سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :9

 (عارفه جبين جي ياد ۾)

تعارف:- نسرين فاضل شيخ

 

 

جناب سيڪريٽري صاحب

سنڌي ادبي بورڊ

حيدرآباد

جنا اعليٰ جيئن ته توهان جو خط تاريخ 92-10-31 تي مليو، جنهن ۾ عارفه جبين شهيد شيخ جي باري ۾ اوهان معلومات گهري آهي. انهيءَ لاءِ اسان شهيد عارفه جي Bio-data توهان ڏي موڪلي رهيا آهيون.

شهيد عارفه جبين جي جاءِ پيدائش سنڌ جو اهو مردم خيز شهر آهي، جنهن کي لاڙڪاڻو چيو ويندو آهي.

عارفه جبين شيخ 1973-7-28 تي ڄائي ۽ 83-3-31 تي پرائمري گرلس اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائمري پنج درجه پاس ڪيائين. 1989ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ۽ 1991 ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. سندس تعليمي ڪيريئر پرائمري کان وٺي انٽر تائين. بهترين ۽ شاندار رهيو هوءَ هڪ ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هُئي نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين، جن ۾ فنون لطيفه وغيره اچي وڃن ٿا، تنهن ۾ پنهنجي حيثيت مڃرايائين. اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين خاص ڪري هُن نعت خواني، تقرير، اداڪاري ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا.

هوءَ B.s.c پارٽ ون جي شاگردياڻي هُئي ته 30 مئي 1992ع ۾ ايئر هوسٽس ڀرتي ٿي.28 سيپٽمبر 1992 سندس پهرين فلائٽ کٽمنڊو لاءِ هُئي جنهن ۾ دردناڪ حادثو پيش آيو ۽ عارفه جبين جو مُشڪندڙ چهرو هميشھ لاءِ دوستن ۽ احبابن جي اکين کان اُلهي ويو. ”اِنا للهِ واِناَ عليھ راجعون.“

وڏي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سندس مَڙهه اڃا تائين سوڳوار خاندان وٽ نه پهتو آهي.

اڄ نه پَسان سي آتڻ ڪتيوم جن سي

هاڻي تنين کي ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان-شاهه

 

مارئي هاسٽل ۾ ملهايل لطيفي سانجهه

رپورٽ: ثمينا ميمڻ

سنڌ يونيورسٽي اُهو ادارو آهي جنهن وڏن وڏن عالمن، دانشورن ۽ ليکڪن کي جنم ڏنو آهي. اسان جي هن ڌرتيءَ تي اهڙن املهه موتين جي کوٽ نه آهي جن پنهنجي تعليمي شعور سان ڌرتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي.

هن اداري ۾ تعليم سان گڏوگڏ شاگرد سماجي، ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندا رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ پنجين آڪٽوبر تي مارئي هاسٽل جي وڏي ميدان تي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين هڪ ”لطيفي سانجهه“ ملهائي. هن قسم جي تقريب ڪافي وقت کانپوءِ ٿي هئي.

مهمان جيئن پهچڻ شروع ٿي ويا ته شاگردياڻين جي منهن تي لالائي نظر ٿي آئي. پروگرام جي پهرين نشست جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت سان ڪيو ويو. هن نشست جي ڪمپيئر صفيه ميتلو هئي. تقريب جا خاص مهمان سنڌ يونيورسٽي آرٽس فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر مدد علي قادري جن هئا. اعزازي مهمان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو چيئرمين سنڌي ڊپارٽمينٽ ۽ صدارتي چيئر لاءِ هاسٽل جي پرووسٽ ميڊم قمر جهان مرزا هئي.

ميڊم قمر جهان مرزا آيلن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هي فنڪشن ڪافي وقت کانپوءِ ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ٿيو آهي ته اُهو شاگردياڻين جي ڀرپور ساٿ سان ئي ٿيو آهي. اسٽيج تي ويٺل مهمانن کي بيج لڳايا ويا ۽ اجرڪ جي سوکڙي پڻ پيش ڪئي ويئي. ان کانپوءِ اعزازي مهمان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي تقرير ۾ شاگردياڻين تي زور ڏنو ته اُهي شاهه صاحب بابت معلومات حاصل ڪن. شاهه صاحب عورت جي ڪردار کي تمام گهڻو واضح نموني بيان ڪيو آهي. مارئي جي صورت لاءِ پدمڻي نالو وٺي عورت جي ڪردار کي زندهه جاويد بڻائي ڇڏيو آهي. شاهه جو ڪلام پوڻا ٽي سئو سال پراڻو آهي. پر اڄ به پڙهنداسين ته اسان کي اڄ جي صورتحال ان ۾ نظر ايندي. روبينه گهانگهرو پنهنجي مقالي ۾ چيو ته شاهه اسان جي تاريخ آهي. شاهه صاحب اسان کي پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. پرهه پنهنجي مقالي پڙهڻ جي شروعات شاهه جي شعر سان ڪئي ۽ چيو ته شاهه صاحب محب وطن آهي، هن شعر مان ان جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

هو نه صرف سنڌ لاءِ دعاڳو آهي پر ان سان گڏ سڄي عالم جو به دعاڳو ٿيو آهي. شاهه جي ڪلام ۾ دين دنيا جي نصيحت سمايل آهي. شاهه سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين کي اڳيان آڻي همت ۽ جرئت ڏياري آهي. ان کانپوءِ تقريب جي خاص مهمان محترم مدد علي قادري جن کي دعوت ڏني وئي ته اچي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن.

هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جن به هتي مقالا پڙهيا، مان انهن کان متاثر ٿيو آهيان. ٻيو اهڙي قسم جا ڏهاڙا اسان کي ضرور ملهائڻ کپن ۽ ايترن مهمانن کي آيل ڏسي وڌيڪ سرهائي ٿي رهي آهي. انهن شاهه صاحب تي ڳالهائيندي چيو ته شاهه هتان جو شاعر نه آهي پر عالمي آهي آفاقي، ابدي شاعر آهي.  سندس ڪلام ۾ تصوف، عشق رسول ۽ شريعت جون ڳالهيون آهن. شاهه لطيف جو رسالو قرآن مجيد جي شرح آهي.قرآن مجيد ۾ ٽيهه سپارا آهن. هن ۾ ٽيهه سُر آهن. هر سُر ۾ وحدانيت کان وٺي عشق رسول تائين هر ڳالهه آهي. شاهه کي سنڌ جي نياڻيءَ سان پيار آهي. شاهه جي رسالي ۾ سورميون ملن ٿيون. جيڪي ڏاڍ سان مقابلو ڪندي نظر اچن ٿيون. ڊاڪٽر صاحب جي تقرير کانپوءِ ٻي نشت جو آغاز ويرائٽي پروگرام سان ڪيو ويو. هن نشست جون ڪمپيئر انيلا سمون ۽ نجمه ميمڻ هيون. شمشاد بخاري ۽ نسيم گڏجي گيت ڳايو. سنڌ جي نوجوان فنڪار ذوالفقار پڻ تمام سهڻو گيت پيش ڪري حاضرين کان داد حاصل ڪيو. مهمانن جي آجيان جُهمر ناچ سان ڪئي وئي. جنهن ۾ صنم ۽ سرتين حصو ورتو. سهڻي پنهور، اشوڪ ڀاٽيا پڻ گيت پيش ڪيا. ان کانپوءِ شاهه جون ست سورميون تمام سهڻي نموني پيش ڪيون ويون. هر ڪردار پنهنجو پاڻ ملهايو. اسان جي سنڌ جي سڃاڻپ سنڌ جي مشهور فنڪاره جيجي زرينه بلوچ زوردار تاڙين سان اسٽيج تي آئي. ميڊم قمر جهان مرزا هن کي اجرڪ اوڍايو. جيجي پنهنجا گيت پيش ڪيا ويٺل مهمانن پئسا گهورڻ شروع ڪيا ته جيجي اهو چئي شاگردياڻين کي ڏئي ڇڏيا ته مان ماسترياڻي آهيان ايترن پئسن جي عادي نه آهيان. لوڪ ناچ نائلا سمون پيش ڪيو. ان کانپوءِ پري وش ڀٽو ڳائڻ لاءِ آئي. حميده بلوچ لوڪ ناچ پيش ڪيو. نثار حسيني جو لکيل ٽيبلو پڻ پيش ڪيو ويو، جيڪو تمام گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ ٻيو ٽيبلو مومل پيش ڪيو ويو. شاهه پنهنجي ڪلام ۾ هن ڪردار کي جيئن بيان ڪيو آهي، تيئن ئي پيش ڪيو ويو هن ڪردار کي ڏسندڙن تمام گهڻو پسند ڪيو. آخر ۾ انعام ورهايا ويا. ۽ ميڊم شبروز آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. اها تقريب جيڪا ايتري عرصي کانپوءِ ڏسڻ لاءِ ملي هئي. هاڻ اُها صبح جي سوجهري ۾ پاڻ سمائي پنهنجا پهر پورا ڪري پڄاڻي تي پهتي هئي.

*

 عاليه آغا

زندگي ۽ ويساهه

 

چڱي دير گذري وئي هئي، پر هو هلندو پئي ويو. آخر هڪ هنڌ اچي هو بيهي رهيو ۽ هڪ هٿ پاسي واري بينچ مٿان رکي ۽ ٻيو هٿ پنهنجي سيني تي رکي وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳو.

چوڌاري سنڌو جي ڇولين جو آواز هو، جيڪو سانت کي چيريندو پري تائين هليو پئي ويو. ڪنهن ڪنهن مهل پُل تان گذرندڙ ٽرڪن جو آواز به ان سان گڏجي پئي ويو. رات جو الائجي ڪهڙو پهر هو! شايد صبح ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه دير آهي! هن بيٺي بيٺي ئي سوچيو.

پري کان هڪ ٽرڪ جون لائيٽس هن جي اکين تي چُڀڻ لڳيون. هن آهستي اکيون بند ڪري ڇڏيون. گهڻي دير کان جاڳڻ ڪري هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي سُڄي پيون هيون. شيو وڌيل هيس. جين تي ڪيترائي ڪارا داغ هيس، جيڪي جين جي گري رنگ هئڻ ڪري اڃا وڌيڪ ظاهر ٿي پيا هئا. ڪاري رنگ جي شرٽ هن جي ڪڻڪائي رنگ تي ڏاڍو ٺهي پئي. اکين جي اڳيان ڪمزوريءَ ڪري ڪارا حلقا پئجي ويا هيس. جيڪي اوندهه ۾ ٻن ڪارن کَڏُن جيان لڳي رهيا هئا، هن جي نرڙ تي پريشانيءَ ڪري ڪيترائي گهنج پيل هئا، هو بينچ تي ويهي رهيو ۽ اکيون بند ڪري بينچ جي پُٺيءَ سان ٽيڪ هڻي ڇڏيائين. ڪيتري ئي دير گذري وئي پر هو ائين ويٺو رهيو. هاڻ ڪجهه ڪجهه سوجهرو ٿيڻ لڳو هو. پکي به پنهنجن آکيرن مان نڪري مِٺيون مِٺيون لاتيون لنوي رهيا هئا. ”ڇا هو اهي آخري ڀيرو ٻڌي رهيو آهي!؟ هن اکيون کولي ڇڏيون. قدرت جي سونهن پنهنجي عروج تي هئي، پر هو پنهنجي اندر جي متل باهه ۾ ئي ٻري رهيو هو. دماغ ۾ ڪيتريون ئي بي انت سوچون هيس، ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ هن اکيون کوليون ۽ جين جي کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ خط ڪڍيائين جيڪو نيلو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هن کي ڏنو هو. هن ڪيترائي ڀيرا پڙهيل خط وري پڙهيو.

”تون ۽ مان زندگي جا ٻه وڃايل پَل آهيون، جيڪي گذرڻ کانپوءِ وري ناهن اچڻا. شايد تون ۽ مان ڪڏهن به نه ملون، ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي اسان لاءِ سٺو هجي، ائين سمجهجانءِ ته تون ۽ مان هڪ ٻئي جي لاءِ فقط هڪ ڌنڌلو خواب هئاسين.“

هن ڏک وچان اکيون پوري ڇڏيون ”اوهه نيل، هي تو ڇا ڪري ڇڏيو. تنهنجو ساٿ ئي ته منهنجي زندگي جو آخري سهارو هو. تو پنهنجي هٿن سان منهنجي دل تي پنهنجو نالو لکيو ۽ هاڻ پاڻ ئي ان کي کُرڙڻ ٿي چاهين. مون کي ائين برباد ڪرڻ جو توکي ڪو حق ناهي، پر نه مان ته پنهنجي زندگيءَ جا سڀئي حق تنهنجي نالي تي ڪري ڇڏيا هئا. هاڻ انهن کي توکان  واپس ڪيئن وٺان! ڏنل شيءِ واپس ته ناهي وٺبي، يا خدا زندگيءَ ۾ ايترو عذاب ڇو آ، اسان ايترا بزدل ڇو آهيون؟ اسان رڙيون ڇو نه ٿا ڪريون؟ ان انڌي ۽ ڪوڙي سماج جي خلاف ڇو نه ٿا وڙهون! ان سان ڇا آهي هي فقط ٻن ٽن يا انهن کان وڌيڪ ڪجهه ماڻهن جو ميڙ انهن ماڻهن جي منهن تي لڳل وات ۽ وات جي اندر زبان جيڪا ٻين کان جيئڻ جا حق ڦُري ٿي.

”ڪيتري دير ٿي وئي آهي پر تون ائين ئي ويٺو آهين. ڇا ٿو ڏسين!“ ان ويري آواز تي هن اکيون کوليون ته پنهنجي ڀرسان هڪ اڌڙوٽ عمر واري ماڻهوءَ کي ويٺل ڏٺائين ڪپڙي لٽي مان هو هڪ وڏو ماڻهو پئي لڳو.

”ائين ڇا پيو ڏسين ۽ ڀلا ايتري دير کان هتي ڇا پيو ڪرين.“

هو ان ماڻهوءَ کي گهوري ڏسڻ لڳو. وڏا ماڻهو ائين ته نه ڳالهائيندا آهن! انهن جو ته ايلاز ڪرڻ به ائين لڳندو آ ڄڻ حڪم ٿا ڏين. پر هي ماڻهو..... ڪيترو نه پيار ۽ خلوص آهن، جي ڳالهائڻ ۾. ”بابا تون ڳالهائين ڇو نه ٿو!“

”ڇا منهنجو ڳالهائڻ ضروري آهي؟“ هن چيو.

”ها بابا انسان جي لاءِ زبان هوندي ڳالهائڻ ضروري آهي، جي اها نعمت ناهي ته پوءِ جيڪو حڪم الله جو.“

”ٿي سگهي ٿو ته ائين ئي هجي پر مان چپ رهڻ ۾ وڌيڪ سڪون محسوس ڪندو آهيان ۽ جي هاڻ مان توهان کان پڇان ته توهان هتي ايترو سويرو ڇو آيا آهيو ته پوءِ؟“

”مان هتي روز ايندو آهيان- دل جو مريض آهيان ۽ ڊاڪٽرن جي هدايت موجب واڪ ڪرڻ منهنجي لاءِ ايترو ضروري آهي، جيئن زندهه رهڻ لاءِ ساهه ۽ ٻيو ته سوير جي هيءَ ويل مون کي ڏاڍي وڻندي آهي.ڪيترو نه سڪون آ هتي! پر آئون توکي هن مهل پهريون ڀيرو ٿو ڏسان انهيءَ ڪري پڇيم. جي توکي خراب لڳو ته پوءِ معاف ڪجانءِ.“

”نه نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪونهي.“ اهو چئي هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڇو جو هن مهل هو ڪنهن سان به ڳالهائڻ نه پيو چاهي. ڊپ هيس ته متان اندر جي باهه چُڀندڙ لفظن ذريعي زبان تي نه اچي وڃيس.

”وري اکيون پوري ڇڏيئي“ اڙي بابا جي ننڊ ڪرڻي اٿئي ته گهر وڃي ڪر هن مهل به ڪو ماڻهو سمهندو آهي ڇا!؟ ڏس ته ڪيترو نه سهڻو سمو آهي! زندگي ڪيتري پرسڪون ۽ سهڻي ٿي لڳي!“

”جي ها زندگي سهڻي لڳي سگهي ٿي پر توهان جي لاءِ! اسان جي لاءِ ته هيءَ صرف زهر ڍڪ آهي، جنهن جي ڪوڙاڻ کي اسان محسوس ته ڪريون ٿا پر ان کي پيئڻ بنا رهي به نه ٿا سگهون، ”ڇا آهي هن ۾ سواءِ ڏک ۽ پيڙا جي!“

”پٽ اها ئي زندگي آهي، جي اهي به نه هجن ته جيئڻ ۾ مزو ڪهڙو! اهي ڏک ۽ پريشانيون ئي ته اسان کي جيئرو رکن ٿيون.“

”توهان اهو ان ڪري ٿا چئو جو توهان ان جو اڌ کان به وڌيڪ حصو گهاري چڪا آهيو ۽ اڄ تائين جو توهان ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ٿا لڳو، پر مون کي توهان هارايل نظر اچي رهيا آهيو.“

”۽ تون ان ڪري ٿو چئين جو تو ۾ ان سان منهن ڏيڻ جي طاقت ڪونهي.“

”ها مون ۾ ناهي طاقت، ڇا ڏنو آهي زندگيءَ مون کي بک، ڏک ۽ ناڪامي! ڇا آهي هن ۾؟ ڪجهه به ناهي، توهان کي ان ۾ مزو ان ڪري ٿو نظر اچي جو توهان زندگيءَ کي صرف پنهنجي نظر سان ڏٺو آ.“

”تون ائين چئي سگهين ٿو، ڇو جو هر ڪنهن جا پنهنجا نظريا هوندا آهن ۽ هر ڪو پنهنجي اوسي پاسي جو ماحول ڏسي ئي ان جي معنيٰ صحيح طرح سان پيش ڪري سگهي ٿو، پر اها ايتري ڏکي ناهي جيترو اسان کي محسوس ٿي ٿئي.“

”توهان اهو سڀ انهي ڪري ٿا چئو جو توهان ننڍپڻ ۾ بک ناهي ڏٺي. توهان ڪڏهن خالي پيٽ پاڻي پي ناهيو سمهيا، هڪ ٿرڊ ڪلاس اسڪول جي چوويهه ڪلاڪ دڙڪا ڏيندڙ ماستر کان هر ڳالهه تي اجايو مار ناهي کاڌي! جي هنن مان هڪ به ڳالهه توهان سان ٿي هوندي ته پوءِ شايد توهان کي خبر پوندي ته زندگي ڇا آهي!“

”اسان مان هر ٽيون ماڻهو اهڙن واقعن مان گذريو آهي. هر ڪنهن وٽ پنهنجا ڏک آهن، مجبوريون آهن، پر زندگيءَ جي انهن لاهن چاڙهن سان کِلي منهن ڏيڻ هڪ وڏو امتحان آ، جنهن کي مڙس ٿي منهن ڏيڻو آهي. تون اهو نه سوچ ته انهيءَ امتحان ۾ توسان ڪو ساٿ ڏيندو، تون اڪيلو آهين ۽ اڪيلو رهندين. اسان سڀ اڪيلا آهيون. اسان کي پنهنجا عذاب پاڻ ئي ڀوڳڻا آهن ۽ انهن ۾ اسان سان ڪوبه شيئر نه ڪندو، ڪڏهن ڪنهن وقت اسان ٻين کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪريون ٿا، پر اهو اسان جي دل جو دماغ سان دوکو آ، پري کان ته واري به پاڻي نظر ايندي آ پر اها حقيقت ناهي، واري واري آ ۽ پاڻي پاڻي.“ ”پر انسان انسان کان ايترو ڌار ڇو آ.“

”ڇو جو هو انسان آ. هن جو ڏُک سُک ۽ خوشي جو احساس صرف هن جو پنهنجو آ، هو پنهنجي پاڻ ۾ ئي گم آ، ان ڪري هو ڪنهن ٻئي ڏانهن يا انهن جي عذابن ڏانهن نه ٿو ڏئي، اها ان ٻئي انسان جي غلط فهمي آ ته هو ٻئي سان گڏ پنهنجي پاڻ کي پنهنجي وجود کي شيئر ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جڏهن هن کي اها موٽ نه ٿي ملي ته پوءِ هو پنهنجي پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ بجاءِ ٻين کي انهي جو ڪارڻ سمجهي ٿو ۽ اهو سڀ جهيڙو انهي ڪارڻ ٿئي ٿو جو اسان زندگي گذارڻ جي اصل اصول کان اڻ ڄاڻ آهيون.“

”زندگي ۽ انهي جا اصل اصول“ هن هڪ ڦڪي کل کلي پنهنجي ڀرسان ويٺل ماڻهوءَ ڏانهن ڏٺو. ”ڪهڙن اصولن جي ڳالهه ٿا ڪريو توهان، ڇا! اهي آهن زندگي جا اصول ته هڪ گهر ۾ ته ٻن ماڻهن جي لاءِ سڄي ٽيبل قسمين قسمين کاڌن سان ڀريل آهي ۽ ٻئي گهر ۾ڏهن ڀاتين لاءِ ڀت جي رڳو هڪ ديڳڙي آهي، توهان جهڙن وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ هڪ اٺن سالن جي ٻار جي رڳو اسڪول في ست اٺ سئو رپيا آهي ٻئي پاسي ڏسو ته اهڙو ئي اٺن سالن جو ٻار سرون ٿو ڍوئي- هوٽلن ۾ چانهه ٿووڪڻي. گيراجن ۾ گاڏيون ٿو ڌوئي، رستن تي اخبار ٿو وڪڻي. گلن جون ڪنڊليون کڻي گاڏين جي اڳيان بيهي ماڻهن کي وٺڻ لاءِ ايلاز ٿو ڪري. ڇا اهو ٻار ناهي؟ ڇا هو ڄمڻ سان وڏو ٿي ويو آ؟ ڪڏهن انهن جي گهرن اندر وڃي ڏسو ته توهان کي خبر پئجي ويندي، ته زندگيءَ جو لفظ ڪيترو نه ڊيڄاريندڙ آ، پر توهان انهن ڳالهين مان ڇا ڄاڻو. توهان جا ٻار ڪڏهن بک ۾ پاڻيءَ جا ڍُڪ پي نه سمهيا آهن. انهن حسرت وارين نظرن سان وساميل چلهه کي نه ڏٺو آ، هنن رستن تي ڪنهن وڏي دڪان جي شوڪيس وٽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي انهن ۾ رکيل رانديڪن ڏانهن نه ڏٺو آ. سوچيو سوچيو انهن ٻارن جي لاءِ انهن جي معصوم خواهشن جي لاءِ. ڪير آ انهن جي معصوم حسرتن ۽ جذبن جو قاتل! ڇا اهي فقط انهيءَ لاءِ پيدا ٿيا آهن ته وڏيرن جي گهرن ۾ ٻهاريون ڏين! مانيءَ جي هڪ ڀور ڪاڻ سڄو ڏينهن رُلندا وتن. ٻين جون گاريون ۽ مارون سهن ۽ جڏهن جوان ٿين ته توهان کي ووٽ ڏين! توهان جي حقن ۾ رستن تي جلوس ڪڍي گولي کائي مري وڃن! ڇا اهي ئي آهن زندگيءَ جا اصول؟ سوري سر! پر توهان جا اهي گهڙيل اصول اسان جا پيٽ نه ٿا ڀري سگهن! زندگي رڳو زندگي آهي هن ۾ ڪي اصول ۽ روايتون ناهن اسان کي جيئرو رهڻو آ موت جي ڪاڻ ۽ اسان سڀ پوءِ موت جي ڪاڻ ئي زندگي جي چوڦير ڦرون ٿا ۽ جڏهن ٿڪجي ٿا پئون ته پوءِ موت اسان کي ننڊ جي گهري کڏ ۾ ڪيرائي ٿو ڇڏي.“

”تنهن جي معنيٰ ته نه موت انسان جو پنهنجو آ ۽ نه زندگي سواءِ ڏکن جي، جيڪي هن جي زندگيءَ جو واحد بئنڪ بئلنس آهن ۽ اسان جي اوسي پاسي رهندڙ ماڻهو اسان جي ڏکن جو دوا دارون به نه ٿا ڪري سگهن. ”منهنجون ٽي ڀينر آهن جيڪي سڄو ڏينهن گج ڀرينديون آهن ۽ پوءِ وڏن بنگلن ۾ رهندڙن کي سستي اگهه تي وڪڻي ٿيون اچن ڇو جو هو هنن کان ٿورو به پنهنجي محنت جو پورو اگهه گهرنديون ته پوءِ شايد جيڪو ملين ٿو اهو به نه ملندن، منهنجو ننڍو ڀاءُ ڪتاب ڪاپيون ۽ پوري يونيفارم نه هجڻ ڪري ماستر جون مارون کائيندو آهي. شام جو اچي روئي روئي مون کان نئون يونيفارم ۽ ڪاپيون گهرندو آ ۽ مان هن کي مِٺي ڏئي دلاسو ڏيندو آهيان، ڇو جو مون وٽ هن کي ڏيڻ لاءِ صرف دلاسا ئي آهن. مان انهي کان وڌيڪ هن کي ڪجهه به ڏئي نه ٿو سگهان.منهنجي پوڙهي ماءُ منهنجي جيجل مشين هلائي پنهنجي اکين جي روشني وڃائي ويٺي آهي ۽ منهنجو پيءُ فيڪٽريءَ ۾ اوور ٽائيم ڪندي هڪ مشين ۾ پنهنجا ٻئي هٿ وڃائي  ويٺو آهي ۽ ان فيڪٽريءَ جي مئنيجر جو چوڻ آ ته ڪم مهل دماغ جاءِ تي نه ٿو رکي، ڏوهه فيڪٽري جي پراڻي مشينري جو نه پر بابا جي دماغ جو آ. هاڻ اسان فيڪٽريءَ طرفان ڏنل ڪوارٽر ۾ ٿا رهون ۽ منهنجي ماءُ سڄو ڏينهن شڪر ٿي ڪري ته هيءَ ڇت پنهنجي آ. پهرين تاريخ تي ان جي مسواڙ نٿا ڏيون، اهو آ عيوضو ٻن محنت ڪندڙ هٿن جو جن پنهنجي سڄي حياتي فيڪٽريءَ ۾ پورهيو ڪري ڪپڙو ٺاهيو، جنهن سان انسان پنهنجو انگ ڍڪي ٿو، پر اڄ منهنجي پيءُ جو انگ ۽ پيٽ ٻئي خالي آهن. اهو ئي صلو آ بابا جي هٿن جو. هينئر سوچيان ٿو ته بابا جا جيڪر ٻن بجاءِ ٽي هٿ هجن ها ته سٺو هو.“

”ڇو“

ڇو جو اسان کي ٻن بجاءِ ٽن ڪمرن جو ڪوارٽر ملي ها. هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ کلڻ لڳو پر پوءِ هڪدم چپ ٿي ويو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين ”منهنجي پيءُ ماءُ پورهيو ڪري مون کي ايم اي ڪرائي. بکون ڪاٽي مون کي پڙهايائون، ته جيئن سڀاڻي مان هنن کي ڪجهه آرام ڏيان، پر مان هنن کي ڄڻ ڦٽل کوهه ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو. هاڻ مان ايم اي انگلش پاس هڪ ڪلرڪي لاءِ ڀٽڪان ٿو، ته من ڪٿي ٻارنهن سَونِ جي ڪلرڪي ملي وڃي ۽ هوءَ نيل، جنهن سان مان هڪ خوشگوار ۽ سهڻي زندگيءَ جا خواب ڏٺا هئا، هوءَ منهنجو وڌيڪ انتظار نه ڪري سگهي.“

”ڇو نه ڪري سگهي“

”ڇو جو هن کانسواءِ هن جون ٻه ڀينر ٻيون به هيون، هن جي پيءُ کي انهن جو بار به لاهڻو هيو پر تنهن هوندي به هن ٽي سال منهنجو انتظار ڪيو، جنهن لاءِ مان سڄي عمر هن جو احسانمند رهندسَ. هنن ٽن سالن ۾ هُن مون کي جيئڻ جو سهارو ڏنو.“

”هاڻ هوءَ ڪٿي آ؟“

چار ڏينهن اڳ هُن جي شادي ٿي وئي، هڪ بئنڪ آفيسر سان، جيڪو پهرئين کان ئي پرڻيل هو، پر هن جي زال ٽيون ٻار ڄڻي مري وئي.“ توهان وڏا ماڻهو ڪيترا نه خوش قسمت آهيو، لڳي پيو ڏک ڄڻ توهان جي پاسي کان به ڪونه لنگهيو آ.“

هو ماڻهو پنهنجي چپن ۾ ئي مُرڪڻ لڳو ”هن جهان ۾ ڪوبه اهڙو ناهي جنهن وٽ انهي لفظ جو خزانو نه هجي. مان پنهنجي اڌ کان به وڌيڪ زندگي گذاري ڇڏي آ ۽ ايترن تجربن، ڏکن، سکن کان پوءِ هينئر مون کي جيئڻ جي ڪابه آس ڪانه رهي آهي، پر مان زندهه رهڻ چاهيان ٿو. ها.....پنهنجي ايبنارمل ڀيڻ ڪاڻ، ڇو جو مون کي خبر آ ته مون کان پوءِ ڪوبه اهڙو ناهي، جيڪو هن جي سار سنڀال لهي. هُن جي انهي حالت جو ذميدار به ته مان ئي آهيان. پوءِ ڀلا ڪو ٻيو ڇو ڀوڳي، مون هن جا سپنا هن جا ڏک پنهنجي زندگيءَ جي خوشين کان وڌيڪ محسوس ڪيا آهن. هينئر منهنجي جيئڻ جو مقصد فقط منهنجي ڀيڻ آهي. مان گهر ۾ سڀن ڀاتين جي هوندي به اڪيلو آهيان. شايد زندگي به مون وانگر اڪيلي آهي، ساهه به اڪيلو آ، انسان به اڪيلو آ. پنهنجي حالتن جو اڪيلو ذميوار.....!

”ڪجهه دير لاءِ ٻئي خاموش ٿي ويا ۽ پوءِ هُن ماڻهو وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.“ ”منهنجي زال ۽ منهنجا ٻار چاهين ٿا ته مان پنهنجي ڀيڻ کي هاسپيٽل ۾ ايڊمٽ ڪرائي ڇڏيان پر مان ائين نه ٿو ڪرڻ چاهيان. مان هن کي اکين آڏو رکڻ چاهيان ٿو. مون کي خبر ناهي ته موت جي ڊگهي سفر تي پهرين ڪير ويندو!“ هوءَ يا مان؟ منهنجي گهر  ۾ منهنجي زال ۽ ٻارن مان ڪوبه اهڙو ناهي جيڪو منهنجي من ۾ جهاتي پائي ڏسي. پر انهن جو به ڪو ڏوهه ڪونهي. مان پنهنجي حياتيءَ جو بار پاڻ ئي کڻي سگهان ٿو.“

”اسان سڀ ڀوڳي رهيا آهيون هڪ اهڙي ڏوهه جي سزا، جيڪو اسان مان ڪنهن به نه ڪيو آ. شايد اسان جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه هن جهان ۾ اچڻ آ. ڪاش! ڪاش! اسان کي پنهنجي مرضيءَ سان هن جهان ۾ اچڻ جو حق هجي ها“ هن وري بينچ پٺيءَ سان ٽيڪ هڻي ڇڏي.

”پٽ جي اسان ماڻهن کي اهو حق هجي ها، ته پوءِ جيڪر هن دنيا ۾ ڪو به ساهه نه کڻي ها. زندگي هڪ نه کٽندڙ عذاب آ جيڪو نه چاهيندي به اسين ڀوڳڻ تي مجبور آهيون، اسان سڀ الڳ الڳ رستن تي هلي رهيا آهيون. تنها هڪ ٻئي کان بي خبر؛ پر اسان نٿا ڄاڻون ته اسان جي منزل هڪ ئي آهي، جنهن تي اسان الڳ الڳ رستن ذريعي پهچون ٿا.“

جڏهن منزل هڪ ئي آهي، ته پوءِ ايتري وٺ پڪڙ ڇاجي! هڪ ٻئي کان اڳتي نڪري وڃڻ لاءِ ايتري تکي ۽ انڌي ڀَڄ ڊُڪ ڇاجي لاءِ آهي؟ اسان سڀ ايترو تکو ۽ اوسي پاسي کان بي خبر ڊوڙي رهيا آهيون، جو اسان کي پاڻ سان گڏ هلندڙ ماڻهن جي به پرواهه نه ٿي رهي. ها......اسان کي پرواهه آهي، ته پنهنجي خواهشن جي تڪميل جي.

۽ اهو انهي ڪري آهي جو اسان هر جاءِ تي ٻئي ماڻهوءَ کان وڌيڪ خوش رهڻ چاهيون ٿا. اسان ٻين آڏو وڏا ٽهڪ ڏئي پنهنجي ڏکن کي دل جي سڀ کان آخري ڪنڊ ۾ اڇلي ٿا ڇڏيون، جيئن هنن تي اسان جي پنهنجي نظر به نه پوي پر اسان نه ٿا ڄاڻون ته اسان جنهن کان پنهنجو اندر لڪايون ٿا اهو به ائين ئي ڪري رهيو آهي. هو به پنهنجي پاڻ تي هزار خول چاڙهي هڪ وڏو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي، اسان سڀ هڪ ٻئي کي دوکو ڏئي رهيا آهيون. اسان خوشگوار زندگي گهارڻ ۾ هن کان گوءِ کڻي ويا آهيون.“

”پر جڏهن سڀن جو ڏک سک ساڳيو آ ته پوءِ ايترو ناٽڪ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آ؟ اسان سڀ ڇو نه ٿا هڪ ٻئي کي سهارو ڏيون.

”انسان ائين نه ٿو ڪري سگهي ڇو جو هن کي اڳتي وڃڻو آهي ڪنهن کي ناهي ڏسڻو بس هلڻو آهي ها اڳتي....... اڃا اڳتي جتي پهرئين ٻيو ڪوبه نه پهچي، جڏهن اُتي پاڻ پهچي ٿو وڃي ته پوءِ پوئتي ڏسڻ چاهي ٿو پر ڏسي نه ٿو سگهي. هڪ عجيب قسم جو ڊپ اٿس، جيڪو هن کي پوئتي ڏسڻ کان جهلي ٿو ۽ جڏهن هن کي چڱي طرح سان پنهنجي وڏ ماڻهپي جو احساس ٿي وڃي ٿو، پوءِ هو پاڻ کان هيٺ بيٺل ماڻهن کي ڏسي وڏا وڏا ٽهڪ ٿو ڏئي، پر جڏهن هو مٿي ٿو ڏسي، ته پاڻ کي هيٺ ٿو ڀانئي ۽ پوءِ هو پنهنجو پاڻ تي روئي ٿو، ڇو جو هو ڄاڻي ٿو ته ان کان وڌيڪ هو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. پنهنجي ناڪاميءَ جو احساس هن جي وجود کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري ڇڏي. ان مهل هي پوئتي موٽڻ چاهي ٿو، پر هن جا پير ڄمي برف ٿيندا ٿا وڃن ۽ زندگي پنهنجو سفر پورو ٿي ڪري.“

”اڄ مان به پنهنجو سفر پورو ڪرڻ چاهيان ٿو. مان ڄاڻان ٿو ته ڪيترو ڏکيو آهي پاڻ کي ختم ڪرڻ، پر مان هاڻ ائين وڌيڪ نه ٿو جيئڻ چاهيان. مان زندگي جو هي ظلم برداشت نه ٿو ڪري سگهان، چئن ڏينهن جي فاقي کانپوءِ ڪلهه منهنجي ڀيڻ ٻن ڪلاڪن لاءِ هڪ وڏي بنگلي ۾ وئي ۽ جڏهن هو اُتان موٽي ته هن جي هٿ ۾ سَوَ جا ٻه نوٽ هيا. هُن گهر ۾ سڀن کي ٻڌايو ته بنگلي واري بي بي ڪاڏي وڃڻ لاءِ تيار پئي ٿي، انهي ڪري هن چئن گجن جي عيوض مون کي هيءُ پئسا ڏنا آهن. هُن کي گج ڏاڍا وڻيا آهن ۽ بي بي چيو آهي ته سڀاڻي اهڙائي چار گج ٻيا به کڻي اچجانءِ. ان ڪري سڀاڻي به وڃڻو آهي. ڪلهه اسان جي گهر ۾ چئن ڏينهن کانپوءِ باهه ٻري ۽ سڀن اُها ماني کاڌي. پر.... مان اُها ماني نه کائي سگهيس ڇو جو مان پنهنجي ڀيڻ جي هيڊي منهن ۽ بي جان جسم کي ڏسي ورتو هو، ماني هن به نه کاڌي هئي بس پئجي وئي کٽ تي هڪ لاش جيان، ڪنهن کي به خبر نه پئي، ڪوبه نه رنو ڪنهن به رڙيون نه ڪيون پر مون ڏاڍا ڳوڙها وهايا ۽ اندر ئي اندر ڀرندو محسوس ٿيو. پنهنجي بي وسيءَ ۽ هاڻ...... هاڻ مون کي لڳي ٿو ته مان وڌيڪ جيئرو نه رهي سگهندس ڇو ته مان پنهنجي ڀيڻ کي وري انهيءَ بنگلي مان ٻه سئو کڻي موٽندو نه ٿو ڏسي سگهان.“

”زندگي خدا جي ڏنل وڏي نعمت آهي، ڏاهو ٿي. پاڻ ۾ حقيقت کي منهن ڏيڻ جي همت پيدا ڪر. تون جوان آهين. ٿي سگهي ٿو ته زندگيءَ جي ڪنهن سفر تي خوشي تنهنجو انتظار ڪري رهي هجي.“

”نه مان هاڻ وڌيڪ هن بيرحم زندگيءَ جو بار نه ٿو کڻي سگهان.

”ڇا آهي هيءَ زندگي؟“ فقط هڪ ڊگهو ۽ نه ختم ٿيندڙ موت ۽ موت کانپوءِ اونداهي ٻاٽ اونداهي ۽ هڪ گهري خاموشي!“

”تون اڄ جو نوجوان آهين. تنهنجي مفروضن ۽ ڳالهين اڳيان منهنجيون ڳالهيون هاڻ ايتري اهميت نه ٿيون رکن، پر منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌ. اسان سڀ هڪ ٻئي کي دوکو ڏئي رهيا آهيون ۽ زندگي وري اسان کي دوکو ڏئي ٿي. پر اسان ان کي محسوس نه ٿا ڪريون ڇو جو اسان کي جيئرو رهڻو آهي. اڃا زندگيءَ کي ڪاٽڻو آ. اها هڪ ڀيرو ملي ٿي ان کي پنهنجي هٿن سان ختم ڪرڻ  حرام آ.

انهيءَ جو ڪارڻ اهو آ ته اسان ڪنهن کي به ڏک يا خوشي ۾ شيئر نه ٿا ڪريون اسان زندگي جا ڪيترائي پل هڪ ٻئي کان بي خبر هڪ ٻئي جي وجود کان بي خبر ٿا رهون ۽ جڏهن اسان کي انهن جي موجودگي جو احساس ٿو ٿئي تڏهن وقت اسان کان پري ٿو هليو وڃي.

”هاڻ تون ڇا ٿو ڪرڻ چاهين“ ان ماڻهوءَ هن جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو.

”الاءِ اسان کي ڪجهه به خبر ناهي ته اسان جو هيءُ کنيل قدم اسان کي ڪهڙي رستي تي کڻي ويندو ۽ اهو رستو ڪٿي وڃي ختم ٿيندو ۽ اسان کي ڇا ڏيندو.“

”تون انهيءَ کان ڇا ٿو وٺڻ چاهين.“

”ويساهه“! هن اکيون بند ڪري ڇڏيون. ”مون کي ويساهه کپي سمئي کان، زندگيءَ کان، آدم کان، حوا کان ۽ پنهنجي پاڻ کان.....“

بينچ تي ويٺل ٻئي ماڻهوءَ هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ”تون ئي سمئي آهين! ۽ تون ئي آهين زندگي! ۽ ويساهه پيدا ٿيندو، تنهنجي پنهنجي اندر مان!“ هن اکيون کوليون ته اتي ٻيو ڪوبه نه هو. سامهون سج ڪني ڪڍي رهيو هو- ۽ سنڌو پنهنجي مستيءَ ۾ وهندي پئي وئي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com