ايڊيٽوريل
ڊاڪٽر تنوير عباسي جو وڇوڙو!
ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،
ٻور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين.
شاعر قومن جون تقديرون بدلائيندا آهن، شاهه ۽ سچل
جو پارکو ۽ سنڌ جو عظيم مورخ تنوير عباسي به انهن
شاعرن مان هڪ آهي. تنوير عباسي پنهنجي شاعري ۽
شخصيت جي ذريعي سوين مداح پيدا ڪيا. سندس اوچتي
وڇوڙي ڪري، اسان هڪ عجب ماجرا ۾ مبتلا آهيون؛ نه
اکين مان لڙڪ لاڙي ٿا سگهون، نه سڏڪو ڀري هانءُ
هلڪو ڪري ٿا سگهون، ڇو ته تنوير جي جدائي جو ازالو
لڙڪن ۽ سڏڪن سان ڪري نٿو سگهجي. جڏهن تنوير جي هن
شعر تي نظر ٿي پوي ته هانءُ هڄيو ٿو پوي:
پر ٿي مليو هو پيالو ليڪن چپ تي آڻي ڪين سگهياسين
هڪڙي حياتي حاصل ٿي هئي سا ڀي ماڻي ڪين سگهياسين.
سندس ئي شعر آهي ته:
تون جي چپ ٿي وئين تنوير ته ڪوبه نه شعر ٻڌائيندو،
دل وارن جي دردوندن جي محفل ڪير مچائيندو.
جسماني طور تنوير اسان وٽ موجود نه آهي، پر سندس
شاعري هميشه اسان جي دلين تي چٽيل رهندي، ڇو ته
تنوير جو شعر محبت جو پيغام آهي. تنوير جو شعر ڪوڙ
۽ نفرت لاءِ للڪار آهي، تنوير جو شعر سچ جو پيغام
آهي.
جهوني جڳ جي ريت مٽي
نفرت گهٽجي پريت وڌي
اڄ ڪا اهڙي هام هڻو
نينهن جو نعرو عام هڻو،
کليو کلايو جام کڻو.
اڪبر جسڪاڻي جو لاڏاڻو!
ٻارڙن جو پسنديده ليکڪ ۽ رسالي گل ڦل جي ايڊيٽر
ڀاءُ اڪبر جسڪاڻيءَ جو جنم 1 سيپٽمبر 1958ع ۾ جوهي
ضلعي دادو ۾ ٿيو، پاڻ سڄي زندگي علم ۽ ادب خاص ڪري
ٻاراڻي ادب جي وڏي خدمت ڪيائين. هي قول ۽ فعل جو
پڪو انسان سڀ ڪنهن جو خير خواهه رهيو، ڪڏهن به
ڪنهن کي هو اهنج نه رسايائين. هي سادي شخصيت جو
ڏيک ڏيندڙ انسان پنهنجي اندر ۾ تمام سچو ۽ کرو
هوندو هو. هر ڪنهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو،
ڪنهن سان ڪابه ناانصافي ٿيندي ڏسي نه سگهندو هو.
سندس ادب لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رهنديون.
- گلبدن
ڪجهه تنوير عباسيءَ جي باري ۾
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نورنبي آهي، سندس
جنم 7 ڊسمبر 1934ع ۾ ڳوٺ سوڀي ديري، ضلعي
خيرپورميرس ۾، گل حسن عباسي جي گهر ۾ ٿيو. مئٽرڪ
اين-جي-وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر سائنس ڊي
– جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي.
بي. ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان 1960ع ۾
پاس ڪيائين.
تنوير عباسي بنيادي طور تي شاعر هو ۽ سندس شمار
سنڌيءَ جي اوچ ڪوٽيءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت
تائين سندس شاعريءَ جا پنج مجموعا – رڳون ٿيون
رباب (1958)، شعر (1970)، سج تريءَ هيٺان (1977) ۽
هيءَ ڌرتي (1985) ۾ شايع ٿيل آهن، جي يڪجا ڪري
سنڌالاجي پاران ”تنوير چئي“ نالي ڪتاب ۾ شايع ڪيا
ويا.
تنوير جو پنجون شعري مجموعو ”ساجن سونهن سُرت“
1996ع ۾ پڌرو ٿيو.
شاعريءَ کان سواءِ نثر جي مختلف صنفن ۾ پڻ قلم
آزمائي ڪئي اٿس. سندس چونڊ ۽ ترتيب تي ٻڌل ”ٻاراڻا
ٻول“ (1973)، ”جديد سنڌي شاعري“ (1981)، تحقيق ۽
کوجنائن تي ٻڌل ”شاهه لطيف جي شاعري“ جلد پهريون
(1976)، ”شاهه لطيف جي شاعري“ جلد ٻيون (1985) ۽
”شاهه لطيف جي شاعري“ (جلد ٽيون (جلد پهرئين ۽ ٻئي
سان گڏ ڇپيل – 1989)، ”نانڪ يوسف جو ڪلام“ (1982)،
”خير محمد هيسباڻي جو ڪلام“ (1983)، پرڏيهه جي سفر
تي ٻڌل سفرنامو – ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ (1984)، هڪ
ويٽنامي ناول جو ترجمو – ”جي ماريا نه موت“ (1973)
جي ڇاپي کان پوءِ هيل تائين ٽي وڌيڪ ڇاپا ڇپيل)؛
سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي
”سرمست“ جا ويهارو کن جلد سهيڙيل (1980ع کان
لاڳيتو)؛ ۽ مضمونن، خاڪن، يادگيرين، انٽرويو ۽
دبئي جي سفرنامي جو مجموعو ”ترورا“ (1988)
کانسواءِ ادب ۽ ڪلچر جي مختلف مضموعن تي سو کان
وڌيڪ مقالا ڇپيل آهن. سندس خاڪن جو ڪتاب ”منهن تني
مشعل“ پڻ شايع ٿيل آهي. ان طرح پاڻ شاهه جي رسالي
جي 1275 هجريءَ واري قلمي نسخي تي تحقيقي ڪم ڪري
رهيو هو.
تنوير عباسي ادبي دنيا ۾ هڪ دلعزيز شخصيت هو. پاڻ
ڪيترن ئي ادبي ۽ ڪلچرل جماعتن سان لاڳاپيل رهيو
هو. سنڌي ادبي بورڊ، سچل چيئر، شاهه عبداللطيف
ڪلچرل ڪميٽي ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻين
ڪيترن ئي ادارن جو ميمبر رهيو، کيس سندس شاعريءَ
تي ڪيترائي ادبي انعام پڻ ملي چڪا آهن. جن مان
1991ع ۾ مليل صدارتي ايوارڊ ”تمغئه امتياز“ نمايان
آهي.
تنوير عباسيءَ کي چار ٻار آهن، روبي (ڌيءُ)، پارس
(ڌيءُ)، مارئي (ڌيءُ) ۽ سرمد (پٽ).
تنوير عباسي
گيت
منهنجي اک کُلي پئي آهي
سارو ڳوٺ ڳهر جي ويو آ،
ساري خلق سُتي پئي آ،
منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.
ٻيو ڪو جاڳي يا نه تڏهن ڀي، منهنجي اک کُلي پئي
آهي،
منهنجي اک کُلي پئي آهي.
ملڪ سمورو، ماٺو پاڻي، ۽ منهنجو مَن لهرون لوڏا،
ڏيئا وسائي، سڀ سمهي پيا، منهنجي لاٽ ٻري پئي آهي،
منهنجي اک کُلي پئي آهي.
هر کڙڪي تي دل ٿي ڌڙڪي، هر آواز تي ڪن لايان ٿو،
توڙي اڪيلو ڏيئو آهيان، پوءِ به جوت جلي پئي آهي،
منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.
لاڳيتي اوجاڳي کان اکڙين ۾ آيون ڳاڙهيون ڏوريون،
رنگ شفق جو ڄڻ نکري ويو، ڄڻ ڪا باک ڦُٽي پئي آهي،
منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.
هاڻي ساز کڻان مان ڳايان، ڳهريل ڳوٺ جي ننڊ
ڦٽايان،
جئن مان پاڻ ٿو ڳايان تئن ئي ساري جڳ کي مان
جاڳايان.
منهنجي ننڊ ڦِٽي پئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي هيءَ پهرين شاعره آهي، جنهن
باقاعده لکيو ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ وڏي مڃتا ماڻي.
سندس شاعريءَ جو مجموعو ”رس ۾ رسڻ گهوريو“ وڏي
عرصي تائين ياد رکيو ويندو. سندس جنم 18- آگسٽ
1936ع تي شڪارپور شهر ۾ ٿيو. پاڻ نثر ۾ به تمام
گهڻو لکيو اٿائين.
مون کي ياد آهي، جن ڏينهن ۾ طرحي مشاعره ٿيندا
هئا، ۽ ريڊئي ٻڌڻ جو به چاهه هوندو هو، خاص ڪري
جڏهن بابا (شهيد احمد خان آصف مصراڻي) جو پروگرام
ريڊيو تان اچڻو هوندو هو ته سڀئي گهر جا ڀاتي
ريڊئي کي ڪن ڏيو ويٺا انتظار ڪندا هئاسين. انهن
مشاعرن ۾ هڪ محترمه جو آواز به شامل هوندو هو. هڪ
دفعي بابا کان ان محترمه جي باري ۾ پڇيو هيم، بابا
سندس نالو ڏاڍي احترام سان وٺندي سندس بابت ٻڌايو
هو. انڪري منهنجي دل ۾ ساڻس ملڻ جو اشتياق پيدا
ٿيو، پر مون ڪڏهن به پنهنجي ان خواهش جو بابا سان
ذڪر نه ڪيو نه ته شايد ساڻس ملڻ ٿي پوي ها!
وقت جي ڦرندڙ ڪانٽي سان گڏ انسان جون سوچون، خيال
۽ خواهشون به تبديل ٿينديون ٿيون رهن. اهڙيءَ طرح
وقت جي فاصلي ساڻس ملڻ جو خيال به ذهن تان ميساري
ڇڏيو. توڙي جو ادبي سرگرمين سان وابستگي رهي، پر
ملڻ جو اتفاق نه ٿيو.
1990ع ۾ جڏهن مون ”سرتيون“ مئگزين جي ذميواري
سنڀالي ته اديبن، اديبائن سان رابطي ۾ آيس. اهڙي
نموني سندس گهر جو پتو ۽ فون نمبر مليو، جنهن
منهنجي اندر جي اجهايل آس کي ٻيهر بيدار ڪيو. مون
سندس گهر جو فون نمبر ڊائل ڪيو. سندس گهر جي ڪنهن
ڀاتي فون کنيو، جنهن کي مون ساڻس ڳالهائڻ لاءِ
چيو، تنهن مون کان پهرين نالو پڇيو ۽ پوءِ ساڻس
ڳالهرايو، پريان ڏاڍو مٺو ۽ سٺو آواز، پر ڏکايل
انداز ۾ ”تون ادي احمد خان آصف جي ڌيءَ آهين نه؟“
”جي ها.“ اوچتو سندس واتان بابا جو نالو ٻڌي
منهنجو آواز پڻ ڏکارو ٿي ويو.
”امان، ادي کي دشمنن ماري اسان جي ٻوليءَ جي جهولي
خالي ڪري ڇڏي آهي، علم ادب جو وڏو نقصان ڪيو آهي.
تنهنجو پيءُ عظيم انسان هو. امان تون منهنجي
ڀائيٽي آهين. امان اوهان سان وڏو ڪيس ٿيو آهي. ڀلا
ادي سان گڏ جيڪي ٻه نياڻيون شهيد ٿيون اهي تنهنجون
سڳيون ڀينرون هيون؟“
جنريشن گيپ کي ڪيئن ختم ڪجي؟ مون پڇيو، ”جنريشن
گيپ پوڙهن ذهنن جي پيدا ڪيل آهي، ان ۾ نوجوانن جو
ڪوبه قصور ناهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي جو سينئرس
جونيئرس جي اصلاح ڪري هڪ اهڙو مضبوط نسل ڇڏين،
”جي ها.“ مون ڏکاري آواز ۾ چيو.
هن جنهن احساس ۽ همدرديءَ سان بابا ۽ منهنجي ڀيڻين
جي قتل جي واقعي کي دهرايو، تنهن سچ پچ مون کي
روئاڙي ڇڏيو.
وري پڇيائين، ”امان تون ڄامشورو ۾ رهين ٿي نه؟“
”جي ها.“
”امان منهنجي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي، ٿوري به هلڻ جهڙي
ٿيس ته تو وٽ ضرور اينديس.“
”اوهين مون وٽ اينديون ته مون کي ڏاڍي خوشي
ٿيندي.“ مون چيو.
”ڀلا تون ئي کڻي مون وٽ اچ!“ ڏاڍي پيار مان
چيائين.
”جي ها ضرور اينديس.“ مون وراڻيو.
”امان تنهنجي پيءُ جو اسان سان ڏاڍو سٺو ساٿ رهيو
آهي، تون مون کي پنهنجي سڳي پڦي سمجهه.“
ائين مون سان ڪيتريون ئي مٺيون مٺيون ڳالهيون
ڪيائين. آخر ۾ مون کيس مواد موڪلڻ جي گذارش ڪئي.
وقت گذرندي ويرم نٿي لڳي. لمحا، ڪلام، ڏينهن،
هفتا، مهينا ۽ سال گذري ويا، پر ٻيهر ساڻس روبرو
يا فون تي ملاقات ٿي نه سگهي. سيپٽمبر 1995ع ۾
”سرتيون“ مئگزين پاران سيمينار ڪرڻ جو سوچيوسين
پئي ته منهنجي ذهن تي سندس نالو اتري آيو. جنهنجو
ذڪر مون جاويد سان ڪيو ۽ جاويد مون کي ساڻس ملائڻ
وٺي هليو. اهو ڏينهن سيپٽمبر 1995ع هو، سندس گهر
ڳولڻ ۾ ٿوري دير لڳي. جاويد ٻاهر گاڏيءَ ۾ ويهي
انتظار ڪيو ۽ مان ساڻس ملڻ ويس. مان سندس گهر اندر
داخل ٿيس ته سامهون هڪ عورت تي نظر پيئي. جنهن کان
سندس پڇيم، هوءَ مون کي هڪ ڪمري ۾ ويهاري کيس سڏڻ
ويئي. ٿوري دير ۾ هڪ عمر رسيده ۽ هيڻي عورت تمام
سادي لباس ۾ مون ڏانهن وڌي، ٿورو ذهن تي زور ڏيڻ
کان پوءِ (ڇو ته منهنجي ذهن ۾ سندس شخصيت لاءِ
جيڪو خاڪو ٺهيو هو، سو هڪ زندگيءَ سان ڀرپور نظر
ايندڙ شاعريءَ جهڙو ردم ۽ سونهن رکندڙ عورت جو
هو.) هڪدم اٿي وڏيءَ سڪ منجهان ساڻس مليس ۽ پاڻ به
اهڙي ئي حب سان ملي.
مون ساڻس پنهنجو تعارف ڪرايو، منهنجو نالو ٻڌي،
مون کي ٻيهر ڀاڪر پاتائين. ان وقت ائين محسوس ٿيو
ته اسين پهريون دفعو نه، پر ڪيئي دفعا اڳ به ڪٿي
ملي چڪيون آهن. مون کان گهر، ور ۽ ٻارڙن جو
پڇيائين ۽ مون سندس صحت جي ضعيفي بابت پڇيو ته وڏي
اطمينان سان چيائين، ”امان مون کي ڪئنسر جي بيماري
ٿي پيئي آهي.“
لفظ ”ڪئنسر“ ٻڌي منهنجي مٿان ڄڻ وڄ ڪري پيئي. لفظ
نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. نيٺ پاڻ تي ضبط ڪندي چيم، مان
اوهان کي فنڪشن ۾ اچڻ جي دعوت ڏيڻ آئي آهيان ۽ ڪي
ڳالهيون به اوهان سان ڪرڻيون اٿم.“
ڏاڍي پيار سان چيائين، ”دل ته چويم ٿي ته اوهان جي
فنڪشن ۾ اچان، پر ايتري همت ڪانه ٿي ساري سگهان.“
سڀاڻي ڪراچي پيئي وڃان جو علاج اتان ڪرائيندي
آهيان، باقي آئون ڪراچيءَ کان واپس اچي توکي فون
ڪنديس، پوءِ تون اچجانءِ ته مان توکي پنهنجي فوٽن
جا البم به ڏيکارينديس ۽ مسودا به.“
مون ان وقت سوچيو ته ”وري ڪير ملي ڪنهن سان،“ ڇو
جو سندس صحت مان صاف ظاهر هو ته پاڻ وڌيڪ زنده رهي
نه سگهندي. مون کانئس پڇي ورتو:
”اوهان جو ٻيو ڪو ڪتاب ڇپائي جي صورت ۾ اچي نه
سگهيو آهي، ڇو؟“
چيائين ته نظم ۽ نثر ۾ ڪيترائي مسودا تيار پيا
آهن، پر ڇپرائي نه سگهي آهيان. هاڻي ته اهڙي
بيماريءَ ۾ مبتلا آهيان جو گهڻو عرصو زندهه رهي نه
سگهنديس. باقي اها ذميواري مون ڊاڪٽر منصور کي
سونپي آهي، اهو چاهي ته منهنجا ڪتاب ڇپرائي سگهي
ٿو، ۽ منهنجي هڪ ڀائٽي کي به علم ۽ ادب سان چاهه
آهي، ٿي سگهي ٿو، ڪجهه ڪتاب اهو ڇپرائي. ادا نصير
مرزا جو ڏاڍن سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪندي چيائين ته الاهي
عرصو ٿيو آهي اهو به ملڻ ڪونه آيو آهي. سوچيان پئي
ته ڪجهه لکڻيون ان جي حوالي به ڪريان!
جڏهن اوهين هن فيلڊ ۾ آيون ته هڪ خاتون هجڻ جي
ناتي ٻين اديبن ۽ شاعرن جو اوهان سان رويو ڪيئن
رهيو؟ مون کانئس پڇيو، چپن تي هلڪي مرڪ آڻيندي
چيائين، آئون ان کي پنهنجي زندگيءَ جو
Golden Period
چونديس، ڇو جو مون کي سينئر، همعصرن ۽ پڙهندڙن
وٽان تمام گهڻو ”مان“ مليو، نه صرف سنڌي پڙهندڙن
منهنجو قدر ڪيو، پر اردو، فارسي ۽ انگريزي لکڻين
تي به مون کي ماڻهن وٽان سٺي موٽ ملي. مون کي هڪ
شاعره ۽ اديبا جي حيثيت حاصل ڪئي، ان ڪري آئون
يقين سان چئي سگهان ٿي ته مون کي جيڪا به عزت ۽
شهرت ملي، سا منهنجين لکڻين جي ڪري، باقي عورت هجڻ
جي ناتي ٺلهي واه واه! ڪانه ٿي.
اوهان پنهنجي وقت ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهيا؟ چيائين:
”لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين،
سوئي پڙهيو سو پڙهان، سوئي سو حرف.“
(قاضي قاضن)
اوهان وٽ پيار يا پرينءَ جي ڪهڙي فلاسافي آهي؟
پاڻ وڏي گهرائي مان هي شعر پڙهيائين:
ڇڏيان هي جهان، هو پڻ گهوري گهوريان،
پلڪ پريان ساڻ، جي مون سري جيڏيون.
(خواجه محمد زمان)
هينئر جيڪو ادب سرجي پيو ان بابت اوهان جي ڪهڙي
راءِ آهي؟ پاڻ چيائين:
آئون سمجهان ٿي ته اڄ جو نسل سجاڳ آهي، لکڻ پڙهڻ ۾
اڳڀرو آهي، پر ان جي اصلاح ڪانه ٿي ٿئي، سکيا ڪانه
ٿي ٿئي، سينئرس انهن کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن،
نتيجي ۾ نئون نسل کين رجيڪٽ ڪري رهيو آهي. جنريشن
گيپ اچي ويئي آهي.
ڀلا جنريشن گيپ کي ڪيئن ختم ڪجي؟ مون پڇيو،
”جنريشن گيپ پوڙهن ذهنن جي پيدا ڪيل آهي، ان ۾
نوجوانن جو ڪوبه قصور ناهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي جو
سينئرس جونيئرس جي اصلاح ڪري هڪ اهڙو مضبوط نسل
ڇڏين، جيڪو سندن پڄاڻان کين سمجهي ۽ ياد ڪري.
اوهان زندگيءَ کي ڪيئن گذاريو يا هينئر ڪيئن ٿيون
محسوس ڪيو؟
مون زندگيءَ جو گهڻو حصو لکڻ ۽ مطالعي ڪرڻ ۾ صرف
ڪيو، پر مان سمجهان ٿي ته مون زندگيءَ کي ڀرپور
نموني گذاريو. مون زندگيءَ جون سڀئي منزلون وصل
کان وڇوڙي تائين، سچايل ماڻڻ کان بي وفاين پائڻ
تائين، ڪاميابي کان ناڪامين تائين سٺي نموني طئي
ڪيون. اهو ئي سبب آهي جو آئون ههڙيءَ بيماريءَ ۾
مبتلا هوندي به پرسڪون آهيان. مون وٽ ڪو پڇتاءُ
ڪونهي! |