آل عبا:
حضرت علي، حضرت فاطمه ۽ حسنين کي آل عبا سڏيو
ويندو آهي. هڪ ڏينهن حضرت رسول ڪريم صلي الله عليه
وسلم جن بيبي فاطمه الزهريٰ جي دولت خاني تي تشريف
فرما ٿيا ۽ پنهنجي چادر (عبا) ۾ حضرت علي، بيبي
فاطمه ۽ حسنين تي ويڙهي سندن حق ۾ دعا گهرڻ لڳا،
تنهنڪري کين آل عبا، آل ڪسا چيو ويندو آهي.
(احمد خان آصف جي اڻ ڇپيل ڪتاب ادبي رهاڻ تان
ورتل)
حبيب جتوئي
اسين اڄ جي دور جا ڏهيسر آهيون،
انهن کان چوٽيءَ تائين،
بهادري، وفا ۽ جوانمرديءَ جا پُتلا-
اسين گراٺ لوڙهو سوڙڻ تان،
ڏهه ڏهه خون ڪري ٿا ڇڏيون،
ڇو ته اسين پنهنجي ونين، مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن تي
شڪجي،
سندن سهڻا چپ ۽ چتون جي چهنب جهڙا نڪ،
ڪپي ٿا ڇڏيون-
ڇو ته اسين اڄ جي دور جا ڏهيسر آهيون.
ڇڙو آدرشن کي ماڻڻ واري ميدان – جنگ مان،
گيدين جيان پُڇ پائي ڀڳا آهيون –
ڇڙو ميدان – جنگ مان بانبڙا پائي ڀڳا آهيون،
ڪوبه گهاءُ اسانجي سنئين سيني تي نه آهي،
۽ اسان جي وني:
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾
جي چوڻ جي جرئت ڪندي،
ته ڪاري ٿي مرندي –
اسان جا هٿ ۽ ڪرايون ڦٽجي پيون آهن –
ڀڄندي ڀڄندي اسان جي گوڏن جون چتيون لهي پيون آهن
–
ڪوبه گهاءُ اسان جي سنئين سيني تي نه آهي،
ڇو ته اسين ميدان - جنگ مان بانبڙا پائي ڀڳا
آهيون-
ڇو ته اسين اڄ جي دور جا ڏهيسر آهيون،
اسين سينمائن جهڙن اسٽيجن تي،
هالي ووڊ جي اداڪارن جيان،
گدڙ - ڀڀڪين جا بم ۽ گولا،
ڏاڍ جي ڪوٽن ۽ ڪلنگين تي،
ڪيرايون ٿا-
۽ هر مهيني جي پهرين تاريخن ۾،
ڪنهن رياستي ايجنسيءَ جي ڳجهي دفتر مان،
پوري مهيني جو راشن پاڻي،
۽ وسڪي جي بوتلن جا پئسا پڇاڙيون ٿا-
غير جٽادار منصبن جي تاڙ ۾،
پستي ۽ ڪيميڻائپ جي انتهائي پاتال ۾،
ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،
پاڳلن جيان پنهنجا گريبان چاڪ ڪري
پنهنجي تباهي ۽ برباديءَ تي،
اُڀ ڏاريندڙ ٽهڪن جي گونج ۾،
بي حيائي ۽ بي حسيءَ جون هڙئي حدون اورانگهي،
جيون گهارڻ لاءِ تيار آهيون –
ڇو ته اسين اڄ جي دور جا ڏهيسر آهيون –
اسين اڄ جي دور جا ڏهيسر آهيون –
هاءِ! حياتيءَ ۾ هيڏا هاڃا به ٿين ٿا –
ماڻهو پنهنجي اندر ۾ ڀاڱا به ٿين ٿا-
جنهن ويل پاڻ غير ٿيڻ شروع ٿياسون،
۽ هڪٻئي لاءِ ڪير ٿيڻ شروع ٿياسون،
تون به ٿي ڄاڻين هڪ ديد لاءِ ترسندڙ ،
اکيون جڏهن اوپريون اوپريون ٿيڻ لڳيون –
دلين جون وٿيون موڪريون موڪريون ٿيڻ لڳيون –
تڏهن هٿن جون لڪيرون ٿي پوڙهيون پيون،
۽ کٽن جون ٻانهون ٿي سوڙهيون پيون،
تڏهن تنهنجي گهر جا ڪشادا ڪشادا اڱڻ،
مون کي ڀليڪار چوڻ کان ڄڻ عاري ٿي پيا –
تڏهن پنهنجي اقرارن جا جوڙيل تاج محل،
ٿر جي اڻ – کٽ ڀرندڙ ڄڻ واري ٿي پيا –
پوءِ روين ۾ اڄاتل بي نيازي اچي ويئي –
ويجهي ٿيڻ وارن جذبن کي ڦاهي اچي ويئي –
درد ۽ دورين جو اڻ – کٽ عذاب ٿيو نازل،
ڏسڻ لاءِ اکيون ترسي ترسي مري ويئيون –
پنهنجي ويهڻ واريون اڪثر سي پراڻيون جڳهيون،
پراڻا منظر تڪڻ لاءِ ترسي ترسي مري ويئيون.
۽ سالن پڄاڻان ڪالهه اوچتو ئي اوچتو،
تنهنجون منهنجون اکيون جڏهن چار ٿي پيون –
ته پنهنجون بي خبر اوپريون اوپريون اکيون،
ڄڻ وقت جو سڀ کان وڏو انڪار ٿي پيون –
ٻاڪارون ڪري ڪري ٿو پيو منهنجو من رڙي،
ساهن کان به پيارا ماڻهو ٿي پراوا پون ٿا –
هاءِ حياتي ۾ هيڏا هاڃا به ٿين ٿا،
ماڻهو پنهنجي اندر ۾ ڀاڱا به ٿين ٿا-
(ڪاري رڃ ٿڌا چپ تان ورتل)
انڪار بڻيو اقرار
شبانه سنڌي
”هن جيئن ئي وهاڻو منهن تان پري ڪري در ڏانهن
نهاريو ته در وٽ بيٺل سندس وڏي ڀيڻ هن وٽ هلي آئي
۽ اچي سندس ڀرسان بيٺي.“
”پوءِ تو ڇا سوچيو؟“ هن جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي
چيائين.
”ادي، مون چيو نه ته مان مظهر سان شادي نٿي ڪري
سگهان.“
هن بيزاريءَ مان جواب ڏنو.
”ڏس سائره، مظهر سٺو ڇوڪرو آهي، تون انڪار ڪري
پوءِ پڇتائيندينءَ.“ ڀيڻ سمجهائڻ چاهيس.
”نه ادي، ائين ڪونه ٿيندو، مون کي خبر آهي ته مون
کي پنهنجي ان فيصلي تي ڪڏهن به پڇتاءُ ڪونه ٿيندو،
مان سوچي سمجهي پوءِ ئي انڪار ڪري رهي آهيان.“ هن
تمام نرم لهجي ۾ چيو.
”انڪار جو سبب ڇو ڪونه ٿي ٻڌائين ڀلا.“ ڀيڻ چيس.
”اها مجبوري آ منهنجي.“ هن بيوسيءَ مان چيو.
”ڏس، مظهر جهڙو سٺو ڇوڪرو توکي وري نه ملندو. مان
ته چوان ٿي ته تون پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي قسمت
خراب ڪري رهي آهين. وري به سوچ... تڪڙ ته ڪانهي!“
ڀيڻس وري به سمجهائڻ واري انداز ۾ چيس.
”ادي، ادي....تون سمجهين ڇو ڪونه ٿي. جڏهن مان
چوان پئي ته مون کي مظهر سان شادي ڪنهن به صورت ۾
ناهي ڪرڻي ته پوءِ ايڏو زور ڇو ٿي ڀرين.“ هن
بيوسيءَ مان ڀيڻ ڏانهن ڏٺو.
”چڱو، جيئن تنهنجي مرضي، باقي امان بابا ۽ ادا
وارا ته اهو رشتو پڪو سمجهي ويٺا آهن. بقول امان
جي ته، دماغ خراب ٿيو آ ڇوريءَ جو، اهڙا رشتا ته
ڀاڳن وارين کي ملندا آهن ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي
ته مون کي به تنهنجي فيصلي تي ڏک ٿي رهيو آهي.“
ائين چئي ڀيڻس سندس ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي. مظهر
ته هن کي وڏي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو هو، سمجهه ۾ ئي نه
پئي آيس ته ڇا ڪري؟ انڪار ته هوءَ ڪري چڪي هئي پر
گهر وارن ان انڪار جو سبب معلوم ڪرڻ پئي گهريو ۽
هن جي مجبوري اها هئي جو هوءَ ان انڪار جو سبب
پنهنجي گهروارن کي نه پئي ٻڌائي سگهي. هوءَ ڪيئن
ٻڌائي ها ته مظهر مون سان نه پر ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ
سان پيار ٿو ڪري ۽ پوءِ ان ڳالهه جي ڪهڙي پڪ هئي
ته سندس انڪار جي ان سبب کي وزنائتو سمجهيو ويندو.
هن کي خبر هئي ته جيڪو سبب هن لاءِ اهم آهي، اهو
سندس مائٽن جي لاءِ غير اهم به ٿي سگهيو ٿي. ڇو جو
سندس خاندان ۾ هميشه ائين ئي ٿيندو آيو هو، شادي
جي ئي نه پر هر معاملي ۾ مرضي ڇوڪري جي ئي رکي
ويندي هئي ۽ هن پنهنجي خاندان ۾ پهريون ڀيرو
پنهنجي حقن جو استعمال ڪندي، انڪار ڪرڻ جي همت ڪئي
هئي.
مظهر سندس سئوٽ هيو ۽ ننڍي هوندي کان ئي کيس وڻندو
هو، مظهر سان بي انتها پيار هيس، پر مظهر جي پسند
ڪا ٻي ڇوڪري هئي، ۽ اها ڇوڪري هن جي دوست سيما
هئي.
ٻه سال اڳ سيما جي ڊائري مان هن کي مظهر جي تصوير
۽ خط مليو هو. هن تي ڏک جو پهاڙ ڪري پيو هو پر
پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو هئائين. اهو سوچي ته
دلين تي ڀلا ڪنهن جو اختيار هليو آهي، پيار ته
پاڻهي ٿي ويندو آهي. ان ڏينهن هن کي اها خبر پئجي
وئي هئي ته مظهر جو ساڻس ايترو فري آهي، مذاق ڪندو
رهي ٿو هر ڳالهه ۾ کانئس صلاح ٿو وٺي، ڪچهريون ٿو
ڪري، سا رُڳي دوستي آهي ٻيو ڪجهه به نه! هينئر
جڏهن سندس لاءِ مظهر جو رشتو آيو هو ته خوشيءَ
بدران هن کي صدمو رسيو هو. ڏک ٿي رهيو هيس ته مظهر
ائين ڇو ۽ ڪيئن ڪيو؟ عورت سڀڪجهه برداشت ڪري سگهي
ٿي پر پنهنجي محبت ۾ ڪنهن ٻي عورت جي حصيداري ڪنهن
به صورت ۾ برداشت نه ڪري سگهندي.
توڙي جو مظهر سندس آئيڊيل هو، پر هن کي اهو قبول
نه هو ته جنهن کي هوءَ پنهنجو جيون ساٿي چوندي، ان
جي خوابن ۾ پاڻ نه پر ڪا ٻي ڇوڪري هجي.
هن کي مظهر تي ڪاوڙ اچي رهي هئي ته جيڪڏهن هن سيما
سان ٿي پيار ڪيو ته پوءِ سندس رشتي جي گهر ڇو ڪئي
اٿائين.
”توکي ائين نه ڪرڻ کپندو هو مظهر، تون ته مرد
آهين، توکي ته ڪو فرق نه پوندو، پر مسئلا ته مون
لاءِ پيدا ٿيندا نه!“ هوءَ دل ئي دل ۾ مظهر کي گهٽ
وڌ ڳالهائڻ لڳي، پنهنجي ان پريشانيءَ جو حل اڃان
ڳولي ئي رهي هئي ته سندس وڏي ڀيڻ وري هن جي ڪمري ۾
هلي آئي.
سندس ڀرسان ويهندي چيائين: ”سائره! تنهنجي انڪار
جو سبب ڀلي کڻي ڪيترو به وزنائتو ڇو نه هجي، پر
قابل قبول نه ليکبو، تون مظهر سان شادي نٿي ڪرڻ
چاهين ته ان حقيت کان مظهر کي آگاهه ڪر، هن کي چئه
ته هو پاڻ ئي انڪار ڪري ڇڏي. اهو ئي تنهنجي لاءِ
بهتر ٿيندو، نه ته، خوامخواهه ئي خاندان وارن جي
نظرن ۾ اچي ويندينءَ. ڀيڻس ته ائين چئي وئي هلي.
پر هن جڏهن ڀيڻ جي ڳالهين تي غور ڪيو ته اهو ئي
بهتر لڳس، ۽ پوءِ شام جو موقعو ملندي ئي هوءَ مظهر
جي گهر هلي آئي. سندس ڪمري ۾ گهڙڻ شرط چيائين، ”تو
اهو سُٺو نه ڪيو آهي مظهر! توکي ائين ڪرڻ نه کپندو
هو!“
هن کي ائين اوچتو پنهنجي روبرو ڏسي مظهر حيران ٿي
ويو. سندس خاندان جو اهو اصول ۽ رواج هو ته جن جي
شاديءَ جون ڳالهيون هلنديون هيون، اهي هڪٻئي جي
سامهون نه ايندا هئا. مظهر، سائره کي پنهنجي
سامهون ڏسي پريشان ٿي ويو.
”توکي ائين ڪرڻ نه گهربو هو.“ سائره ٻيهر چيو.
”تون تمام سٺو آهين مظهر، پر مان توسان شادي نٿي
ڪري سگهان.“ سائره همت ڪري چئي ڏنو.
”ان جو ڪو سبب ؟“ مظهر مايوس ٿي پڇيو.
”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو “ سائره جي ان سوال
کيس ڇرڪائي وڌو.
کن پل رکي چيائين، ”اهو ضروري آ ڇا سائره ته
شاديءَ کان اڳ ۾ محبت ڪئي وڃي. محبت ته شاديءَ کان
پوءِ به ٿي سگهي ٿي.“
تڏهن سائره چيو: ”ها ائين ئي ٿي سگهي ٿو پر جڏهن
شاديءَ کان اڳ ڪنهن ٻئي سان محبت نه ڪئي وڃي.“
”ڇا مطلب؟“ مظهر سمجهي نه سگهيو.
”مظهر، مون کي ڏک آ تنهنجو، تو مون کي سٺو دوست به
نه سمجهيو جو کڻي پنهنجي ۽ سيما جي پيار کان آگاهه
ڪرين هان. ڇا تون سيما سان پيار نٿو ڪرين؟“ هن جي
ائين چوڻ تي مظهر اداس ٿي ويو. ڪجهه پل خاموش رهڻ
کان پوءِ چيائين، ”ها ڪندو هيس مان سيما سان پيار،
پر هن مون کي نه ڏنو. هوءَ شايد ڪنهن ٻئي کي ٿي
پسند ڪري.“ مظهر جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
۽ سائره کي سمجهه ۾ نه آيو ته هوءَ ڇا ڪري. تڏهن
مظهر ڳالهايو: ”توکي مون تي ڪاوڙ اچي رهي آهي نه
ته مون تنهنجي رشتي جي گهر ڇو ڪئي. سائره! مان
تنهنجي لائق ته ناهيان پر خاندان ۾ توکان سواءِ
مون کي ٻي اهڙي ڇوڪري نظر ئي نه آئي جيڪا مون کي
سنڀالي سگهي. مان وکريل شخص آهيان، مون کي صرف تون
ئي سميٽي سگهين ٿي. سائره! سيما سان مان پيار ڪندو
هيس، ڪريان ڪونه ٿو. مون ته سيما جي پيار تان گهڻا
ڏينهن اڳ پنهنجو آسرو پلي ڇڏيو ۽ مان توکي يقين ٿو
ڏياريان ته منهنجو سمورو پيار صرف ۽ صرف تولاءِ
هوندو.“
سائره جيئن سوچيو هو معاملو ان جي ابتڙ ڏسي، هن کي
وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي همٿ ئي نه ٿي. چپ چاپ بيٺي رهي
ته مظهر ڳالهايو، ”مون کي تنهنجي جواب جو شدت سان
انتظار رهندو سائره.“
اهو ٻڌي سائره وڌيڪ اتي ترسي نه سگهي.
گهر اچي جڏهن هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ گهڙي ته ڀيڻس پڇا
ڪيس، ”ڪري آئينءَ انڪار؟“
اهو ٻڌي هن چيو، ”هاڻ انڪار نه اقرار ڪرڻو پوندو.“
”ڇا؟“ ڀيڻس خوشيءَ مان رڙ ڪئي.
”ها ادي، منهنجو انڪار اقرار ۾ بدلجي ويو آهي.“
ائين چوندي شرم کان هن پنهنجا ٻئي هٿ منهن تي رکي
منهن لڪائي ڇڏيو.
پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
پَٻُ جبل
هالار جبلن جي ڏاکڻي قطار کي ”پٻ جبل“ چئبو آهي.
جاگرافيءَ جي ورڇ مطابق، هاڪس بي کان يارهن ميلن
جي مفاصلي تي ستن جبلن جي هڪ ڊگهي قطار شروع ٿئي
ٿي. جبل جي بيهڪ ڪجهه اهڙي عجيب ۽ عمدي قسم جي آهي
جو اُن تي نالو به هوبهو پير جي پٻ جيان ٺهڪي اچي
ٿو.
هي جبل حقيقت ۾ ڪو ايڏو اوچو يا وڏو نه آهي. بس،
پنج يا ڇهه هزارن فوٽن جي بلنديءَ واريون ٽڪريون
اٿس. البت تراڙيون ۽ ڏنڊا، جهڙوڪ ۽ گروڪ، ڇپون ۽
وٽ، شڪيون ۽ گريون، گهٽ ۽ گهير ۽ لڪ ۽ لڪيون اٿس.
وڏي خوبي جيڪا پٻ کي حاصل رهي آهي. اُها آهي،
ڀٽائي ڀلاري رحه جي هتي آمد. جنهن ويتر سندس نالو
پري تائين پڌرو ڪري، سندس غير معمولي اهميت ۾ خاطر
خواهه اضافو آندو آهي.
پٻ جا ڪي حصا آباد ۽ شاداب آهن، ڇاڪاڻ ته هتي،
جهنگلي ڏٿ سان گڏ ميوات ۾: آمريون، انجير، ڏاڙهون،
ڦرهان، گيدڙيون وغيره ٿين ٿيون. سموري جبل ۾ ننڍا
وڏا ست لڪ – (آمري، پٻوني، راهيگ، شاهه بلاول،
گندبو، لونڊڪي ۽ ويراحب) آهن، جن مان عام لنگهه
فقط ٽي آهن. هيٺ، اُنهن جو مختصرن ذڪر ڏجي ٿو:
(الف) پٻونيءَ وارو لڪ:
جيتوڻيڪ بلنديءَ ۾ هيءَ ٽڪري سڀني کان ننڍي آهي،
پر تاريخي اعتبار کان وڏي اهميت رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته
ڪنهن زماني ۾ قومون، سنڌ جي هيٺين علائقن تي حمله
آور هيون. ازانسواءِ ديبل سان وڻج واپار به هن گهٽ
۽ گهير سان جاري ۽ ساري رهيو. عام طرح هن کي
بلوچستان جو واپاري گس ڪري سڏيندا هئا. پشم،
ڄانڀو، چانور، ڏاس، سرنهن، ڪٺيون، ڪپڙو، ڪڻڪ،
کجور، کلون، گاهه، گيهه، ماکي ۽ ٻيون عام استعمال
جون شيون ڪراچيءَ جي مارڪيٽ تائين پهچايون پئي
ويون.
پٻونيءَ کي جيڪا فضيلت حاصل آهي، اُها انهيءَ ڪري
به آهي ته پنهونءَ کي سندس ڀائر جڏهن سسئي کان ڇني
ڪيچ طرف ڪاهيو ته کين اهو ئي لڪ لنگهڻو پيو.
سسئيءَ کي صبح جو جيئن ئي اهڙي ڪلور جي ڪل پئي ته
اکين جي ٺار ۽ هينئين جي هار جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڀنڀور
کان ڀڄي نڪتي ۽ اها ئي واٽ وٺي، اوڇنگارون ڏيندي ۽
رڙندي، آخر پٻونيءَ جي لڪ ۾، پنهون سان وڃي ڌرتيءَ
اندر هيڪاندي ٿي.
سڪندراعظم (356 ق-م/323 ق-م) هندستان جي ڪاهه وقت،
پٻ لتاڙيو هو. رستي ويندي جيڪي سندس فوجي فوت ٿيا،
انهن کي اُتي دفنائي، مٿان نشانيءَ طور گول پٿرن
جا منارا ٺاهيا ويا. انهن هٿرادو جوڙيل پٿر جي
منارن کي ”روميون“ سڏيو ويو آهي. ڀانئجي ٿو ته
رومي پنهنجي ميتن کي ائين ئي دفن ڪندا آهن.
محمد بن قاسم (695ع-717ع)، جڏهن ديبل تي ڪاهه ڪئي
ته سندس پيادل عربي فوج جو لنگهه پٻ کان ٿيو هو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (1689ع – 1752ع) هنگلاج
ويندي، پٻ لتاڙيو هو. سندس پير پٿون ٿيا هئا، جنهن
مان سسئيءَ جي احساس ۽ تڪليفن جي عملي آزمائش حاصل
ٿيس.
(ب) شاهه بلاول وارو لڪ:
نامياري شاهه بلاول نوراني رحه (1495ع – 1590ع) جي
نالي پٺيان سڏجي ٿو. هتي، پٻ جي ماٿريءَ جي پوري
وچ تي هڪ ننڍڙو باغ آهي. باغ ۾ ڪجهه وڻ اهڙا به
آهن، جيڪي هزار – ٻارهن سون سالن جي ياد تازي ڪن
ٿا. چوڌاري ٽڪريون نهايت فرحت بخش نظارو پيش ڪن
ٿيون. ڏسڻ ۾ هي لڪ گهڻو ڏکيو آهي، تنهن هوندي به
دادو ۽ ڪوهستان کان ايندڙ – ويندڙ اُٺن جا قافلا
لڏيا ايندا ويندا آهن. رستي ۾ گوڪل جو ڍورو به
آهي، جتان پاڻيءَ جا قدرتي چشما ڦٽي نڪرن ٿا ۽ باغ
کي سيراب بنائين ٿا. انهيءَ سرسبزيءَ ۽ شادابي جي
لحاط کان هڪ لڪ وڌيڪ وڻندڙ آهي. هتي باز، مور پکي،
هرڻ وغيره ڏسڻ وٽان آهن. ڀر ۾ وهندڙ نديءَ مان پکي
۽ مڇي جام ملي ٿي. جيڪا هتان جي ماڻهن جو غاريبو
گذران آهي. ازانسواءِ آبشار، فرحت بخش هوائون ۽
کجين جي وڻن جون قطارون، عجيب منظرڪشي آهي.
هتي لاهوت مڪان واري غار به حيرت کان خالي نه آهي.
ايامن کان قائم هيءَ قدرتي غار، عجيب ڪماليت جو
درجو رکي ٿي ۽ ڏسڻ واري لاءِ پڻ دلڪش نظارو پيش
ڪري ٿي. لاکيڻو لطيف رحه به هنگلاج کان موٽندي هتي
پهتو آهي، انهيءَ ئي غار کي ساراهيو اٿس.
(ٻ) گندبو وارو لڪ:
هن پڪي رستي سان موٽر تي چڙهي، ٻيلي شهر ۾
سولائيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. ڪراچيءَ کان ماري پور
ويندڙ هي لنڪ روڊ، لس ٻيلي ۾ اچي نڪري ٿو، جتان
پوءِ ڪوئيٽا طرف وڃڻ جي بهتر سهولت آهي. هن لڪ کي
سياحت جا شوقين ۽ شڪاري گهڻو پسند ڪن ٿا. واٽ ۾
پوندڙ کڏون، مڇيءَ جو ججهو مقدار مهيا ڪن ٿيون.
ماڻهن جي آبادي به هن لڪ ۾ ڪثرت سان موجود آهي. |