سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 3-4/ 1999ع

مضمون --

صفحو :10

لالڻ جي ڏاڏي، ننڍڙن پوٽن ۽ پوٽين جي ولر سوڌو در طرف ڊوڙ پاتي. ولر جي ونگن ۾ وچڙجي ابتي ٿي وڃي ٿلهي تان ڪري پئي ٻه ڏند ڀڄي پيس. ٻه زخمي ٿيس. رت ٺينڍيون ٿي وهڻ لڳو. ”مئن جي پٺيان رلي مئي آهيان، ڇلي ٻار ڄڻي پاڻ سکي ويٺي آهي، پري ٿيو ته هڻانو نه منهن وارا بجا چونڪ چنڊا!“ پوڙهيءَ پٽ تان ڏند کڻي تريءَ تي رکي گهوريندي چيو.

”ائي ڇو پئي پٽين؟“

”تنهنجي ٻارن ته هي ظلم ڪيو.“ ڀڳل ڏند تري تي رکي ڏانهنس وڌائيندي چيائين. ”باقي ٻه ڏند منهنجي ڏهڻ جا يا ڪهڻ جا، هاڻي اهي به جنبوري ڪڻي ڇڪي تون ئي ڪڍيم. من هيانءُ ٺرئي. سور ئي منهنجي ڏندن جو هيو، سڄو ڏينهن طعنا ڏينديون هيون ڏندن جا ته چار ڏند! گهر واريون ته ٺهيو، اوڙي پاڙي واري جيڪا رسندي هئي ته چئن ڏندن جو طعنو، ڄڻ آءٌ ڪا ڀڄي آئي هئس. هاڻ ”ڇٽي لولي ڪتڻ کان، ڪڏڻ لڳس ٻار“

”پر تون هروڀرو ٻارن سان ٻار ڇو ٿئين.“

”بس اها ته دانگي مليم!“

”امان مون کي ڏي ته آءٌ ڏسان ادي جو خط“ جنت جهپٽو هڻي خط ماءُ کان ڦريو ۽ عربي جا ٻه ٽي اکر حبڪي پڙهڻ لڳي، ”لکيو اٿس، السلام عليڪم رحمت الله و برڪات دائم قائم!“

”مائي ڏسو ته ڇوڪر هاڻ قرآنن ۾ ٿو ڳالهائي!“ ڏاڏي عجب مان چيو، ”اسين ته علم کان انڌا لوڪ سمجهي نٿا سگهون ڇا لکيو اٿس! الائجي ڪنهن رحمت الله وٽ وڃي رهيو آهي يا انهن جي پٽن دائم ۽ قائم سان گڏجي ٿو پڙهڻ وڃي... الائجي اهي ڪير آهن... سڏيو ڪنهن علماءُ کي يا چاچا ڀائيءَ ڪري ته اچي خط پڙهي ڏي.“

چاچا ڀائي، چاچا ڀائي! هلي خط پڙهي ڏي“ لالڻ جي ڀاءُ لاڏ ڪندي چيو.

”ڇورا آءٌ ڪو پڻهين جو منشي آهيان جو ويٺو خط پڙهندس. هل هاڻي هل!“ چاچا ڀائيءَ جي رهڙ کان ڇورو ڇرڪي وٺي گهر ڀڳو.

”امان خط نٿو اچي پڙهي ڏي.“

”ابا وڃي ڌوڙ پائي سگهرو مئو.“

”ائي مون کي ڏيو ته آءٌ قلندر جي چوهي کان پڙهائي اچان.“ ڏاڏيءَ چيو.

ڏاڏي لمڪا ڏيندي چوهي جي گهر رخ ڪيائين.

”امان ڪٿي آهي ڇوڪرو؟“ ڏاڏيءَ چوهي جي ماءُ کان پڇيو.

”اهو ته ڊيوٽي تي ويو آهي. هڪ بجي ايندو.“

”ڪارو اٿس منهن، نيرا اٿس پير!“ ڏاڏي دل ئي دل ۾ قلندر جي چوهي تي قلندر جي ڦٽڪار وجهي ور کائي مولويءَ جي گهر رواني ٿي. پريان ئي توتاڙي جيان واڪا ڪندي واءُ ڇو هو وسائيندي اچي حجري تي پهتي.

”ابا نصرالدين، خط ته پڙهي ڏيم“ ڏاڏي ايلاز ڪندي چيس، ”رلي مئي آهيان، ڏند به ڀڃرايم، ڏسين ٿو، چپ به سڄيو پيو اٿم.“ سٿڻ جو ويڪرو پانچو کڻندي چيائين.

”هي ڏس!“

مولوي نصرالدين جا گول تارا حيرت ۽ سسپينس ۾ ڦاٽندا ويا... لالڻ جي ڏاڏي پانچو مٿي کڻندي وئي. هي ڏس... هي ڏس... اجهو هي....هي...گوڏا ڦٽيا پيا اٿم!“

”ڏينم خط ته پڙهان.“ مولوي وساڻيل آواز ۾ چيو.

”ابا کڻي ڪونه آئي آهيان، ڇورين ڏنم ئي ڪونه. هلي پڙهه...“

”مائي آءٌ هينئر ڪٿان هلندس. هيءَ درگاهه وارو دڪان سڄو ڪيئن ڇڏيان. ريوڙيون پتاشا، هار گل، اگربتيون سڀ پيون آهن.“

”ابا روهه ريلن خط ڪونه ڏنم، هلي هلي منهنجون ته ٽنگون ٺڪر ٿي ويون آهن. تنهنجا لائق ٿيندا هلي پڙهي ڏينم.“

”نه مائي، نه آءٌ واندو ئي ڪونه آهيان!“ ملان ريوڙين تان چيلاٽا اڏائيندي چيو.

ڏاڏي موٽي ماڳ پهتي.

”موت پئيو مون کي ته ماري ڇڏيو اٿو. منهنجو ته اهو حال آهي ته ”ڪتو به انهيءَ کي کائي موچڙو به انهيءَ کي لڳي“ خط ڏيو ها ته آءٌ پڙهائي اچان ها، هتي ته ڪير به نٿو اچي.“

”ٺهيو ڏاڏي ٺهيو، اسان پڙهائي ڇڏيو. ادا لالڻ سڀ خير لکيو آهي. اسڪالرشپ منظور ٿي اٿس. نوڪريءَ جو آسرو به آهيس، تمام خوش آهي.“ زينوءَ چيو.

”نپٽيون، روهه رليون! پوءِ مون کي رلايو ڇو ٿي؟ ڏند ڀڃرايو گوڏا به ڦٽرايو اڃان به اندر ڪونه ٺريو اٿو. هن گهر ۾ هاڻي منهنجو گذارو ڪونه ٿيندو.“

”پوءِ الله واهي. ميڙهه اسان جي ڪانه ايندئي.“

اهو ٻڌي لالڻ جي ڏاڏي ڀڳي ڀورل جي حويليءَ تي.

”ائي جيجي زيبل! اي ڀورل ماءُ، ڪٿي آهين؟ او جيجان...!“

”ائي ڇاهي، اچان پئي، ڪهڙو وٺي ڌمچر مچايو اٿئي.“

”ائي ڌمچر ته هوڏانهن متا پيا آهن!“

”ڪيڏانهن!؟“

”پوٽهين جو خط آيو اٿئي.“

”ڪهڙو پوٽو! هانوءُ ڇو ٿي ڦاڙيم! منهنجو ٽن سالن جو پوٽو ڪيئن خط لکندو!“

”آئي جيجان سمجهه کڻي ته منهنجو پوٽو سو تنهنجو پوٽو.“

”ائي تنهنجو پوٽو سو منهنجو پوٽو ڪيئن ٿيو! آءٌ تنهنجي هٿن جي ٻار، هيڏانهن ڌڳڙا ٿا منهنجا پوٽا ٿين. ڏند ڀڃائي هوش وڃايو اٿئي.“

”ڏند ويم تڏهن به طعنو نٿو وڃي.“

”اهو طعنو ته جيتر جيئري هوندينءَ تيتر ڪونه ويندئي.“

”ٺهيو توکي به ڏٺم.“ هو بنا موڪلائڻ جي رسي اٿي هلي.

”ائي لالڻ آيو ڙي آيو! جيئيس ڙي جيئيس! منهنجي صبح کان اک پئي ڦڙڪي.“ لالڻ کي ٽانگي تان لهندو ڏسي ڏاڏيس چيو.

”ائي منهنجو صبح سان، ڪلهو پئي ٽپڪيو ڪانگ لنوڻ ويٺو؛ چيومانس لنو ڪانگ مٺي ٽڪي ڏيانءِ، منهنجو لالڻ اچي پيو اهو ٻڌي ڪانگ اُڏامي ويو.“ لالڻ ماءُ ٽڙندي چيو.

”آءٌ پاڻ پتنگ فقير ڏانهن ڳڻتي ڳار شربت پيئڻ پئي ويس ته ڪٻريون بابي جي قبر مٿان ويٺيون پيهون پيهون ڪن؟ چيومان، رٺون جهجهو ان پيٺو پيو آهي رڳو اسان جو ڇوڪر پرديس مان اچي.“ چاچي عطالوءَ چيو.

”ائي لالڻ آيو پيهي، ويا سور سڀئي، جيئس جيئس آ جيڏيون منهنجو لالڻ آيو پيهي“ ڏاڏي خوشيءَ ۾ ڳائڻ لڳي.

”چاچا عطالو هي توهان جي لاءِ ملتاني گوڏ آندي اٿم، ٻانهن جو قلندري ڪنگڻ، ڪ جو والو، هار، اهي سڀ پائجان ۽ هي پندرهن رپيا روڪ اٿئي.“

چاچي جون خوشي کان واڇون وکرجي وين اکر اُڪيلو ڪونه ٿيس.

”ابا منهنجي ڪاڻ ڇا آندئي، ڏند به تنهنجي پٺيان وڃايم.“

”فڪر نه ڪر ڏاڏي، تنهنجا ٻٽيهه ڏند ڪراچيءَ ۾ هلي وجهرائيندس.“

”اي ابا خير گهر! پيريءَ ۾ پرديس وڃي پنهنجو ابو ڏاڏو لڄائينديس! ڪهڙا ٿو ڏس ڏين اتان ئي مري نڪرندس، انهيءَ ڄونٺ تان!“

”ڀلا تنهنجي مرضي، هي جوڙو اٿئي ڪپرن جو.“ لالڻ بئگ بند ڪندي چيو.

”هي ڇيٽ جو وڳو آندو اٿئي“ موڙو ڏيندي چيائين، ”اهو ته مردادان ڀنگياڻي به پايو وتي.“

”ڪهڙو منهنجي ٻچي ڪاڻ ڪروڌ لاتو اٿئي، اڳي ڪهڙا ويس پاتا اٿئي؟ هڪڙو ته چڱائي ڪري وٺي آيو آهي.“ لالڻ ماءُ چيس.

”ائي اهو پيو اٿئي وڳو، کڻ پنهنجو ايڏهين! مون ڀانيو ته ڪا سوسيءَ جي سٿڻ، ڪو ڀرت وارو چولو هوندو. ماڻس ۽ ڀيڻس لاءِ اوچا وڳا، پڻس لاءِ لونگيون، منهنجي لاءِ ڇيٽ نصيبن ۾، ڀنگياڻي جهڙا توهين پايو.“

”اڙي ڇو ٿيون بي شڪريون ٿيو، توهانکي ته اهڙا وڳا پارائيندس جو ڏيهه اچي ڏسندو. اڃان ته امتحان ڏئي آيو آهيان، نوڪري به ننڍي اٿم، جنهن مهل انجنيئر ٿيس ته پئون ٻارهن ٿي ويندا.“

”امان ادي جي سکان به ته باسي هئي سين.“ زينو چيس.

”ڌيءَ مون کي ياد آهي. سڀاڻي سان ئي پنجين سيرين جي طاهري رڌائيندس.“ ائين چوندي پيتي مان پيسا ڪڍيائين، ”اچي ادا، عطالو، هي ويهه رپيا اٿئي. ٽن ٽن رپين وارا پنج پڙ ۽ هار گل وٺي اچ. دهلاري عرس فقير کي به چيو اچ ته پهچي وڃي.“ وري سس ڏانهن منهن ڪندي چوڻ لڳي، ”چاچي هل ته پاڙي ۾ سڏ ڏيڻ هلون.“

-

زالن ۽ ٻارن جو گوڙ دهل جي ٽيٻڪ ٽيٻڪ... ۽ شرنايون

لالڻ ٻانهن لوڏي

سدان ٻانهن لوڏي

رب جو ٿيندس راز ڀلي ٻانهن لوڏي

ائي ڏسي ڏاڏيس جو شان ٻانهن لوڏي

رب جو ٿيندس راز ڀلي ٻانهن لوڏي

سدان ٻانهن لوڏي

دهلن دمامن سان سڀئي اچي درگاهه ڀيڙا ٿيا. جتيون لاهي هڪ پاسي رکي، در تي ٽنگيل ٽلين کي لوڏي ڄڻ ستل سائينءَ کي سجاڳ ڪيائون. قبي اندر مولوي نصيرالدين جيڪو ڪاري گوڏ خميس ۽ ڪنگڻ مڻڪن سودو بوڇڻ مٿي تي رکي مراقبي ۾ ويٺو هو تنهن به آواز تي وات چوريندي ڪنڌ کنيو.

لالڻ ماءُ اگربتين جي بنڊل سميت نياز آڻي اڳيان رکيس ته ڪجهه حصو ڪڍي باقي موٽائي ڏنائين.

هار ۽ گل ۽ پڙ چاڙهي سڀني زيارت ڪئي، دعائون پنيون ڪن باسون باسيون ته ڪن وري پوءِ ڪونڊيءَ مان گلجي پتين گڏيل خاڪ وات ۾ وجهي پوتين جي پلاندن ۾ ٻڌائون ته ڇاتي تي به مليائون ۽ ٻٽي پئسا پيتيءَ ۾ ڪيرائي ابتي پيرين ٻاهر موٽيون. وڏي ميدان تي قبرن وٽ کٻڙن جي ڇانو ۾ ويهي ڪجهه ڳيچ ڳائي بک کان پاهه ٿي اچي طاهريءَ تي ڪريون، تنهن بعد درگاهه جي ٿڌي ناديءَ مان پاڻيءَ جا ٽڀا ڀري ڀري پيئڻ جي ڌم لاهي ڏنائون ۽ وري ساڳيا ڳيچ ڳائيندي اچي لالڻ جي گهر ڀيڙيون ٿيون.

سُکان ۾ آيل هڪ زال ٻئي هٿ پيٽ ۾ وجهندي چيو:

”ائي ادي ڏينهن تتي جو ڪوسو ڳڙ جو ڀت کارائي ماريو اٿن – پيٽ ۾ ڄاڻ چاڪو پيا لڳن.“

”ائي الله، مون سان به اهو حال اٿئي.“ ٻيءَ وراڻيس.

”توهان جوانن جو اهو حال آهي ته منهنجو ڪهڙو حال هوندو.“ لالڻ جي ڏاڏيءَ چيو.

ايتري ۾ ٻاهران عطالوءَ جو آواز آيو.

”بابا زالن کي پاسي ڪريو. مون کي ٿورو غسل خاني ۾ ڪم آهي، وري هوريان ماڻس کي چيائين، ”امان....هي گوڏ کي ٿورو چٽو ٿي پيو آهي ڌوئي ڇڏجئين.“

”پنهنجي سورن جي ڪريان ڪي تنهنجي گوڏ جي ڪريان موت پيا، توکي ڪنهن چيو ته گڏجي هل؟ اڳئي اڌ ماڻهو، وري پنج ميل اوٽ موٽ جو پنڌ ڪيو اٿئي.“

”پوءِ ڇا ڪريان! رنن جي راڄ ۾ ڪو مڙس به ساڻ هلي ها.“ عطالو چڙ مان وراڻيس:

”چڱو ادي“ هڪ زال لالڻ جي ماءُ کان موڪلائي چيو، ”وڃي ڪي گوريون ڦڪيون کائون هاڻي مرون ٿيون.“

”مائي کنڊ ڪونه هئي ته کڻي ٺاهيو ها، زالن کي تڪليف ٿي آهي.“

”ادي پنج سير طاهري جا هئا، کائي ته سڀئي ويون، هاڻي عيب ثواب ٿا نڪرن.“ لالڻ ماءُ وراڻين. ”اوليائن جي شين تي ائين نه چئبو آهي.“

”چڱو ڀيڻ، هاڻي الله کي پرتيئن.“ هڪ ٻئي کان موڪلائي پنهنجن گهرن ڏانهن روانيون ٿيون.

-

”لالڻ جا پيءُ ٻڌين ٿو، لالڻ خير سان نوڪريءَ تي به آهي، ڄاڻ انجنيئر به ٿيو، ڪو پڙو ته ميڙ تياري ڪريون.“

”ها، لالڻ جي ماءُ، مون کي پاڻ اونوو آهي، ڀلا ڪا نينگري نظر ۾ اٿئي ڇا؟“

”اي لالڻ جا پيءُ پنهنجي لالڻ لاءِ نينگريون کٽيون آهن ڇا، پنهنجي موتين جي داڻي جهڙي حميده پڦاٽ ڪونه ويٺي آهيس.“

”نينگر جي به ته صلاح پڇ.“

”ڪهڙي صلاح پڇانس، اندر ئي اندر ڪلفيون پيون کارائينس. مون کي ڪلمي جو قسم رات به ناريل ڪتلون وٺي آڻي ڏنائينس، ذرو به ڪنهن ڪي ڪونه ڏنئين، اندر ئي اندر ڳيهي ويئي! چئبو ته بلا ٿي، هينئر ئي بلا آهي ته پوءِ ڏنگ هڻندي ڪهڙي دير ڪندي. لالڻ جا پيءُ اها وئي پنهنجي نانيءَ تي، هوندي سوندي به ڪين جو ڪنو چڙهيو پيو آهي ته: مون کي علو ڏئي ڪونه، ڪير ئي ڪونه ڏينم پنهنجي تي اچان ته سڄي پاڙي مان پني کائي ويهان.“

”هاڻي جيڪا تنهنجي صلاح؟ پاڻ ۾ جي ٺهي ويا آهن ته پوءِ ٺيڪ آهي.“

”جيڪا لالڻ جي مرضي، نٿ ايرينگ ته رکيا آهن باقي ٻه ٽي جوڙا کڻي ٺهرائيندس، پوءِ انجنيئر ٿئي ته جيڪو وڻيس ٺهرائي ڏيس.“

”نٿ ايرينگ تو وارا؟“

”ها اهي لعنتيءَ جو ٺڪر! ماڻهين مون کي ڏيئي وري ڦريا ته عطالوءَ کي ڏيندس وري چوي ٿي ته پوٽي لالڻ کي ڏيندس. پيا ڦرموٽيءَ وانگر ڦرن ڪيڏيءَ مهل چوي ته پنهنجي ”خفن“ گيري اٿم، موچڙو هڻان منهن تي ڪنهن جي طاقت آهي جو مون کان وٺندا.“

”ٺهيو الله مالڪ آهي.“ علوءَ اٿندي چيو، ”هينئر پنهنجي نوڪري جو ٽائيم ڀريو پيو آهي.“

”لالڻ جا پيءُ، اها نوڪري ڪرڻ توکي نه جڳاءِ، ڇا پٽيوالي ۽ ڇا انجنيئر جو پيءُ!“

”ٽيهه سال نوڪري ڪئي اٿم، پنهنجا حق وڃائيندس ڇا چري! منهنجا صاحب منهنجي شرافت ۽ محنت جي نوڪري ڪري مون تي مهربان آهن. انهيءَ نوڪريءَ سان ته مون لالڻ کي مئٽرڪ تائين پڙهايو، پوءِ پنهنجي همت ۽ محنت ڪيائين جو پرديس جهاڳيائين اڄ اها پٽيوالي خراب ٿي پئي جو تنهنجي اک ئي نٿي ٻڏي. توکي فخر هئڻ گهرجي ته تون مزور جي زال آهين، تنهنجو پٽ هڪ مزدور جو پٽ آهي! اچ تون مزوريءَ کان نفرت ٿي ڪرين اهو وقت وسري ويئي جڏهن پرڻجي آئين هئين ته برقعو به ڀورل جي ماءُ ڏنو هيئي.“

”لالڻ جا پيءُ تون سچ ويٺو چوين، انسان کان غلطي ٿئي ٿي مون کان غلطي ٿي.“

”هيءُ حڪومت اسان مزورن جي دم سان قائم آهي، اسان پنهنجو پگهر وهائي، رت ست ڏيئي هيءَ حڪومت ٺاهي آهي. تون سمجهين ڇا ٿي منهنجي نوڪري وري پٽهين کان ڪا گهٽ به آهي ڇا!؟“

”مئا پهرين پنهنجون ڏاٺون ته ڀراءِ حڪومت وارو ٿيو آهين! جيئن آءٌ ڍري ٿي آهيان تيئن شنگر جو اچين. هڪ دفعو ٻڌم حڪومت، حڪومت ڪري رت ولوڙي ويو آهين، مٿي تي چڙهندو پيو اچين.“

”ٺهيو لالڻ ماءُ.“ علوءَ ڪمبڻيءَ مان وراڻيو، ”هاڻي معافي ڏينم، پاڙو نه ٻڌي.“

”پاڙي جي مون کي پرواهه ناهي، بدنام ته اوهيئن ماڻهن ڪري ڇڏيو اٿم، اُهو گهر ناهي جتي منهنجي گلا نه ڪئي هجيس پر منهنجو صبر آهي اهو پاڻهي ڪنڌ تي پوندس.“

”ڇڏ ويچاري امان کي، پوڙهي آهي، اڄ هوندي سڀاڻي نه هوندي، ڇو ٿي غريب کي چوين.“

”ماڻهين جي ته چهنڊڙي لڳيو وڃيئي!“

”لالڻ ماءُ منهنجو نالو ڇو پئي وٺين. تنهنجي ڪنيءَ قوم کان به ويس ڇا؟“ لالڻ جي ڏاڏي اوچتو ڪوٺيءَ مان ورانڊي ۾ وارد ٿيندي چيو.

علو موقعي جي نزاڪت سمجهندي ٻاهر هليو ويو. سس ننهن جي چخ چخ گهڻيءَ دير تائين هلندي رهي.

* * *

”ائي سوري لاڪون ٽليو ٽليو ٽيلارا ڇو پئي ڏين؟ ڪيڏي پئي وڃين اها مئي گوڏ اوڍيو؟“ لالڻ جي ڏاڏي ساڙهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي حميده کي گهوريندي چيو.

”صاحب سان پئي وڃان فلم تي!“

”ڏاٺن کاڌو پڻس به صاحب آهي! مائي تو ته اسان جون ست پيڙهيون ڪاريون ڪري ڇڏيون.“

”پوءِ آءٌ ڇا ڪريان لالڻ کي چئو نه.“ حميده ماڻو ڪندي چيو: ”ائين اهو ڇٻو ڇو مٿي ۾ وڌو اٿئي.“ ڏاڏيءَ وگ ڏانهن اشارو ڪندي چيس.

حميده منهن ۾ گهنڊ وجهي کيس گهورڻ جا گهاءُ هڻندي سينڊل جي سٽ سٽ ڪندي ساڙهي جو پلوءَ ٻانهن تي رکي هلڻ لڳي.

”هاڻي زال سان گڏ اسان جي ڇورين جي به ٻيڙي ٻوڙيندو.“ لالڻ ماءُ ڪرڪيو. ”اسان کي هاڻ جيئڻ جو ڪهڙو حق.“

”ائي ڀاڄائي، تون ڪهڙي نه سهڻي ٿي لڳين.“ جنت چيو:

”ادي ڌوڙ پئي اٿم. لالڻ ته ٻڌي ئي نٿو مامي ۽ نانيءَ ته طعنا ڏيئي ڏيئي اندر ساڙي رکيو اٿم. پاڻ ته برقعو به نٿو پائڻ ڏي، آءٌ ڇا ڪريان. منهنجو ڪهڙو ڏوهه....“

”پيون چون، ڪهڙو وڏين برقعو پاتو هو، پڙا لوڏي لوڏي مري ويون. تون جيڪو وڻئي سو پاءِ آخر به ته انجنيئر جي زال آهين.“ جنت حميده جي وجود ۾ پنهنجو روشن آئيندو ڏسندي چيو

”پر ادي ڪيترو ماٺ ڪندس، مون کي ته لالڻ جي مرضي به رکڻي آهي نه، جنهن پڙهيل ڳڙهيل مائٽيون ٿڏي مون سان شادي ڪئي. اڄ جيڪي ٻه درجا انگريزي پڙهن ٿا سي به پاڻ کي شيءِ ٿا سمجهن.“

”ڀاڄائي ور جي مرضي نه رکندينءَ ته هي کوڳيون کائي ويندئي، جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندئي، ڀل پيون مٿو هڻن تون ڪن ئي نه ڏين.“

”تيار آهين نه حميده؟“ لالڻ گهر ايندي چيو. ”جنت تون به تيار ٿي وٺ، زينو کي به چئينس.“

”ادا توهين وڃو اسان کي امان ڪانه ڇڏيندي.“

”جنت امان، بابا ۽ ڏاڏي جن پراڻن خيالن جا آهن انهن جو احترام ۽ تلخ ڳالهيون اکين تي پر حياتي اسان کي گذارڻي آهي.“

لالڻ جيڪو هاڻي انجنيئر لال محمد خان ٿي پيو هو، ٻنهي ڀينرن ۽ زال سوڌو ڪاريڊور کان نڪري ڪار تائين آيو.

”ته....ته...توهان!“ ڪار جو در کولي لالڻ حيرانيءَ مان چيو، ”اي ها ابا اسين، سگهو ٿي موٽر ڪاهه!“

”ڇا ٿيو خير ته آهي ڏاڏي؟“

”اي سڀ خير آهي“ لالڻ ماءُ وراڻيو، ”جلدي ڪري موٽر کي هڪلينس ڦلم جو ٽيم نه ٽري وڃي.“

”هي به....!“

”اي هائو...و...و! اسين به جيئرو ساهه آهيون ”شلبم“ جي ڦلم ڏسي هلي روح وندرائي اچون....“ ڏاڏيءَ چيو.

۽ پوءِ لالڻ مرڪندي گاڏي اسٽارٽ ڪئي.

شاهه لطيف ۽ عورت

ڊاڪٽر فهميده حسين

ڀينرون ۽ ڀائرو!

آءٌ اوهان سڀني جي ٿورائتي آهيان جو اوهان مون کي مان ڏئي هتي گهرايو آهي.... هن وقت منهنجي دل جي ڪيفيت عجيب آهي، ڏاڍي جذباتي حالت ۾ آهيان... جنهن گهر ۾ منهنجو ننڍپڻ گذريو جنهن اڱڻ ۾ مون رانديون رهندي، ڀيڻن ڀائرن سان رسندي پرچندي، امان بابا سان انگل ڪندي، پنهنجا ڏينهن بي فڪريءَ ۽ بي پرواهيءَ سان گذاريا، اتي اڄ خاص مهمان جي بنجي آئي آهيان ۽ پنهنجي سماج جي هڪ ذميدار فرد جي حيثيت ۾ ڪو فڪر ۽ فلسفو ٻڌائڻ آئي آهيان! ها، هي اهو ئي اڱڻ آهي، جنهن ۾ منهنجي جسماني اوسر سان گڏ منهنجي ذهني نشونما ٿي. هتي ئي مون پڙهڻ ۽ پوءِ لکڻ شروع ڪيو هو. هڪ سنڌي ڇوڪري طور منهنجي پڙهڻ ۽ لکڻ ۽ ذهني تربيت ۽ فڪري ارتقا جي اڄوڪي موضوع سان مناسبت کي ذهن ۾ رکندي، مون کي اجازت ڏيو ته آءٌ پنهنجون ڪي يادگيريون اوهان سان شيئر ڪريان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com