مون ان وقت محسوس ڪيو ته ساهه جو سرشتو سندس ساٿ
نه ڏئي رهيو هو، پاڻ چيائين ڪافي عرصي کان پوءِ
ايترو به توسان ڳالهائي سگهي آهيان. ائين منهنجي
ذهن ۾ ڪيترا سوال سوال ئي رهجي ويا! ۽ ٺيڪ 15
ڏينهن کان پوءِ يعني 20 سيپٽمبر 1999ع تي صبح جو
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس وفات جي خبر
ٻڌندي ئي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا.
هري درياني ”دلگير“
کٽڻ جا ڪونه ها جيڪي، سي ميخانا، ڪٿي آهن!
لٽيندا دُنگ ها جيڪي، سي ديوانا ڪٿي آهن!
هينئر ڀي مَي ملي ٿي، پر ڪٿي سا موج مدهوشي،
اُهي ساقي ڪٿي آهن، سي مستانا ڪٿي آهن؟
پيالا پُر ڪري اڄ ڀي پيون ٿا، پرين پيارا!
پياريئه پاڻ تي جيڪي، سي پيمانا ڪٿي آهن!
ڪٿي سي، رات ساري جن سان ڳالهائي نه ٿڪبو هو،
کٽڻ جا جي نه ها هرگز، سي افسانا ڪٿي آهن!
مڙن ٿيون محفلون اڄ ڀي، مگر ڪٿ سي ڪٿي ماڻهو،
جلي ٿي شمع اڄ ڀي، ليڪن پروانا ڪٿي آهن!
هلي انعام لئه ٿو سونهن جي سرڪار ڏي هرڪو،
مگر جي جان جا ڏيندا ها نذرانا ڪٿي آهن!
اُهي جايون اهي جڳهيون، اُهي وڻ ٽڻ وٿاڻا سڀ،
مگر جن کان منور ها هي ڪاشانا ڪٿي آهن!
هتي اڳ ها گلستان جا جهڳٽا، ڍير گلڙن جا،
سنڀالي هل دل نادان، هي ويرانا ڪٿي آهن!
جواني اڄ ڀي جهومي ٿي، مگر ”دلگير“ مجبوري،
اُهي سهڻا ڪٿي ۽ سي صنم خانا ڪٿي آهن!
گوورڌن محبوباڻي
رباعيون
هر عيش جو سامان مليو، گهر نه مليو،
پاڙو ته لڌم، هاءِ! اهو در نه مليو؛
اي خالق! بگڙيءَ کي بڻائڻ وارا،
تو دل ته ڏني، پر ڪوئي دلبر نه مليو.
ساگر کان ڪڏهن دور ڪنارو نه رهندو،
نظرن کان پري ڪين نظارو رهندو؛
اوڀر کي جڏهن دوست! ڪندو سج روشن،
اولهه ۾ ڇا ان وقت انڌارو رهندو؟
هڪ تون هجين، ٻيو مان هجان، برسات هجي،
۽ پهرين ملاقات سندي رات هجي؛
سا رات وري اهڙي هجي جنهن جي شل،
اي جان ڪڏهن ٿيڻي نه پرڀات هجي.
جنهن دل ۾ نه احساس، اُها دل نه کپي،
لهرن کي ڌڪارن، اُهو ساحل نه کپي؛
حاصل ٿئي جنهن تي، نه مسافر کي مراد،
اي سائين! اسان کي اُها منزل نه کپي.
تو ساڻ ٻه ٽي ڏينهن گذاري نه سگهيس،
وڇڙيس، ته وري لڙڪ ٻه هاري نه سگهيس؛
سو بار ڪيم توکي وسارڻ جا جتن،
پر هاءِ ڙي تقدير! وساري نه سگهيس.
هيءُ ساز پراڻو به وڄايون ڪيسين؟
آواز نئين کان نٽايون ڪيسين؟
جيون کي ڇڏي، موت جا نغما ڳائي،
اي دوست! جنازن کي سجايون ڪيسين؟
گهر جن جي ڏهاڙي ٿي لڳي ڀيڙ نئين،
۽ دل ۾ اُٿي درد نئون پيڙ نئين؛
قدرت کان مليل کوٽي مقدر کي ڇڏي،
اچ دوست! بڻايون اسين تقدير نئين!
پريتم جي آس
نيلي نيلي دور گگن ۾،
پنهنجي پريتم سندي لگن ۾،
ڪرڻن جي ڪومل تارن جي، ويڻا مڌر وڄائي ويٺو
شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!
صاف سهاني مالا پائي،
پيشانيءَ تي تلڪ لڳائي،
پريتم کي هرکائڻ خاطر، پنهنجو پاڻ سجائي ويٺو
شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!
تارن جا ٿو ديپ جلائي،
بادل جي ٿو سيج وڇائي،
جنهن کي چانڊوڪي چادر سان، چاهه منجهان چمڪائي
ويٺو
شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!
سوچي ويٺو، ساجن ايندو،
منهنجو ڀاڳ ڀليرو ٿيندو،
پياري پريتم کي پاڻ پائڻ جا، پل پل پور پچائي ويٺو
شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!
پڻ پريتم جي پياس گهڻي آ،
کيس اندر ۾ آس گهڻي آ،
ان لاءِ آس ڀرين اکڙين سان، وياڪل ٿي واجهائي ويٺو
شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!
پريتم آ دير لڳائي،
دک کان چنڊ جي دل گهٻرائي،
ڊوڙي ڊوڙي گگن، منڊل مان، پريتم ڪاڻ پڇائي ويٺو
شايد، چنڊ ڪي ڳائي ويٺو!
احمد خان مدهوش
غزل
وجود ذاتي، وڳو صفاتي، تڏهن به هستي نه ٿئي سڃاتي،
”الست“ جي ٿئي قميص پاتي، تڏهن به هستي نه ٿئي
سڃاتي.
*
شڪل ۾ ڪيڏو شڪيل آهين، جمال ۾ ڇا جميل آهين،
وڌي ٿي تو ۾ نوراني جهاتي، تڏهن به هستي نه ٿئي
سڃاتي.
*
جهان جون ڪهڪشائون تولئه، فضائون تولئه، هوائون
تولئه،
مطيع هر چيز ڪائناتي، تڏهن به هستي نه ٿئي سڃاتي.
*
خدا جا بندا، هلين چلين ٿو، سڻين ٻڌين ٿو، ڏسين
پسين ٿو،
مليئه نگاهون مشاهداتي، تڏهن به هستي نه ٿئي
سڃاتي.
*
اَٽل ارادا، جوان جذبا، عظيم سوچون، خيال خاصا،
سمورا تو ۾ جمالياتي، تڏهن به هستي نه ٿئي سڃاتي.
*
مٽيءَ جي مُٺ مان عجيب ڄائين، خليفة الله بنجي
آئين،
عمل جي خاطر مليئه حياتي، تڏهن به هستي نه ٿئي
سڃاتي.
*
گذارين ڇو ٿو چريا غمن ۾، مزي جي مدهوش تنهنجي من
۾،
ڪريم ڪيڏي آرمز لاتي، تڏهن به هستي نه ٿئي سڃاتي.
*
وسيم سومرو
غزل
رڳو مون کي جلدي ورڻ جي ڪٿي هئي،
هوا جا به پيرن ۾ گهوڙا ٻڌل ها-
حسابن جا ڪي ڏينهن گهاري هلي ويئي،
سکيءَ جي پلئه ۾ ڪي کوڙا ٻڌل ها-
پي شڪلين ۾ بدليا، ائين ڄڻ لڳو پئي،
ڪنڀر سان مٽيءَ جا پنوڙا ٻڌل ها-
محبت جا رنگين رومال ها پر،
نه ڄاتم ته تِن ۾ وڇوڙا ٻڌل ها-
غزل
ڳوٺ جي ڇانو ۾ چار پوڙها هئا،
۽ پريان ڪي ڊٺل هيٺ لوڙها هئا.
هو ڇڄڻ لاءِ آڪاس ڪيڏو وڏو،
ڇو ملڻ جا سڀئي گس سوڙها هئا.
رنگ پئسن جو، جن جي مٿان هو چڙهيل،
سي نه رشتا هئا، سي ته ٽوڙها هئا.
شاهه کي شاهه هڪڙي اکين ۾ رکيو،
هونئن ته تاريخ ۾ ڪئين ڪلهوڙها هئا.
سمنڊ! طوفان کان تون اهو پچ ته ڇو؟
هن لوڙهيا مهاڻن جا هوڙها هئا.
غزل
ريشمي هن ڏور وارن سان ٻڌي،
ڄڻ هوا ڇڙواڳ تارن سان ٻڌي –
پيا سدا جهولن پرينءَ جي پار لئه،
نيڻ ڇڏجن هوند ڏاون سان ٻڌي.
هن اميراڻو وڃي چونڊيو اڱڻ،
وئي اسان جا پير چارن سان ٻڌي –
ڪيترا طوفان ايندا ٿا رهن،
سمنڊ دل جو رک ڪنارن سان ٻڌي –
صبح جي چاهت نه مون کي ڏئي سگهي،
رات هُن اڇلي ستارن سان ٻڌي.
غزل
اُها جا دل ٽچوڙي آ اسان جي،
اُها دل ڪنهن ته ٽوڙي آ اسان جي –
فقط ڳيرا نه اُڏرن ٿا هوا ۾،
منجهن نيڻن جي جوڙي آ اسان جي –
ڏکن جي شهر ۾ داخل ٿئي ٿي،
اوهان جا واٽ موڙي آ اسان جي –
الائي ڪيترو درشن جهٽڻ لئه،
دريءَ ۾ ديد ڊوڙي آ اسان جي –
ڌماڪن کي ڏي به ٿي مُرڪي نهاري،
لڳي ٿو قوم ٻوڙي آ اسان جي –
اُها جا واعدن سان تون ٻڌي وئين،
نه سا ڪنهن ڳنڍ ڇوڙي آ اسان جي –
گيت
او لوهارڻ، هي جو ٻارڻ،
ان ۾ تون ته اڃان به ٻرين ٿي.
مک جو چنڊ چنيءَ ۾ گهيري،
ڪير ڏسين ٿي گهونگهٽ سيري،
ڪنهن لئه لهرن جئن ورين ٿي، او لوهارڻ!
ڪنهن لئه تنهنجا نيڻ ڪهاڙي،
هاءِ ڪهاڙي سا به اُگهاڙي،
ڇو نه نڀاڳي ڌيان ڌرين ٿي، او لوهارڻ!
هيءَ مترڪي جي، جا ٺڪ ٺڪ،
جهڙو تنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ،
تون به اُڀا ڇا ساهه ڀرين ٿي، او لوهارڻ!
تو وٽ سارو وقت ڌنوي ٿو،
تنهنجي لڄ تي ڪانگ لنوي ٿو،
ڪنهن لئه هي سينگار ڪرين ٿي، او لوهارڻ!
گئوري ولڀ
سڃاڻپ
اي ٿر جون ڀٽون
اي اڪ جا ٻوٽؤ،
اي ڪونڀٽو
اي اونهاري جي گرميءَ ۾
پچندڙ پيرونوءَ
اي ڀٽن تي
ٽهوڪڻ وارا مورؤ
منهنجي سڃاڻپ توهان سان آهي
منهنجي جسم ۾ موجود گرمي
هتي جي تتل واري سان آهي
جڏهن مينهن جا ڦڙا
واري تي ڪرن ٿا
ته ڄڻ آئون جاڳي پوان ٿي
تڏهن مان، مان نٿي رهان
ٿر ٿي پوان ٿي.
نه کٽندڙ سلسلو
هڪ کان پوءِ
ٻيو امتحان
ٻئي کان پوءِ
ٽيون امتحان
هي نه کٽندڙ سلسلو
طويل کان طويل
ٿيندو ٿو وڃي
ڪٿي به پڄاڻي
نظر نٿي اچي
ڪٿي ڪو ڏيئو
ڪا مشعل ٻرندي
نظر نٿي اچي
پيرن مان رت
سراٻيٽ ڪندو پيو وڃي
پر مان
پنهنجي ڌن ۾
انڌيرن غارن ۾
پنهنجي منزل
پئي ڳوليان!
جيڪا شايد....
شگفته شاهه
ڪوئل
نماشام
هيءَ تنها تنها ڪوئل
وڻ جي ٽاريءَ ٽاريءَ تي اُڏري
ڪنهن کي آخر ڳولهي ٿي؟!
من جي اونهائي مان
ڪيڏي پيڙا مان
ڪُو ڪُو ڪُو ڪُوڪي ٿي
ٻول مٺاسي ٻولي ٿي
ڇو ٿي منهنجي جيون جي
ماٺي جر ۾
يادن جو ڪو پٿر اڇلي
دل جي راهن ۾ رولي ٿي
يا ته سنيهو ساوڻ جو
يا ته.....وري....پوءِ
دري خزان جي کولي ٿي
ڇو ٿي رولي ايڏو....؟
تڙپي ٿي تڙپائي ٿي
ڪو گيت اهڙو ڳائي ٿي. |