ڪنن جا زيور
محمد سومار شيخ
اڳي سنڌ جون عورتون ڪنن ۾ ڳرا زيور پائينديون هيون
۽ اُهي زيور جا ڳهه يا ڇَل سون جا هوندا هئا، انهن
زيورن جي ڳراڻ سبب ڪن ڇڄيو پوندا هئا، انهيءَ تان
پهاڪو ٺهيو ته: ”اُهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.“
انهيءَ کان پوءِ ويچاري ڪن تان ٿلها متارا زيور
ٽريا ۽ ڪن ويچاري سُک جو ساهه کنيو. جيتوڻيڪ هلڪن
زيورن سان ڪن جون پاپڙيون، نسيون ڪن جو وچ ۽ مٿيون
حصو مايون زيورن سان سينگارينديون آهن. ايرينگ،
جهومڪ، ڪن ڦل، مگر، (اپالو مگر، جهالا مگر)،
جهالر، گل ڦل والا، (ڦول پتي)، پائپ والا، بينڊ
والا، چار گول والا، چنڊ واليون، دُر، الولڪ،
سريون، ڏر گل، پوکانڙيون، مومن، ڪيوٽيون وغيره
پاتا ويندا آهن، سُبي ۾ ”نسبي“ زيور پاتو ويندو
آهي. ڪن جي مٿئين سرين ۾ جهمٽيون، پنڙيون، پنڙا،
پوپٽ پاتا ويندا آهن، ڪن جي وچ ۾ گُڪ ۾ گوڪون
پاتيون وينديون آهن. ڪن جي زيورن ۾ جيڪي مکيه زيور
آهن، انهن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
ايرينگ:
ايرينگ جو رواج هن وقت سنڌ ۾ گهڻو آهي. هيءُ
انگريزي زيور آهي، جيڪو اصل ۾
(Ear-ring)
آهي سون مان ٺاهيا وڃن. ايرينگ رائيدار به ٺاهيا
ويندا آهن، واٽائين وارا به جوڙيا ويندا آهن ۽
گهاگهريءَ وارا پڻ. هونئن ايرينگن جي ڊزائينن جا
ڪافي قسم آهن جن تي ڪي خاص نالا رکيل نه آهن.
جهومڪ:
جهومڪن جا هيٺين قسم گهاڙيٽي جي لحاظ کان ليکيا
ويا آهن (الف) رون وارا جهومڪ (ب) ڪٽائي وارا
جهومڪ (ج) مينا وارا جهومڪ وغيره. جهومڪ اڳي
چانديءَ جا به ٿيندا هئا، هاڻ اهو رواج ختم ٿي ويو
آهي.
ڪن ڦل:
لسا ڪن ڦل، واڻڪا ڪن ڦل يا چاريءَ وارا ڪن ڦل ۽
ڊاٽيءَ وارا ڪن ڦل جوڙيا ويندا آهن. هونئن ٺپي
وارا ۽ مينا وارا ڪن ڦل به گهاڙيٽي جي لحاظ کان
مشهور آهن.
مگر:
مگرن جا ڪافي نمونا آهن، پر انهن جا نالا نه رکيا
ويا آهن. ڪن ٿورن نمونن جا نالا ڌريا ويا آهن، جن
مان (الف) پالو مگر (ب) جهالو مگر (سنڌ جي پنجابين
جو پهرواس) خاص مشهور آهن.
جهالر:
جهالر جا مکيه حصا ڏانڊي، ٽڪيون، مور ۽ پنڪيون
آهن. هي زيور سماٽ ذاتيون خاص ڪري مهاڻا، ماڇي،
سماٽ ابڙا ۽ جوڻيجا پهريندا آهن. جهالر چانديءَ
مان ٺاهيا ويندا آهن.
جهمٽيون:
هنن جا ڪي قسم يا نمونا ڪونه ٿين. سون مان ٺاهيون
وينديون آهن.
واليون:
واليون گهڻو ڪري چانديءَ جون ٿين، ڪي شاهوڪار سون
جون به ٺهرائين، والين جا مکيه هيٺيان قسم آهن:
وٽ واريون واليون، لسيون واليون، گل لخل واليون
(ڦول پتي واليون)، پائيپ واليون (فينسي واليون)،
بينڊ واليون، چنڊ واليون، سنهيون واليون (ننڍي
ڄمار جي ڇوڪرين جي پهرڻ لاءِ)، ڪناري واريون
واليون (وڏين عورتن جون واليون)، گولين واريون
واليون (ڪنوارين ڇوڪرين جون واليون)، وٽ واريون
واليون (وڏي ڄمار واري عورتن جي پهرڻ جون واليون).
والا:
والا وچ ڪن ۾ پاتا ويندا آهن، ڪي انهن کي ڳن به
ڪوٺين. سون ۽ چانديءَ مان ٺاهيا ويندا آهن. والن
جا وڏي کيلي هيٺيان قسم ٿين ٿا.
سنڌي والا (اصلي والا)، چمانور والا، چورس والا،
فينسي والا، لسا والا، سامي والا.
دُر:
هي سون ۽ چاندي ٻنهي مان ٺهندا آهن. دُر گهڻو ڪري
چانديءَ مان ٺاهيا ويندا آهن. سون جو رواج تمام
گهٽ آهي.
نبسيون:
نبسيون سون توڙي چانديءَ مان سونارا ٺاهيندا آهن،
نبسين جا وڏا ٻه قسم آهن:
جڙا واريون نبسيون، برج واريون نبسيون.
ڪڙڪون: هي ڪن جو زيور سون توڙي چانديءَ مان ٺاهيو
ويندو آهي، سومرا ۽ ريپاري پائيندا آهن.
گوڪون:
هي ڪن جو زيور وچ ڪن يعني ”گُڪ“ ۾ پاتو ويندو آهي.
سون ۽ چانديءَ مان سونارا ٺاهيندا آهن.
الولڪ:
سون ۽ چانديءَ مان ٺاهيا ويندا آهن. غريب چانديءَ
جو الولڪ پهريندا آهن. هي پاپڙيءَ جو زيور آهي، ڪي
ڪي سونو ٺهرائيندا آهن.
سِريون:
ڪن جون سِريون ٿينديون آهن، نڪ جون به سريون
(ڦلهڙيون) ٿينديون آهن ۽ وات کوٽيڻن کي به سِرئون
سڏيو ويندو آهي، پر ڪن ۾ پائڻ واري سِرئون سون جو
زيور آهي.
ڏرگل:
هي زيور هندو ذاتيون ميگهواڙ، ٺڪر وغيره پهرين،
ڏرگل ٺپي ذريعي سونارا ٺاهيندا آهن.
پونائڙيون:
پوکاڙيون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن: (الف) لسيون
پوکانڙيون (ب) ڦوٽڙي واريون پوکانڙيون. اهو زيور
ڪولهي پاپڙيءَ ۾ عورتن کي پهرائين.
پنڙيون:
پنڙيون سون مان به ٺهن ته چانديءَ مان به. هنن جا
ٻه قسم آهن (الف) لسيون پنڙيون (ب) گهنگهرين
واريون پنڙيون.
پوپٽ:
پوپٽ جڙادار ٿيندا آهن. سومرا ۽ مينگهواڙ پهريندا
آهن. سماٽ ذاتيون پڻ پهرينديون آهن.
مومن:
هي زيور سومرن جي پهرواس ۾ شامل آهي. شاهوڪار
سومرا سون جا به ٺهرائين، نه ته گهڻو ڪري چانديءَ
جا ٺهندا آهن.
ڪيوٽيون:
سون مان ٺهن، سڀ قومون پهرين، اڪثر ڪري مرد به
پائين ٿا.
درٻچا: هي زيور چانديءَ مان ٺهي. سماٽ ذاتيون خاص
ڪري راهمان ۽ منڌرا پهرين.
ٻندا:
”ڪڇڪا“ ۽ سنڌي نالي ٻن قسمن جا ٻندا سنڌ ۾ پهريا
ويندا آهن، ڪڇڪا ٻندا ڪڇ سان وابسته پهرينديون آهن
۽ سنڌي ”ٻندا“ سماٽ سنڌي ذاتيون پهرينديون آهن.
ٻندي ۾ وڏو روو، ننڍو روو، ماڪوڙو، کٻيل تري ۽ ڳن
وغيره حصو آهن.
ڪن جا ٻيا به زيور آهن، پر افسوس آهي، جو انهن جي
ديدار کان محروم آهيون. جن مان سروليون، جهلاريا
وغيره ڏسڻ جي لائق آهن، ڪن ٿورن زيورن جو احوال
مٿي ڏنو ويو آهي. اهي زيور ڪن ۾ پاتا ويندا آهن.
انهن زيورن مان پنجن زيورن جي ٺهڻ جو نظارو ۽
مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو، اُهي پنج زيور آهن:
پوپٽ، مومن، مگر، پوکانڙيون، واڻڪا ڪن ڦل.
هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ تمام ضروري آهي ته زيورن جي
ٺاهڻ جو طريقو هر هڪ ڪاريگر جو پنهنجو آهي ۽ زيورن
۾ جيترا نمونا آهن، انهن جي ٺاهڻ جا نمونا يا قسم
به ڌار ڌار آهن. هر هڪ زيور جي ڌار ڌار طريقن کي
ڇڏي، رڳو هڪ طريقو پيش ڪيو ويو آهي.
پوپٽ:
سومرا پوپٽن سان گڏ مومن پڻ پائيندا آهن. پوپٽ نج
چانديءَ مان بنايا ويندا آهن. ڪن ۾ به پاتا ويندا
آهن. پوپٽ سومرن جي مخصوص زيور آهي، پر سماٽ
ذاتيون به پهرينديون آهن، پوپٽ زيور لاءِ هڪ لوڪ
ڪهاڻي مخصوص آهي.
ڳالهه ٿا ڪن ته، جڏهن همير اول سنڌ تي راڄ ڪندو
هو، تڏهن اُن کي ڀين سڪاريو ڄائو. جيڪو اڻهول واڙي
وارا هن کان خيرات طور وٺي ويا. اُهو اڻهول واڙي ۾
وڌيو ۽ وڏو ٿيو. پٺيان همير پٽ جي ڏک ۾ ڪمزور ٿي
وڃي کٽ داخل ٿيو. آخر نبو ٿهيم ۽ سندس ٻين ڀائرن
گڏجي همير کي مارڻ جي ڪئي. نبن جي ڀيڻ همير جي گهر
۾ هئي. اُها پنهنجي ڀائرن جي برن فعلن کان واقف
هئي، ته مڙس کي بچائڻ لاءِ هُن ڪافي وسيلا ڪم
آندا، پر ڪامياب نه ويئي ۽ همير کي نبن ماري ڇڏيو.
اهو حال ڏسي ڀين لاءِ همير جي گهرواري نياپو
موڪليو. انهيءَ نياپي موجب ڀين سڪاريو هڪ پوپٽ پاڻ
سان وٺي پٽڻ پهتو. جتي نبن ملڪ پئي هلايو ۽ همير
جي راڄ جو خاتمو ٿي ويو هو. ڀينءَ جو پٽ پنهنجي
ماءُ کان نياپا کڻيو ڀينءَ وٽ ايندو هو ۽ ڀين کان
نياپا کڻيو ماءُ وٽ ويندو هو. نبن ٿهيم ڀينءَ کي
مارڻ جو پورو قصد ڪيو. اها خبر به پوپٽ (طوطي)
ڀينءَ کي ٻڌائي ڇڏي. نتيجو هي نڪتو جو نبن ٿهيم
پڪو فيصلو ڪيو ته پوپٽ کي مارجي. آخر پوپٽ کي ڌڪ
هڻي ماريو ويو. پوپٽ ڌڪ سهي ڀينءَ جي ماءُ جي ڪن
تي وڃي ڪريو. ڄڻڪو پيغام کڻي آيو آهي ۽ اُتي ويهڻ
شرط مري ويو. ڀينءَ جي ماءُ پوءِ چاندي جو پوپٽ
(طوطو) ٺهرائي ڪن ۾ پاتو. جنهن جي شڪل هوبهو پوپٽ
جهڙي هئي. انهيءَ کان پوءِ سومرين ۾ پوپٽ جو رواج
پيو ۽ اهو رواج اڄ سوڌو سومرا نڀائيندا اچن. پوپٽ
جي اڄ اڳوڻي صورت نه رهي آهي، تڏهن به سندس تصوير
طوطي جي تصوير سان ملندڙ جلندڙ آهي. اهو پوپٽ اڄ
به هر ڪنهن سومريءَ جي ڪن تي ڄڻڪو پنهنجن ڀيڻن جا
پيغام ڏيئي رهيو آهي. انهيءَ پوپٽ کي سومريون
پنهنجي دل و جان سان چاهينديون آهن. لوڪ گيتن ۾ به
”پوپٽ“ جو ذڪر ڪنديون آهن:
”پوپٽ پَٽَ جوڙي، تڙ تي ٿو تجلا ڏي،
حاڪم سنڌ جوڙي، تڙ تي ٿو تجلا ڏي.“
]سنڌ
جا زيور تان ورتل[
ادبي رهاڻ
دنيا جي اعليٰ ٻولين وانگر اسان جي سنڌي زبان جي
ادبيات يعني نظم و نثر ۾ به اڪثر اهڙا جملا نظر
ايندا آهن، جن ۾ مصنف يا شاعر جي استعمال ڪيل ڪن
لفظن جي پروڙ کانسواءِ، اشعار ۽ مضامين جو مطلب
بخوبي سمجهه ۾ نه ايندو آهي. مثلاَ شعر آهي ته:
يار جي خدمت ڪجي ڪيئن پڇ سو يار غار کان.
مٿئين شعر ۾ يار غار ڪير هو، کيس يارغار ڇو چيو
ويو وغيره. جيستائين اها خبر نه پوندي تيستائين
شعر جو پورو پورو مفهوم معلوم ٿي نه سگهندو. اهڙن
لفظن کي اديبانه اصطلاح ۾ تلميحات ادب چئبو آهي.
هن ڪتاب ۾ اهڙن لفظن جي چڱي چوکي انداز ۾ اپٽار
ڪئي وئي آهي، جن جي واقفيت کانپوءِ پڙهندڙن جي
ادبي، علمي، تاريخي ۽ مذهبي معلومات ۾ ڪافي اضافو
ٿيندو.
سنڌي زبان ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ اهڙي رس
ڀري رهاڻ ڪئي وئي آهي.
اميد ته اهل علم و قلم حضرات هن ڪتاب جي قدرشناسي
ڪندا.
هي ڪتاب اديبن، شاعرن ۽ شاگردن لاءِ خصوصاَ علم
ادب سان دلچسپي رکندڙ صاحبن لاءِ عموماَ مفيد ثابت
ٿيندو.
احمد خان آصف
1- ڊسمبر 1956ع
آب حيات:
معنيٰ ”هميشه جي زندگيءَ ڏيڻ وارو پاڻي“ اڪثر
ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪوه ڪاف جي ڪنهن تاريڪ گوشي
۾ جنهن کي ظلمات به چيو وڃي ٿو. هڪ پاڻيءَ جو چشمو
آهي، جنهن ۾ اهڙي قدرت رکيل آهي جو جيڪو اُتان
هڪڙو ڍڪ پيئندو، سو مور نه مرندو، هميشه حيات
رهندو. ان چشمي مان حضرت خضر عليه السلام پاڻي
پيتو هو، تنهنڪري هو تاقيامت جيرو رهندو. سڪندر
ذوالقرنين کي جڏهن حڪيمن ۽ عالمن آب حيات جو ڏس
ڏنو. تڏهن حضرت خضر جي رهنمائي ۾ ظلمات ڏانهن آب
حيات لاءِ روانو ٿيو، مگر واٽ تي غفلت سبب حضرت
خضر عليه السلام کان جدا ٿي ويو ۽ آب حيات کان
محروم رهجي ويو. آب حيات کي آب حيات، آب زندگي ۽
آب ظلمات به چيو ويندو آهي.
آتش نمرود:
حضرت ابراهيم خليل الله جي زماني ۾ نمرود نالي هڪ
ڪافر بادشاهه هو. هو پاڻ کي الله سڏائيندو هو.
حضرت ابراهيم عليه السلام کيس گهڻو ئي سمجهايو،
مگر هو پير تي نه آيو ۽ حضرت ابراهيم جي مارڻ جو
ڪرايائين سعيو. ٻارهن ڪوه هم چورس ميدان کي چوڌاري
وڏي ديوار ڏياريائين. ان کي ڪاٺين سان ڀرايائين.
جڏهن ميدان سٺو ڪاٺين سان ڀرجي ويو، تڏهن ان کي
باهه ڏياريائين. ايتري ته گرميءَ جي شدت ٿي، جو
باهه کان ٽن ڪوهن جي مفاصلي تي ڪوبه ساهوارو
لنگهيو ٿي، ته اُتي جو اُتي جلي مئو ٿي. انهي
آڙاهه کي آتش نمرود سڏيو وڃي ٿو. حضرت ابراهيم
خليل الله کي هڪ پينگهه ۾ ويهاري آڙاهه ۾ اڇلايو
ويو. پر چوندا آهن ته رکي رب ته ماري ڪير. تنهن
کان اڳ الله تعاليٰ جو باهه کي حڪم پهچي چڪو هو ته
”يانا رڪوني بردا و سلاماَ عليٰ ابراهيم.“ ”اي
باهه ٿڌي ٿي حضرت ابراهيم کي سلامت رک.“ بس باهه
مان ڦري گلزار ٿي پيو. سچ آهي ته، ”جنهن جو رب
تنهنجو سڀ.“
آدم:
ابوالبشر حضرت آدم عليه السلام سڀني آدمين جو ڏاڏو
آهي. هي اُهو پهريون انسان آهي، جو قدرت الاهيءَ
سان بنا پيءُ ماءُ جي پيدا ٿيو. چون ٿا ته چاليهن
ڏينهن ۾ هن بلوغت ۽ مڪمل انسانيت کي پهتو هو
تنهنڪري کيس طفل چهل راز به چوندا آهن، سندس بيبي
يعني ڏاڏي حوا سندس پاسريءَ ۾ پيدا ٿي هئي. ڏاڏي
آدم ۽ ڏاڏي حوا کي بهشت ۾ آباد ڪيو ويو هو. قدرت
کيس حڪم ڪيو هو ته لاتقربو هٰذا الشجره....
يعني ته هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو نه ته گنهگارن مان
ٿيندا. اُهو وڻ ڪڻڪ جو چيو وڃي ٿو، شيطان لعين جي
برغلائڻ تي آخر حضرت آدم ۽ ڏاڏي حوا اُتان هڪ داڻو
کاڌو ۽ بهشت مان تڙجي زمين تي رسيا. ڪافي ڏکن ڏسڻ
۽ درد فرقت جي مصيبت سهڻ بعد عرفات جبل تي سندن
ملاقات ٿي ۽ آخر ازدواجي زندگي گذارڻ لڳا ۽ ساري
دنيا آدمين سان آباد ٿي.
آدم ثاني:
حضرت نوح عليه السلام کي آدم ثاني سڏيو وڃي ٿو.
ڇاڪاڻ جو سندس وقت ۾ اهڙو ته پاڻيءَ جو طوفان آيو
هو، جو اڪثر دنيا غرقاب ٿي چڪي هئي، اُهي ماڻهو
سلامت رهيا هئا جيڪي سندس ٻيڙيءَ ۾ سوار هئا ۽
انهن مان ئي ٻيا آدمي وڌيا ۽ ويجها ۽ دنيا نئين سر
آباد ٿي.
آذرگشپ:
ايران جي آتش پرست حاڪم گشتاشپ بلغ ۾ هڪ آتشڪده
بنايو هو جتي آتش جي پوڄا ڪرائيندو هو. انهيءَ
آتشڪده کي آذرگشپ چوندا آهن.
گشتاشپ پنهنجو خزانو، ان آتشڪده جي ڪنهن شعبي ۾
رکرائي ڇڏيو هو. سڪندر اعظم يوناني انهيءَ آتشڪده
کي تباهه ڪري دنيا دولت پنهنجي قبضي ۾ آندي.
آذر:
حضرت ابراهيم عليه السلام جي والد جو نالو آذر هو،
ڪي وري چون ٿا ته آذر حضرت ابراهيم جو چاچو هو.
آذر وڏو بت تراش هو، جو قسمين قسمين بت ٺاهيندو هو
۽ سندن پوڄا ڪندو هو. حضرت ابراهيم عليه السلام
کيس بت پرستيءَ کان منع ڪندو هو.
آسيه:
مصر ۾ جڏهن فرعون جي حڪومت هئي، تڏهن نجومين کيس
چيو هو ته، هڪ ڇوڪرو پيدا ٿيندو جو توکي ماريندو.
فرعون نجومين جو چوڻ وٺي بني اسرائيل جا نوان ڄاول
ٻار ڄمندي ئي مارائي ڇڏيا، مگر ”انگ ازلي آه قادر
ٿو ڀري ۽ ناٽري“ جي مصداق حضرت موسيٰ عليه السلام
پيدا ٿيڻو هو، سو ٿيو جنهن کي سندس والده نيل دريا
۾ لوڙهائي ڇڏيو هو. لڙهندو فرعون جي ماڙي وٽ آيو
تڏهن فرعون جي دل گهري بيبي جنهن جو نالو آسيه هو،
کيس پاڻيءَ مان ڪڍرائي نپايو ۽ اڪثر مصيبتن ۾
وقتاَ فوقتاَ سندس حمايت ڪندي هئي.
آصف:
عبراني زبان جو لفظ جنهن جي معنيٰ آهي گڏ ڪندڙ.
آصف بن برخياب مشهور نبي ۽ حاڪم هفت اڪليم حضرت
سليمان عليه السلام جو وڏو وزير هو، مٿس حضرت
سليمان جو ڏاڍو پيار هو. پاڻ سان گڏ تخت تي
ويهاريندو هوس. چون ٿا ته آصف کي اسم اعظم تي عمل
هوندو هو، بيبي بلقيساءِ حضرت سليمان جي شاديءَ
وقت، بيبي بلقيسا جو عمدو تخت سندس ڏورانهين ملڪ
مان آصف ئي (روحاني تصرف سان) اک ڇنڀ ۾ حاضر ڪيو
هو، جنهن کان بيبي صاحبه حيرت زده ٿي ويئي هئي. |