نسون، نري، نڀاڳي ڌار چوان،
وڳر، وَس، ولارو، ويڙهو، وَڳو، ورونهن ويچار چوان،
واڳ، وَڏائي، ويراڳ، وَجهه، وَقوف، وندر ڌار چوان،
وصال، وَهم، ويسر، وارَ، وَس، وِسوسو ڌار چوان،
وِرڇ، ويساهه، وَسيلو، وِٿي، ويڻي، وِياءُ، ويرِي ڌار چوان،
ڦرڪڻ، ڦر، ڦيڻي، فسادَ، فن، فقيري، ڦڦڙ ڌار چوان،
ٻـَـل، ٻاٻيس، ٻاجهه، ٻانهپ، جمال، جدائي ڌار چوان،
خوءِ، خوبي، خون، خرابي، يقين ڪر تون بار چوان،
ٻک، ٻيائي، ٻٽاڪ، ٻڌي، ٻچا ٻار، ٻولي ڌار چوان،
پيءُ، پٽ، پوٽو، پيچ، پريتي، پيار، ڏئي پت يار چوان،
پاپ، پڃرو،پڙهي،پاڙو، پور، پاراتو ڌار چوان،
پگهر، پيري، پرڻو، پـِـڪ، پڇاڙي، پيٽُ، پـُـٺا ڌار چوان،
پٽڪو، پڳَ، پڇائي پاسو، پتو، پيشاني پرڪار چوان،
پير، پـَـٻ، پاپڙي، پاند، پلؤ، ڀيڻ، ڀيڏي ڌار چوان،
ڀائرن، ڀيرو، ڀاڳ، ڀلائي، ڀئو، ڀيڻي، ڀل ڌار چوان،
ڀرم، ڀاڪر، ڀڙڪو، ڀونري، ٺاهه، ٺڳي ڌار چوان،
ٽوٽڻ، ٽيڙا، ٽوڪ،ٽپو،ٽڪ،ٽڪو،ٽولو،ٽرڻ ڌار چوان،
ٺوڙهه، ٺـِـپ، ٺيلهو، ٺـُـڪ، ٺريو، ٽڳو، ٽـِـڪ ڌار چوان،
ٿڪ،ٿان،ٿورو،ٿڏو،ٿاٻو،ڳلي،ڳچي،ڳارو،ڳاراڻو ڌار چوان،
ڳرو،ڳل،ڳوڙها،ڳـِـسي،ڳڻتي، ڌڱ، ڌڙڪي ڌار چوان،
ڏاڏو،ڏُهٽو، ڏند، ڏاٺول،ڏک،ڏيل،ڏاڪار ڌار چوان،
ڏاڙهي، ڏونرا، ڏوهه، ڏمر، ڏاج،ڏرڏان،ڏُهاڳي ڌار چوان،
ڏورڻ، ڏڍ، ڏائي، ڏاڍائي، ڏِنگائي، ڌار چوان،
ڌِڪا، ڌوُڻا، ڌَڙڪي، ڌَڙي، ڌِڱ ڌار چوان،
چپ چاپ، چپُ، چپٽي، چهنڊي، چنبو ڌار چوان،
چـِـڙ،چال،چاچو،چشڪو،چيلهه،چونڪ،چڏا،چڱائي ڌار چوان،
چـَـڪ، چرائي، چهرو، چلڻ، ڳالهه، ڳيراٽي ڌار چوان،
چـُـمي، چـَـرو، چتي، چـُـڪ، چوٽي، چوڌار چوان،
ڇـِـڪي، ڇـَـٺي، ڇيهه، ڇپر، ڇتڙا، ڇينڀي، ڇٻڻ ڌار چوان،
ڇرڪ، شـِـرڪ، ڇاهي،شادِي،شڪايت،شيطان شمار چوان،
چشم، چالاڪي، چاڪ، چٽ، چهڪ، چريائي ڌار چوان،
گهرگهاٽ، گهل، ننڊنڀاڳي،جهڄڻ، جهوري ڌار چوان،
ڇاتي ڇيهه، پيڻ، پڪائي، وڏائي، وائي وارچوان،
جاڙ، جدائي،جلالت،جيرو،چڙ، چريائي، وَفادار چوان،
عمر، حياتي، لؤن لاتي، ڪرامت چاتي، ماٺ، فنائي مار چوان،
قسم، سنهن، ساک، ڪمائي، ڄنگهون، ڄـِـڀ ڌار چوان،
ڇني، ڇوري، ڄمڻ، ڄاتي، ڪؤ، خرابي مار چوان،
لـَـڄ، لوري، پياس پوري، چڪنا چوري ڌار چوان،
ڄـَـر، ڄـَـم، ڄنگهون، ڄاڙي، ٽنگون، ٽپر ڌار چوان،
وَس، واهر، وطن، وڍَ، وروُنهن، وِندر وار چوان،
پٿر، پيراندي، پيري، پاسيري، روئڻ، راحت ڌار چوان،
شرم، شان، شڪ، شبهه، شب، شيڪڻي ڌار چوان،
لطف ڪرين تون ”لعلڻ“ تي، صاحب رب ستار چوان.

 

پورهيو

1. پورهيو، پورهيت: ڪمي، نفر، نوڪر، مزور، ٻانهو، غلام، بجيرُ.

2. پورهئي جو: اُجورو، حق، حساب.

3. پورهئي جي: لائي، پتي، ورڇ، ونڊي، مزوري، ڪمائي.

پوک

1. پوک (پوکن جا نالا): تـِـر، ڀنگ، موري، ميها، تل، تار، سڻي، سجاتو، وؤڻ، مانهن، مـُـڱ، مٽر، چڻا، چونرا، مٽري، مانجهلي، گدرا، هنداڻا، ونگا، ڪدو، کاڄا، بصر، ٿوم، ڪاٺتوري، ڀينڊيون، ٽماٽا، گجر، گوبيون، سـُـئا، ڦودنو، ڪوتمير، پالڪ، لوڻڪ، ميٿي، ڌاڻا، مرچ، واڱڻ، پٽاٽا، سرهه، ڄانڀو، آهر، توريو، لوسڻ، پان، ٻاجهر، جوار، مڪائي، گوار، ڪڻڪ، ساري، جوَ، سائون، ڪمند، ڪريلا، تماڪ، نير، اِلسي، ساٿر، ڇانهين، سائي، سنڀائي، ڀيلي، پڪل، ڀرتو، ڀريل، ڇڊي، گهاٽي، ٺلهي.

2. پوک جا: انگور، سلا، ڪانا، پـَـن، ڪڏا، گل، ڏينا، پتا، گڏا، ماپارا، منڍا، تـَـڪ، سوئا، ٻيجا، ڌونٻا، ڏاندارا، ٻارا، ٻـَـنا، لاهيارا.

3. پوک جو: اَن، ٽار، هر، ڏاندارو، ريجُ، پيهو، ڀاڻ، ٻنو، ٻارو، نائڪو، گاهه، لابارو، سٿو، ڪانگڙ، پلال، پراڙ، ڊڍو، نسرڻ، ٻوڙو، جيءُ، چيٽ، گـَـڏو، آواندهو، کرو، ڇاڻو، مرض، هاري، کريو، ڇاٽو، ڳوڙهو، ڪمدار، جمعدار، زميندار، لاهيارو، فصل، نمبر، بلاڪ، ايڪڙ، دنگ، جريب، ويسوو، سينور، بـُـهه، لوڙهو، ڀـُـتو، آڀون، ڏُڌو، ڪهڙ، آڌائون، ڄم، ڀاڻ، پڳر.

4. پوک جون: وَنگارون، کانڀاڻيون، چونڪڙيون، ڪنڊون، ورڇون، موڪون، وليون، مندون، مڙهيون، ڪاهيون، ڏُهيون.

5. پوک جي: تات، سارِ، ٻـُـري، ٻـِـٽَ، سـِـنڌي، ڇٽ، کيڙ، ٻيلهه، ڏانداري، گـُـڏَ، جهار، کاڌ، سوڪڙ، ٻوڏ، اَڏ، ٽـُـڪ، لائي، ڳاهي، وائر، ناڙي، ڪتي، ساوَڪ، ڪاني، گـُـري، اوسر، ٻڌَ ڪڍي، کنڌي، سٿري، مـُـٺ، ڀرپ، ماپ، ڦيري، هڪل هوڙَ، اوڙَ، جاٽَ، سارَ، سنڀال، ڀيلَ، ڇيڙَ، ونگار، آبت، کانڀاڻي، زمين، بٽئي، ڍَل، گهنڊي، سـُـري، وَٽَ، ڪرٽي، پـَـل، پپوري، ڪلنگي، کوڙي، وَنڊ، ورڇ، ڪاهي، هلر، ڳر، سوڪ، موڪ، معافي، ساڻِ، وَل، ڏَري، نئي، منڍي، موڪل، روت، ڪنڍي، چـَـري، مـُـند.

پهڻ

1. پهڻ (پهڻن جا نالا): نئون، ٽڪر، ڀورُو، ڀـُـرڻو، پڪو، ڪچو، پٿر.

2. پهڻ جو: سرمو، گهر، گهرڪو، ڏَر، ٽڪو، دِڪو، جنڊ.

3. پهڻ جي: ٿوٻي، چـُـڪَ، گهرٽي، لعل، چـَـڪي.

پيـِـرُ

1. پيرَ (پيرن جا نالا): اويس، قلندر، بخاري، دستگير، قريشي، ڇـُـٽو.

2. پير جو: ميلو، ميڙو، ڏَنُ، لاڳُ، پڙُ، ويس، ڦيڻو، ڌاڳو، پاراتو.

3. پير جي: پـِـٽَ، گادي، ڀاوَ، دعا.

پينگهو

1. پينگهو(پينگهي جا نالا): هندورو، ڳاڙهو، جهولو، ننڍو، ڍٻ.

2. پينگهي جو: لوڏو، لوڏڻو، ڪـَـڙو ڪـُـنڍو، پائو، مـُـگٽ، مـُـنو.

3. پينگهي جي: گهوڙي ، جهولڻ، لوڏ، سرائي، پـَـسـُـرَ.

جبل

1. جبل (جبلن جا نالا): ڪرو، کيرٿر، پٻ، هالار، سليمان، ڀڳوٺوڙهو، گنجو ٽڪر، ڪالڪان، هماليه، ڪارونجهر، ڏڙهيارو، لڪي، بکري.

2. جبل جا: مڙها، ڪارا، برَ، لنگهه، غارَ، گهيڙَ، لڪ.

3. جبل جو: لڪُ، جنڊُ، پهڻ، ناڪو، جاڏو، تاڏو، اُتانهون، تتو.

4. جبل جون: چوٽيون، لاهيون، چاڙهيون.

5. جبل جي: روُڻ، ڇـِـپَ، غارِ، نئي، ترائي.

6. جبل جو بيت *

اڳيون  مڙيئي اڳ ٿيون، جوڙيون سي جنسار،
دادلي تنهن ’دنبار‘ تي آهي داتا جو ديدار،
سا سائي هوندي سدائين نشانبر نروار،
رهندا منجهس راڄوئي، جن جو ونگو نه ٿيندو وار،
موچاري تنهن ’ميهڙ‘ جو ’بنڊڪ‘ کنيو آ بار،
ڀٽاري تنهن ’بنڊڪ‘ تي آهه مينهن جي ملهار،
ڏاتر ڏاجهو سائين سٻاجهو، موليٰ ڪيو منٺار،
ٻنيون ٻارا دِميون ديرا، کڻندا شال خرار،
’ونگ گرُونڊي‘ ڏاجهيءَ ڏيندو، ڀاڱو شال ڀتار،
اپر اُچ اُلر جي آهي ’ٻهنير‘ کي بشار،
هليو ڪين هنڊيءَ سان، کهجي پيو ’کوٿار‘،
’سورجاڻي‘ جي سڳٽَ ۾، آهي ’گڏُو لڙيو‘ غفار،
’سـُـنبڪ‘ سان صلاح ڀائي، آهي ’ميٽارَڙيو‘ مهندِ يار،
ڪينجهر ڪارين ڪپين ڪاري ڪارون ڪار،
موڙهو رند منجهي ويو، جنهن جي سنگتيءَ نه لڌي سار،
’گنجو‘ گهاري واڳون واري، پـُـري اُکتو پرار،
’ڪانڀو‘ ’ڄٽيگ‘ ’ڏاڦڙو‘س، ڏسن ڪونه ڏڪار،
تن وڏين جي وچ ۾، پيو آهي ’رُئڻو‘ راند يار،
’غئبي’ ‘سگهاني’ پاڻ ۾، ڀلي ٿيا بهار،
‘بڊُو’ چارڻ سک سنڀارڻ، جن جو عمر پير پار،
ڀت “نئيگ” نورين، جنهن تي نبيءَ سندي نهار،
‘کيرٿر’ ٿيو ڇپر، وڏوئي وينجهار،
‘کيرٿر’ سدا سـَـٻر، گاروڙي گرنار،
‘بـَـنُ’ تيرهون سـَـن بدو بدڪار،
‘بـَـنُ’ ڀاڙيو آهي اگهاڙيو، جنهن ۾ سـُـجهي ڪونه سنگهار،
‘گـَـزُ’ ‘پيئرو’ وطن وارو، جنهن جي ‘ڪوٽڙي’ ڪپ ڪنار،
پيا مڪڙ ‘ميهئيءَ’ تان، ٿيو ‘اَندار’ کي آزار،
‘ڀيڏُر’ ڀايون سدا سايون، جن جي ‘توجانيءَ’ تي توار،
‘ٻڌِين’ وارو کڏين کارو، جنهن جي ‘ڇاپار’ تي ڇٽڪار،
‘هـَـمـَـليگُ
´سدا سوڀيگُ، جنهن جي ‘لاکاڻ’ تي لغار،
‘پٻ نوراني’ ڏسي ڏاني، جو سڀني جو سردار،
‘مهير’ ‘مڱٿر’ پاڻ ۾، ملي ٿيا بهار،
‘مهير’ موچارو ٻڌين وارو، جنهن جي ڪنڊ ڪپ ڪنار،
‘مول’ موچاري وڻيءَ واري، ٻي اُتس ناهه ميار،
‘ڪـُـنُ’ ڪکين جو دُن، جنهن ۾ پاڻيءَ جي به پچار،
‘ڦـَـنـَـنگَ’ وريون موريون سايون، هونديون اپرشال آپار،
باريءَ پوٽا سدا سهوٽا، ڪامل ڪلادار،
چوريا ڪنهن نه چـُـرن، جن جون پاڙون منجهه پاتار،
ماني تن کي موڪ ڏني، باريءَ پير بشار،
“پريو” چوي ٿو جهنڊي کي، آءُ ته ڏِينءَ ڇپرين جا پار،
ڪلمي جي قطار، سڀي اُڪرنداسين پار.

 

جـَـر (آب، پاڻي)

1. جر جا: آنـُـهـَـنُ، غوطا، ڪسَ، ٻـُـڏا، پياسي، ترڻ، گهمرا، کاٽ، ڪٺا، ليڪا، لڙها، ٻوڙڻ، بحر، نار، ڪڙڪا، ڪاوا، جهڳڙا، تارُو، ڦوٽا، ڪـُـنَ، پڌرا، ڀيرا، وارا، گهڙا، دلا، واٽرَ، نيسارا، لـُـڙڪَ، لـُـڙَ، ڍورا، ڪٽورا، وٽا، لوٽا، اُڌمان، وَٽَ، وڪڙ، ڦيرا، وهڪرا، گهارا، ڦـُـڙا، ملاح، سـُـهان، تـُـنبا، ڦوهارا.

2. جر جو: واهه، گهمرو، پڌرو، ڪنارو، ٽيپو، جلُ، ڦوٽو، دُٻو، ريلو، سيمو، تارُ، مٺو، ڪڙو، کارو، ٻاڙو، وارو، پونئرو، ڪـِـستو، ڪسُ، تڙ، لڙهو، ڪائو، ڪچو، ڪپ، چاڙهه، لاڙو، لـُـڙ، عميق، ڪنب، ٻيٽ، ڪارو، گهوگهٽ، گرڙاٽ، سمنڊ، تلاءُ، درياءُ، گهاٽ، حوض، موتي، ڪوڏُ، پلو، ڄرڪو، رڙو، کڳو، گانگٽ، ڏنڀرو، گندڻ، ڪڇون، واڳون، سوندر، جهوڙُ، لـُـڌڙو، تـُـڙڳڻ، ترڻ، سينسار، گهگهه، ٽوٻو، غوطو، گهوتو، لهوارو، اوڀارو، پاتارُ، ڇيهه، اوجرُ، ريٽ، ڄارُ، ترهو، غوراب، جهاز، کوهه، ڍُڪَ، مـَـٽُ، گهڙو، دِلو، مـَـڇُ.

3. جر جون: نيون، سيرون، اکيون، واهيون، لهرون، ويرون، ٿيلهيون، ٽٻيون، وايون، نـِـڪون، نديون، ستيون، پوکون، موڪون، ڍنڍون، ڪسيون، ناليون، سـِـپون، ماٽيون، چـُـرون، موريون، پـُـليون، دليون، گهگهيون.

4. جر جي: ڀـَـرِ، نئي، سـُـتي، ماڪ، موڪَ، ڇول، سونهي، گهاري، جهل، سانداري، گنگا، چـِـڪ، ڪسي، واري، آر، اُٿل، لهر، سير، جهاڳ، ڦيڻ، جانڪ، سـُـرڪ، مولهه، سوڪَ، سـُـرڪي، گهوئي، گهير، گگر، ناتر، پڻهاري، ڇنڊ، لـَـپ، بوند، ڇـِـڪَ، ڇاٽَ، اَڇَ، ڇـَـرَ، ڇولي، موج، ميراڻ، اُڇل، ڪرِ، ڪنڌي، ويرَ، موٽ، مڇي، پوپري، سينگاري، گوجَ، مـُـڪري، ڇيلري، ٿيري، ڍنڍ، ڦڻي، مکڻي، پيتل، ڪـُـمي، ٻلهڻِ، ڇنڊڻ، پوڇڙي، کڏ، کاڻ، ڇـَـنِ، ٻيڙي، ڪشتي، ڊونڊي، گجي، نار، راس، گـُـرڙي، سانداري، مـَـشڪ، پخال، کاڌ، اونهائي.

5. جر جا بيت (1)

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار،
جـُـهي وڏي هئي جهڙ سان ۽ ماڪ وسي منهن ڌار،
اَڏون، نائڪا، ٽـُـڪون، سي سهنم سندو سردار،
دليون گهڙيون گهيڙمٿي، ٻيا ڪـُـنب ڀريا (ڪلتار)،
صاحب رب ستار، مهر ڪر تون ملڪ تي.
مهر ڪر تون ملڪ تي، پاڪ ڌڻي پروَر،
وُٺا مينهن ملير تي، ڪوڏون کڻي ڪر،
ڏُڌَ پيتا ڏيـهه ۾، سانگين کير سڄر،
نماڻي کي نصيب ۾، لکيو انگ اکر،
مينهيون پاڻ مراديون ٿڌا چرن ٿر،
پاڪ ڌڻي پرور، ڏي تون پاند پناهه جو.
ڏي تون پاند پناهه جو، پاڻ آهيان پروَس،
وهنديون سڀئي واهڻيون، ڪڙيا مڙئي ڪس،
لاهاچاڙها “لعلڻ” چيا، واحد تنهنجي وس،
راڄ رهايو رس، پاڻي آيو پٽ ۾.
پاڻي آيو پٽ ۾، ٿو موڪ وهائي مس،
’سدا واهه‘ ’سونهين‘ سان، ’دادُو‘ وهايا دس
جو درن کان دڌڪا ڪري تنهن ‘جمڙائو’ کي جس،
پاڻ پرين تون پس، مهميزون ملاحن جون.
مهميزون ملاحن جون، ٿيون ڍوري پاس ڍَرن،
ڪڙهيون وجهن ٿا قوت لاءِ، ڀاڳ وڏي سان ڀـَـن،
تـِـکو وهي ٿو تار، جتي ڪڙڪا ڪـُـن ٻڌن،
ڍنڍون، دُٻا، چشما، سيما، آهن تلا ِّ سي لڙهيو لٽ پون،
تـَـري تنهن تانگهي مان، ٿا لنگهي پسار پون،
(ڪلتار):ٻي پڙهي ڪـُـل تار.
بوڙيا تنهن بحر جا، ٿا ٻيٽ مٿي ٻهڪن،
تڙ مٿي ترسن، لنگهي سير سوان ٿيا.
لنگهي سير سنوان ٿيا، مانجهي اهي مل،
تري ٽوٻا نڪتا، جر وڏي مان جل،
ٻڌائون بند بحر جا، واري کنيائون ول،
اکڙين آب هاريا، هنجهون هار هڪل،
ڪچا پڪا ڪٽ سي، ڇني وڌا ڇـَـل،
ڀڳو هو ڀيڻين کان، نارا ڪري نل،
سـُـتـُـيون، سـِـپيون، سـُـرڪيون، جن اوتي ڪي اُڇل،
ڪـِـن پيئي ڪا ڪل، سهڻي ٻڏي ويئي سير ۾.

سهڻي ٻڏي ويئي سير ۾ واحد ڪجان وڙ،
کوهي، غوطا کاڌائين غار ۾ موٽي ڏس تون مڙهه،
موري، اُٿل، ميرو موج ۾ قابو ڪجان ڪـَـڙ،
سگهو تون ساهڙ، ساڻي ٿجان سير ۾.
ساڻي ٿجان سير ۾ آئون ڪچي ٿي ڪرمن،
کارا، ڪارا، ڪينڻيون ريلا رت وهن،
ڇـَـنڀ، ڦڙا، ڇاٽون، ڳرا، ڳوٺ ۽ بيا ڪڻيون جام ڪرن،
پڌري، تنهن پيتل جو پرو ڪونه پين،
جهاڳ، جهڳي، گهڻي، جهـُـڙ سان گوناگون گجن،
ٻيڙا وڏي ٻاجهه جا ٿا جـُـنگ جهاز جـُـڙنِ،
خيال وڏي سان خاجا تي آڻي راجا رَس ٻڌن،
وِرچيو ويڄ وڃن، اچيو تنهن اوڙاهه تي.
اچي تنهن اوڙاهه تي ٻڌي مياڻي مهاڻن،
سانگو نه ڪن ٿا سر جو رندي رَڇ ٻڌن،
ماريائون ٿي مڇ کي ڪڙڪا ڪات به ڪن،
ڇـُـريون، ڪٽاريون، ڇوهه مان ڪڍيون سي ڪورن،
آڻي اَونت لڌن، ويريءَ جي وڙهڻ جو.
ويري جي وڙهڻ جو جتي ڌُٻڻ، دُن، درياهه،
ڇهيون، ڇاٻـُـون، ڇڪي، ڇوهه منجهان، جن ريڙهي رس ڪڍيا،
ڪري صاف صلاح، مور ماريو هو مڇ کي.

پڌرا، پور، پوسلون، ٿيون، جتي، گهارا، گهوگهٽ ڪن،
گهمرا،گهيرا،ڦيرا،ڪيرا،برف، بهاريون ڪن،
اوريڪون، اوهيرا، اکڙين تي، ويڙهي منجهه وسن،
مٺڙا مارن ۾ ڦٽو ڪيـ* ڦرن،
ڦاٽيو، ڦوڪ، وهي ٿي ڦليلي، بانَ، به بس نه ڪن،
پگهر جام پريت جا ٿا ٽوٻا رس رکن،
کڏوُن، کوٻا، خوشي مان ٿا ڀاڳ وڏي ڀرجن،
بيل ٺڪاءَ، تنهن بندن تي ٿا اوڀارا اچن،
مارو شال ملن، مـُـئي کي ماٺار ۾.

لـُـڙ، لڙڪي،لـُـڙڪ لٿو، لهوارو، لانگها، لـَـڪ لاچار،
ڏيڏر، ڏنڀرو، پوڻ، پونئرا، لهڙيون، لـُـڌڙا، لک هزار،
پاڪ، پليت، پتڻ، پالوٽ، پاتو، نهر، لکي، سانار،
پڪ، پئي، پيڻ، ڦوڪارا، ڦوٽا، ڪڻيون، ڪنارا ڪار،
ٿڌا، ڪوسا، ڪير، ڪسيون، صاف، صفا، سڄر، سنگهار،
لسيون، لـَـس، لهوارو، چـِـلڙ، چونڪا، چڪڻ، ٿي، چوڌار،
بحر، بوند، برسي، کيل، خوشيءَ مان، ڇنون، ڇـَـلَ، ڀريا ڇٽڪار،
نديون، نيون، ناليون، نير، پلٽڻيون، گرڙيون ڪن گذار.
مـِـٺا، ڪوڙا، ڪسر، ڪسارا، ٻاڙا، ٻاڇل، رَؤ، رِڙهن،
گرا، ميرا، گوڙيون، گوني، ڇوليون، ڇاڻا، وهڪرا وسن،
وير، واهڻ،وڏو،ننڍو،لب ليٽ،ڇمڪارون ڇرن،
روُڻ، رَؤ، ريٽ، رائو، سوڀر، سرس، سوايو، سٺو ڪن،
روڪيو،رنڊيو،سمنڊ،سوڀارو،بستي، برف، برن،
اوڀر، آڀر، اُڀريو، اوڀارو، اُٿليو، آر ٻڌن،
ٻوڪو، ٻارو، ٻاري، ٻڌو، بند، ٻـُـڏو، اُتي ڪوس ڪرن،
پار، پائيندڙ،پارو، پيتل، سو، نارو، نار، چوَن،
ڏني، ڪنڌي، ڪچو، ڪـُـن، ڪاپاري، مهراڻ، مستي ڪن،
بوڙيا، تنهن بحر جا، ٿا ٻيٽ مٿي ٻهڪن،
واگهين، وارو، وانئبه، ويرو وير وَڌن،
اَوس، اونهون،اٽڪ، اوهاندا، اَڏوُن، آر ٻڌن،
نديون، نيون، ناليون، نڪو نير، نائڪا ڪن،
کنڌيون، کاٽا، کوُها، کيل، کاڌوُن ڪن.
ڍَنڍون، ڍورا، دليون، دورا، ڌارون، لار ڌرن،
ڪٺار، ڪـِـنار، ڪنڌي، ڪپ، ڪپر ڪـِـرن،
ڇهه، ڇاڻو، ڇروُن، ڇلڪو، ڇٽڪار، ڇنڊڻ، ڇوهه رکن،
گهڙي، گهاڙي، گهيڙ ٿيا، ڍاري، ڍُڪ ڍرن،
ڳاڙو، ڳارو، ڳٿو، ڳنڍو، ٻنڍو، روز ٻڌنَ،
اُڌما، اونت، اوڙاهه، الاهي، جهلي، چڪ چڙهن،
روُڻ، ريڙهه، وراٿو، ريج، روانو ڪن،
ڇاڙهي، ڇـَـل، ڇاٽ، ٻوڪو، ٻاري، موريون نه مڙن،
آب، شراب، خراب ۽ پاڪ، پليت، ڳوڙها، ڳار ڳڙن،
”لعلڻ“ غم لهن، مڙيئي، مسڪينن جا.

 

جنڊ

1. جنڊ جا: جوٽا، ڳارا، گهمرا، ڦيرا، اڌَڙَ، پـُـڙَ، آڙيڪا، آڪيڙا.

2. جنڊ جو: ڪنتو، ڪـِـلو، چيڪڙو، هٿيو، پـُـڙ، ڳارو، نائو، ڦيرو، گهرڪو، رائو، اٽو، ميدو، سنهون، ٿلهو، ڏارو، ڏڏر، تارُ، ڍيٻو، ڪيرُ.

3. جنڊ جون: چـُـرون، مڪڙيون، رَڙيون.

4. جنڊ جي: چـَـڪي، جانڊاهي، پيهاڻي، پيسائي، چونگي، لاٿ، مڪڙي، ماٽ، سوڙهي، اهوڙي، ڀلي، ڍلي، ڪـُـمر، ڇـِـڪي، رَئي، گولائي، رائي، پـُـڙي، نائي.

5. جنڊ جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
جوٽي، جنڊ، ڇـُـهي ڪر ڇوئي،تون ميڙ اَٽو چوڌار چوان،
اَن، آهوڙي، اوڍ، اَڪيلا، اُڊڪو، اُلڪو پلتار چوان،
پٽو، پيڙهه، پٽي، ڪـُـل پوري، پـِـڙ، پـُـڙي، پيسار چوان،
پـُـڙي، پيٺي، اُڇل، اُکري، آمر، اوڍي، تـِـک تنوار چوان،
ٻڌي، ٻـُـهاري، ٻسڪي، ٻار، تـِـک، تنوار چوان،
ڀرڪو، ڀيرو، ڦـِـرڪو، ڦيرو، ٻيو وارو وار ولار چوان،
چيڪٽ، چـُـنگي، پهڻ، پٿر، ڪـُـل، پـُـڪو، گسر، گيهل ڌار چوان،
ڇـِـڪي، ڇاڻي، ڇنڊي،ڇـَـڙي،ميدو،مڪڙي،مـُـٺيو ڌار چوان،
ڇـِـپ، ڇلنگي، ڇاڻو، ڇٽي، اَجهو، اولو، اَٽڪار چوان،
رائو، رواني، ڦـِـٽل، ڦـِـرڙي، ڳرو، سير، سنڀار چوان،
سنهون، سير، صفائي، سٺو، رَنڊ روڪ،رِڙهي، رفتار چوان،
نائي نه وڻي، نبيرا، نائو، لوهه، لـَـپون، لـَـس ڌار چوان،
واري ڦيري، چـُـرون، چڪي، ٻيو ڍيٻا ڍولڻ يار چوان،
هٿيو هلڪو، ڳجهه ته ڳارو، ٻجهه، ٻـُـڪي،ڪاهه،ڪنار چوان،
گهاڙ، گهڙي، ڪـُـل،گهرڪو،گهيرو،وَهڪ،وَس، وار چوان،
ڪاهي ڪير، ڪـَـڻو، ڪـُـل ڪرڙو، ڏارو، ڏَڏَر، ڏار چوان،
لطف ڪجانءِ تون “لعلڻ” چئي، ڪلمون قلب قرار چوان.

 

جنگ

1. جنگ جا: ماريا، ڦٽيا، گجوراڙا، گهيرا، ڪلور، صوبا، بـِـغل، باجا، گـُـرزَ، ڀالا، نيزا، جهنڊا، سورا، قواعد، جلوا، فير، ڪانَ، تيرَ، نعرا، توبچي، بندوقچي، مورچا، نشانباز، توشاخانا، نقشا، شاميانا، طنبو، طولانَ، مڇڏ، بهادر، ڀاڄوڪڙَ.

2. جنگ جو: ويري، ڍڪُ، ڦٽ، خون، رت، ميدان، رڻ، سپاهه، جهنڊو، سوار، لشڪر، جوش، ناڪو، لڪُ، گهٽُ، رعب، دٻاءُ، دٻدٻو، باروت، دارون، زخم، گهاءُ، نيشان، جاسوس، راجا، بادشاهه، محصول، ڏوهه، راشن، ڀـَـتو، چڪر، ڪيڏارو، مٿو، اولاڻو، تفنگ.

3. جنگ جون: صفون، ڍالون، سـِـپرون، بڻڇيون، سرنگهون، خندقون، تلوارون، رسايون، ڦيريون گهيريون،  بدلون سدلون، ڍالون، ڦاسيون، روڪون، فوجون.

4. جنگ جي: پلٽڻ، مارا ماري، زرهه، جـُـلهه، ڪاهه، ڀاڄ، پرپٽَ، ويڙهه، لڪَ، ناڪابندي، جهڻڪ، سـِـرنگهه، وردي،سوڀ، فتح، کٽ، هارَ، رسد، آڻ، تابعداري، آنڪي، رعيت، پـِـرجا، ڍل، چٽي، فوج، ڪـُـمڪ، مدد، تلواربازي، رائيفل.

جوت

1. جوت جو: ٽمڪو، سوجهرو، ڀڙڪو.

2. جوت جي: ٽمڪي، ٻري، ڇار، ٻالي، رکَ.

جـوُءِ

1. جوُءِ جي: وانڍَ، وانڍي.

جيت (جيئڏ، بلا)

1. جيت (جيتن جا نالا): پيڻ، مڪڙ، ڀنڀوري، پونئرو، ڪينئون، گهروٽي، اُڏوهي، ڪاريهر، ڏيڏر، ڀؤنر، بلا، ڏنگ، سيئانتو، نانگ، پوپٽ، ڳوهه، ازگر، اجگر، ٻانڊي، ٽنگ، ٻوگهي، ٻه- مـُـنهي، ڏينڀو، جائون، ڪانهرو، رتي، سيرنگ، ڪـِـرڙي، پدم، مهلو، ماڪوڙي، ڪارو، ڪارڙو، کڻ، کـَـپـُـر، تليهر، وِڇون، ڀـَـٽون،گڊو، گهوڙيال، لـُـنڊي، واسينگ،جهوڙ نانگ، آرَڙُ، سانڊو، نور، چچي، پتنگ، ڀؤنگ، گـَـڏر، ڪوئو، ٽنڊڻ، مک، ڄر،سؤ پيري ، ڪن سؤپاري، چچڙ، تـِـڏ، ڪئلي، ڪيڙي چٽولڙا، ڳالهڙجون، ڪـَـٽر، ڏُکراڻي، ککر، سـُـرڻو، گهينگو، مڪڙي، ماکيءَ جي مک، ڪـُـت، مڇر، منگهڻ.

2. جيت (جيتن) جا: لـَـهرا، وَلرَ، چڪرَ، هنڌ، ڏَرَڙَ.

3. جيت جو: زَهرُ، وِهه، ايذاءُ، ڏنگ.

4. جيت (جيتن) جون: ڦوڪون، گوهيون، ڀيڻيون، جايون.

5. جيت جي: ڦـُـوڪَ، سرنگهه، ڀـُـون ڀـُـون.

6. جيتن جا بيت  

1

ڪاف ڪشالا ڪيچ جا، پري پنڌ سـُـڄن،
انهن اوٺيڙن کي، مـَـدي هئي ڪا من،
تڏهن تريون ٿي تازيون ڪيون، هنن سج لٿي  سانجهين،
ڀنيءَ رات ڀنڀور مان، هليا تڻڪون ڏئي توڏن،
بحري اُٺ بلوچ جا، ٻيا ڏنائون چـَـٽڪا کي چانگن،
وِنگي واٽ وندر جي، هئي سوچي سرواڻن،
هاڙهو هوت لنگهي ويا، ليڙا لس پـَـٽن،
هاڻي ڪڍ لڳي ڪيچين جي، تون ڪيئن پهچين تن؟
وَسنءُ ناهه وچ تي، ٻيو پاڻي ناهه پٽن،
ڪانه هلندي ڪامڻي، ڪا اُتي منجهه اُڃن،
ڪيئي بلائون بڇڙيون، رهن منجهه رُڃن،
کـَـڻُ، کـَـپـَـرُ کوڙ اٿئي، تن وِهه گهڻو واتن،
لوئر، لـُـنڊيون، وِرگهيون، واڇڙيون، ڪوراڙون ڪرڪن،
اَڙل، اَصيل ۽ گـَـڊا، ڪڍيا وَرَ واسينگن،
ڪاريهر ٿا ڪر کنيو، سامهون سوسٽ ڪن،
ٻه- مـُـنهيون ۽ ٻرگهيون گهڻيون، ٿا سـَـپ به سوڙهيون ڪن،
ڪـُـلمار، ڪونهيري گهڻا، ٿا وِسيهر وارا ڪن،
سوين سوناريون، ڀـَـٽون ڀيڻي، اُت لوهاريون للهڪن،
 جهوڙ وڙهن ٿا جهڙپون ڏيو، جت تيز تليهر ڪن،
ڪرنڊَ، پيڻيون ڪيتريون، ٿا لوڊا لهريون ڪن،
گهڻا جي گهوڙيال اَٿئي، ٻيا سگهڙيا سان سرنگهن،
اَرڙ بلائون بڇڙيون اُتي، ٻيا ڪرڪا ڪنڀارن،
پدم نانگ پٽن تي، ٿا اُتي ڀمنگَ ڀيرا ڪن،
انهن کان پوءِ اڳتي ٿئي، جوکو جانورن،
اوکا پنڌ پهاڙ جا، ٻيو بدوُ منجهه برن،
آدمخور اُتي ٿا، ماڻهوءَ ماس گهرن،
ڪن لڙايون لڪن ۾، اُتي وهريا واگهه وتن،
ببر نـَـر ”بلوچ“ چئي، اُتي گجيو گوڙيون ڪن،
شينهن اُتي، شهه گوش ٻيا، اٿئي چيٽا منجهه چـُـرن،
لکين اُتي لنگور اٿئي، ٻيون بهيرون باندرن،
ڳهلا جي اٿئي ڳورپٽ، ٻيا چڪر چراخن،
گورک، گينور گهانگهريا، اُت لميو لاتون ڪن،
راڙهيون اٿئي رڇن جون، ٻيون ممون ماٺ نه ڪن،
بـِـرجو، بگهڙ، ڀولڙا، ور ڏيو ويڙهيون ڪن،
زور زناور زنگ رکيو، ٿا منڌ! به مارا ڪن،
جبل ۾ ”جاڙو“ چئي، اٿئي انهيءَ ماڳ مـِـرُن،
هاڙهي هڏ نه وڃ، مـُـٺي! رهه تون مائٽين.

 

(2)

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
اَرڙ، اڏوهي، اَڙل، اصيل، بکڙو، ڀنڀوري، بلا بار چوان،
تارو، تـِـڏ، تليهر، سانڊي، سگهڙو، شپ، سانڊو ڌار چوان،
ٻه- مـُـنهين، ٻلهڻ، ڪاريهر، ڪرڙي، ڪـُـت، ڪراڙِ، ڪٽر ڌار چوان،
ڀٽون،ڀئنرا،ڀونئري،لـُـڌڙا،ليکون،لهڙ، لنڊي ڌار چوان،
پونگ، پروانو، ڀونئرو، ٻـِـنڊ، ٻاٻيهر، ٻوهڙ، ٻگهي ڌار چوان،
کڻ، کپر، کارڙ، ککر، کنڀڙاٽا، پتنگ، پوپٽ، پدم، پيڻ پار چوان،
ڏينڀو، ڏنگڻين،ڏنگَ،ڏَکاري،ڏمند، ڏيڏر ڌار چوان،
ڄور،ڄائو،ڄـَـؤ،ڄارو، واسينگ وارو چڪ، چيلاٽا ڌار چوان،
گگهڻ، گڊو، گرج، گـِـلوئي، گنگهي، گانگٽ گرا ڌار چوان،
سانهڙي، ساپو، سدِي، سؤپيري، سـُـرڻو، سـِـڪي يار چوان،
سـُـرو، سهر، ساپو،جون، جنجهڻ، جائون جنسارچوان،
ڪيل، ڪويلي، ڪـِـرمان، ڪينئان، ڪيڙا، ڪارا، ڪوريئڙا ڌار چوان،
ڪٽا، ڪمرا، ڪاريهر،واڇر، وِڇؤن،سپ،سدائين ڌار چوان،
نولو،نوريئڙو،نانگ،نيلا،نورَ،ڳالهڙ،ڳوڪون،ڳوهيرا ڌار چوان،
مگهڻ، مڪوڙا، مهو، مڇر، مکَ، موهي، ماکي، مڪڙ ڌار چوان،
مينهن وساڙو، مهلو، ٽوڙ،ٽوڪو،ٽرڪو،ٽنڊڻ ٽار چوان،
گهراڻ، گهڙيال، چچڙ، چمڙو، چٽوڙ، چهڙو ڌار چوان،
لطف ڪجانءِ تون ”لعلڻ“ چئي، ڪلمون قلب قرار چوان،

 

لا اِلــٰــہ اِلا الله محمد رسول الله

 

(3)

ساراهيان سچو ڌڻي، جو ساراهيو سڀن،
قصو جيئڏ جيت جو، آهي جوڙيو ملوڪن،
سو سـُـڻو سالڪ ساهه سين، اوهين ڪامل ڏئي ڪن،
هڪڙا سهڙن سڃ ۾، ٻيا پاڻي منجهه پرن،
ٽيا وسن ويڙهه ۾، چوٿان منجهه چـُـرن،
پنجا پون پڌر ۾، ڇهان منجهه ڇـَـنن،
ستان سـُـرن سينڌ ۾، اٺان منجهه انن،
ناوان هلن نظاري، ڏَهان منجهه ڏرن،
سپ، سيانتو، سؤپيري، ٿا ريلن پاس رهن،
کڻ، کپر، کيڏاري، اُت ڪوراڙيون ڪنبن،
ڪارايل، ڪرڙي، ڪارڙو، اُت واسينگ وَرُ وجهن،
ارڙ، اکنڊ، آرسي، اُت گاروڙي گوءِ کڻن،
ڪرناءِ، ڪماچ، ڪلاداري، اتي جوڳي جام جلن،
هـُـدي، مـُـدي، وَر، واچي سين، سي ڏوران ڏنگ هڻن،
ڪارو، گڊو، اصيل، ڦوڪيو ڦڻ ڪڍن،
قيهر، ڪلاداري، قنڌاري، ساڙيو سر وجهن،
ڇنڊي، ڦيڻي، لر، لولي سين، سي واريو ويڄ وٺن،
ڪڙا ڏيو ڪاپڙي، يرَ ڪوٺيو اُت ڪـُـهن،
مرڪيو مڻ مغز مان، سا ڇـُـها ڏيو ڇنن،
زهر، وهه، چڪ، ڏنگ هو چو پيو چس وٺن،
پوءِ اُڏميو اُت وڃن، جت ڪوسيل سندن،
بلا، لنڊي، لهاري، واريو وهه وجهن،
پري، ڪوراڙ، سونهاري، ٻه- منهيون ٻک وجهن،
چٽهڙي، چمڙي، ڇرکي، پچر، ڪنڀاري ڪهن،
نانگ نيسارو، وڇين، ڀٽون ڀيڻي ڀرسـُـڄن،
ڪارا، نيلا، پدم پيماشي ڏاريو ڏيهه وجهن،
پدم، پيڻ، پانور ۾، ٿا نئين ۾ نانگ ســُـڄن،
ٽنڊڻ، ٽڪرو، ٽانوري، اُتي گڊا گام گڙن،
ڳوهه، ڳوهيرو، ڳالهر، ڳوراهه، اتي کينهوڙي کيڏن،
نور، نوريئڙو، نامور، اتي ٻنڊا ٿا ٻـُـرن،
ڄر، ڄـَـوو، ڄاهو، اُت ڀـَـٽوُن ٿا ڀٽڪن،
چچڙ، چموٽي، چمڙو، اُت وڇون ٿا وڙهن،
آر، اِڏوهي، آبڙي، ٿيون ولهارن وسن،
پيهه، پيڻ، پتنگ، ٽانڊاڻو، کرکٻيتو کنڀن،
مـِـريو، ماکي، ماڪوڙو، اُت مـَـکا مير مچن،
سـُـرو، سوٻٽ، سانڊو، سرڻو، ٻيا چوٿا منجهه چـُـرن،
ڏکوراڻي، گلوئي، مڇر، مهو، ٻگئي، حڪم ساڻ هلن،
ڪـُـت، ڪيڙو، ڪوريئڙو، اُت گـِـلويون گامن،
ڀؤنر، ڀنڊي، ڀؤنري، ڀنڀوري، ٿيون ڏيهن ۾ ڏسجن،
رتي، کهنبو، مهلو، مورائي، اتي ساوا سر سـُـڪن،
مک، ڀئو، اڪ مڪڙ، ڪارو واءُ ڀر ڪنبن،
گـُـنگهڻ، مـُـنگهڻ، گڏِر، گونهريڙهو ٻيا گينگها منجهه گـُـرن،
جـُـون، ليک، ٽولر، ٽورو، ٿا سينڌن منجهه سـُـرن،
اوٿو، چوٿو، هڏو، ٻيا ڪٽر ڪاڪڙن،
ڪنگهي،گينگهي، گهوڙيال گس تي، ٻيو ڊمريون منجهه  ڊهن،
سوڳڻ، سوناري، سمڪيون، ٻيو جائون منجهه جيئرن،
ڪـِـرمون، ڪنڀاري، ڪوِيلي، پيا ڪٽر ڪاڪڙن،
پريو، پڇر، ڀونئرو، ٻيون گهراڻيون منجهه گهرن،
ڏُمد، ڏيڏر، ڏيڏريون، ٿيون ڪر مٿي ڪرڪن،
ڪوئو، ڪـُـمي، ڪڇئون ڪـُـن ۾، ٻيا لـُـڌڙا ڪئين لٽڪن،
تاروڙو، توائي، ترڻ ٻيا سنياتا سجهن،
مرون، مانگر مڇ، موريون، ٻيا واڳو وات وجهن،
تڏِ، تيليون، تاروڙا، سي تريو تار وڃن،
لکين گهمن لـُـڙ ۾، اهو انت نه عاشقن،
’حاميد‘ انهي احوال تي، آهي سڌ نه سگهارن،
جن مڃيو آهي محمد کي، سي دوزخ باهه ڇٽن،
ڪلمون پاڪ پڙهن، ويندا سي ايمان سين.
                لا اِلـــٰــہ اِلا الله محمد رسول الله.

جهنگ

1. جهنگ جا: چارا، پيچرا، وَر، وَڪڙ، وڻ، ٻوٽا، لـَـڪ، ناڪا، ٻيلا، ڦاٽَ، واءَ، مرون، ٿـَـم، پـَـٽَ، پـَـڊَ، دڙا، ڍير، پها، وڻ ٽڻ، ڏونرا، ڪنڊا، پٿر، اڻ سونهان، تلاءَ، تـَـڙ، ڏهر، گهيڙ، گهـَـٽ، وَراڪا.

2. جهنگ جو: گسُ، جانور، مرون، گاهه، ڊپُ ڊاءُ، خوف، خطرو، ٻوٽو، ڀـُـرٽ.

3. جهنگ جون: ڀـِـٽون، نيون، جوهيون، چـُـرون، هـُـڙيون، ڀـَـرون، ڀـِـڪون، ڍنڍون، وِنگڙيون، ماکيون، کنڀيون.

4. جهنگ جي: واٽَ، ويءَ، رُڃ، ڏُٿ، وڻڪار، لاءِ، ٽاري، ماکي، جـُـوءِ.


*  چيل لعلڻ خان پٽ علي بخش پٽ جيئندو، پاڙو سنجراڻي لغاري، ويٺل ڳوٺ گل محمد لغاري لڳ اسٽيشن سرهاري تعلقو شهدادپور. اندازاً سنه 1895ع ڌاري ڄائو. سندس وڏا اصل ديري غازي خان جا ويٺل هئا، پوءِ لڏي اچي ڳوٺ غلام شاهه لڳ سڪرنڊ ۾ ويٺا، پر درياء جي پائڻ ڪري لعلڻ خان لڏي ناناڻي ڳوٺ گل محمد لغاري ۾ ويٺو ۽ شادي به اتي ئي ڪيائين. سندس ڪلام جو گهڻو حصو سرائڪيءَ ۾ آهي، جو حمل فقير جي تتبع تي چيو اٿس. يوسف زليخا ۽ هير جا قصا پڻ ٺاهيا اٿس. هنر، ڏور ۽ ڳجهارت جو به وڏو ڄاڻو آهي.

*  چيل لعلڻ خان لغاري. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص ؟ هن بيت ۾ نه فقط ان پر پوک به شامل آهي.

*  چيل لعلڻ خان لغاري جو، سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه ص.

*  چيل لعلڻ خان لغاري جو، سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه ص 00.

*  چيل لعلڻ خان لغاري جو، سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيو ص. هن بيت ۾ نه فقط پـَـٽ پر مـِـٽي به شامل آهي.

1  حاجي حاميد خاصخيلي جي زباني قلمبند ڪيل. حاجي حاميد ولد قبول خاصخيلي، ڳوٺ ملهڻ، تعلقي ماتلي جو ويٺل آهي. هن وقت سندس عمر سٺ ورهيه آهي، انهيءَ حساب سان سندس جنم سنه 1900ع ڌاري ٿيو هوندو. پاڻ فقط قرآن شريف پڙهيل آهي. ڏور ۽ ڳجهارت جو ڳولو آهي.

1  چيل لعلڻ خان لغاري جو، سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه ص.

2  چيل حاجي حاميد خاصخيلي جو، سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه، ص.

3  چيل خان محمد پٽ واگهه پنهور، ويٺل ڳوٺ جانهري، تعلقي عمرڪوٽ جو. اندازاً سنه 1910ع ڌاري ڄائو. تمام ٿورو پڙهيل آهي. سندس ڪلام بيتن تي مشتمل آهي.

4  چيل فقير عبدالرحيم پٽ ڇتن پٽ ولي محمد پٽ صفر ڏاهري، ويٺل لڳ دڙو ضلعو نوابشاهه. سن 1902ع/1320هه ڌاري ڄائو. اصل ويٺل ڪنب دارون جو پر پوءِ مارشل - لا واري زماني ۾ لڏي وڃي هاڻوڪي هنڌ تي رهيو. سنڌي لکي پڙهي ڄاڻي. سندس گذران جو ذريعو ٻني ٻارو آهي. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ 1945ع ڌاري بيت چوڻ شروع ڪيائين. شاعر موريي فقير سان سندس هڪڙي رهاڻ ۾ بيتن جي ڏي وٺ ڪيائين. سندس ڪلام گهڻو چيل آهي، جنهن مان “عمر مارئي” جا بيت مشهور آهن.

5  چيل علي اڪبر لغاري ويٺل ڳوٺ لعل خان لغاري تعلقي سنجهوري جو. اُن وقت اسڪول ماستر هو.

6  هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي طاهرزادي کان ملي شاعر جو نالو معلوم ٿي نه سگهيو آهي.

*  چيل لعلڻ خان لغاري. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص  .

*  چيل پريو باريچو.

(1) چيل لعلڻ خان لغاري. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص ؟

*  چيل لعلڻ خان لغاري. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص

1  چيل جاڙو خان پٽ جوءِ لب خان پٽ جهنڊو خان مري بلوچ، ويٺل ڳوٺ نندو خان مري، لڳ ٻوٻي، تعلقو سانگهڙ. اندازاً 1880ع ڌاري ڄائو. تعليم ڪانه پرايائين. شاعري ڄڻ کيس مائٽاڻي ورثي طور ملي، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي سگهڙ ۽ ڪيترن شاعرن جا راوي هئا. هن ننڍي عمر ۾ ئي سندن ڳوٺ جي شاعر ڪرم خان جي صحبت ۾ رهي، شاعريءَ جي واٽ ورتي. زمينداري ۽ فارغ البالي سبب، سير سفر گهڻو ڪيائين. سندس ڪلام بيتن، ڏورن، هنر ۽ ڳجهارتن تي مشتمل آهي.

(2)  چيل لعلڻ خان لغاري. سوانح عمريءَ ڏسو حاشيه ص

(3)  چيل حاجي حاميد خاصخيلي سوانح عمري لاءِ ڏسو ص.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org