ماهتاب محبوب
لالڻ جي پوڙهي ڏاڏي، جنهن جا مٿيان ڏند ڀڄي پيا
هئا، هيٺيان چار ڏند کڳي وانگر ٻاهر نڪري آيا هئس،
چپ پوڙهي اٺ جيئان لڙڪي پيو هئس، نڪ جي چهنب ڍرڪي
اچي چپ سان لڳي هئس ۽ تنهن پاڻيءَ مان نڪتل سيسر
وانگر وڏو وات ڦاڙي منهن تي پلاند وجهي اوڇنگار
ڏني: ”لالڻ، تنهنجو ڪلهو به نصيب ڪونه ٿيو ابا سڄي
عمر آسرو ڪيم ته ڪلهو ڏينديم پر اڄ ڇڏيو ٿو وڃيم،
پيءُ پوڙهي کي رلايو پيو وڃين.“ لالڻ جي ماءُ سسڻس
جي ڀر ۾ ويٺي هئي تنهن پڻ وڏي اوڇنگار ڏيندي چيو،
”منهنجا ابا، مون کي ته وڏي اميد هئي ته توکي موڙ
ٻڌنديس، پر تو ڀيڻن کي ميندي به لائڻ ڪونه ڏني.“
”ڇوڪر منهنجي چيلهه ڀڃيو وڃين منهنجي اڇن تي ته
رحم ڪرين ها.“ لالڻ جي چاليهن ورهين جي ڪنواري
چاچي عطالو پنهنجي مٿي تي ڌڪ هڻندي چيو. ايتري ۾
ٻاهران هڪل ٿيس: ”عطا علي خان، هيڏي ٻاهر ته
اچجان.“
”ادا، اسانجون چيلهون ڀڳيون پيون آهن، اسانجا ڪهڙا
حال هوندا جو ٻاهر اچون. جنهن کي ساوڪ مڇن جي مس
ڦٽي سو ئي اسان جو نه رهيو.“
”ٻيلي هاڻي ڪلمو ڀريو، سنجها جو وقت آهي.“ يار
محمد خان ٻرڙي عرف ياروءَ در تان وراڻيو.
”ادا توهان کي ڪلمن جي لڳي آهي، هتي قلبن جا ڪتاب
ئي سڙيا جليا پيا آهن.“ عطالو رانڀاٽ ڪندي وراڻيس.
لالڻ جي پڦيءَ کي جا هيءَ دکدائڪ خبر پئي تنهن اچڻ
سان پاڻ کي تڏيءَ تي سٽيندي پار ڪڍيو، ”ابا وڻ وڍي
واٽون ڪريان، تنهنجي نيلي گهوڙي سڏئي بيٺي تون
ڪيڏي ڇڏيو پيو وڃين.“ ائين چوندي جهڙو وات
کوليائين ته مک اڏامي وڃي ڪاڪڙي ۾ اٽڪيس. زال جو
ساهه هيٺ ساهه مٿي. آت جو ٺڪاءُ پي پيس. سڀئي
پريشان ٿي ويا. مائيءَ جو ڪاڪڙو ئي ڇلجي پيو. ڪپڙو
کڻي وات ۾ وڌائين. اڌ ساڻي ٿي پئي. مس مس اها مک
پاڻيءَ جي ڍڪ سان هيٺ ٿي ته مائي سامت جو ساهه
کڻندي چيو، ”مائي زالون آهيو ڪير آهيو، اسين به
ڳوٺاڻيون آهيون ته به صفائي گهر ۾ اهڙي رکيو اچون
جو ڄڻ مک پئي ترڪي، ايتريون زالون ويٺيون آهيو ته
به گدلاڻي ايڏي جو مکيون ئي ڇتيون ڪري ڇڏيون اٿو.“
”پوءِ به ائين ڇو ٿي.“ ڀائٽيس جنت چيو، ”اسين ته
برابر اهڙيون آهيون پر تو وٽ ميڙ ته ڪانه موڪلي
سين جو اچڻ سان ويٺي آهين عيب ثواب ڪڍڻ.“
”آئي آهيان ته پنهنجي ابي جي گهر آئي آهيان ڪو
پڻهين علوءَ ڪونه ٺهرايو آهي.“
”ائي تون اسان جي پيءُ جو ٿي نالو وٺين!“ ٻي
ڀائٽيس زينوءَ چيو.
”ائي پڻهين ڪو ارباب اچي لٿو آهي ڇا، ڀاءُ منهنجو
آهي ڪجهه به چوانس توهان جو ڇا وڃي کمريون، نار
جون لوٽيون، اچڻ سان وٺي ويون آهيوم.“
”لوٽي اٿئي اها ماڻهين، جيڪا چار ڏند کنيو ويٺي
چمڪائي.“ زينو چيو.
”شال ڪاڪڙي ۾ مٽي پئيو ڏيڻون، منهنجي پچر ڇڏيو،
مون هٿ ٻڌا.“
”مُٺيون منهنجي ڌيءَ کي سهوئي ڪين ٿيون، ڪهڙي
اوهان جي ڳنر تي لت ڏني اٿس! ٻه گهڙيون ابي جي گهر
اچي ٿي ته ڏائڻ وارو ڏهڪاءُ ڏيو هنيون ئي روڙيو
ڇڏيوس، ڄڻ اکين جو ڪنڊو هجيو.“
”اجهو شروع ٿيو ڪينرو“ جنت ڀڻڪيو، ”ڏاڏي هاڻي بند
ڪر پنهنجو ڪينرو؟“
”گلي! ٿوم مان جعفران ٿي پئي آهين! آءٌ آهيان
ڪينرو؟“
هي روز جو ناناڻيون پلٽڻيون گهر ۾ ويٺيون اٿو اهي
بهشت جا ڳڙا اٿو؟ توهين مون کي ڪين سهنديون
ڇوريون، وڃي در در پنندس ته به مون کي ٽڪر پيو
الله ڏيندو.“
”ائي جنت ڏٺئي نه؟ نه وات ڪرين ها نه پنهنجا
ناناڻا ڪڍرائي ها.“ لالڻ ماءُ چيو. ”هن ڏاٺ مان ته
اسين ڦاٿا آهيون. پاڇا پير ڪا ڪُندري زبان کي
هڻيس. اسان جا ته پتا ئي ساڙي ڇڏيا اٿس.“
”اچي پٽنم ته چوانس.“ ننهڻس کي اڻ ٻڌو ڪندي وڏي
واڪ چيائين، ”ته ڇوريءَ کي شينهن ڪلهي چاڙهي
واترادي ٿي پيئي آهي. ماڻس اڳ ئي ڌاڻا ڌار ڪري
ڇڏيا ور هاڻي هيءَ اٿي آهي ٻانگون ڏيڻ.... پر هن
ڇوري کي به چئي ڇا ڪنديس...ڪهڙو سندس ڏوهه...
جيئرا چمڙا پيٽ ۾ پيا اٿس، چمڙن وانگر چهٽو پيو
اٿن... مارئي کي اهو پئسو ڪونهي جو ڏاٺون کڻي
ڀرائي، رڳو ڳانا موتي ۽ ڪنگڻ پايو ڄاڻي.“
”ائي اسين ته بڇڙيون آهيون، هاڻي ٻيو پٽ پرڻائي ته
اها ننهن اچي تخت تي ويهارينئي.“ لالڻ ماءُ چيس.
”ڪارو منهن تخت جو! توهان جي هٿ چڙهندي سو تخت مون
کي ملندو؟ تخت ته ٺهيو تختو نڪرندم، منهنجي کڻي
جند ڇڏيو.“
”ائي ڀاڄائي، ڇو ماءُ ڌيئون اچي هٿ ڌوئي منهنجي
مسڪين ماءُ جي پٺيان پيون آهيو. ويچاري اڳيئي
بيمار اڌ ماڻهو.“
”ادي ڪير چوي هن کي اڌ ماڻهو، هن کريبن جو کٽيو
کاڌو آهي سڄي عمر. ڏسي به ٿي ته اسين ميون پيون
آهيون پنهنجن سورن ۾!“
”ائي سو توهان کي سور آهن مون کي ڪونهن؟ آءٌ سڙي
جلي پئي آهيان، طاقت هجيو ته منهنجو اندر کولي
ڏسو، ڇرو هڻو ته رت جي ڦڙي ڪونهي. منهنجو به ته
جگر آهي جنهن ڪاڻ هي حال ٿيا اٿم. يادگيري ٿي پويم
ته دل ٽڪر ٽڪر ٿيو پويم. ٻارهين وڳي سوڌو راتين جو
لوليون ڏنيون مانس پر منهنجي ڪانه هلي، ڪانه هلي
هجت ٻاروچن تي....“
”امان روئاڙيم ته نه، اڳ ئي روئي روئي ماندا ٿيا
آهيون“ لالڻ جي پڦي پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو.
”ڇا آهي؟ ڇا آهي؟ خير ته آهي ڏاڏي.“
لالڻ ڪوٺڙيءَ ۾ گهڙندي پريشانيءَ مان پڇيو: ”ڪهڙا
خير هوندا، مري وئي ڏاڏهين! ڏاڏهين ۾ آهي باقي ڇا
رکيو، جيئرو لاش آهيان، سو پئي هلان. جيئري
اماڙيون ڏيئي ڇڏيئيم اکين ۾! اڃان ٿو پڇيم ته ڏاڏي
ڇا آهي؟ ننڊ جون گوريون وٺي ڏينم ته ڦڪي سنجهيئي
پنڌ پوان ته ڏٺا ڏنڀ نه ڏسان.“
”پر ٻڌايو ته ٿيو ڇا آهي؟“
”ائي وڃي پڇ ماڻهين کان منهنجي هلندي هلي ها ته
گهڻا ڏينهن اڳ هليم ها.“
”آئي کان دائيءَ کان مٺو ٿيو، آءٌ به ماءُ آهيان،
گهوڙا گهوڙا ڪري سڄو پاڙو کڻي مٿي تي کنيو اٿئي.“
”ائي سو ڪهڙن پاڙن ۾ مٺن مئي وئي آهيان جو تون مون
تي پئي هروڀرو ڪاوڙجين پنهنجي مڙس جي گهر ويٺي
آهيان ڪو تنهنجي مڙس ته ڪونه ٺهرايو.“
”چاچا عطالو ڀلا آهي ڇا؟ ڇا تان مانڌاڻ متو آهي؟“
”ابا ڪارو منهن ٿيو پيو اٿئون هاڻ ڪهڙي اوگهڙ
ڪريون.“
”چه! پر ڪهڙو ٻرو چڙهيو اٿو ٻڌايو ته سهي ته اهو
علاج ٿئي.“
”بس سمجهه کڻي ته مري ويا آهيون، مئلن جا ڪهڙا
علاج.“
”گهر آهي جيئرو جهنم آهي... گهڙيءَ جو به دل کي
آرام ڪونهي.“ لالڻ ڀڻڪيو، ”دل جي ڳالهه ڪريو کڻي
هروڀرو برباد ڇو ٿيون ڪريو، امان تون ئي کڻي
ٻڌاءِ، ڇا آهي؟“
”ڇا آهي! ويهه سال پاليو مانءِ، اڄ ڇڏيو ٿو وڃين
اسان کي، اسان جي اندر کان پڇيو اٿئي؟ ٽي ڏينهن ٿي
ويا آهن جو ڀيڻن وات ۾ گرانهن وڌو هوندو چاچهين کي
پيٽ ۾ ولوڙ بيهن ئي نٿا. اسان کي جي خبر هجي ها ته
اهڙو ڪامورو ٿيندي ته توکي پڙهايون ئي نه ها
پنهنجي جائي جئاري کايو گهر ۾ ويٺا هجون ها، پرديس
ته نه جهاڳن ها...“
”هاءِ پرديس! پکين ۽ پرديسين جا ڪهڙا مڙهه مقام.“
ڏاڏي ڇاتيءَ تي مڪ هڻندي چيو:
”ابا موڙ به مون کي ڪونه ڏيکاريئي....“ پڦيءَ چيو:
”اڙي مرڻ ٿو وڃان ڇا؟“
”اڙي ماريو ته مون کي ٿو وڃين، ڪنڌ ڀر ڪيرايو ٿو
وڃيم، مڻڪو ٿو ڀڃيو وڃين.“ ڏاڏيءَ واچوڙي جيان
وسندي چيو:
”ڏاڏي هاڻي ڇڏ گهه پي، اچي هي ٻه رپيا وٺ، وڃي ناس
ٻاس ڏجئين.“
”منهنجا سدان جڙيا، شال بچيم جيئنم! ابا تومان
سڀڪي ٿيندو، او ڪراچيءَ مان تکو تماڪ وٺي اچجئيم.“
”ادي جنت، بيگ تيار ڪري وٺ دير ٿي وئي آهي.“
”تيار ڪري ڇڏي اٿم ادا، ڪوپ، چمپل، ڏندڻ، ٽوال،
ڪپڙا سڀ وڌا اٿماس. خط پٽ لکندو رهجان سعيو ڪري.“
”پڙهائيندو ڪنهن کان؟“
”ادا، دڪان واري چاچا ڀائيءَ کان پڙهائينداسين،
کڻي ٻه آنا پڙهائي وٺندو سو ڪري ڏينداسين.“
”ادا، ادا.“ ستارو ٻاهران ڊوڙندو آيو. ”ٽانگو اچي
ويو.“
”چڱو هاڻي پرتو الله کي.“ لالڻ موڪلائيندي چيو.
”تتر آنا پٽ ۾ جنهن جو واهي الله، ابا پٺ ڏيئي
وڃين ٿو شال منهن ڏيئي ايندي.“ لالڻ ماءُ چيو.
”او الله سائين ائين رکندئي جيئن ٻليءَ جا ٻلونگڙا
نهائينءَ ۾ بچايا هئين.“ ڏاڏي چيو.
”رب جون رکون اٿئي ٻچا باقي چيلهه ڀڃيون پيو وڃين،
حال ڪونهيم ڪو.“
”چاچا مڙئي خير آهي، مڙئي خير آهي. موڪلن ۾ ايندس
پيو. ڪو پري ڪونه آهيان.“
”اي ابا بس ڪري ويهه! سٺ ڪوهه ڪي ٿورا آهن؟ اسان
جو ته هنيون ٿو ڏري.“
”دل وڏي ڪريو چاچا.“
”الله واهي ٻچڙا، الله واهي! جيڏي پير تيڏي خير،
پر ٿورو ترسين ها پڻهين به ڊيوٽيءَ تان ڄاڻ موٽيو،
موڪلايون وڃيس.“
”چاچا هاڻ بابي کي منهنجا پيرن تي هٿ چئجو ريل جو
ٽائيم ڀريو بيٺو آهي.“
”چڱو مولا مدد.“ چاچي اداسيءَ مان وراڻيو، لالڻ جو
ٽانگي تي ويهڻ ۽ سڀني زائفائن جو اوڇنگارون ڏئي
روئڻ.
”او ابا چيلهه ڀڃيو وڃي! اها نه ويل تنهنجي وڃڻ
جي.“ چاچي رانڀاٽ ڪئي.
”او جانب ادا گهاريون وجهو، ڦٽ چڪايو پيو وڃيم.“
جنت رڙ ڪئي.
”ڇوريون هاڻي ڪلمون ڀريو مون بيمار جو هيانءُ نه
ڦاڙيو.“ چاچي پاسي ۾ رکيل ڪونئري ۾ هٿ وجهندي
لوڙهي جو رخ رکيو.
”پوسٽ مين.“ ٽپاليءَ جو سريلو آواز دريءَ مان
گونجيو. |