سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :22

 (2227)

نالو ڙي سهڻي! اڳيان مال جي اٿئي.

 

نالو=منگهن> مَ+ گهـِـڙ. مال جي= وَهـُـڙي>

وَهه+ ڙي.

مَ گهـِـڙ ڙي سهڻي! اڳيان وَهه (تـِـکَ) اٿئي.

 

(2228)

نرنان ۾ جاءِ جي، ذات پنهنجو آ.

 

نرنان= نصير> نه+ سـِـيرَ. جاءِ جي= پؤڙي.

ذات= خوجا> خواجـ*. پنهنجو= خوني.

نه سـيـِـرَ ۾ پئو ڙي، خواجـہ خوني آ.

 

(2229)

ڪاٺ ڪاٺ کي اڳيان، نرنانءُ اٿئي ڏاڍو، نار
                        نالي فقير ڙي!

 

ڪاٺ(جو) = هر> هرهر. ڪاٺ(جي) = چوني>

چونئي. نرنان= خواجـہ(خضر). ڏاڍو= خوني.

نار نالو= سهڻي. فقير= ملنگ> مَ لنگهه.

هر هر چونئي اڳيان خواجـہ اٿئي خوني، سهڻي! (هتان)
                        مَ لنگهه ڙي.

 

(2230)

سهڻي،   نرنانءُ   ڪاٺي   ڙي!

 

نرنانءُ= نصير> نه+ سيرَ. ڪاٺي= پاهوڙي>

پئو+ ڙي.

سهڻي،   نه   سير   پئو   ڙي!

 

(2231)

ڪڙمڪا   ٻانهي   جا   ڙي   سهڻي!

 

ڪـُـڙمڪا= واهڙ. ٻانهي= ناتر> نه+ تـَـر.

واهڙ  نه   تـَـر  ڙي   سهڻي!

 

(2232)

جڏهن ڏٺئي ڪاٺ دريا ِّ ۾، تڏهن هندو نالي تون.

 

ڪاٺ= لڙهو> لڙهه. هندو نالو= منگهن> مَ+ گهڙ.

جڏهن ڏٺئي لـُـڙ درياءَ ۾، تڏهن مَ گهڙُ تون.

 

(2233)

اَن جن ۾ نه گهڙ، ذات ڪندينءَ ڙي!

 

اَن جا= ماپارا> ماه+ پارن. ذات= اوڏ.

ماهه  پارن  ۾  نه  گهڙ،  او ڏڪندينءَ  ڙي!

 

(2234)

نه ڪک نارنان، اڳيان سٽ جون ڙي،
متان وجهي مٽيءَ جو، ڪنئي شهر ڙي.

 

ڪک= تـَـر. نارنان= سهڻي، سـُـٽَ جون= واڳون.

مٽيءَ جو= چـَـڪُ. شهر= ڇـِـني.

نه تـَـر سهڻي، اڳيان واڳون ڙي،
متان وجهي چـَـڪ، ڇڏينئي ڇـِـني ڙي.

 

سهڻيءَ جو سجاڳ ٿي درياءَ تي وڃڻ

(2235)

ڪاٺي لڳي، ساز وڳا، نارنان جاڳي، ڪپڙي جا ڪاٿي؟

 

ڪاٺي= لار. ساز= چڙا. نارنان= سهڻي. ڪپڙ جي=

هڙ> ساهڙ.

لارَ لڳي، چـَـڙا وڳا، سهڻي جاڳي، ساهڙ ڪاٿي؟

 

(2236)

پکي نه ڏٺائين، پر پوکون ڏسندي ويئي.

 

پکي= گگهه. پوک= ڪـَـتي> ڪـَـتيون.

گگهه (اونداهي) نه ڏٺائين، پر ڪـَـتيون ڏسندي ويئي.

 

(2237)

ڪکن ۾ جر جو، ڪونه ڏٺو هو ڪامڻي.

 

ڪکَ = ڪانهن. جر جو= ڪـَـچو. ڪامڻي= سهڻي.

ڪانهنِ منجهه ڪـَـچو، ڪونه ڏٺو هو سهڻي.

 

(2238)

گاهؤن گاهه ڏٺائين ڪين، ڪاريگر جا ڏسي ٻنيءَ
                                     جا ٿيس.

 

گاهه= ڪـَـچو. گاهه= پڪو. ڪاريگر جا= چـِـٽ.

ٻنيءَ جي= پڪ (مـِـٽي).

ڪـَـچو پڪو ڏٺائين ڪين، چـِـٽ ڏسي پـَـڪ ٿيس.

 

(2239)

ڪاريگر جو هوس، پر ڪاسبڪي ڪار نه کنيائين.

 

ڪاريگر جو= چـِـٽ. ڪاسبڪي ڪار= ٺوڪڻ.

چـِـٽ ته گهڻوئي هوس، پر ٺوڪي نه کنيائين.

 

(2240)

نالو رن رکيو، شهر نه نيائين پاڻ سان.

 

نالو= جوڌو> جو+ ڌوئي. شهر= سوئي> سو+ ئي.

جو ڌوئي رَن رکيو، سو نه نيائين پاڻ سان.

 

(2241)

رڇ ريءَ دلبر، مون کي ڪين مرض.

 

رڇ= دلو> دلي. مرض= مـَـلـِـي> مـِـلي.

دِلي ريءَ دلبر، مون کي ڪين مـِـلي.

 

(2242)

جر جا ڏسي نه بيهه، ڪاٺ ته نانوَن کي ملون.

 

جر جا= بحر. ڪاٺ= تـَـر. نانو= محب.

بحر ڏسي نه بيهه، تر ته محبن کي ملون.

 

(2243)

جر جا ڏسي نه بيهه، توکي جر جا جهليندا ڪين.

 

جر جا= ڪـُـنَ. جر جا= جهولَ.

ڪـُـن ڏسي نه بيهه، توکي جهول جهليندا ڪين.

 

(2244)

پوک ۾ گهڙين ٿي، تڏهن کاڄ وکر نرنانءُ نه اٿئي.

 

پوک= تار. کاڄ(جي) = تـَـڙ> ٿـَـڙ. وکر= ڪـَـڻِ.

نرنانءُ= لائق.

تار ۾ گهڙين ٿي، تڏهن ٿڙڪڻ لائق نه اٿئي.

 

(2245)

کڻ رڇ، پئو وڻ ۾، ڳهه تان ڪيم وسار،
نار نالي نر جي، سـِـير لنگهنديئن پار.

 

رَڇ= گهڙو. وڻ= ساتار> تار. ڳهه= والي.

نار نالو= حرمت. نر نالو= حبيب.

کڻ گهڙو پئو تار ۾، والي تان ڪيم وسار،
حرمت ساڻ حبيب جي، سير لنگهنديئن پار.

 

(2246)

رڇ پئو پوک ۾، تنهنجو ڳهه وڙ ٿيندو.

 

رڇ = تـَـسري> تان+ سـِـري. پوک= تار. ڳهه= والي.

تان سري پئو تار ۾، تنهنجو والي وڙ ٿيندو.

 

سهڻيءَ جو ڪچو گهڙو کڻي درياءَ ۾ گهڙڻ

(2247)

نالي کنئي، تڏهن نالو درياءَ ۾.

 

نالو= سڪندر> سڪ+ اندر. نالو= ساڌو> سا+ ڌو.

سڪ اندر (جي) کنئي، سا ڌُو درياءَ ۾.

 

(2248)

عورت گاهه ڏسي، جر کان شهر جي ٿي ڪين.

 

عورت= سهڻي. گاهه= سيءُ. جر= درياءَ. شهر=

هٽڙي> هٽي.

سهڻي سيءُ ڏسي، درياءَ کان هٽي مور ڪين.

 

(2249)

ڪپڙي رڇن ۾، عورت لوهه جي ٿي.

 

ڪپڙو= ڪارو> ڪارن. رڇ= ڪـُـنو> ڪـُـنن.

لوهه جي= ڪـَـهي> ڪاهي. عورت= سهڻي.

ڪارن ڪـُـنن ۾، سهڻي ڪاهي پئي.

 

(2250)

نالي واري لوهه جي، نار جنگ جي کٽيءَ واري ۾.

 

نالو= ساهڙ. لوهه جي= سانگ> سانگي. نار= سهڻي.

جنگ جي= ڪاهه> ڪاهيو. کٽيءَ(جي) = ڪـُـنِ.

ساهڙ جي سانگي، سهڻيءَ ڪاهيو ڪـُـن ۾.

 

(2251)

جر جو ڏسيو، شهر جي ٿئي ڪانه،ساز جا ڪندي ويئي.

 

جر جو=مهراڻ. شهر جي= هٽي. ساز جا= ڌان ڌان.

مهراڻ ڏسيو هٽي ڪانه، ڌان ڌان ڪندي ويئي.

 

(2252)

کاڄ کنيو نرنانءُ ڏي، مال جا ڪندي وئي.

 

کاڄ= وَهُ. نرنانءُ= ميهار. مال جا= ڦر.

وَهه کنيو ميهار ڏي، ڦرڪندي وئي.

 

(2253)

نار گهڙي نار ۾، زناني ڪندي ويئي.

 

نار= سهڻي. نار= سير. زناني= مـِـهرَ> ميهر.

سهڻي گهڙي سير ۾، ميهر ڪندي ويئي.

 

(2254)

عورت رڇ ڪاٺ ۾، مرونءَ جون ڪندي ويئي.

 

عورت= سهڻي. رڇ= گهڙي. ڪاٺ(جي) = سير.

مرونءَ جون= ڪيهون.

سهڻي گهڙي سير ۾، ڪيهوُن ڪندي ويئي.

 

(2255)

جا درياءَ ۾ گهڙندي، سا ليکي جا نه ڪندي،
عورت نرنانءَ لاءِ، وڃي ڪپڙ جا ڪندي.

 

درياءَ جي= سير. ليکي جا= ڏهاڪا> ڏڪندي.

عورت= سهڻي. نرنان= ميهار. ڪپڙ جو= ڦڙڪو.

جا سير ۾ گهڙندي، سا نه ڏڪندي،
سهڻي ميهار لاءِ، وڃي ڦرڪندي.

 

(2256)

جيڪا قرآن ۾ گهڙندي، سا مڇي جا کـِـيندي.

 

قرآن(جا) = سيپارا> سيءُ+ پارن. مڇيءَ جا= ڦٿڪارا.

جيڪا سيءُ پارن ۾ گهڙندي، سا ڦٿڪارا کـِـيندي.

 

(2257)

ڪپڙي مال پوک جي، تڏهن ڪا رڇ جي نه ڏسي.

 

ڪپڙي(جي) = بوندي> بوند. مال(جو) = وِره>

برهه. پوک جي= لائي. رڇ= گهـَـڙي.

بوند برهه لائي، تڏهن ڪا گهڙي ته ڏسي.

 

سهڻيءَ ۽ ڇـُـٽي پير جي گفتگو

(2258)

جت عضون ۽ ڪاٺن، تون ڪيئن ذات ڙي!

 

عضوو= تارُون> تارُو. ڪاٺ(جا) = ڏَڪ. ذات=

لنگها> لنگهين.

جت تارُو ڏَڪن (اُتان) تون ڪيئن لنگهين ڙي!

 

(2259)

نر نالي   ۾  آهي،  سا  نر  نالي نـِـئي.

 

نر نالو= سڪندر> سـِـڪ+ اَندر. نر نالو= ساٿي>

سا+ ٿي.

سـِـڪ اندر ۾ آهي، سا ٿي نـِـئي.

 

(2260)

نالا ڀڃ فقير! ڏي ذات متيون مئيءَ کي،
جيئڏ نرنان جي ڪامڻي، ور سان تان نه ٿئي.

 

نالا=محب> مَ+ حـُـب. ذات= ڏيپار> ڏي+ پار.

جيئڏ= رتي. نرنانءُ= ميهار. وَرُ = ڏَمُ.

مَ حـُـب ڀڃ فقير! ڏي پارَ مئيءَ کي،
رَتي دل ميهار سان، ڏم سان تان نه ٿئي.

 

(2261)

اِتئون فقير، متان ڪاٺ هڻئي رڇ ۾.

 

فقير= ملنگ> مَ لنگهه. ڪاٺ= اوڀارو> اوڀاري رڇ = ڪـُـنو> ڪـُـن

اِتئون مَ لنگهه، متان اوڀاري هڻئي ڪـُـن ۾.

 

(2262)

لوهه وٺيو پئي آءُ، متان نه پئين  وڻ ۾.

 

لوهه(جو) = ڪـَـپُ. وڻ= ساتار> تار.

ڪـَـپ وٺيو پئي آءُ، متان نه پئين تار ۾.

 

(2263)

نالي  نر  کپايا،  تون  پوک  ڙي!

 

نالو= درياءَ خان. پوک= ڇانهين> ڇا آهين.

درياءَ خانَ کپايا، تون ڇا آهين ڙي!

 

(2264)

نرنان فقير ڪاٺ جو، پر نارنان ان جي ئي ڪين.

 

نرنان= ڇٽو> ڇـُـٽي. فقير= پير. ڪاٺ جو=

ڇينڀو> ڇينڀيو. نارنان= سهڻي. ان جي= مـُـوڙي.

> مـُـڙي.

ڇـُـٽي پير (گهڻئي) ڇينڀيو، پر سهڻي مـُـڙي ئي ڪين.

 

دلو ڀڄڻ ۽ سهڻيءَ جو ٻڏڻ

(2265)

جڏهن هن جو ڪاٺ ٿيو، تڏهن مرض ٿي ويئي.

 

ڪاٺ(جو) = ڦيٿو> ڦـِـٿو. مرض= هڏڪي>

هيءَ+ ڏڪي.

جڏهن هن جو ڦـِـٿو (ڀـُـريو)، تڏهن هيءَ ڏڪي ويئي.

 

(2266)

اکر منجهه اَچيو مڇيءَ جا کائي، پنهنجا کڻيو نرنان
                                         ڏي وڃي.

 

اکر= سين> سير. مڇيءَ جا= ڦٿڪا. پنهنجا= ڪرَ.

نرنان= ميهار.

سير ۾ اچيو ڦٿڪا کائي،پر ڪرَ کڻيو پئي ميهار ڏي وڃي.

 

(2267)

کوريءَ جو مون کنيو، بٺيءَ جو نه هوس،
تنور جو جڏهن پيوس، تڏهن آويءَ وارو نه رهيو.

 

کوريءَ جو= ڀيلو. بـَـٺيءَ جو= تؤ. تنور جو=

ڇنڊو(تنور تپڻ جي آزمائش لاءِ هنيل ڇنڊو).

آويءَ جو= دِلو.

ڀيلو مون کنيو، تؤ نه (آيو) هوس،
ڇنڊو جڏهن پيوس، تڏهن دِلوئي نه رهيو.

 

(2268)

مڇيءَ جو ته منهنجو هو، جر جو ته منهنجو نه.

 

مڇيءَ جو= چـِـٽو. جـَـر جو= ڪـَـچو.

چـِـٽو ته منهنجو هو، ڪـَـچو ته منهنجو نه.

 

(2269)

مٽيءَ جن ڀلايس، نه ته جر جيءَ ۾ ڪيئن گاهه ڙِي!

 

مٽيءَ جو= مارنگ> مان+ رنگن. جر جي= تارَ.

گاهه= پواڙي> پوان+ ڙي.

مان رنگن ڀلايس، نه ته تار ۾ ڪيئن پوان ڙِي!

 

(2270)

نالي مون نه کنيو، مون ليکي نالو ڙِي!

 

نالو= ٺاڪـُـو> ٺوڪي. نالو= رَتو.

ٺوڪي مون کنيو، مون ليکي رَتو ڙي!

 

(2271)

ڏينهن ڪيس چري، نه ته وڻ ڦر نيان ها پاڻ سان.

 

ڏينهن= چـِـٽو> چـِـٽن. وڻ ڦر= پڪو.

چـِـٽن ڪيس چري، نه ته پڪو نيان ها پاڻ سان.

 

(2272)

مـِـرون ڀلايو مون، نه ته وڻ جو کڻان ها پاڻ سان.

 

مـِـرُون= چيٽو> چـِـٽ. وڻ جو= پڪو.

چـِـٽن ڀلايو مون، نه ته پڪو کڻان ها پاڻ سان.

 

(2273)

ڏينهنِ ماري هياس، تڏهن گاهه ڏٺو هئم ڪونه ڪو.

 

ڏينهن= چـِـٽا> چـِـٽَ. گاهه= ڪـَـچو.

چـِـٽن ماري هياس، تڏهن ڪـَـچو ڏٺو هئم ڪونه ڪو.

 

(2274)

هو ته پکي وڻ جو، پر نرنان کڻي گاهه ڪيو.

 

پکي= چـِـٽيل. وڻ جو= پڪو. نرنان= ڪرم.

گاهه= ڪـَـچو.

هو ته چـِـٽيل پڪو، پر ڪرم کڻي ڪـَـچو ڪيو.

 

(2275)

وڻ منهنجي مٿي ۾، ڪهڙو ڏوهه ڪاسبي!

 

وڻ= ڪـَـچو. مٿو= ڪـَـرَم. ڪاسبي= ڪنڀار.

ڪـَـچو منهنجي ڪرم ۾، ڪهڙو ڏوهه ڪنڀار!

 

(2276)

نالي تي جلد پهچان ها، پر گاهه مٽيءَ جي
                                       ڪري وڌي.

 

نالو= عثمان> سـَـمن. گاهه= ڪـَـچو. مٽيءَ جي=ڪچائي

سـَـمن تي جلد پهچان ها،پر ڪچي ڪچائي ڪري وڌي.

 

(2277)

نالو ڏسان ڪانه، جنهن تي نالو کڻان.

 

نالو= صادق> سا+ دِڪَ. (دِڪي). نالو=

آدم> دم.

سا دِڪَ ڏسان ڪانه، جنهن تي دم کڻان.

 

(2278)

مال جي مون وٽ ناهه، جو عضوي جي وڃان.

 

مال جي= کـَـلي. عضوو= تـَـري.

کـَـلي مون وٽ ناهه، جو تـَـري وڃان.

 

(2279)

جڏهن مال جن ۾ هياس، تڏهن نرنان ڏٺم ڪينڪي.

 

مال جون= سـِـيرون> سيرن. نرنانءُ= بچو> بچاءُ.

جڏهن سـِـيرن ۾ هياس، تڏهن بچاءُ ڏٺم ڪينڪي.

 

(2280)

ڪاٺن منجهه هياس، تڏهن مـِـرون ڀانيم ڪونه.

 

ڪاٺ جو= سيروُن> سـِـيرُن. مـِـرون= ڀولو.

سـِـيرُن منجهه هياس، تڏهن ڀولو ڀانيم ڪونه.

 

(2281)

پکي ڪئي مون سان، نه ته کاڄن ڪير پوي.

 

پکي= ميهر. کاڄ= سـِـيرو> سـِـيرُن.

ميهر ڪئي مون سان، نه ته سـِـيرن ڪير پوي!

 

(2282)

اٿم مرض نرنان، نه ته جرجو ڪيو جر جن ۾.

 

مرض= عشق. نرنان= سچو. جر جو= لڙهو> لڙهي.

جر جون= لهريون.

اٿم عشق سچو، نه ته لڙهي ڪير لهرين ۾.

 

(2283)

جيتن جهڙي آءٌ نه هياس.

 

جيت= تاروئڙا.

تارُوئڙن   جهڙي   آءٌ   نه   هياس.

 

(2284)

پکيءَ جو ڪري حاڪم جو ڪرين ها، ته تنهنجو
                        شهر ڪئين ذات ٿئي؟

 

پکي جو= ٺونگو. حاڪم جو= ٺيڪ. شهر=

پڪو. ذات= پـُـسيا> پـُـسي.

ٺـُـونگو هڻي ٺيڪ ڪرين ها ته تنهنجو پڪو ڪيئن پـُـسي؟

 

(2285)

نرنان ڏٺو هـُـيئي، تڏهن ڌڪ جو کڻين ها.

 

نرنانءُ= رَتو. ڌڪ جو= واڄو> وڄائي.

رَتو ڏٺو هـُـيئي، تڏهن وڄائي کڻي ها.

 

(2286)

وڻ وڻ جا پون، پوءِ گاهه ڇو کنيئي؟

 

وڻ جا= پڪا. وڻ جون= پـُـسيون> پـُـسيو.

گاهه= ڪـَـچو.

پڪا پـُـسيو پون، پوءِ ڪـَـچو ڇو کنئي؟

 

(2287)

لوهه جو ڏٺو هيئي ته کڻي عضوو ڪرين ها.

 

لوهه جو= وَٽ(تورو). عضوو= پاسو.

وَٽُ ڏٺو هيئي ته کڻي پاسو ڪرين ها.

 

(2288)

لوهه جا ڏٺئي جر جي ۾، تڏهن وڻ جا ڪرين ها!

 

لوهه جا= مارا. جر جو= درياءَ. وڻ جا= ٽارا.

مارا ڏٺئي درياءَ ۾، تڏهن ٽارا ڪرين ها!

 

(2289)

ڏٺئي ڪاٺ درياءَ ۾، تڏهن هندڪي وڃ ڙِي!

 

ڪاٺ(جو) = مارو. هندڪي= هـَـٽي.

ڏٺئي مارو درياءَ ۾، تڏهن هٽي وڃ ڙي!

 

(2290)

نالي ۾ ذات ڏٺيِّ، تڏهن وهٽ جا ڪرين ها.

 

نالو= مهراڻ. ذات= مـَـستوئي> مستي.

وهٽ جي= ٺاپر.

مهراڻ ۾ مـَـستي ڏٺئي، تڏهن ٺاپر ڪرين ها.

 

(2291)

ذات ڏٺئي درياءَ ۾، ته مال جي ڪرين ها.

 

ذات= ڪـَـسـَـر. مال جي= ٿانهر.

ڪسر ڏٺئي درياءَ ۾، ته ٿانهر ڪرين ها.

 

(2292)

عورت ڪري سڏ، ٿي رڇن ۾ قابو.

 

عورت= سهڻي. رڇ= ڪـُـنو> ڪـُـنن.

سهڻي ڪري سڏ، ٿي ڪـُـنن ۾ قابو.

 

(2293)

مان پئي وڏيون ڌڻ جون ڪيون، موٽ نرنانءُ! مان
                                ڪک جي.

 

ڌڻ جون= ڪانگون (تنوارون). نرنانءُ= ميهار.

ڪکن جي= مـُـئي.

مان پئي وڏيون ڪانگون ڪيون، موٽ ميهار، مان مـُـئي.

 

(2294)

اي پکي، اَڃان ٿو راند جو ڪرين!

 

پکي= ميهر. راند جو= داءُ> سوداءُ.

اي ميهر، اَڃان ٿو سوداءُ ڪرين!

 

(2295)

اي نرنانءَ! ڪپڙي جو نه، رڇن ۾ پوءِ.

 

نرنانءُ= ميهر. ڪپڙي جو= ڏَرُ. رڇ= گهڙِي.

اي ميهر! ڏر نه، گهڙِي پؤ.

 

(2296)

پنهنجن تي چڙهي ٿي نرنانءُ ڏسي.

 

پنهنجا= ٻيٽا> ٻيٽ. نرنان= ميهار.

ٻيٽن تي چڙهي ٿي ميهار ڏسي.

 

(2297)

پـُـٽـَـن ۾ پيئي، تڏهن ٿي ڳنڍ کي سڏ ڪري.

 

پـُـٽَ = ٻيٽا> ٻيٽن. ڳنڍ= هـَـڙَ> ساهڙ.

ٻيٽن ۾ پيئي، تڏهن ٿي ساهڙ کي سڏ ڪري.

 

(2298)

ڀلو ڙي ميهار! پوک گهڙندي ڪا رڇ ۾.

 

پوک= مـُـورِي> مون+ ري. رڇ. ڪاسي>

ڪا+ سـِـيءُ.

ڀلو ڙي ميهار! مون ريءَ گهڙندي ڪا سيءَ ۾.

 

(2299)

جڏهن وڻ هياس، تڏهن مرض هئڙم ڪونه ڪو،
جڏهن هندڪي ۾ پياس، تڏهن جر جن ماري آهيان.

 

وڻ= ٻائر> ٻار. مرض= سـُـور. هندڪي= وَهي.

جر جا= غوطا> غوطن.

جڏهن ٻارُ هياس، تڏهن سور هئڙم ڪونه ڪو،
جڏهن وهيءَ ۾ پياس، تڏهن غوطن ماري آهيان.

 

(2300)

پنڌ جي ذات ٿي، تڙ مال جي آهيان.

 

پنڌ جي= ساڻي. ذات= سردار. تڙ= وِيئري>

ويرن. مال جي= وڪوڙي.

ساڻي ٿي سردار، وِيرن وڪوڙي آهيان.

 

(2301)

اي الله! ڏي پوک جي، ڪر ڪاٺ جي ته نار نالي ٿيان.

 

پوک جي=هـَـٿي. ڪاٺ جي= ڪنڌي. نارنالو=

حليمان> هلي+ مان.

اي الله! ڏي هـَـٿي، ڪر ڪنڌيءَ ته هلي مان وڃان.

 

(2302)

ذات نر نالا مرض نالا تون.

 

ذات= پاتا. نرنالو= رَمون. مرض= ڪـَـڍَ.

نالو= ڪريم.

پاتار مؤن ڪڍ ڪريم تون.

 

(2303)

پـُـٽن تي پير ڌري، ٿي ڪامڻ سڏ ڪري،
الله اهو ڏينهن ڪري ته ڳالهايان ڳنڍ سان.

 

پـُـٽ= ٻيٽو> ٻيٽن. ڪامڻ= سهڻي. ڳنڍ=

هڙ> ساهڙ.

ٻيٽن تي پير ڌري، ٿي سهڻي سڏ ڪري،
الله اهو ڏينهن ڪري ته ڳالهايان ساهڙ سان.

 

(2304)

ڪاٺ ڪاٺن تي ذات ڇڏيم، تنهن کان پوءِ آءٌ
                                       مال جي.

 

ڪاٺ= ٻاريو> ٻر. ڪاٺ= ٻائو> ٻانهن.

ذات= زؤنر> زور. مال جي= لـُـڙهي.

ٻـَـر ٻانهنُ ڇڏيو، تنهن کان پوءِ آءٌ لڙهي.

 

(2305)

جرجن ڪئي پچار، اڄ ڪا کائون نار.

 

جر جون= مڇيون. نار= سهڻي.

مڇين ڪئي پچار، اڄ ڪا کائون سهڻي.

 

(2306)

سهڻيءَ کي ٻه ٽـِـٽَ هجن ته ٻڏيئي ڪا نه ها.

 

ٻه ٽـِـٽَ = هڪ’ڊُون‘، ٻيو’ڊِين‘> ڊُونڊِي(ٻيڙي).

سهڻيءَ کي ڊونڊي هجي ته ٻڏيئي ڪا نه ها.

 

(2307)

جڏهن ذات ٿي آيس، تڏهن جر به لوهه جو ٿيو.

 

ذات= کٽي. جر= تانگهو. لوهه جي= تار.

جڏهن کـُـٽي آيس، تڏهن تانگهو به تار ٿيو.

 

(2308)

جـَـرجن منجهه جـُـڙي ڪا ويچاري ذات واري.

 

جر جون= لهريون. ذات= ڪنڀار> ڪنڀاري.

لهرين منجهه لـُـڙهي، ڪا ويچاري ڪنڀاري.

 

(2309)

ويچاريءَ ويو مرض، مال جي ڪندي درياءَ ۾.

 

مرض= ساهه. مال جي= دڪ دڪ.

ويچاريءَ ويو ساهه، دڪ دڪ ڪندي درياءَ ۾.

 

(2310)

عورت نالي مرد جي ڪپڙي جي.

 

عورت= سـُـهڻي. مرد= ميهار. ڪپڙو= ٻـُـڏو> ٻـُـڏي.

سهڻي، نالي ميهار جي ٻـُـڏي.

 

(2311)

ٿـُـلهي،   متاري،   جهرڪي.

 

ٿـُـلهي= سهڻي. متاري= وَهـُـه. جهرڪي= ٻوڙي.

سهڻي  وَهـُـه   ٻوڙي.

 

(2312)

جتي رات هئي، اتي نالا نام کڻي ويا.

 

رات= لـُـڙهي. نالو= ڪـَـڙڪيو> ڪـَـڙڪي.

نام= ڪـُـن.

جتي لـُـڙهي، اتي ڪڙڪي ڪـُـن کڻي ويا.

 

(2313)

جتي هئي ڪپڙي جي، اتي عورت راند کڻي ويئي.

 

ڪپڙي جي= ٻـُـڏي. عورت= لـَـهر. راند= لوڏَ

> لوڏي.

جتي هئي ٻڏي، اتي لهر لوڏي کڻي ويئي.

 

(2314)

نالو نالي ناهه، تڏهن زحمت راند کنيو وڃي.

 

نالو= هيمن> هيءُ+ من. نالو= تارو> تارُو.

زحمت= لـَـهـَـرِ(عورتون لـَـهـَـر ڪنديون آهن

يعني جهـُـولڻ) راند= لوڏَ> لوڏَيون.

هيءُ مـَـنُ تارُو ناهه، تڏهن لهر لوڏيو کنيو وڃي.

 

(2315)

هيءَ مـُـٺي جيت هئي، پر ڪنهن مرض ماري وڌي.

 

جيت= تارُو. مرض= لـَـهـَـرُ.

هيءَ مـُـٺي تارُو هئي، پر ڪنهن لـَـهـَـرَ ماري وڌي.

 

(2316)

جيت مان نه هياس، ڪاٺ مون سان ڪئي.

 

جيت= تارُوئڙو. ڪاٺ(جو) = ڪارب> ڪا+ رب.

تارُوئڙي مان نه هياس، ڪا رب مون سان ڪئي.

 

(2317)

کاڄ ماري سهڻي، عضوي ڪيئن لڳي!

 

کاڄ= سـِـيرو> سـِـيرن. عضوو= ڪنڌ> ڪنڌي.

سـِـيرن ماري سهڻي، ڪنڌيءَ ڪيئن لڳي!

 

(2318)

ڪاٺ لنگهي سهڻي، وڃي ڪکن نالي ٿي.

 

ڪاٺ(جي) = ٻيلنگهه> ٻئي+ لنگهه. ڪکن جي=

مـُـئي. نالو= سـُـرهي.

ٻئي لنگهه لنگهي سهڻي وڃي مـُـئي سـُـرهي ٿي.

 

(2319)

پکيءَ جو جر جي کان ته تو ڇو ٻوڙي؟

 

پکيءَ جو= پـُـڇ. جر جو= دررياءُ. پکي= ٻوڙي.

پـُـڇ درياءَ کان، ته تو ڇو (سهڻي) ٻوڙي؟

 

(2320)

پکي پاڻ خدا، ڪهڙو ڏوهه رڇن کي!

 

پکي= ٻوڙي. رڇ= ڪـُـنو> ڪـُـنـَـن.

ٻوڙي پاڻ خدا، ڪهڙو ڏوهه ڪـُـنـَـن کي!

 

(2321)

پکي پاڻ خدا، ڏي ڏوهه رڇن کي.

 

پکي= رَنجڪي> رنج ڪيئي. رڇ= اَبن.

رنج ڪيئي پاڻ خدا، ڏئين ڏوهه آيـَـن کي.

 

ميهار جو سهڻيءَ سان گڏ ٻڏڻ

(2322)

کاڄن ۾ سهڻيءَ جو، پکي نيٺ مئو.

 

کاڄ= ســيرو> سـِـيرُن. پکي= ميهر.

سـِـيرُن ۾ سهڻيءَ جو، ميهر نيٺ مـُـئو.

 

(2323)

جر جو اوزار نه، سڄڻ ته چنڊ جو ڙي!

 

جر جو= ترڻ> تري. اوزار= رَندو> نڪرندو.

چنڊ جو= ڏٺو.

تري (ڪنهن) نه نڪرندو ڏٺو ڙي!
-----

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org