مطلب ته پٻ جبل، پنهنجي مخصوص تمدني خواه تهذيبي
اعتبار کان انفراديت جو حامل آهي. تاريخي، تجارتي،
تخليقي، تسڪيني، تشڪيلي، توصيفي، تهليلي ۽ تيوري
حيثيت سانڍينديو اچي ٿو. ڪڏهن ته منجهس وڏو واپاري
چلتو عام رهيو ۽ سهانگائي به هئي. اڄ نه اُهي شان
شوڪت واريون بازاريون آهن ۽ نه وري اُنهن جو ڪو
اوج باقي آهي. جنهنڪري سواءِ اُهڃاڻن ۽ ڪتابي
ڳالهين جي ٻي ڪابه شيءِ ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي.
پٻ جبل جهنگلي جانورن جو به وٿاڻ آهي. هتي چيتا ۽
ڪارا رڇ به رهن ٿا. برساتيون به جام پون ٿيون،
جنهنڪري آباديءَ جا امڪان وڌندڙ آهن. سانوڻيءَ ۾
سنهي بوند تي پوکون تمام ڀليون پچن ٿيون. چوڌاري
ساوڪ ۽ سبزي اکين جو ٺار بڻجي ٿي. چوپايو مال ۽
خاص طور تي گوشت جي کوٽ جي پورائي لاءِ، پٻ،
ڪراچيءَ کي قدري بهتر ۽ ڪارائتو آهي.
چوندا آهن ته جبل جا ماڻهو، جبلن سان جند اڙائي،
پٿر دل بڻجي ويندا آهن، مگر هت ته قصو ئي ابتڙ
آهي، پوءِ جن جو پٻ پاسي وڃڻ ٿيو هوندو، اهي
يقيناَ سندن مهمان نوازي جي واکاڻ ڪندا هوندا.
ازانسواءِ اُنهن جي متانت، مجاز، مدبري، مزاج،
مشقت، مقام، ملائمت، مناسبت، منهنداري ۽ ميزان جا
ڀلي ڀت ڄاڻو هوندا. هو وقت جا يار آهن ۽ سڏ ۾ سڏ
ڏيڻ ۾ ذري برابر به ويرم نه ٿا وجهن. پوشاڪ ۽
خوراڪ بلڪل سادي اٿن. پر آئي وئي لاءِ وڏي دل رکن
ٿا. جيتوڻيڪ وٽن وڏا مڪتب يا مدرسا ڪونه آهن، پر
انهيءَ هوندي به ستيا جا صاحب ۽ علم جا اڪابر ڏسڻ
۾ ايندا آهن. سندن ڪچهريون تجربن جي تابع آهن. هو
آزمودن جا اڏول ۽ حقيقت پسند انسان آهن. هڪ ڀيرو
به جيڪڏهن وٽن ڪو مهمان بڻيو، ته سڄي ڄمار سندن
خدمت، خلوص ۽ ساٿ کي ساريندو رهندو.
پٻ سنڌ جي سونهن ۽ تاريخي عظمت جو چٽو اُهڃاڻ آهي.
ڇاڪاڻ ته الله لوڪن جو آستان، بلوچن جي لڙاين جو
بيان، سسئي پنهونءَ جو داستان، سڪندر اعظم جو
ٻليدان ۽ محمد بن قاسم جي ڪاهن جو غير فاني شان
سيني ۾ سانڍيون اچي ٿو. انهيءَ ڪري پٻ جبل اسان
سنڌين جي ثقافت جو آئينو ۽ آن آهي.
فاطمه ڀٽو جي ڪتاب
صحرا ۾ سرگوشيون تان ورتل
ڇانورو ڪندڙ شام جو سپنو
آءٌ سپنو ڏسان ٿي
ڇانورو ڪندڙ شام جو،
ڪجهه به نظر نه ايندو،
صرف خاڪو تنهنجو
منهنجو
جيئن رات
پنهنجين غمگين (اونداهين) ٻانهن ۾
اسان کي ويڙهي ٿي
آزاد پريشاني کان،
درد کان،
آءٌ ورتل آهيان
شام جي مضبوط جڪڙ ۾
حيرت آ
آءٌ توکي پنهنجي ويجهو
محسوس نه ٿي ڪري سگهان
ڇا تون واقعي
هتي آهين؟
يا ڇا هي صرف
آسمان جو طريقو آ،
مون کي منجهائڻ لاءِ؟ |
آئينو
مان دريءَ مان نظر وجهان ٿي
۽ ڏسان ٿي
هڪ ننڍڙي ڇوڪري
مون کي گهوري رهي آهي.
هن جو چهرو ڪومايل آهي
پريشاني کان
هن جون نماڻيون اکيون
روئڻ کان
مان چاهيان ٿي
هن ڏانهن هٿ ڦهلائي،
هن جي مدد ڪرڻ لاءِ
پر هوءَ دور آهي منهنجي پهچ کان،
ايترو پري
جيترو آڪاش ڌرتيءَ کان
مان ڪوشش ڪيان ٿي
هن سان ڳالهائڻ لاءِ
شيشي مان
پر هوءَ روڪي ٿي
منهنجو آواز
هوءَ ڪير آهي؟
اها ڇوڪري ڪير آهي –
ايتري غمگين
۽ اڪيلي؟
مان پنهنجون اکيون کوليان ٿي.
ڇا هي هڪ آئينو آهي
جيڪو مان ڏسان ٿي؟ |
پنهنجي ڇڄهري تي
پنهنجي ڇڄهري تي
رات جو
مان تولئه
جاڳي عبادت ڪيان ٿي
مان ستارن ڏانهن
نهاريان ٿي
۽ دعا گهران ٿي
آسمان جي همدردي
موڪلي ٿي
هڪ لڙڪ،
منهنجي چهري کي
ٿڦڪي ڏيڻ لاءِ،
آسمان جو قافلو
آڻي ٿو
هڪ ٻي خالي رات
توکانسواءِ
وڌيڪ قطرا مٿان کان
ڪرن ٿا
جيئن آسمان
روئي ٿو
مونسان.
ترجمو ڪندڙ:يامين منڱڻ
|
سعديه شمس ڪلوڙ
سوچون سرها گل
ڊائريءَ جو ورق
”اسين سڀ مٽيءَ مان ٺهيل آهيون، اسان سڀني کي
مٽيءَ ۾ وڃڻو آهي. مٽيءَ لاءِ هر ڪنهن انسان کي
مان آهي.“
دنيا عجيب آهي ڪو ڪنهن کي نٿو سهي، هر ڪو پنهنجي
لاءِ ٿو جيئي، ڪو ڪنهن جي ڪم ۾ شامل نٿو ٿئي، هر
ڪو پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهي، ڪو پنهنجي ٻارن ۾ ته ڪو
پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ مصروف آهي.
هڪ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي نه ٿو سهي، پر ڀيڻ اُن ڀاءُ
کي سهي ٿي ۽ ماءُ به وڌيڪ پٽ کي سمجهي ٿي. انڪري
اها ڀيڻ ڏکايل به آهي ته رُٺل به آهي.
انسان لاءِ صرف مرد هجڻ شرط ڪونهي، پر اصل انسانيت
اها آهي ته هر حالت ۾ ثابت قدم رهجي.
پنهنجو قدم وڌائيندو هل، ڇاڪاڻ پوئتي رهجي وڃڻ
وارن کي ڪو ڪنڌ ورائي به نه ڏسندو آهي، پوءِ اُهي
يا ته راهه ۾ رُلي ويندا آهن، يا وري ميسارجي
ويندا آهن.
شخصيت جي بلنديءَ لاءِ ڌن ۽ دولت ڪا معنيٰ نٿا
رکن، بلڪ ڪردار جي مضبوطي ۽ مستقل مزاجي وڏي ڳالهه
آهي.
عمرين جو فرق ڪنهن کي ننڍو يا وڏو ڪونه ٿو بڻائي،
اصل ۾ سوچ ۽ شعور ئي ڪنهن کي ننڍو ۽ وڏو بڻائي ٿو.
دنيا ۾ انسان جي اچڻ جو مقصد مال ميڙڻ ناهي. بلڪ
پاڻ ۾ ماڻهپو پيدا ڪري، انسانيت جو معراج ماڻڻو
آهي.
قلب سومرو
ائين به ٿيندو آهي
جڏهن به ايندي هئي ته گهر جو هر هڪ ڀاتي جيءَ ۾
جايون ڏيندو هوس. هُئي ته پري جي مائٽياڻي، پر هر
ڪنهن کي ويجهي هئي. اچي ٽي ڏينهن ٽڪڻ، پر اسان
هفتو پندرهن ڏينهن ٽڪڻ کان سواءِ ڇڏيونس ئي ڪونه.
ائين کڻي چئجي ته سڄي گهر جي فيوريٽ شخصيت هئي.
ساڻس پوري ڪُٽنب جي ايڏي ته محبت هئي، جو اڪثر کيس
سڪ مان سڏايو ويندو هو. اسان جي گهر جو ڪونه ڪو
مرد يا ڇوڪرو وڃي کيس وٺي ايندو هو.
عينڪ پاتل ٻاجهارين اکين ۾ زندگيءَ جي بي بها جوت،
چهري تي سدائين مُرڪ ۽ مهر جو سايو. مُنهن جي
ڇُنهاري جهڙن گهنجن مان سدائين شفقت ۽ ممتا جون
لاٽون پيون ٻرنديون هيون. توڙي جو هئي ڪراڙي
جُهور، پر دل سدائين جوان، خوش طبع، اخلاق ۽ عقل
جو نمونو. ڪراڙن سان ڪراڙي، جوانن سان جوان ۽ ٻارن
سان ٻار. هر ڪنهن کي پنهنجائپ ۽ پيار ڏئي پنهنجو
ڪرڻ واري، سندس آواز ۾ ميٺاج ۽ ڪوملتا جا سمايل
احساس، عمر نوي کان مٿي تڏهن به بغير ڪنهن سهاري
جي گُهمندڙ ڦرندڙ، بيماري بڙيءَ کان دور،
پرهيزگار، پردي واري ۽ نماز روزي جي پابند، ناني
ڪمالان پوري گهر جي ناني، جهڙو سندس نالو ڪمالان
اُهڙي ئي ڪمال جي شخصيت!
ائين ئي هڪ ڀيري چڱن ڏينهن ٽڪڻ کان پوءِ مون کي
چيائين، ”ابا وحيد، هن ڀيري مون کي ڳوٺ ڇڏڻ تون
هلجانءِ، ڪو ضرور ڪم ته ڪونه اٿئي نه؟“
”نه ناني ڪو اهڙو ضروري ڪم ته ڪونهي، پر تون ايڏو
جلدي ڳوٺ ڇو پئي وڃين.“
”بس ابا گهڻا ڏينهن ٽڪي آهيان، سو دل پئي چئي ته
هاڻي ڳوٺ وڃان.“
”چڱو ناني، تون نيرن پاڻي ڪري وٺ ته پوءِ هلون ٿا
ڳوٺ.“
ناني ڪمالان نيرن ڪري سڀني ڀاتين کان موڪلائڻ لڳي،
ڪنهن به کيس ڇڏڻ نه پئي چاهيو، پر، سڀني کي ٻيهر
اچڻ جو آسرو ڏئي، پنهنجو اڇو برقعو پائي گهران
نڪتي، مون سندس ڪپڙن واري ننڍڙي ڇلي کنئي.
بس اسٽاپ تي ڪجهه ئي دير ۾ هڪ سوزوڪي آئي، جنهن ۾
ناني ۽ آءٌ چڙهي ويٺاسين. سوزوڪيءَ ۾ هڪٻئي جي
آمهون سامهون ڇهن ڇهن ماڻهن جي گنجائش واريون ٻه
ڊگهيون سيٽون، جن تي هڪ پاسي مرد ته ٻئي پاسي
عورتون ويهن. اڳيان ڊرائيور سان ٻه ماڻهو ويهن ۽
رش جي صورت ۾ سوزوڪيءَ جي ڇت، جنهن کي سوزوڪيءَ جا
ڪنڊيڪٽر، بنگلون ڪوٺين، پٺيان واري ڦٽپيري ۽
سوزوڪيءَ جا پاسا به ماڻهن سان ڀرجيو وڃن. باقي
ڪرائو وٺندڙ ڪنڊيڪٽر جڏهن سواري گهٽ هجي ته اندر
ويهي، نه ته اڪثر سوزوڪيءَ جي جهنگلي ۾ لڙڪيو هلي.
ڪڏهن وري عورتن جي وڌي وڃڻ ڪري ٻنهي پاسي عورتن کي
ويهاريو وڃي ۽ مردن کي ٻاهر لڙڪڻو پوي.
اسان جي ڳوٺ کان ناني ڪمالان جي ڳوٺ تائين پهچڻ ۾
سوزوڪي کي 15 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪرڻ ۾ ويهه
منٽ يا اڌ ڪلاڪ لڳيو وڃي. وچ ۾ سوزوڪي جا ٻه ٽي
اسٽاپ اچيو وڃن. اهڙي ئي هڪ اسٽاپ تان ڪجهه عورتون
چڙهيون، جن جي ڪري اسان کي مردن واري سيٽ خالي
ڪرڻي پئي، ڇو جو عورتن جي سيٽ اڳواٽ ئي ڀريل هئي.
آءٌ به ٻين سان گڏ اندران نڪري ٻاهران جهنگلي ۾
اچي چنبڙيس ۽ نانيءَ جي ڇلي کڻي ڇت تي رکيم.
سوزوڪي هلندي رهي، مختلف اسٽاپن تي ماڻهن جو لهڻ ۽
چڙهڻ جاري رهيو. ڪنڊيڪٽر خبرداري سان ماڻهن کي
لاهيندو چاڙهيندو ڪرايو اوڳاڙيندو ”روڪي“ ۽ ”چلي“
جا آواز ڏيندو رهيو. ائين ئي هڪ اسٽاپ تي مردن
واري سيٽ خالي ٿي وئي ۽ آءٌ وري اندر وڃي ويٺس.
اندر ويهندي ئي آءٌ مونجهاري ۾ پئجي ويس. اهو
جاچيندي ته مون واري ناني ڪمالان ڪهڙي آهي! ڇو جو
هوبهوناني ڪمالان جي روپ سان ٻه عورتون هڪٻئي جي
ڀر ۾ ويٺيون هيون. ٻنهي کي ساڳيو ئي اڇو برقعو،
برقعي منجهان ظاهر ٿيندڙ هٿن ۽ پيرن جو رنگ ۽ گهنج
به ساڳيا. ايتري تائين جو پيرن ۾ پاتل جتيون به
ساڳيون. انهن ئي ويچارن ۾ هئس ته ناني ڪمالان جو
ڳوٺ به اچي ويو.
اُن شهر نما وڏي ڳوٺ جي ٻن اسٽاپن منجهان پهرين تي
مون کي لهڻو هو ۽ ان اطمينان سان ڇلي کڻي لهي پيس
ته ناني به مونکي ڏسي منهنجي ڪَڍ لهي پوندي، ڇو جو
ناني اڪثر انهيءَ اسٽاپ تان لهندي چڙهندي هئي. ٿيو
به ائين ناني به لهي آئي. آءٌ ڳوٺ ۾ ويندڙ اُن وڏي
گهٽيءَ سان هلڻ لڳس، جنهن منجهان ٿورو اڳڀرو به
ننڍيون گهٽيون ٿي نڪتيون. هڪ اوڀر طرف ته ٻي اولهه
طرف ٿي وئي. ناني ڪمالان به پٺيان اچڻ لڳي. اسان
کي اولهه طرف واري گهٽيءَ سان وڃڻو هو ۽ انهيءَ
موڙ تي منهنجو اطمينان شڪ ۾ بدلجي ويو، جو ناني
اوڀر طرف وڃڻ لڳي. ”ناني ڪمالان ايڏانهن ڪيڏانهن
تنهنجو گهر ته هن پاسي آهي.“ برقعو مٿي ڪري
چيائين، ”ابا ڀُليو ته ناهين، مان ته تنهنجي ناني
ڪمالان ناهيان“ ڇو جو منهنجي پٺيان ايندڙ منهنجي
ڪمالان نه بلڪ ڪا ٻي عورت هئي ۽ مان خوش ٿيس ته
پٺيان ناني ڪمالان پئي اچي.
بس پوءِ ته بنا دير ڊوڙ لڳايم ڳوٺ جي اسٽاپ طرف ۽
اندازو هئم ته، اتي سوزوڪي بيٺي هوندي، ڇو جو اُهو
ڳوٺ جو وڏو اسٽاپ آهي. واقعي سوزوڪي اڃا بيٺي هئي
۽ جنهن مان ڪمالان ان وقت لهي رهي هئي. ”ادا سنڀال
پنهنجي ڪراڙيءَ کي ڪاڏي وئين هئين.“ مون کي ڊوڙندي
ايندو ڏسي ڪنڊيڪٽر چيو.
”ناني ڪمالان اڳيان لٿينءَ ڇو نه؟“ مون پڇيو ته
چيائين، ”اڙي ابا ڳوٺ اچي ويو اها خبر ته هتي اچي
پئي.“
”ناني ڀلا مون کي لهندي ڪونه ڏٺئي ڇا؟“ پڇيومانس.
ته چيائين، ”ابا توکي لهندي ڏٺم ته سهي پر سمجهيم
ته ڇت تي چڙهي ويهندو، بس ان طرح رهجي ويس.“
”چڱو ناني ڪمالان هل ته هاڻي گهر هلون.“ ۽ آخر وڃي
کيس پهچايم سندس گهر. |