سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :13

نرنان=پنهون. وڻ=اَڪڙو<ڪڙو. مال جا=

گهوڙا. رڇ=وَٽو<وٽئون.

پنهون بنان ڙي جيڏيون، سمهڻ ڪڙو ٿيو،
هي گهوڙا! مون وٽئون هوت ويو.

 

(673)

لوهه جن جون ڳالهيون، ڪهڙيون ڪنديسانِ،
لوهه جو هوت وٺي ويا، عضوو ڙي ڏسنديسانِ.

 

لوهه جي=بيل<بي+لڄن. لوهه جو=ڪهاڙو<

ڪوهيارو. عضوو=آنڊو<آءُ+ڊوڙي.

بي لڄن جون ڳالهيون، ڪهڙيون ڪنديسانِ،
ڪوهيارو هوت وٺي ويا، آءٌ ڊوڙي ڏسنديسانِ.

 

(674)

پنهنجون هن شهر ۾، لڌيون مون شاديءَ جون،
نرنانءُ ناهي حاڪيماڻو، سو ته راند جي نيائون،
تني کي آءٌ، وڃي ولايت ڳوليان.

 

پنهنجون=ڀينر. شهر=ڀنڀور. شاديءَ جون=
لانئون. نرنان=پرين. حاڪيماڻو=پلنگ.
راند جي=ٻڌي. ولايت=وِندر. ڳوليان=ووڙيان.

ڀينر هن ڀنڀور ۾ لڌيون مون لانئون،
پرين ناهي پلنگ تي، سو ته ٻڌي نيائون،
تني کي آءٌ، وڃي وندر ووڙيان.

 

(675)

عضوي کائيندياس، عضوي وينديس هوت جي.

عضوو=پـِـني. عضوو=پـُـٺي.

پـِـنــــي کـــائيندياس، پـُـٺيءَ وينديس هوت جي.

(676)

راند جي هوت ويا، آءٌ ڪتي جيءَ ملندياس تن کي.

راند جي=لڪَ <لـِـڪي. ڪـُـتي جي=لـَـڪ.

لـِـڪي هـــــوت ويـــــا، آءٌ لـَـــڪ ۾ ملنديس تـــن کي.

(677)

ولايت ويڙا جيڏيون، مون کان پير ڪري،
نرنانءُ نيائون پاڻ سان، هـِـت مال جي ڪير ڪري.

 

ولايت=هرات<هي+رات. پير=هادي<هيڏي.

نرنان=پنهون. مال جي=ٺـَـهـَـر.

هـَـي، رات ويڙا جيڏيون، مون سان هيڏي ڪري،
پنهل نيائون پاڻ سان، هاڻ هت ٺـَـهـَـر ڪير ڪري.

 

(678)

ولايت وياڙي جيڏيون، تن نالا نانءُ ڪري،
نالو نيائون پاڻ سان، تن نالا ڪا مَ ڪري.

 

ولايت=هرات<هي+رات. نالو=خدابخش<خدا.

نان=خيرو<خير. نالو=جيئندو<جـِـند. نالا=

نـِـندو<نـِـدا.

هـَـي رات ويا ڙي جيڏيون، تن خدا خير ڪري،
جـِـند نيائون پاڻ سان، تن نـِـدا ڪا مَ ڪري.

 

(679)

جنهن ڪاٺ لڳو ڙي جيڏيون، نار نالي ڏيندي ڪيئن نه ميان!

ڪاٺ=تير. نار نالو=صابـُـلَ <سا+بـُـل.

جنهن تير لـــڳـــو ڙي جيڏيون! ســـابـُـل ڏينــــدي ڪيئن نه ميان!

(680)

اَن جي سا ڪاريگر جي، مون کي پوک جو ارمان ڙي.

اَن جي=رهي. ڪاريگر جي=ٺهي. پرک جو=

سنگ<سنگت.

آءٌ رهي سا ٺهي، مون کي سنگت جو ارمان ڙي.

(681)

ڪـــــاٺ پـَـنــــــاري پيوم، پــــــر رڇ نـــاهـــيـــان ڙي جيڏيون!

ڪاٺ=پلڪ. رڇ=جـَـمن<جم.

پلڪ(وڇوڙي جو) پناري پيوم، پر جم ناهيان ڙي جيڏيون!

(682)

پـــــاڻـــــيءَ منجهه پــــــيــــاس، ڪاٺ لڳو ڙي جيڏيون!

پاڻي(جا)=پور<پورن. ڪاٺ(جو)=چرخو<چرخ.

پــــــورن منجهه پـــــــيــــاس، چـــــــرخ لڳو ڙي جيڏيون!

(683)

پنڌ جو نرنانءُ ويو شهر ڏي، مـــــان مٽيءَ جا جيڏيون!

پنڌ جو=ڪوهه. نرنان=يارل. شهر=ڪيچ.

مٽيءَ جا=کامان.

ڪوهيارل ويــــو ڪـــيــــچ ڏي، مـــــان کامان جيڏيون!

(684)

آءٌ زمـــــيـــن جا ڙي جيڏيون، ذاتين هـــــوت وڃن.

زمين جا=کامان. ذات=مهندا<مهندان.

آءٌ کـــــامـــــــان ڙي جيڏيون، مهندان هـــوت وڃن.

(685)

کـــــاڄ پرين جــــو پو”، ته شهر وڃان ڙي جيڏيون!

کاڄ=ڪوپرو<ڪو+پرو. شهر=ڊُڪ.

ڪو پرو پرين جو پو”، ته ڊُڪ وڃان ڙي جيڏيون!

(686)

ڪک ڪريو ڙي جيڏيون، جبل منهنجي جو.

ڪک=ڊڀُ. جبل=سورجاڻ<سور.

ڊَڀُ ڪريو ڙي جيڏيون، سـُـور منهنجي جو.

(687)

ســـازيـــن هــــوت گڏيـــو، ڪنهن نرنانءَ سان جيڏيون!

ساز=مـُـرلي<مون+رُلي. نرنان=ثوابو<سبب.

مـــون رُلــــيءَ هــوت گڏيو، ڪنهن سبب سان جيڏيون!

(688)

نرنانءُ وٺــــــي ويا مرض ۾، مون کي مرض ڏيئي ويا.

نرنان=پنهون. مرض=نهنڊ<ننڊ. مرض=سور.

پنهون وٺـــــــي ويـــــا ننـــڊ ۾، مون کي سور ڏيئي ويا.

(689)

پنهنجو ٿيم جيڏيون! گاهه پکي ڪيو، پر جر وڻ جي جي ڪانه ڪيائون.

پنهنجو=ارمان. گاهن=سڻ<سيڻن. پکي=سانباهو. جر جي=

موڪ. وڻ=لاڻي.

ارمان ٿيم جيڏيون، سيڻن سانباهو ڪيو، پر موڪلاڻي ڪانه ڪيائون.

(690)

هڪ هجن ها وڻ جي، ٻيو نالا ۽ نرنانءَ،
تن ۾ ڪاٺي جو هو ڪونڪو، سي زر بلا جي ڪيئن ڪندا؟

 

وڻ جي= ماٽَ <مائٽ. نالو=چڱو <چڱا.
نرنان=جوان. ڪاٺيءَ جو=هڏو
<هڏ ڏوکي.
زر جي=ڳڻ. بلا جي=مڻ.

هڪ هجن ها مائٽ، ٻيو چڱا جوان،
تن ۾ هڏ ڏوکي هو ڪو نڪو، سي ڳڻ مڻ ڪيئن ڪندا؟

 

(691)

چم جي ساريان عورت، جي رهي ويا عضوو.

چم جي=سيبڻ<سي+بڻ. عورت=سڄڻ.

عضوو=رتڙي<راتڙ.

سي پڻ ساريان سڄڻ، جي رهي ويا راتڙي.

(692)

ولايت ويـــــا ڙي جيڏيون، شــــهـــر شــــــال اچـــــن!

ولايت=ونگو ولاسو<ونگي. شهر=موندر<

مون+دَرُ.

ونـــگـــي ويا ڙي جيڏيون، مــــــون در شــــال اچـــــن!

(693)

اک جـــــــن ڙي اَديون، مـــــــان سين ان جــــا ڪيا.

اک جو=جـَـتو<جتن. ان جا=اَڌ<اَڌن<ويڌن.

جـــــتـــن ڙي اَديــــون، مـــــــان سين ويــــــڌن ڪيا.

(694)

ڪاٺيءَ جي نرنان ڪانه ڪيائون، شهر وٺي ويا ڙي جيڏيون!

ڪاٺيءَ جي=رَسَ. نرنان=محبت. شهر=ڇـِـني.

رس محــــبت ڪــــانــــه ڪيائون، ڇـــــنـــي ويـــــا ڙي جيڏيون!

(695)

ولايت ويا ڙي جيڏيون، شهر ملائي شال!

 

ولايت=ارم<ور+۾. شهر=يثرب<سي+رب.

وَرَ ۾ ويا ڙي جيڏيون، سي رب ملائي شال!

 

(696)

ڪاٺي جن سان هياس، اُهي ڪاٺي ڪري ويا،
اديون ٻاروچو، ڪاٺي مون ڪري ويو.

 

ڪاٺي=لڳي. ڪاٺي=ڦـِـٽي. ڪاٺي=ڪاري.

لڳي جن سان هياس، اُهي ڦـِـٽي ڪري ويا،
اديون ٻاروچو، ڪاري مون ڪري ويو.

 

(697)

ذات نـــه هـــيــس ڙي جيڏيون! تڏهن ذات ڏيئي ويام.

ذات=سـِـيا. ذات=سيلر<سي+لـُـرَ.

سيا ِّ نه هيس جيڏيون! تڏهن سي لـُـرَ ڏيئي ويام.

(698)

نـــــــرنـــــانءَ وئـــــــي کان پوءِ، شهر ڙي.

نرنان=پنهل. شهر=بغداد.

پنهل وئـــــــي کـــــان پــــــوءِ، بغداد ڙي.

(699)

نار چيو نار کي، مون کي نالو آڻي ڏي.

 

نار=سسئي. نار=سکي. نالو=پنهون.

سسئي چيو سکيءَ کي، مون کي پنهون آڻي ڏي.

 

(700)

ســازيــن هـــــوت ڏٺــــا، نــــالــــي سان ڙي جيڏيون!

ساز=مـُـرلي<مون+رُلي. نالو=فضل.

مـــــون رُلــــي هـــــوت ڏٺــــــا، فضل ســـان ڙي جيڏيون!

(701)

دعــــــا ڪريو ڙي جيڏيون، مــــان جـُـتيءَ جيئن ٿـــيـــان.

دعا(جا)=ٻـُـڪَ. جـُـتيءَ جي=رُو ِّ <روبرو.

ٻـُــڪ کـــــــــڻــــو ڙي جيڏيون، مـــــان روبــــرو قــــًيــــان.

(702)

مان سان لڳي جنگ جي، اوهين وڃي ڪا وکر عضوي جي ڪريو.

جنگ جي=چـَـڪري. وَکر=مس+عضوي

جي=لت<مصلحت.

مان سان لڳي چڪري، اوهين وڃــــي ڪا مصلحت ڪريو.

(703)

کاڄ جو ڪنهن کي چوان، من ڪو فقيراڻو ٿئي.

کاڄ جو=ٻيرو<ٻيو+روئي. فقيراڻو=ميلو.

ٻيو روئي ڪنهن کي چوان، من ڪو ميلو ٿئي.

(704)

ڪاٺئين ويا سڄڻا، مان ڀي ڪاٺئين وينديسانِ،
ڪاٺين سنديون ڳالهيون، وڃي ڪاٺئين چونديسانِ.

 

ڪاٺي=ڪنواٽي<ڪنواٽين. ڪاٺي=ڪنواٽي<
ڪنهن+واٽين. ڪاٺي=ڪنواٽي
<ڪن+واٽن.
ڪاٺي=ڪنواٽي
<ڪنهن+واٽين.

ڪنواٽين ويا سڄڻا، مان ڀي ڪنهن واٽين وينديسانِ،
ڪن واٽن سنديون ڳالهيون، ڪنهين واٽين چونديسانِ.

 

(705)

جنهن ڪاٺ ويا ڙي جيڏيون، آءٌ تنهن ڪاٺ وينديسانِ،
ڪاٺ سنديون ڳالهڙيون، آءٌ ڪاٺ چونديسانِ.

 

ڪاٺ=در. ڪاٺ=در<اندر.

جنهن در ويا ڙي جيڏيون! آءٌ تنهن در وينديسانِ،
اندر سنديون ڳالهڙيون، آءٌ اندر چونديسانِ.

 

(706)

پنهنجي ويا ڙي جيڏيون! آءٌ پنهنجي وينديسانِ،
پنهنجيءَ سنديون ڳالهڙيون، وڃي پنهنجي چونديسانِ.

 

پنهنجو=دَم<هڪدم.

هڪدم ويا ڙي جيڏيون! آءٌ هڪدم وينديسانِ،
هڪ دم سنديون ڳالهڙيون، وڃي هڪدم چونديسانِ.

 

(707)

ڪاٺين ويا اٿم جيڏيون، آءٌ ڪاٺين وينديسانِ،
ڪاٺين سنديون ڳالهڙيون، آءٌ ڪاٺين چونديسانِ.

 

ڪاٺي=پيڻُ <هو+پـِـڻ(آءٌ، پڻ، جي پڻ،

سي پڻ)

هو پڻ ويا اٿم جيڏيون، آءٌ پڻ وينديسانِ،
جي پڻ اٿم ڳالهڙيون، سي پڻ چونديسانِ.

 

(708)

ولايت ويم جيڏيون، مان ولايت وينديسانِ،
ولايت سنديون ڳالهيون، ولايت چونديسانِ.

 

ولايت=جاوا<جاءِ.

جاءِ آيم جيڏيون، تنهن جاءِ وينديسانِ،
جاءِ سنديون ڳالهيون، جاءِ اتي چونديسانِ.

 

(709)

جنهن عضوي ويا اٿم سپرين، تنهن عضوي وينديسانِ،
عضوي سنديون ڳالهڙيون، وڃي عضوي چونديسانِ.

 

عضوو=منهن.

جنهن منهن ويا اٿم سپرين، تنهن منهن وينديسانِ،
منهن سنديون ڳالهڙيون، وڃي منهن سان چونديسانِ.

 

(710)

ڪکين آيا ڏير، ڪکين وينديسانِ،
ڪکين سنديون ڳالهڙيون، وڃي ڪکين چونديسانِ.

 

ڪکين=تڏي.

تڏي آيا ڏير، تڏي وينديسانِ،
تڏي سنديون ڳالهڙيون، وڃي تڏي چونديسانِ.

 

(711)

عضوي ويا ڙي جيڏيون، مان به عضوي وينديسانِ،
عضوي سنديون ڳالهيون، وڃي عضوي ڪنديسانِ.

 

عضوو=چـَـڏو<چـَـڏي<ڪيچ+ڏي.عضوو=

چڏو<چڏي<ڪيچ+ڏي. عضوو=چڏو<چڏي<

ڪيچ+ڏي. عضوو=چڏو<چڏي<ڪيچ+ڏي.

ڪيچ ڏي ويا ڙي جيڏيون، مان به ڪيچ ڏي وينديسانِ،
ڪيچ ڏيهه سنديون ڳالهيون، وڃي ڪيچ ڏي چونديسانِ.

 

(712)

عضوي جي ويندياس، جو اک جي ڪامڻ آهيان.

 

عضوي جي=نـِـڙي<(ڇو)+نه+ڙي. اک جو=

نينهن. ڪامڻ=نوازي.

ڇو نه ڙي ويندياس، جو نينهن نوازي آهيان.

 

(713)

پکي درياءَ جو چاڙهيو، هو کاڄ به منهنجو جن،
آءٌ به مهندان تن، جر جو ڪنديس ڪينڪي.

 

پکي جو=ڪـُـهڻ<ڪـُـهي. درياءَ جو=ڪن. کاڄ

جو=ماهه. جر جو=ٻاڙو.

ڪـُـهي ڪـُـني چاڙهيو، هو ماهه به منهنجو جن،
آءٌ به مهندان تن، ٻاڙو ٻولينديس ڪينڪي.

 

(714)

ڪپڙو پنهون کي شل، مڇي نه لڳي جيڏيون!

 

ڪپڙو=ميرو<مير. مڇي=مؤس<مَ+اُس.

مير پنهون کي شل، اُس مَ لڳي جيڏيون.

 

(715)

ٻولي پنهل اچي، ٻولي ڪيان ڪيئن؟

 

ٻولي=جيتر. ٻولي=تيتر.

جيتر پنهل اچي، تيتر ڪيان ڪيئن؟

 

سسئيءَ کي سرتين جو چوڻ

(716)

جر واري جي ڪامڻي، جيت جي ڏير ويئي.

 

جر واري جي=آني<آءٌ+ني. ڪامڻي=سسئي.

جيت جي=تاني<تان+ني.

آءٌ ني جاڳيس سسئي، تان ني ڏير ويئي.

 

(717)

نرنانءَ چيو نارنانءَ کي، هي نه پرين پر،
هڻي وڻ ذاتين کي، ڏير ويا ڏونگر،
نالي نرنانءُ ڪينڪي، رڇ تنهنجي گهر.

 

نرنان=صالح<صلح. نارنان=سسئي. وڻ=

ڪامون. ذات=چانگ<چانگن. نالو=تولو<

تو+لئي. نرنان=ٽـِـڪيو<ٽڪيا. رَڇ=گهڙي.

صلحَ چيو سسئي کي، هي نه پرين پر،
هڻي ڪامون چانگن کي، ڏير ويا ڏونگر،
تو لئي ٽڪيا ڪينڪي، گهڙي تنهنجي گهر.

 

(718)

نارنانءُ چيو نارنانءَ کي، ادي! اها نه پرين پر،
هڻي وڻ ذاتين تي، ڏير چڙهيا ڏونگر،
نالن ۽ نرنائن جا ڪينڪي، رڇ نرنانءَ جي گهر.

 

نارنان=سـُـکي. نارنان=سسئي. وڻ=ڪاموئي<

ڪام.ذاتين=چانگ<چانگن. نالا=تولا<تو+

لاءِ. نرنان=ٽڪيا. رڇ=گهڙي. نرنان=پنهون.

سکي چيو سسئي کي، ادي اها نه پرين پر،
هڻي ڪامون چانگن تي، ڏير چڙهيا ڏونگر،
تولاءِ ٽڪيا ڪينڪي، گهڙي پنهونءَ جي گهر.

 

(719)

جن جو مرض نالي سين، تن کي عورت نه نڀاءِ.

 

مرض=عشق. نالو=آري. عورت=ننڊ.

جن جو عشق آريءَ سين، تن کي ننڊ نه نڀاءِ.

 

(720)

عورت پنهنجو اڙايو، پنهنجون ڪرين!

 

عورت=ڳهلي. پنهنجو=نينهن. پنهنجون=ننڊون.

ڳهلي، نينهن اڙايو ننڊون ڪرين!

 

(721)

جڏهن جيئڏ ٻولي آيا، تڏهن ڇو کاڄ هئينءَ سسئي؟

 

جيئڏ=سيانتو<سيا+تو. ٻولي=وٽ

کاڄ=ليٽي.

جڏهن سيا تو وٽ آيا، تڏهن ڇو ليٽي هيئنءَ سسئي؟

 

(722)

نالا ڏٺا هيئي رات، تڏهن ڇوٽي ڪامڻ ڇو سـُـتينءَ؟

 

نالا=ميا. ڇوٽي=سوڙهي<سوَڙ. ڪامڻ=

اُڍي<اوڍي.

ميا ڏٺا هيئي رات، تڏهن سوڙ اوڍي ڇو سـُـتينءَ؟

 

(723)

جر ول جي تو ڪئي، پنهنجو مـِـرون ڌري،
ولايت ويا سسئي، جن جو پنڌ پري.

 

جر جــــــي= اک. ول جــــــي= ٻوٽي< ٻــــــوٽَ.

پنهنجو=پاسو. مـِـرون=پلنگ(ڪتو).ولايت=

هرات<هو+رات.

اک ٻوٽ تو ڪئي، پاسو پلنگ ڌري،
هي رات ويا سسئي، جن جو پنڌ پري.

 

(724)

عيبدار سسئي، جڏهن ڪانڌ ويئي ڪوهيار،
پنهنجي ويو وڻڪار، تڏهن جر جي لٿي جيڏيون!

 

عيبدار=نڪَ لٿي<نه+ڪل+ٿيئي. پنهنجي=

وَهي جر جي=ماڪ<مان+ڪل+ٿي.

نه ڪل ٿيئي سسئي، جڏهن ڪانڌ ويئي ڪوهيار،
وهي ويو وڻڪار، تڏهن مان ڪل ٿي جيڏيون!

 

(725)

لوهه جي پنهنجي نه ڪرين ها، ته ڪاٺ جا ڇو پڇين ها؟

 

لوهه جي=سـُـئي<سسئي. پنهنجي=ننڊ.

ڪاٺ جا=دَر<وِندر.

سسئي! ننڊ نه ڪرين ها، ته وندر ڇو پـُـڇين ها!

 

(726)

ذات جا ڏٺا هيئي ڏير، ته جر جو ٿئين ها سسئي!

 

ذات جا=شورا. جر جو=ڪـُـم<محڪم.

شورا ڏٺا هيئي ڏير، ته محڪم ٿئين ها سسئي!

 

(727)

هڪڙو به راند جو، ٻيو به راند جو، ٽيون به راند جو نه ٿيو،
تنهان پوءِ ويو، راند جو پنهون ڙي سسئي!

 

راند جو=نوِلو. راند جو=دَهلو<دهلئين.

راند جو=پـَـتو. راند جو=يـَـڪو.

نـَـولا ڏسي دهلئين، پر پـَـتو ڪونه پيو،
تنهان پوءِ ويو، يـَـڪو پنهون ڙي سسئي!

 

(728)

جڏهن ڪاٺ جا ڏٺئي گهر جي تي، تڏهن تون مال جو ڙي سسئي!

 

ڪاٺ جا=اوپرا. گهر جو=اڱڻ.

مال جو=پـُـڇُ.

جڏهن اوپرا ڏٺئي اڱڻ تي، تڏهن تون پڇ ڙي سسئي!

 

(729)

ڪاٺي آيئي ڏيرَ، تڏهن راند جيئن ڪڍين ها سسئي!

 

ڪاٺي=ناقص. راند جي=هڪل<هڪالي.

ناقص آيئي ڏيرَ، تڏهن هڪالي ڪڍين ها سسئي!

 

(730)

تو ڪاغذ جي آيا هئا ڏير، تڏهن ناڻي جا ڪرين ها سسئي!

 

ڪاغذ جي= پاس. ناڻي جا=ٿيلها<ٿيلهي.

تو پاس آيا هئا ڏير، تڏهن ٿيلهي ڇڏين ها سسئي!

 

(731)

جڏهن اکر مال جو ڏٺئي، تڏهن وڻ جو ڪرين ها!

 

اکر=ڦـِـٽو. مال جو=ڀاڳيو<ڀاڳ. وڻ جو=

ڪوئيلو<ڪو+حيلو.

جڏهن ڦـِـٽو ڀاڳ ڏٺئي، تڏهن ڪو حيلو ڪرين ها!

 

(732)

جڏهن ٿي پنهل ويو، تڏهن ڪاٺيون ڪاٺ پوک جو ڪرين ها.

 

ڪاٺيءَ جون=دريون. ڪاٺ جو=دَر.

پوک جو=بـَـند.

جڏهن پنهل ٿي ويو، تڏهن دريون در بند ڪرين ها.

 

(733)

جڏهن مال ٿي مڇي ٿيو، تڏهن پکي نه ٿئين ها سسئي!

 

مال=اُٺ. مڇي=رَڙي<رڙيو. پکي=ٻوڙي.

جڏهن اُٺن ٿي رڙيو، تڏهن ٻوڙي نه ٿئين ها سسئي!

 

(734)

سڻي پريت پکي جي، پنهنجو تو نه جڳائي،
ذات ڪرڻ وس تنهنجو ڪم، پوءِ نالو ڪري خدا.

 

پکي=سانباهو. پنهنجو=سـُـمهڻ. ذات=مـَـٽڻ.

نالو=ميڙائو.

سڻي سانباهو سڄڻ جو، سمهڻ تو نه جڳائي،
مـَـٽڻ وس تنهنجو ڪم، پوءِ ميڙائو ڪري خدا.

 

(735)

پکي تن سيڻن جو، پکي تو نه سـُـئو،
پکي ڏير چڙهي ويا، پکي تو نه ٻڌو،
پکي هل پنهون سان، توکي پکي ڇا ڪندو.

 

پکي=سانباهو. پکي=آڙي<اَڙي. پکي=چـِـڙي.

پکي= ٻـــوڙي. پکي= پاريهر <پاري+ هـــل.

پکي=ڇاپاڪو<ڇير.

سانباهو تن سيڻن جو، اڙي تو نه سـُـئو،
چـِـڙي ڏير چڙهي ويا، ٻوڙي تو نه ٻڌو،
پاري هل پنهون سان، توکي ڇپر ڇا ڪندو.

 

(736)

پنهون ڪاٺ ۾ ڏٺو هوءِ، تڏهن ذات ڇو نه وئين؟

 

ڪاٺ جو=پاکڙو. ذات=چنبڙَ.

پنهون پاکڙي ۾ ڏٺو هو”، تڏهن چنبڙي ڇو نه وئين؟

 

(737)

رات ڪپڙ جيءَ ۾ ڇوڪر ڇونه پئين.

 

ڪپڙ جي=مهار. ڇوڪر=لڙڪي.

رات مهارن ۾ لڙڪي ڇو نه پئين؟

 

(738)

پنهون تنهنجي شهرئون ويو، نالن ۽ نرنائن ۾،
پوءِ مروئن ۾ نينگر پوين ها سسئي!

 

شهر=ڪڇ<ڪڇئون. نالو=ٻيڙو<ٻيڙن.

نرنانءُ=جهـُـوڙو. مـِـرُون=واڳو<واڳن.

نينگر=لڙڪي.

پنهون تنهنجي ڪڇئون ويو، ٻيڙن ۽ جهوڙن ۾،
پوءِ واڳن ۾ لڙڪي پوين ها سسئي!

 

(739)

جڏهن زر جا ڏٺا هيئي، تڏهن مال جا ڪرين ها!

 

زر جا=رَند. مال جا=راهڙ.

جڏهن رند ڏٺا هيئي، تڏهن راهڙ ڪرين ها!

 

(740)

دونالي ڪامڻي، کاڄن کي ڪندينءَ ڇا؟

 

دونالا=هـــــڪ نالو’جنت‘<جن+تنهنجي. ٻيو

نالو=رکي<نه+رکي. ڪامڻي=سسئي. کاڄ=

تـُـوت<توتن<تون+تن.

جن تنهنجي نه رکي سسئي، تون تن کي ڪندينءَ ڇا؟

 

(741)

نار نالي رڇ سسئي، وڻ جن ڪندينءَ ڪوهه؟

 

نارنالي=جـِـني. رڇ=پاري. وڻ جا=تـُـوت<

تـُـوتن<تـُـون+تن.

جني نه پاري سسئي، تون تن ڪندينءَ ڪوهه؟

 

(742)

پنهنجي ڪنڀرڪي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا.

 

پنهنجي=اک+ڪـُـنڀرڪي=چـِـٽي.

اک چـِـٽي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا.

 

(743)

ڪاٺي ڪپڙي جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
جر رڇ جي تو نه ڪپڙجي ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
وڌي چم جي تو نه ڪپڙجي ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
هاڻي تنهنجو شهر هئي، توکان هوت ويا.

 

ڪاٺيءَ جو=ٽانڊو. ڪپڙي جي=ٽوپي. جر=پاڻي.

رڇ=پيالي. چــــم جــي= ڳـَـلي. ڪپڙ جي= جهلي.

شهر=ٻريجي<ٻري+ جيءُ.

ٽانڊي ٽوپيءَ جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
پاڻي پيالي جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
وڌي ڳـَـلي تو نه جهلي، تڏهن توکان هوت ويا،
هاڻي تنهنجو ٻري جيءُ، توکان هوت ويا.

 

(744)

مکڻ ماني جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
واڙ گاهه جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
هندو درياءَ جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
حقي گهوڙي جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا.

 

مکڻ جي=ڏهاڙي. مانيءَ جي=صلاح. واڙ جي=

کڙهه. گــــاهه جــــــي= پـُـوري. هندو جــــي= آهر.

درياءَ جــــو= پـــورُ <پــــوري. حـُـقي جــو= دم.

گهوڙي جو=قدم.

ڏهاڙي صلاح تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
کڙهه پوري تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
آهر پوري تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
دم قدم تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا.

 

(745)

واءَ جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
مينگهواڙڪي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
ڪنڀارڪي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
جنڊ جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
گهوڙي نغاري جي تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،

 

واءَ جــــــي= گهـُـٽ. مينگواڙڪي= ڳـَـلي ۽ جهلي.

ڪنڀارڪي=ڪـَـري ۽ پاري. جنڊ جي=ڊوٿ “ڳاري.

گهوڙي جي=ٽـَـهل. نغاري جي=ٽڪور.

گهـُـٽَ تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا،
ڳـَـلي تو نه جهلي، تڏهن توکان هوت ويا،
ڪري تو نه پاري، تڏهن توکان هوت ويا،
ڊوڙي نه ڏني توڳاري، تڏهن توکان هوت ويا،
ٽهل ٽڪور تو نه ڪئي، تڏهن توکان هوت ويا.

 

(746)

اها واڍڪي تو نه جر جي، تڏهن توکان هوت ويا.

 

واڍڪي=گهـَـڙي. جر جي=گهاري.

اها گهڙي تو نه گهاري، تڏهن توکان هوت ويا.

 

(747)

پکي نار نالي تو ۾، ذات ويئي ڙي سسئي!

 

پکي=اَل. نارنالي=رکي. ذات=ماري.

اَلَ رکي تو ۾، ماري ويئي ڙي سسئي!

 

(748)

نالي آيئي ڏيرَ، شهر هڻي ويئي سسئي!

 

نالو=اڱڻ. شهر=سيکاٽ<سي+کاٽ.

اڱڻ آيئي ڏير، سي کاٽ هڻي ويئي سسئي!

 

(749)

نه لقب سسئي، تنهنجا لقب ڏير ويا.

 

لقب=جل(جل جلا). لقب=کپ<کپي<خفي.

نه جل سسئي، تنهنجا خفي ڏير ويا.

 

(750)

مرون مار ڪري، ڪي پکي ويا ڙي سسئي!

 

مرون=تازي. مار=جـُـٺ. پکي=طوطا<تو+تان.

تازي جـُـٺ ڪري، توتان ويا ڙي سسئي!

 

(751)

جي هو ذات ڏينئي، ته تون پنهنجا ڏيئي ڳنهه.

 

ذات=وڳڻ<اوڳڻ. پنهنجا=ڳـُـڻ.

جي هو اوڳڻ ڏينئي، ته تون ڳـُـڻ ڏيئي ڳنهه.

 

(752)

جيئڏ ڪيچين ڪاڻ، مال جو هوت پلي ويا.

 

جيئڏ=مڪڙ<مَ+ڪڙهه. مال جو= اَهو.

مڪڙهه ڪيچين ڪاڻ، هو آهو هوت پلي ويا.

 

(753)

شهر ذات ئون ذات ويا، تون ڪيئن کاڄ جو سسئي؟

 

شهر=هاڙهو. ذات=هوت. ذات=لنگها.

کاڄ جو=رهو<رهي.

هاڙهو هوت لنگهي ويا، تون ڪيئن رهينءَ سسئي؟

 

(754)

جيڪي ڪک لکيو، سو ذات ڙي سسئي!

 

ڪک=قلم. ذات=ڀوڳڙي<ڀوڳ+ڙي.

جيڪي قلم لکيو، سو ڀوڳ ڙي سسئي!

 

(755)

ڪاٺيون ڪر نه سسئي! تنهنجو ڪاٺن ڪانڌ نـِـيو.

 

ڪاٺيون=ايرِڻيون<رڙيون. ڪاٺ=ڪرهن.

رڙيون ڪر نه سسئي! تنهنجو ڪرهن ڪانڌ نيو.

 

(756)

هندڪي ڪر ڪامڻي، مال جو ڪيچين ڪاڻ.

 

هندڪي=سمجهه. ڪامڻي=سياڻي. مال جو=

نهيرو<نه+روءُ.

سمجهه ڪر سياڻي، نه روءُ ڪيچين ڪاڻ.

 

(757)

پکي ٿي نه سسئي، جيتر گاهه پوي.

 

پکي=ڳيرو<اڳي+روءُ. گاهه=ڪـَـلَ.

اڳي روءُ نه سسئي، جيتر ڪـَـل پوي.

 

(758)

سسئي مال جو، هـُـو جيئڏ نه.

 

مال جو=نرو<نه+روءُ. جيئڏ=سيانتو<

سيا+تو.

سسئي نه روءُ، هو سيا تو نه.

 

(759)

شهر جي ويا، جر جو نه تن کي،

 

شهر=لـَـڪي<لـِـڪي. جر جو=ڀونئرو<

پوءِ+روءِ.

لـِـڪي جي ويا، پوءِ روءِ نه تن کي.

 

(760)

ذات ٿي نه سسئي! پنهون ته وڻ جي ٿي.

 

ذات=وئونرا<ونءُ+رو. وڻ جي=جهڙ<ويجهڙ.

ونءُ، رو نه سسئي! پنهون ته ويجهڙ ٿي.

 

(761)

ڪاٺ جو سسئي، اجهو هو نالو ڏس.

 

ڪاٺ جو=مـَـنرو(مانڌاڻيءَ جو حصو) <مَ+روءُ.

نالو=گـُـلو<گـَـلو.

مَ روءُ سسئي، اِجهو هو گلو ڏس.

 

(762)

گاهه ٻولي ڪر سسئي! هو اڳهين پنڌ وڃن،
پنهنجن ڳهن تان ڪيئن رڇ کڄن!

 

گاهه=مروُئو<مَ+روءُ. ٻولي=ماٺ. پنڌ=

ڪوهه. ڳهه=وَرَ <ورن. رڇ=دلي<دليون.

مَ روءُ، ماٺ ڪر سسئي، هو اڳهين ڪوهه وڃن،
پنهنجن ورن تان، ڪيئن دليون کڄن!

 

(763)

مٽيءَ جي ٿي نه سسئي! اڳيئون ڪپڙ جا ٿي.

 

مٽيءَ جي=چري. ڪپڙ جي=ليڙ<ليڙا.

چري ٿي نه سسئي! اَڳيئون ليڙا ٿي.

 

(764)

گهرَ جي نه ٿي سسئي، اڳيئون نرنانءُ اٿئي.

 

گهر جي=ٻهاري<اُٻاهري. نرنان=پنهل.

اُٻاهري نه ٿي سسئي، اڳيؤن پنهل اٿئي.

 

(765)

مٽيءَ جا ڳهه نه سسئي! اَڳيؤن پکي ٿي.

 

مٽيءَ جا=ڳوڙها. ڳهه=هار. پکي=ڪيچي.

ڳوڙها هار نه سسئي! اَڳيئؤن ڪيچي ٿي.

 

(766)

جيئڏ نه ڙي سسئي، اڳيؤن ذاتيون وڃن.

 

جيئڏ=پونئرو<پوءِ+نه+روءُ. ذات=اوڏ<اوڏا

۽ جت.

پوءِ نه روءُ ڙي سسئي، اوڏا جت وڃن.

 

(767)

جر جن جويـُـن کان، هو وڻ واريون ٿا نين،
ساز نه ڪر ڙي سسئي! ڪارڻ ڪوهيارن،
پڄاڻا پرين، گهر پوک چلم ڙي سسئي!

 

جر جي=ســُـتي<سـُـتين. وڻ جون=ڇڙهيون.

ساز=ڪينرو<ڪين+روءُ. پوک جا=سلا.

چلم=مـَـتي.

سـُـتين جوين کان ڇڙهيون هو ٿا نين،
ڪين روءُ ڙي سسئي! ڪارڻ ڪوهيارن،
پڄاڻا پرين، گهر سلامتي ڙي سسئي!

 

(768)

سسئي! غم جا نه ڪر، من ڪو نالو ٿيئي.

 

غم جا=ڳوڙها. نالو=صابو<سبب.

سسئي! ڳوڙها نه ڳاڙ، من ڪو سبب ٿيئي.

 

(769)

نالا عضون تان، مال جي سسئي!

 

نالو=ڳوهو<ڳوڙها. عضوا=ڳـَـل. مال جي=

مهار<مَ+هار.

ڳوڙها ڳلن تان مَ هار سسئي!

 

(770)

پنهنجا پنهنجن تي، هاڻي ڳهه نه سسئي!

 

پنهنجا=ڳوڙها. پنهنجن=ڳلن. ڳهه=هار.

ڳوڙها ڳلن تي، هاڻي هار نه سسئي!

 

(771)

ملڪ ڇڏ هتي، وڃي نالي روءُ پنهون جي.

 

ملڪ=حبش<هنبس. نالو=منگهو.

هنبس ڇڏ هتي، وڃي منگهي روءُ پنهون جي.

 

(772)

شهر ڪر نه اتي، وڃي نالي روءُ پنهون جي.

 

شهر=مانجهند<مانجهاندا. نالو=اڱڻ.

مانجهاندا ڪر نه اتي، وڃي اڱڻ روءُ پنهون جي.

 

(773)

دل جا ڇڏ ڙي سسئي، ڪجهه ته عورت ٿي.

 

دل جا=اوٽارَ. عورت=سياڻي.

اوٽار ڇڏ ڙي سسئي، ڪجهه ته سياڻي ٿي.

 

(774)

تڙجي ڪندينءَ ڪوهه، هو ته راڳ لنگهي ويا.

 

تڙ جي=رُوڻ<روئي. راڳ=ڪيڏارو<

ڪيڏا+روهه.

روئي ڪندينءَ ڪوهه، هو ته ڪيڏا روهه لنگهي ويا.

 

(775)

ڌڻ ٻولي وجهه نه سسئي، نارنالي ٿيءُ،
                        ڪڙمڪي لائق نه ذاتين.

 

ڌڻ ٻولي=ٻيڪ<ٻئي+ڪنُ. نارنالي=سياڻي.

ڪڙمڪي=ڪڍَ(=نار جي ڳاڌيءَ کي پاڃاريءَ

سان ڳنڍڻ وارو رسو). ذات=جويا<جوين.

ٻئي ڪن وجهه نه سسئي، سياڻي ٿيءُ،
                        ڪـَـڍَ پوڻ لائق نه جوين.

 

(776)

ڪپڙي مرون جي، اهو وڙ نه ذاتين.
ڪپڙي جي=پــُـٺي. مرون جي=پوڻ. ذات=

جويا<جوين.

پـُـٺيءَ پوڻ، اهو وڙ نه جوين.

 

(777)

ڪاٺيءَ جي وڃ سسئي، هو نالو اٿئي.

 

ڪاٺيءَ جي=ناڪيلي<نه+اَڪيلي. نالو=

پرتو<پرتي.

نه اَڪيلي وڃ سسئي، هو پرتي اٿيئي.

 

(778)

عضوين چڙهه نه سسئي، متان موچڪا ٿئين.

 

عضوا=ڇپر<ڇپرين. موچڪا=پرزا.

ڇپرين چڙهه نه سسئي، متان پرزا ٿئين.

 

(779)

هندونالي ڪامڻي، پنهنجين ۾ بلائون اٿئي.

 

هندو=سـِـکُ. نالو=سياڻي. ڪامڻي=سسئي.

پنهنجي=چـُـر.

سـِـکُ سياڻي سسئي، چـُـرن ۾ بلائون اٿئي.

 

(780)

فقير ٿا چون، ڪاٺي جبل ۾.

 

فقير=نيڪ<اَ+نيڪ. ڪاٺي=پاهوڙي<ڀؤ+ڙي.

اَنيڪ ٿا چون، ڀؤ ڙي جبل ۾.

 

(781)

عضون ۾ اٿيئي نار نالي ڙي سسئي!

 

عضوو=چـُـرون<چـُـرن. نارنالي=فتان<آفتون.

چـُـرن ۾ اٿيئي، آفتون ڙي سسئي!

 

(782)

اڳيان هٿيار اٿئي، رڇ لڳندئي، نارنالي هٿيار اٿئي.

 

هٿيار=تبر<ته+بر. رڇ=تاس<ڙي. نارنالو=

وسندي. هٿيار=ڪانُ <ڪا+نه.

اڳيان ته بـَـرُ اٿئي، تاس لڳند”، وَسندي ڪانه اٿئي.

 

(783)

پير جون ڪر، ڏي ڪاريگر جو نرنانءُ کي.

 

پير جون=مداحون<مَ+دانهون. ڪاريگر جو=

آهوڙو. نرنانءُ=ڀنڀو<ڀنڀور.

مَ دانهون ڪر، ڏي آهوڙو ڀنڀور کي.

 

(784)

تون ٿي هت نالا پڇين، ڏي ڪاريگر جي نالي کي،
                             ته اڳيؤن نرنالا ٿينئي.

 

نالو= ويڙهو <ويڙها. ڪاريگر جـــي= آهوڙ.

نالو=ڀنڀو<ڀنڀور.نرنالا=هڪ نالونيڪ،ٻيو روشن.

تون ٿي هت ويڙها پڇين، ڏي آهوڙ ڀنڀور کي،
                        ته اڳيؤن نيڪروشن ٿينئي.

 

(785)

نرنانءُ ڪيچين ڪاڻ، ذات ٿينديئن ڙي سسئي!

 

نرنان=هوندو<هوند. ذات=زبوني<زبون.

هوند ڪيچين ڪاڻ، زبون ٿينديئن ڙي سسئي!

 

(786)

زمين جي نرنانءُ کي، تان ته توتان وڻ جا لاهي.

 

زمين جي=چوبندي<چؤ+بندي. نرنان=صاحب.

وڻ جا=پورَ.

چؤ بندِي، صاحب کي ته توتان هي پورَ لاهي.

 

(787)

اُٿي درياءَ جا جانچ ڙي سسئي، اجهي مال جا آيا.

 

درياءَ جا=لنگهه. مال جا=ساٿ.

اُٿي لنگهه جانچ ڙي سسئي، اجهي ساٿ آيا.

 

(788)

رڇ ويهه سسئي! توکي پوک جي نه ڪندا هوت.

 

رڇ=اُکـِـلـِـي<آءُ+کلي. پوک جي=

وَلهه<وِلهو.

آءُ کـِـلي ويهه سسئي! توکي ولهو نه ڪندا هوت.

 

(789)

وڻ نه ٿي سسئي، عورت نالي ايندا ڙي!

 

وڻ=تـُـرنج<تون+رنج. عورت نالو=ورائي<وري.

تون رنج نه ٿي سسئي، (تو وٽ) وري ايندا ڙي!

 

(790)

پنڌ جو ڙي نارنانءَ، رڇ تو نه ٿيندو،
نرنان هوندو نالي ۾، تان پاڻهي نالو ايندو.

 

پنڌ جو=ڪشالو. نارنانءُ=سسئي. رَڇُ=وٽو<

وٽان. نــــرنـــان=ليکو<لکيل. نالو=ڪــــرم.

نالو=پنهل.

ڪشالو ڙي سسئي، وٽان تو نه ٿيندو،
جي لکيل هوندو ڪرم ۾، تان پاڻهي پنهل ايندو.

 

(791)

جيئڏن سين توکي نالي نيندا سسئي!

 

جيئڏن=کپُ <کـَـپُ+نه.نالو=نوازيو<نوازي.

کـَـپُ نه، توکي نوازي نيندا سسئي!

 

سسئيءَ جو سرتين کي جواب

(792)

جيت  پسان ڙي جيڏيون، شهرئون هوت وڃن،
نالو منَ ڪري پهچان ڏانهن پرين.

 

جيت=جانو<جاني. شهر=ڇن<ڇنيو. نالو=الله.

جاني پسان ڙي جيڏيون، ڇنيو هوت وڃن،
الله منَ ڪري، پهچان ڏانهن پرين.

 

(793)

هو پنهون جا ڪپڙا آيا، تني اچي ڪپڙو ڪيو،
ڪپڙو ڪيائون، ڪپڙو نيائون، آءٌ به اني جي ڪپڙي وينديس.

 

ڪپڙو=ڪوٺو<ڪوٺيا. ڪپڙو=جورو<زورو

ڪپڙو=چڱو. ڪپڙو=ڀلو<ڀلي. ڪپڙو=

پـُـٺيو<پٺيان.

هو پنهونءَ جا ڪوٺيا آيا، تني اچي زورو ڪيو،
چڱو ڪيائون، ڀلي نيائون، آءٌ به اُني جي پٺيان وينديس.

 

(794)

ٻيڙيءَ واري پنهنجي ور لاءِ، جبل جون ڳوليندياس.

 

ٻيڙيءَ واري=واڳي.جبل جون=ڪوڀون<

ڪا+ڀونءِ.

واڳي پنهنجي وَر لا”، ڪا ڀونءِ ڳوليندياس.

 

(795)

اَن جا اوکا آهن ڙي جيڏيون، وڃي سٽ جو ڏسنديسان.

 

ان جو=آڏارڻ<آڏا+رِڻ. سـُـٽ جو=ڏورو<ڏوري.

آڏا رڻ اوکا آهن ڙي جيڏيون، وڃي ڏوري ڏسنديسان.

 

(796)

عضون ۾ ويندياس، مان آڏو ذات نرنانءَ جي.

 

عضوو=لـُـڪي<لـَـڪن. ذات=آري. نرنانءُ=ڄام.

لـَـڪن ۾ ويندياس، مان آڏو آري ڄام جي.

 

(797)

ڳهن ۾ ڪندياس، وڻ ڄام پنهون لا”.

 

ڳهه=اَلولـَـڪ<الو+لڪ<لـَـڪن. وڻ=

لاڻا<اولاڻا.

الو، لڪن ۾ ڪندياس، اولاڻا ڄام پنهون لاءِ.

 

(798)

ڪاٺي ٽڪنديس ڪانه ڪا، ڪاٺي آءٌ ويندياسِ،
ڪاٺيءَ جي نرنانءُ وٽ، ڪاٺي آءٌ ٿيندياسِ.

 

ڪاٺي=هتي. ڪاٺي=تـُـر<تـُـرت. ڪاٺي=

ڪاهلي<ڪاهي+هلي. نرنان=هوت پنهون.

ڪاٺي=سـُـرهي.

هتي ٽڪنديس ڪانه ڪا، تـُـرت آءٌ ويندياسِ،
ڪاهي هلي هوت پنهون وٽ، سـُـرهي آءٌ ٿيندياسِ.

 

(799)

نالي ٿيس سرتيون، نالو ڪونه ٿيوم،
نالو پوءِ ٿيوم، اَديون تن ذاتين سان.

 

نالو=ساماڻو<سامائي. نالو=جشن. نالو=صفر<

سفر. ذات=اوٺار<اوٺارن.

مون سامائي سرتيون، جشن ڪونه ٿيوم،
سفر پوءِ ٿيوم، اديون تن اوٺارن سان.

 

(800)

وکرَ ڪيچين ڪاڻ، جر جا پيم جيڏيون!

 

وکر=پٽُ <پٽَ. جر جا=جهاڳڻ.

هي پـَـٽ ڪيچين ڪاڻ، جهاڳڻ پيم جيڏيون!

 

(801)

جي دوا لوه جا مون، سي ڪاٺ جا پيم جيڏيون!

 

دوا جا=حب. لوهه جا=سـُـئا. ڪاٺ جا=ڏورڻا.

جي حب سـُـئا مون، سي ڏورڻا پيم جيڏيون!

 

(802)

ولايت وينديسانِ، آهن هٿيارن ۾ منهنجا پرين.

 

ولايت=هرات<هي+رات. هٿيار=تبر<تبرن

ته+بـَـرن.

هي رات وينديسانِ، آهن ته برن ۾ منهنجا پرين.

 

(803)

راند جي نه رهندياس، هو جيءُ ولايت ويا.

 

راند جي=پـَـٽي. ولايت=ونگو<ونگي.

پـَـٽيءَ نه رهندياس، هو جيءُ ونگي ويا.

 

(804)

لوهه ئون آءٌ ويندياس، ان جو هوت پنهون سان.

 

لوهه جو=ڪانٽو<ڪاٽي. ان جو=دَمڻ<دم.

ڪاٽي آءٌ ويندياس، ڪو دم هوت پنهون سان.

 

(805)

ڪپڙي جي ويندياس، ڪاٺيءَ جي نرنانءَ ڏي.

 

ڪپڙي جي=ڪهي. ڪاٺ جي=مورکي<

مـُـنهن+رکي. نرنانءُ=پنهون.

ڪـَـهي ويندياس، منهن رکي پنهون ڏي.

 

(806)

ڪاٺي لڳ خداءِ، ڏيون جهنگ جو ڄام پنهون کي.

 

ڪاٺي=هٿوڙي<اُٿو+ڙي. جهنگ جو=وَلو.

اُٿوڙي لڳ خداءِ، ڏيون وَلو ڄام پنهون کي.

 

(807)

پنهل ته پيرَ جي ويو، اُٿو ڙي اَديون، ته پنڌ جي ڪريون.

پيرَ جو=غيب<غائب. پنڌ جي=ڊوڙ.

پنهل ته غائــــب ٿيو، اُٿـــوڙي اَديــــــون! ته ڊوڙ ڪريون.

(808)

ٽيهه، پنجاهه ٽيويهه مٿي ناهي ميار،
پير رڱيو نرنانءُ کڻو ته ويجهيون ٿيون وڻڪار کي.

 

ٽيهه+ پنجاهه+ٽيويهه=سؤ ٽي(103)سوٽن.

پير=اويس<او+س. رڱيون=رتيون. نرنان=

گامون<گام (وک).

مٿي سؤٽن ناهي ميار،
او سرتيون، گام کڻو ته ويجهيون ٿيون وڻڪار کي.

 

(809)

ادي! جي ڪا پنهون جي مڻيي جو ڏس ڏئي،
ته ان کي ليکي پوک جو ڏيان.

 

مڻيو=وائو<وائي( = لنگهه، پيچري). ليکي جو=

ڪاٽيو<ڪاٽي. پوک جو=جيءَ.

ادي! جي ڪا پنهون جي وائي جو ڏس ڏئي، ته
                ان کي ڪاٽي جيءُ ڏيان.

 

(810)

نار نالي پنهنجو نه ڪر، آءٌ ٿي ڪاريگر جي ڏسان.

 

نارنالي=سکي. پنهنجو=سڏ. ڪاريگر جي=آهوڙي.

سـُـکي! سڏ نه ڪر، آءٌ ٿي آهوڙ ڏسان.

 

(811)

اوهين نه سرتيون ساز جون، منهنجو وڻ وٺي ٿيا واٽ،
جر ڇڪ جيڪي ڪيو، تنهن کان ڳوڙهن ڀريو ڳاٽ،
جر جي ڀڃو نه جيڏيون! آءٌ وينديس پنهونءَ واٽ.

 

ساز=ڍولڪ<ڍول. وڻ=وينگس. جر ڇڪ=

وَرتَ <وَرُ+ته. جرَ جي=چاڙهي<چاهه+ڙي.

اوهين نه سرتيون ڍول جون، منهنجو وينگس وٺي ٿيا واٽ،
ان ور ته جيڪي ڪيوَ تنهن کان ڳوڙهن ڀريو ڳاٽ،
چاهه ڙي ڀڃو نه جيڏيون، آءٌ وينديس پنهونءَ واٽ.

 

(812)

نالي ماريس نالو آهي، نالي کي ٿو نالو نئي.

 

نالو=محبت. نالو=صحبت. نالو=سڪندر<سڪ+

اندر. نالو=ساٿي<سا+ٿي.

محبت ماريس صحبت آهي، سڪ اندر جا، سا ٿي نئي.

 

(813)

پنهون ته وڃي پکي جو ٿيو، پر آءٌ اَن جي ٿيان.

 

پکي جو=قـَـْر<پر. اَن جو=ڀري<اڳ ڀري.

پنهون ته وڃي پرجو ٿيو، پر آءٌ اڳڀري ٿيان.

 

(814)

پنهون ته پنهنجيءَ ويو، آءٌ ڪا پورهئي جي ٿيان.

 

پنهنجي=قسمت. پورهئي جي=ڀري<اڳ ڀري.

پنهون ته قسمت سان ويو، آءٌ اڳ ڀري ٿيان.

 

(815)

اديون! ڪـُـٽ باسيون، ٻي زحمت باسي.

 

ڪـُـٽ=مارڻ<مان+رڻ. زحمت=ڪارڻ=

(ڪارڻ ڪرڻ=پڙهيا ڪرڻ) <ڪا+رِڻ.

اديون! مون رِڻ باسيو، ٻي ڪا رڻ باسي.

 

(816)

اوهين ڇو ٿيون وڻ ٿيو، مان کي مٽيءَ جو ناهي.

 

وڻ=کـِـپَ <کـَـپَ <کـَـپو. مٽيءَ جي=ڪوڀ<

ڪو+ڀؤ.

اوهين ڇوٿيون کپو، مون کي ڪو ڀؤ ناهي.

 

(817)

ڪاٺ وڻ جو ڪريو مَ جيڏيون، سـُـٽَ جي مان سان

ولايت هلندي ڪانه.

 

ڪاٺ جو=کپو. وڻ=کجي<کـِـجو. سـُـٽ جي=

ڪهي. ولايت=ڪيچ.

کپو کـِـجو مَ جيڏيون، ڪهي مان سان ڪيچ هلندي ڪانه.

 

(818)

هٿيار جو لڳو شهر منهنجي کي،
نالؤن جا هلندي، مان نه جهليان تنهن کي.

 

هٿيار جو=چڪر. شهر=مديجي<ماندو+جيءُ.

نالو=خوشي.

چڪر لڳو منهنجي ماندي جيءَ کي،
خوشيئون جا هلندي، مان نه جهليان تنهن کي.

 

(819)

هلي ته مون سان ذات هلي، ٻولي هلي ڪانه.

 

ذات=خوشا<خوشي. ٻولي=پـُـڇي.

هلي ته مون سان خوشيءَ هلي، پـُـڇي هلي ڪانه.

 

(820)

هلي ته مان سان ذات هلي، پر نارنالي ڪا مَ هلي،
حاڪم جو ڏسي، متان وکر جو ٿي پوي.

 

ذات=ڪاڪا. نار=سدوري<سڌ+واري. حاڪم

جو=ڪارائو<رائو. وکر=ڪنبيرو<ڪنبي روئي.

هلي ته مان سان ڪا هلي، پر سڌ واري ڪا مَ هلي،
اڳيان ڏسي رائو، متان ڪنبي روئي پوي.

 

(821)

اوهين کاڄ جو اِتي ڙي! آءٌ شهر هلندياس.

 

کاڄ جو=رَهو. شهر=حب.

اوهين رهو اِتي ڙي! آءٌ حب هلندياس.

 

(822)

اوهين حقي جي جيڏيون! نالو جر جي ويندياس.

 

حقي جي=اُٿو ڙي<اُٿو+ڙي. نالو=جبل.

جرَ جي=جهاڳ.

اوهين اُٿو ڙي جيڏيون! آءٌ جبل جهاڳيندياس.

 

(823)

دليئون جي گهوڙن، سي نارنالي ڇا ڪنديون!

 

گهوڙو=نـُـقرو<نه+گهـُـرن. نارنالي=

حليمان<هلي+مان.

دليئون جي نه گهرن، سي هلي مان سان ڇا ڪنديون!

 

(824)

ڪاٺ هلي، ڪاٺ چلي، ڪاٺ ڪـُـٽي ٻارَ،
ڪاٺ هلي ڪيچ تي، ڪاٺ ڪڍي پارَ.

 

ڪاٺَ=ڪامَ <ڪا+مَ.

ڪا مَ هلي، ڪا مَ چلي، ڪا مَ ڪـُـٽي ٻار،
ڪامَ هلي ڪيچ تي، ڪامَ ڪڍي پار.

 

(825)

مٽيءَ جون مون گهڻيون، پر عورت نالي ڪانه ميان!

 

مٽيءَ جون=ڪوٺيون. عورت نالو=حليمان<

هلي+مان.

ڪوٺيون مون گهڻيون، پر هلي مان سان ڪانه ميان!

 

(826)

ڪاٺن واريون وري وڃو، آءٌ نارنالي رهيس ڪانه،
نالو وري ملڪ تي، چم جي نه عاشقن.

 

ڪاٺ=وَرو<وَرن. نار نالي=سهاڳڻ. نالو=

موٽڻ. چم جي=اَڌوڙ<اَدي+وڙ.

ورن واريون وري وڃو، آءٌ سهاڳڻ رهيس ڪانه،
موٽڻ وري ملڪ تي، اَدي! وڙ نه عاشقن.

 

(827)

ڪـُـتو پاراتو، اوهين ته ڪاٺي ڙي!

 

ڪـُـتو=جبل(ڪتي جو نالو). پاراتو=تـَـتو. ڪاٺيءَ

جو=وَرو.

جبل تتو، اوهين ته ورو ڙي!

 

(828)

ول سڌون ڪري، جنهن جي عضوي منجهه نرنانءَ ڙي!

 

وَل=سائي. عضوو=هينئون. نرنانءُ=هيبت.

سائي سڌون ڪري، جنهن جي هينئين منجهه هيبت ڙي!

 

(829)

ڪپڙ منهنجي ڪا مَ هلي، مان ذات ويندياس،
پوک پوک جون خبرون، وڃي نرناءَ کي چوندياس.

 

ڪپڙي جو=پـُـٺيو<پٺيان. ذات=ساڏ ور<سا+

ڏُور. پوک=تـِـرَ. نرنانءُ=پنهون.

پٺيان منهنجي ڪا مَ هلي، مان سا ڏور ويندياس،
تر تر جون خبرون، وڃي پنهون کي چوندياس.

 

(830)

ان جي اُتم جيڏيون، ڪک جي هلندي ڪانه،
آءٌ ڀي ذات پنهل جي، جر جي ويندي سان.

 

ان جي=ماني<مان+ني. ڪک جي=ڪاني<

ڪا+ني. ذات=سدائي<سدايل. جر جو=سارو<

سا+روهه.

مان ني اُتم جيڏيون، ڪا ني هلندي ڪانه،
آءٌ ڀي سدايل پنهل جي، سا روهه ويندي سان.

 

(831)

مون سان اُها هلي، جا واڻڪي ڪري.

 

واڻڪي=چوٽي.

مون سان اُها هلي، جا چوٽي ڪري.

 

(832)

نالن بنان جيڏيون، ڪري وڏيون مال جون ٿين،
                          نه ته پسارڪي ڪير ڪري!

 

نالو=وريو<وَرن. مال جون=گهٽيون. پسارڪي=

پـُـڙي<پـِـڙي.

ورن بنان جيڏيون، ڪي وڏيون گهٽيون ٿين،
                        نه ته پڙي ڪير ڪري!

 

(833)

اوهين ته جر جون، آءٌ نه جر جي، مان ڪي واءُ جا وٺندياس.

 

جر جون=کـُـهيون. جر جي=کـُـهي. واءُ جا=

گهوگهٽ<گهٽ.

اوهين ته کـُـهيون، آءٌ نه کـُـهي، مان ڪي گهٽ وٺندياس.

 

(834)

عورت ٿي مان ڇا ڪريان، عورت ٿي مان سان ڪانه،
عورت پنهنجو نرنانءُ نيو، تڏهن ماس کاڄ جو ٿيو.

 

عورت=رحيما<رهي+مان. عورت=حليما<

هلي+مان. عورت=عدن<اَدَن. نرنان=پنهون.

ماس=هينئون. کاڄ جو=ٽـُـڪر.

رهي مان ڇا ڪريان، هلي مان سان ڪانه،
اَدن پنهنجو پنهون نيو، تڏهن هينئون ٽـُـڪر ٿيو.

 

(835)

زمين نه هڻو ڙي جيڏيون! مون سان ڪپڙي جي هلندي ڪا؟

 

زمين=ٽاڪ<ٻٽاڪ. ڪپڙي جي=ڪـَـهي.

ٻٽاڪ نه هڻو ڙي جيڏيون! مون سان ڪـَـهي هلندي ڪا؟

 

(836)

پنهنجي هوت پنهون سان، مند هلندي ڪانه،
ڪاڳر جهليو جيڏيون! آءٌ ته پنهنجي ڏينديسانِ.

 

پنهنجي=ڪاوڙ. مـُـند=برسات<بـَـر+ساٿ

ڪاڳر(جو)=مـُـگهٽ<مَ+گهٽ. پنهنجي=

نـِـڇ<نه+ڇ.

ڪاوڙ هوت پنهون سان، بـَـرُ ساٿ هلندي ڪانه،
مَ گهٽ جهليو جيڏيون! آءٌ ته نه ڇڏينديسانِ.

 

(837)

اوهين گهوڙن واريون، مون سان نه هلو، اڳيان
                             زالن جون اٿـَـو زور،
متان نه پهچو توڙ، ۽ مال جون ٿي پئو.

 

گهوڙي جا=اَيال<عيال. زالن جون=پـَـٽيون.

مال جون=وانڍيون.

اوهين عيال واريون، مون سان نه هلو، اڳيان پٽيون
                                     اٿو زور،
متان نه پهچو توڙ، ۽ وانڍيون ٿي پئو.

 

(838)

نارنالي سين ڪوهه ڪنديون، ڳهه پنهنجو ڪا مَ ڇڏي،
پير منهنجا پرڏيهه ويا، مٿي لوهه لڏي،
هوتن هڏو ڇڏيو، آءٌ نه ڇڏيندي هڏي،
وکر ۽ پوک جو، من الله مان سين گڏي!

 

نارنالي=حليمان<هلي+مان. ڳهه=ورڻو<ور.

پير=وارث. لوهه(جا)=گورا<گورن. هڏو=

ٽنگ<ننگ. وکر=سرهو. پوک جو=ٻارو.

هلي مان سين ڪوهه ڪنديون، ور پنهنجو ڪا مَ ڇڏي،
وارث منهنجا پرڏيهه ويا، مٿي گورن لڏي،
هوتن ننگ ڇڏيو، آءٌ نه ڇڏيندي هڏي،
منهنجو سرهو ٻاروچو، من الله مان سين گڏي.

 

(839)

پوک جي وڃو متان پهڻ ٿي پئو، اڳيان حاڪيماڻي اٿو.

 

پوک جــــي= ول. پهڻ= لکجڻ(= پنڊ پهڻ ٿيڻ جي

بيماري) <لکجي. حاڪيماڻي=پٽواري<پـَـٽ+واري.

ول وڃو، متان لکجي پؤ، اڳيان پـَـٽُ، واري اٿو.

 

(840)

وڻ جي نه هلي ڙي جيڏيون! زالن واري سـُـڄي زور،
                             متان ڪا ول ٿئي.

 

وڻ جي=ڪامَ. زالن واري=پـَـٽي<پـَـٽ. وَل=

ڪانئل<ڪانئر.

ڪا مَ هلي ڙي جيڏيون! پـَـٽ سـُـڄي زور، متان
                                ڪا ڪانئر ٿئي.

 

(841)

پهڻ پوي سا پوک ٿئي، اڳيان مال جن نرنانءُ سـُـجهي،
                       حاڪيماڻو پسي متان وکر ٿئي.

 

پهڻ= چوڪ. پوک جــي= وَل. مال جن= برن.

نرنان=هيبت. حاڪيماڻو=ڪارائو<ڪا+رائو.

وکر=ڪنبيرو<ڪنبي.

چوڪ پوي سا وَل وَڃي، اڳيان بـَـرن ۾ هيبت سـُـجهي،
                        ڪا رائو پسي متان ڪنبي.

 

(842)

رنگ مَ رنگيون ڙي جيڏيون، وڻ ٿيندي ڪانه،
مال جن تي چڙهي، ڪا ملڪ پسندي ڪانه.

 

رنگ=بڪم<بڪ+مَ. وڻ=آمون<آن+

مؤن. مال جو=ٽڪر<ٽڪرن. ملڪ=روهه.

بڪ مَ بڪو ڙي جيڏيون، آن مؤن هلندي ڪانه،
ٽڪرن تي چڙهي، ڪا روهه پسندي ڪانه.

 

(843)

وڻ واريون، نالي بنان ٻولي هلي!

 

وڻ=بيدُ <بيدليون. نالو=عشق. ٻولي=ڪانه.

بيدليون، عشق بنان ڪا نه هلي!

 

(844)

اوهين وڻ رڌيون، مون کي چئو مال جو.

 

وڻ=بيد+رڌيون<بيدرديون. مال جو=مـَـرو<

مَ+روءُ.

اوهين بيدرديون، مون کي چئو ٿيون مَ روءُ.

 

(845)

اوهين سڀئي اَن واريون، پر جيڪي آهي سو منهنجي
پوک ساڻ.

 

اَن=کـِـلڻ. پوک (جو)=جيءُ.

اوهين سڀئي کـِـلڻ واريون، پر جيڪي آهي سو منهنجي
                                    جيءَ ساڻ.

 

(846)

اوهان جو ڙي نالو، نالو ٿي، مان مال جي ڪنديس.

 

نالو=معاويو<مَ+ويو. نالو=موسيٰ<مون+

سان. مال جي=وؤڙَ.

اوهان جو ڙي مَ ويو، مون سان ٿي، مان وؤڙ ڪنديس.

 

(847)

رڇ نه چؤ پرين کي، اوهين سڀئي پوک واريون،
شهر منهنجو، اوهان جو ڇا ڙي!

 

رڇ=بدنو<بد+نه. پوک=کـِـلڻ. شهر=

ٻريجي<ٻري+جيءُ.

بـَـد نه چئو پرين کي، اوهين سڀئي کلڻ واريون،
ٻري جيءُ منهنجو، اوهان جو ڇا ڙي!

 

(848)

ٻولي ٻي ٻولي ڪريو، پکي اڳي ائين ڪن.

 

ٻولي=مـَـرو. ٻولي=ماٺ. پکي=پرديسي.

مـَـرو اوهين ماٺ ڪريو، پرديسي اڳي ائين ڪن.

 

(849)

هٿ جون مون کي شهر نه ڪريو، مان ڪا پکي واڻئي
                                جي ڪريان.

 

هٿ جون=مـُـٺيون. شهر=جهـَـل. پکي جا=پـَـر.

واڻئي جي=گهور.

مـُـٺيون! مون کي جهـَـل نه ڪريو، مان ڪا
                                 پرگهور ڪريان.

 

(850)

پنهنجون پنهنجي مَ چئو، مون کي ٿا وڻ جا مارين.

 

پنهنجون=مـِـٺيون. پنهنجي=ماٺ. وڻ=سـُـک مرد.

مـِـٺيون ماٺ مَ چئو، مون کي ٿا سـُـکَ مرد جا مارين.

 

(851)

پنهنجون، مون کي پنهنجا نه ڏيو، نرنان ٿو نـِـئي.

 

پنهنجون=مـِـٺيون. پنهنجا=طعنا. نرنان=سڪندر

<سڪ+اندر.

مٺيون، مون کي طعنا نه ڏيو، سڪ اندر جي ٿي نـِـئي.

 

(852)

وڻ جيئن هوت ويام، آءٌ مال جي آهيان جن لئي.

 

وڻ=ساڏور<سي+ڏور. مال جي=ويڳاڻي.

سي ڏور هوت ويام، آءٌ ويڳاڻي آهيان جن لئي.

 

(853)

مون کي پنهنجا پيا، ڪاسبڪا ذاتين ڏي.

 

پنهنجا=قدم. ڪاسبڪا=ڀرڻا. ذات=آريچا

<آريچن.

مون کي قدم ڀـَـرڻا پيا، اصل آريچن ڏي.

 

(854)

پنهون مان سان پنهنجي ڪي، مون کي ولايت
                                ڪکن جو پيو.

 

پنهنجي=حدَ. ولايت=آخر. ڪکن جو=

وڃڻو<وَڃڻو.

پنهون مان سان حد ڪي، مون کي آخر وڃڻو پيو.

(855)

ذاتيون ني ڏيندياس، وڻجارا ڏسان ڪيچ جا.

 

ذات=روهـِـلا<روهه+لتان. وڻجارا=مـُـندر

(کير وڪڻڻ وارا) مـَـنَ+دَرَ.

روهه لتان ڏيندياس، من! در ڏسان ڪيچ جا.

 

(856)

ڪپڙي اندر ڳالهه، سا شهر جو چونديسانِ.

 

ڪپڙو=جامون<جا+مون. شهر جو=جهلو<جهلي.

جا مون اندر ڳالهه، سا جهلي چونديسانِ.

 

(857)

آءٌ ڪک جي گهورياس، پنهل مر پوک هجي.

 

ڪک جي=مـُـئي. پوک=جيئري<جيئرو.

آءٌ مـُـئي گهورياس، پنهل مر جيئرو هجي.

 

(858)

اوهين ته اَن جون، اديون! منهنجو نرنانءُ کير جو.

 

اَن جون=ٽڪيون. نرنان=رام<آرام. کير جو=

ڦٽڻ<ڦٽو.

اوهين ته ٽڪيون، اديون! منهنجو آرام ڦٽو.

 

(859)

ٻه نالا کيندياس، پر وينديس پوک پنهون جي.

 

ٻه نالا=هڪ نالو مڱيو، ٻيو نالو پنيو. پوک=ساڻ.

مڱيو پنيو کيندياس، پر وينديس ساڻ پنهون جي.

 

(860)

وڻ ٿي ويندياس، وڃي نالي ۾ پوندياس،
جڏهن نرنانءَ ۾ ايندياس، تڏهن ملندم وَرَءِوزيرءِچئي.

 

وڻ=ڪـَـنڊي<اُڪنڊي. نالو=ڏونگر. نرنانءُ=

جبل.

اُڪنڊي ٿي ويندياس، وڃي ڏونگر ۾ پوندياس،
جڏهن جبل ۾ ايندياس، تڏهن ملندم ور”وزير“ چئي.

 

(861)

وڏن منجهه ننڍي آءٌ ننڍن جا وڏا ڏسان!

 

وڏا=قاف(جبل) <قافن. ننڍي=ڪوهي<ڪهي.

ننڍن=گونرن. وڏا=گس.

قافن منجهه ڪهي آءُ گونرن جا گس ڏسان!

 

(862)

آءٌ تان واٽ ڏي ٿي وڃان، جنهن سان اٿم ڪاٺ ڙي.

 

واٽ(جو)=وَرُ. ڪاٺ جي=انگهه<انگ.

آءٌ تان وَرَ ڏي ٿي وڃان، جنهن سان اٿم انگ ڙي.

 

(863)

ڪاٺي ڳوليندياس، عضوي هوت پنهون کي.

 

ڪاٺي=ڀؤڻي<ڀـُـڻي. عضوو=ڪـَـلي<هيڪلي.

ڀـُـڻي ڳوليندياس، هيڪلي هوت پنهون کي.

 

(864)

توڙي اَن جا آهن، ته به سـُـٽ جي ڏسندي سان.

 

اَن جا=آڏارڻ<آڏا+رڻ. سـُـٽ جي=ڏور<

ڏوري.

توڙي آڏا رِڻ آهن، ته به ڏوري ڏسندي سان.

 

(865)

مون تان نالو ڇڏيو. ڪا نالو ڇڏيندي،
نالي جي نالي سان، ڪا نالو جهاڳيندي،
نالو گڏيندي، ڪا نالي جي نالي سان.

 

نالو=حال. نالو=مال. نالو=آگو. نالو=احسان.

نالو= جبل. نالو= هيمن <هيءُ+ مـن. نالو=

هوت. نالو=پنهون.

مون تان حال ڇڏيو، ڪا مال ڇڏيندي،
آگي جي احسان سان، ڪا جبل جهاڳيندي،
هيءُ من گڏيندي، ڪا هوت پنهونءَ سان.

 

(866)

پنهون پوک نه ٽڪيو، پوءِ آءٌ ڪپڙي جي ڙي!

 

پوک=تـِـرُ. ڪپڙي جي=رَلي<رُلي.

پنهون تـِـر نه ٽڪيو، پوءِ آءٌ رُلي ڙي!

 

(867)

آءٌ ڪاٺي ويندياس، ڪاٺي مون سان ڪانه هلي.

 

ڪاٺي=موراهي<مورانهين. ڪاٺي=هيڻي.

آءٌ مورانهين ويندياس، هيڻي مون سان ڪانه هلي.

 

(868)

ڪجهه ڪاٺ جو ته کڻ، چئي ادي! ڪاٺ جو ڇا
                                  کڻان، جيئن وکر.

 

ڪاٺ جو=ٻل. وکر=آمري<امر.

ڪجهه ٻـَـل ته کڻ، چئي ادي! ٻل ڪيئن کڻان
  جيئن اَمر.

 

(869)

مون کي اَڌ نانءُ جي ڪاٺي لڳي، اوهين چئو نرنانءُ.

 

اڌ نانءُ=نينهن. ڪاٺي=نائڪَ. نرنان=موٽـُـو.

<موٽ.

مون کي نينهن جي نائڪَ لڳي، اوهين چئو ته موٽ.

 

(870)

ڳهه جي ڪنديس ڪينڪي، نالو نالو ڙي،
نالي منهنجا سپرين، آءٌ نالي وڃان ڙي.

 

ڳهه جي=ٽـِـڪَ <ٽڪنديس. نالو=ممون<مَ+مون.

نالو= پـَـليـــو. نـــالو= پر مــون< قــْري مَ. نالو=

ڀـَـلـُـو<ڀـَـلي.

هاڻي ٽڪنديس ڪينڪي، آ مون پليو ڙي،
پري مَ منهنجا سپرين، آءٌ ڀلي وڃان ڙي!

 

(871)

اوهين ڇو نالي ٿيون آهيو، مر نار نالي آئون،
مرض حاڪيماڻا مون پيا، سي ڀي رب جون رضائون.

 

نارنالي=جـُـلي<جـُـليون<جـَـليـُـون. نار نالي=

جـُـلي<جـُـلان<جـَـلان. مرض=ڌُنڌ. حاڪيماڻو

=ڳولڻ.

اوهين ڇو جليون آهيو، مر جـَـلان آئون،
ڌنڌ ڳولڻ مون پيا، سي ڀي رب جون رضائون.

 

(872)

اوهين سڀ مٽيءَ جون، مون کي جهنگ نه چئو،
                             وينديس وڻ پنهل ڏي.

 

مٽيءَ جون=چريون. جهنگ جو=جهالو<جهليو.

وَڻ(جي)=ويڙهه.

اوهين سڀ چريون مون کي نه جهليو، وينديس ويڙهه
                                    پنهل ڏي.

 

(873)

پنهون جهڙا پکي جا راڳ ڪيئن آيا ويا، نٿي
                            ٻيڙيءَ جي گهرين!
چئي: پنهون مال جيئن آن نه ڏٺو، تڏهن مون کي
                                 چئو ڀونءِ جي.

 

پکيءَ جا=پر. راڳ=ديسي. ٻيڙي جي=سلامتي.

مال جي=پرک<پرکي. ڀـُـونءِ جي=چـَـري.

پنهون جهڙا پرديسي ڪيئن آيا ويا، نٿي سلامتي گهرين!
چئي: پنهون پرکي آن نه ڏٺو، تڏهن مون کي چئو چري.

 

(874)

ڪاٺ نه پايو جيڏيون، جيت نه رهندياس،
نار نانءُ کاڄ چوندياس، ڳهه مال نرنانءُ کي.

 

ڪاٺ= جهل. جيت= ڀنڀوري <ڀنڀور. نارنان=

چڱي. کاڄ=ڀتُ. ڳهه=ڏورا. مال=پاڏا. نرنان=

آڍو<آڍن.

جهل نه پايو جيڏيون، ڀنڀور نه رهندياس،
چڱيءَ ڀـَـت چوندياس، ڏوراپا ڏاڍن کي.

 

(875)

اَن جن آءٌ نه ڀائيان، مون سان ڪاٺ جن ڪئي.

 

اَن جا=تـُـهه<توهان. ڪاٺ جو=ڪارب<

ڪا+رب.

توهان کان آءٌ نه ڀائيان، مون سان ڪا رب ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org