سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1992ع

مضمون --

صفحو :7

مقصود گل

سنڌ

مٺڙو موهه محبت سنڌ،

سندرتا جي صورت سنڌ.

 

خوف خزان جو کٽڪو ڇا جو،

چيٽاکي جي غيرت سنڌ.

 

تخت ۽ تاج نه گهرجي مون کي،

دل دنيا جي دولت سنڌ.

 

اوت پيالا اکڙين وارا،

مڌ ماتي مند، مورت سنڌ.

 

روڪ نه راهون رغبت واريون،

چئن چپن جي چاهت سنڌ.

 

گهوٽ ڀٽائي، شيخ اياز،

اندر جي لئه آئت سنڌ.

 

محبت مصيبت سک ۾ ساٿي،

سوئي ساٿ سلامت سنڌ.

 

ريت رُسن جي مورنه ڄاڻي،

ڪرڻا ڪرڻا قربت سنڌ.

 

وهوا گل ۽ خوشبو گڏ ٿيا،

مَهڪُن ساڻ مهورت سنڌ.

*

مينا بلوچ

آزاد نظم

هي اونداهي

گُگهه

ڦٽيل ۽ بکايل روح تڙپي

ڇا!

وري ڪو منهنجي روح تي

قابض ٿيو؟

منهنجا پر ڀڃي ڦٽا ڪيا

عزرائيل جو ٽهڪ

ها! ها! ها!

ها وري ڪو

تنهنجي روح تي

قابض ٿيو.

*

 

ڊاڪٽر قمر جهان مرزا

فيروزه مرزا- شخصيت ۽ فن

 

تمهيد:

 ساڻيهه سنڌ جي سڀيتا سڌريل جيون، سنڌو درياهه جي ڪري جتي سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. اتي علم ادب جي دنيا ۾ پنهنجي سلوڻي ۽ سٻاجهي ٻوليءَ ۾ پڻ ڪنهن ملڪ کان پٺتي نه آهي. سنڌ ماضيءَ کان وٺي حال تائين علم ادب ۽ تهذيب و تمدن جو گهوارو رهي آهي. هتي ڪيترائي عالم، اديب، دانشور، نقاد ۽ محقق پيدا ٿيندا رهيا آهن. جيڪي سنڌ کي علم ادب سان مالا مال ڪندا رهيا آهن. سنڌ جا سپوت جتي علم ادب جا گهڙا ڀريندا رهيا آهن. اتي سنڌ جي عورت به پٺتي نه رهي آهي.

سومرن جي دور جنهن ۾ ليلا جهڙيون ماهه وش مورتون، سنڌ ۾ سُجهنديون هيون، جنهن دور ۾ نه فقط زالون حسن کان مشهور هيون پر –چنيسر جهڙن حاڪمن جي حسن ۽ بهادريءَ جي هاڪ ڪڇ تائين ڦهليل هئي، جنهن تي ڪونرو جهڙيون ڪيتريون ئي شهزاديون اڪن ڇڪن ٿي پنهنجو هرک هاري ويٺيون هيون. (1)

هن دور ۾ نه فقط عقل ۽ دماغ جي ڪري مومل ملڪن ۾ مشهور هئي پر ديس تان صدقي ٿيڻ لاءِ ۽ سر جي آڇ ڪرڻ نه فقط مردن جو مرڪ هو پر اٽليءَ جي مونا وانگر دودي جي ڀيڻ ٻاگهل به سنڌ تان پنهنجو پاڻ قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئي. (2)

ٽالپري دور تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اميرن جون عورتون پڻ علم ادب سان دلچسپي رکنديون هيون. حڪمران خود پنهنجن حرمن کي علم هنر ۽ فنون لطيفه جي تربيت ڏياريندا هئا قابل آخوندن جون علم واريون عورتون شهزادين کي فارسي، عربي سيکارينديون هيون  ديني تعليم به ڏينديون هيون.

مير بجار خان جي ديري جو ذاتي ڪُتب  جنهن ۾ هوءَ ڪاتبن کان سٺا ڪتاب لکائي رکندي هئي. مير فتح علي خان فاتح سنڌ جي ڌيءَ جا مير نورمحمد جو ديرو هئي ان پڻ ڪيترائي ڪتاب لکائي پنهنجي ڪتب خاني کي وڌايو. سندس ڪتب خاني ۾ عربي، فارسي ۽ سرائيڪي زبانن ۾ ڪتاب موجود هئا ۽ اڄ تائين ٽالپرن جي ڪتب خاني ۾ ڪيترائي اهڙا ڪتاب موجود آهن جن جي پٺيان سندس نالو لکيل آهي.

انگريزن جي دور ۾ ته علم ادب کي عروج  حاصل ٿيو هن دور ۾ شمس العلماءِ ميرزا قليچ بيگ جت پنهنجو نالو ڪڍيو اتي سندن ڀينرون پڻ علم ۾ پٺتي نه هيون، هو پاڻ فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان جون ڄاڻو ۽ شاعره هيون. سندن ڪلام اڄ تائين قلمي صورت ۾ پيل آهي. ميرزا صاحب جي ننڍي نياڻي شهزاد بيگم پڻ بهترين شاعره هئي. سندس اردو ۽ سنڌي ڪلام قلمي صورت م موجود آهي. ان کان علاوه سندس هڪ ناول به قلمي صورت م آهي.

اهڙي طرح موجوده دور ۾ پڻ ڪيتريون سنڌي عورتون علم ادب ۾ اڳتي رهيون آهن. اهڙين ئي عظيم عورتن ۾ گمناميءَ کي پسند ڪندڙ نامور والد اسد بيگ مرزا جي نياڻي ۽ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي پوٽي فيرزوه فاطمھ هڪ عالمه ۽ اديبه آهي. جيڪا  خاموشيءَ سان پنهنجي پيءُ- ڏاڏي جي تقليد ڪندي علم ادب جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ جي لائبريريءَ مان عام کي فيض ڏيئي رهي آهي.

فيروزه فاطمھ جناب اسد بيگ مرزا جي اڱڻ تي ستين محرم اربع 1948ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏيءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجو نالو پنهنجي پوٽيءَ تي رکيو. هيءَ نيڪ نياڻي ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ وڻندڙ سڀاءُ واري هئي. ستن ورهين جي عمر ۾ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيائين قرآن پاڪ جون ڪيتريون ئي آيتون کيس حفظ ٿيل آهن.

ابتدائي تعليم:

ابتدائي تعليم ”ميرزا منوچهر بيگ اسڪول ٽنڊو ٺوڙهو مان حاصل ڪيائين. مڊل تائين تعليم گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول ٽنڊي ٺوڙهي مان حاصل ڪيائين. انهن ڏينهن مڊل ڪلاس جو امتحان (بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن) جي حوالي هو. ان امتحان کي اسڪالر شپ جو امتحان سڏيو ويندو هو ۽ جيڪو شاگرد فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ٿيندو هو ته ان کي ٻن سالن لاءِ اسڪالر شپ ڏني ويندي هئي. محترمه فيروزده پهرئين کان وٺي آخر تائين فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيندي آئي هئي. ان ڪري اسڪالر شپ جي امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ آئي، جنهن ڪري ٻه سال اسڪالر شپ پڻ کنيائين. مئٽرڪ گرلس هاءِ اسڪول (ميرن جي قبن وٽ آهي) مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. هاڻ اهو اسڪول شاهه لطيف اسڪول سان ملايو ويو آهي. انٽر گورنمينٽ گرلس ڪاليج مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. بي اي آنرز سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1971ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.

1973ع ۾ ايم اي عربيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪرائين. 1976ع ۾ فارسي ۾ا يم اي ڪيائين جا پڻ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. چئن مهينن جو ماڊرن پرشن ڪورس 76-1977ع ۾ ”دانش گاهه ساپاهينانه انقلاب“ تهران، ايران يونيورسٽيءَ ايران مان سرڪار جي خرچ تي ڪيائين. هن ڪورس جي لاءِ پاڪستان جي چئني صوبن مان 33 مرد ۽ ست عورتون ويون هيون. فارسي ڪورس جي ڊپلوما مڪمل ڪرڻ تي فيروزه مرزا کي ايڪسيلينٽ مليو ۽ ٻيو پنجاب جي هڪ ڇوڪريءَ کي محترمه فيروزه ايراني ڪلچرل سينٽر مان ٻوليءَ متعلق ڪيترائي ڪورس ۽ هر ٽيسٽ جي ڪاميابيءَ ۾ مختلف انعام کٽندي رهي آهي.

تعليم القرآن

خط و ڪتابت اسڪول لاهور مان قرآن ڪريم جي تعليم جو ڪورس ڪيائين جنهن ۾ 16 ڊسمبر 1974ع تي ”سندامتيازي“ حاصل ڪيائين.

لاهور مان هڪ ٻيو ڪورس 1-2-1976ع ۾ ڪيائين جنهن ۾ ”سند اعزاز“ مليس. ڪريسپانڊنگ اسڪول لاهور مان ٽيون ڪورس ديني تعليم تي ڪيائين. هي پنجن مهينن جو ڪورس هو. 1-2-1977ع ۾ هي ڪورس پڻ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. شعبه دينيات جو مرڪزي ادارو ”جامعه ايمانيه“ جو ڪراچي ۾ آهي ان اداري مان به ”واقف دينيات“ جو ڪورس ڪيائين هي ڪورس هڪ سال جو هو.

شخصيت:

 فيروزه فاطمھ پنهنجي شخصيت ۾ پڻ پنهنجي نالي جهڙي آهي. جهڙو اٿس سهڻو نالو تهڙي آهي هوءَ پاڻ، فيروزه پنهنجي سريلي آواز ۾ نعت رسول ڪريم صه هر محفل ۾ پڙهندي آهي. طبيعت ۾ نهايت نرم، خوش گفتار، محفل جي مور –زبان اهڙي جو ڳالهائيندي آهي ته ٻڌڻ سان دل خوش ٿيو وڃي؛ نهايت مخلص ۽ بي غرض، اعليٰ سوچ رکندڙ آهي، علم ادب سان ايترو ته چاهه اٿس جو اگر ڪو علم جو پياسو وٽس وڃي ٿو ته پنهنجا ڪئين ڪم سيڙايو شمس العلماء جي لائبريريءَ مان هر خاص عام کي فيض ڏيندي رهندي آهي. هوءَ پنهنجي سموري خاندان ۾ منفرد آهي کيس ڏسڻ سان هڪ سچي مسلمان، متقي پرهيزگار عورت جو احساس  ٿئي ٿو. نهايت ئي خوش گفتار آهي ڳالهائڻ ۾ اهڙا ته سهڻا لفظ ٻولي ٿي جو ڇا کڻي چئجي! صاف سهڻي ۽ چٽي ۽ ادبي سنڌي ڳالهائي ٿي. صوم صلوات جي پابند آهي، پنج ئي وقت نماز ادا ڪندي آهي. ان کان علاوه نافله نمازون ۽ عبادتون به ادا ڪندي آهي، ياداشت تمام تيز اٿس. عربي، فارسي، اردو، سنڌي ۽ انگريزي زبانن تي مڪمل دسترس حاصل اٿس. بهترين ترجما ڪيا اٿس، فارسي، عربي، اردو نهايت روانيءَ سان ڳالهائي ٿي.

مشغلا:

سندس مشغلو درس ۽ تدريس آهي هو چوندي آهي ته منهنجي خيال ۾ درس ۽ تدريس کان وڌيڪ ڪو مشغلو نه آهي ۽ هنر يا علم جيڪي پاڻ وٽ هجي سو ٻين تائين پهچائجي.

محترمه، قليچ آباد ٽنڊي ٺوڙهي ۾ هڪ اسڪول، گهر اندر کوليو آهي، جنهن ۾ راڄ جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي عربي، فارسي زبانون سيکاريندي آهي ۽ ديني تعليم پڻ ڏيندي آهي.  هونئن ته ميرزا قليچ بيگ کان اڳ ئي هي خاندان علم و ادب سان تعلق رکندڙ هو پر ميرزا قليچ بيگ ته هن خاندان جو نالو پنهنجين شهر آفاق تصنيفن سان هميشھ لاءِ روشن ڪري ڇڏيو.

قليچ بيگ جي اولاد مان جيڪي انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ وڃي رهيا تن آزاديءَ سان اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي، پر جيڪي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهيا تن سڀني ۾ پهرين ڇوڪري محترمه فيروزه آهي جا پردي سان ٻاهر اسڪولن ۾ پڙهي ان کانسواءِ هينئر جڏهن ته سڄي دنيا سان گڏ سندس ٻيا رشتيدار انتهائي ماڊرن ٿي ويا آهن مگر فيروزه اڄ به پردي سان ٻاهر نڪري ٿي ۽ اهو ٻاهر به فقط علمي ادبي ڪمن لاءِ.

سندس پسنديون:

محترمه فيروزه کي ٽي وي پروگرامن ۾ تاريخي ڊراما ۽ معلوماتي پروگرام پسند آهن. لغو يا وقت وڃائيندڙ پروگرامن کي هوءَ پسند نه ڪندي آهي. ڊرامن ۽ ناولن ۾ تاريخي، مذهبي، انقلابي، اصلاحي، سماجي موضوع پسند اٿس. رومانس سان ڀريل يا هلڪڙائيءَ وارا ناول کيس بلڪل پسند نه آهن:

خوشبوئن ۾ کيس گلاب، مشڪ ۽ صندل جي خوشبوءِ بيحد پسند آهي گلن ۾ کيس گلاب جو گل، موتيو، سورج مکي ۽ رتن جوت جو ننڍو گل پسند آهي.

پکين ۾ سندس پسند هنج، پاريل ۽ ڪبوتر آهي. چوندي آهي ته مون کي پاريل جو آواز تمام گهڻو وڻندو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس آواز ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن صبح جي وقت فضا ۾ عبادت جو آواز ايندو آهي.

ڪبوتر کيس بي انتها پسند آهن، هوءَ ٻڌائيندي آهي ته ڪبوترن جو اهو منظر جيڪو امام رضا علي عليھ السلام جي روزي تي مون ڏٺو آهي ۽ جن اکين به اهو منظر ڏٺو آهي سي ڪڏهن به ڪو نه وساري سگهندا. امام جي روزي جو منظر بيان ڪندي چوندي آهي ته روزي جي ايوان جي پاسي ۾ خاص اناج جا گدام آهن ۽ جهنگلي سان گڏ پيالا رکيل آهن؛ عقيدتمند هر روز ڪبوترن کي اناج کارائڻ لاءِ ايندا آهن. اهو عمل فجر جي نماز کانپوءِ ۽ سانجهيءَ کان اڳ ٿيندو آهي. لاتعداد ڪبوتر امام جي سوني نيل کان وٺي سڄي گنبذ تي ويٺل هوندا آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مقدس روزي تي ڪنهن قسم جي ڪثافت به لڳل نظر نه ايندي آهي. عقيدتمند ڪجهه پئسن سان ان پيالن ۾ وجهندا آهن. ان کي ڏسي ڪبوتر روزي تان لهي پيالن مان اَن چُڳندا آهن. ڪبوترن جو اهو اڏامڻ ۽ پيالن تي وهڻ جو منظر ڏسي دل خوشيءَ سان سرشار ٿي وڃي ٿي، يعني هڪ نظر ۾ هزارين ڪبوترن جا پير ۽ چهنبون لڳل هونديون آهن. ان کي تبرڪ طور کڻي ويندا آهن. پوءِ اهو اناج يا ته پنهنجي ٻنيءَ ۾ وجهندا آهن يا اَٽي ۾ پيسائي کائيندا آهن. مطلب ته هر عقيدتمند ان کي پنهنجي ضرورت مطابق استعمال ڪندو آهي. محترمه فيروزه پنهنجي خاندان سان گڏ  ايران ويندي رهندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هو امام سائين جي زيارت ڪري پنهنجي روح ۽ اکين کي جِلا ڏيندي رهندي آهي.

صوفي بزرگن سان عقيدتمندي:

محترمه فيروزه کي صوفي بزرگن سان تمام گهڻي عقيدتمندي آهي خاص طور شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان سندس والد ميرزا اسد بيگ پڻ فجر جو قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ شاهه سائين جي رسالي کي پڙهڻ عبادت سمجهندوهو. شاهه کان علاوه، حضرت لعل قلندر شهباز، مولانا رومي، حافظ شيرازي ۽ حضرت شمس تبريز سان پڻ تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت اٿس. انهن جي زندگيءَ کي پڙهيو اٿس ۽ سندن زيارت لاءِ به ويندي رهندي آهي.

نظم يا شعر کي تمام گهڻو پسند ڪندي آهي، وٽس تمام سٺن شعرن جو ذخيرو آهي. سندس پسند جي شعرن مان هي ٻه شعر هيٺ ڏيان ٿي.

1. هر کس برائي خويش پنا هي گزيده است،

مادر پناه قائم آلِ محمدي،

2. اي زن بي تواز فاطمھ اين گونه خطاب است،

ارزان ترين زينتِ زن حفظِ حجاب است.

شاعري جي موضوعن ۾ کيس رزميه شاعري، انقلابي شاعري ۽ مذهبي شاعري پسند آهي. هوءَ گهڻو ڪري تاريخي، مذهبي ۽ اصلاحي ڪتابن کي پڙهندي آهي. ٻين علمن کانسواءِ گهرداري، ڏانهن به لاڙو اٿس. هوءَ ڪوشش ڪري پنهنجو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪندي آهي. سندس ٺاهيل سوئيٽر، ٽوپيون، جوراب، دستانا ڏسي سندس هنر کي داد ڏيڻو پوندو.

لباس:

لباس هو تمام مهذب زيب تن ڪندي آهي. لباس ۾ رنگن جو تمام گهڻو خيال رکندي آهي. يعني موسم ۽ موقعي مهل مطابق هلندي آهي. لباس ۾ کيس هلڪو سائو ۽ ميرون رنگ پسند آهي. پنهنجي والد ميرزا اسد بيگ سان تمام گهڻي انسيت اٿس. هر وقت والد سان گڏ رهندي آهي ۽ ان جو هر ڪم پاڻ ڪندي آهي. جنهن مان سندس فرمانبرداري ۽ فرض نباهڻ جو جذبو نمايان آهي.

عورتن جي باري ۾ سندس خيال:

عورتن جي باري ۾ چوندي آهي ته عورت مرد وانگر سماج جو هڪ فرد آهي. اسلام خواتين کي گهر جي چارديواريءَ ۾ محصور بنائڻ جي هرگز اجازت نه ڏني آهي. سماج جو رُڪن هئڻ جي حيثيت سان عورت جا حق ۽ فرض بلڪل ساڳيا مرد جهڙا آهن. گناهه ۽ ثواب جي سزا ۽ جزا مرد ۽ عورت لاءِ هڪ جهڙي آهي. جيڪڏهن عورت جو جائز حق کيس نه ملي ته هن کي خاموش رهڻ نه گهرجي. پنهنجي حق جي گُهر ڪري. اسلامي لحاظ کان عورت مرد وانگر بااختيار آهي.

سنڌ جي عورتن لاءِ پيغام:

محترمه فيروزه کي پنهنجي وطن سنڌ سان تمام گهڻي محبت آهي. هن جو خيال آهي ته اسلامي اصولن مطابق هر ڇوڪريءَ کي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سماج ۾ عورت کي اهم مقام حاصل آهي. جيڪڏهن ماءُ تعيلم يافته آهي ۽ مذهبي تعليم کان به چڱي طرح اشنائي اٿس ته يقينن اهڙيءَ ماءُ جي آغوش ۾ مستقبل ۾ ملڪ قوم لاءِ بهترين افراد پيدا ٿي سگهندا. ان ڪري ضروري آهي ته هرڇوڪري پڙهيل ڳڙهيل هجي، آغوش مادر ئي هر انسان جي پهرين درسگاهه آهي. اسلام عورت کي تعليمي، ثقافتي، اقتصادي، اجتماعي ۽ سياسي مطلب ته هر شعبه حيات ۾ اسلامي اصولن جي مطابق، سرگرم عمل رهڻ جو مڪمل حق ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته اسلام عورتن کي انساني طاقت جو هڪ اهم ”جز“ يا حصو قرار ڏنو آهي. انهيءَ لاءِ اسان جي سامهون حضرت فاطمھ زهره سلام عليها ۽ شريڪت الحين ثاني زهره جناب زينت بنت علي عليھ السلام جن جون پاڪ شخصيتون موجود آهن، جن جي تقليد ڪري اسين دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهون ٿا. پاڻ پنهنجي هم وطن ڀيڻن جي لاءِ چوندي آهي ته جيتريقدر ٿي سگهي ته هو پنهنجي اولاد کي صوم صلوات جو پابند بنائن ۽ قرآن شريف جي تلاوت سان گڏ ان جو ترجمو ۽ تفسير پن پڙهن.

سندس خيال مطابق ته اسين مسلمان آهيون ته بحيثيت مسلمان جي جيڪڏهن هي ٻه ڪتاب اسين پڙهون ته هوند اسان جي شخصيت سنوارجي وڃي:

1. نهج البلاغه حضرت علي عليه السلام

2. صحيفه ڪامله: لکيل حضرت امام زين العابدين عليه السلام.

 هوءَ علم بنا زندگيءَ کي بيڪار سمجهي ٿي پاڻ حضرت علي عليه السلام جو هيٺيون قول ٻڌائيندي آهي:

قول: العلم ينادي با عليٰ صوتھ

اَنا سلطان العالم.

(علم بلند آواز سان پڪاري چوي ٿو ته آئون جهان جو بادشاهه آهيان.)

سندس ادبي خدمتون:

محترمه فيروزه ميرزا جيئن ته ست پيڙهيائي عالم ۽ اديبه آهي اُن ڪري علم سان محبت ڪرڻ ان جي فطرت ۾ آهي. علم ادب سندس ورثو آهي. سندس گهڻي توجهه ترجمن ڏانهن آهي. هن هيٺين ڪتابن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي.

اصل ڪتاب جو نالو ”ڪلام امام“ حصه اول. اصل ڪتاب فارسي ۾ لکيل آهي. ليکڪ قائد انقلاب حضرت آيته الله العظمه آغائي امام خميني مد خللھ العالي کي منتخب اقوال.

سنڌي ترجمو فيروزه ميرزا- هي ڪتاب 143اقوالن تي مشتمل آهي. سنڌي ۾ نالو: ”اقوال آيته الله خميني، حصو پهريون (آيت الله خميني جي بيانات مان منتخب ٿيل اقتباسات جو مجموعو)

سب عنوان:

اسلام

اسلامي تحريڪ

اسلامي معاشرو

اتحاد

اسان جون يونيورسٽيون

نوجوان جي نالي

حق و باطل

سيد الشهداءِ حضرت امام حسين عليھ السلام

اخلاقيات

دعا

ڪتاب ٻيو:

ڪتاب جو نالو ”مسئله حجاب“، اصل ڪتاب جو مصنف گرامي قدر مرحوم آيت الله مرتظيٰ مظهري شهيد. هي ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيل آهي. ايران ڪلچرل سينٽر وارن جي فرمائش تي محترمه فيروزه سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ڪتاب جا 237 صفحا آهن. هن ڪتاب جو ڪم 3-1-1986ع تي شروع ڪيائين جو هڪ مهيني ۾ پورو ڪري ايران ڪلچرل سينٽر وارن کي واپس ڪيائين.

پردي جي موضوع تي هن ڪتاب ۾ قرآن، حديث ۽ آئمه عليھ السلام جي اقوال تي مشتمل مفصل روشني وڌل آهي ۽ بهترين وضاحت ۽ لاجواب سلاست سان هر بيان کي سمجهايو ويو آهي. هي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي.

(1)پهريون باب، پردي جو تاريخي جائزو. هن باب ۾ پردي جي رسم  رواج ۽ ٺوس تاريخي جائزو ڏنل آهي.

(2) باب ٻيو: پردي جي رواج جا سبب. ننڍا عنوان هيٺين ترتيب سان آهن.

(1) رياضت ۽ رهبانيت (2) عدم تخفظ (3) عورت جو استحصال (4) مرد جي حسادت (5) قدر و قيمت اضافي جو عمل.

باب ٽيون: عنوان اسلام ۾ پردي جو فلسفو.

(1) پردي جي لغوي معنيٰ (2) پردي جي اصل صورت (3) سڪون نفس (4) خانداني رابطن ۾ استحڪام (5) مستحڪم معاشرو (6) عورت جو احترام.

باب چوٿون: عنوان.

(1) پردي تي اعتراض ۽ اشاعات (2) پردو ۽ منطق (3) پردو ۽ آزاديءَ جي حقيقت (4) سرگرمين ۾ رڪاوٽ.

باب پنجون:

(1) اسلامي پردو (2) استيذان (اذن) اجازت (3) سورة ”نور“ جي آيتن جي تشريح (4) عين البصر، غض ۽ غمض

 

(6) زينت (7) استثناء (8) پردي جو معيار (9) ٻيو استثناء (10) سوره نور جون ٻيون آيتون (11) ازواج پيغمبر (12) سوره احزاب جي آيت نمبر 53 جي تشريح (13) عصمت جو تحفظ (14) پردي جون حدون (15) منهن ۽ ٻئي هٿ (16) موافق دليل (17) ننڍي عمر جي ٻارن جي باري ۾ (18) ٻانهن ۽ غلامن جي باري ۾ (19) ظمي عورتن جي باري ۾. (20) صحرائي يا ڳوٺاڻين عورتن جي باري ۾ (21) مخالفن جا دليل (22) حقيقي اساس (23) هڪ روايت، سڱ گهرڻ (24) آيته جلباب (25) اجتماعن ۾ عورت جي شرڪت (26) اخلاقي تاعيد (27) نه پابندي نه آزادي (28) فتوائون (29) حسس فطيات (30) پرده پوشي يا اظهار (ڪتمان ) (31) ٻه ٻيا مسئلا فيروزه ميرزا جيئن ته هڪ بهترين مقرر آهي، انهي ڪري سندس تقريرون تمام گهڻيون آهن.هن جون ڪجهه تقريرون جيڪي فارسيءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيل آهن. تن جو مختصر احوال هتي ڏجي ٿو:-

سندس تقريرن جا مختصر نمونا هيٺ ڏجن ٿا:

تقرير نمبر 1:

2-2-1972ع محترمه فيروزه جي فارسي تقرير جو عنوان آهي. آغائي رشيد فرزانه پور ۽ خانم طاهره فرزانه پور جي اعزاز ۾ الوداعي تقرير جي موقعي تي ڪيل تقرير:

تقرير جو نمونو:

ايران از قرنها کوششها سر فروشانه و

مجاهدانه در تمام تاريخ مشرق يک

نقشه مخصوص داشتھ است

ايران آمدنِ هزارها صاحبان علم دانش

تقرير نمبر 2:

فارسي تقرير جو اردو ترجمو: فرهنگ ايران حيدرآباد ۽ ولادت حضرت زهره عليهه السلام جي موقعي تي خانم طاهره غفار زاده جي تقرير جو ترجمو 1983ع مطابق 1403 هه ماه جمادالثاني.

جلسي ۾ مهمان خصوصي خانم مريم نوحاڻي

صدر جلسه محترم سيده راضيه

تقرير نمبر 3:

25-12-1983ع بمطابق 1404 هه ربيع الاول هفته وحدت جي موقعن تي امام بارگاه ابو تواب عزيزه آباد ڪراچي ۾ خانم خديجه روئين تن، بيگم سيد مجيد روئين متن ڊاڪٽر ايران ڪلچرل سينٽر ڪراچي صدر جلسه محترم بيگم  قمر اصفهاني رڪن مجلس شوره، مهمان خصوصي خانم خديجه روئين تن جي طرفان جلسو ٿيو. انجمن بزم زهره ڪراچي.

8-4-1984ع بمطابق جماد الاول 1404هه امام بارگاه ابو تراب عزيز آباد ڪراچي ۾ انجمن بزم زهره جي طرفان جشن ولادت، حضرت علي عليھ السلام جي موقعي تي مهمان خصوصي خانم خديجھ روين تن جي تقرير جو ترجمو ڪيائين. هن جلسي ۾ صدر جلسه بيگم شائسته اڪرام الله هئي.

تقرير نمبر 6:

10 جولاءِ 1985ع کان 17 جولاءِ 1985ع تائين اٺن ڏينهن جو چوڏهن سئو سالا جشن ولادت بيبي زينب عليها السلام جي موقعي تي سيمينار ٻن نشستن تي مشتمل ٿيو ۽ ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي منعقد ٿيل جلسن ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ايراني خواتين وفد جي تقرير جا ترجما ڪيائين.

(1) خانم مرضيه دباغ رڪن پارليامينٽ ايران

(2) خانم مريم بهروزي رڪن پارليامينٽ ايران

(3) خانم فاطمھ طاهائي، مقطب نرجس مشهد مقدس جي سرپرست.

(4) خانم اعظم نوري، ڊائريڪٽر جنرل، اسلامڪ گائڊنس تهران ايران.

تقرير نمبر 7:

اُنهن ڏينهن تي ڊائريڪٽر ايران ڪلچرل سينٽر حيدرآباد، آغا محمد ڪاظم مدمونديءَ پاڪستان خواتين کي خطاب ڪيو جنهن جو فارسي ۾ ترجمو ڪيائين.

تقرير نمبر 9:

24-4-1986ع تي آغا فخر الدين حجازي رڪن پارليامينٽ ايران جي تقرير جو فارسيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو هُنن پاڻ ڇپرايو هو.

تقريرنمبر 10:

آغا هوشنگ اسد الاهي، ڊائريڪٽر ايران ڪلچرل سينٽر، حيدرآباد، جشن انقلاب ايران جي سالگره جي موقعي تي فيبروري 1987ع مطابق 1407 هه تي فارسي ۾ ڪيل تقرير جو اردو ترجمو فيروزه ميرزا ڪيو.

تقرير نمبر 11:

جناب سيده سلام عليها جي سيمينار جي موقعي تي خراسان اسلامڪ ريسرچ سينٽر آشا منزل فيڊرل بي ايريا بزمه آمنه ڪراچي ۾ 1987ع فيبروري تي خانم اسد الاهي جي تقرير جو ترجمو فارسي مان اردو ۾ ڪيائين.

تنظيم المڪاتب:

ادارو سڄي پاڪستان کان سواءِ آزاد ڪشمير مقاطبه گلگت ۽ اترين علائقن ۾ ان جون شاخون آهن ان اداري جو ماهوار مئگزين نڪري ٿو.

مڪتب ميگزين جو نالو آهي. ”ماهنامه المعرفت“ اردو، حيدرآباد هن ميگزين ۾ ديني، علمي، اخلاقي ۽ اصلاحي مضمون ڏنا وڃن ٿا.

تنظيم مقاطب اداري فيروزه فاطمه پڻ ميمبر آهي هن اداري وارن 28-3-1988ع تي هڪ جشن ڪيو، جنهن ۾ فيروزه تقرير ڪئي.

تقرير جو فن ادب جي دنيا ۾ پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي، هڪ بهترين مقرر پنهنجي سهڻي تقرير ذريعي ڪو به احوال ٻڌندڙ  ڏانهن نهايت پر اثر انداز ۾ منتقل ڪري ٿو ۽ ماڻهن جي سوچ تي هڪ ئي وقت ۾ غالب پوي ٿو ۽ کين متاثر ڪري ٿو. تقرير جو فن ڏکئي ۾ ڏکيو فن آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ سڌي طرح ماڻهن سان مخاطب ٿيڻو پوي ٿو ۽ کين پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻو پوي ٿو. فيروزه ميرزا تقرير لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ ماهر آهي کيس ان فن جي ڏات به آهي ته ڏانوَ به. مطلب ته تقرير تي مڪمل دسترس اٿس.

ڪتاب جو نالو ”اطلاع ضروري“ هي ڪتاب هڪ انگريز سر وليم جو لکيل اهي. سر وليم جونس هڪ مشهور اديب ٿي گذريو آهي. هو فارسي، عربي ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ هوشيار هو. هن فارسي زبان جي شاعرن جو تاريخي احوال انگريزيءَ ۾ لکيو آهي. ڪتاب تمام دلچسپ آهي. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ ڪيو. فيروزه ميرزا ان جو اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com