سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :4

جهـَـڻ

1. جهڻ جو: مکڻ، ڏُڌ.

2. جهڻ جي: لسي، جهوري.

چرخو (ائٽ)

1. چرخي جو: ڦيرو، رُونگاٽ، چڪر، هٿيو.

2. چرخي جي: ٽـَـڪ، ڪاڻ، ڪـَـتي، مالهه، ڦرڻي، ڪوڪڙي، ونگ، ڳـُـجهه، رُون رُون، لاٽَ.

چــم

1. چم جا: ٿيلا (ٿيلها)، موزا، ساندارا، ڪشا، پٽا، ڇوڙا، جوٽا، تاڪ، ترس، سپاٽا.

2. چم جو: ڇوڳر، ٿيلهو، موزو، موجو، ڪـَـشو، پٽو، ڳلو، نيٽو، پيند، تنگُ، سـُـختر، رڱڻ، ساندارو، ڇوڙو، ڇلمڙد، ناڙو، جوٽو، بوٽ، چمپل، سپاٽو، ڪوٽ، بندوق پوش، دُوال، بند، بڪم، پيچ، ڪوسُ.

3. چم جون: نٿون، ڪهيون، وَڍيون، ٿڙيون، پيتيون، پٽيون، ڇـُـهون، تندون، دٻيون، کلون.

4. چم جي: وَڍي، پٽي، ورت، پنجوڙ، اڌوڙ، کـَـل، کامَ، پيتي، جـُـتي، ڇاڳري، صدري، برساتي، گلاسداني، دٻي، کـَـلي کـَـلڙي، سرَي، ڪاري، ڇوڳر، ٽـُـڪي، رسي، ڪورَ، ڪورپَ.

حاڪم

1. حاڪم (حاڪمن جا نالا): راجا، شهنشاهه، رئيس، نواب، وڏيرو، بادشاهه، اقليم، غنيم.

2. حاڪم جا (حاڪيماڻا): دڙڪا، دهمان، سڏ، ڪڙڪا، حڪمَ، خطَ، وَرَ، قلعا، حسدَ، زورَ، پهرا، هاٿي، گهوڙا، طول وهاڻا، سيج بندَ، رسالا، عهد، ارادا، نوڪر چاڪر، عڪس، خزانا، هيرا، موتي، ياقوت، ناڻا، ٺاهه ٺوهه، بورائا، سونهان، واقفڪار، هٿيار، ڀالا، تير تفنگ، ڏڦا، نيزا، هـُـنر، قاعدا قانون، آدابَ، عرضَ، توبچي، توبخانا، مورچا، هٿيار پنوهارَ.

3. حاڪم جو (حاڪيماڻو): حڪم، ڄاڻ، لکيو، خط، پروانو، کـُـڻ، ڪاٺ، تاج، دڙڪو، دهمان، اقرار، قول، ڏن، ڌن، پلنگ، خيالُ، لاءُ لشڪر، سپهه سالار، ٿاڻو، لشڪرگاهه، قاصد، وزير، امير، سوار، ظلم، شب خون، راتوهو، پيغام، تخت، بخت، نولُ، محصول، اَنڌڌُنڌ، انتظام، گـُـرزُ، قهر، عرض، ڪڙڪو، ڏاڍ، پهرو.

4. حاڪم جون (حاڪيماڻيون): ڇاوڻيون، هنباريون، جاگيرون، هماڻيون، دايون، ٻانهيون، گوليون، چونگيون، لعلون، رَئونون، چونڪيون، توبون، بندوقون، تلوارون، بڻڇيون، مجلسون، ڪچهريون، فتحون، شڪستون، بادشاهه گرديون، ڏاڍايون، ارڏايون، ڇيڙيون نبيريون، ڇڙٻون، قناتون، پـَـلون، آساميون، رسيون، ڇيڙون، رهاڻيون.

5. حاڪم جي (حاڪيماڻي): چڙهي، ٽـَـڪي، مٿڪي، چونڪي، مجلس، رهاڻ، ڪلنگي، چـِـٺي، ڪاسڪي، زوري، هڪل، هيبت، ويڙهه، طلاق، ڀاڄِ، لائي، منٿَ، ڇيڙ، رِيسَ، دهشت، جنگ، صحيح، فوج، لڙائي، دستار، پڳ، هارَ، سوڀَ، رعيت، پرجا، جوڙجڪ.

6. حاڪم جو بيت *

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب ستار چوان،
ادب، انصاف، عمل، آزي، اپيل، آرڊر، اُڙد، اڙي ڌار چوان،
آڪڙ، اَٽالو، آرو، اهنج، امر، انڌاري، اسپتال، آنگي ڌار چوان،
انعام، عدالت، آچار، آرام، اشارو، امانت، اعتبار چوان،
اُچاٽ، اُٿل، اَڪيلو، اَنڌ، اَرڏائي، ارادو، اظهار چوان،
آفيس، آسرو، آب، عزت، آبرو، عرض، اسرار، آڌار چوان،
بانور، بڇ بندوق، بخت، بهادري، بند، بهار چوان،
بندوبست بـِـگل، بيگر، بکيڙو، بخشيش، بـِـلو ڌار چوان،
تيز، تراڙ، توپ، تپاچو، تير، تاب، تعظيم، تڪيو ڌار چوان،
تڪبر، تـَـؤ، تاب، تماشو، ترس، تڪڙ، تباهي، ترڪو ڌار چوان،
تار، طنبو، طنبيلا، طوق، تڪيا، طبل، تڪرار چوان،
تـَـيو،تونگري، تڪ، تاج، تنبيهه، تغمو، طرز، آڌار چوان،
بار، بنگلو، سيراف، صاحبي، ستر، سوائي، سرسي ڌار چوان،
سڏ، سنگهر، سير، سفر، سڌ، سامان، صفائي، سردار چوان،
سيول، صحي، سنبت، سوڀ، سورهيائي ڌار چوان،
سچ، سيراپُ، ساک، ثابتي، صدمو، سڌار چوان،
سگهه، سيکت، سلام، سوائي، سمن، ستابو ڌار چوان،
سزا، سمجهائي، سانگ، سوال، صدا، سنڀار چوان،
صوبو، سيري، سينگار، صنعت، سهاڳ، سارسنڀار چوان،
جهل، جنگ، جوش، جلالت، جولان، سو جنسار چوان،
حڪم، هوڪو، هيبت، هيس، هلا، هنڌ، حويلي، هار چوان،
حد، حـِـشمت، هلت، حاضري، هٺ وڏائي ڌار چوان،
خاص، خوشي، خيال، خوف، خطرو ۽ کٽڪو، کار چوان،
دهمان، دڙڪو، دور، دربار، دلاسو، دنگ، ديدار چوان،
رئو، رائر، راز، رس، رهاڻ، روڪ، رَنڊ، ريوالو ڌار چوان،
رائيفل، رنگ، روپ، رسائي، رخ، راکو ڌار چوان،
ظلم، زور، ذوق، ضابطو، زنگ، زباني، زيل آزار چوان،
ضد، زبر، ذائقو، ضامن، زمان، ضلعو ڌار چوان،
صحيح،صلاح،سختي،سامان،سيج،سهنج،سروپا،شوق،شڪار چوان،
شغل، شاهي، شور، شڪ، شاهدي، شولو، شرط، شڪار چوان،
شان، شاباس، غرض، گوڙ، گـِـهـَـل، گنج، غور، سوڀ ستار چوان،
سيکت، صدمو، سانچو، سرڪش، ستاري ڌار چوان،
ڪورٽ، قيد، ڪمائي، قلعو، ڪوٽاري ڌار چوان،
ڪاوڙ، ڪلارڪ، دولت، دَهڪار، دليري ڌار چوان،
قياس، ڪشومت، ڪلنگي، ڪڙي، قطار چوان،
ڪـَـٽڪ، ڪـُـڙهه، ڪارائو، ڪچهري، ڪمدار چوان،
جلسو، جوڙ، فند، فيصلو، ڦـُـڙ، فوج، فڪر ڌار چوان،
فهم، فرياد، فضيلت، لـُـٽ، لڙائي، لشڪر ڌار چوان،
لاٽ، ليٽر، لوڏ، لهر، منع، معافي، مجلس، مستي مار چوان،
مانُ، ملحظو، معاملو، موڪل، مهر، مت، مورچو ڌار چوان،
منگهه، مارو، مڏي، ماڳ، منزل،محصول،ميل، مصلحت ڌار چوان،
منڊل، منوتي، مگهه، مهرباني، موج، مليشي، مقابلو ڌار چوان،
نعرو، نظارو، نياز، نغارو، نياءُ نوڪر ڌار چوان،
ويچار، وڏائي، وير، وڍي، ووٽ، وزيري ڌار چوان،
ويڙهه، وڳو، ورڇ، تيز، ترار، تپاچو، تير، تونگري ڌار چوان،
ڪيس، قبضو، سڏ، سنوائي، ساٿ، سنبت ڌار چوان،
جانچ، جواب، خيال، خوشي، خط، خوف، نقل، نوڪري ڌار چوان،
پلتار، پٿاري، پناهه، پڙهائي، پالڪي، پڪائي پار چوان،
پلٽڻ، پور، پال، پت، پـُـرزو، پوليس، پنڃرو، پوڪار چوان،
پڙ، پٽ، پڙهو، ٺاهه ٺڪ، ٺپو، هاڪ، آفيس، هار چوان،
ڏنڊ، ڏوهه، ڏمر، ڏاڍائي، دان، دُک، ڌنڱاڻي، ڌار چوان،
ڌيان، ڌڪ، لوڌ، لڙائي، ڍڪ، ڍرائي، ڄاڻ، ڄمار چوان،
ڇاڻ، ڇينڀ، ڇوٽي، ڇڪو، ڇـَـٽُ، ڇمڪي ڌار چوان،
سمن، صاحبي، سچ، سڌارو، رد، روپ، رحم ڌار چوان،
ٿاڻو، ٿان، ٿيلهو، جبل، جاڳو، چوڪي، چاڙهي يار چوان،
چڙهي، چڱائي، چال، چـَـٽي، چـُـوڙي، چڪر ڌار چوان،
چوٿ، چـَـنبي، چاڪري، وٺ، وڪيل، تخت مٿي تار چوان،
جهل، جهيڙو، جڳهڙو، ڍل، ڍار ڌار چوان،
کوڙ، کٽ، کٽڪو، گلم، غاليچو، غوراني اظهار چوان،
گهـَـل، گهوڙو، گهٽي، گهيرو، گهمرو ڌار چوان،
سير، سفر، سگهه، سوائي، ماڙي، بنگلو بار چوان،
مصلحت، ميل، مجلس، لقب، لاڪب، لتڙ ڌار چوان،
ماڳ، ميدان، ڪوٽ، ڪنگرو، قيمان، ڪار چوان،
لطف ڪجانءِ تون ”لعلڻ“، چئي ڪلمون قلب قرار چوان.

 

ڏاڍي

1. ڏاڍي (نالا): قبر، تربت، ذات (سيد پير).

ڏاند

1. ڏاند (ڏاندن جا قسم): ڪانورو، بگو، ٻولاهو، سائو، آندريون، ٻاهريون.

2. ڏاند جو: پـُـڇ، ڪنڌ، ڏورڻو، جوڙو.

3. ڏاند جي: جوڙي، وَهڻي، هلڻي.

ڏٿ

1. ڏُٿ (ڏُٿ جا قسم): مريرو، مکڻي، ڀـُـرٽ، لوڙهه.

ڏڌ

1. ڏڌ جو: گهمرو، ولوڙڻ، ڌونرو، مکڻ، سنڀاڻُ، ڦـُـڙو.

2. ڏڌ جي: ماٽي، چاڏي، منڌي، وِلوڙَ، ٿـَـرِ، ڇاهه، جهڻ، مهي، لسي، ڇاڇ.

ڏينهن

1. ڏينهن (ڏينهن جا نالا): چٽو، ننڍو، وڏو، گرم، سرد، جمعون، ڇنڇر، آچر، سومر، اڱارو، اربع، خميس.

2. ڏينهن جو: سوجهرو، ڪاڙهو، سوجهاڪو، صبح، شعائو، تڙڪو، پهر، پلڪ.

3. ڏينهن جي: اڳين، سوير، مهل، شام، وچين، ٻپهري، روشني، رُگهه گهـُـٽَ، ڇانوَ، گهڙي.

ڏيهه

1. ڏيهه (ڏيهن جا نالا): ڍٽ، ڪاڪ، ونگو.

حقو

1. حقي جو: دم، سوٽو، ڦـُـل، نڙ، ڪڙڪو، ڊُڙڪو، چغلُ.

2. حقي جي: الوڙي، نئين، گو”، ٽوپي، ڦـُـوڪ.

درياءُ

1. درياءُ جا: وراڪا، واڳو، پـَـلا، وهڪرا، آرَ، ڪپَ.

2. درياءَ جو: ڪـَـڇو، پور، وهڪرو، آواز، ڌڌڪو، ٻيٽُ، ڪپر، مگرمڇ، ڪـُـن، ڪنارو.

3. درياءَ جون: ڇوليون، لهرون، مڇيون، موجون.

4. درياءَ جي: ڀـِـٽَ، سير، وَهڪَ، نارِ، کاڌِ، مڇي، ڪيٽي.

ذات

1. ذات (ذاتين جا نالا): مري، مهندا، مرگهه، مـُـڇر، موچي، سوچي، للنگهه، ڀٽ، لـُـڪا، لورا،  لنڊ، لاکا، ڦل، راها، رند، رازا، راجپوت، مور، پلنگ، ڇڄڙا، ڳهلڙا، بازيگر، دَبگر، ڪوڙڪـُـٽيا، ڪاسائي، ڪاشيگر، قاضي، ڪنڀار، ڪرمتي، ڪاند، ڪوجها، وڪيا، دايا، داسڙا، دُز، درزي، دهلار، اوٺار، ڍڪڻ، سورج، نڌو، رانٽا، لـُـڳڙ، ٽڳڙ، پاپي، پڃارا، پانڌي، پهنوار، سٽيا، سانگي، سامٽيا، ڪلوئي، جهانجهڻ، پيسڪ، مٽيجا، جوڳي، ڀوڳي، ڪاپڙي، ڪنوٽيا، ڪنچير، جوزا، چاڪي، چالڪا، چارڻ، چهواڻ، چانڊيا، چانگ، ملان، مزاري، مڱڻهار، مهتا، جويا، انصاري، بخاري، بخيل، سهتا، سامي، ساريجا، سگهڙ، شاعر، وينجهر، ڪـُـڙمي، ڪاٺ ٻانڀڻ، ڏيٿا، ڏنگڻا، ڏم، ڏِساور، ويسريا، وساڻ، واڍا، واهونداڻي، هنڱورا، هاليپوٽا، حـُـر، حجام، حاجاڻا، حبشي، هوت، هلالي، جماعتي، حملاڻي، حقير، هاشمي، هندو، حيدري، هچارا، حسيني، هوروالا، حبيباڻي، احمداڻي، اُڊيجا، عالماڻي، ابڙا، آجهڙيا، اعواڻ، اڇڙيا، آمڙا، آڌوتي، اوڏ، الکاڻي، آهيڙي، عمراڻي، آرائين، عربي، عامل، آسودا، بشير، بلالاڻي، بودلا، بنگالي، بزير، باگراڻي، بجير، بحراڻي، بٺارا، ڀنڀرا، بڊام، بلوچ، بوهڙ، بدوئي، ٻانڀڻ، ٻگهيا، ٻروچ، ٻاليشاهي، ٻوڙا، ٻتڙ، ٻٻر، ٻٽاڪي، ٻـُـرڙا،ٻوچڪ، ٻچڙا، ٻلال، ٻارڻ، ٻانهيپوٽا، ٻالچاڻي، ڀنگي، ڀورا، ڀوپا، ڀڏرا، ڀانڊار، ڀاڳيا، ڀاڻو، ڀٽا، تميم، تارڙا، تهنور، تنگواڻي، تاڪائو، طبيب، تجبا، توڪلي، تـُـرڪ، ترسيا، تماچي، تيوڻا، توائي، ٽـُـها، ٽنگڙي، ٽاپرو، ٽالپر، ٽهليا، ٽرڙا، ٽانوَرا، ٽپالي، ٽٽيهر، ٽوٻا، ٽـُـرڙ، ٽمڪيا، ٺڳ، ٺاٺارا، ٺيڪري، ٺـَـڪر، ٿهيم، ٿرڙا، ٿيٻا، ٿاريلا، ٿريا، ٿڙڪيا، پنڻا، پاريڙهي، پسيا، پورهيت، پخالي، پتافي، پاتڻي، پٺاڻ،  پوڄارا، پچڪاريا، پاساري، پليجا، پارڪريا، پانڌي، پينگهر، پرهياڙ، پـُـنرا، پهوڙ، پـِـير، پوڙها، پارکو، پوٽر، جتوئي، جنڊاهوڙا، جکرا، جوڻيجا، جلباڻي، جاکرا، جاڙيجا، جـَـت، جروار، جاڳا، جابلو، جنڙا، جهنجهي، جهيجا، جوٺا، جناح، ڄٽ، ڄاموٽ، جهانگي، جهوٺا، جهانورا، جهلورا، سٿرا، ساڪي، سوڍا، سماباڻي، سرها، سنگهار، سهڙات، سردار، سروري، ساٽي، سوالي، سوٽهڙ، سناسي، سيد، سرها، سريوال، سانولا، ساڪرائي، سـُـلڇڻا، سواپهري، سولنگي، ساڌ، سپاهي، سنديلا، ساند، صوفي، سالڪ، ساڪي، سما، سومرا، سامونڊي، سوجهر، ديوان، دادلا، دودڙا، دَل، دلا، دِلير، دائودپوٽا، دَرس، دائيداڻا، درويش، دَهليا، دستي، داناهه، ڌماچ، ڌچڙا، ڌاريان، ڌرمائو، ڌوٻي، ڏنگڻا، ڏاڪر، ڏڦير، ڏيرا، ڏُهاري، ڏيٺارا، ڏهاڳي، ڏاتار، ڏوٿي، ڊيڄائو، ڊوها، ڊانڍي، ڊيڍ، ڊاڪو، ڊڳڙ، ڍاريجا، ڍليار، زليا، زَبرا، زَرداري، زئونر، زنگيجا، زبون، ظالم، ذاڪر، زيندپوري، راٺوڙ، رنگيلا، ريڍار، رشيداڻي، رُليا، ريٻاري، رئيس، رومي، راهوچا، رستماڻي، رامليا، رکڙا، شيخ، شوم، شٺي شديد، شاهاڻي، شر، شيدي، شاهوڪار، شورا، شنگهر، شرف، شتروان، غافل، غريب، غني، غلولا، غمگين، غفار، غدودي، خواجا، خارجي، خادم، حبيث، خشڪ، کودڙا، خميساڻي، خـُـدام، خليفا، خاصخيلي، خاطوبند، خاڪي، خالصا، خفخاني، ڦورو، فقير، فنائي، ڦودنا، فارسي، ڦرڪاريا، کوسا، کور، کٽي، کنڀات، کوڙا، کدڙا، کوکر، ڪولهي، ڪنڃر، ڪاريا، قيس، ڪوچڙا، ڪسبي، ڪپتيا، ڪاٺيار، ڪاتيار، ڪاٺوڙا، ڪاٺياواڙي، ڪچڪاڻي، ڪـُـلال، ڪاڇيلا،  قادياني، ڪاڪيجا، ڪلهوڙا، ڪراڙ، ڪافر، قنبراڻي، ڪوراڙ، ڪپري، ڪاٻريا، ڪوڪڙي، قريشي، ڪهيري، ڪولاچي، ڪوڏيا، ڪڇي، ڪليري، ڪرستان، ڪسرَ، ڪاٽ، ڪـِـهر، ڪنڻاڻي، ڪميڻا، ڪيچي، ڪيريا، ڪـُـنريا، ڪنگال، ڪوهيارا، ڪنڊراهه ، گرڙا، گدودي، گدلا، گازي، گاڏيلا، گاروڙي، گوپانگ، گولا، گهٽڪا، گورکا، گهمراڻي، گولاڙا، گوسائي، گوساٽا، گبول، گودڙيا، گڏهر، گيدڙي، گڊا، گلاخور، لانگاهه، لاهوتي، لـِـشاري، لـَـلا، لوڊا، لنجواڻي، لاشاري، لليجا، لاکيار، للاڻي، لوهار، لطيفي، لاڙيچا، لابالي، ماڇي، مهاڻا، لوڻائي، مانڌريا، مڱڻهار، منگواڻا، مسلمان، مدواڻي، مشائخ، مسخرا، مورک، مزور، ملاڻا، مارو، منڇرا، مردود، مارواڙي، ماٿيلا، مستري، موالي، مهيري، مستوئي، مهراڻي، مـُـئا، مٺائين، مرڙاڻي، ميواسي، مصري، مري پوٽا، ميمڻ، ملاح، مسرق، مڪراني، مالهي، مجاور، مڱريا، نقرا، نوحاڻي، ناکئا، نظاماڻي، ناهيان، نهڙيا، نانوائي، نمازي، نل، نادان، نپٽا، نڀاڳا، نمٿول، ناسارا، نصيراڻي، نانگا، نامراد، نوناري، نازڪ، نانگراڻي، نبي، نالي مـِـٺا، نوتيار، نشئي، نودا، ناموَر، ناريجا، نوتڪاڻي، نونداڻي، وڏاک، وَرَڙَ، واسو، واپاري، ونگائي، وِلايتي، وَهرئا، ويراڳي، ورهاءَ، وانڊيار، ويڙهيچا، يهودي، يزيد، يوناني، يمني، ياجوج، ڏوڏا، ڏيڍا، ڏٻرا، ڊيشڪ، جمالي، جادوگر، جواري، جعفري، جڳسي، جويا، آتائي، اڳواڻ، اوٺا، اَباڻا، اوٺي، آنوَر، اُنڙ، بهشتي، بروهي، باقري، بنسا، بطال، روجهاڻي، راڌڻ، چنڙا، چوچڪ، چـُـهڙا، چالاڪ، ڇنبڙ، چنڊال، چوڌري، ڇـُـٽا، ڇلگري، ڇڇر، ڇڳير، کوهڙ، ٻوڙاڻا، ڀاٽيا، ساگهر، سونهرا، سميجا، سـُـها، سيال، سرڪاڻي، سک، سٺيا، سورنگي، لئونڪا، ڏيڀار، ساڏور، ڪيچي، گونگا، ناڪش، راهو، آريجا، لکيڙي، وينجهار، اوٺوال، سور، اُتيرا، پاڙهو، هيڪاندا، ڪلال، پاتا، چنڊ، ماڇڪ، بخاري، تيوڻا، جهانگڻا، مهر، ڏيڪل، سانگي، ڪـُـلا، گـُـجر، ستها، ڏيرا، ڪنيا، آريجا، ڪاڪئون، لنگها، مهر، بدُو، وَڳڻ، مارِي، ڪاوس، ڇاوس، ڪٿرا، ميهڙچ، جهانگڙا، ڪيمياگر، ڪان، ڪچالا، نصارا، سوهڙا، لهنگ، کاهوڙي، اوجڙ، پنهور، چاري، آريچا، ڪاڪا، شر، تـُـنيا، پلي، بربل، ويراڳي، ڪلر، خيرا، اوڍا، مذاق، مڱڻيجا، امر، نياڻا، فراش، کرڙ، ٻڪرار، ٻڏيا، ڌوڪي، رونجها، ڪر، سوداگر، ڪسريا، ڪانڌڙيا، تلوائي، تلائي، واڻيا، ساک، جوشي، وئونرا، جاڙا، چـَـنا، برهمڻ، راهوما.

2. ذات جا بيت *

( 1 )

ساراهيان  سچو ڌڻي، جو پرور پاڪ چون،
لنگها، لورا، شورا ۽ چانڊيا چرچا ڪن،
ٿري، مري، ٿوري، آهيڙي اچن،
سوڍا، سرتا، سامي، سامٽيا، لاهوتي لـَـڏن،
هوت، بلوچ، جيسري، ڪيچي ڪاهون ڪن،
آڌوتي اُٺن تي، پرين پاتيا رکن،
اوڏڙا اچن، ويجها وڻ وڻڪار جا.

ويجها وڻ وڻڪار جا، وينگس ڳولي ور،
جوڙ وڏي تنهن جـَـتن کي، ماڳ ملي محشر،
واقف ناهيان واٽ انهيءَ جي، رند اُتي رهبر،
داد فرياد سدا سڻ صاحب! هوت ملي هيڪر،
خوش مٿي خيبر، راهه ڏسان ٿي رئيسن جي.

راهه ڏسان ٿي رئيسن جي، ٿي ڪل پوي جا ڪان،
جهانگي، سانگي، جهنگ، سيال، هير مٿي حيران،
چاچڙ، چنبڙ، چـِـڙ ڪري، کيڙو خوش نه خان،
رِيس ڇڏيو سڀ رانجهوءَ سان، آهي موليٰ مهربان،
صاحب تون سلطان! ٻڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي.

ٻڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي، رازق رب رحيم!
سوين سوجر، سهاڳ ٿيا، ٿيٻا، سڀ ٿهيم،
نـَـول، نوناري، نوتڙا، ڪورِي پڇان ڪيم،
مير محمد مصطفيٰ، قاضي پاڻ ڪريم،
دوست دلاسو ڏينم، راڻا! رات اچڻ جو.

راڻا! رات اچڻ جي، ڪر محب مٺا منٺار،
لـُـنڊ، لغاري، لشاري، لاشاري، لاکا لک هزار،
پهنواريون پـَـٽن تي، پلهه گهڻا پيرَهار،
ٽالپر وڏي ٽيلي سان، منگتا، مڱريا، مڱڻهار،
دايا، ٻانها، ٻگهيا، دَل گهڻا، واڍا ٿيا وينجهار،
صاحب رب ستار! سڻيجا، تـُـنيا، غور غريب جو.

سڻجان غور غريب جو، الله اوٺي آڻ،
مارو منهنجي ملڪ تي، چانگن تي چهواڻ،
سوين سونارن تي، وِستڙا، وَساڻ،
ٻـُـرڙا، تن ٻيٽن تي، ڇيلا چرن ڇاڻ،
بروهي بندن تي، ريجهي ڪن رهاڻ،
گـُـجر گام گـِـراڻ، جوڳي آيا جـُـوءِ ۾.

جوڳي آيا جـُـوءِ تي، ٿا پورب پنڌ پڇن،
حاجي،حج،حاجاڻا،هنڱورا،هليا تيوِڻا تياري ڪن،
ڀـُـٽا، مگسي، ڀاڻوجا، ٿا ڪاڪا ڪاهه ٻڌن،
ڇڇر وڏي ڇوهه مان، ٿا ڪـُـلاچي ڪاهن،
پـُـسيا، ڏيٿا، ڏُڱراج مڙئي، ٿا اُنڙ عام اچن،
ڪيريا، ماڇي، ڪولهي، زرداري، زَونرن،
مهير مـُـڙيا منجهن، وسونءَ کي ويجها ٿيا.

وسونءَ کي ويجها ٿيا، بيشڪ بيشمار،
جوکيا، جوڻا، جليجي، جلالاڻي، گهٻچاڻي، گينوار،
ڪوڙئين ڪنڀر ڪيترا، لکين ٿيا لوهار،
موچي، ميگهواڙ، سوچي، گولاڙا گلزار،
ڍوليا ڍاٽي ڍَٽ مٿي، هندو واڻيا هار،
مومل تي ميار، مور نه رکين مينڌرا!

مزاري ڪئي مومل کان، رات ڏٺو هوم رنگ،
چاڪر، چنڙا، چاهه، منجهان، چاري چنگ، اُپنگ،
ڪميجا،ڪونريجا،ڪتڙا،ڪٻر،قنبراڻي،نوحاڻي،نورنگ،
ماڙيءَ منجهه ملنگ، سـُـتا ڏٺا هئم سيج تي.

ستا ڏسي سيج تي، موٽي ويو مهمير،
مئا، جيئرا، ميراثي، مـَـڃ، پاپي، پير، فقير،
سـِـک، سيٺار، سنجراڻي، ڳاهوٺي، ڳنڀير،
باٽڪا، بودلا، بنگلاڻي، لـُـٽي ڏيان لکمير،
نهراڻي، رُئارتون، ماهر ڏيان مهمير،
رک سوال سـُـڌير، مـُـڙي وڃ تون منگتا!

مـُـڙي وڃ تون منگتا! مڻ ڏيانءِ موتين،
ڀورا، ڀٽي ڀاڳ وڏي، ڏَهري ڏانءُ ٻڌن،
حجم،حبشي،شيدي،شوق منجهان کٽي کنڀ کڻن،
بازيگر بنات مٿي تيوِرا تياري ڪن،
هو ٿا گامو گام وڃن، تون ڳهر ڦٽي ڪر سسئي!

ڳهر ڦٽي ڪر سسئي، هو ٿا گاموگام وڃن،
ڀنڊ، ڀيلوڙا، ڀـِـٽن تي، ٻيا مڪراني منجهن،
بغدي، بڙدي، بوداڻي، بدوي، حاصلاڻي، حـُـرن،
جهلڻ جهٽون جهنگ مٿي، ٿا روجها ريهه ٻڌن،
آويسلا اچن، واڪا تنهن وَڻڪار جا.

واڪا تنهن وڻڪار جا، جت ڪورڙ ٿا ڪڙڪن،
باريچا برن ۾ ڪالهوڙا ڪالهه، ويا هوتڙون منجهن،
صوفي، سولنگي، ساڱريا، ڦيراڻي ڦـِـرن،
اِسرام اچن، وڏي تنهن وڻڪار جا.

وڏي تنهن وڻڪار ۾، اِسرام اچن،
خوش کهاوَڙ، کودڙا، لنجواڻي، لـُـڌڙا ليٽن،
ڀنڀريا ڀرين تي، حيسباڻي هجن،
ڪيسياڻي، ڪرماڻي،ڪيمانگر، ڪيترا نوداني نون،
ساند، ڪٽوهڙ، ڪـُـرڪلا، متيلا منجهن،
ٺـَـڪرُ، ٺوڙها ٺاهه منجهان، روڏا رڻ چڙهن،
پوربي پنڌ پڇن، جوڳي انهيءَ جـُـوءِ جو.

جوڳي انهيءَ جوءِ جي، ڪن پهرين رات پچار،
ڪامل، قريشي، ڪوچڙا، چنجڻي ٿيا چوڌار،
ڏِيرا ڏَم، ڏُهاڳ سي، پيا جسالي جنسار،
جلباڻي، جانڊوڙا جبل تي، پڃارا پٽن ۾ ٻلالي ٻيهار،
ٻيڪا ٻوڪ مٿي ٻڪرار، پئي پڇائي پنهونءَ جو.

پڇائي پنهون جو، آڌيءَ رات اَسر،
پيرزادا! پٽن تي، روهيلا، راڄپر،
ماندر، مناهجا، لسڪاڻي،”لعلڻ“ چئي، جسڪاڻي جيڪر،
رِڏ، ريڍار، راٺوڙا، راجپوت، بهراڻي بحر،
اُتيرا، اِبنجا، کپي ٿي کوڙ ٿيا، چانيها چوڌر،
ڏسي چنڊ قمر، وَسونءَ کي ويجها ٿيا.

وسونءَ کي ويجها ٿيا، بيشڪ بيشمار،
بالادي، بٺارا، ڌَماچاڻي، ڌوڙ ڌويا، شينهڙا، سيهڙا سردار،
ڄڙهه، ڄام، کونجاڻا خوشيءَ ۾، ڌَچرسي ڌَڻوار،
ڪهيري،قلعگير، ڪليار،ڪاترُو، اَواڻا اظهار،
جت، جبيري، جهانجهڻجا، انصاري اُتي ڪاٽيورا قرار،
شرافن اَشرافن شڪار، تڪيا ها تڙن تي.

تڪيا ها تڙن تي،بروجا بيحال،
ڀنگر، سريوال، سيرڪاڻي، کوسا وڏي خيال،
سپيا، ڪڙمي ڪيترا، متارا، مستوئي، مهوال،
ريٻاري، رِندَن تي، هڏ واري حال،
ڀيڙ واري ڀٽن تي، ڪثر ڪانڙيا، ڪـَـلال،
ميمڻ سڀ ملال، ٿيا سوداگر سنڌ جا.

ٿيا سوداگر سنڌ جا، جوڙَل تنهنجي جوڙ،
ڦل، ڦيريدار، ڦـَـرسا، کرڙا آهن کوڙ،
ڍيڍَ، ڏَڦير، بوزدار، بٺارا، ڪاسائي ڪـِـروڙ،
دائيداڻا، درياهه، مجيداڻا، ميربحر، ملاڻا منهن موڙ،
ساهيا، ساٽي، سٿريا، ٽنگڙي، ڪڇي ٿيا ڪروڙ،
چارڻ سڀ چٽوڙ، ماڻهو گهڻا ملڪ ۾.

ماڻهو گهڻا ملڪ ۾، منهنجو ٻاروچي سان ٻول،
سهتا، سابقي، صحبجا ۽ ڍلياري ڍول،
ڪپري، کنريا، لودريا، ليکي، “لعلڻ” چئي ڀاڳيا مٿي ڀول،
گوندَل، ٻاوا، ڇڄڙا، ڀوپا، ٻانڀڻ ٻڌي ٻول،
جنهن مان عشق اَلول، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.

ڪوهيارو ڪيچ ويو، پکڙي ڏي پهنوار،
اُڄڻ، اَبڙا، باڀڙا، ٻٻر، ٻاٻڙا، ٻيهار،
ڪامي، ڪروڌي، لوڌي، لوڀي، ٺوڳي، باگڻاڻي بهار،
آڻ نواب، پٺاڻ پـَـٽن تي، ترڪي ڪر تيار،
برهماڻي، برمي، ناچ، نجومي، ڪٽا سي ڪفار،
سيد لهه سنڀار، ميڙي محمد ڄام جي.

ميڙي محمد ڄام جي، وڏا ڪنداسون وس،
تنگهياڻي، تلهار، تلهاڻي، ڏاهيا پڇن ڏس،
ڳيڙ، ڳهيلڙا، گورا، گانبٽ، لانبٽ، لوڪي لس،
جن، ڀوت، غيب پريون، ٻيا ديوَ رکن ٿا دَس،
پرين اچي تون پس، مهميزون ملاح جون.

مهميزون ملاح جون، سڻ صاحب رب ستار،
ڇو ٿئي ضبطي زور پنهون ساڻ، وينگس هئا وينجهار،
آريسر، آريٺڙا، انبوهه ۽ اويسر اظهار،
ڪوٽا تنهن ڪوڏ ۾ ملوڪاڻي موچار،
بگٽي، ڀرڳڙي، ڀوڳڙي، بازيگر بيشمار،
مغل، مستوئي،مـَـلـَـڪ، منگواڻا،مهتا،چڍرسي چوڌار،
ڇاڱا وڏي ڇوهه مان، گاڏِهي گلزار،
ڪليري، ڪيري، ڪوڪڙي، ڪانڌڙا، سرهيا سي سردار،
صاحب رب ستار، ٻڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي.

ٻڌجان ٻول ”ٻروچ“ چئي، صاحب رب ستار!
اِيراني، ٻيراني، گـِـچلا، ٻالا سي ٻيهار،
ڀـُـرٽ، ڀولڙا ڀر ۾ شڪاري شمار،
کوجا،کدڙا،کهنبڙا،ٻور،ٻهاڻ،گائيچا،بول،گانگهرا،گلزار،
ڇڄوها، ڄامڙا، اڳڙا، ٿڳڙا، گدارا، سوهو، سي سردار،
بيگ، بـِـهڻ، ملاڻا ملڪ ۾، علياڻي اظهار،
باقياڻي، هڪڙا، هل هـُـلياڻي، هتار، ڍُٺڙا، ڌَنوڻي ڌرار،
ڳاڱيا تنهن ڳوٺ ۾ گـُـر، گودڙيا، لليجا، “لعلڻ” چئي،
                                       ٻگهياڻي ٻار،
ممڙا، مـَـنڇـَـري مياڻي ۾ ،شيخڙا شمار،
محڪوم، گل گوپانگ ۽ خاصخيلي، خمار،
بنڀا، آرائين، کپرسي، ڊونبڪي بجار،
سوئرَ، نائي، سونهل، پتافي پچار، ڪن لونبڪ جي“لعلڻ” چئي.

لونبڪ جي “لعلڻ”چئي، سائين! ٻڌ سوال،
نانگا، ناٿ نمايا، لونگ لانگوٽيا لال،
گاروڙي گرنار ۾، ڪاغذي ڪـَـلال،
اَحمداڻي، ڪناسر، مڪول، مهان، کـُـماڻ، مشوري، مهوال،
نقش، ڀيڏا، نانواڻي، زَنگياڻي، زِل حال،
جـَـجهه، جويا، جوڻيجا، ڇـِـيٽا، ڇلنگري ڇوهه ۾ سناسي سوال،
توهيا، ڪالرُو، توري،لوري،چينا چڱي چال،
چوڙيگر، چريا، کريا، ڀنگي، اَملي، چرشي،نگهوسار نهوال،
سائين! ٻڌ سوال، لاهه لـُـکون سڀ “لعلڻ” چئي.

لاهه لـُـکون، سڀ “لعلڻ” چئي، پاڪ ڌڻي پرور!
ماسس، موڳا، جانوري، سنگراسي، سوجر،
ٻڌڪ، ٻٻر، ٻاٻيها، کٽو، فراش، کوکر،
ساڱرا، سامونڊي، سومرا، سروري، سينوَر،
پيسڪ، پـَـسايا، ماٽي، مڱريا، ڪلياري، ڪونڌر،
سرخيل، سميڻا، سولنگي، ساکاڻي سڀر،
ديدَڙ، ڌاريجا، ڌَونرا، ڌوڪڙي، نگريجا نر،
مـُـلان، مهراڻي، مهڙ، اَمهڙا اَپر،
راڄڙ، ريڙها، راجپوت،سي عمراڻي اوڍَر،
سينهڙا، سرائي، ساڪرا، آهه پـُـني اوجر،
گـُـنگا، گودڙيا، گونبٽي، گورچاڻي گوندر،
گنجا، گالوري، گورکي، پالوري پڌر،
کـُـٿا، کماڻ، کنڀاٽ ۽ سي ڇڄڙا، ڇيناگر،
دائريا، دلواڻي، دُرڙا، ڌَڙوائي، ڌَچر،
ناچ، نصارا، نومڙيا، مرزا ٿيا مشر،
لانڊَر، گورا، لونبڙا، لوٽڪا سي لشڪر،
فراش، فقير، فارسي، ۽ قريشي ڪـَـپـَـر،
لهرا، ليلا، ڇيلڙا، ٻاٻيها ٻيهر،
يهودي، ياقياڻي، سڳڙا، ٿـَـري، ٿوري ٻيا ٿوهر،
جاڙا، جتوئي، جابلو، جنگي جادوگر،
چاڪراڻي، چاڪي، چـُـهڙا، ڪميجا ڪثر،
هالا، هڱورا، حارثي، واپاري وَلر،
وَڳڻ، واٽو، وڱر، ويڙها، ڪاڇي توبهه ڪر،
ڪـَـلال، ڪلياري، ڪاتـُـرُو، مبيجا مشر،
دَرس، دِيناري، دالڙا، ٽيٽر، ٽانوِري، ٽوٻر،
ڀيم، ڀڃاري،، ڪاپڙي، بـَـدوي باندر،
خواجا، خاڪي، خالصا، خرچاڻي، خاڪسر،
ڇورا، ڇـَـڪر، بڙدي، بڪيرا، بوداڻي بشر،
شهڪ، شيباڻي، شيرڙا، مستوئي، موهر،
لـُـر، لنجواڻي، لونبڙا، حـُـر پسو هيڪر،
موذِي، مجاوَر، شوم سي، سخي ٿيا سـَـڌر،
عباسي، لٻاري، لاکيڻا، گورا، گام گـُـجر،
حاڪم، هاشمي،هوتڙا،ڪاريا،ڪونڀٽ، ٿيا ڪيهر،
بشتي، ڀاڳيا،ڀاڻوجا،پوتڙا،ڀورڙا،قنبراڻي، ڪوٽر،
پير، پٽولي، پاپوڙا، ٻيا جوڻيجا جيڪر،
ماڙي، مينگهواڙ، مڱڻيجا، مڱريا، درزي دربدر،
ڏنوٽ، ڏَکڻيا، ڏانوِري، ڏنگ،ڏڱراج، ڌنوڪائي ڌَچر،
ڳيل، ڳاڱيا، گورڙا، گانڊا، گداگر،
ڪوڏ، ڪونريجا، ڪـُـپڙا، ڪارڙا، ڪيچي ٿيا ڪالر،
تينوَر، تـُـنيا، تارِڪي، سابقي سوڍِر،
اِڇا، عالماڻي، اُگهاڙا، ڦاٽا پيٽ پڌر،
نـُـٿـُـو، پاتيا، نوتڪاڻي، پيسڪ، پسايا پاسينگر،
بـِـهڻ، پخالي، بودلا، ڇـُـٽا، ڇلنگري، گـُـر،گوسائين گوندر،
نـِـڌُو، ناريجا، نـُـگرا، جکرا جادوگر،
ڄٽ، ڄارِيڪا، ڄاڱلا، جڄهڻ، جهلوجا، جوهر،
ڪڃر، ڪميڻا، ڪسبي ڪيترا، مڇلا پرتي مر،
ڏوٿي، ڏهاڳ، ڏانوري، ٻوڙا، ٻاٽي سي ٻٻر،
واٽـُـو، ورياهه، وِڪيا، سي ويڙهيچا ولر،
ڀـُـچا، ڀاٽي، ڀوتڙا، ڪـَـڪا ڪن قهر،
ناگـُـري، نجومي، ناظرو، ڀرڪيا ڏسو ڀر،
سهاڳ، سامري، سهيلا، سانڊاڻا سکر،
گـُـجڻ، گورکي، گوجر، گوڏير سي برفتي باندر،
منگل، مينگل،مٽو، خشڪ، کهاوَڙ، کنڀاٽ، هتاري ٿيا همسر،
جـَـٽيا، جالوري، جوهري، جاتي، جام جڳر،
عباسي، اَواڻ، اَجڙي، نظاماڻي سي نر،
چاري، ماري، چـُـهڙا، لوڌي، لنگور، لٻاڻا، لـُـر،
مصر، مدواڻي، موڳڙا، ڦرڪاري، ڦوڳر،
پوٺي، پونجارا، پاٻوڙا، وَداداڻي، وَڳر،
سما، سيراچا، سنگهار، سامري، واسواڻي، وَڱر،
مالهي، موطان سي پلي، پاپي بني اسرائيل بحر،
چنڊ، چڪور، چوڌري، جهرڪا، جهڄڻ، جهوري ڪر،
پريا، پاتڻي، پالڪي، نڌر نهوڙي، بڊاڻا باندر،
ڊڳڙ، ڊکڻ، ڊَهي، ڊُوها، پاپڙ، پاسينگر،
سـَـڌُو، سنديلا، ساڪرا، سابڙا، سـُـني، صوفي ٿر،
مومن، مولائي، قادري، قوال، شيعا شور نه ڪر،
جهٻير، جهٽيا، جهنگلي، کولـُـو، کاٻرِي، جاڳراڻي، جوهر،
ڌَپڙ، ڌَڳڙ، ڌُوڙڌويا، گائيچا، گـُـرگـُـلا، ٻجوڙا ٻيهر،
پاڪ ڌڻي پرور، لطف ڪرين تون “لعلڻ” تي.

 

(2)

صفت ڪريان سبحان جي، جو صاحب ذوالجلال،
پيدا ڪيا پرور ڌڻي، ماڻهو، مرون ۽ مال،
آگي اپايا آدمي، قدرت ساڻ ڪمال،
سوين ذاتيون تن جون، فرقون ڪئين في الحال،
سيد، سهاڳي، سومرا، سوڍا، سريوال،
ساٽي، سمان، سونڊائي، سوجهر، ساهووال،
سـِـک، سيلاٽا، سولنگي، سونارا ۽ سيال،
سامي، سن، سناسي، ڪوڏڻ ۽ ڪلال،
ڏس خاوند جا خيال، هڪڙي مان اپايائين ڪيترا.

پر اڃا به ذاتيون تن جون، آهن سوين سربسر،
سانگي، سورج، سهتا، اوٺا ۽ اُنڙ،
آريا، آري، ابڙا، آرائين، اڳڙ،
آٿا، آهيري، آٿلا، ٿهيم ۽ ٿوهر،
بلوچ، بونبڪ ۽ ڀـُـٽا، ٺينگا ۽ ٺڪر،
بارڻ، ڀـَـٽ، بروهي، ٽنگڙي، ٽالپر،
ڀورا، ڀيل، بڪيرا، چارڻ ۽ چاچڙ،
دستي، دَل، دڦراڻي، جاڙا ۽ جيسر،
چنڊ، چنا ۽ چاوَڙا، چانڊيا، چنيسر،
ٻروچ، ٻيلائي، ٻـُـگهيا، کوهي ۽ کوکر،
ٻاليشاهي، ٻـُـهرا، کودا ۽ خچر،
ٽٽور، ٻـُـوڪ، ٻاٻيها، کٽي، کڳاڻ، کر،
پلي، پلهه، پتافي، کڏائي، کوهڙ،
ذات ڀلي پير، سيد آهي، نوراني نظر،
پريٽ، پارهيڙي، پسيا، رجپوت  ۽ راڄڙ،
جوڳي، ججهه، جتوئي، ڏهري، ڏوڏ، ڏچر،
جنيا، جويا، جکرا، شورا، شيدي، شر،
جروار، جبير، جوڻيجا، ڪوريجا، ڪنڀر،
ڄٽ، ڄـِـها، ڄامڙا، لنجواڻي، لوهر،
مڱڻهار، منگسي، ملاح، ميربحر،
جهـُـلڻ، جهوناڻي، جهنجهڻي، گورچاڻي، گـُـجر،
چانگ، چوَهاڻ، چهڙا، مستوئي، مـَـٽر،
ڇــُـٽا، ڇورا، ڇڄڙا، ڇوها ۽ ڇڇر،
ٻارڻ، ٻهاڻ، ٻـُـرڙا، بهليم ۽ بوهڙ،
بلند، بوجا ذات جا، آهن انڊر ۽ سيلر،
ٻوڙا، ٻوهارا، ٻاٻڙا، سونيا ۽ سيهڙ،
سـَـٺيا، سرڪي، سامٽيا، مزاري، مرگهر،
گڊا، گهوٽاڻا، گهانگهلا، ڏگها ۽ ڏچر،
حجم، حاجاڻا، هڪڙا، بخاري، بزگر،
هـَـيا، هيلايا، هڱورجا، چوها ۽ چڍَرَ،
کٽياڻ، خـُـشڪ، کوسا، ارباب ۽ اورڙ،
رونجها، رانٽا، جهڄڻ، ڪلوئي، ڪيهر،
واڍا، ورياهه، وِگهامل، مغل ۽ ماهڙ،
نـُـهڙي، نوداڻي، نوريئڙا، منگواڻا، منگر،
ڍاٽي، ڍانڍي، ڏنگڻا، ميان ۽ ميهر،
تـُـنجا، حقائي، رامڏيا، داڙيا ۽ ڌڪڙ،
ٻيا ٽـُـرڙ، ٽنگڙي ذات جا، جيپار، شراف، ڏَهر،
ماسس، ملنگهه، الکاڻي، ساکاڻي، کيبر،
ڪپچاڻي، ڪـَـلر، آهن مڏيا، موريا، مـُـلڪ ۾.

مڏيا، موريا ملڪ ۾، ٿيا سرها سرڪاڻي،
درس، دايا، ڌونڪائي، ڌماچ، دکواڻي،
ساک، سهاڳ، سڪڻا، سرها، سنجراڻي،
ڏيرا، ڏيٿا، ڏيپلا، شيخ، شاهاڻي،
ڪوري، ڪاريا، ڪالروُ، ڪاٺيا، ڪيچاڻي،
ڍارا، ڍڪڻ، ڍولڙ، ڍُڪا، لاکا، لنجواڻي،
زرداري، زونر، زنگيجا، مهر، ملڪاڻي،
ڪاڪيپوٽا، ۽ ڪهيا، نـِـڌوُ، نونداڻي،
قاضي، قزاق، قريشي، ناهيان، نوتڪاڻي،
ڪولهي، ڪچالا، ڪيريا، نڪرج، نوهاڻي،
مري، مهاڻا، مڱريا، جوسي، جلباڻي،
ڪاڪا، ڪان، ڪلوئي، ڪوراڙ ۽ ڪيماڻي،
ڪورائي، ڪولاچي، ڪـُـڙم، ڪڇي ۽ ٻيا قنبراڻي،
فاروق، ڦـُـلالي، ڳـَـهـِـلڙا، ڀـَـنڊ ۽ بنگلاڻي،
وڳڻ، وِيسر، وڏپاڳيا، شاطر، شهاڻي،
بـُـدا ڇلگري، مسرق، (پيسڪ، ملاح) مهراڻي.

اڃا به ڌميا، ڌانڌل ذات جا، آهن ڀرڳڙي بيشمار،
ماڇي، موڌڪ ۽ مـُـئا، ٻيا ڪليري، ڪاتيار،
گنجـُـو، گبول، گندرا، نانگور ۽ نوتيار،
گرگيج، گوپانگ، گاڏهي، وونرا ۽ وينجهار،
مـَـلـَـڪَ، مهيسي، ملان، پڃارا، پڙهيار،
واريا، وساڻ، ونگرا، جانوري، جروار،
نـُـون، نوناري، نومڙيا، مرکنڊ، مڱڻهار،
ٻـُـڌ، ٻـُـچا، ڏيپار، يونان، يهودي، يورپي.

يونان، يهودي، يورپي، آهن گورا گرناري،
مڱڻيجا، موچي، مهندا، راهوڪ، ريٻاري،
پهوڙ، پيڃارا، پارسي، لاسي، لاشاري،
ناچ، نورائي، نـُـهڙيا، ٻيا لائق لغاري،
روحل، مسيا، ماريجا، هيڙها، هزاري،
اوڏ، اوهاڻ، ڪرستان، ٻيا شولا، شڪاري،
وايا، واسوڙ، قبوليا، گهانچا، گفتاري،
ڏهري، ٻاٽي، ٽوها (ٽنگڙي)، بدُو، بازاري،
دائيداڻا، دلپوٽا، صبحپوٽا، ابوپوٽا، آري،
ٻانهيپوٽا، هاليپوٽا، ڀونڊ، رئيس رفتاري،
منگتا ۽ ماري، آهن موسيپوٽا مـُـلڪ ۾.

موسيپوٽا مـُـلڪ ۾، آهن جويا ۽ جهڄڻ،
تارا، تـُـرڪ، سنگراسي، خواجا ۽ کٽڻ،
هوٿي، حماري، ڳها، گـِـراڻا گهنڊڻ،
لـُـنڊ، لهاڻا، لـُـڪا، ڏياڪ، ڏهوٽڻ،
لوڊا، لـَـيل، لورا، ڪهيري ڪوڏڻ،
گهٽڪا، گورا، گنجا، وَرڙ ۽ وڳڻ،
کور، کير، راحمون، ڊيشڪ ۽ ڊکڻ،
دائودپوٽا، بيک، بروهي (ڀيا)، برهمڻ.

گهـُـمناڻي، کوکر، کدام، سرتيا، سـُـپيا،
درزي سجهوٽ، سـُـها، راول، چـُـکيا،
جهانجهر، نول، اتيرا، پٺاڻ ۽ گنگا،
گـِـشڪوري، ڪانڌڙا، ڏڦير، سنگترا،
واڻيا، ماٽي، پيسڪ، ڀاڻا، سوداگر ڪسريا،
ڏکڻ، آپنون، وينس، مالهي، لليجا، ناڪش، ٻجورا،
اظهر ”اميدعلي“ چوي، اڃا به ذاتين جا کوڙا،
ڳڻي ڇاڳڻي ڳوڙها، وينجهاريل وجود کي.

 

(3)

ٿيٻا، ٿهيم، وَئينس، وساڻ، جويا، جوڻيجا، سائيجا، ڀاڻيجا، راهـُـو، رنگ، ٻـُـوڪ، ٻلال، هڪڙا،جکرا، باريجا، ساند، بـُـرفت، ڀنڀرا، سمان، سومرا، ڪاڙها، پاڙها، لليجا،
لانڊڙا، وَهريا، روُنجها، سوڍڙا، وِستڙا، منگسي، ڏيٿا، ڇڇر، ڏِيپر، ڪاڪا، ڪلوئي، ڪملا، ڪميچا، ڳنوار، جوکيا،
ٻارِيڪا، ٻڙ، ڀـُـٽا، ڀٽي، ڀـُـچا، چنا، راڄپر، راڄڙ، مناهجا، اُنڙ، ورياهه، ڇـُـٽا، دَل، ناچ، ساهو وال، سينهڙا،
مڱڻهار، مڱريا، عالماڻي، جسڪاڻي، حاجياڻا، جابراڻي، لنجواڻي، ميرجت، جتوئي، مستوئي، ملاڻا، قريشي، ٽالپر، کوماڻ، نومڙيا، ٽڳڙ، ماڃوٺا، مرڙاڻي ۽ ٻيا ڪـُـرڪلا.

ڀرڳڙي،کـِـچي، مهراڻي، سنجراڻي، جلالاڻي، نوداڻي، بوداڻي، اوٺا، ليڙا، تنگواڻي، کوکر، هوت، بلوچ، ڳاها، پاٽولي، پيٽ ڦاٽا، ڍُڪا، چڍَر، ڪٽوهڙ، لـُـنڊ، چنڊ، چانڊيا، جهٽيا، روجهلا، بالادي، باگراڻي، ڪپري، تـُـنيا، صحبجا، کپچاڻي، ناهيان، نوحاڻي جهٻيا، ڍاريجا، وڳڻ، گڊا، گولاڙا، خاصخيلي، بڪيرا، شيدي،کٽي، ڪوريا، کور،کوکر،کرڙ، فراش، درس، هـُـماڻا، ميربحر، ملاح، ساٽي، منڇري، جهٻير، گبول، ڪوش، خشڪ ٿيا، مهر، ڳنڀير، زرداري، برهماڻي، ڪـُـرڙ ۽ شورا، سنگراسي، شر، لشاري، ڇلگري، شهاڻي، نظاماڻي، جمالي، جيئنداڻي، گـُـرڙا، سريوال، هڏوال، لغاري، حبيباڻي،هيسباڻي، معلومت، لکپت، ميمڻ، ٻـُـرڙا، لوهار، ٺاٺارا، ٺـَـڪـُـر، گرڙا، چوڌري، تـُـرڪ، تارا، چوهرو، داداڻي، بوهريجا، مانجهند، مـُـغير، مغل، اوگا، ملڪاڻي، ٻٻر، ليل، جج، گورچاڻي هـُـليا، بهڻ، ٻلال، گوپانگ، ڏهوٺ، ڳاهوٺ، ڪاتيار، ڪورائي،ڏهري، ڪلهوڙا، ٺوڙها،روڌڙا،پهنور،فاروقي،کيڙا،ڪالروُ، پريا، فقير، ڏيرا، ڏکڻ، ڏهراج، ڏنگراج، ڏم، سونارا، سهاڳ، گهوٽاڻا، پـُـسيا، تيوڻيا، حجم، ميتڙا، بـُـڙدي، ماڇي، سولنگي، ويس، سيال، کيبر، گهلو، پڃارا، نول، نياڻا، پهوڙ، کچر، کريل، ڏچر، آئوريا، آرائين، پالاري، عمراڻي، کوسا، بکراڻي، گـُـرگ، گرگيند، رِند، خاناڻي، ملڪاڻي، جوڳياڻي، اعواڻ، کودڙا، چانولي، ڇڄڙيل، چتڙيل، ٻنڍڙيل، گڏهڙا، آريسر، زونر، انصاري، ڊِيشڪ، منڌرا،
ڳام، گجرات، ڪسر، ڪـُـرڪلي، علياڻي، لاکيار،
                مندواڻي،نوحپوٽا،مهندا،
”ٻڍوفقير“ چئي ڌريون هيس ڌارين، تڏهن ڌريچا ڌارين ڪري ويا.

چانيها، مسرق، ناهيان، ونڊير، ڀاڻا، ٻاگهل، ويسر، کٽياڻ، راهو، ٺينگا، قنبراڻي، ڪوراڙ، ڏائڻا،سندليا،شاهي، بڪار، رَحما، ورڙ، چوئا، ناٽي، ونگا، ٻائڙا، بدوي، مشوري، مهيسر، سيٺار، منگهيري، ملهيٽا، ڀيڏا، ميتلا، ڀان، فقر، بزگر، لوڊاڻي، ڪاماڻي، مرزا، شهمور، راج، امير، ماڙيچا، ماروُئڙا، ميان، ولهاري، لنگها، منگتا، چارڻ، ميراثي، هنا، پنا، ڍول، ٽوٽا، سيراچي، پل، پڙهيار، ڪلريا،
اوڏ، بنوسيري، ڀرڪاڻ، گزلاڻي، راڄاڻي، ڇانهان، ٺهريا،
اناڙي، حاڪم، اولادي، رعيت، ماڪوراڻي، ناچڪ، چاچڪ، سـُـرها، سانئرا، دائرا، سنگهار، گندريا، ڀـَـٽ،ڳر، ڀر،مڪوَل، ڪـُـندناڻي، واڍا، ٽولگر، ڀاريچا، سوڀارا، هٿياڻي، ماٽيا، پيسيا، نقش، کٿيرا، ڪمالاڻي، سوٽهڙ، ڪلال، شراف، جيسر، جماداڻي، چاچڙ، جروار،نهڙيا، جهرڪ، چيها، ڪنوسري، ڀرڪاڻي، سهتا، ٻتڙ، بـُـغدي، ڪـُـتڙا،
ڪارٻوٿڙا، بنباڻي، پخالي، ڪـُـٻر، اوڍر، دُنبر، ڪـِـراڙ، گروڙ، ناريجا، جاجهٽ، ٽنگڙي، جالونڪا، ”ٻڍوفقيرمهراڻي“ چئي ڌُڻا هت ڌناريون ڦر چارين پهنواريون. دائيداڻا، مجيداڻا، هاليپوٽا، صبحپوٽا، دلپوٽا، ڪاڪيپوٽا، هالا، لکمير، کـُـهڙا، بهراڻي، دائودپوٽا، گانڊا، دُدا، بـُـدا، سيد، پير، ڏگها، گهانگهرا، ناگور، پتافي، ٻوچڙ، هڱورا، دٻگر، سراز، رٻاري، ڪاڪا،
جنجهي، ٻانهيپوٽا، رستماڻي، گهمراڻي، عباسي،قريشي، علوي، جيلاني، لومڙيا، حسني، حسيني، ڪاٺٻانڀڻ، ميانوال، اُڄڻ، بجير،ڪاٺياواڙي،هوروالا، بڪاري،بيگ، بودلا،چئي”ٻڍوفقيرمهراڻي“، سڀئي ســک ٿيا،
عرب، ارباب، نواب، ڄام، ڄاموٽ، ٿيٻا، ٻانڌا، خواجا،
        عيسائي،موسائي، ماوا،
ماسس، ڌُڪڙ،باجڙ،ٻيجل،گرناري،پورب پڇم مارواڙي، مچوئا، گهانچا، رئيس، ٻروچ، ٻوراڻي، ڪينجهر، وينجهر، چوڙيگر، مـُـلا، ڪاهن، گولا، ڀڪ، بـُـوهڙ،ڪڇي، نانگا، اُڀريا، دستي، سروَري، درڙيا، دايا، سنياسي، بکياري، اڪياري، لڪياري، سامي، ساميٽا، لڱڻ، آهيڙي، آڌوتا، ڪانڌڙا، مداري، بازيگر،ڪولهي، ڀيل، جٽيا، موچي، مينگهواڙ، ڀـَـيا، سوچي، عيسائي، موسائي، يهودي هندو، لـُـهاڻا، ڪافرڪٽيل، واڻيا، سـِـک، خالصا،ٻانڀڻ، برهمڻ، مـِـسر، ڀنگي، شڪاري، لٻاري،ٻاوا،ٻالا، ڍيڍ، ڪڃر، ڪسبي، ڏڦير، مڇلا، رنگيلا، چـُـهڙا، جنڊاهوڙا،ڪوچڙا، ڪاريا، تيرا، باگڙي، شاهي، لاسي، ڪهيري، جهوناڳڙهي، پنجابي، واسا، آرادي، جوناڻي، يوناني، يهودي، مشائخ، ٻاليشاهي، گرهوڙي،گولاڙا، چئي ”ٻڍوفقيرمهراڻي“، ٻيڙا تاريندو پاڻ ڌڻي.

( 4 )

ساراهيان سچو ڌڻي، جو مالڪ آهي ملڪن،
ٻيو مٺو محمد مصطفيٰ، جو سردار آهي سڀن،
ملڪ گهميس منهنجا پرين، چلي چئن طرفن،
قومون ڏٺيم ڪيتريون، ڪي ذاتيون مٿي زمن،
پير،فقير، امير، وزير، سيد ذات سندين،
قاضي، مولوي، ڪلهوڙا، اڳيان ٽالپر ٿا ٽلن،
شودا، سنهڙا، ڀوا ۽ ڀٽي، ٻيا ٻڌڪ ٿا ٻڌجن،
گانگهرا، گگهيلا، گهمڻاڻي، ٻيا چارڻ ٿا چئجن،
کوسا، کامڙيا، کودڙا، ٻيا حمائتي هجن،
ٻتڙ، ٻروچ، ٻٻر، ٻيا سورا ٿا سڄن،
آريچا، اوٺي، ارباب، ٻيا مڱڻهار مٿن،
ترڪ، تنيا، تونگ، ٻيا ڪيريا، ڪاساين،
قنبراڻي، ڪوچڙا،ڪاتيار،ٻيا ڪؤنريجا ڪنادن،
گڊا،گورا، گهگها، ٻيا نانوائي نيارن،
خاصخيلي، کيرا، خچر، ٻيا منگسي، منگواڻن،
کٽي، کڏائي، کهنباتي، ٻيا موچي، مستوين،
جوکيا، جويا، جوڻيجا، ٻيا ميان منجهه مـُـلن،
باريچا، بديڻ، بڪڪ، ٻيا همونپوٽا هلن،
ميمڻ، مري،ميراثي، ٻيا واڻيا، هندو، وِيجهن،
ٻارچ، ٻلال، ٻگهيا، ٻيا پاتڻي پڃارن،
مهاڻا، ميربحر، ماڇي، ٻيا جيسر، جاکرن،
لنگها، للنگ، لـُـڪا، ٻيا ساکاڻي، سومرن،
وگهامل، واڍا، وينجهر، ٻيا حر، هڱورن،
ڪوري، ڪنڀار، ڪليري، ٻيا سيلاٽا، سونارن،
مينگهواڙ،ڍيڍ،مارواڙي،ٻيا ڪولهي منجهه ڪمن،
شڪاري، شاهاڻي،شيخ،ٻيا درس، درويشن،
دَل، ريڍار، ڌماچ، ٻيا بهراڻي، بروهين،
چليا، سونڊا، چاڪي، ٻيا جهرڪ ۽ جهـُـلڻ،
چوهاڻ، چانگهه، چنا، ٻيا ساهمي منجهه ساندن،
حاجاڻا، تارا، هيلايا، ٻيا قريشي منجهه ڪوٽن،
وؤنگر، گندرا، ونگرا،ٻيا پالاري منجهه پـُـسين،
گوندر، صوفي، گابار، جهيجا، جناڻين،
ڀنڀرا، ٽيڀر، ڀرڳڙي، ٻيا چانڊيا ٿا چلن،
ٻوڙا، منڊا، ٻيهاڻ، ٻيا گـُـنگا ٿا گهمن،
ٻاگهل، ڏروٿ، جتوئي، ٻيا ٿوري منجهه ٿرن،
گورک، کڙيئرا، سامٽي، ٻيا يورپين منجهه يمن،
ڏيٿا، ٿيٻا، کوکر، ٻيا ڪرمتي منجهه ڪنڌين،
عباسي، مغل، پٺاڻ، ٻيا سيال برهماڻين،
ڏاهري، چاچڙ، جمادي، ٻيا سـَـٺيا منجهه چورن،
گوشي، مڪراني، مـِـسر، ٻيا ٻانڀڻ منجهه ٻاون،
لغاري، لورا، لالاڻي، ٻيا لهار ۽ وڪن،
ٻـُـٽا، هالا، ٻـِـسر، ٻيا انڙ ۽ عربن،
مرزا، شيدي، مهتا، ٻيا حبشي، جسڪاڻين،
گيدڙي، گنجا، کٽياڻ، ٻيا پهنوار، پسين،
سجاول، خليفا ملڪ ۾، ٻيا رند ٿا رمن،
ڍارا، ٻهارا، ٻاٻڙا، ٻيا چنڊ، چانوڻين،
نوتيار، مهر، نوتڪاڻي، ٻيا ڳاهيپوٽا، ڳهلن،
سوڍا، چاوڙا سنڌ ۾، ٻيا لنجار، نومڙين،
ڀـُـٽا، بخاري، حجام، ٻيا گهوٽاڻا ٿا ليکن،
لؤنڪا، ڪڇي، رئيس، ٻيا ڄام ٿا ڄاپن،
ٺاٺارا، لشاري، ٺيڪري، ٻيا درزي دوڪانن،
جن، ديو، پريزادا، ٻيا ملائڪ، فرشتن،
حلوائي، سـِـک، واگهيري، ٻيا ڀيل ٿا ڀـِـرن،
نڪس، ليل، ٽڳڙ، ٻيا جوسي ۽ جاڙن،
موريا، وڳڻ، ڪان، ڪچالا، ٻيا نصارا، رازن،
ٻٽور، ٻـُـرا، جهنڊبلا، سولنگي منجهه ڪـَـهن،
لکنور، پڙهيار، ناهيان، ٻيا موندا ۽ رونجهن،
رهبر، منڌرا، سرواڻ، ٻيا نوناري، صابرن،
نـُـهاڻي، رٽا، بڪيرا، ٻيا خشڪ، باراڻين،
سـُـها، کماڻ، ٻيليجا، ٻيا بنديچا، گبولن،
ساهڙ، ڇـَـٽا، جلباڻي، ٻيا ذڪري، زردالن،
زئونر، ڪاسوٽا، بٺرا، ٻيا سوٽار، سميجن،
جمنا، ڀيا، جانوري، ٻيا جوڳي، ڪاپڙين،
ڏيپار، پخالي، وساڻ، ٻيا ڪهيري ڪافرن،
ورياڻي، گراڻا، اوڏ، ٻيا سنگراسي، سٻوٽن،
دايا، گورڪل، برفت، ٻيا ٺوڙها ۽ گنجن،
ٺينگا، ٿهيم، ميانوال، ٻيا ريٻاڙي، راجپوتن،
ابڙا، ڀانگريا، انگريز، ٻيا سيڪر، سولجرن،
شيرازي، وجهه ديني، سنياسي، ٻيا آدمخور، آرڪاٽين،
ايراني،ڪاٺوڙا، اڱاريا، ٻيا پيسڪ، پوربين،
ڪوجهڙا، نڌو، ڪانڌڙا، ٻيا ڍاٽي، يونانين،
ڪرڙ ڪٽا، جهانجهڻ، ڪانڙا،ٻياڳهيل، ٻڍاڻين،
بيٺل، جهٻير، باکڙا، ٻيا نائي، ٺڪرن،
پاپي، آڌوتي، وڍڙيا، ٻيا ڊکڻ، آديسين،
ڪاشيگر،ڪاريگر،ٻانهينگر،چوڙيگر،بازيگر،جادوگرن،
ٻورا، ڪنچير، بدوي، ٻيا ساٽي دريائن،
آٿارا، مڏيا، ٽانڪا، ٻيا سنگهار، بڪارين،
جنڊاهڙا، گهيانچ، جروار، ٻيا ڪـُـٻر، ڪالورن،
شهباز، نومڙيا، ٻاٽيها، ٻيا راهوڪڙ، سانگين،
ڪـُـرگيلا، بسوٽا، اڳچتاڻي، ٻيا بوزدار، جڳسين،
لنڊ، بالادي، زرق، ٻيا لوٽاري، سڳرن،
صاحباڻي، چڀڙا، اوڀاڻا، ٻيا رگهڻا، ساروٺين،
گوٻڏا، بگرا، پتوجا، ٻيا نواب، مشرڪن،
وياجخور، عالم، پريٽ، ٻيا اتيت، آمڙن،
انهيءَ پر”پليجو“چوي،اڃان به سوين ذاتيون سـُـجهن،
پر ڏسان ڪونه ڏيهن ۾، مقدار محبوبن،
تڏهن محب ملن، جڏهن ڪلمي تي قائم رهون.

 

( 5 )

ڪئي آهي فتح فقير جي، جو اُڪاريندو آڻتارن،
مهندان ڏينهن محشر جي، ملائيندو محبوبن،
کڻندو بار بيوڙن جا، مهندان ٿي مسڪينن،
لکي آءٌ ڇا لکان، هي مذڪور مريدن،
ڳڻي آءٌ ڇا ڳڻيان، ڪئي مدد ملائڪن،
اُتر لاڙ اچي ويو، ٿاڪ وسايا ٿر وارن،
انڙ، آڀن، اوٺا، ابڙيجا، ابڙا، اوهيرا ڪيا آهيڙين،
برفت، بروهي، بوهر، بلوچ، بند وسايو بهڻن،
برهماڻي، بوداڻي، بکراڻي، برهه لڳو بهراڻين،
ٻروچ، ٻاچڙا، ٻارچ، ٻٻر، ٿيون ٻاجهون ٻرڙن،
ٻگهيا، ٻاٽي، ٻوڪ، ٻلال، ٻاگهل، ٻالا ٻول ڏنا ٻوچن،
پهوڙ، پڙهيار، پلي، پورگر، پاٽولي، پيو پساهه پالارين،
پهنور، پليجا، پـُـسيا، پنجابي، پاهيڙي، پت رکي پٺاڻن،
ڀٽي، ڀاڻوجا، ڀٽ،ڀنگر، ڀان، پيئن، ڀؤلڳو ڀوڳڙين،
ڀونتريا،ڀيل، ڀونئريا، ڀنڀرا، ڀچا،اچي ڀيڙا ٿيا ڀائرن،
تنگهياڻ،تيريا،توڏا،تيوڻا،ٺولها، ٺيڪري،ٺهراءُ ڪيو ٺڪرن،
ٽونگل ۽ ٽنگڙي، ٿيٻا ۽ ٿلها، اچي ٿان وسايا ٿهيمن،
ڦاناڻي، ڦرياڻي، ڦيرڪاڻي، اچي فتحون ڪيون فراشن،
گرهوڙي،گائنچا،گولاڙا،گراڻا، گـُـپچاڻ، گرڙا، گنگا، گلها، ساڻ گنجن،
ڳوڌا، ڳاها، ڳهيلا، ڳاهوٺي،ڳاڙها، وسايا ڳوٺ ڳنڀيرين،
کوکر، کٽي، کودڙا، کهاوڙ، کهنباٽي، کٽيو اچي کٽياڻن،
کملاڻي ۽ کر، خشڪ، خواجا، خچرا، کنئين کاٽي خاصخيلين،
ڊکڻ، ڍيڍ، ڊاڀاڻي، ڊوڙن تي آنديون، ڊونڊيون ڊاگرين،
دَل، دوساڻي، دوڳا، درس، درياڻي، دل لڳي دنڙن،
ڌوٻي، ڌاريچا، ڌڳيا، ڌاڳا، ڌريو ڌيان ديدناڻين،
ڏوڏ، ڏاهري، ڏيٿا، ڏيپر، ڏيا، لٿو ڏڪار ڏنگاڻن،
جت، جتوئي، جوکيا، جمالي، جکرا، جوءِ وسائي جوڳين،
جلباڻي، جوڻاڻ، جسڪاڻي، جهيجا، جوڻا، جوڻيجا، جڙ لڳي جاڳن،
ڄڙهه،ڄانڀا،چنا،چانيها،چاڪراڻي،چاڪي،چـُـوڻ ڪيو چانڊين،
چاچل ۽ چانولي، چوهڙ ۽ چوئا، چارڻ، چاهه رکيو چانگن،
ڇورا،ڇاڻ،ڇڄر،ڇٽا،ڇولا،ڇها،ڇڄڙا،وٺيون ڇاٽون مٿي ڇاڱن،
رنگ، روجاڻي، رهناڻي، رونجها، راڄڙ، روڏا، راند کٽي رندن،
مغل، مهري، منگسي، مڱڻهار، مري، مڪراني،لڳي محبت منگواڻن،
مستوئي، مسوئي، ملان، ميمڻ، موچي،ماڃوٺيا، ڪيون مڙسيون مهاڻن،
مڱريا، مينگهواڙ، ماڪوڻاڻي، مريداڻي،ماڇي،ٿي مهر مانجهرن،
متوال، مهيسر، مشوري، منهيجا، ملاح، مورج ٿي مورن،
مهري، موڳا، مئا، مهرا، نـُـوناري، نڪر ڪئي نظاماڻن،
نواب، نوحجا،نياڙي،نونداڻي،نهالاڻي،ننگاڻي، ٿيو نظر نوحپوٽن،
لغاري، لاشاري، لانبڙ، لانڊر، لڳي اچي لنءُ لاکن،
لوداڻي، لنجواڻي، لوڀي، لانگها، اچي لوهه ڪٽيو لهارن،
سما، سومرا،سوڍڙا،سورا،ساند، صلاحون ڪيون سهڪاڻين،
سانگي،سهڻيجا،صحبجا،سالاريا،سولنگي،سنگراسي،سر ڏنو سيٺارن،
 شيخ، شيدي، شوراڻي، شورا، رکيو شوق شهوڪن،
واڍاو، گهامل، وستڙا، وهياڻي، ورياڻي، ويگها، ڪيو وارو ورياهن،
وڳڻ، وساڻ، ويسر، والهوٽا، وهريا، وهوا واهولا هنيا واڍن،
هالا، هڱورا، همونپوٽا، هملاڻي، هالاڻي، هڏوار، حاجاڻا هاج ڪئي هوتن،
جهلڻ، جهلوجا، جهانجهڻجا، جڳڙ، جرڪ، ٿيا جهڙ مٿي جهانگين،
جهنڊا ۽ جهوڙا،جهڊاڻي، گهانگهرا،گهلوجا، گهيڙ ٻڌا گهوٽاڻن،
ڪرٽ،ڪنڀر، ڪاڪا، ڪاڇيلا، ڪملا،ڪورائي،قطارون ٻڌيون ڪورين،
ڪاتيار، ڪلهوڙا،ڪيريا،ڪاشيگر،ڪراڙ، ڪولهي، قرب ڪيو ڪپرين،
ڪڇي،ڪونئريچا، ڪميچا، ڪنڌارا، قنبراڻي، ڪمايون ڪيون ڪاٺوڙن،
درياءُ ڪئي دڙ، لشڪر ڪئي لڙ، ڇـُـوٽ ڇيرا هنيا ڇولين،
اتي گهوٽن ڪيس گهيرا،ٻهڳڻ آڻي ٻيڙا، کنيو جهنڊو جهونجهارن،
سوڀون وس ستار جي، اهو مشاهدو ڪيو مردن،
هيڪر ويو هٽي، کاهوڙين راند کٽي، چوريو چپ چون،
”لا اِلـــٰــہ اِلا الله محمد رسول الله“ اهو سبق پڙهيو سهڻن،
’محمدزمان‘ کي ”ميمڻ“ چئي، ڏنيون مبارڪون ملائڪن،
تون طالب آهين موليٰ عليءَ جو، توکي سوڀ ڏني سيدن،
اهئي پنجتن پرين جا، وارث آهن و لهين،
اهو سبق مون کي ”سومار“ چئي، پڙهايو اکر استادن،
جيڪي ڪلمو پاڪ پڙهن، لهر نه لوڏي تن کي.

 

( 6 )

ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي ڏيهه ڌڻي ڏاتر،
قادر جي قدرت جي، آهي خاوند کي خبر،
هاڻي ڪريان ٿو قصو هڪڙو، ذاتين جو ذڪر،
لغاري، لشاري، لنڊ، لوٺيا، لنجا ۽ لاکر،
چانڊيا، چانگ، چانيها، چنڙا، چنڙ،
چهڙا، چغل، چوٽيا، ٻيا اٿئي پٽن منجهه پهنور،
دَل، دائيداڻا، دستي، ديوان، درزي، ڌوٻي مٿي ڌر،
اڍيجا، عالماڻي، آمداڻي، انڌاڻي، اُنڙ،
ابريا، ابڙا، اوڏ، اوٺا، آرائين، انصاري، اذيڪا، اڌڙ، ڦليجاڻي، ڦلڪارا، نفر،
شيخ،شهاڻي،شر،شراف،شيدي،شڪاري، ٻيا اٿئي ٽنگڙي ٽالپر،
هاليپوٽا، حبشي، هسڙ، هوت، حاجاڻا، حاڪيماڻي،هڪڙا،هلايا هيڪر،
واڻيا، وڏيرا، وساڻ،واڍا،وگهامل،وينجهار،ويسريا، ويڙهيچا ولر،
ساند،سهتا،سونارا،سيهڙ،سيڙاهت،سينهڙا،سناسي،سانگين مٿي سر،
ورڙ،ورهيار،واهوچا،خشائل، خاصخيلي،کوسا،کودا،کرڦوڙ ۽ کوکر،
گڊا، گولاڙا، گـُـرگلا، گوڙا، گرماڻي، گيراڻا، گنب، گاڏهي، گورا اٿئي گوهر،
مندواڻي، مراداڻي، مٺراڻي، ملاڻا، مير، مداڻا، منگلجا، منگواڻا ۽ منگر،
مغل، مغيري، مڱريا، مئا، معشوق، ميان، ملان، ميمڻ، مهتن مٿي مر،
مري، مرڙاڻي، مرزا، مهير، مهيري، مزاري، منگسي، ماڇي، مهاڻا، ملاح،
                                                      مارو ميربحر، مڱڻهار، منگتا، ميراثي، مينڌرا،ميرجت، مهندا، مسرق، موچي،لنگها، لورا، لوهارن جي لر،نوحاڻي، نونداڻي، نوناري، نوتيار، نواب، ناريجا، نارا، ناهيان، نظاماڻي نر، جڳسي، جت، جتوئي، جوڳي، جيوڻاڻي، جويا، جوکيا، جوڻيجا، جلباڻي جهيجا، جاکرا، جکر، جسڪوري، جسڪاڻي، جهرڪ، جهانگي ۽ جهر، رئيس، رند، رٻاري، راڄڙ، رامڏيا، راجا، رونجها، راهوڪڙا، راهوجا، ٺوڙها، ٺريا ۽ ٺڪر، ڀيا، ڀنگي، ڀيل، ڀٽ، ڀٽي، ڀـُـٽا، ڀرڳڙي، گهٽڪا، گهوٽاڻا، گهر،سما، سميجا، سوئـِـرا، سومرا، سولنگي، سيال، سامٽيا، ٿهيم، ٿيٻا مٿي ٿر، ڏيٿا، سوڍا، سٺيا، پتافي، ڊکڻ، زئونر، زيندپر، هڱورا، ڳمورا، ڳها، ڳهلڙا، ڪنڊرا، ڪاتيار، ڪلهوڙا، ڪورائي، ڪوري، ڪبوتر،
ڪڇي، ڪنڀار، ڪاٺياواڙي، ڪاڪيپوٽا، ڪالرو، ڪلر،
ڪيچاڻي، ڪلوئي، ڪليري، ڪهيري جي قريشي لهندو ڪر،
پناهگير، پنجابي، پڙهيار، پـُـسيا، پهوڙ، جهٻر،
لونجاڻي، پلي، پليجا، پالاري، پڃارا، پير فقير، بچي  سيد جو سر، بلوچ، بوزدار، بوهڙ، بوبڪ، بروهي، برفت بر،
بڪڪ، بالادي، باريچا، باگڙاڻي، بجاڻا، بازيگر،
ٻروچ، ٻاگهل، ٻارڻ، ٻٽور، ٻاوا، ٻانڀڻ، کٽين کي خبر،
کونجيجا، خالصا، خواجا، کيڙا، ڪاپڙي ۽ ڪيهر،
سک، سيٺ، سامي، سوجهر، ٻيا اٿئي ڪارا ڪٽا ڪافر،
ميواڻي، واڳڙائي، نيڙ، پارڪريا، ڪولهي، ڪوچڙا، ڪاريا، ڍيڍ، مينگهواڙ،ڪاريگر، چارڻ، چهواڻ، اَمڙيا، اهنواڻ، ڇٽا، شـُـهدا، پاريهر، پٺاڻ، ڦل، جروار، لنجواڻي، لنڊاڻ، خاشا اٿئي کيبر،
ڏونگهيا، گـُـنگا، گوپانگ، ٻگهيا، منگهيا، نومڙيانر،
نهڙيا، خشڪ، کاهوڙي، ملوڪاڻي، مهراڻا موهر،
ڪؤنريجا، درس، مشاخ، ٽوها، سوها، ٽڳڙ، بڊوئي،روڍ،راٺوڙ،شل ڏسان منارا منور، لورا، جهنجهي، جهانجهڻ، پيسڪ، ڊيشڪ، اڏيرا، ٻرار، ٻـُـرڙا، منجهند، مجيداڻي، آديسي، اڙٻنگ، ٻڙنگ، ٻوهڙ، ڇڄڙ، ليلهڙ، ٿٿڪيا، ٿرڙ، گسايا، زبون، زوال مٿي زر،
اتيرا، بڪيرا، ارباب، عربي، ترڪ، رومي، ٻلال، ٻارچاڻي، ميهر، آهيڙي، نوتڪاڻي اٿئي پخالي پر، گنجا، گبول، سرڪي، سرائي، سمهباڻي، رحمون، راس، ڏچر، رئيساڻي، ڪنناڻي، ڪانڙيا، ڪيچي، اٿئي مڪراني مڪر، ڏئاڪر، غافل، گولا، گلهيا، ٻارچ، ٻانها، ڪراڙ، ڪاسائي، سونهان سوداگر، ٻاول، ٻوچڙيا، داليا، داسڙا، حجام، هندو، ٿوري، ٿريا، ڪپري، ڪيريا، هورَ، ڀورا، خاناڻي، کڏاڻي، کڏيجا اٿئي کر،
مهاجرين، موريا، موڙيا، چنڊ، ڀـَـنڊ، چرل، چنا، چوهڙ،
ڏهيا، ڏهري، سنڌي، سماٽ، سنجراڻي، مالم، مڏا، موالي، دوراني در، ڄٽ، ڄاموٽ، مٽياري، جکڙ، جاداڻي، جندوهڙ،
جاڙيجا، بديڻ، بخاري، ڀنڀريا، ڪارياڻ، قاضي، قزاق گولي گجر، نائچ، نانوائي، ناگوري، نورنگاڻي، ٺاٺارا، ٺاراڻي، ڪسر، قنبراڻي، بشتي، بهليم، باطل، بحراڻي، ٻاليشاهي ٻيهر، لکيا، لڄور، لانگار، ڊڄو، ڳلهه، ڳنڀير،
ڏوسا، ڏهوئي، شرمند، هيڪاندڙا، ڌماچ، ڌونڪاڻي، جمالي،  جانوري، چاوڙا، چڍر،ٻاٻاڻا، ٻٻر، سيلاٽا، سنديلا، زرداري، زنگيجا، اڻند، اگهام، عقلاڻي، ڪاتر، ڪولاچي، ڪيهر، ڪوجها، عمراڻي، تنيا، وڪيا، ولهاري، گندرا، گينچا،گورچاڻي، چور، چنبڙ، چودري، باغي، بٺارا، برهماڻي، ٺوڳي، لوڀي، ٻڪرار، ملوڪ، مڇر، عيساڻي، علياڻي، اوطاقي، پـُـسيا، پٽ ڳاها، ڪونريجا، ڪلو، ڪامورا،
ڪـُـرڪلي، کرڙ، سپيا، سڌر، هل اڳتي راجپوت، رکڙا، راڄپر،
ڏڱر، ڏنگڻا، ڪاٺوڙ، بڊوڪا نـَـول، آگرا، لکي، لوڻيا، لڙهه،
سيٺيار، سنگراس، هوڪر، ڏوڪر، گشڪوري، ڪيئي مانجهي اٿئي مـِـسر، ميرچنداڻي، ڊيگها، ڏوڏا، ڏوم، ڏگا، ڀان، ڀيڏا، چاچڙ، چپٽ، چريا، ٻرند، ساهوال، سينهڙ،
سئينڊا، ساريجا، يزيد،ٺينگا،کٽياڻ، خاڪي، کٽاڍاڻي، اَٽا، آريسر، پوئاڻي، ٻوڙاڻي، لوهيارا، آٺور، چارا، حـُـر،
هليا، گانگلا، ٻيڏا، ٻليچا، ٻاٻڙا، ڇلگري، لٻاڻ، عباسي، ڄامڙ،
ڍاريجا، ٻهاريجا، لڪ، للهنگ، ٽڪا، ٽويا، ماسهي، سڪڻا، ساٿي، سونهارا سرور، جيڪي پيدا ڪيو پرور، انت نه اچي ان جو.

 

(7)

ساراهيان سچو ڌڻي، مالڪ آهي مختار،
پيدا ڪيائين پاڻيءَ منجهان، بندا بيشمار،
ڪنهن کي طاقت ناهه ڪا، سگهي ڪري شمار،
طاقت آهر پنهنجي  ڪيان الله توهار،
ذاتيون ڳڻجن پيون اتي، جيڪي آيون مجهه پچار،
پهرين ذات سچي سيد جي، سونهن ڀريو سردار،
ٻي ذات قريش جي، بيشڪ آهن قربدار،
ٽين ذات بلوچ جي، خلقي خلقڻهار،
لغاري، خشڪ، پتافي، ۽ لنڊ، لهار،
ڪلر، ڪيري، ڊول، ڊڳڙ، ڪوري ۽ ڪنڀار،
دايا، ٽوري، لنگها، لوري، توڙي پڻهيار،
اڇا، ڪارا، لانڊر، ڪيريا، بڙدي ۽ بوزدار،
ٻٻر، ٺڪر، مـَـلڪ، ماڪا، منگتا، مڱڻهار،
دستي، ڌوٻي، کتري، موچي، مري ۽ مزار،
سامٽيا، وڪيا، هي ڪانڌڙا، جويا ۽ جروار،
صابن، سـَـؤ ڊگن منجهو، راڄڙ ۽ ريڍار،
گبول، گڏاڻ، عالماڻي، پٺاڻ ۽ پهنوار،
ڏهر، جهـُـلڻ، لکاڻي، بوهڙ، چاچڙ ۽ چلواڙ،
گوپانگ، ٽانوري، وساڻ، جمالي، دٻگر ۽ تڙتار،
ڌنڌو، رهڙ، ٽـِـهلي، ڪاسائي، لانگاهه ۽ لشار،
چانڊيا، ويسر، ٻاليشاهي، ٻرڙا ۽ ٻرار،
ماڇي، شر، ڀيا، ڪوڀر، ڀٽي ۽ ڀـُـٽار،
جنجهه، سميجا، اوڏ، لٻاڻا، ملاڻا ۽ ميهار،
مڱريا، مهاڻا، منگسي، مانگهرا، سانجهن ۽ سالار،
دلا، مرڻاس، شيخ، چهواڻ، بهڻ، توهه، سونار،
آهيڙي، ڀوڳڙي، جوڳي ۽ مينگهواڙ،
مستوئي، جتوئي،سيال،کوکر، ڪلهوڙا ۽ ڪوپار،
رڏ، رند، ڪريجا، جلباڻي ۽ ڍيڍار،
ورياهه، بروهي، لاڙ، جوڻيجا، انڙ ۽ ليشار،
عمراڻي، هڏاڻي، ڪلوڙ، چارڻ ۽ پاتار،
چاچڙ، ڌڪڙ، ڪوش نه ڀونڪن، گهني ۽ گجرار،
بازيگر، ٿري، هوٿي، ٻانڀڻ ۽ بوزدار،
بگٽي، ڪـَـٽا، کرل، کوسا، آرائين ۽ دُمدار،
تهر، مهر، ميمڻ، مـِـسر، ملان ۽ مينگهواڙ،
روحل، رونگها، سنهندڻا، گولا ۽ ريٻار،
پپڙ، زِهه، هالا، خواجا، درزي ۽ نجار،
سڌوجا، نائچ، پارپيا، ڳچل ۽ سيٺار،
انڍڙ، چيڍڙ، لاٽڪي، راجپوت ۽ کيبار،
ڪوش ڪٽاڻا، دروڙ، دريش، لاهه ۽ بنگوار،
هوڙ، هانڀي، مڱدا، ماڙها، گرگيز ۽ گکوار،
ڪسر، ڏونگر، ناهيان اوڍاڻا، پهوڙ ۽ ڍڍار،
چوڏا، واسيا، پـُـسيا، چوهڙا، ڪاڃو، ٽالپرار،
هاڻي بخشيندو بخشڻهار، لطف سان ”لغاري“ چئي.

 

رات

1. رات (راتين جا نالا): ننڍي، وڏي، اونداهي، گرم، سرد، قدر، چوڏهين، يارهين.

2. رات جو: اَسور، فجر، پهر، سهائو، اوجاڳو، سنجهو.

3. رات جي: سانجهي، سمهاڻي، آڌي، پرهه ڦٽي، ڀيڄ ڀني، باک ڦٽي، سردي، پئسي پرک، اونداهه، سـِـڪ، لـِـڪ.


 


*  چيل لعلڻ خان لغاري جو. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص.

*  چيل لعلڻ خان لغاري جو سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيه ص؟

(2)  چيل اميدعلي لغاري جا، اميدعلي ولد ولي محمد لغاري ويٺل ڳوٺ جادو لغاري تعلقو ٽنڊو الهيار، سن 1328هه/1910ع ۾ ڄائو. سنڌي ست درجا پڙهيل آهي.

(3)  چيل ٻڍو ولد بيگو ذات مهراڻي، ڳوٺ الهرکيو پٺاڻ تعلقي ٽنڊي الهيار جو رهاڪو آهي.

4  چيل محمدخان پليجي جو.

5  چيل محمد سومار ولد راول ذات ميمڻ، اصل ويٺل سن جي آسپاس جو، ڳچ عرصي کان هالن نون ۾ رهي ٿو. اڻپڙهيل آهي. سندس گذر سفر ٻنيءَ ٻاري تي آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان عقيدت اٿس، 1969ع ۾ عمر اٽڪل پنجيتاليهه ورهيه هئي.

6  چيل ماڻڪ خان لغاري جو، ماڻڪ فقير ولد جادوخان ولد ماڻڪ ولد جادو خان ولد هيبت خان ولد جهان خان چانڊيو بلوچ پاڙو ميراڻي، ڳوٺ نبي بخش چانڊيو تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ جو ويٺل آهي، 1969ع ۾ عمر اٽڪل پنجهٺ ورهيه هئي.

(7)  هيءَ روايت اُتر (تعلقي شهدادڪوٽ) مان عبدالحق کان ملي. بيت ۾ شاعر جي نالي بدران لغاري ڪم آيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org