سوال:
توهان جي تنظيم ٺهڻ سان ڳوٺ تي ڪو خاص اثر پيو؟
جواب:
ها، بلڪل اثر پيو آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ صرف اسان
عورتن جي تنظيم هئي، ان کان پوءِ مردن جي تنظيم
ٺهرائي. سال کان پوءِ مختلف پاڙن ۾ پنج مردن جون ۽
ٻه عورتن جون تنظيمون ٺهيون آهن. ان کان علاوه
مردن جو ڇهن تنظيمن تي مشتمل ”ڳوٺاڻو ترقياتي
ادارو وڊيو“ پڻ ٺهيو آهي. جنهن ۾ اسان عورتون اڃان
شامل ڪونه ٿيون آهن. هي ڇهه تنظيمون ڳوٺ ۾ موجود
سازدا اداري پاران مليل ”ٽيوب ويل“ (جيڪو هن وقت
خراب آهي) تي ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ ٿرديپ اسان
سان سهڪار ڪري پيئي. هن ٽيوب ويل ٺهرائڻ جو مقصد
گڏيل آهي ۽ گڏجي مقصد حاصل ڪرڻ سان ٻڌي پيدا ٿئي
ٿي، ان ڪري سڀئي چاهيون ٿا ته ٽيوب ويل ٺهي وڃي ۽
گهر گهر واٽر ڪنيڪشن لڳي وڃي جيئن پاڻي جهڙي اهم
مسئلي کان اسان عورتن جي جان ڇٽي پوي. ان کانپوءِ
اسان ڳوٺ اندر اسپتال کولرائڻ جو ارادو رکون ٿا.
سوال:
ملوڪان، هي ته هيون تنظيم ۽ ڳوٺ جون ڳالهيون، هاڻ
ٻڌاءِ اوهان پاڻ ۾ ڀائر ۽ ڀيڻون ڪيترا آهيو؟
جواب:
اسين پنج ڀينرون ۽ ٽي ڀائر آهيون، انهن ۾ آئون
ٽيون نمبر آهيان. وڏي ڀيڻ پنج درجا پاس آهي، هڪ اڻ
پڙهيل آهي، مون کان ننڍي ڀيڻ نائين ڪلاس ۾ پڙهي
ٿي. هڪ ڀيڻ پرائمري ۾ پڙهي ٿي. وڏو ڀاءُ پنج ڪلاس
پاس آهي، ان کان ننڍو ڀاءُ مئٽرڪ پاس آهي ۽ ٽيون
نمبر ستين ڪلاس ۾ پڙهي ٿو. هڪ ڀاڄائي ميٽرڪ پاس
آهي، ان کي به نوڪري ڪرائڻ جو ارادو آهي.
سوال:
اوهان کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ڪي مسئلا ٿيا؟
جواب:
آئون هميشه سکيا تي يا ڊيوٽيءَ تي پنهنجي بابا يا
امان سان گڏ ويندي آهيان، ڪجهه ماڻهو الائي ڇا جو
ڇا چوندا آهن، پر اسين ڪن ڪونه ٿا ڏيون، پيا چون،
ڪيستائين چوندا نيٺ ته ٿڪبا.
سوال:
هن وقت اوهان جي ڳوٺ جي تعليم ڪيئن آهي – ڪيتريون
ڇوڪريون پڙهيل آهن يا پڙهن پيون؟
جواب:
اسان جي ڳوٺ ۾ پنج ڇوڪريون ميٽرڪ پاس آهن. وڌيڪ نه
پڙهائڻ جا ٻه ٽي سبب آهن. هڪ ته مهانگائي وڌي ويئي
آهي، ماڻهو پيٽ تائين پورا آهن، ٻيو ڇوڪرين ۾ شوق
ناهي رهيو، ٽيون ڳوٺ ۾ انگريزي اسڪول ڪونهي ۽ خاص
سبب والدين ۾ شوق ڪونهي. جيڪي ڇوڪرين کي شهر وٺي
وڃن ۽ تعليم ڏيارين ان مسئلي هوندي ڇوڪريون ڇا
ٿيون ڪري سگهن.
سوال:
توهان جا اڳتي لاءِ ڪهڙا ارادا آهن؟
جواب:
آئون پري ميڊيڪل ۾ وڌيڪ پڙهڻ چاهيان ٿي. جيڪڏهن ان
۾ نه پڙهي سگهيس ته پوءِ ماستري ڪنديس.
سوال:
ڪا صلاح پڙهندڙن لاءِ؟
جواب:
”سوچ ويچار کانپوءِ“ مائٽن کي گهرجي ته اولاد کي
خاص ڪري نياڻين کي تعليم ڏيارين ۽ هر قسم جو هنر
به سيکارين.
مهرالنساءِ جويو
آپا نيلوفر سان گهاريل گهڙيون
رمضان جي ڀلاري مهيني جي چوويهين تاريخ بمطابق 13
جنوري 1999ع تي منهنجي ڀاءُ اچي ٻڌايو ته آپا
نيلوفر جويو هن جهان کي الوداع چئي، هميشه لاءِ
پنهنجي خالق ۽ مالڪ سان وڃي ملي آهي!“ اعتبار ئي
نه اچي. جنهن سان گڏ منهنجو شاندار ننڍپڻ گذريو
هجي، هڪ گهر ۾، بلڪ هڪ ئي ڪمري ۾، گڏ رهنديون
هيونسين، هوءَ مون کي تمام گهڻو پيار ڪندي هئي. پر
اڄ، هن جي اوچتي موت جو ٻڌي، مان سُن ٿي ويس ۽ هن
جو چهرو منهنجي اکين جي اڳيان ڦرندي، انيڪ سوال
ڪندو رهيو، پنهنجي ماضيءَ جي باري ۾، ۽ مان...!
آپا
نيلوفر جويو رڳو هڪ استاد ۽ ليکڪ نه هئي پر هُن جي
دل ۾ دُکي انسان لاءِ درد سمايل هو پنهنجي ڌرتي ۽
ڌرتي ڄاين نياڻين جي حق ۽ سک لاءِ ڏينهن رات
سوچيندي هئي.
ها اِها نيلوفر، جنهن سان منهنجو روحاني ۽ رت جو
رشتو هو. هُن جو بابا سنڌ جو عظيم دانشور محمد
ابراهيم جويو منهنجو مامو آهي، منهنجي ماءُ جو سڳو
ڀاءُ. مطلب ته هن سان منهنجي ماءُ جي لِڇ ڳنڍيل
آهي، ماءُ جيڪا رحمت ۽ ٻاجهه جو نالو آهي. اِها
ڀيڻ نيلو، جڏهن کان اچي ڄامشوري ۾ پنهنجو گهر
ورتائين ۽ پنهنجي ٻارن سان ڄامشوري جي پُرفضا
ماحول ۾ سيٽل ٿي، تڏهن کان هن سان منهنجون ميل
ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. پر افسوس صد افسوس
جو هن جي لاڏاڻي وقت مون کي هن جو منهن به ڏسڻ
نصيب نه ٿيو، ڇو جو منهنجي ڪُک مان ”ننڍڙيءَ صبا“
جنم ورتو هو... اها ئي وڏي مجبوري هئي، جنهن مون
کي نيلوءَ جو قرضي ڪري ڇڏيو.
هن سان ملاقات ۾ اڪثر زندگي، ادب، تعليم ۽ ماڻهوءَ
جي مستقبل تي بحث ٿيندو هو. زندگيءَ جي سوال تي
هوءَ ڏکايل هوندي هئي. هن سان گفتگو ڪندي، آءٌ
محسوس ڪندي هيس ته هن جي دل ۾ ڪونه ڪو ڏک يا ڪا
وڏي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي، سا رهيل آهي، ۽
الائي ڇو، اُن کي ظاهر به نه ٿي ڪري سگهي. ها، هڪ
دفعي شام جو مان هن جي گهر ويس، اُن شام تي هن سان
خوب ڪچهري ٿي. هن جي مڙس، ادا مٺوءَ سندس ٻارن ۽
سندس نُنهن افشان سان. مطلب ته سڀني گهر وارن سان
ڳالهه ٻولهه ٿي. اُن وچ ۾ سڄو وقت هيءَ الائي ڇو
خاموش رهي، پر پوءِ جڏهن نيلو سان ڳالهائڻ ويٺس ته
وقت جي ڪا ڪل ئي ڪانه پئي ته ڪو رات ٿي وئي آهي.
ايتري ۾ منهنجو پٽ عرفان علي مون کي وٺڻ لاءِ آيو.
ڪهڙي خبر ته اها اسان جي ملاقات آخري هوندي.
آپا نيلوفر جويو رڳو هڪ استاد ۽ ليکڪ نه هئي پر
هُن جي دل ۾ دُکي انسان لاءِ درد سمايل هو پنهنجي
ڌرتي ۽ ڌرتي ڄاين نياڻين جي حق ۽ سک لاءِ ڏينهن
رات سوچيندي هئي. ان ڳالهه جو هن لوڪ گيت مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو جيڪو هو اڪثر جهونگاريندي
رهندي هئي.
ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙيون ڌيئر امان....
گوڏي تي سمهاري ڏنئي لولي امان....
هن کان مون گهڻو ڪجهه سکيو جيڪڏهن مان ان کي
پنهنجو استاد چوان ته به صحيح آهي، جڏهن ته هن مون
کي هميشه پنهنجي ننڍي ڀيڻ سمجهي ڪري سيکاريو ۽
پيار ڏنو. مون کي اڄ به ياد آهي ته گلابي ربن
منهنجي وارن ۾ وجهي هوءَ مون کي گهمائڻ لاءِ
پنهنجي سهيلين جي گهر وٺي وئي اتي وڃڻ کان پوءِ
هنن پڇا ڪئي ته هيءَ بيبي ڪير آهي؟ هن کلي جواب ۾
چيو ته ”منهنجي ڀيڻ آهي.“ انهن وري پڇيو ته اڳ ۾
ته اها ڀيڻ ڪانه هئي ۽ نه وري توهان ڪڏهن ٻڌايو ته
ڪا ننڍڙي ڀيڻ به آهي، گهڻي زور ڀرڻ کان پوءِ سچي
ڪيائين ته منهنجي پڦيءَ جي ڌيءَ آهي.
نيلوفر کي وومين ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ نئين
نوڪري ملي هئي ته اتي ٿورن ڏينهن کان پوءِ هڪ
فنڪشن ٿيڻو هو ۽ جنهن ۾ هن سان گڏ مون به شرڪت
ڪئي. تنهن وقت ۾ مان ننڍي ٻار هيس ۽ شهر جي فنڪشن
جي صحيح ڄاڻ نه هئي ته اهي ڇا ۽ ڪيئن ٿيندا آهن.
بهرحال مون سان نيلوفر ڀيڻ ساٿ ۾ هئي پوءِ گهٻرائڻ
ڇا جو ۽ ائين اسين وڃي هال ۾ ويٺيونسين. اسان جي
سامهون هڪ وڏي اسٽيج هئي. اجهوڪي پڙدو کليو ۽
سامهون اسٽيج تي ”عمر مارئي“ جو ڊرامو شروع ٿي
ويو، پاڻ منهنجي ڀر ۾ ويٺي هئي ۽ مون کي عمر
مارئيءَ جي تاريخي قصي متعلق سمجهائيندي رهي، اها
ڪهاڻي منهنجي ذهن تي اڃا به ائين نقش ڪيو بيٺي
آهي، جيئن نيلو سمجهايو هو. ماما وٽ رهڻ سان نيلو
ئي منهنجي بهترين دوست ۽ وڏي ڀيڻ هئي. هن سان ئي
گڏ گهمڻ ٿيندو هو پوءِ ڪڏهن جيجي زرينه بلوچ جي
گهر وڃي ڪچهريون ڪنديون هيونسين، گيت ٻڌنديون
هيونسين يا وري ڪڏهن گهمڻ لاءِ مائٽن وٽ ڄامشوري
اينديون هيونسين. هڪ دفعي ته سڀئي گهروارا ڀٽ شاهه
تي وياسين ان رات نيلو سان گهمڻ ۽ ڪچهريءَ ۾ ڏاڍو
مزو آيو، وڏا بحث ٿيا، گيت ڳاتاسين ۽ خوب
گهمياسين. واپس ورڻ مهل اسان سان سٺيون يادون ۽
مستقبل جا وڏا خواب ساڻ هئا.
مان هن سان گڏ تمام ٿورو عرصو رهيس، پر کانئس گهڻو
ڪجهه، حاصل ڪيم ۽ پرايم، پر هي هڪ اٽل حقيقت آهي،
اسان کي وقت ايڏو پري ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻ اسان جو
ملڻ ناممڪن آهي، بس رڳو هاڻ مون وٽ هن جون يادون
بچيون آهن.
تنهنجي يادن کي ڇاهي، ڀوڳيون يار اسان ٿا،
ننڊ ته ويندا کسي سپنن کي ڇاهي،
ڀوڳيون يار اسان ٿا.
الله بخش نظاماڻي
لولي ۽ ڪوڏاڻا
لولي هڪ خاص قسم جو دهقاني دعائيه شعر، گويا
دعائيه لفظن جو مجموعو آهي، جا اڪثر ڪري ماءُ
پنهنجي ٻار کي پينگهي ۾ لوڏي يا گوڏي تي سمهاري،
ننڊ ڪرائڻ لاءِ، مٺڙيءَ زبان ۾، ميٺاج سان
آلاپيندي آهي يا ڀيڻ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي، انهيءَ
نموني سان لوڏيندي ۽ لولي ڏيندي آهي.
هنديءَ ۾ لوليءَ کي ”لوري“ چوندا آهن، ممڪن آهي ته
”لولي“، ”لوري“ لفظ مان نڪتو هجي، جيئن سنڌيءَ ۾
چوندا آهن ته فلاڻي کي ته پنهنجي سڪ واري لاءِ
”لوري“ لڳل آهي.
سنڌ ۾ ڪاڇي ۽ ڪوهستان طرف پنهنجي سڪ واري انهيءَ
محبوب دوست جي ياد ۾ لولي ڳائيندا آهن، جنهن جي
هنن کي رات ڏينهن لوري ۽ جهوري لڳل هوندي آهي.
لولي، ته تُڪو شعر آهي، جنهن جي پٺيان وراڻي ايندي
آهي:
”لولي! لولي! لولي! توکي چوان لولي.“
لوليءَ جا هڪ ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا، جن مان معلوم
ٿيندو ته هي شعر به پيار، محبت ۽ ميٺاج وارو آهي.
1.
وڻن جو ٻور، مارو ٿيم ڏور،
وڌيو دل جو سور، لولي لولي لولي-
توکي چوان لولي.....!
2.
لولي لولي لولي، مان آهيان تنهنجي گولي،
جهلي اٿم جهولي، لولي لولي لولي –
توکي چوان لولي....!
ڪوڏاڻو
”ڪوڏاڻو“ پڻ هڪ لوليءَ جو قسم ۽ دعائيه شعر آهي،
جو مائرون پنهنجن ننڍڙن ٻارن لاءِ ڪوڏ مان چونديون
آهن ۽ انهن کي دعائون ڏينديون آهن. ڪوڏاڻا، سنڌي
عورتن جي ايجاد آهن. انهن جا مضمون دعائيه هوندا
آهن، جيئن هيٺ ڏنل مثال مان معلوم ٿيندو:
ابو جُڳ جيئي، شال وڌي وڏو ٿيئي،
وڳو وٺي جيجل کي ميهڙ منجهان ڏي.
(سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ تان ورتل)
لاڙيچو ڀرت
نور محمد سمون
ڪُرهِ ارض تي نظر ڪجي ته دنيا جي هر ملڪ جي جدا
جدا حصن ۾ رهڻي ڪهڻي، موسمي حالات، معدنيات،
نباتات، حيوانات ۽ کائڻ پيئڻ جا طور طريقا، لباس،
تعميرات، زبان ۽ فن جا رنگ ڍنگ هڪ ٻئي کان مختلف
ڏسڻ ۾ ايندا. ذرائع آمد و رفت ۽ ٻين مواصلاتي
ذريعن جي تيزي سبب دنيا جا مختلف ملڪ جيڪي ڪجهه
وقت اڳي هڪ ٻئي کان دور سمجهيا ويندا هئا. سي اڄ
بلڪل قريب نظر اچي رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي تي پنهنجي
ثقافت سان مختلف طريقن سان اثرانداز ٿيڻ لڳا آهن ۽
سنڌ به ان اثر کان آجي نه رهي آهي.
مشيني دور هٿ جي هنر ۽ پورهئي کي گهٽائڻ ۾ وڏو
ڪردار ادا ڪيو آهي تاهم ڪي ڪم اهڙا آهن جي مشينن
جي يلغار جي باوجود پنهنجي اصليت ۾ پسنديده سمجهيا
وڃن ٿا. اهڙي طرح هٿ جي هنر، ڀرت، جي مقابلي ۾
مشينون آنديون ويون ۽ جديديت جي نالي سان ڀرت پيش
ڪيو پيو وڃي. مگر اها حقيقت آهي ته جيڪا نزاڪت،
جيڪا باريڪي ۽ رنگن جو جيڪو سٽاءُ هٿ جي ڀرت ۾
آهي، انهيءَ جي دز کي به مشين جو ڀرت پهچي نه
سگهيو آهي.
جيتوڻيڪ نون قدرن ۽ طور طريقن، پراڻن قدرن جي جاءِ
والارڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي، تنهن هوندي به اسان
جي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اسان جون سگهڙ سٻاجهڙيون انهي
قديم فن کي سيني سان سانڍيون پيون اچن. سنڌ جي
شهريت تي جديديت جي عنصر غالب هئڻ سبب انهي قديم
فن جي قدر ۽ منزلت بلڪل ختم ٿي چڪي هئي، پر هن وقت
شهرن ۾ انهي فن لاءِ قدري احساس پيدا ٿيو آهي ۽
جيئن جيئن ماڻهن ۾ پسنديدگي ۽ چاهه وڌندو ٿو وڃي،
تيئن تيئن هن قديم فن جون راهون کلنديون پيون وڃن.
دراصل اسانجي هن قديم فن لاءِ جيڪا مقبوليت آمريڪا
۽ انگلينڊ ۾ آهي، سا اسان جي سنڌ کان گهڻو وڌيڪ
آهي. ڪجهه خانگي ادارا هتان ڀرت جا نمونا انهن
ملڪن ڏانهن موڪلين ٿا جتي انهن جي تقاضا ۾ ڏينهون
ڏينهن اضافو ٿيندو ٿو رهي. اگر هن فن کي حڪومت جي
سرپرستي حاصل ٿي وڃي ته اسانجي هن قديم فن سان
زرمبادله به ڪمائي سگهبو ۽ پنهنجي فن کي دنيا جي
ملڪن ۾ روشناس به ڪرائي سگهبو.
سنڌ جي گهرو هنرن مان ڀرت جي هنر کي چڱي اهميت
حاصل آهي، هن ڪم لاءِ اڪثر ڪري سئي ۽ سٽ ڌاڳي جي
ضرورت پوندي آهي. سنڌ جي سدا حيات شاعر، شاعرن جي
سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي سئي جي پورهئي ۽ ان جي
گڻن جي پنهنجي ڪتاب ۾ هن طرح ساراهه ڪئي آهي:
”پاڇائي نپاڙيان، سرتيون سئي ساڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.“
اسان جي سونهاري سنڌ طبعي لحاظ کان (1) سرو، (2)
وچولو، (3) لاڙ، (4) ڪوهستان ۽ ريگستان حصن ۾
ورهايل آهي. انهن حصن ۾ رهندڙ ماڻهو اسان جا ئي
ڀائر آهن، ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ساڳي پوشاڪ
ڍڪيندڙ آهن، ليڪن ٿورو گهڻو فرق ڳالهائڻ، پوشاڪ ۽
رسم و رواج ۾ ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي
جو اتر جو ڀرت لاڙيچي ڀرت کان ڪجهه مختلف آهي ۽
لاڙيچي ڀرت کان ٿري ڀرت ذرا بدليل آهي. ڪوهستان ۽
ٿري ڀرت ۾ ڪو خاص فرق نه آهي، صرف ڪن انگن جي
ڦيرڦار آهي ۽ انهن علائقن ۾ ڪپڙي جي وهٽ ۽ ڪپڙي جو
رنگ برابر بدليل آهي. جنهنڪري انهي تي ڀرت ڀرڻ سان
مختلف ڏيکائي ڏئي ٿو.
اچو ته هڪ نظر مارئي جي ملڪ ملير واري ڀرت تي
ڌريون، ڏسون ته اتي ڪهڙو ڀرت ڀري پنهنواريون پائن
ٿيون. اسان خصوصاَ هڪ مارئي کي پڙهون ۽ ڳايون ٿا،
ليڪن انهي ۾ ڪوبه مبالغو نه ٿيندو ته ٿر جي هر هڪ
عورت مارئي آهي. سندن پوشاڪ ڪنجرو ڪنجري گج، ٻٽ،
لوئي، بدڻين وارو آڏي ڳچي سان چولو، اهي مارئيون
پنهنجن هٿن سان سبي ڀرت ڀري پائينديون آهن، انهيءَ
کان علاوه کٿي تي ڀرت، ملير تي ڀرت، اُٺن جا گوڏ
گوڏيا، ڳانيون، اندريون، پڙها، پڙهي جون گاديون،
اُٺن جون جهلون، سهڻي نموني ڀرينديون آهن. سندن
انهي ٿري ڀرت ۾ هيٺين نالن وارن ڀرت جو سٽاءُ
ڪنديون آهن. ٿري ڀرت ڪچي ريشم ۽ پڪي پٽ سان ڀريو
ويندو آهي ۽ ان ڀرت ۾ ٽونئر ٽڪ ۽ ڪچ ڪوڏين جو تمام
گهڻو رواج آهي.
لاڙيچو ڀرت چند گلن جي ويٽ ۽ ڪپڙي جي رنگ بدلائڻ
سان تيار ڪيو وڃي ٿو. لاڙيچي ڀرت ۾ هي موتي ڀريا
ويندا آهن: ڦلڙي، نهرڻ، کارڪ، صوف، حاڪم، ناڙو،
جوڙ، اڇي ڦل جو لاڙو، پيٽ جا دالا، پوپٽ، ڀنڀوري،
پچڙو، ڪاڳڙو، پڪي جي آنڪ، ڪچي جو دالو، ڪونجڙي،
ڪلا ڪوٽ، ناريلو، دلپسند، نڙچهانو، کڻي، چوکڻي،
ڪچي جي سڙهه، پڪي جي سڙهه، ٿري ۽ لاڙيچي ڀرت ۾ گلن
جي ڦيرگهير ڪپڙي جي وهٽ ۽ ڪپڙي جو رنگ بدليل هوندو
آهي. انهي ڪري ڀرت جو ڏيکاءُ به بدليل نظر اچي ٿو.
ٿري ۽ ڪوهستان جي ڀرت ۾ ڪو فرق نه آهي. جيڪڏهن آهي
ته رنگن جي سٽاءُ، ڪپڙي جي وهٽ ۽ ڪپڙي جا رنگ ئي
وچ ۾ حائل آهن.
انهيءَ کان علاوه سنڌ جو پراڻو ڀرت ڪرمچي آهي، جو
هن وقت پراڻي ۽ نئين ڊزائين ۾ تيار ٿئي ٿو. قديم
هرمچي جي ڀرت ۾ گلن جا هيٺيان قسم استعمال ڪيا
ويندا آهن. پيٽ ڦلي، ڦلڙو، اڌ ڪوٽ، سڄو ڪوٽ، رپئي
ٽڪ، چئوٻاريڙو، پتاشو، بولو، پيٽ ڦاٽي، پکيئڙو،
ٻاريڙو، مسخرو، داڻس چونڪڙي، سورمون، تن، کيل، سر،
کانگڻ، چونڪڙي، ٻڍو ٻاريڙو، اڌ نالي.
شاباش آهي انهن نماڻين کي جو ڪنهن حوصلي افزائي نه
هئڻ جي باوجود به اهي فن کي زندهه رکيون پيون اچن.
لائق فخر آهن اُهي هٿ جيڪي اهي دلڪش ۽ دلدار نقش
چٽين ٿا. محترم آهن اُهي نيڻ جيڪي پنهنجو نور
نچوئي هٿن جي معاونت ڪن ٿا. الله پاڪ اهڙن مبارڪ
هٿن ۽ اهڙن نظر نواز نيڻن کي دائم ۽ قائم رکي.
(آمين)
(سنڌ جا هنر تان ورتل)
رسول بخش پليجو
عورت جي ذلت، انسان ذات جي ذلت
عورت جي غلامي رڳو عورت جي غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت
ناهي، هڪ حد کان پوءِ اها عورت توڙي مرد ٻنهي جي
غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت آهي، اها هر غلام ماءُ جي
پٽ، هر غلام ڀيڻ جي ڀاءُ، هر غلام محبوبه جي عاشق،
هر غلام زال جي مڙس ۽ هر غلام ڌيءَ جي پيءُ جي
غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت آهي. ان غلاميءَ جي خلاف
مقدس جدوجهد ۾ رڳو عورت جي نه پر مرد توڙي عورت
سموري عوام، سموري انسان ذات جي نجات آهي.
سرمايه داري، انسان ذات جي ان ازلي غلامي، بدنصيبي
۽ ذلت کي کرڙي، ڌوئي، ڌرتي کي ان کان پاڪ ڪرڻ جي
جدوجهد ڪرڻ بدران ان جي جدوجهد کي روڪي ۽ ٽارپيڊو
ڪري ٿي. ڇو ته اها ڌرتي ڌوڏيندڙ جدوجهد جيڪا اڌ
انسانيت جي جدوجهد ٿيندي، جيڪا دنيا جي هر پٽ جي
ماءُ، هر پيءُ جي ڌيءُ، هر ڀاءُ جي ڀيڻ، هر عاشق
جي محبوبه ۽ هر مڙس جي زال جي جدوجهد ٿيندي، سا
جيڪڏهن واقعي صحيح نموني هلي ته اها هن زمين کي،
ان جي تاريخ، ان جي ڦورو، ظالم، جنگجو، ڌاڙيل،
رهزن ۽ قاتل سماجن ۽ نظامن کي زير زبر ڪري ڇڏيندي.
دنيا جون مائون، ڌيئون، ڀيڻون، محبوبائون ۽ زالون
سجاڳ ٿي اٿي کڙيون ٿين ۽ پاڻ ۾ توڙي ٻين انسان
دوستن سان ٻڌي ڪري، منظم مٿي، هڪ عالمي طاقت بنجي
وڃن، ته ڇا هو موت جي سوداگرن کي عام تباهيءَ جا
هٿيار تيار ڪرڻ ڏينديون؟ جنگيون ڪرڻ ڏينديون؟
پنهنجا پٽ، پيءُ، ڀائر، محبوب ۽ مڙس سرمايه دارن
جي ٽجوڙين ڀرڻ لاءِ ڪهائڻ ڏينديون؟ موت ۽ تباهيءَ
کي ڌرتيءَ جي تقدير بنجڻ ڏينديون؟ هرگز نه!
عورت جا ڌرتيءَ وانگر هر نيڪيءَ، قوت ۽ خير جو
سرچشمو آهي، جيڪا زندگيءَ جي خالق ۽ ان جي محافظ
آهي، جيڪا هن ڌرتيءَ جي تقدير لاءِ مرد کان وڌيڪ
ذميوار آهي، ان کي فقط جنس جو مجسمو بنائبو. ان جي
فقط جنسي محرومي، مظلوميت جي ڳالهه ڪبي، سا به
ڪوشش ڪري، گندي، بيهودي، بڇان ڏياريندڙ نموني.
سندس زندگيءَ ۽ سندس مقدر جي مسئلن کي فقط جنس
تائين محدود رکبو. جنسي مسئلو زبردست ۽ بنيادي
جمهوري مسئلو آهي، ان جي صحيح نموني ڳالهه به
لازمي ٿيڻ کپي ۽ زبردست نموني ٿيڻ گهرجي. پر اهو
عورت جو اڪيلو مسئلو ۽ فقط عورت جو مسئلو ته
ڪونهي. اهو ٻين کان الڳ ته ڪونهي. ان کي اڪيلي سر
ٻين کان ڌار حل ته نٿو ڪري سگهجي. جيستائين
قبائلي، سردار ۽ جاگيرداري نظام قائم آهي سرمايه
داري ۽ سامراجي نظام قائم آهي، جيستائين انهن جي
سماجي، اقتصادي، ثقافتي، نظرياتي ۽ سياسي نوٽڻ
قائم آهي ۽ جيستائين سمورا عوام سندن مهاڄار ۾ قيد
۽ بي وس آهن، تيستائين ٻئي عوام وانگر عورت به
هڪڙي غلاميءَ جي ڄار يعني جاگيرداري رسمن رواجن جي
ڄار مان نڪرندي ته سرمايه داري ۽ سو به زوال پرست
سرمايه داريءَ جي ڄار ۾ ڦاسندي. هوءَ مجموعي طرح
هر حال ۾ غلام رهندي.
جڏهن عورتن ۽ مردن جي ڪوشش ۽ ويڙهه سان اهڙو نظام
قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڀ عورتون اقتصادي طرح
پنهنجي پيرن تي بيٺل هونديون، ڪنهن جون محتاج نه
هونديون، ڪنهن جي کيسن ڦلورڻ، ڪنهن جي خوشامد ڪرڻ
لاءِ مجبور نه هونديون، اٽي لٽي، گهر ۽ آبروءَ
لاءِ ڪنهن جون محتاج نه هونديون، جڏهن هو مردن سان
ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڌرتيءَ جون وارث ۽ مالڪ بنبيون،
تڏهن ئي غلامي ختم ٿيندي، نه رڳو عورت جي پر سموري
عوام جي، سموري انسانيت جي.
جيڪو ادب عورت کي رڳو هڪ جنس طور پيش ڪري ٿو ۽
سندس مسئلو فقط جنسي مسئلي تائين محدود رکي ٿو سو
دوست جي ويس ۾ عورت جو دشمن ادب آهي. اهو
جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو ڇاڙتو ادب آهي.
(رسول بخش پليجي جي ڪتاب سنڌي ذات هنجن تان کنيل)
|